محمد پنهل ڏهر
بکر ۾ تصنيف ۽ تاليف جو مختصر جائزو
پير حسام الدين راشدي پنهنجي هڪ مقالي ”ننگر ٺٽي ۾ تصنيف ۽
تاليف جو جائزو“ ۾ لکيو آهي ته هي جائزو سنڌ جي
فقط هڪ شهر جو آهي، حالانڪ عروج ۽ وسندي وارن
زمانن ۾ سنڌ جا ڪيترائي شهر علمي ۽ ثقافتي حيثيت ۾
برک ۽ برتر هئا. جهڙوڪ، مٽياري، هالا، ملاڪاتيار.
نوشهرو، درٻيلو، ڪوٽڙي ڪبير، روهڙي، سکر، بکر، لکي
غلام شاهه، شڪارپور، ڳڙهي ياسين، شهدادڪوٽ، سيوهڻ،
بوبڪ، لڪي شاهه صدر وغيره. اهي اهڙا شهر هئا جتي
سوين جيد عالم ۽ بلند مرتبي جا اصحاب علم ۽ فن
هئا، جن ڪيئي قلمي آثار ڇڏيا هوندا؛ جن جي جيڪڏهن
فهرست ٺهي سگهي ته هوند ڪنهن به صورت ۾ ٺٽي کان
گهٽ ڪانه ٿيندي. جيڪڏهن ڪي علم دوست پيش ڪيل ترتيب
تي انهن شهرن متعلق فهرستون تيار ڪن ته هوند سنڌ
جي اباڻي ورثي جو پتو پئجي وڃي.“(1)
پير صاحب جي انهيءَ خواهش کي نظر ۾ رکي هي مقالو تيار ڪيو ويو
آهي. هن مقالي ۾ ناصرالدين قباچه جي دؤر کان وٺي
انگريز دؤر تائين بکر ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتابن
جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پير صاحب پنهنجي مقالي ۾ دور
وار مُصنفين جو صرف نالو ڄاڻائي سندس ڪتابن جو
مختصر ذڪر ڪيو آهي، ليڪن هن مقلي ۾ مصنف جي مختصر
سوانح سان گڏ ڪتابن متعلق به مختصر معلومات ڏني
ويئي آهي. پنهنجي طرفان هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي آهي
ته مٿي ڄاڻايل دؤرن اندر تاليف ٿيل سڀني ڪتابن جو
ذڪر هن مقالي ۾ پيش ڪري سگهجي. ليڪن باوجود انهيءَ
ڪوشش جي شايد ڪيترن ئي مصنفن ۽ سندن ڪتابن جو
احوال شامل نه ٿي سگهيو هجي. ڇاڪاڻ ته اسان جي
ادبي تاريخ اڃان تائين مڪمل طرح سان ڪونه لکي ويئي
آهي. سنڌ جي ٻين علائقن وانگر هن علائقي ۾ به
ڪيترائي اهڙا علمي گهراڻا موجود هوندا، جن پنهنجن
وڏڙن جي علمي اثاثي کي اڃان تائين ڪٻٽن کان ٻاهر
نه آندو آهي، جنهن ڪري هن خطي جي سموري ۽ علمي ۽
ادبي ذخيري کي گڏ ڪرڻ جي دعويٰ سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي
سڀني موتين کي ميڙڻ جي برابر ٿيندو.
بکر، درياءَ سنڌ جي وچ ۾ روهڙي ۽ سکر جي سامهون هڪ ٻيٽ آهي. 327
ق. م ۾ سڪندر مقدوني جي ڪاهه وقت بکر جي قلعي ۾
”ضدي“ قوم جو ڏس ملي ٿو، جا اروڙ جي ماتحت هئي.
سڪندر کان اڳ دارا جو ميرالبحر ”سائلاڪس“ جهازراني
جي ارادي سان هن ٻيٽ وٽان لنگهيو هو. 60 عيسوي
ڌاري بکر جي قلعي جو نالو هڪ يوناني ڪتاب
”پيڊيپلوس“ ۾ ”بيهڪر“ ڏنل آهي.
بکر جو قلعو عربن جي دؤر کان وٺي انگريز دؤر تائين فوجي نقطئه
نگاهه کان نهايت ئي اهم رهيو آهي. هن شهر ۾ جيڪي
امير توڙي درويش رهندا هئا، سي تاريخ ۾ ”بکري“
سڏجن ٿا.(2)
مير علي شير قانع، بکر جو پراڻو نالو ”فرشته“ ڄاڻايو آهي. هو
لکي ٿو ته ”هندو راجائن جي ڏينهن ۾ هي شهر موجود
ڪونه هو. اروڙ جي ويران ٿيڻ کان پوءِ اُتي جا
رهاڪو بکر ۽ ٻين جاين ڏانهن لڏي ويا. نيٺ بکر جو
ڳوٺ اروڙ بڻجي ويو.“(3)
مغليه دؤر ۾ ”سکر، بکر ۽ روهڙي“، ٽنهي کي گڏي ”بکر“ چوندا هئا،
تنهنڪري هتي به بکر، روهڙي ۽ سکر ۾ تصنيف ٿيل سڀني
ڪتابن جو گڏيل احوال آندو ويو آهي.
ناصر الدين قباچه (متوفي 625هه/ 1228ع) دؤر:
علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”علي بن حامد، ناصر الدين
قباچه جي دؤر ۾ ڪوفي کان هجرت ڪري اُچ ۾ آيو ۽
قباچه جي وزير شرف الملڪ رضي الدين سان وابسته ٿي
ويو. اُن وقت سنڌ جي تاريخ تي کيس هڪ ڪتاب لکڻ جو
خيال ٿيو. مواد جي تلاش ۽ تحقيق لاءِ هو بکر آيو.
علي بن حامد ڪوفي تقريباً 625هه کان اڳ بکر ۾ ئي
وفات ڪري ويو.
(1) چچ نامه عرف فتح نامه: فارسي ترجمو علي بن حامد ڪوفي.
علي بن حامد ڪوفي کي هن ڪتاب جو عربي نسخو ”منهاج الدين الملڪ“
جي نالي سان قاضي اسماعيل بن علي ثقفي وٽان بکر ۾
هٿ آيو. پاڻ سن 613هه ۾ چچ نامه عرف فتح نامه جي
نالي سان هن جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. انهي جو انتساب
ناصرالدين قباچه جي وزير عين الملڪ فخرالدين حسن
بن ابي بڪر الاشعري بن شرف الملڪ رضي الدين جي
نالي ڪيائين.
هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي لکيل پهريون ڪتاب آهي ۽ پوري برصغير ۾
تاريخ متعلق لکيل پڻ پهريون ڪتاب آهي. هن ڪتاب جا
مختلف نالا آهن: مثلاً چچ نامه، تاريخ نامه، فتح
نامه، تاريخ هند و سنڌ ۽ تاريخ قاسمي وغيره. خواجه
نظام الدين بخشي طبقات اڪبري ۾ اُن جو نالو ”منهاج
المسالڪ“ لکيو آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽي جو خيال آهي
ته چچ نامي جون روايتون مدائني تان ورتل نظر اچن
ٿيون. مدائني سنه 215هه- 225هه جي وچ ڌاري فوت
ٿيو، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته چچ نامو سنه 225هه-
255هه جي وچ ڌاري تصنيف ٿيو هوندو، ڇو ته سنه
255هه ۾ بلاذري (المتوفي 279هه) ”فتوح البلدان“
پورو ڪيو. هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن سان اسان کي
برهمڻ، ٻڌ ۽ راءِ گهراڻي جو احوال معلوم ٿئي ٿو.
ساڳئي وقت عربن جي فتوحات، بنوعباس ۽ بنو اُميه جي
سنڌي حڪومت جي ڪاروبار جو به پتو پوي ٿو. اگرچه
ڪتاب قديم رنگ ۾ آهي ۽ واقعات تحقيق سان ڪونه لکيا
ويا آهن، تاهم ڪتاب جي اهميت تي ڪو اثر ڪونه ٿو
پوي.(4)
هن ڪتاب جو پهريون سنڌي ترجمو مرزا قليچ بيگ ڪيو. انهيءَ سنڌي
ترجمي جو ڪجهه حصو ”چچ جي دؤر“ تائين 1923ع ۾
حيدرآباد مان شايع ٿيو. مرزا قليچ بيگ هن جو
انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو، جيڪو سنه 1900ع ۾ شايع
ٿيو هو. ڊاڪٽر دائودپوٽي اصل فارسي ڪتاب ايڊٽ ڪيو
۽ مقدمي، تعليقات ۽ حاشين سان سينگاريو. اهو فارسي
متن انجمن مخطوطات حيدرآباد دکن طرفان 1939ع ۾
شايع ٿيو. انهيءَ ڪتاب جو ٻيو سنڌي ترجمو مخدوم
امير احمد ڪيو. اهو سنڌي ترجمو پهريون دفعو 1954ع
۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان ڇپيو آهي. هن
ڪتاب جو اردو ترجمو اختر رضويءَ ڪيو آهي. اردو
ترجمو به پهريون دفعو سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد
طرفان شايع ٿيل آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، تازو محنت ڪري انهيءَ ڪتاب جي فارسي
متن کي مختلف نسخن سان ڀيٽي ترتيب ڏيئي، حاشين ۽
تعليقات سان سينگاريو آهي ۽ مٿس انگريزيءَ ۾ طويل
تحقيقي مقدمو پڻ لکيو اٿس. اهو فارسي متن 1983ع ۾
”انسٽيٽيوٽ آف هسٽري، ڪلچر اينڊ سولائيزيشن اسلام
آباد“ مان ڇپيو آهي.
(2) تنقيح الاسناد
(3) ڪتاب الانساب
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکڻ مطابق مٿيان ٻيئي ڪتاب پڻ علي بن
ڪوفي بکر ۾ لکيا هئا. انهن ٻنهي ڪتابن جا حوالا
سيد محب الله شاهه قادري بکري پنهنجي ڪتاب ”في
التحقيق بنا امصار السند“ ۾ ماخذ طور ڄاڻايا
آهن.(5)
ارغون ۽ ترخان دؤر (927-1021هه/ 1521- 1612ع)
شاهه جهانگير هاشمي:
شاهه جهانگير هاشمي هڪ فصيح ۽ بليغ شاعر هو ۽ سندس شعر دنيا ۾
مشهور هو. مرزا شاهه حسن ارغون جي حڪومت جي ابتدا
۾ خراسان کان سنڌ ۾ اچي بکر ۾ رهڻ لڳو. سنه 946هه
۾ حجاز جي سفر تي نڪتو ۽ ڪيچ مڪران جي رستي ۾ شهيد
ٿي ويو.
مثنوي مظهرالآثار: 940هه ۾ ”تحفة الاحرار“ جي جواب ۾ هي مثنوي
جوڙيائين. پير حسام الدين راشدي انهيءَ مثنوي کي
ايڊٽ ڪيو آهي ۽ پهريون دفعو 1957ع ۾ سنڌي ادبي
بورڊ طرفان ڇپي آهي.(6)
سيد عبدالوهاب پوراني:
عبدالوهاب ولد مير بايزيد ابن ابو سعيد پوراني، شيخ الاسلام مير
محمود شيخ ميرڪ جو ڀائٽيو هو. وقت جي حاڪمن وٽ
سندس قدر هو. هن 990هه يا 973هه ۾ وفات ڪئي.
جامع پوراني يا فتاويٰ پوراني: سندس فتوائن جو هي ڪتاب هند ۽
سنڌ ۾ مشهور هو. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته
”هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي مطالعي ۾ به هو،
هن وقت ڪٿي به موجود ڪونه آهي.“(7)
مغل دؤر (1021- 1150هه/ 1612- 1737ع)
مير ابوالقاسم نمڪين (متوفي 1018هه):
هي اڪبري دؤر جو امير هو. سنڌ سندس وطن هو. ٻه دفعا پاڻ هتي جو
گورنر به ٿيو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ۽ پوٽا به مغل
دؤر ۾ وڏي مان ۽ مرتبي جا صاحب ٿي رهيا. سندس پٽ
ابوالبقا امير خان به هتي جو گورنر هو. دنيوي عزت
۽ آبرو سان گڏ پورو خاندان علم ۽ فضل جو سرچشمو
رهيو آهي. مير ابوالبقا امير خان پٽ مير عبدالڪريم
امير خان به سنڌ جو صوبيدار هو. ٺٽي جا امير خاني
سيد انهيءَ قبيلي مان آهن. هن گهراڻي جي هر فرد
بلند پايه تصنيفون ڇڏيون آهن.
منشات نمڪين: مير ابوالقاسم هن ڪتاب جي ابتدا ۾ انشاءَ جي تاريخ
بيان ڪئي اهي ۽ آخر ۾ اڪبر دؤر جا خط ڏنل آهن، جن
مان ڪيترن جو سنڌ جي تاريخ سان تعلق آهي. ڪتاب
ناياب آهي. هڪ نسخو انڊيا آفس لئبرري لنڊن ۾ 535
نمبر تي موجود آهي، جنهن جي ڪتابت 1012هه ۾ ٿيل
آهي، ليڪن تصنيف ٿيڻ کان ڇهه سال پوءِ جو مخطوطو
آهي. منجهس 412 صفحا آهن ۽ هر صفحي ۾ تيرهن سٽون
آهن.
مير محمد معصوم بکري (متوفي 1014هه):
مير معصوم بکري اڪبري دؤر جو ناميارو سپہ سالار، شاعر، مؤرخ ۽
اديب ٿي گذريو آهي. جاين ٺهرائڻ ۽ تاريخي ڪتبن
لڳائڻ جو بيحد شوقين هو. روهڙي ۽ سکر ۾ سندس
ٺهرايل ڪيتريون ئي تاريخي جايون موجود آهن، جن مان
عيدگاهه، مسجد منزلگاهه، هشت پهلو گنبذ ۽ منارو
وڌيڪ مشهور آهن، مدفن به مناري جي ڀر ۾ آهي.
مير معصوم جي تاريخداني جا سڀ تذڪره نگار ۽ مؤرخ معترف آهن.
خواجه نظام الدين بخشي (متوفي 1004هه) طبقات لکڻ
وقت مير معصوم کي ئي بطور مددگار ۽ مشير جي پاڻ
سان گڏ رهايو هو.
1. تاريخ سنڌ المعروف تاريخ معصومي: ڊاڪٽر دائود پوٽي جو خيال
آهي ته مير معصوم 1008- 1009هه ڌاري هي ڪتاب تصنيف
ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ قسم جي شهادت ڪتاب مان ملي
ٿي. ڪتاب جو پهريون حصو قديم تاريخ، اسلامي عهد ۽
ارغون ۽ ترخان دؤر تي مشتمل آهي ۽ پويون اڌ مغل
دؤر جي تاريخ تي آهي. ڪتاب چئن جزن ۾ ورهايل آهي.
تاريخ معصومي ارغون، ترخان ۽ اڪبري دؤر تي ازحد
مفيد ۽ معتبر آهي.
ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب تاريخ معصومي کي ڀنڊارڪر اورينٽل ريسرچ
انسٽيٽيوٽ طرفان سال 1938ع ۾ اصل متن کي ايڊٽ ڪري
شايع ڪرايو. انگريزي ترجمو هڪ صدي اڳ 1855ع ۾ مسٽر
ميلٽ (G. Malet)
شايع ڪيو. پهريون سنڌي ترجمو مُنشي ننديرام 1861ع
۾ ڪراچي مان شايع ڪرايو. ويجهو ٻيو ان جو سليس
سنڌي ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽي واري نسخي تان مخدوم
امير احمد ڪيو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان
پهريون دفعو 1953ع ۾ ڇپيو آهي.
تاريخ معصومي جو پهريون اردو ترجمو آغا سلطان ميرزا ڪيو هو،
جيڪو 1906ع ۾ بهاولپور مان ڇپيو. ٻيو اردو ترجمو
اختر رضويءَ جو آهي، جيڪو پهريون دفعو 1959ع ۾
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.
2. مثنوي معدن الافڪار: هي مثنوي ”مخزن الاسرار“ جي جواب ۾ لکيل
آهي.
3. خمسه متحيره: هي ”هفت پيڪر“ جي جواب ۾ آهي.
4. مثنوي راي صورت: هن مثنوي ۾ ”ليليٰ- مجنون“ جو قصو منظوم ٿيل
آهي.
5. مثنوي حسن و ناز: هن مثنوي ۾ ”يوسف زليخا“ جو قصو منظوم ٿيل
آهي.
6. اڪبرنامه: هي ”سڪندر نامه“ جي جواب ۾ آهي. مٿين پنجن مثنوين
کي ”خمسه“ يعني ”پنج گنج“ به سڏجي ٿو.
7. مثنوي ناز و نياز: هي مثنوي ”سسئي پنهون“ جي قصي تي منظوم
ٿيل آهي. هن مثنويءَ جو نسخو مير معصوم جي پوين وٽ
پراڻي سکر ۾ موجود آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مير
معصوم جي سڀني مثنوين جا قلمي نسخا ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي لئبرريءَ ۾ به موجود آهن.
8. مفردات نامي يا طب نامي: هن جا ٻه نسخا ڪتب خانه آصفيه
(انڊيا) ۾ 392 ۽ 369 نمبر تي موجود آهن. هڪ نسخو
خدا بخش لئبرري پٽنه ۾ آهي. هڪ نسخو بنگال ايشياٽڪ
سوسائٽي لئبرري ۾ به آهي. هڪ نسخو روهڙي ۾ هڪ نسخو
پراڻي سکر ۾ معصومي سادات وٽ به موجود آهي. هڪ
نسخو سائين عبدالحسين شاهه موسوي (ثاني) جي ذاتي
لئبرريءَ روهڙي ۾ به آهي. انهيءَ نسخي تان راقم به
پنهنجي لئبرريءَ لاءِ فوٽو ڪرايو آهي.
9. ديوان نامي: مير معصوم جي شاعريءَ جي هن ديوان جو هڪ نسخو
سندس پوين وٽ پراڻي سکر ۾ آهي. انهيءَ نسخي تان
پير علي محمد راشدي به هڪ نقل تيار ڪيو هو. انهيءَ
جو هڪ نسخو ٽالپري شاهي ڪتب خانه حيدرآباد ۾ به
موجود آهي.
10. مثنوي نشتر عشق: هن منظوم مثنوي جو هڪ نسخو رامپور (انڊيا)
جي شاهي ڪتب خاني ۾ آهي.
شيخ فريد بن شيخ معروف فاروقي بکري:
ذخيرة الخواتين: شيخ فريد بکري، ”ماثر الامراء“ جي طرز تي هي
مفصل تذڪرو 1060هه ۾ تصنيف ڪيو. منجهس اڪبر،
جهانگير ۽ شاهه جهان جي دور جي 513 مشاهيرن جو ذڪر
ڪيو ويو آهي. مصنف پنهنجي ذاتي مشاهدي، معلومات ۽
اکين ڏٺي حالات تي مدار رکي هي ڪتاب مرتب ڪيو آهي.
روايتون انهن ماڻهن جون قبول ڪيون اٿائين، جن سان
سندس ذاتي مراسم هئا ۽ جن جي سچي هجڻ جو کيس يقين
هو. انهيءَ تلاش، تحقيق ۽ ذاتي ڄاڻ سبب ڪتاب نهايت
قيمتي ٿي پيو آهي ۽ منجهس اُهي احوال آيل آهن يا
واقعا ڏنل آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به تذڪري ۾ ملي ڪونه
سگهندا. انهيءَ تذڪري ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪيترن
ئي مشاهيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سنڌ جا صوبيدار،
جي مغلن جي ڏينهن ۾ هتي آيا ۽ سن ۾ جن به ماڻهن کي
جاگيرون مليون، الغرض جن جو به ڪنهن طرح سان سنڌ ۾
ڪونه ڪو لاڳاپو رهيو آهي، انهن سڀني جو هن تذڪري ۾
ذڪر ڪيل آهي. ميرزا عبدالرحيم خان خانان سان گڏجي
جيترا فوجي جرنيل، امير ۽ مشاهير سنڌ کي فتح ڪرڻ
آيا، انهن سڀني جو احوال به ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب
کي ڊاڪٽر معين الحق ايڊٽ ڪيو آهي. اهو ڪتاب ٽن
جلدن ۾ ترتيبوار سال 1961ع، 1970ع ۽ 1974ع ۾
پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي طرفان شايع ٿيو
آهي.(8)
مير يعقوب علي خان رضوي:
هي عالمگير جي ڏينهن ۾ سنه 1081هه کان بکر جو نواب ٿيو.
بياض مير يعقوب علي خان رضوي: هي بياض قلمي صورت ۾ مير يعقوب
علي خان رضويءَ جي نالي سان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
جي لئبرريءَ ۾ 27732 نمبر تي ”ذخيره قاضي فيض الله
روهڙائي“ ۾ موجود آهي.(9)
حڪيم عبدالرؤف بکري:
حڪيم عبدالرؤف وڏي لياقت وارو مرد، ڪمال جو صاحب، وقت جو جيد
طبيب، مير عبدالجليل جي سنگتين مان هو. ميان يار
محمد ڪلهوڙي جي دربار ۾ ملازم هو ۽ کيس سرڪار ۾
وڏو عهد هوندو هوس. حڪمت ۾ بينظير ۽ موسيقي جي فن
۾ ماهر هو.
باب النغم: حڪيم عبدالرؤف هي ڪتاب مڪمل طرح سان موسيقيءَ جي فن
متعلق لکيو هو.(10)
ڪلهوڙا دؤر (1150- 1196هه/ 1737- 1782ع)
مير سيد جان الله شاهه رضوي:
مير جان الله شاهه رضوي (اول)، مير حيدر شاهه جي اولاد مان تمام
لائق ۽ حق جي واٽ جو طالب هو. شاهه عنايت الله
صوفي جي خدمت مان ارشاد جو رستو پرائي، انهيءَ
خاندان جو خليفو ٿي، معرفت جو جهنڊو کڻي پنهنجي
اصلي شهر روهڙي ڏانهن موٽي آيو. فارسي زبان جو
اعليٰ پايه جو شاعر هو، ”مير“ تخلص هوس.
1. ديوان مير: حقيقت سان ڀريل فارسي ديوان آهي. هن ديوان جو
نسخو، مير جان الله رضوي جي پوين وٽ روهڙيءَ ۾
موجود آهي. تازو سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ استاد هن
ديوان کي ايڊٽ ڪري ڊاڪٽري جي ڊگري (پي. ايڇ. ڊي)
حاصل ڪئي آهي.
2. مثنوي (؟) هن مثنوي متعلق مير علي شير قانع لکي ٿو ته پنهنجي
طلب ۽ مرشد تائين پهچڻ ۾ سندس سخت ڊڪ ڊوڙ متعلق
”هڪ مثنوي حقيقت سان ڀريل يادگار ڇڏي ويو
آهي.“(11)
حڪيم عبدالڪريم رضوي بکري:
هي بزرگ بيمثل حڪيم هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي سندس شهرت ٻڌي کيس
پنهنجي دربار ۾ گهرائي رکيو. دهلي جو حڪيم
عبدالفتاح نمڪين سندس استادن مان هو.
جامع المنافع: حڪيم عبدالڪريم هي تصنيف طب تي لکي آهي. هن جو
نسخو پير جهنڊي جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. 1247هه ۾
طب تي لکيل هن جو هڪ بياض انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ
جي لئبرريءَ ۾ به موجود آهي.
حڪيم مير اسد الله ساقي بکري:
مير اسدالله ساقي بکري، مير معصوم بکري جي ڏوهٽاڻ مان هو. شعر و
سخن سان گڏ طب جو به ماهر هو. ميان مرادياب ڪلهوڙي
وٽ گهڻو وقت رهيو. طب ۾ حڪيم سيد يعقوب بکري جو
شاگرد هو. هي 1181هه ۾ فوت ٿيو.
اختصار ذخيره خوارزم شاهي: مير اسدالله ساقي، طب جي مشهور ڪتاب
”ذخيره خوارزم شاهي“ جو اختصار ڪري هي ڪتاب تيار
ڪيو هو.(12)
مير سيد نجم الدين بکري:
مير نجم الدين ولد مير محمد رفيع رضوي بکري، تخلص عذلت، مير
محمد يوسف رضوي رحه جي اولاد مان هو. مير نجم
الدين مخدوم محمد معين ٺٽوي جو شاگرد ۽ ڀاڻيجو به
هو. هن 1160هه ۾ وفات ڪئي.
1. ديوان عذلت: هي مير نجم الدين جي شاعري جو مجموعو آهي ۽ ان
جو هڪ نسخو پنجاب يونيورسٽي لئبرريءَ ۾ موجود آهي.
2. طوطي نامه: (13)
مخدوم روح الله بکري سنڌي:
حاشيه تلويح: مخدوم رح الله بکري، علامه تفتائي جي ڪتاب ”تلويح“
جو هي شرح لکيو آهي. هي ڪتاب اصول فقہ تي عربي ۾
آهي. هي ڪتاب ٻارهين صدي هجري ۾ لکيو اٿس. هن ڪتاب
جو هڪ نسخو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي اداري شاهه
ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد ۾ موجود آهي.(14)
مير علي شاهه عرف سيد رحمت الله ولد سيد لطف شاهه رضوي بڪاري:
قصيده بمدح عبدالنبي: مــير عـــلي شاهه شائق هي قصيدو
ميان عبدالنبي ڪلهوڙي والي سنڌ (1191هه- 1198هه) جي مدح ۾ چيو
آهي. هن قصيدي ۾ 495 شعر آهن. هن قصيدي مان انهيءَ
عهد جي اميرن منصبدارن ۽ فوجي جرنيلن جي نالن ۽
احوال جي خبر پوي ٿي ۽ اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته
انهيءَ دور ۾ ڪهڙا ڪهڙا منصب ۽ عهدا هئا. هي قصيدو
1198هه کان اڳ جو تصنيف ٿيل آهي. ڪلهوڙن جي دور تي
تاريخي لحاظ کان هي ڪارآمد قصيدو آهي. هن جو هڪ
نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين واري جي
لئبرريءَ ۾ موجود هو. ان تان نقل ٿيل ڪاپي سنڌي
ادبي بورڊ لئبرري ڄامشورو ۾ به موجود آهي.(15)
ٽالپر دؤر (1196هه- 1259هه/ 1782ع- 1843ع)
محمد امين بکري:
مفتاح العروض: محمد امين بکري هي ڪتاب فارسي عروض متعلق لکيو
آهي. هن ڪتاب جو هڪ نسخو سنڌ يونيورسٽي لئبرري
ڄامشورو ۾ به موجود آهي، جنهن جا 78 ورق آهن.
عبدالغني بکري سنڌي:
1. شرح قصيده عربيہ (فارسي): از عبدالغني بکري سنڌي.
2. شرح تحفة العراقين: (فارسي) هي خاقاني جي مشهور مثنوي ”تحفة
العراقين“ جي شرح آهي. هن جو قلمي نسخو پنجاب
يونيورسٽي جي لئبرري لاهور ۾ موجود آهي. (16)
سيد محب الله بن سيد احمد شاهه واعظ بن سيد محمد شاهه الملقب به
مسيحا الحسني الحسيني الحموي الدهلوي القادري
الاصلاً سندهي مولاداً لوهروي:
في التحقيق بنا امصارالسند: سيد محب الله هي ڪتاب تيرهين صدي
هجري ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور شهرن ۽ ڳوٺن
جو ذڪر آهي، گويا سنڌ جو هي هڪ گزيٽيئر آهي. ڪتاب
جي ترتيب هن طرح آهي. پهريون باب سنڌ جي تاريخ،
ٻيو باب شهرن، ڳوٺن ۽ قرين جي حالات تي، ٽيون باب
سنڌ ۾ رائج ٿيل القابن تي، مثلاً امير، وزير،
ترخانن، ارغون وغيره. چوٿون باب سنڌ جي قومن تي ۽
پنجون باب سنڌ جي واهن، ندين، پهاڙن ۽ ڍنڍن تي. هي
ڪتاب ننڍي سائيز جي تقريباً ٻه سؤ صفحن تي آهي. هن
جو هڪ نسخو پنجاب يونيورسٽي لئبرري لاهور ۽ ٻيو
نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين واري جي
لئبرريءَ ۾ آهي. (17)
مير جان الله شاهه (ثاني) رضوي:
مير جان الله شاهه رضوي (ثاني) تخلص عاشق، مير جان الله شاهه
اول جو پوٽو هو. پاڻ فارسي جو باڪمال شاعر هو.
ديوان عاشق: مير جان الله شاهه ثاني رضوي جي شاعري جو مجموعو
آهي. هن جو نسخو سندس پوين وٽ روهڙيءَ ۾ موجود
آهي.(18)
حڪيم حبيب الله بکري:
حڪيم حبيب الله بکري ولد خواجه ابراهيم بکري، عالم شاعر ۽ ڪيترن
ئي ڪتابن جو مصنف هو. پاڻ حضرت محمد راشد رح کان
بيعت ٿيل هو. هي بزرگ ڪلهوڙن جي آخري ۽ شروعاتي
ٽالپري دؤر ۾ ٿي گذريو.
1. رساله در نبض: طب تي فارسي ۾ منظوم رسالو آهي.
2. دلائل البول: هي به طب تي فارسي ۾ منظوم رسالو آهي.
3. دافع الامراض.
4. شجره مشائخان قادريه (منظوم)
5. رساله در علم تصوف.
انگريز دؤر (1259هه- 1363هه/ 1843ع- 1947ع)
سيد مرتضيٰ ميرڪ:
شجره سادات پوراني (فارسي، قلمي):
مير بزرگ (ثاني) عرف مير بابا:
شجره سادات معصومي (قلمي): هن ڪتاب جو فوٽو ٿيل نسخو سائين
عبدالحسين شاهه موسوي (ثاني) وٽ روهڙي ۾ موجود
آهي.
بيگ محمد نامي:
تاريخ نوابين بکر (قلمي، فارسي): بيگ محمد نامي جي لکيل هن
تاريخ جي اُنهن نوابن جو ذڪر آيل آهي، جن جو ذڪر
تاريخ معصومي ۾ مير معصوم بکري نه ڏنو آهي، ڇاڪاڻ
ته هن تاريخ ۾ تاريخ معصومي جي تاليف ۽ مير معصوم
بکري جي وفات بعد بکر ۾ ذڪر ٿيل نواب آيا هوندا.
هن ڪتاب جو نسخو روهڙي ۾ ڪنهن خاندان وٽ موجود
آهي، جنهن تان سائين عبدالحسين شاهه موسوي (ثاني)
فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
صاحب ڏانهن موڪليو آهي.
سيد سوائل شاهه رضوي:
بياض پروانه جات وسندَ هائي سادات (قلمي- فارسي): هن قلمي نسخي
جو فوٽو به سائين عبدالحسين شاهه موسوي (ثاني) وٽ
موجود آهي.(19)
سيد رجب علي حسني حسيني نقوي بکري:
ڪشف الغطاءَ عن وجوه آيات هل اتيٰ: سيد رجب علي ”واقعه ڪربلا“
متعلق هي فارسي تصنيف 1267هه ۾ تصنيف ڪئي. هن جو
هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرري ڄامشورو ۾ موجود
آهي، جنهن جا 53 ورق آهن. (20)
قادر بخش بيدل:
سنڌ جو مشهور صوفي شاعر ۽ عالم قادر بخش بيدل 1230هه/ 1814ع تي
روهڙيءَ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد محسن هو.
پاڻ 16 ذوالقعد 1289هه تي وفات ڪري ويو. سندس مدفن
روهڙي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان اٿس، جتي هر سال ميلو
به لڳندو آهي.
تصانيف بيدل:
1. ديوان بيدل: قادر بخش بيدل جي سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام جو مجموعو
آهي. هن کي سيد عبدالحسين شاهه موسوي مرتب ڪيو
آهي. هي ڪتاب پهريون دفعو 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد طرفان شايع ٿيو آهي.
2. سلوڪ الطالبين: فارسي ۾ 90 غزلن جو مجموعو آهي.
3. مصباح الطريقت: هن ۾ هزار کان مٿي فارسي اشعار، غزل، قطعا ۽
رباعيون آهن.
4. مثنوي هير و رانجها: هي فارسي مثنوي ”مثنويات هير و رانجها“
۾ ڇپجي چڪي آهي. هن مجموعي ۾ ٻين به چند سنڌي
شاعرن جون هن قصي متعلق منظوم فارسي مثنويون شامل
آهن. هن مجموعي کي حفيظ هوشيارپوريءَ ايڊٽ ڪيو
آهي. اهو مجموعو سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد شايع ڪيو
آهي.
5. مخمسات: هي فارسي مخمسات ۽ غزليات جو مختصر مجموعو آهي.
6. نهرالبحر: هي فارسي مثنوي ”مولانا روم“ جي انداز ۾ چيل آهي.
هن مثنوي جي فوٽو ڪاپي سچل چيئر لئبرري، شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ موجود آهي.
7. رموز العارفين: هن مختصر فارسي رسالو ۾ وحد الوجود تي روشني
وڌل آهي.
8. رموز القادري في شرح قصيده غوثيه: هي مختصر منظوم فارسي
رسالو آهي.
9. وحدت نامه: هن رسالي ۾ سنڌي بيت آهن، هي رسالو سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد طرفان ”ديوان بيدل“ ۾ 1954ع ۾ ڇپجي
چڪو آهي.
10. في بدن احاديث صحاح ستہ: هن ڪتاب ۾ حديث جي ڇهن مشهور ڪتابن
يعني ”صحاح ستہ“ مان انهن حديثن جي شرح ڏني ويئي
آهي. جن جو تعلق تصوف سان آهي.
11. قرة العين في مناقبت سبطين: هن ڪتاب ۾ ”واقعه ڪربلا“ متعلق
29 حديثون ۽ ”روضة الشهداءِ“ تان ورتل احوال شامل
ڪيو ويو آهي.
12. فوائد المعنوي: هن مختصر عربي رسالي ۾ تصوف متعلق اصطلاح گڏ
ڪيا ويا آهن.
13. رياض الفقر: هي 1258هه ۾ تصنيف ڪيل رسالو آهي. هن رسالي ۾
صوفي فقيرن جي مجاهدن ۽ محنتن متعلق هزار کن بيت
آهن.
14. تقويت القلوب في تذڪره المحبوب: هي ڪتاب وحدت جي بيان ۾
آهي. هن ۾ صوفي شاعرن جو احوال به آهي. ڪتاب تي
حاشيو به لکيو ويو آهي.
15. پنج گنج: هي رسالو چاليهن درجن تي آهي. هرهڪ درجي ۾ پنج
شاهدن يعني آيات قرآن، حديث، مثنوي مولانا روم،
بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ڪنهن شرعي ڪتاب مان
قول ڏنل آهن. هن ڪتاب کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ايڊٽ ڪيو آهي. اهو ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز حيدرآباد طرفان شايع ٿيل آهي.
16. فرائض صوفيه: هي مختصر سنڌي رسالو به ”ديوان بيدل“ سان گڏ
ڇپيل آهي.
17. سند الموحدين: هي رسالو وحدت تي آهي. هن ۾ فقيرن ۽ بزرگن جا
شعر سند طور ڏنا ويا آهن.
18. سرود نامه: هي مختصر منظوم سنڌي رسالو آهي.
19. انشاءِ قادري: هن ڪتاب ۾ فارسي ۾ رقعات آهن.
20. خطبات: هن رسالي ۾ جمعي جا چند خطبا عربي ۽ فارسي ۾ آهن.
21. عقائد: هن ڪتاب ۾ بيدل پنهنجا عقيدا عربي ۽ فارسي ۾ بيان
ڪيا آهن.
22. ديوان بيدل (اردو): هي بيدل جي اردو شاعري جو مختصر مجموعو
آهي.
23. تاريخ رحلت هاءِ رجال الله: هن ڪتاب ۾ نبين، ولين، درويشن ۽
بزرگن جي وصال جون منظوم تاريخون ڏنيون ويون آهن.
24. ظهورنامه در تصوف به نغمه اناالحق: فارسي ۾ منظوم رسالو
آهي.
25. ڪرسي نامه صوفيان قادري: هي ٻه عدد رسالا منظوم فارسي ۾
آهن.
26. منتخب قصه ليلا مجنون.
27. ديوان منهاج الحقيقت: هن مختصر رسالي ۾ غزل آهن.
28. وصيت نامه: هن مختصر رسالي ۾ ايمان متعلق هڪ فتويٰ ڏنل آهي.
29. لغت ميزان طب: هن ڪتاب ۾ طب متعلق ڏکيا لفظ ڏنا ويا آهن.
(21)
محمد محسن بيڪس:
محسن بيڪس روهڙيءَ جي مشهور صوفي شاعر ۽ عالم قادر بخش بيدل جو
پٽ هو. هي 1275ع ۾ روهڙيءَ ۾ ڄائو ۽ جوانيءَ ۾ ئي
1298هه ۾ وفات ڪري ويو. سندس مدفن والد جي مزار
ڀرسان روهڙي ريلوي اسٽيشن لڳ آهي. پاڻ سنڌي ۽
سرائڪي جو سٺو شاعر هو.
ديوان بيڪس: محمد محسن بيڪس جي سنڌي، سرائڪي ۽ اردو شاعري جو هي
مجموعو سيد عبدالحسين شاهه موسوي مرتب ڪيو آهي. هي
مجموعو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو آهي.(22)
سيد قمبر علي رضوي بکري ولد سيد امان علي شاهه رضوي:
شجره سادات: سيد قمبر علي هي شجرو 1261هه ۾ لکي پورو ڪيو. هن
ڪتاب ۾ خاص طرح سادات جي انهن شاخن جا نسب نامه
موجود آهن، جيڪي سنڌ اندر پکڙيون. هن ڪتاب جو هڪ
نسخو سيد الله ورايو شاهه روهڙيءَ واري وٽ به هو.
(23)
مولوي محمد علي بکري:
مولوي محمد علي ولد محمد پناهه بکري بکر جو رهاڪو هو ۽ سندس
تخلص طالب هوس. مولوي محمد علي نظام الدين
سرهنديءَ جو مريد هو.
ظهورنامه: مولوي محمد علي هي ڪتاب روهڙي ۾ موجود ”وار مبارڪ“
متعلق 1274هه ۾ منظوم لکيو آهي.
منشي ميان محمود: منشي ميان محمود ميمڻ سکر ۾ آفيسر هو. عربي،
فارسي، سرائڪي، هندي ۽ سنڌي جو شاعر هو.
گلزار محمودي: هي ڪتاب ميان محمود جي شاعريءَ جو ديوان آهي،
جيڪو سيد غلام رسول شاهه رضوي ڪوٽائي 1898ع مرتب
ڪري شايع ڪرايو. (24)
خانبهادر خداداد خان:
خداداد خان انگريز دؤر جو هڪ برجستو آفيسر، مؤرخ ۽ محقق هو ۽
سکر جو رهاڪو هو. فارسي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ سان هن
کي خاص دلچسپي هئي. پاڻ هڪ وڏو جاگيردار به هو.
1. سنڌ جا قديم تاريخي ڪتبا: خانبهادر خداداد خان سنڌ ۾ موجود
تاريخي ڪتبن کي ٻن ضخيم جلدن ۾ سهيڙيو. افسوس آهي
جو ٻيئي جلد گم ٿي ويا. اڄ انهن ڪتبن مان ڪيترائي
بنهه گم ٿي ويا آهن.
2. لب تاريخ سنڌ: فارسي زبان ۾ سنڌ جي تاريخ تي هي آخري ڪتاب
آهي، جو 1318هه جو تصنيف ٿيل آهي. هن تاريخ ۾ ڪيئي
خاص واقعا مصنف پنهنجي ذاتي معلومات جي بناءَ تي
لکيا آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ ملي ڪونه
سگهندا. لب تاريخ سنڌ 1900ع ۾ امرتسر مان شايع
ٿيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن ڪتاب کي ايڊٽ ڪري
دوباره سهڻي نموني سان 1959ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد مان شايع ڪرايو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو
حافظ خير محمد اوحدي ڪيو آهي، جيڪو پڻ پهريون دفعو
1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان ڇپيو آهي.
3. پل نامه: هن ڪتاب ۾ ”لئنسڊائون پل“ سکر واري جي افتتاح جو
احوال آهي. هن ڪتاب ۾ ڪوئيٽا جي سفر جو احوال به
شامل ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب 1307هه مطابق 1890ع ۾
ڪراچي مان ڇپيو.
4. وقائع راجستان: راجستان جي تاريخ ۽ سير متعلق آهي ۽ 1867ع ۾
ڇپيو آهي.
5. مڪران نامه: مڪران جي سياحت متعلق آهي ۽ 1862ع ۾ ڇپيو آهي.
6. خليج نامه: خليج جي ملڪن جي دوري ۽ سير متعلق آهي ۽ 1866ع ۾
ڇپيو آهي.
7. An account of historical places
خانبهادر خداداد خان هي ڪتاب سنڌ جي ڪمشنر سر ليم ميري ويدر جي
چوڻ تي 1289هه/ 1869ع ۾ تصنيف ڪيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ
جي قديم شهرن متعلق احوال ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب جو
بعد ۾ سنڌي ترجمو به ڇپيو هو.
8. سياحت نامه: هن ڪتاب ۾ هندستان جي مختلف شهرن، بمبئي، پونا،
راجڪوٽ، احمدآباد، اجمير، دهلي، امرتسر ۽ ٻين شهرن
جي سير جو احوال ڏنل آهي. هي ڪتاب 1892ع ۾ لکيو
ويو.
9. خيرپور نامه: هي ڪتاب رياست خيرپور متعلق آهي. 1894ع ۾ ڪراچي
مان ڇپيو هو.(25)
قاضي جان محمد:
سير لنڊن:
قاضي عبدالرزاق: اخبار ”الوحيد“ جو نائب ايڊيٽر، ”علمي دنيا“ ۽
”ڪاميابي“ رسالن جو باني ايڊيٽر هو.
قرآن مجيد (سنڌي ترجمو): قاضي عبدالرزاق قرآن مجيد جا مختلف
نمونن سان ٽي سنڌي ترجما ڪيا هئا.
قاضي علي رضا:
روهڙيءَ جي تاريخ: قاضي علي رضا جي لکيل هي تاريخ قلمي صورت ۾
سندس وارثن وٽ موجود آهي.
قاضي محمد بخش:
گلدسته عشاق: قاضي محمد بخش جي شاعريءَ جو هي مجموعو قلمي صورت
۾ قاضي محمد هاشم وٽ موجود آهي.
محمد يوسف فدا پيڪارو (مغل):
مغرور جُتي: محمد يوسف فدا جي هن ڪتاب ۾ معراج جو منظوم احوال
آهي. هي ڪتاب ڇپيل آهي.
قاضي فقير محمد قانع:
1. سلڪ مرواريد: شاهه صاحب جي ڪلام جي ڏکين لفظن جي لغت آهي.
2. بيت بازي متعلق ڪتاب (؟) (فارسي ۾).
3. ڪلام جو مجموعو: قاضي فقير محمد قانع جي پنهنجي شاعريءَ جو
مجموعو.
4. شاهه جو رسالو: ترتيب ۽ مفصل شرح سان. هن ڪتاب جو نسخو قاضي
شاهه بخش روهڙيءَ واري وٽ موجود آهي.
قاضي غلام مهدي:
انيس المساڪين عرف راحت السالڪين: هي ڪتاب سنڌي ۾ صوفي تحريڪ
متعلق 1340هه/ 1932ع جو لکيل آهي. اڃان تائين قلمي
صورت ۾ آهي. هن ڪتاب جي فوٽو ڪاپي ڊاڪٽر نواز علي
شوق ۽ محترم غلام محمد لاکو جي لئبرري ۾ به آهي.
آخوند فيض محمد:
آخوند فيض محمد ولد شيخ فتح محمد 1244هه/ 1829ع ۾ ڄائو. سنڌي
سرائڪي، فارسي ۽ اردو جو سٺو شاعر هو.
1. نالئه راز: هن ڪتاب ۾ آخوند فيض محمد پنهنجي خودنوشت سوانح
ڏني آهي. هي ڪتاب فارسي ۾ آهي.
2. ڪريما سعدي جو منظوم سنڌي ترجمو.
3. بياض شاعري: هن بياض ۾ آخوند فيض محمد جي سنڌي، اردو ۽ فارسي
شاعري آهي. آخوند صاحب جا سڀ ڪتاب قلمي صورت ۾
قاضي محمد مختيار (صدر شعبه آثار قديمه، شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور) وٽ موجود آهن.(26)
حوالا
پير حسام الدين راشدي: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جو، صفحو 777- 778.
(ڇاپو پهريون 1981ع، انجمن تاريخ سنڌ، ڪراچي)
رحيمداد خان مولائي شيدائي: سنڌ جا پراڻا شهر، صفحو 20- 30
(ڇاپو پهريون 1983ع سچل نيشنل سيمينار ڪميٽي سکر)
مير علي شير قانع: تحفة الڪرام، جلد ٽيون (سنڌي ترجمو) مترجم،
مخدوم امير احمد صفحو 311. (ڇاپو ٻيو 1976ع، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد).
- مرزا قليچ بيگ: قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽
ماڻهو، صفحو 9 (ڇاپو ٻيو 1966ع، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد).
سماهي مهراڻ، 3/1978ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. (مقالو فتح
نامو/ چچ نامو ۽ ان جو مترجم علي ڪوفي، از ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ).
سماهي مهراڻ، 3/1978ع.
- ناز سنائي، مرتب: سنڌ جي تاريخ جا ماخذ، صفحو
106- 112 (ڇاپو پهريون 1989ع، سنڌ تحقيقي بورڊ
حيدرآباد.
مير علي شير قانع: تحفة الڪرام جلد ٽيون (سنڌي ترجمو) صفحو 317.
رحميداد خان مولائي شيدائي: تاريخ سکر، صفحو 464
(ڇاپو پهريون، 1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو).
- پير حسام الدين راشدي (ايڊٽ): مثنوي
مظهرالآثار، ڏسو مقدمو. (ڇاپو پهريون 1957ع) سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد.
رحميداد خان مولائي شيدائي: تاريخ سکر، صفحو 460.
- پير حسام الدين راشدي: ڳالهيون ڳوٺ وڻڻ جون،
صفحو 779.
مٿيون ڪتاب، صفحو 725- 753.
- ناز سنائي (مرتب: سنڌ جي تاريخ جا ماخذ، صفحو
19- 63 (ڇاپو پهريون) 1989ع، سنڌ تحقيقي بورڊ،
حيدرآباد.
- سماهي مهراڻ (سيارو 1955ع، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد).
- پير حسام الدين راشدي: مير معصوم بکري. صفحو 314- 328 (ڇاپو
پهريون 1979ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد).
- مير معصوم بکري: تاريخ معصومي (سنڌي ترجمو) مترجم، مخدوم
امير احمد. صفحو 18- 19 (ڇاپو ٻيو 1959ع، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد).
- تاريخ سکر، صفحو 470- 472.
تحفة الڪرام (سنڌي ترجمو) صفحو 321.
سنڌ جا پراڻا شهر، صفحو 29.
تحقيق نمبر 4/1990ع، (اردو شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو) صفحو
219.
تحفة الڪرام (سنڌي ترجمو) صفحو 326 ۽ ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صفحو
291- 292.
تحفة الڪرام (سنڌي ترجمو) صفحو 322- 323.
- تاريخ سکر، صفحو 467- 468.
- پروفيسر گل محمد گلاڻي: تذڪره شعراءِ روهڙي،
صفحو 17- 18 (ڇاپو پهريون 1978ع روهڙي).
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صفحو 294- 295.
تاريخ سکر صفحو 461.
ديني ادب جو ڪئٽلاگ، مرتب امداد حسيني (ڇاپو پهريون 1971ع،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو).
سنڌ جي تاريخ جا ماخذ، صفحو 19- 45 ۽ ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صفحو
725- 753.
ديني ادب جو ڪئٽلاگ، ڊاڪٽر ظهور الدين احمد، پاڪستان ۾ فارسي
ادب، جلد ٽيون، صفحو 830، اداره تحقيقات پاڪستان
پنجاب يونيورسٽي لاهور (ڇاپو پهريون 1977ع) (نوٽ:
محمد امين بکري ۽ عبدالغني بکري جي صحيح دؤر جي
ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي).
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صفحو 725- 753 ۽ سنڌ جي تاريخ جا ماخذ،
صفحو 19- 54.
تاريخ سکر، صفحو 469 ۽ تذڪره شعراءَ روهڙي، صفحو 18.
سيد مرتضيٰ ميرڪ مير بزرگ ثاني عرف مير بابا، بيگ محمد نامي ۽
سيد سوائل شاهه رضوي جي صحيح دؤر جي ڄاڻ نه پئجي
سگهي آهي.
ديني ادب جو ڪئٽلاگ.
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صفحو 453- 459.
- سيد عبدالحسين شاهه موسوي، ديوان بيدل، صفحو
346 ۽ 345- 357. (ڇاپو پهريون 1954ع، سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد)
سيد عبدالحسين شاهه موسوي: ديوان بيڪس، صفحو 3، ۽ 8. (ڇاپو ٻيو
1983ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو).
سيد عبدالقادر ٺٽوي: حديقة الاولياءَ (ايڊٽ، پير حسام الدين
راشدي) صفحو 38- 39 مقدمو. (ڇاپو پهريون 1967ع،
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد).
تاريخ سکر، صفحو 481 ۽ 496.
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صفحو 725- 753، سنڌ جي تاريخ جا ماخذ،
صفحو 19- 45 ۽ خداداد خان، لب تاريخ سنڌ (سنڌي
ترجمو) مترجم، حافظ خير محمد اوحدي. (ڇاپو پهريون
1989ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو).
سماهي مهراڻ، نمبر 3/ 1990ع، صفحو 25- 32 (سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو). |