سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :30

 

اورنگزيب جو عهد

1069هه کان 1118هه

 

13. قباد خان:

تحفة الڪرام ۾ آهي ته ظفر خان کانپوءِ 1069هه (1658ع) ۾ قباد خان ٺٽي جو نائب گورنر ٿي آيو. هو شروع ۾ طنبيلن جو نگران هو. نذر محمد جي آخري دؤر ۾ غوري قلعو سندس حُالي ڪيو ويو. شاهجهان جي 19 سال شهزادو مراد بخش بدخشان ۽ بلخ کي فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو ته قلعي ڪهمرد ۽ غور تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ قليچ خان ۽ خليل الله کي موڪليائين، جن سان صرف ٽن سؤ سوارن سان قباد خان جنگ جوٽي، پر مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ اچي امان گهريائين، قليچ خان کيس چئن پٽن سوڌي ڪابل شاهي درٻار ۾ موڪليو، جتي هڪ هزاري ۽ پنج سؤسوار منصب ۽ ويهه هزار انعام سان نوازيو ويو.

جنهن زماني ۾ دارا شڪوه ڀڄي اچي ملتان پهتو ته قباد خان، شيخ مير سان گڏ کيس پڪڙڻ آيو پر هو ٺٽي وٽان دريا ٽپي گجرات هليو ويو. شيخ مير خان کي ٺٽي جي صوبيداري ڏني ويئي پر هن پنهنجي جاءِ تي قباد خان کي چار هزاري منصب ڏئي رکيو ۽ پاڻ هليو آيو.

تحفة الڪرام مطابق قباد خان جي زماني ۾ سنڌ ۾ سخت ڏڪار ۽ وبا پکڙجي ويئي هئي ۽ مٿان دارا شڪوه هڪ ٻي مصيبت اچي نازل ٿي.

14. نواب لشڪر خان:

تحفة الڪرام مطابق نواب لشڪر خان عرف جانثار خان 1071هه تي ٺٽي جو گورنر ٿيو. سندس اصل نالو يادگار بيگ پٽ زبردست خان هو.. شاهجهان حڪومت جي 19 سال لشڪر خان پنهنجي حوصلي ۽ همت جي ڪري جانثار خطاب سان نوازجي اميرن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ايران جي بادشاهه شاهه عباس ثاني ڏانهن مبارڪباد جو خط کڻي ويو.

شاهجهان جي ايڪيهين سال ٻه هزاري منصب سان نوازيو ويو.

شاهجهان جي 23 سال سيادت خان جي جاءِ تي کيس فوج ۾ پگهارون ورهائڻ جي زمينداري ڏني ويئي ۽ پوءِ مختلف خدمتون انجام ڏيندو رهيو.

عالمگير جي تخت نشيني جي پهرين سال پنج سؤ سوار، ٻه هزاري ۽ ٽي هزاري جي منصب ۽ سروپاءِ سان سرفراز ٿي ملتان جي حڪومت عطا ڪئي ويئي.

عالمگير جي ٽين سال قباد خان جي وڃڻ کانپوءِ کيس ٺٽي جي صوبيداري ملي ۽ اتان بهار بدلي ٿي ويو.

پندرهين سال لشڪر خان ٻيهر ملتان جو صوبيدار ٿيو ۽ 1081هه (71 ــ 1670ع) ۾ وفات ڪيائين.

تحفة الڪرام ٺٽي ۾ سندس حڪومت چار سال ٻڌائي آهي.

15. نواب غضنفر خان:

غضنفر خان پٽ اله وردي 1075هه ۾ ٺٽي جو صوبيدار ٿيو.

شاهجهان جي دؤر ۾ هو پيءُ کان ڪاوڙجي آيو، بادشاهه کيس مختلف عهدن تي رکيو.

عالمگير عهد جي پهرين سال کيس دو آبي جي صوبيداري ملي.

عالمگير جي ستين سال ٽي هزار سوار ۽ ٽي هزاري منصب سان سرفراز ٿي ٺٽي جو صوبيدار ڪيو ويو ۽ 1077هه ۾اتي ئي گذاري ويو.

16. نواب سيد عزت خان:

عالمگير پنهنجي حڪومت جي ڏهين سال عزت خان عرف عزت پير کي 1077هه تي بکر جي فوجداري کان بدلي ڪري ٺٽي جو صوبييدار ڪري رکيو.

هو دارا شڪوه جي ويجهو هو، تنهن ڪري ان جي سفارش تي کيس شاهجهان طرفان عزت خان خطاب ۽ ملتان جي گورنري ملي.

شاهجهان پنهنجي حڪومت جي اڪٽيهين سال عزت خان کي بهادر خان جي جاءِ تي لاهور جو گورنر ڪيو.

جڏهن عالمگير ۽ دارا شڪوه جو پاڻ ۾ جهيڙو شروع ٿيو ته عزت خان دارا شڪوه سان ملي ويو ۽ ان سان گڏ لاهور ۽ ملتان ۾ ڀٽڪندو رهيو. دارا شڪوه ملتان مان تڙجي جڏهن بکر پهتو ته عزت خان کانئس الڳ ٿي عالمگير وٽ وڃي حاضر ٿيو ۽ ٽي هزاري ۽ پنج سؤ منصب سان نوازجي محمد شجاع سان جنگ ڪيائين.

عالمگيري حڪومت جي چوٿين سال هو سنجر خان جي جاءِ تي بکر جو فوجدار ٿيو ۽ ڇهن سالن کانپوءِ غضنفر خان جي وفات  ڪرڻ بعد ٺٽي جو صوبيدار ڪيو ويو ۽ 1080هه تائين پورا ٻه سال ان عهدي تي رهيو.

17. ابو نصرت خان:

عزت خان کانپوءِ عالمگير جو مامو ابو نصرت خان 1080هه ۾ ٺٽي جو گورنر ٿي آيو، جيڪو ڏاڍو ديندار ۽ پرهيزگار انسان هو. شاعريءَ ۾ خاص ملڪو حاصل هيس. راشدي صاحب جي ترتيب ڏنل فهرست جيڪا گذريل صفحن ۾ ڏئي چُڪا آهيون ان ۾ نصرت خان جو نالو ناهي ۽ ان کان علاوه سندن چوڻ آهي ته تحفة الڪرام ۾ غلط نالو ڏنل آهي، هن جو صحيح نالو ابو نصر خان بن شائسته خان آهي ۽ صوبيداري جي حيثيت سان سندس ڪٿي به ذڪر نٿو اچي.

18. سعادت خان:

لب تاريخ سنڌ ۾ آهي ته ابو نصرت کان پوءِ سعادت خان 1084هه ۾ ٺٽي جو گورنر ٿيو ۽ هتي وفات ڪيائين. مڪلي ۾ سندس قبر مٿان هي ڪتبو لکيل آهي.

بگفتا بي حجاب از غيب هاتف،

سعادت جاوداني يافت پي پي.

19. سيد عزت خان جو ٻيهر گورنر ٿيڻ:

لب تاريخ سنڌ مطابق سيد عزت خان کي 1086هه ۾ ٻيهر ٺٽي جي گورنري ملي، تحفة الڪرام ۾ آهي ته ٻن سالن بعد 1084هه ۾ ٻيهر عزت خان ٺٽي جو گرنر ٿيو ۽ هن ڀيري ڇهن سالن تائين حڪومت ڪيائين.

20. نواب خانه زاد خان:

نواب خانه زاد خان تمام سٺو شاعر هو، ٺٽي جي گورنري جو فرمان 1090هه ۾ جهانگير پنهنجي حڪومت جي ٻاويهين سال ڏنس ۽ راشدي صاحب مطابق هو پنج سال انهيءَ عهدي تي رهيو.

21. سردار خان (1095هه کان 1098هه):

عالمگير عهد جي ستاويهين سال ٺٽي جو گورنر ٿي پهتو پر ڏڪار ۽ بک جي ڪري ماڻهو مرڻ لڳا ۽ شهر ويران ٿي ويو.

راشدي صاحب لکيو آهي ته عالمگير عهد ۾ ٽي امير سردار خان جي لقب سان هئا، خبر نه آهي ته هي انهن مان ڪهڙو سردار خان آهي؟

22. مريد خان (1099هه کان 1101هه):

سردار خان نو مسلم راجڪمار هو ۽ عالمگير عهد جي ويهين سال ڪيترن راجپوتن سان گڏ ٺٽي پهتو. شهر جي چوڪ تي وڏي گوشت جا دوڪان هجڻ ڪري قاضي حسن کي پهچڻ کان اڳ ئي چورائي موڪليائين، ته قاصائن کي اتان اٿاريو وڃي، ڪٿي لشڪر ڪوئي مسئلو نه ڪري وجهي. قاضي شريعت جو پابند هو تنهن ڪري ان حڪم جي ڪا پرواهه نه ڪيائين ۽ مريد ان جي لشڪر کي ان مارڪيٽ  وٽان گذرڻو پيو.

سندس لشڪر جڏهن ماڻهن کي ايذائڻ شروع ڪيو ته بادشاهه طرفان مريد خان لاءِ حڪم پهتو ته هن جي نالي جا هيٺيان ٻه نقطا مٿان رکي مسلمانن تي حڪومت ڪرڻ کان لاٿو وڃي. انهيءَ حڪم مطابق 90 ــ 1689ع تي ٺٽي جي صوبيداري تان لاٿو ويو ۽ هو اکين جي بيماري ڪري تغلق آباد هليو ويو.

23. زبردست خان (1101هه): ــ

مريد خان (90 ــ 1689ع) تي ٺٽي جو صوبيدار ٿيو پر سندس زندگي ساٿ نه ڏنو ۽ هو ستت ئي گذاري ويو.

ڪنهن شعر هن جي وڇوڙي تي چيو:

سبوي زندگي خان زبردست،

قضابين از کجا آورد و بشکست.

24. ابو نصرت خان جي ٻيهر گورنري (1101هه کان 1103هه):

ابو نصرت خان، زبردست خان جي وفات کانپوءِ ٻيهر ٺٽي جو گورنر ٿي آيو ۽ ٻه سال ڪجهه مهينا حڪومت ڪيائين. راشدي صاحب سندس نالو ابوالنصر خان، شائسته خان لکيو آهي.

25. حفظ الله خان (1103هه کان 1114هه):

حفظ الله خان شاهجهان جي وزير نواب سعدالله جو پٽ هو ۽ ٺٽي سان گڏ سيوستان جي گورنريء به وٺي آيو، پاڻ تمام سخي ۽ دريا دل انسان هو. پاڻ ڪريمن صلي الله عليہ وَسَلم جي رحلت واري ڏينهن خيرات ڪندو هو ۽ هڪ هزار ماڻهن کي پاڻ هٿ ڌورائيندو هو.

جڏهن شهزادي محمد معز الدين، معزالدين، ميان دين محمد سرائي کي گرفتار ڪيو ته سيوهڻ  ڀرسان درياءُ تي حفظ الله خان کي پل ٺاهڻ جو حڪم ڏنائين. حفظ الله خان اهو  ڪم شيخ عبدالغني ٺٽوي کي سونپيو پر هو نه ڪري سگهيو، تنهن ڪري پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪرائڻ شروع ڪرايائين. ته اُس ۾ بيهڻ ڪري ڏينهن لڳي ويس ۽ 1112هه ۾وفات ڪري ويو. ٺٽي وارو قلعو به ان ئي ٺهرايو. حفظ الله خان سٺو شاعر پڻ هو، مقالات الشعراءِ ۾ سندس هي شعر ڏنل آهي:

اي کہ ميگوئي کہ مي آيم نمي آئي چرا،

پائي شوکت را مگر رنگ حنا زنجير پاست.

 

گل غدار و گل آتش و گل ساغر،

اگر غلط نکنم فصل گل زمستان ست.

بزم  بي هوشي ست دنيا خلوت هشيار نيست،

خواب غفلت برده مردم را کسي بيدار نيست،

چشم حق بين در تجلي گاه طور اتحاد،

گر بصد آئينہ افتد در نظر جزيار نيست.

حفظ الله خان ٺٽي ۾ ڪيترن شاعرن کي وظيفا به ڏيندو رهيو جن ۾ ذوالفقار فدوي، محسن، ميگراج شامل آهن.

26. سعيد خان (1112هه کان 1114هه):

سعيد خاني عرف چنگيز خاني ٺٽي سان گڏ سيوهڻ جو صوبيدار به ٿي آيو ۽ پاڻ سيوهڻ ۾ رهي ڪري پٽ ارشد خان تائب کي ٺٽي موڪليائين.

27. مير امين الدين خان حسين (1114هه کان 1115هه):

مير امين پٽ سيد ابوالمڪارم شهود ٺٽي جي مشهور امير خاني خاندان مان هو. هو خانداني طور تي امير هجڻ سان گڏ دل جو به امير هو، سڄي زندگي عزت، شان شوڪت ۽ ٺاٺ باٺ سان گذاريائين. مير سيد علي خوش نويس جي روايت آهي ته مير امين جڏهن ٺٽي جو گورنر ٿيو ته اهو عالمگير جو آخري دؤر هو.

مير صاحب پنهنجي خانداني روايت کي قائم رکندي پاڻ به وڏو عالم ۽ نالي وارو بزرگ هو. پنهنجو گهڻو وقت ذاتي ڪتب خاني ۾ صرف ڪندو هو، جيڪو اعليٰ قسم جي ڪتابن سان ڀريل هوندو هو. مير علي شير قانع ”مقالات الشعراءَ“ ۾ مير صاحب جي ساراهه ڪندي لکي ٿو ته:

هر وقت عالم ۽ ڏاها ساڻس گڏ هوندا هئا جن سان سندس علمي ۽ ادبي بحث ٿيندو هو.

مير صاحب کي لکڻ پڙهڻ جو به ڏاڍو شوق هوندو هو، سندس لکيل ڪتابن جي صحيح ڄاڻ ته نٿي پوي پر انهن جا ٻه ڪتاب ”رشحات الفنون“ ۽ ”معلومات الافاق“ اڄ تائين ڪتب خانن ۾ موجود آهن.

رشحات الفتون ڪتاب ۾ چوڏهن علمن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي ۽ هي مطلع العلوم في مجمع العلوم ڪتاب وانگر آهي.

مير صاحب اهو ڪتاب 1123هه ۾ لکي پورو ڪيو هو ۽ ڪاتب سيد احمد بن سيد حبيب الله جي هٿن سان لکيل هڪ نسخو خدا بخش لائبريري پٽنه ۾ موجود آهي.

معلومات الافاق جو موضوع وري جاگرافي آهي. چيو وڃي ٿو ته مير صاحب ٺٽي جي مشهور مير عبدالواسع جي مدرسي مان تعليم پرائي هئي. سندس علم، عرفان ۽ تصوف بابت علي شير قانع ٺٽوي مقالات الشعرا ۾ لکي ٿو ته:

صوفي عالم متبحر و در طريق صوفيہ يگانہء عصر مي زيست و صاحب تصانيف غريبہ است، شرح مخزن الاسرار بستر از قاضي ابراهيم گفتہ .

مير صاحب شاعر به ڪمال جو هو ۽ شاعريءَ جي فن ۾ پاڻ مڃايائين، پر افسوس جو اهو سڄو قيمتي ذخيرو زماني جي هٿان ضايع ٿي ويو، مقالات الشعراءِ ۾ ڪجهه شعر محفوظ ڪيا ويا آهن.

افسوس کہ بي دوست همہ عمر بسر رفت،

در صرفہ کار شتر استر و خر رفت.

هر دم کہمي کشيم بياد تو مي کشيم،

مارا  بغير ياد تو يڪ دم نمي رود.

لب تاريخ سنڌ جي ليکڪ خداداد خان مطابق هو 1127هه ۾ ٺڍي ۾ وفات ڪري ويو ۽ مڪلي ۾ سندن مزار تي ڪجهه آيتن ۽ حديثن سان گڏ هي شعر لکيل آهي:

خان باتمکين امين الدين امير،

عالي از حسن عمل درجات او،

چون سفر کرد از جهان بي ثبات،

سال فوتش داخل الجنات او.

1127هه (15 ــ 1714ع)

28. يوسف خان تري (ترين) (1115هه کان 1116هه):

يوسف خان تري صرف هڪ سال ٺٽي جو گورنر رهيو.

29. نواب احمد يار خان (برلاس) (1116هه کان 1118هه):

نواب برلاس قوم مان هو ۽ سندس وڏا لاهور جي علائقي خوشاب ۾ رهندا هئا. نواب جو پيءُ الهه يار خان لاهور ۽ ملتان جو گورنر به رهيو ۽ چاليهن سالن تائين غزني جي فوجدار جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض انجام ڏيندو رهيو.

نواب احمد يار خان کي عالمگير عهد جي چاليهين سال ٺٽي جي گورنري ملي پر 1118هه (1707ع) تي عالمگير وفات ڪري ويو ۽ ان جو وڏو پٽ بهادر شاهه اول تخت تي ويٺو. ٺٽي ۾ نواب احمد يار ارڪ قلعي جي اڀرندي دروازي کان هڪ پل عاليجان جي نالي سان ٺهرائي، جيڪا مير علي شير قانع جي دؤر ۾ موجود هئي. تاريخ محمدي مطابق احمد يار خان ستر سالن جي عمر ۾ لاهور ۾ وفات ڪئي.

 

عالمگير کانپوءِ جو زمانو

(اعظم شاهه، 1118هه) (ڪام بخش 1119هه)

 

(شاهه عالم بهادر شاهه ـــ 1119هه کان 1124هه)

30. عطر خان (1119هه کان 1121هه):

بهادر شاهه (محمد رشيد) سعيد خان بهادر جي پٽ سعيد خان عرف عطر خان جي نالي ٺٽي جي گورنريءَ جو فرمان جاري ڪيو ۽ هڪ سال ڪجهه مهينا هو ان  عهدي تي رهيو.

راشدي صاحب مطابق عطر خان انهيءَ محمد رشيد جو پٽ آهي، جيڪو نواب حفظ الله بعد 1113هه ۾ سيوستان آيو ۽ پنهنجي پٽ ارشد خان کي ٺٽي نائب ڪري موڪليائين.

31. مهين خان (1121هه کان 1122هه):

مهين خان صرف هڪ سال ٺٽي جي گورنري تي رهي سگهيو.

32. شاڪر خان (1123هه):

مهين خان کانپوءِ شاڪر خان 1123هه تي ٺٽي جي صوبيداري سنڀالي پر راشدي صاحب مطابق عبدالجليل بلگرامي ان جي عهدي سنڀالڻ جي تاريخ 1124هه ٻڌائي آهي ۽ تبصرة الناظرين ۾ به اها ئي تاريخ آهي.

33. مهين خان جو ٻيهر گورنر ٿيڻ (1124هه): ــ

جنهن سال مهين کي ٺٽي جي صوبيداري ملي انهيءَ سال 21 محرم 1124هه (1712ع) تي بهادر شاهه لاهور ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس پٽ معز الدين جهاندار شاهه جانشين بڻيو ۽ ٺٽي جي حڪومت تان مهين خان کي لاهي ڇڏيو.

معز الدين جهاندار شاهه (1124هه) ۽ محمد فرخ سير (1124هه کان 1131هه) جو زمانو

34. خواجا محمد خليل خان (1124هه):

1124هه ۾ خليل خان ٺٽي جي گورنري تي ويٺو پر 9 نون مهينن کانپوءِ ٻارهن سيدن جي مدد سان معزالدين بدران فرخ سير جي مٿي تي بادشاهت جو ڇٽ رکيو ويو.

35. عطر خان (1124هه کان 1125هه):

فرخ سير ٺٽي جي حڪومت عطر خان پٽ خان بهادر سعيد جي حوالي ڪئي. عطر خان کي حڪومت هلائڻ جو تجربو نه هو ان ڪري حڪومت جو سڄو ڪاروبار محمد يعقوب ڪشميري هلائيندو هو، جنهن جي ڪري سڄو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ عطر خان کي مير لطف علي خان سان جنگ ڪرڻي پئي ۽ هزار ڪوششن ۽ بهادريءَ جي باوجود به مارجي ويو. مڪلي نامه مطابق عطر خان جي قبر تي هي ڪتبو لکيل آهي:

بتاريخ هفتم شهر محرم مرحوم غياث الدين عطر خان عرف سعد بن سعيد خان بگلگونه شهادت رحلت نمود 1126هه.

36. مير لطف علي خان (1125 کان 1128هه):

محمد شفيع لطف علي، سيد مير محمد يوسف رضوي بکري جي اولاد مان هو ۽ عطر خان کان 1125هه ۾ ملڪ کسي حڪومت ڪرڻ لڳو. 1127هه ۾ عطر خان جي قتل کانپوءِ ٺٽي جي حڪومت تي خودمختيار ٿي ويٺو ۽ شجاعت خان خطاب ماڻي هڪ سال کان به وڌيڪ عرصي تائين ٺٽي جو گورنر رهيو. مير علي شير قانع مطابق هو وڏو قابل ۽  لکڻ پڙهڻ ۾ پڻ ڀڙ هو، نثر ۽ نظم ۾ سندس تخليقون موجود آهن، جن جو نمونو مقالات الشعراءَ ۾ موجود آهي. شاعري ۾ ”همت“ تخلص استعمال ڪندو هو.

مير لطف علي خان 1154هه جي آخر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ”آدخله في الجنات“ مان سندس وفات جي تاريخ نڪري ٿي.

37. نواب اعظم خان (1128هه کان 1132هه):

نواب اعظم خان بن صالح سيد گهراڻي مان هو ۽ فدائي خان جهان بهادر عرف مير بابا ڪوڪلتاش جو پوٽو هو. شروعات ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه عرصي لاءِ خواجا خليل کي موڪليائين پر پوءِ پاڻ اچي چئن سالن تائين حڪومت ڪندو رهيو.

صوفي شاهه عنايت جي شهادت:

نواب اعظم خان جي دؤر ۾ ماڻهن کي وڏيون تڪليفون سهڻيون پيون ۽ ڏڪار جو منهن ڏسڻو پيو.صوفي شاهه عنايت جي شهادت به انهيءَ دؤر ۾ ٿي.

صوفي شاهه عنايت شهيد علم ۽ عرفان جي ڳولها ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ دڪن ۾ شاهه عبدالملڪ جي هٿ تي تصوف ۽ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين. ظاهري علم جي آرزو وري شاهجهان آباد ۾ شاهه غلام محمد وٽ ڇڪي آيس، جنهن کي پاڻ تصوف جي رازن کان واقف ڪيائين ۽ اها محبت غلام محمد کي ٺٽي وٺي آئي پر شيخ اڳيان ادب ۾ سجدي ادا ڪرڻ تي مٿس عالمن جي تنقيد ٿي جنهن ڪري شاهه صاحب کيس واپس وڃڻ جو چيو.

شاهه عنايت ڳوٺ جهوڪ عرف ميران  پور غاريا يا گاجيا واهه ڀرسان ميرپور بٺوري ۾ رهي ڪري علم ۽ عرفان جي ڦهلائڻ ۾ لڳي ويو. شاهه صاحب جي فيض ڪري پري پري کان ماڻهو اچي سندس مريد ٿيڻ لڳا ۽ هر هنڌ هاڪ وڌڻ لڳي.، جنهن جي ڪري هڪ ته بلڙي وارن سيدن جي پيري مريدي گهٽجڻ لڳي ۽ ٻيو اوسي پاسي وارن زميندارن جو اثر گهٽجڻ لڳو جنهن ۾ نور محمد پليجو ۽ حمل خان جت شامل هئا.

تحفة الڪرام مطابق بلڙي وارن سيدن مان سيد عبدالواسع بن سيد عبدالغني بن سيد عبدالدليل بن سيد دين محمد،. شاهه عنايت جي مخالفت ۾ اڳڀرو هو ۽ جنهن وڃي ان وقت جي ٺٽي جي ناظم لطف علي خان کي شڪايت ڪئي. لطف علي خان بنا پڇا ڳاڇا ۽ معلومات وٺڻ جي بلڙي سيدن کي شاهه عنايت سان پاڻ نبرڻ جو حڪم ڏنو. اهڙي اجازت ملڻ بعد انهن جهوڪ ۾ شاهه عنايت جي خانقاهه مٿان حملو ڪيو ۽ شاهه صاحب جي ڪيترن ئي مريدن کي ماري وڌو. قتل ٿيندڙن جا وارث جڏهن حڪومت وٽ فرياد کڻي ويا ته حڪومت قاتلن جون زمينون انهن کي ورهائي ڏنيون.

1128هه (1716ع) ۾ لطف علي خان جي جاءِ تي نواب اعظم خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو ته شاهه عنايت جي دشمنن سندس ڪن ڀريا ۽ ان شاهه عنايت جي خانقاهه وارين زمينن جي ڍل وٺڻ جو حڪم ڏنو، جيڪا اڳ ۾ معاف ٿيل هئي. شاهه عنايت، اعظم خان کي چيو  ته بادشاهه طرفان اها اڳ ۾ ئي معاف ٿيل آهي. تنهنڪري اوهان ان جو مطالبو ڇو ٿا ڪريو!

شاهه عنايت جي اهڙي جواب تي اعظم خان ڪاوڙجي پيو ۽ بادشاهه فرخ سير ڏانهن لکيائين ته شاهه عنايت ۽ سندس مريد ڍل نٿا ڏين ۽ بغاوت لاءِ بيٺا آهن. اتان حڪم آيو ته انهيءَ فتني جي پاڙ پٽي وڃي. جنهن تي اعظم خان ۽ يار محمد ڪلهوڙي پنهنجون پنهنجون فوجون وٺي اچي جهوڪ شريف کي گهيرو ڪيو، شاهه عنايت جا مريد رات جو سرڪاري فوج مٿان ڇاپا هڻي ڪيترائي سپاهي ماريندا رهيا. اهڙي طرح چئن مهينن تائين شاهه عنايت جي خانقاه جو گهيرو رهيو. نيٺ مقالات الشعراءِ مطابق 8 ذوالقعد 1129هه (31 آڪٽوبر 1717ع) تي جنگ شروع ٿي.

شاهه عنايت جو مريدن کي چيل هو ته رات جو راتاها هڻڻ وقت نعرو نه هنيو ويو. هڪڙي رات دشمن جي فوج تي ڇاپو هڻڻ وقت ڪنهن مريد جو ڪاٺي تي پير اچڻ مهل وجد مان اسم ذات نڪري ويو ته ٻين مريدن به نعرا هڻن شروع ڪري ڏنا ۽ پوءِ زور سان جنگ شروع ٿي ويئي ۽ ڪيترائي مريد مارجي ويا.

9 سفر 1130هه (پهرين جنوري 1718ع) تي يار محمد ڪلهوڙي جي پٽ محمد خان ۽ مير شهداد بلوچ، شاهه عنايت کي صلح ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو. ان  ٺاهه ۾ اهو فيصلو ٿيو ته درويشن جي جان ۽ مال کي ڪو نقصان نه پهچايو ويندو.

انهيءَ ٺاهه کان پوءِ شاهه عنايت،  اعظم خان وٽ پهتو ته خبر پيس ته اهو ٺڳي جو ٺاهه هو. هو شاهه صاحب کي گرفتار ڪري پڇڻ لڳو ته ٻڌاءِ، اها بغاوت ڪيئن ڪيئي؟ شاهه صاهب جواب ڏنو ته:

آن روز کہ توسن فلڪ زين کردند،

آرائش مشتري ز پروين کردند.

اين بود نصيب ما ز ديوان قضا،

مارا چہ گنہ قسمت ما اين گردند.

انهيءَ جي جواب ۾ اعظم خان جي هڪ ماڻهو محمد رضا چيو:

دوست بيدار بشو عالم خواب است اين جا،

حرف بيهوده مگر پاي حساب  است اين جا.

شاهه عنايت وراڻيو ته:

در کوي نيڪ نامي مارا گذر ندا دند،

گر تو نمي پسندي تغير کن قضا را.

اعظم خان چيو ته پوءِ سزا کائڻ لاءِ تيار ٿي. شاهه عنايت فرمايو:

حق جي پانڌيئڙن لاءِ سزا ائين هوندي آهي جيئن سون لاءِ باهه.

اعظم خان حيرت وچان چيو، تون اها بدنامي ڇو کنئي ۽ پاڻ کي آزار ۾ ڇو وڌئي؟

شاهه عنايت جرئت سان هي شعر پڙهيو:

هرگز نميرد آنکہ دلش زنده شد بعشق،

ثبت است بر جريده عالم دوام ما.

نواب چيو: ڀلا اهو ته ٻڌاءِ بادشاهه جي حڪم جي خلاف ورزي ڇو ڪيئي، جڏهن ته قرآن پاڪ ۾ اولوالامر جي اطاعت جو حڪم آهي.

شاهه عنايت فرمايو:

ما مريدان روبسوي کعبہ چون آريم چون،

رو بسوي خانہ خمار دارد پير ما.

نواب اعظم چيو ته هاڻي غمگين ٿيڻ جو ڪهڙو فائدو؟ شاهه عنايت جواب ڏنو ته.

من از آن دم کہ وضو ساختم از چشمہء عشق،

چار تکبير زدم يکسره بر هرچہ کي هست.

نواب اعظم خان شاهه عنايت کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ شاهه صاحب هي شعر پڙهيو.

ساقيا برخيز و در ده جام را،

خاک بر سر کن غم ايام را.

15 صفر 1130هه (7 جنوري 1718ع) تي شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ويو ۽ آخري وقت ۾ سندس چپن تي هي شعر هو.

رهانيدي مرا از قيد هستي،

جزاڪ الله في الدارين خيرا.

نواب اعظم خان پهريان ئي ملڪ ۾ فصل گهٽ ٿيڻ ڪري بدنام ٿي چڪو هو، ويتر شاهه عنايت جي شهادت ڪري نڪ کڻڻ جهڙو نه رهيو ۽ 1131هه تي ٺٽي جي حڪومت تان لاٿو ويو.

رفيع الدرجات (1131هه) رفيع الدوله (1131هه)

نيڪوسير (1131هه)  ابراهيم (1131هه) جو زمانو

38. نواب مهابت خان (1132هه کان 1134هه):

1131هه تي بهادر شاهه جو وزير رهندڙ خان خانان جو پٽ محمد ڪاظم عرف مهابت خان غالب جنگ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو. تحفته الڪرام مطابق هو تمام نيڪ ۽ غريبن جو همدرد انسان هو. شاعري سان لڳاءُ هيس ۽ ڪاظم جي تخلص سان شعر چوندو هو. هر وقت سندس صحبت ۾ شاعر ۽ عالم رهندا هئا، سندس درٻار جا مشهور شاعر شرف الدين علي محتسب، مسڪين هندي ۽ ضيا ٺٽوي هئا.

1134هه ۾ وفات ڪيائين ۽ ميت کي لاهور موڪليو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org