سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1994ع

مضمون

صفحو :21

ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو

 

سماجي لسانيات ۽ ٻوليءَ بابت غير لسانياتي مفروضا

 

علم لسانيات يعني ٻوليءَ جو علم، پنهنجي تعارفي دور يعني فيلسوفن جي دور کان هن وقت تائين ارتقا جون مختلف منزلون طئه ڪندو، نون علمن، نين ۽ جديد سوچن ۽ نظرين کي جنم ڏيندو ته وري ڪيترن ئي علمن کي انساني سماج لاءِ ڪرائتو ۽ وقتائتو نه سمهندي رد ڪندي، اڄ سماجي لسانيات جي اهم علم کي انساني سماج ۾ ان جي ڪارج تي سوچ ويچار لاءِ متعارف ڪرايو آهي. سماجي لسانيات جي علم جنهن سماجي لسانياتي ماهرن ۾ خاص طرح ۽ ٻين سماجي سائنسز جي علمن لاءِ عام طرح گهڻ ٻولي، قومي ثقافتي ملڪن ۾ ٻوليءَ جي مسئلي جي حل جي ڏس ۾ ڪارائتي علم طور مڃتا حاصل ڪئي آهي.

ٻوليءَ، جيڪا اڄ نه ته سڀان ملڪي، صوبائي توڙي مقامي سطح تي حڪمراني ڪندڙ لاءِ گوشت ۾ اهڙي هڏي ثابت ٿيندي جيڪا نه ته چٻاڙي سگهبي ۽ نه وري ڳهي جان ڇڏائي سگهبي. ڇاڪاڻ ته تيزيءَ سان بدلجندڙ حالتون، ملڪن جون تيزيءَ سان گهڻ نسلي ۽ گهڻ ثقافتي طور اڀري اچڻ، شهرن جو وڌڻ ۽ شهرن ۾ گهڻ ٻولي ماحول جو پيدا ٿيڻ ۽ عوام الناس ۾ عالمي شعور جو وڌڻ ۽ ميڊيا جي ڀرپور اثرن ڪري اهو ممڪن ئي نه آهي ته سست، روايتيءَ ۽ فطري لسانياتي ارتقائي تي ڀروسو جي ته پيدا ٿيندڙ دٻاءُ، اختلاف ۽ تنازعا وقت جي رفتار سان ختم ٿي ويندا. پر عوام جي نمائنده ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي ڏسڻ جي خواهشمند حڪومت کي گهرجي ته وقت جي رفتار کي سڃاڻي ۽ سڏ جو پڙاڏو ڏيئي همٿ ڀريا قدم کڻي؛ ٻوليءَ ۾ تعليم بابت اڀرندڙ مسئلن کي سائنسي ۽ عوامي نمائندگيءَ جي بنياد تي حل ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ بابت رٿا بندي ۽ ٻوليءَ جي انجنيئرنگ ڏانهن شعوري ۽ اصولي ڪوششون وٺي.

هن مضمون ۾ سماجي لسانيات جي سمجهاڻي ۽ ٻوليءَ بابت غير لسانياتي، غير علمي مفروضن ۽ قائم ڪيل نظرين جو جائزو وٺڻ  آهي.

جيئن اصطلاح مان ئي ظاهر آهي ته سماج ۽ لسانيات جي ترتيب وار يا سماج ۽ ٻوليءَ جي هڪ ٻئي سان لاڳاپي جي مطالعي کي ”سماجي لسانيات“ چئي سگهجي ٿو.

ٻوليءَ ۽ ان جي چوڌاري ماحول جي لڳ لاڳاپي کي ئي سماجي لسانيات چئجي ٿو ۽ ان سلسلي جو گهڻو تڻو ڪم ٻولي ۽ سماج جي مختلف تنظيمن جي واسطي، رابطي، رويي ۽ اثرن تي ٻڌل آهي، جنهن مان سماجي طبقي، ڌنڌي، مقام، تعليمي معيار، الڳ جنس ۽ الڳ جاگرافيائي ۽ سماجي واسطن ذريعي لسانياتي شاهديون ملن ٿيون.

هن اصطلاحي جو پهريون استعمال ڪيوراءِ (Curri)  1952ع ۾ ڪيو. هرزلر (Hertzler) جي بيان مطابق اڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ٻوليءَ ۽ سماج جي حوالي سان ڪجهه مطالعا ٿيا، اهي ڇپيا به ويا، پر ان ابتدائي ڪوشش کي اڄ جي سماجياتي لسانيات جا ڄاڻو ڪا اهميت نه ڏيندي هن ميدان ۾ گذريل20- 25 سالن کان ڪيل تحقيق کي شمار ڪن ٿا.

جڏهن پهريون دفعو هڪ آمريڪي اسڪالر وليم لابوف ٻوليءَ ۾ ڦير ڦار ۽ تبديلين جو مطالعو ڪندي ان نتيجي تي پهتو ته ٻوليءَ ۾ ايندڙ ڦيرڦار  سمجهه ۾ ايندڙ (Observable) آهي ۽ ان جا سماجي سبب ڄاڻائيندي آمريڪا جي نيويارڪ شهر جي وڏن ۽ ننڍن ڊپارٽمينٽل اسٽورز ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ڳالهه ٻولهه مطالعو جو ڪيو ۽ شمارياتي طريقو استعمال ڪندي ٻوليءَ ۾ ڦير ڦار ۽ تبديليءَ جا سبب سماجي يعني تعليم،عمر، طبقو، ڌنڌو ۽ الڳ جنس جو هجڻ ڄاڻايا.

سماجي لسانيات تي گهڻو تڻو ڪم 1968ع کان 1976ع واري عرصي ۾ اسريو ۽ دلچسپيءَ جوسبب بڻيو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي موضوع ڪيترو نه نئون آهي، پر ان جو مطلب اهو به نه آهي ته سماج جي تعلق سان ٻوليءَ جو مطالعو ڪيو 60-. 1970ع جي ايجاد آهي، ڇاڪاڻ ته لهجن، محاورن، ڪلچر ۽ لفظن جي جي معنويت جي لحاظ کان تحقيق جي ڊگهي روايت آهي، جنهن کي سماجي لسانيات جي ڏس ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

ٻولي ڪي قدر سماجي حالتن ۽ مامرن جون پرتو آهي، تنهنڪري سماجي سائنسدانن جي کوجنا لاءِ مفيد ثابت ٿئي ٿي. ٻوليءَ جو لفظي ذخيرو ان جي جي ڳالهائيندڙن جي ضرورتن، تجربن ۽ ماحول جي چٽي تصوير ٿئي ٿو (اها ڪا عجيب ڳالهه نه ٿيندي جيڪڏهن اسان اهو چئون ته سماجي ناتن رشتن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزي يا ٻين ڪيترين ٻولين کان وڌيڪ لفظ آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ٻٽا لفظ Compound words نه آهن).

اهڙيءَ طرح جي. ايم، سيد جو اهو مشاهدو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ کجيءَ جي وڻ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ وڏي ٿيڻ تائين ۽ انهيءَ جي ٽارين ٻور، ميوي جي لاهڻ پچائڻ وغيره جا ٽن سون کان وڌيڪ نالا ۽ اصطلاح آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته کجيءَ جو فصل جو سنڌ جي سرزمين ۽ ان جي رهواسين سان گهرو لاڳاپو آهي. ائين ئي جيئن انگريزيءَ ۾ برف پوڻ لاءِ هڪ يا ٻه Snow ۽ Sleet لفظ آهن. جڏهن ته اسڪيمو ٻوليءَ ۾ برفباريءَ لاءِ ڪيترائي لفظ آهن، جيڪا سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اسڪيمو جي لاءِ ضروري آهي ته مختلف قسمن جي برفباري لاءِ الڳ الڳ لفظ هجن، جو انهن جي ماحول ۾ برفباري جي وڏي اهيمت آهي. جڏهن ته انگريزي ٻوليءَ ۾ انهن معنائن ۽ مقصدن لاءِ ٻٽا اکر يعني Soft snow, dry snow fine snow وغيره آهن. ساڳئيءَ طرح بداوين عربيءَ ۾ اٺ لاءِ ڪيترائي لفظ آهن.

ٻولي سماجي گهاڙيٽي بابت به ڪيتريون ئي شاهديون مهيا ڪري ٿي. رشتن ناتن، عقيدن، قاعدن ۽ قدرن جي مطالعي مان مخلتف نسلي ۽ سماجي گروهن ۾ استعمال ٿيندڙ محاورن ۽ اصطلاحن ذريعي عورتن ۽ مردن ۾ استعمال ٿيندڙ الڳ الڳ محاورن ۽ اصطلاحن ذريعي پڻ سماجي گهاڙيٽي بابت راءِ قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. اهڙي قسم جي سمورين ڪوششن کي سماجي لسانيات جي مطالعي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

لسانيات ۽ صوتيات جي لغت مطابق سماجي لسانيات لسانياتي علم جي اها علم شاخ آهي جنهن ذريعي سماج ۽ ٻوليءَ جي وچ ۾ سڀني لاڳاپن جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو. سماجي لسانيات جا ڄاڻو سماجي گروهن جي لساني سڃاڻپ ٻوليءَ ڏانهن سندن سماجي رويو معياري ۽ غير معياري جوڙجڪ قومي ٻوليءَ جي استعمال جون گهرجون ۽ گهاڙيٽو. (Needs and pattern) سماجي اراڌايو(Varieties) ۽ سطحون گهڻ ٻولي سرشتي جي سماجي مدار وغيره علم جو مطالعو ڪري سگهن ٿا.

انسان جي باقاعده استعمال ۾ ايندڙ شين ۾ ٻولي هڪ اهم ۽ ضروري شيِءِ آهي. انسان شروع کان ئي ٻوليءَ جو استعمال ڪندو آيو آهي ۽ ٻولي هميشه انساني زندگيءَ جو لازمي جزو رهي آهي. تصويري ٻولي، لکيل ٻولي، ڇپيل يا اڪريل توڙيل ڳالهائيندڙ ٻولي، ٻوليءَ ذريعي ئي انسان ٻن انسانن سان لاڳاپيل رهيو آهي. ٻوليءَ جو غير جانبداريءَ سان مطالعو (Objective Study) ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. ٻوليءَ بابت بحث هميشه جهڳڙن ۽ ملامتن جي باعث بڻيو آهي. ٻولي هر ڪنهن جي آهي جيڪا هر ڪنهن سان واسطو رکي ٿي، تنهنڪري هر ڪو عام خاص اهو سمجهي ٿو ته ٻوليءَ بابت کيس پنهنجو رايو رکڻ ۽ ڏيڻ جو حق آهي. ٻولي به سياسي ۽ سماجي علم وانگر عام ماڻهوءَ جي روين مطابق ۽ ملڪيت آهي، جنهن جي استعمال بابت اختلاف يا تنقيد ڪرڻ تمام سولي آهي. ڇاڪاڻ ته سماج، سماجي ۽ سياسي رويا، ڪنهن به لحاظ کان تنقيد کان مٿانهان ڪونه آهن، تنهنڪري هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ رکڻ جو پورو حق آهي. پر جڏهن راين ۾ اختلاف ٿئي ٿو ته مسئلو جذباتي ٿي وڃي جهيڙي تائين پهچي ٿو. سنڌي، اردو توڙي انگريزيءَ ۾ ننڍن يا ٻوليءَ جي رٿابنديءَ بابت اهم مسئلن تي اختلافن جا ڪيترائي مثال ملندا، جيڪي علمي بحث مان وڌي ذاتي جڳهڙن ۽ وڻت اڻ وڻت تي ختم ٿيا آهن.

مثال طور هتي جيڪڏهن آءُ اهو چوان ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ موجوده تبديلي يا ڦيرڦار کي معروضي سياسي ۽ سماجي حالتن جو ڪارڻ ڄاڻائيندي اڻٽر ٿو سمجهان ۽ انهن کي عيب نه پر ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ شمار ڪيان ٿو ته جيڪر ڪيترائي ٻوليءَ سان جذباتي وابستگي رکندڙ، ٻوليءَ کي خالص رکڻ جا حامي ۽ ٻاهرئين اثرن کي قبول نه ڪندڙ يا وري اڌوگابرو لساني تعليم رکندڙ عالم مڇر جي پون ۽ مون تي سنڌي ٻوليءَ خلاف هجڻ جون فتوائون صادر ڪن.

ٻوليءَ جو ترتيب وار علم لسانيات ئي آهي، جيڪو انساني پرک جي قوت تي اثرانداز ٿئي ٿو. ڪنهن شخصيت جو تجزيو ڪرڻ، سندس ذهانت، سماجي رتبي، تعليمي معيار، ڪم جي اهليت، گروهي وابستگي ۽ ٻين ڪيترن سڃاڻپ جي ميدانن ۽ سماجي حيثيتن جو مطالعو لسانيات جي علم ذريعي ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ٻوليءَ جي استعمال تي ڪٺورتا سان حملو ٿئي ٿو ته نتيجي طور ڪنهن کي ڏکوئڻ يا پنهنجو ڏکوئجڻ نهايت سولو ٿي پوي ٿو. مثال طور جڏهن ڪو لاڙڪاڻي يا جيڪب آباد جو ماڻهو حيدرآباد يا سنڌ يونيورسٽي جي ڪنهن معياري ٻولي ڳالهائيندڙ يا پڙهيل لکيل ماڻهوءَ اڳيان ”ڇ“ جو اچار ”ش“ يا ”ف“ جو اچار ”ڦ“ ڪري اچاري ٿو يا وري سکر يا شڪارپور جو سنڌي ارڙهن بدران ”اٺاره“ ڪري اچاري ٿو ۽ معياري ٻولي استعمال ڪندڙ سندس ان ڳالهه کي نظر انداز نه ڪندي سندس اچار کي غلط چئي ڏئي ٿو يا ٽوڪ ڪري ٿو تڏهن ان ماڻهوءَ جا استعمال ۽ رويي بابت ويچار نهايت ڏکوئيندڙ ٿين ٿا. ساڳئيءَ طرح لاڙي ماڻهوءَ جو اتراديءَ سان ۽ وچولي ڳالهائيندڙ جو ٿري لهجي ۾ ڳالهائيندڙ سنڌي ماڻهوءَ سان معمولي اچاري اختلاف ۽ ان طرف ڌيان ڇڪائڻ، ڪيترن کي گهٽ ۽ ننڍو هجڻ جو احساس ڏياري ٿو.

اهڙا ڪيترائي واقعا منهنجي برطانيه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران به پيش آيا. جڏهن ڪيمبرج ۽ لنڊن واري معياري انگريزي ڳالهائيندڙ (جيڪا بي. بي. سي. يا راڻي واري انگريزي به ڪري ليکي وڃي ٿي. جنهن کي ٻين علائقن جا اڪثر انگريز ڌارين لاءِ اختيار ڪيل انگريزي سمجهن ٿا.) مانچسٽر، ليورپول ۽ برمنگهم وارن جي انگريزيءَ کي صحيح انگريزي ڪونه سمجهندا  هئا ۽ انهن تي ٽوڪون پڻ ڪندا هئا. جڏهن ته سائوٿ ايسٽ وارا (جتي آءُ پڙهيو آهيان) وري ٻئي سڄي انگلنڊ وارن جي انگريزي لهجي تي کلندا آهن ۽ پنهنجي لهجي کي ئي خالص ”انگلش ڊائليڪٽ“ ڪري سمجهن ٿا.

اهڙيءَ طرح هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو ساڳئي علائقي يا حدن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻي ٻوليءَ کي جيڪڏهن مادري ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو وانگر نٿو اچاري ته اها ڪا لساني طرح گهٽتائي ڪونه ليکبي. ان سلسلي ۾ اردو جي شاعر جوش مليح آبادي بابت ڪيترائي واقعا مشهور آهن ته جڏهن ڪير غلط اردو ڳالهائيندو يا اچاريندو هو ته ان وقت ئي ٽوڪي جذباتي ٿي ويندو هو، جيڪو ٻولي ڏانهن سطحي ۽ غير رويو چئي سگهجي ٿو.

هتي سماجي لسانيات جي ڄاڻو ۽ پنهنجي استاد پروفيسر پيٽر ٽَرڊ گَل () جي اها راءِ ورجائڻ مناسب ٿو سمجهان ته گذريل ڏهاڪي کان لسانيت جا ڄاڻو دنيا جي ٻولين جو چڱو چوکو حصو مطالعي ۾ آڻي چڪا آهن ان مطالعي مان ان راءِ تي پهتا آهن ته ڪنهن به ٻوليءَ کي سٺو يا خراب چوڻ جو ڪوبه لسانياتي سبب ڪونه آهي. مڙيئي ٻوليون هڪ جيتريون ئي سٺيون آهن، ڪنهن ٻوليءَ کي ٻيءَ کان مٿانهون سمجهڻ لاءِ ڪوبه علمي معيار ڪونه آهي. مڙئي ٻوليون گهڻ پاسائون (Complexed) آهن. جيڪي پنهنجي ڳالهائيندڙن جون سڀئي گهرجون پوريون ڪن ٿيون.“

اها ساڳي راءِ هڪ ئي ٻوليءَ جي مختلف لهجن ۽ محاورن جي استعمال بابت پڻ اهميت رکي ٿي. ڪاڪو ڀيرومل پڻ ان راءِ جو آهي ته: ”سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبه لهجو يا اپڀاشا سٺو يا خراب؛ گهٽ يا وڌ ڪونه آهي. هر اپڀاشا جو پنهنجو ميٺاج ۽ خاصيت آهي، رڳو ڪن خاص سببن يا حڪومتي ادارن جي ويجهو هئڻ ڪري هڪڙي علائقي جي ٻوليءَ کي ٺيٺ، کري يا معياري ڪري سمجهيو وڃي ٿو، نه ته ڪابه هوند ڪنهن به علمي معيار کان گهٽ نه آهي.“

لهجن ۾ ڳالهائڻ لاءِ چوڻ ڪنهن به طرح مناسب نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ان لهجي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ته هو پنهنجي سمجهه جي قوت وڌائي، نه ڪي ڳالهائيندڙ کي تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري. ٻوليءَ جا مختلف لهجا ان ٻوليءَ جي سونهن آهن.“

لسانياتي علم جا ڄاڻو ان راءِ جا آهن ته سڀيئي ٻوليون ماڻهن جي گهرجن مطابق اُسريون ۽ نِسريون آهن ۽ سڀئي هڪ جهڙيون ۽ برابر آهن، پر لسانيات جي ڄاڻن جي ان علمي راءِ کي لسانيات جو سائنسي مطالعو نه ڪندڙ يا اڌي گابري لساني تعليم حاصل ڪندڙ يا وري مختلف تعصبن نفرتن ۽ محبتن جي بنياد تي راءِ قائم ڪندڙ ماڻهو، وقت به وقت ٿڏيندا يا رد ڪندا رهيا آهن، جنهن ڪري لسانيات جي ڄاڻن جي ان علمي راءِ کي وقت به وقت علمي دلين سان دفاع جي ضرورت ٿيندي رهي ٿي. ڪابه ٻولي اندروني بناوت جي لحاظ کان محدود يا گهٽ مان مرتبي يا مڪمل اظهار کان اڻپوري يا معذور نه آهي. مڙيوئي ٻوليون پنهنجن ڳالهائيندڙن جون سماجي ۽ نفسياتي گهرجون پوريون ڪن ٿيون ۽ سائنسي علم لاءِ پڻ هڪ جيتريون لائق يا اهل آهن. اهي سماجي ۽ انساني فطرت بابت مڪمل ڄاڻ ڏيڻ جو ذريعو آهن.

 ٻوليءَ بابت مختلف عالمن توڙي ڄاڻ رکندڙن ۾ ڪيترائي غير علمي ۽ غير سائنسي مفروضا ۽ تصور قائم ٿيل آهن ته ڪجهه ٻوليون اڻ سڌريل يا جهنگلي ۽ گهٽ ترقي يافته آهن. سادي يا عام گرامر ٿورن آوازن (Sounds) ۽ گهٽ لفظي ذخيري وارين ٻولين کي ان مد ۾ آندو وڃي ٿو. جن جي ڳالهائيندڙن کي اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اشارن کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. پر اهو ثابت نه ڪري سگهيا آهن ته اهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ ڌرتيءَ جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ رهن ٿا، جو اڄ تائين دنيا جي نظر کان لڪل آهن، جڏهن ته انسان کوجنا جي جستجو ۾ چنڊ کي به لتاڙي چڪو آهي.

ٻئي طرف اسان وٽ وري تنقيد ۽ حقيقي علم بابت عالمن ۽ اديبن جا رويا به نامناسب رهيا آهن، جو جيڪڏهن سندس تحقيق جي روشنيءَ ۾ قائم ڪيل مفروضن ۽ راين تي ڪو ٻيو محقق تنقيدي يا علمي تشريح ۽ وضاحت ڏئي ٿو ته اسان جا عالم ان کي ڪا اهميت نه ڏيئي ايندڙ ڇاپن يا ڌار مضمونن ۾ ان بابت وضاحت ڪرڻ بدران انهن تنقيدن کي لنوائي، پنهنجي ڪم ۾ ڪي به سڌارا ڪونه ٿا آڻين، نتيجي طور علمي معيار ۾ واڌاري ۽ تحقيقي معيار ۾ سڌارن بدران ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي رهيا آهيون ۽ اسان جو اهو عمل ايندڙ نون محققن کي وڌيڪ ڀُلائي ٿو. اهڙا حوالا پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي ڏجن ٿا:

سنڌي ٻوليءَ جي عالم محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هڪ راءِ مطابق ته ”اسان جي هاڻوڪيءَ زبان جي لفظن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته جيئن اڳ تيئن الفاظ ”حروف صحيح“ سان بنيل هئا يعني ته منجهس حروف علت بلڪل گهٽ هئا، يا مورڳو نه هئا ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾ وري تبديلي ڪري هيئن لکيو اٿن ته..“ ۽ ڊگها حروف علت (ا، و، ي) ڪي بلڪل ئي گھٽ هئا.“ ماضيءَ جي مطالعي مان ڀانئجي ٿو ته عربيءَ جي اثر کان اڳ سنڌي الفاظ اڪثر ”حروف صحيح“ جا مرڪبات هئا.“ ان راءِ جي پٺڀرائي ۾ ڪڪڙ ۽ گدڙ وغيره جا مثال ڏنا اٿائين. ڊاڪٽر بلوچ جي ان راءِ جو ذڪر ڪندي سراج لکي ٿو ته ”هيءُ صاحب انهن لفظن کي انگريزي ۾ لکي ڏسي ها ته کيس خبر پئجي وڃي ها ته انهن لفظن ۾ ٽن حروف صحيح کان سواءِ اوترائي حروف علت به موجود آهن.“

ٻوليءَ جو هڪ ٻيو عالم محمد حسين پنهور ان بابت چوي ٿو ته:

“Sindhi had vowels as is clear from Chach nama which gives sindhi names like channa, Maka, Sehta, Jott Med, Dahar, Jaisina, Debel, Nerun, Alore and many others.”

لسانيات جو علم گھڻو ڪري ڳالهايل ٻوليءَ تي مدار رکي ٿو. لکت جي اهميت ٻئي نمبر تي آهي. ٻولي ماڻهو ڳالهائين ٿا.

اها انهن جي وات مان آوازن جي صورت ۾ نڪري ٿي ۽ صوتيات جي علم مطابق ڪابه اهڙي ٻولي ڪونه آهي جنهن ۾ آواز نه هجن. دنيا جون جون ڪيتريون ئي لپيون/ الفابيٽ اهڙيون آهن، جن ۾ ڪي خاص صوتيه (Phoneme) ليڪن جي نشانن ذريعي ظاهر ڪيا ويندا آهن. اهي حرف صحيح/ وينجن (Consonautal) واريون لِپيون ڪري ليکجن ٿيون، مثال طور، آراميڪ (Armaic) عبراني (Hebrow) ۽ عربي وغيره، جن ۾ حرف علت/ سُر (Vowel) اعرابن ذريعي ظاهر ڪيا وڃن ٿا، ٻئي طرف ڪيترين هندستاني لِپين حرف عل/ سُر اعرابن يا نشانين ذريعي ظاهر ڪيا وڃن ٿا، جيڪي لڳائڻ نهايت ضروري آهن. اهي نشانيون صرف صحيح/ وينجن سان لاڳاپيل سمجهيون وڃن ٿيون. سنڌي جيئن ته ته عربي لکت/ لپي ۾ لکي وڃي ٿي، تنهنڪري ان جا حرف علت/ سُر/ آواز عربي طريقي ”زير“، ”زبر“ ۽ ”پيش“ وغيره اعرابن جي صورت ۾ لکجن ٿا. پر انهن اعرابن جو ڏيڻ به لکندڙ جي مرضي تي منحصر آهي سنڌي ٻولي جي سکڻ واري مرحلي ۾ انهن اعرابن جو استعمال ضروري ٿيو پوي. جو انهن جو غلط استعال لفظ ۽ جملي جي معنيٰ ڦيرايو ڇڏي. پر ٻولي پوري طرح سکي وڃڻ کان پوءِ انهن جو استعمال ضروري نه ٿئي، جو پڙهندڙ جي تجربي جي بنياد تي لفظن جو صحيح اچار ڪري صحيح معنيٰ ۾ استعمال ڪرڻ سکي وڃي ٿي.

هتي حرف صحيح (Consonant) ۽ حرف علت (Vowle) جي تشريح پڙهندڙن لاءِ ضروري آهي. اندرين هوا ڳالهائڻ واري حصي (Oral Cavity) ۾ ڪنهن به هنڌ رڪجي ته ان آواز کي چئبو ”حرف صحيح “ ۽ جي بنان ڪنهن رڪاوٽ جي ان حصي جي گول يا تراکڙي صورت جي آڌارتي هوا ٻاهر نڪري ته اهو آواز سڏبو ”حرف علت“. بهرحال ڊاڪٽر بلوچ جي اهڙيءَ راءِ رکڻ مان مراد سنڌي ٻوليءَ جي نندا ڪونه آهي پر ٻوليءَ جي صوتياتي علم ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ آهي.

ٻيو مثال ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ جو آهي. هن ڪتاب جي ڇپجڻ (1979ع) کان پوءِ، ٻوليءَ جي هڪ ٻئي عالم محمد عمر چنڊ 1985ع ڇپيل پنهنجي ڪتاب ”لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون“ ۾ ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب جي عنوان کان وٺي ڪتاب ۾ آندل ٻين ڪيترن علمي موضوعن ۽ مسئلن تي وضاحتي علمي تنقيد ڪندي انهن کي رد ڪيو.

هاڻي هڪ صحيح ۽ جديد تربيت يافته عالم تي فرض آهي پنهنجي ڪيل علمي ڪم تي ڪا وضاحتي علمي تنقيد ٿئي ته ان کي مڃيندي ان تي پنهنجي وضاحت الڳ مضمون يا وري ٻئي ڇاپي ۾ ڏئي، نه ڪه خاموش رهي. ائين نه ڪرڻ سان ان علم جي راهه ۾ ايندڙ پانڌيئڙي ۽ محقق جي ذهن ۾ مونجهارا پيدا ٿيندا ۽ ان کي صحيح راءِ ۽ اصل علمي وضاحت قبول ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. نتيجي طور اهو علم ان ٻوليءَ ۾ ترقي ڪري ڪي مثبت ۽ ڪارائتا نتيجا ڏئي نه سگهندو. اهڙا ئي ٻيا ڪيترائي سبب آهن جو لسانيات جو علم سنڌيءَ ۾ وڌي ۽ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري نه سگهيو آهي ۽ عام توڙي خاص ۽ جديد تربيت يافته محقق اهڙي تحقيق کي مفروضن ۽ ذاتي راين تي ٻڌل سمجهي لنوائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ٻوليءَ جي محبت ۾ سنڌي ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ، لکڻين ۾ ٻوليءَ لاءِ وڏيون دعوائون ڪري ان کي افضل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙين دعوائن جي ڪابه علمي يا لسانياتي حيثيت ڪونه آهي. مثال طور هوءَ ”ڀاشا شاسترا“ ۾ لکي ٿي ته ”سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي سڀني ٻولين جا اچار اچي وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ ٻين ڪن ٻولين جي ڀيٽ ۾ رڳو چار ٻٽا آواز ٻ، ڄ، ڏ، ڳ وڌيڪ آهن، انهن جي آڌار تي اهڙي دعويٰ نٿي ڪري سگهجي. پر حقيقت ۾ اهي آواز به ٻين ڪيترين ٻولين يعني سواحلي، ماسائي، نيانگي، يولو وغيره ۾ موجود آهن.

تهذيب يا ثقافت ڪيتري به سڌريل، آڳاٽي يا قديم ڇو نه هجي، پر ٻوليون هر وقت پنهنجي ڳالهائيندڙن جي گهرجن مطابق پوريون رهيون آهن، تنهنڪري ڪا قوم ته سڌريل يا اڻ سڌريل ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن به ٻوليءَ بابت جي اهڙيءَ راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي. جيڪڏهن ڪنهن ٻوليءَ ۾ ڪنهن خاص شيءِ لاءِ لفظي کوٽ آهي ته ان جو مطلب آهي ته اها ايجاد ان قوم جي نه پر ٻاهران آيل آهي. ڪري عالمن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن لاءِ ضروري آهي ته ان لاءِ لفظ ايجاد ڪن يا جنهن قوم اها ايجاد ڪئي ان جي ٻوليءَ واري نالي کي برقرار رکن. ائين ڪرڻ سان ٻوليءَ جي ڪابه گهٽتائي نٿي ٿئي.

هتي ڊاڪٽر سورلي جي ان راءِ تي بحث ڪرڻ ضروري ٿيندو جنهن مطابق هو چوي ٿو ته سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت سان ٺهڪي اچي ٿي، جنهن لاءِ اها وجود ۾ آئي آهي، جنهن کي ان جي محنتي ۽ اڻ ويڙهاڪ ماڻهن مڪمل ڪيو آهي، پر ان زبان ۾ اهڙا لفظ ڪونه آهن جيڪي اهڙي قسم جي تهذيب ۾ ٺهڪي اچن جنهن جو ”برٽن“ نمائندو آهي. سؤ سال اڳ بيشڪ ائين چئي سگهجي پيو، ته اها زبان ان وقت ان قوم جي ضرورتن ۽ ثقافت مطابق هئي، پر جيئن جيئن زماني جي حادثن، سياسي ۽ سماجي حالتن ۾ تبديلي ايندي ويندي، ٻولي به ان قوم جي گهرجن مطابق پاڻ ۾ لفظن جي ذخيري ۾ واڌارو آڻيندي ويندي. جيڪڏهن ڪنهن قوم جي ترقي ۽ تبديليءَ سان ان جي زبان ۾ ترقي ۽ تبديلي نٿي اچي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اها زبان ان قوم جون ضرروتون پوريون ڪرڻ جي اهل  ثابت ٿي نه سگهي ۽ اها ٻولي پوءِ گهڻو وقت جيئرو رهي نه سگهندي. خوشقسمتيءَ سان سنڌي ٻولي وقت ۽ حالتن مطابق پاڻ ۾ تبديلي آڻيندي. هن وقت به پنهنجي ڳالهائڻ وارن جون سموريون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي اهل آهي.

مختلف وقتن تي، ڪي خاص حلقا، ڪن خاص ٻولين کي گهٽ ترقي يافته ۽ مختلف وڏِون ڪڍي اڻ سڌريل چئي انهن کي سندن اصل مقام تان هٽائڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جي جاءِ تي مختلف دليل ڏيئي، ڪن ٻولين کي عظيم ۽ مڙئي رابطي جون گهرجون پوريون ڪرڻ جو اهل سمجهي، عجيب غير معقول، غير لسانياتي ۽ مذهبي جذبا اڀاريندڙ  دليلن سان قدرتي طرح عظيم ٻولي قرار ڏيئي ماڻهن جي حقيقي مادري ٻولين مٿان ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. عام طرح ماڻهن جو اهو عقيدو هوندي آهي ته سندن ٻولي ٻين کان مٿانهين ۽ عظيم آهي پر عملي طرح اهڙي تصور يا ويچار جي ڪابه حيثيت ڪونه آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي ماڻهو ڪنهن خاص ٻوليءَ کي اهيمت ڏيارڻ لاءِ مختلف دليلن کان ڪم وٺندا هجن مثال طور ته هي ٻولي تمام قديم، منطقي، گهڻي علمي مواد واري يا خدا تعاليٰ جي ٻولي آهي يا وري اچارڻ ۾ سولي ۽ ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ اثر واري آهي. جيئن عربي ڳالهائيندڙ اهو چئي سگهن ٿا ته سندن روايتي (Classical) عربي تمام خوبصورت ۽ منطقي آهي؛ ڪابه ٻولي گرامر جي خوبصورتي ۽ لفظي ذخيري ۾ ساڻس برميچي نه ٿي سگهي.  اها مذهبي ٻولي هجڻ سان گڏ ڪلام پاڪ جي ٻولي آهي، جيڪا اسلام جي سچائي بابت معجزاتي شهادت پيش ڪري ٿي. اُن ئي سبب ڪري خدا تعاليٰ ان ٻوليءَ کي پيغمبر عليه اسلام جي اظهار لاءِ چونڊيو. هي ٻولي ئي آخرت ۾ استعمال ٿيندي، تنهن ڪري سڀني ٻولين کان مٿانهين ۽ اتم آهي.

اهڙي قسم جا ويچار هندو سنسڪرت لاءِ يهودي عبراني لاءِ به رکي سگهن ٿا،  خاص ڪري ٻوليءَ جي قدامت جي باري ۾. ساڳيءَ طرح جرمن ڳالهائيندڙ جرمن ٻوليءَ کي سڀني کان اتانهون سمجهن ٿا، جو سندن عقيدي موجب حضرت آدم عليه السلام باغ عدن ۾ جرمن ٻولي ڳالهائي هئي. اهڙيءَ طرح سياسي، سماجي ۽ مذهبي اثرن عقيدن جي حوالي سان ڪيترائي رايا ٿي سگهن ٿا، پر لسانيات جي علم جي ڪسوٽيءَ تي اهي پورا نٿا لهن.

پاڪستان ۾ به ٻوليءَ جي قومي مسئلي کي حل ڪري ملڪ جي ترقيءَ ۾ مڙني قومن کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ بدران هڪ خاص حلقو ان کي منجهائي مذهب جي حوالي سان قومي ٻڌي ۽ حب الوطني جي تناظر ۾ هڪ خاص ٻولي يعني اڙدو کي مسلمانن ۽ پاڪستان جي واحد ٻولي قرار ڏيئي، ٻين قومن ۽ انهن جي قومي ٻولين جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون وجهڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو آهي. مولانا ٿانويءَ جي فتويٰ ته: ”هن وقت اڙدو جي حفاظت دين جي حفاظت آهي، تنهنڪري هن جي حفاظت لاءِ وس آهر ڪوشش ڪرڻ خدا جي اطاعت (حڪم جي بجا آوري) برابر آهي ۽ ان ۾ غفلت ڪرڻ وارن کان آخرت ۾ پڇاڻو ٿيندو“. اهڙي قسم جي غير علمي ۽ غير سائنٽيفڪ فتويٰ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۽ انهن جي جذبن کي ڀڙڪائڻ کان علاوه ٻين ٻولين ڳالهائيندڙن جي جذبن ۽ احساسن کي ڌڪ رسائڻ، کيڏڻ ۽ ٻولين جي حقن ۽ اهميت کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي.

ڪنهن به هڪ ٻوليءَ کي ڪنهن خاص مذهب سان وابسته ڪرڻ، مذهبن جي آفاقيت کان انڪار ٿيندو. لسانياتي علم مطابق ڪابه ٻولي مذهبي يا غير مذهبي ٿي نٿي سگهي. ڪنهن به ٻوليءَ جو ڳالهائيندڙ ڪوبه مذهب اختيار ڪري سگهي ٿو، انُ لاءِ ڪنهن خاص ٻولي جو ڄاڻن ضروي نه آهي، پر مذهبي ۽ ملڪي ايڪي لاءِ ضروري آهي ته ماڻهن جي مڙني فطري ٻولين کي هڪ جيتري اهميت ۽ قومي حيثيت ڏئي سرڪاري طرح قانون نافذ ڪري انهن جي ترقي ۽ اهليت وڌائڻ لاءِ هڪ جيتريون ڪوششيون ڪيون وڃن.

مددي ڪتاب

(1) آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند (1985ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

(2) الانا، ڊاڪٽر غلام علي (1979ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.

(3) چنڊ، محمد عمر (1985ع)، ”لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد.

(4) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان (1962ع، 1980ع، 1990ع)، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو.

(5) سراج (1964ع)، ”سنڌي ٻولي“، حيدرآباد.

(6) هيراننداڻي پوپٽي (1978ع)، ”ڀاشا شاستر“، بمئي.

(7) Crystal, D (1987) “Dictionary of linguistics and phonetics”, Basil Blackwell, Oxford.

(8) Crystal, D. (1988), “The Cambridge Encyclopedia of language”, Cambridge University prsss, Cambridge.

(9) Hertzler, J. D., (1965) “The Sociology of language”, Random House, New York.

(10) Labor, W.H. (1966), “Social Stratification of English in New York City”, Washington, Centre for Applied Linguistics.

(11) Panhwar, M.H (1988), “Languages of Sindh- Between Rise of

Amri and fall of Mansura”, (Research paper) “Cultural Heritage of Sindh, “Edited by DR: A. J. Junejo and  M. Q. Bughio, Sindhi Adabi Board, Jamshoro.

(12) Trudgill, P. (1979), “Accent dialect and school”, Edward Arnold, England.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com