باب تيرهون
سنڌ ۾ تغلقن جي حڪومت
720هه (21 ــ 1320ع) کان 802 هه (400 ــ 1399ع)
غياث الدين تغلق
720هه (21 ــ 1320ع) کان 725هه (25 ــ 1324ع)
خلجين کان پوءِ تغلق بادشاهن 720 هه کان 802هه تائين حڪومت ڪئي.
ان خاندان جو پهريون بادشاهه ملڪ غازي هو جيڪو
سلطان غيات الدين تغلق جي لقب سان 720 هه تي دهلي
جي تخت تي ويٺو ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آڻي بغير ڪنهن ظلم
۽ رتوڇاڻ جي خزانو ڀري ڇڏيائين، جيڪو خسرو خان اڳ
۾ هندن ۾ لٽائي ڇڏيو هو.
سومرن جي بغاوت:
سومرزا جيڪي ان دؤر ۾ سنڌ جي ڪن حصن تي حڪمرزان هئا، جن جي باري
۾ اڳي هلي تفصيل سان ٻڌائينداسين، انهيءَ خاندان
جا ڪجهه ماڻهو ٺٽي تي ان وقت قبضو ڪري ويٺا جنهن
وقت سلطان غياث الدين، خسرو خان جي خاتمي لاءِ
ملتان کان دهلي وڃي رهيو هو.
ملتان ۽ سنڌ جي حڪومت:
سلطان غياث الدين، ملڪ تاج الدين کي ملتان جو، خواجا خطير کي
بکر ۽ ملڪ علي شير کي سيوستان جو حاڪم مقرر ڪيو.
723هه جي آخر ۾ سلطان غياث الدين پنهنجي پٽ سلطان محمد شاهه کي
پنهنجو جانشين مقرر ڪري اميرن وزيرن کان ان جي
بيعت ورتائين.
725هه جي شروعات ۾ برطانيا غياث الدين بنگال کان موٽي دهلي
ويجهو پهتو ۽ تغلق آباد کان پنج ڇهه ميل پري افغان
پور ڀرسان هڪ گهر ۾ رهيو، جنهن جي اوچتو ڇت ڪري
پيئي ۽ سلطان غياث الدين هن دنيا کي هميشه لاءِ
ڇڏي پنهنجي رب سان وڃي مليو.
سلطان محمد شاهه تغلق
725 هه (24 ــ 1324ع) 752 هه (52 ــ 1351ع)
725 هه ۾ سلطان غيات الدين جي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيڻ کان پوءِ
سندس پٽ محمد شاهه تغلق آباد ۾ پنهنجي سر تي
بادشاهت جو تاج رکيو.
محمد شاهه جي دؤر ۾ سنڌ جا گورنر:
ڪشلو خان: 727 هه ۾ سلطان محمد شاهه بهرام ايبه کي جنهن جو خطاب
ڪشلو خان هو، سنڌ جي گورنري ڏئي اچ ۽ ملتان به ان
جي حوالي ڪري ڇڏيو. هو سلطان ڪشلو خان جي ڏاڍي
تعظيم ڪندو هو. سلطان محمد تغلق جيتوڻيڪ هاڻي مغلن
جي حملن کان بي فڪر هو پر دڪن واري پاسي جتي
مسلمانن جي اڃا نئين نئين حڪومت قائم ٿي هئي، کان
خطري جي ڪري ديوگيري (دولت آباد) کي پنهنجو
دارالحڪومت بڻايائين ۽ پنهنجي ماءُ مخدومه جهان ۽
ٻين ماڻهن کي وٺي اچي اتي رهڻ لڳو ۽ ٻه سال کن
گذاريائين.
ڪشلو خان جي بغاوت:
ان وچ ۾ ڪشلو خان بغاوت ڪري وڌي. ان بغاوت جا سبب مؤرخ مختلف
ٻڌائن ٿا، مولانا اڪبر شاهه خان بجيب آبادي ”آئينه
حقيقت نما“ جي ڀاڱي ٻئي ۾ صفحي 82 ــ 83 تي لکي ٿو
ته جڏهن سلطان محمد شاهه دولت آباد ۾ وڃي رهيو ته
گورنر ملڪ محمد اياز سلطان جي حڪم مطابق ماڻهن کي
اوڏانهن لڏڻ لاءِ چيو. ان لڏپلاڻ جو فائدو وٺي ملڪ
بهادر گرشاسب دهلي ۾ وڙهڻ لاءِ اٿيو پر ملڪ اياز
کيس جلد گرفتار ڪري ورتو ۽ سلطان محمد شاهه ڏانهن
موڪلي ڏنو، جتي سندس سسي لاٿي ويئي. ان قتل تي سنڌ
۽ ملتان جي گورنر ڪشلو خان ڪاوڙجي ڪري بغاوت جو
جهنڊو بلند ڪيو. ڪشلو خان سلطان محمد تغلق کي اڳ ۾
ئي ناتجربيڪار ۽ الڙ ڇوڪرو سمجهي گهٽ ليکندو هو.
تاريخ فرشته ۾ وري جيڪو بيان ڪيل آهي ته سلطان محمد تغلق پنهنجي
هڪ ماڻهو علي خططي کي ڪشلو خان ڏانهن اهو چورائي
موڪليو ته هو پنهنجي ٻارن کي دولت آباد ۾ رهائڻ
لاءِ موڪلي جنهن تي ڪشلو خان قاصد کي قتل ڪري باغي
ٿي ويٺو.
ضياءُ برني تاريخ فيروز شاهي ۾ صفحي 479 تي ٻڌائي ٿو ته سلطان
محمد تغلق دولت آباد ۾ ئي هو ته کيس ملتان ۾ ڪشلو
خان جي بغاوت جي خبر پيس، اتان دهلي آيو ۽ فوج وٺي
ملتان ڏانهن نڪتو، ٻنهي فوجن جي وچ ۾ جنگ جو ميدان
گرم ٿيو پر ڪشلو خان هار کائي مارجي ويو ۽ سندس
سسي کي سلطان اڳيان پيش ڪيو ويو. ڪشلو جا کوڙ سارا
سپاهي تلوار جو کاڄ بڻيا باقي جيڪي بچيا انهن
پوئتي شهر ڏانهن منهن ڪيو، سلطان محمد شاهه انهن
ڀڄندڙ ملتانين کي مارڻ جو حڪم ڏنو ته شيخ رڪن
الدين ملتاني اگهاڙي مٿي انهن جي سفارش کڻي سلطان
وٽ آيو جنهن تي سڀني کي معاف ڪيو ويو.
قوام الملڪ:
منتخب التواريخ مطابق ڪشلو خان کان پوءِ سلطان محمد شاهه ملتان
جو گورنر قوام الملڪ مقبول کي بڻايو. قوام الملڪ
تلنگاني جي ڪنور رورديو جو نوڪر هو ۽ خواجه نظام
الدين جي هٿ تي مسلمان ٿيو هو. شيخ صاحب جي وفات
کان پوءِ سلطان محمد تغلق سندس تربيت ڪئي ۽ قوام
الملڪ جي خطاب سان نوازي ملتان جي ڪرسي تي ويهاريو
۽ بهزاد خان ساڻس گڏ سپه سالار۽ شاهو افغان کي ان
جو نائب مقرر ڪيو.
عماد الملڪ:
43 ــ 1342ع تي دهلي ۾ ڏڪار پوڻ ڪري سلطان محمد شاهه ان جي
اپائن وٺڻ ۾ مصروف هو ته خبر پهتس ته فخر الدين
بهزاد جي فوج سان خراب سلوڪ ڪري شاهو افغان کيس
قتل ڪري ملتان تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ گورنر اقوام
الملڪ کي اتان ڀڄائي ڇڏيو اٿائين. سلطان خبر پوڻ
شرط اتان ملتان ڏانهن روانو ٿيو. اڃا ديبالپور ۾
پهتو مس ته شاهو افغان لودهي جي جبلن ۾ ڀڄي وڃڻ جو
اطلاع مليس، سلطان ديبالپور مان ئي عماد الملڪ کي
ملتان جي ذمينداري ڏئي موٽي آيو.
تاريخ فيروز شاهي مطابق سلطان رستي ۾ ئي هو ته شاهو افغان جي
معافي جي درخواست پهتس، ٿورو اڳتي هلي پنهنجي ماءُ
مخدوم جهان جي وفات جو اطلاع به مليس.
طغي حرامخور جي بغاوت:
سلطان محمد تغلق جي آخري دؤر ۾ ڪيترين ئي هنڌن تي بغاوتون
اٿيون ۽ خاص طور تي دڪن ۽ گجرات ته انهن جا ڳڙهه
هئا. سلطان هاڻي قوام الملڪ کي جيڪو ملتان کان
پوءِ بدايون جو گورنر بڻيو هو. گجرات جي گورنريءَ
جي ڪرسي تي ويهاريو ۽ کيس خانجهان جو خطاب ڏنو.
دڪن (دولت آباد) مان وري سازشي گورنر قتلغ خان ۽
ان جي هيٺان مقرر سردارن کي پنهنجي عهدي تان لاهي
دهلي گهرايو ۽ دڪن جي ڪرسي مجد الملڪ ٿانيسري کي
ڏئي ۽ دڪن جي ماتحت صوبن تي زين الدين المخاطب
(مخلص الملڪ) ۽ يوسف بغرا اخور کي مرهٽ ۽ عزيز
الملڪ کي دهار جي حڪومت تي ويهاريو. پر قتلغ خان ۽
ان جي عاملن پنهنجن عهدن تان لهڻ ڪري سلطان خلاف
سازشون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ سلطان تي نو مسلم
عزيز الملڪ (ڪلال) ۽ اقوام الملڪ کي گورنري ڏيڻ تي
ڇوڪري بازي جو الزام هنيو. ايتري تائين جو ان دؤر
جو تاريخدان ضياءُ برني به انهيءَ پروپئگنڊا کان
متاثر نظر اچي ٿو. هو تاريخ فيروز شاهي ۾ ٻنهي جو
ذڪر ڏاڍن برن لفظن ۾ ڪري ٿو. اقوام الملڪ جي باري
۾ لکي ٿو ته:
”مطرب بچہ بد اصل راچنان برکشيد کہ درجہء اواز درجات بسياران از
ملوڪ بگزشت، و گجرات و ملتان و بداون بدوداد“
عزيز الملڪ جي باري ۾ لکي ٿو:
”کہ در آخر سال کہ قتلغ خان را از ديوگير در دهلي اور دند،
سلطان محمد عزيز خمار (کلال) اصل راولايت دهار داد
و تمام مال او بد تفويض کرد“
عزيز ملڪ دهار جي حڪومت سنڀاليندي وڏي غلطي اها ڪئي جو اميران
صده (جيڪي اڄ ڪلهه جي مختيارڪار برابر هوندا هئا)
کي بهاني سان گهرائي قتل ڪرائي ڇڏيو. گجرات جي
اميران سده اهو حال ٻڌو ته دهلي ويندڙ شاهي خزاني
جي قافلي کي لٽي ورتائون. هوڏانهن قتلغ خان به
دهلي ۾ پنهنجون سازشون جاري رکيون.
16 رمضان 778 هه (1347ع) تي سلطان محمد شاهه تغلق کي جڏهن گجرات
جي بغاوت جي خبر پئي ته لشڪر وٺي اوڏانهن روانو
ٿيو، اتي اڃا مس ٺاپر آندائين ته دولت آباد (دکن)
۾ باغين طرفان گورنر مجدد الملڪ کي قتل ڪرڻ جو
نياپو مليس، سلطان بهروچ مان دولت آباد پهتو. اڃا
اتان جو انتظام سڌارڻ ۾ مصروف هيو ته طغي نالي
غلام دهلي مان لوفرن۽ بدمعاشن جو ٽولو وٺي اچي
گجرات جي باغين سان ڳٽ جوڙ ٿي گجرات جي صوبيدار
معز الدين کي گرفتار ڪري ۽ سندس مددگار ملڪ مظفر
کي قتل ڪري گجرات جي حڪومت تي قبضو ڪري ورتو. ان
کان پوءِ فوج وٺي اچي بهروچ ۾ تنبو هنيائين. سلطان
سندس مقابلي لاءِ نڪتو ۽ اساول ۾ پهتو ته طغي جو
ڳوٺ ڪڙهه ۾ اچڻ جو اطلاع مليس. سلطان تيز مينهن ۾
ٽي يا چار ڏينهن سفر ڪري اچي اتي نڪتو ۽ ٻنهي
لشڪرن وچ ۾ زوردار جنگ لڳي پر طغي اتان نهروالا
ڀڄي ويو. سلطان به سندس پويان ڪڍ لڳو آيو، جنهن جي
ڪري هو پنهنجي دوست گرنار (ڪرنال) جي راجا راءِ
مهروپ وٽ وڃي پناهه ورتائين پر سلطان به نه مڙيو ۽
اوڏانهن چڙهيو ويو.
طغي جو ٺٽي ڏانهن ڀڄڻ:
گرنار جي راجا جڏهن سلطان محمد شاهه تغلق جي لشڪر جي حشمت ۽
حوصلي جي باري ۾ ٻڌو ته ڳجهي طرح طغي کي گرفتار
ڪري ان جي حوالي ڪرڻ چاهيائين پر طغي کي اهو راز
معلوم ٿي ويو ۽ اتان ڀڄي ڪري اچي ڄام ٺٽي وٽ پناهه
ورتائين. مينهوڳي گذرڻ کان پوءِ سلطان ڪرنال تي
قبضو ڪري ورتو ۽ ان جا ڪنارا ۽ ٻيٽ پنهنجي هٿ هيٺ
ڪيائين.
ڪرنال جي ڪاميابيءَ کان پوءِ 51 ــ 1350ع ۾ سلطان ڪوندل پهتو،
جيڪو ٺٽي جي رستي ۾ هو ۽ اتي سخت بيمار ٿي پيو،
جنهن جي ڪري دهليءَ مان خداوند زاده، مخدوم زاده
۽ ٻين سردارن ۽ فوج کي گهرايائين. اهي سڀ ڪوندل
پهتا ۽ ملتان، ديبالپور، اچ ۽ سيوستان کان ٻيڙيون
گهرائي ٺٽي تي حملي ڪرڻ جون پوريون تياريون ڪيون
ويون. هيڏانهن مغلن جا پنج هزار سپاهي التون سردار
جي اڳواڻيءَ ۾ مدد لاءِ پهتا جن لاءِ سلطان، محمد
شاهه، بيان قلي خان جي وزيراعظم امير قرغن کي خط
لکيو هو، سلطان چاڪ ٿي ڪري انهيءَ فوج تي تمام
گهڻيون مهربانيون ۽ نوازشون ڪيون.
تاريخ معصومي ۾ آهي ته سلطان ناڪنيءَ جو ارادو ڪري ٺٽي جي پاسي
روانو ٿيو ۽ ٿري ۾ ’پاڻي جي ڪناري تي لهي لشڪر جي
گڏ ٿيڻ خاطر ترسي پيو. اتي بادشاهه کي بخار اچي
ورايو ۽ سفر جي ڳڻتي دل ۾ اچي لڳس، سلطان ٿري مان
منزل کڻي اچي ڪندل پهتو ۽ اتي مرض کان به ڇوٽڪارو
مليس. انهيءَ منزل تي سلطان سان پنهنجو حرم به
درياءُ جي رستي اچي ساڻ ٿيو ۽ سلطان ڏاڍو خوش ٿي
ٺٽي ڏانهن وڌيو. جنهن ڏينهن هو ٺٽي کان چوڏهن ڪوهن
تي پهتو ان ڏينهن عاشورو هو ۽ سلطان اتي ترسي روزو
رکيو، ٻئي ڏينهن گرمي ڪري ساڳيو مرض وري اٿلي پيو
۽ طبيب گهڻا ئي وس ڪيا پر 21 محرم 752 هه (1351ع)
تي سلطان محمد شاهه تغلق دنيا ڇڏي وڃي قبر ڀيڙو
ٿيو.
ڪن تاريخن مطابق سلطان افطاري وقت مڇي کاڌي جنهن جي ڪري بخار
ٿيس. هوڏانهن سلطاني فوج ٺٽي کان چوڏهن ڪوهن تي
حملي لاءِ سلطان جي حڪم جي منتظر هئي ته هوڏانهن
موت جو فرشتو سلطان لاءِ دنيا ڇڏڻ جو حڪم کڻي آيو.
سلطان فيروز محمد شاهه
752 هه (1351ع) کان 790 هه (1388ع)
سلطان محمد تغلق جي اوچتي موت سڀني کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو. هر طرف
بي چيني پکڙجي ويئي ۽ لشڪر ۾ هل هنگامو ٿيڻ لڳو.
سلطان جي موت جي ٽين ڏينهن جڏهن لشڪر سيوستان
ڏانهن هلڻ لڳو ته پنج هزار مغلن لٽ مار شروع ڪري
ڏني. هيڏانهن پويان وري ٺٽي وارن سلطان جي وفات جي
خبر ٻڌي مٿان اچي ڇاپو هنيو. هاڻي لشڪر اڳي وڌي
پيو ته مغل لٽن پيا ۽ پوئتي هٽي پيو ته ٺٽي وارن
جون تلوارون هيون. اهڙيءَ حالت ۾ سڀني کي پنهنجي
ساهه جو سانگو ورتو. عالمن، مشائخن ۽ سردارن ۾
صلاح مشورا ٿيڻ لڳا ته هاڻي ڪنهن امير ۽ اڳواڻ
کانسواءِ اسان جو مغل ۽ ٺٽي وارا جيئڻ جنجال ڪري
ڇڏيندا، تنهنڪري سڀني اتفاق سان ۽ خاص طور تي
مخدوم زاده عباسي، شيخ الشيوخ مصري ۽ خواجه
نصيرالدين چراغ دهلوي جهڙن عالمن جي صلاح سان
سلطان محمد تغلق جي سؤٽ سلطان فيروز محمد شاهه کي
بادشاهت جو تاج پارايو ويو. فيروز شاهه پهريان ته
انڪار ڪيو پر پوءِ لشڪر ۾ سڀ کان بزرگ تاتار خان
جڏهن ٻانهن کان وٺي فيروز شاهه کي تخت تي ويهارڻ
چاهيو ته هو چوڻ لڳو: ڀلا جيڪڏهن توهان اها بلا
منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ ئي چاهيو ٿا ته بيهو مان ٻه
رڪعتون نماز پڙهي وٺان. سلطان وضو ڪري نماز پڙهي
۽ الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ دعا گهري، يا الله! هي
حڪمرزاني وڏو بار آهي ۽ انهيءَ بار کڻڻ جي تو کان
توفيق ۽ قوت گهران ٿو ۽ تنهنجي پناهه جو طلبگار
آهيان. انهيءَ دعا کان پوءِ 24 محرم 752 هه
(1351ع) تي سنڌو درياءُ جي ڪناري سلطان فيروز شاه
بادشاهت جو ڇٽ پنهنجي سر تي رکي لشڪر وٺي دهلي
ڏانهن وڌيو.
سيوستان رستي روانگي:
سلطان سيوستان رستي دهلي ڏانهن وڌيو ته پويان طغي خان سومرن،
جاڙيجن ۽ سمن کي ساڻ ڪري ڪڍ لڳو. فيروز شاهه کي
جڏهن خبر پئي ته امير علي غور کي ٻه هزار سپاهي
ڏئي مقابلي لاءِ موڪليائين. امير علي راتو رات
درياءُ لنگهي طغي سامهون ٿيو ۽ طغي ۽ سومرن کي
ٽوٽا چٻايائين. طغي گجرات طرف ڀڄڻ لڳو پر عماد
الملڪ جي هٿ چڙهي مارجي ويو. عماد الملڪ فيروز
شاهه کي اها خوشخبري ٻڌائي سندس لشڪر ۾ شامل ٿي
ويو. اڳيان مغلن اچي رستو روڪيو پر هار کائي ڀاڄ
کاڌائون. سلطان فيروز شاهه روزانو پنجن ڪوهن کان
وڌيڪ سفر نه ڪندو هو.
ساڱره ۾ قلعو اڏڻ:
واٽ تي سلطان فيروز ساڱره ڍنڍ وٽ هڪ قلعو اڏائي اتي هڪ هزار
سپاهي پنهنجي هڪ عملدار نصير جي نگرانيءَ ۾ مقرر
ڪيا ۽ انهيءَ علائقي جو بندوبست فوجدار بهرام جي
حوالي ڪيو. سيوستان پهچڻ تي فيروز شاهه جو خطبو
پڙهيو ويو. اتي سلطان عالمن، اديبن ۽ ڏاهن سان
مليو ۽ کين سٺين سروپائن سان نوازيو. سيوستان ۾
حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي حاضري ڏنائين ۽
متولين جا وظيفا مقرر ڪيائين.
سيوستان جي حڪومت:
ملڪ علي شير ۽ ملڪ تاج ڪافوري کي سيوستان جي حڪومت ڏني ويئي.
بکر ۾ اچڻ:
سيوستان کان پوءِ سلطان فيورز شاهه بکر پهتو ۽ اتي ويهه ڏينهن
رهي ملڪ رڪن الدين کي ”اخلاص خاني“ جو خطاب ڏيئي
ڪري پنهنجو نائب ۽ ملڪ عبدالعزيز بريد کي بکر جو
ديوان مقرر ڪري قلعي جي حفاظت تي رکيائين. ملڪ
رڪن الدين کي سڄي سنڌ جي زمينواري سونپي رجب 752
هه ۾ دهلي پهتو.
ٺٽي تي ٻيهر چڙهائي:
65 ـ 1364ع ۾ سلطان ٺٽي تي ٻيهر چڙهائيءَ جو ارادو ڪيو پر وزير
خان جهان ۽ ٻين اميرن کيس روڪيندي عرض ڪيو ته ڄام
ٺٽي جيتوڻيڪ طغي حرامي کي پناهه ته ڏني هئي پر
هاڻي طغي رهيو ناهي ته پوءِ حملي جو ڪهڙو فاعدو ۽
ڄام ته حضور جو هاڻي فرمانبردار به آهي. پر سلطان
هميشه چوندو هو ته محمد شاهه تغلق منهنجو وڏو هو ۽
مونتي سندس مهربانيون آهن، مرڻ کان اڳ هن ڄام ٺٽي
کي سيکت ڏيڻ چاهي هئي، تنهن ڪري مان ان کي ڪيئن
معاف ڪندس، تاريخ فيروز شاهي ۾ آهي ته سلطان جي
اڳيان جڏهن به ٺٽي جو ذڪر ايندو هو ته ڳاڙهو ٿي
ويندو هو ۽ پنهنجي ڏاڙهي مبارڪ تي هٿ ڦيري چوندو
هو ته افسوس جو سلطان محمد شاهه ٺٽي تي ڪاهه جي به
آرزو پنهنجي دل ۾ سانڍي دنيا کان هليو ويو، پر مان
سندس اها آرزو ضرور پوري ڪندس.
ائين هڪ ڏينهن خان جهان وزيراعظم کي دهلي ۾ پنهنجو قائم مقام
ڪري پاڻ نوي هزار سپاهي ۽ چار سؤ هاٿي وٺي ٺٽي تي
ڪاهه ڪرڻ لاءِ نڪتو. رستي ۾ اجودهن (پاڪ تن) ۽
بابا فريد شڪر گنج جون زيارتون ڪندو اچي ٺٽي
پهتو. ٺٽي وارا ان وقت ڏاڍا دلير ۽ جنگجو سمجهيا
ويندا هئا، هڪ پاسي ڄام خيرالدين ۽ ٻئي پاسي ڄام
ٻانڀڻيو حڪمرزان هو. سلطان فيروز شاهه جي اچڻ جي
خبر ٻڌي ڄام بابينا درياءُ جي ڪپ تي لشڪر وٺي
مورچا ٺاهي ويهي رهيو. جيئن فيروزي لشڪر پهتو
زوردار جنگ شروع ٿي ويئي، جيئن ڏينهن وڌندا ويا
تيئن فيروز شاهه جي لشڪر ۾ بک ۽ ڏڪار ڦهلجڻ لڳو،
کاڌ خوراڪ کٽي ويئي ۽ ڪيترائي گهوڙا بيماريءَ جي
ور چڙهي مري ويا. ڄام اهڙي حالت جو فائدو وٺندي
پير پختا ڪري وڙهندو رهيو پر سلطان فيروز شاهه جي
همت هاڻي جواب ڏئي چڪي هئي، تنهن ڪري فوجي سردارن
۽ صلاحڪارن کي گهرائي گجرات ڏانهن هلڻ ۽ ايندڙ سال
ٺٽي تي ٻيهر ڪاهڻ جو ارادو ڏيکاريندي بندي چيائين
ته گجرات ۾ اسان جي فوج کي ان به سٺو ملندو ۽ ڪجهه
عرصو آرام به ڪري وٺندي، ايتري ۾ ٺٽي وارا ان ۽
گاهه پوکيندا جيڪو ربيع تائين اسري ايندو ۽ جڏهن
اسان ٻيهر حملو ڪنداسين ته ان کي پنهنجي قبضي ۾
ڪري وٺنداسين. ان کان پوءِ خان اعظم ظفر خان کي
بنگالي فوج ڏئي ٺٽي جي اوسي پاسي ۾ ڇڏي پاڻ اتان
نڪري پيو. ٺٽي وارن کي جڏهن سلطان فيروز شاهه جي
وڃڻ جي خبر پئي ته اچي انهيءَ لشڪر تي حملو ڪيائون
پر ظفر خان وڏي بهادريءَ سان وڙهي ڪري کين پوئتي
ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪجهه جيڪي هٿ آيس انهن جا ڪنڌ
ڪپي سلطان فيروز جي خدمت ۾ موڪليائين.
فيروز شاهه جڏهن گجرات وڃي رهيو هو ته رستي ۾ گاهه ۽ اناج جي
گهٽتائي ڪري سندس جانورن ۾ وبائي بيماري ڦهلجي
ويئي، بک ۽ اڃ ڪري سڀ سپاهي هلڻ کان لاچار ٿي پيا
۽ مردار گوشت ۽ ڪچو چمڙو کائڻ لڳا. گهوڙن جي مري
وڃڻ ڪري وڏا وڏا فوجي سردار پنڌ ڪرڻ تي مجبور
ٿيا.
اهڙي مصيبت ۾ انهن سنڌين جن کي سلطان فيروز شاهه رستي جي
رهبريءَ لاءِ کنيو هو، فوج کي رستو ڀلئي ڪونجي رڻ
(ڪڇ رڻ) جي جهنگ ۾ اچي بيهاريو، جتان جو پاڻي
ايترو کارو هو جو زبان تي رکڻ سان ڇالڪا نڪري پوڻ
لڳا. سلطان فيروز شاهه ڪاوڙ ۾ اچي انهن مان هڪ
سنڌي جو اتي ئي تلوار سان انت آندائين، ٻين چيو ته
هي ڪونجي رڻ (ڪڇ رڻ) آهي ۽ درياءَ جو پاڻي هتي
کارو آهي، ان ڪري توهان جي لشڪر جو بچڻ هاڻي مشڪل
آهي. اهو ٻڌي سڄي لشڪر ۾ سڪتو طاري ٿي ويو ۽ هر ڪو
پنهنجي جان تان آسرو لاهي ويٺو. سلطان فيروز شاهه
حڪم ڏنو ته لشڪر ۾ موجود مٺي پاڻيءَ کي احتياط سان
استعمال ڪيو وڃي، جيستائين ٻيو هٿ اچي. هي لشڪر بک
۽ اڃ سان رڻ ۾ رلندو رهيو ۽ سڀ سپاهي ۽ سلطان پاڻ
به ڏاڍو بيزار ٿي چڪو هو. هوڏانهن دهلي کان ويندي
سلطان کي ڇهه مهينا گذري چُڪا هئا ۽ اتي سلطان ۽
سندس لشڪر جي باري ۾ طرح طرح جون افواهون هلي
رهيون هيون ڇهه مهينا جهنگ ۾ ڦرڻ کان پوءِ آخر
سلطان جي لشڪر رستو لڀي ورتو ۽ گجرات اچي نڪتا.
ٺٽي تي ٻيهر حملي جون تياريون:
گجرات پهچي سلطان فيروز شاهه گجرات جي گورنر نظام الملڪ کان سخت
پڇاڻو ڪيو ته تون ٺٽي جي گهيراءُ وقت ان ۽ گاهه ڇو
نه اماڻيو نه ته اها مصيبت اسان کي ڏسڻي ئي نه پوي
ها. سلطان فيروز شاهه نظام الملڪ کي گجرات جي
گورنريءَ تان لاهي ڪري ٺٽي تي ٻيهر حملي لاءِ
ڀرپور تياريون شروع ڪري ڏنيون ۽ گجرات جي ڍل مان
حاصل ٿيندڙ ٻه ڪروڙ ان تي خرچ ڪيائين، اتان دهلي
مان وزير خان جهان کي وڌيڪ فوج اماڻن لاءِ
لکيائين.
ان دؤر ۾ دڪن تي قابض بهرام خان جي پٽ ۽ حسن ڪانگو جي پٽ وچ ۾
چپقلش ٿي پيئي ۽ بهرام خان سلطان فيروز شاهه کي
دڪن اچڻ جي دعوت ڏني پر سلطان چيس ته جيستائين مان
ٺٽي کي برباد نه ڪندس، ايستائين ڪاڏي به نه چرندس.
گجرات تي سلطان، ظفر خان کي مقرر ڪري جڏهن اڳتي وڌڻ جو ارادو
ڪيو ته ڪيترائي سپاهي پوين مصيبتن کي ياد ڪري
پنهنجي گهرن ڏانهن ڀڄڻ لڳا. سلطان سردارن سان صلاح
ڪئي، جن چوڌاري چوڪي (پهرو) ڏيڻ جو مشورو ڏنو جيڪو
سلطان کي نه وڻيو ۽ چوڻ لڳو اهو ته قيدين وارو
ورتاءُ آهي، جيڪڏهن اسان جي قسمت ۾ ٺٽي جي سوڀ
لکيل نه هوندي ته پوءِ ڇا ڪري سگهبو. سلطان مضبوط
ارادن وارو ماڻهو هو، ڪاهه ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته
رستي ۾ شيخ بهاءُ الدين جي ڏوهٽي جيڪو ان وقت شيخ
الاسلام هو، چيس ته اوهان جڏهن پهرين ڪاهه ٺٽي تي
ڪئي هئي ته توهان وچ ۾ بابا فريد شڪر گنج تي حاضري
ڀرڻ کان پوءِ سڌو ٺٽي تي چڙهي آيا هئا، جڏهن ته
انهن جي ڀرسان ئي حضرت بهاءُ الدين جو روضو مبارڪ
هو ۽ انهن جي نفسن ۽ دلين جو حال به ته هڪجهڙو ئي
هو، تنهن ڪري هاڻي ٺٽو فتح ڪبو ته انهن جي درگاهه
تي دعا گهري پوءِ دهلي وڃبو. سلطان چيو انشاءَ
الله هاڻي ضرور ائين ڪندس.
سلطان سفر ڪندو ٺٽي ويجهو پهتو. ٺٽي جي ماڻهن ان وچ ۾ هر ڳوٺ ۽
وستي واهڻ ۾ پوک ڪري ورتي هئي.
سنڌ ۾ اردو جو پهريون فقرو:
سنڌي، سلطان فيروز شاهه جي ناڪام گجرات وڃڻ واري قصي کي مشهور
بزرگ پير پٺو جي ڪرامت سمجهي چون ٿا:
برڪت شيخ پٺا ــ اڪ موا اڪ نٺا.
ان ۾ مئو سلطان محمد تغلق جيڪو ٺٽي ۾ گذاري ويو هو ۽ نٺو سلطان
فيروز شاهه کي چيو ويو آهي، جيڪو هتان نامرزاد
هليو ويو هو. نثر ۾ اهو اردو جو پهريون جملو آهي،
جيڪو سنڌ ۾ ڳالهايو ويو.
جنهن وقت ٺٽي ۾ پوک پچي راس ٿي چُڪي هئي ۽ شهر وارن کي سلطان
فيروز شاهه جي اچڻ جي خبر پئي ته سڀ پليون ۽
پيچرا ڊاهي وڃي قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيا. سلطان
ٺٽي ڀرسان اچي خيما کوڙيا ۽ ماڻهن کي لابارا ڪري
اَن ۽ گاهه ڏيڻ جو حڪم ڏنائين، عماد الملڪ کي دهلي
وزيراعظم ڏانهن موڪليائين. دهلي پهچي هن بدايون،
قنوج، سنديلا، اوڌ، جونپور، بهار، تربت، مهربا،
چنديري، ڏهار، دهلي، سامانه، ديبالپور ۽ لاهور جون
فوجون وٺي ٺٽي ڏانهن سڌ ڪئي.
هن ڀيري سنڌي جوڌا بهادري جي باوجود به مشڪل ۾ ڦاٿل هئا. زمينن
تي سلطاني فوج جو قبضو هو ۽ ان جي سنڌين کي ڏاڍي
اڻاٺ محسوس ٿي. هوڏانهن سلطان کي ٻاهران مدد ملندي
رهي، ڄام بابينا جڏهن اهو حشر ڏٺو ته اُچ ڏانهن
ماڻهو موڪلي حضرت مخدوم جهانيان ۽ سيد جلال الدين
بخاري جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته هو هتي اچي ٺاهه ڪرائن
نه ته وڏي خونريزي ٿيندي. سيد جلال الدين بخاري
سنڌين جي گذارش تي اچ کان ٺٽي سلطان فيروز وٽ آيا.
سلطان اڳتي وڌي سندن آڌرڀاءُ ڪيو ۽ عزت ۽ احترام
سان ويهاريو. شيخ صاحب فرمايو ٺٽي ۾ هڪ نيڪ عورت
رهندي هئي، جنهن جي ڪري ٺٽو اڄ تائين فتح ناهي ٿي
سگهيو. مان تنهنجي سوڀ لاءِ جڏهن دعا لاءِ مٿي هٿ
کڻندو هوس ته ان جي قبوليت ۾ اها عورت اڳيان اچي
ويندي هئي. ٽي ڏينهن اڳ هوءَ گذاري وئي آهي ۽ تون
هاڻي ضرور سوڀارو ٿيندين. هيڏانهن ڄام ٻانڀڻيو شيخ
صاحب ڏانهن سلطان کان پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ
نياپن مٿان نياپا موڪليندو رهيو.
ڄام خيرالدين ۽ ڄام ٻانڀڻيو فيروز شاهه جي خدمت ۾:
شيخ صاحب جن سلطان فيروز شاهه کي سنڌين جي سفارش ڪئي ۽ سلطان
کين معاف ڪرڻ جو واعدو فرمايو. ڄام ٻانڀڻيو کي
جڏهن معلوم ٿيو ته چيائين پهريون سلطان وٽ مان
وڃان ٿو ۽ پنهنجي جرم جو اقرار ڪري معافي جو
طلبگار ٿيان ٿو پوءِ جيڪو منهنجو انجام ٿئي ان کي
ڏسي تون به پويان اچجانءِ. ڄام بابينو جڏهن اتي
پهتو ته سلطان ان وقت شڪار کي پڪڙڻ جي تاڙ ۾ ويٺو
هو. کيس اطلاع ڏنو ويو.جڏهن هو پنهنجي شاهي تنبو ۾
آيو ته ڄام ٻانڀڻئي پنهنجي پڳ کي قيدين وانگر
ڳچيءَ ۾ وڌيون ۽ تلوار کي پاسيرو لڙڪايون بيٺو هو.
جيئن سلطان اندر داخل ٿيو ته هو پيرن ۾ ڪري پيو ۽
سندس رڪاب کي چمڻ لڳو. سلطان کيس هٿ کان وٺي مٿي
ڪيس ۽ آٿت ڏنائينس ۽ پوءِ هڪڙو عمدو تازي گهوڙو
عطا ڪيائينس.
ساڳي ڏينهن ڄام خيرالدين به اهڙي ئي حالت ۾ سلطان جي خدمت ۾
حاضر ٿي هي شعر پڙهي معافي گهريائين.
شاهه! بخشندنده توئي، بنده شرمنده منم.
سلطان ٻنهي کي معاف ڪري انعام ۽ اڪرام سان نوازيو ۽ ٻين سردارن
وانگر پنهنجي ڀرسان ويهاريو. سلطان ٻنهي کي دهلي
هلڻ لاءِ چيو ۽ ٺٽي جي حڪومت تي ڄام خيرالدين جي
پٽ جوناهه کي ۽ ڄام ٻانڀڻيو جي جڳهه تي سندس ڀاءُ
تماچي کي ويهاري، سالاني ڍل مقرر ڪري ٻنهي کي ساڻ
ڪري دهلي هليو ويو.
دهلي ڏانهن موٽڻ:
رستي ۾ ملتان آيو، اتي بزرگن جون زيارتون ڪري ملتان جي ماڻهن کي
نوازي ۽ ملڪ مردان دولت کي اتان جو حاڪم بڻائي
پورن ٻن سالن کان پوءِ سلطان فيروز اچي دهلي پهتو.
دهلي ۾ ڄامن تي سلطان جون نوازشون:
69 ــ 1368ع سلطان فيروز شاهه دهلي پهچي ڄام خيرالدين ۽ ڄام
ٻانڀڻيو جو شاهي خزاني مان ٻه ٻه لک سالانو وظيفو
مقرر ڪيو ۽ دارالسلطنت ويجهو رهڻ لاءِ شاهي جڳهه
عطا ڪئي جيڪا ”سراءِ ٺٽو“ جي نالي سان مشهور هئي.
سندن درٻار ۾ويهڻ لاءِ سلطان جي ساڄي پاسي کان
ڪرسي رکيل هوندي هئي ۽ هر روز قيمتي لباس ۽ سوکڙين
پاکڙين سان نوازيا ويندا هئا، جنهن جي ڪري هو جلدي
ٺٽي کي وساري ويٺا.
ڄام تماچي جي بغاوت:
ڪجهه سالن کان پوءِ ڄام ٻانڀڻيو جي ڀاءُ تماچي بغاوت ڪئي، جنهن
کي ختم ڪرڻ لاءِ سلطان ڄام ٻانڀڻيو کي پاڻ موڪليو.
بابينا ٺٽي پهچي تماچي کي دهلي موڪليو ۽ پاڻ پٽ
سان گڏجي ڪري ٺٽي تي حڪومت ڪندو رهيو ۽ سلطان
فيروز جا ڳڻ ڳائيندو رهيو. پر ڪن جو چوڻ آهي ته هو
هيڏانهن اچي رهيو هو ته رستي ۾ ئي دم ڏنائين.
تاريخ فيروز شاهي ۾ هن جو نالو دهلي سلطنت جي سردارن ۾ شامل هو.
ملتان جي گورنري:
74 ــ 1373ع ملتان جو گورنر ملڪ مردان دولت (نصير خان) گذاري
ويو ته سلطان فيروز سندس پٽ ملڪ شيخ کي ڪرسيءَ تي
ويهاريو پر ان سان به زندگي وفا نه ڪئي ۽ ملتان
جون واڳون ملڪ سليمان جي هٿ ۾ آيون، انهيءَ ملڪ
سليمان جو پٽ خضر خان پوءِ دهلي جي تخت تي ويٺو
هو.
سلطان فيروز جي وفات ۽ ان کان پوءِ:
18 رمضان 790هه، 23 آڪٽوبر 1388ع تي سلطان فيروز لاڏاڻو ڪري ويو
۽ ان جي جاءِ تي سندس پوٽو دهلي جي تخت تي ويٺو
جنهن کي سلطان پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي وارث بڻائي ويو
هو.
سلطان فيروز تغلق کان پوءِ
غياث الدين تغلق شاهه:
سلطان غياث الدين کي تاج سر تي رکندي اڃا پنج مهينا ئي مس گذريا
هئا ته 791 هه ۾ هندو ٻارن هٿان مارجي ويو، جيڪي
فيروز شاهه جا غلام چورائيندا هئا.
ابوبڪر شاهه تغلق:
غياث الدين جي قتل ٿيڻ کان پوءِ اميرن ۽ وزيرن ابوبڪر بن ظفر
خان بن سلطان فيروز جي سر تي بادشاهي ڇٽ رکيو پر
هي به ساڳين غلامن جي شرارتن ڪري ميرٺ قلعي ۾ قيد
ڪيو ويو. سندس حڪومت صرف ڏيڍ سال رهي.
ناصر الدين محمد شاهه تغلق:
16 رمضان 792 هه (90 ــ 1389ع) تي ناصر الدين محمد شاهه تغلق
دهلي جو تخت سنڀاليو ۽ ڇهه سال ست مهينا حڪومت
هلائي 17 ربيع الاول 796هه تي الله کي پيارو ٿي
ويو.
سلطان علاؤ الدين شاهه تغلق:
19 ربيع الاول 796 هه تي سلطان ناصر الدين محمد شاهه جو وچون
پٽ جنهنجو خطاب همايون هو، سلطاني ڪرسي تي ويٺو پر
بيمار ٿي پيو ۽ ڏيڍ مهيني کان پوءِ وفات ڪيائين.
ناصر الدين محمود شاهه:
علاءُ الدين جي موت کان پوءِ سردارن ۽ اميرن سلطان ناصر الدين
محمد جي ٻي پٽ سلطان ناصر الدين محمود کي 20 جمادي
الاول 796هه تي سلطان ناصر الدين محمد جي خطاب سان
تخت تي ويهاريو. هي اهو وقت هو جڏهن تغلق خاندان
جي ذاتي جهيڙن ڪري سلطنت ڪمزور ٿي چُڪي هئي. ۽
گجرات خانديس، مالوه، ملتان ۽ جونپور جا صوبيدار
خودمختياريءَ سان حڪومت ڪري رهيا هئا، صرف پنجاب
۽ ديبالپور نالي ماتر سلطان جو پلاند پڪڙيون ويٺا
هئا. پنجاب ۾ به شيخا کوکر بغاوت جو جهنڊو کنيو
بيٺو هو. هيڏانهن ڪي امير وزير سلطان فتح خان بن
فيروز خان جي پٽ نصرت خان کي تخت تي ويهارڻ چاهين
پيا. سلطان ناصر الدين محمود جڏهن گواليار جي
بغاوت ختم ڪرڻ ۾ مصروف هو ته فيروز آباد ۾ نصرت
خان کي نصرت شاهه جو خطاب ڏئي سلطاني تاج پارايو
ويو ۽ شهر ۾ ان جو خطبو پڙهايو ويو. سلطان ناصر
الدين محمود کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پيئي ته دهلي
موٽي آيو ۽ اهڙي طرح ٻنهي ۾ جهڙپن جو سلسلو شروع
ٿيو.
تيمور جو حملو
ملتان تي قبضو:
انهن ٻنهي بادشاهن ۾ جنگ جاري هئي ته 98 ــ 1397ع ۾ تيمور
پنهنجي پوٽي مرزا پير محمد کي ٽيهه هزار سوارن سان
ملتان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ موڪليو. مرزا پير محمد
پنجاب وٽان درياءَ ٽپي اچ جو گهيرو ڪيو ۽ ملڪ علي
جيڪو ملتان جي حاڪم سارنگ خان طرفان اچ تي مقرر
هو، قلعي اندران مقابلو ڪندو رهيو. هوڏانهن سارنگ
خان به چار هزار همرزاهه تاج الدين جي اڳواڻيءَ ۾
مدد لاءِ موڪليا. جڏهن اهي اچ پهتا ته مرزا پير
محمد قلعي جو گهيرو ڇڏي پهرين انهن سان جنگ ڪئي ۽
شڪست ڏئي ڪري اچي ملتان جو گهيرو ڪيائين. ڇهن
مهينن تائين سارنگ خان، پير محمد جي حملن جو جواب
ڏيندو رهيو پر پوءِ ملتان سندس حوالي ڪري معافي جو
طلبگار ٿيو. ”آئينده حقيقت نما“ ۾ آهي ته سارنگ
خان لوڌي وڏي همت سان وڙهندو رهيو ۽ جنگ جي ميدان
۾ مارجي ويو. ڇاڪاڻ ته سندس لاش نه مليو هو ان ڪري
مارجڻ ۾ شڪ ڏيکاريو وڃي ٿو.
ملتان فتح ڪرڻ کان پوءِ مرزا پير محمد ڪجهه ڏينهن اتي ترسيو ۽
سفر 801هه ۾ تيمور به طانبا فتح ڪري اچي ملتان
نڪتو. پير محمد سڀني گرفتار سپاهين کي تلوار جي
منهن ۾ ڏنو.
تغلق دؤر ۾ سنڌ جي حالت:
تيمور جي قبضي کان پوءِ سنڌ حڪومت جو دهلي جي سلطنت کان پاند
آجو ٿيو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ هتي سنڌين جي پنهنجي
خودمختيار حڪومت جون پاڙون پختيون ٿيون، جنهن جو
ذڪر اڳتي ورقن ۾ ايندو.
تغلق بادشاهن جي دؤر ۾ سنڌ ملتان جي گورنرن ماتحت رهي. بکر ۽
سيوهڻ جا والي ملتان جي گورنر جي حڪم سان مقرر
ٿيندا رهيا. تغلق سلطان ڏاڍا متقي، خدا پرست ۽ علم
ادب جا پارکو هئا. سندن درٻار سان ڪيترائي عالم،
فاضل، ڪاريگر ۽ هنرمند لاڳاپيل هئا، جن کي جهجا
وظيفا ملندا هئا. سنڌ ۾ انهن جي ڏينهن ۾ وڏي علمي
ترقي ٿي ۽ سنڌ جي مدرسن ۾ خراسان تائين جا طالب ۽
شاگرد علم پرائڻ ايندا هئا. هتان جا ٻه عالم دهلي
جي درٻار ۾ ملازم هئا. |