سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :9

تميم بن زيد عتبي:

هشام جنيد کان پوءِ تميم بن زيد عتبي کي سنڌ جي گورنر جي وزارت ڏئي موڪليو. تميم تمام ڪمزور، سست، رحمدل ۽ سخي انسان هو، جنهن جي ڪري ملڪي وهنوار بگڙي ويو ۽ بدنظمي پيدا ٿي ويئي. تميم جي سڀ کان وڏي غلطي اها هئي جو هن مقامي سردارن کي نظرانداز ڪري صرف پنهنجن فوجي سردارن کي روب ۽ دٻدٻي جو ذريعو بڻايو. جنيد جي ٻنهي پاسن جي سردارن ۾ اهڙا اختلاف پيدا ٿيا جو معاملو جهيڙي تائين وڃي پهتو. حالتون جڏهن تميم جي هٿن مان نڪري ويون ته پاڻ عراق ڏانهن ڀڄڻ لڳو، اڃان سنڌو درياءُ پار ڪري ديبل ويجهو ”ماءِ الجواميش“ (مينهن جو پاڻي) واري ڍنڍ وٽ پهتو ته بيمار ٿي پيو ۽ ٻٽن ڏينهن جي اندر الله کي پيارو ٿي ويو.

تميم جي سخاوت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پنهنجي دؤر ۾ هن هڪ ڪروڙ اسي ڪروڙ طاطري درهم خلافت جي خزاني ۾ جمع ڪرايا. سندس ڳاڻيٽو عرب جي سخين ۾ ٿيندو هو.

 

فرزدق جو خط:

تميم سان گڏ جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ آيا هئا، انهن ۾ هڪڙو سپاهي بني يربوع قبيلي جو نوجوان خنيس به هو. خنيس جي ماءُ طي قبيلي مان هئي، هوءَ هڪ ڏينهن عرب جي مشهور شاعر فرزدق وٽ آئي ۽ ڏاڍي بيوسيء ۽ لاچاريءَ وچان فرزدق کي پنهنجي پيءُ جي قبر جو واسطو وجهي چوڻ لڳي ته، مون کي پٽ جي جدائي جهوري وڌو آهي، تون تميم کي منهنجو پٽ واپس موڪلڻ لاءِ لک. فرزدق ڪراڙيءَ جي اکين ۾ لڙڪ ڏسي نه سگهيو ۽ تميم ڏانهن هي شعر لکي موڪليائين.

اتتني فعاذت يا تميم بغالب

فهب لي خنيسا واتخذ فيہ منتہ

تميم بن زيد لا تکونن حاجتي

خلا تکثر الترداد فيها فانني

وبالحفرت السامي عليها ترابها،

لحوبتہ ام ما يسوغ شرابها،

بظهر ولا يخفي عليک جوابها،

ملول لحاجات بطي طلابها

”اي تميم! (خنيس جي ماءُ) مون وٽ آئي ۽ مون کي پنهنجي پيءُ غالب جي قبر جو واسطو ڏنائين، جنهن جي ٿڌي هوا جي جهوٽن سان پرسڪون آهيان. اهو خنيس مون کي بخش ڪر ۽ ان ٻڍڙي ماءُ تي احسان ڪر، جنهن جو هي حال آهي جو پاڻي ڍڪ به ڳلي مان ڳهي نٿي سگهي، اي تميم! منهنجي انهيءَ درخواست کي نه ٺڪرائجان، نه ته مان ڏاڍو غمگين ٿيندس، جيڪڏهن اها آرزو پوري ڪرڻ ۾ دير ڪيئي.“

تميم کي جڏهن فرزدق جو اهو منظوم خط مليو ته نالي جي ڪري منجهي پيو، ڇو ته اهو خنيس جي جاءِ تي حبيش به پڙهڻ ۾ اچي پيو. تنهن ڪري حڪم ڏنائين ته انهيءَ اچار سان جيڪو سپاهي به لشڪر ۾ هجي پنهنجي گهر موٽي وڃي.

تميم جي گورنريءَ واري وقت ۾ سنڌ کي تمام گهڻو ڌڪ رسيو، ڪيترائي علائقا مسلمانن جي هٿن مان کسڪي ويا ۽ بلاذري (وفات 279هه) لکي ٿو ته اڃا تائين اهي واپس ناهن ملي سگهيا.

حڪم بن عوانه ڪلبي:

تميم جي وفات کانپوءِ عراق جي گورنر جنرل خالد قشري خليفي کان منظوري وٺي حڪم بن عوانہ ڪلبي کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو، جيڪو پاڻ سان گڏ فاتح سنڌ محمد بن قاسم جي پٽ عمرو بن قسم کي به وٺي آيو. حڪم جڏهن هتي پهتو ته ڏٺائين هر طرف رتوڇاڻ لڳي پئي هئي، ان وقت ڪو اهڙو ٺڪاڻو نه هو جنهن کي مسلمانن جو مضبوط ڳڙهه بڻائي سگهجي.

محفوظا شهر جو بنياد:

حڪم پهريون ڪم اهو ڪيو جو سنڌو درياءَ جي منڍ ۾ اوڀر طرف 113هه (32 ـــ 731ع) تي شهر محفوظا جو بنياد رکيائين ۽ پوءِ سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل انهن عربن کي اچي آباد ڪيائين، جن سنڌ جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته اهي ئي مسلمانن جي اصل طاقت هئا.

حڪم جڏهن پنهنجي قبيلي جي ساٿين کان ان نئين اڏجندڙ شهر جي نالي جي صلاح ورتي ته ڪنهن دمشق چونڊيو ته ڪنهن حمص ۽ ڪنهن تدمر رکڻ لاءِ چيو. (تدمرجي عربي ۾ معنيٰ برباد ٿيڻ آهي) حڪم اهو  نالو ٻڌي رڙ ڪندي چيو دمر الله عليک يا احمق (بيوقوف خدا تو کي برباد ڪري) چڱو مان ان جو نالو محفوظ رکان ٿو. ان کان پوءِ حڪم محفوظا شهر کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ۽ پاڻ اتي ئي رهي پيو.

حڪم پاڻ سان گڏ آيل محمد بن قاسم جي ڳڀرو پٽ عمرو جيڪو ڏاڍو سياڻو ۽ سيبتو هو، کي سپه سالار بڻائي لشڪر سان گڏ  باغين جي پاڙ پٽڻ لاءِ روانو ڪيو. عمرو بن قاسم هر هنڌ سرڪشن جا ڪنڌ ڀڳا ۽ انهن کي فرمانبردار بڻايو. عمرو ڪيترائي علائقا فتح ڪري پنهنجي پيءُ جي روايت کي پاڻي ڏنو.

منصوره جو بنياد:

عمرو بن قاسم جڏهن سنڌ ۾ اسلام جو ڌاڪو ڄمائي ۽ مسلمانن جا پير پختا ڪري موٽي رهيو هو ته 120هه (737ع) ۾ پنهنجي ڪاميابين جي  يادگار طور سنڌو درياءَ جي اولهندي ڪناري تي محفوظا جي بلڪل سامهون هڪ شهر (منصوره) جو بنياد رکيائين، جيڪو پوءِ سنڌ جو دارالحڪومت بڻيو.

عراق جو گورنر جنرل خالد قشري سنڌ جي ماڻهن جي باري ۾ چوندو هو ته ”اهي به ڏاڍا عجيب ماڻهو آهن جو جڏهن انهن تي عرب جو دريا دل ۽ سخي انسان تميم کي مقرر ڪيو ته هو ان کان ڪاوڙجي ويا ۽ بخيل ترين حاڪم ڏنو مان ته کانئس ڏاڍا خوش ٿيا.“

120 هه ۾ خالد ڦري جي جاءِ تي عراق جو گورنر جنرل يوسف بن عمر ثقفي کي ڪيو ويو. گورنري جون واڳون وٺندي ئي هن خالد جي رکيل  سڀني عملدارن کي هٽائي ڇڏيو. حڪم به خالد طرفان ئي مقرر ٿيل هو ان ڪري هو سوچڻ لڳو ته اهڙو ڪوئي ڪارنامو ڪجي جنهن سان يوسف جي دل ۾ گهر ڪجي نه ته عهدي ڇڏڻ واري خواري کان موت بهتر آهي. اتفاق سان انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌين جي هڪڙي جماعت بغاوت ڪري وڌي، حڪم انهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ پنهنجو نالو روشن ڪرڻ واسطي جنگ ۾وڏي دليري سان وڙهندو رهيو ۽ آخر 221هه (738ع) ۾ شهادت جو جام نوش ڪيائين.

حڪم سنڌ جي اندرين ۽ ٻاهرين انتظامن کي سڌاريو ۽ وڏي سياڻپ سان حجازي ۽ يمني مسلمانن جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙو ٽاريو، جيڪي ان وقت سنڌ ۾ آباد هئا. نه ته اها گهرو ويڙهه سنڌ لاءِ ڏاڍي ڪنڊائتي ثابت ٿئي ها.

انهيءَ حڪم سان منذر بن زبير هباري به آيو هو جنهن جي پوٽي  هتي حڪومت ڪري هباري حڪومت جي پيڙهه رکي.

عمرو بن محمد بن قاسم:

حڪم جي شهادت کان پوءِ ان سان گڏ آيل عمرو بن قاسم ۽ يزيد بن عراره سنڌ جي گورنريءَ جا دعويدار ٿي بيٺا. عراق جي گورنر جنرل يوسف بن عمر ثقفي ٻنهي جا نالا خليفي ڏانهن اماڻيا پر خليفي عمرو بن قاسم جي منظوري ڏني. عمرو بن قاسم سنڌ جي ڪرسي سنڀاليندي ئي يزيد کي قيد ڪري ڇڏيو.

ٻنهي جي جهيڙي جو دشمنن خوب فائدو ورتو ۽ اچي منصوره کي  ويجهو پهتا. عراق جي گورنر جنرل يوسف چار هزار سپاهي سنڌ ڏانهن موڪليا، جن جي پهچندي ئي دشمن جو ڪٽڪ ڀڄي ويو ۽ عمرو بن قاسم پنهنجي فوج کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن فوج هر طرح سان طاقتور بڻجي ويئي ته مئن بن زائده دشمنن تي اهڙا حملا ڪيا ۽ راتين جو راتاها هنيا جو انهن جا ڳچ سپاهي تلوار جو کاڄ بڻيا ۽ باقي ڇڙوڇڙ ٿي ڀڄي ويا. آخر دشمنن جو راجا راءِ پاڻ وڙهڻ لاءِ نڪتو، مسلمان ته ان کي سڃاڻيندا نه هئا، پر جڏهن فوج ۾ شامل سنڌي سپاهين راجا کي ڏٺو ته رڙيون ڪرڻ لڳا ته اهو آهي راءِ، اهو آهي راءِ. مسلمان فوج اهو ٻڌندي ئي راءِ تي ڪڙڪي پيئي پر هو گهوڙو ڀڄائي نڪري ويو. اهڙيءَ طرح عمرو بن قاسم جو هر هنڌ ڌاڪو ڄمي ويو ۽ سندس بهادريءَ جو چرچو ٿيڻ لڳو.

جڏهن هو دشمنن کي سبق سيکارڻ ۾ مصروف هو ته سندس لشڪر جي هڪ سپاهي مروان پٽ يزيد بن مهلب پنهنجي ساٿين سان موقعو ڳولهي مال متاع ۽ سواري جا جانور ڪنهن طريقي سان پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا. عمرو بن قاسم کي جڏهن خبر پئي ته مروان جو پيڇو ڪيائين ۽ هڪڙي هنڌ پهچي مٿس اهڙو حملو ڪيائين جو سڀ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ مروان ڪٿي لڪي پيو. عمرو بن قاسم سڀني سپاهين کي معاف ڪيو ۽ انهن  مان ئي هڪڙي مروان کي پڪڙي عمرو اڳيان آندو، جنهن کيس قتل ڪرائي ڇڏيو.

6 ربيع الثاني 125هه (743ع) ۾ هشام بن عبدالملڪ ڳلي جي بيماريءَ وگهي گذاري ويو.

 

وليد ثاني بن يزيد بن عبدالملڪ

 

125 هه (43 ــ 742ع) کان 126هه (44 ــ 743ع)

 

هشام جي وفات کان پوءِ خلافت جون واڳون 743ع ۾ سندس پٽ وليد جي هٿ آيون.

عمرو بن محمد بن قاسم جو لهڻ:

وليد اچڻ سان هشام جي سڀني عملدارن کي هٽائي ڇڏيو، تن ۾ عمرو بن محمد بن قاسم به هو، جيڪو 126هه (44ـ ــــــ 743ع) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

يزيد بن عرار:

وليد، عمرو بن محمد قاسم کان پوءِ يزيد بن عرار کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو. هو انيڪ صلاحيتن جو مالڪ هو، حڪومت جون واڳون سنڀاليندي ئي اندروني انتشار جو خاتمو آندائين ۽ اوسي پاسي جي سرڪش راجائن تي اهڙا حملا ڪيائين جو اسلامي حڪومت جو هر طرف دٻدٻو ويهجي ويو.

جمادي الثاني 126 هه (744ع) ۾ خليفو وليد مارجي ويو ۽ ان جي جاءِ تي سندس ڀاءُ ابراهيم صرف نالي ماتر خليفو ٿيو ابراهيم جي خلافت کي ڪوئي به تسليم نه ڪندو هو، ان ڪري ٽن چئن مهينن اندر ئي ڀڄي ويو ۽ سندس ڀاءُ مروان الحمار بن محمد خلافت سنڀالي. مروان جيترو وقت رهيو باغين سان جهيڙيندو رهيو ۽ آخر ذوالحج 132هه (759ع) ۾ باغين هٿان مارجي ويو. اهڙيءَ طرح اموي حڪومت پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ بني عباس جا ڏينهن شروع ٿيا.

باغي منصور:

انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن اموي خلافت ۾ ڏڦيڙ پکڙيل هو ۽ ماڻهن ۾ فسادين ڦوٽ وجهي ڇڏي هئي، ته انهن فسادين مان هڪ منصور بن جمهوريه به هو جنهن اتان ڀڄي ڪري سنڌ ۾ اچڻ چاهيو، ڇو ته يزيد بن عرار سندس مائٽ هو. پر يزيد بن عرار کي جڏهن خبر پئي ته منصور ڏانهن هڪ خط لکيائين ته جتي پهتو آهين، اتان واپس موٽي وڃ ۽ هيڏانهن اچڻ جو آسرو نه ڪر. منصور کي ان خط تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ جواب ۾ لکيائين ته مان تو کي پنهنجو مائٽ سمجهي توڏانهن اچڻ چاهيو هو پر تون جيڪا اوپرائپ ۽ انا ڏيکاري آهي، ان جو نتيجو توکي ضرور ڀوڳڻو پوندو. ان وقت منصور سنڌو درياءَ جي ڪناري سدوسان شهر ۾ هو، اتي قبضو ڪري ٻيڙيون ٺهرايائين ۽ پوءِ سامان سرو کڻي درياءَ پار ڪري يزيد بن عرار جي مقابلي لاءِ نڪتو. يزيد کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته لاپرواهي سان معمولي لشڪر ساڻ ڪري منصوره کان نڪتو. ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا، منصور پنهنجي جان تان سوس پلي وڙهيو ۽ يزيد تي اهڙا حملا ڪيائين جو هن کي ميدان ڇڏي ڀڄڻو پيو. منصور به پويان لڳو آيو پر يزيد منصوره شهر ۾ گهڙي ويهي رهيو. هيڏانهن منصور به شهر جو سخت محاصرو ۽ رستا بند ڪيون ويٺو رهيو. نيٺ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ يزيد پناهه جو طلبگار ٿيو پر منصور جواب ڏنس ۽ چيائينس ته پهريان شهر منهنجي حوالي ڪر پوءِ ان ڳالهه کي ڏٺو ويندو. يزيد بن عرار وٽ ٻي ڪا واهه نه بچي هئي ان ڪري پاڻ کي منصور جي حوالي ڪري ڇڏيائين ۽ معافي جو طلبگار ٿيو، پر منصور کي ذري برابر به رحم نه آيو ۽ يزيد کي جيئرو ڀت ۾ ٽنبرائي ڇڏيائين. منصور پاڻ سنڌ تي قبضو ڪري منصوره ۾ حڪومت هلائن لڳو ۽ پنهنجي ڀاءُ منظور کي قندابيل ۽ ديبل جو حاڪم بڻايائين.

سنڌ تي منصور جو ئي قبضو هو ته اموي گهراڻي جو ڏيئو اجهامي ويو ۽ بني عباس جو سج اُڀرڻ لڳو.

 

اموي عهد ڪيئن رهيو:

سنڌ ۾ چاليهه سال اموي حڪومت رهي ۽ اهو دؤر خالص اسلامي ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ حڪمرانن جي سنڌ سان همدردين ۽ سڌارن ڪري هتان جي ماڻهن جي اسلام سان محبت وڌندي رهي ۽ اسلامي اصولن جي ڪري ٽولن جا ٽولا اسلام ۾  داخل ٿيندا رهيا. اسلامي اخوت، مساوات ۽ ڀائيچاري ڪري به قومي ۽ نسلي نفرت جو ٻج اڃا نه نسريو هو.

سنڌ ۾ اموي دور جا گورنر جيڪي محمد بن قاسم کان پوءِ سنڌ ۾ آيا.

 

نمبر

نالو

خليفي جو دؤر

حڪومت جو عرصو

1.

يزيد بن ابي ڪبشه سڪسڪي

سليمان 

بن عبدالملڪ

صرف 18 ڏينهن

2.

حبيب بن مهلب

_

99 هه تائين.

3.

عمرو بن مسلم باهلي

حضرت عمر بن عبدالعزيز

99 هه کان 101هه

4.

بلال بن احوز

يزيد

بن عبدالملڪ

101هه کان 105 هه

5.

جنيد بن عبدالرحمان مري

هشام

بن عبدالملڪ

105هه کان 125هه

6.

تميم بن زيد عتبي

_

_

7.

حڪم بن عوانه ڪلبي

_

_

8.

عمرو بن محمد بن قاسم

_

_

9.

يزيد بن عرار

وليد بن يزيد

 بن عبدالملڪ

125هه کان 126هه

10.

منصور بن جمهور ڪلبي

مروان الحمار

127هه کان 132هه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org