مرزا محمد باقي ترخان جو دؤر
974هه (66 ــ1565ع) کان 993هه (1585ع)
مرزا عيسى ترخان جي وفات کان پوءِ ارغون امير ۽ سردار مرزا محمد
باقي جي گاديءَ تي ويهڻ جا مخالف ٿي ويٺا ۽
چيائونس ته اسان مرزا عيسى جي پڇاڙيءَ ڪري چپ بيٺا
هئاسين، هاڻي اسان کي پنهنجي امانت ملڪ ۽ خزانو
واپس ڏي، ٻي صورت ۾ اسان کي ايتري طاقت آهي جو
توکان اهو کسي سگهون.
مرزا محمد باقي تمام هوشيار ۽ تجربيڪار انسان هو، ان ڪري سوچ
ويچار ڪرڻ کانپوءِ جواب ڏنائين ته توهان بلڪل صحيح
آهيو پر اها به ته هڪ حقيقت آهي ته توهان ئي اسان
کي پاليو نپايو ۽ هن مقام تي پهچايو ۽ هاڻي توهان
ئي پير ڪڍو ٿا. مان به ته توهان جو ئي هڪ حصو
آهيان ۽ اصل وارث ته توهان آهيو، مان ته صرف توهان
جي خدمت لاءِ ويٺو آهيان، جيئن منهنجي پيءُ
توهانجي خدمت ڪئي. پوءِ مونکي ڪرسي کان محروم ڪرڻ
جو مقصد آخر ڪهڙو!؟ توهان جنهن مهل چاهيو اها
حڪومت ۽ خزانو اوهان جي ملڪيت آهي.
مرزا محمد باقي اهڙين مٺڙين مٺڙين ڳالهين سان ڪن ارغونن کي راضي
ڪري ورتو ۽ ڪي پنهنجي ضد تي اڙيا رهيا. مرزا ڪن
اثر وارن ۽ پنهنجي پيءُ جي همدرد ارغونن کي به
لالچون ۽ ايلاز منٿون ڪري پنهنجو ڪري ورتو ۽ نيٺ
بادشاهت جو تاج پنهنجي مٿي تي پاتائين، مخالفن
جڏهن پاڻ کي ڪمزور ڏٺو ته في الحال چپڙي ڪري گهر ۾
ويهي رهيا.
انتظام:
بادشاهت جو ڇٽ مٿي تي رکندي ئي مرزا محمد باقي ارغونن جي طاقت
کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو. ان لاءِ پنهنجي
ننڍن ۽ نيچ ملازمن کي وڏن عهدن تي ويهارڻ شروع
ڪيائين. قاضي خميسي، ڇوقا چولي ۽ مل هندو کي به
اهم عهدن تي ويهاريائين. مرزا باقي جي دل ۾ ارغونن
جو هر وقت ڊپ رهندو هو، تنهن ڪري انهن جي پويان هٿ
ڌوئي پيو.
تاريخ معصومي ۾ آهي ته مرزا باقي سلطنت جون واڳون سنڀاليندي ئي
مير قاسم ۽ مير ڪوچڪ ارغونن کي اهم زمينداريون
سونپي بااختيار بڻايو. ٻيا ارغون مرزا باقي جي
چالاڪين ۽ ظلمن کان چڱي طرح واقف هئا ان ڪري سندس
نصيحتن ۾ نه آيا. ارغونن جي اهڙين ڪاررواين ملڪ ۾
بدامني ۽ بي چيني پکيڙي ڇڏي ان ڪري مرزا باقي جي
دل ۾ باهه ڀڙڪي اٿي. (ص ــ 210)
ارغونن جو خون وهائڻ:
ارغونن کي ڪچلڻ لاءِ مرزا محمد باقي مهاڻن ۽ ٻين سنڌين کي حڪم
ڏنو ته کين ماري لٽي ڦري سندن ٻارن سان جيڪا تادي
وڻي ڪرن. اهڙي رتوڇاڻ کانپوءِ جيڪي ارغون بچيا اهي
بکر ڀڄي ويا.
تاريخ طاهريءَ ۾ اهو احوال هن طرح ملي ٿو ته مرزا محمد باقي جي
تخت نشيني کانپوءِ ارغونن گڏجي ڪري فيصلو ڪيو ته
مرزا باقي هاڻي شاهه حسن جو خزانو ڏنو ته ٺيڪ آهي
نه ته ٻي صورت ۾ ان کي زندهه رهڻ جو ڪوئي حق ناهي.
مرزا محمد باقي کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته سڀني ارغونن کي
سڏرائي فلاڻي ڏينهن خزانو انهن جي حوالي ڪرڻ لاءِ
چيائين. انهن جي وڃڻ کانپوءِ پنهنجي سردارن ۽
بندوقچين حبش خان، شبرنگ خان ۽ ملا صالح کي
گهرائي ڳجهي طرح حڪم ڏنائين ته جنهن ڏينهن اهي
ارغون سردار هت خزانو وٺڻ ايندا ان ڏينهن توهان سڀ
جوڌن سپاهين سان گڏ تلوارون تيار رکجو. مقرر ڏينهن
جڏهن ارغون نوان ڪپڙا پهري تيار ٿي گهوڙن تي چڙهي
محل ۾ آيا ته مرزا باقي سڀني کي بنا هٿيار جي پاڻ
وٽ گهرائي ملا خميسي کي خزانن جون پيتيون آڻڻ لاءِ
چيائين، جڏهن پيتيون اچي ويون ته ارغونن کي مخاطب
ٿيندي چوڻ لڳو. اي عزيزو! منهنجي هاني هن خزاني
کان دل کڄي چڪي آهي ۽ اڄ اهو توهان جي حوالي ڪرڻ
وارو آهيان، پر توهان کي ته خبر آهي ته دولت ڪري
پيءُ پٽ جو ۽ ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن ٿي ويندو آهي، ان
ڪري جڏهن خزانو وٺو ته ڪنهن جهيڙي جهڳڙي کان پاسو
ڪجو. مرزا باقي اهڙي تقرير ڪرڻ بعد پنهنجي پٽ کي
حڪم ڏنو ته ارغونن ۾ خزانو ورهائي. اڃا خزاني جي
پيتين جا قفل کليا ئي نه هئا ته مرزا باقي جي
اشاري سان سندس لڪي ويٺل ماڻهو تلوارون کڻي ٻاهر
نڪري آيا ۽ سڀني ارغون سردارن جي سسي لاهي ديوان
خاني جي دريءَ مان هيٺ اڇلايائون، هيٺ بيٺل ٻين
ارغونن عوام کي وري ملا خميسي قتل ڪرائي ڇڏيو. ان
کانپوءِ مرزا باقي پنهنجي بندوقچين کي ارغونن جي
حويلين ۾ وڃي رتوڇاڻ ڪرڻ لاءِ چيو. انهن هڪدم وڃي
حُيلين تي حملو ڪيو ۽ سڀني کي موت جي ننڊ سمهاري
ڇڏيو. ايتري خونريزي کانپوءِ باقي جيڪي ارغون
بچيا، اهي گجرات هليا ويا.
دريائي ارغون ولد علي شير ارغون جو چوڻ آهي ته انهيءَ رتوڇاڻ
کانپوءِ ارغونن کي پائڻ لاءِ ڪپڙو ۽ کائڻ لاءِ
ماني ڳڀو نه هو، سندن گهوڙا بک ۾ مري ويا، مياڻ ۾
پراڻي تلوار ۽ تير ڪمان کنيون شڪار ڳولهيندا وتندا
هئا، جيئن پيٽ جي باهه اجهائي سگهن. پيءُ پٽ ۽ پٽ
پيءُ کان وڇڙي ڪري دربدرائيءَ واري زندگي گذاريندا
هئا.
پنهنجي بندوقچين تي مهربانيون:
مرزا باقي جڏهن ارغونن جي خطري کان دلجاءِ ڪري ويٺو ته پنهنجن
بندوقچين کي ارغون اميرن جا خاص عهدا عنايت
ڪيائين. سڀ کان پهريان خسرو چرڪس ڪوڪه جنهن کي
سندس پيءُ تمام گهڻو ڀائيندو هو ۽ ملاجاني بندري
کان وٺي پنهنجو بندوقچي رکيو هو، کي اهم عهدو عطا
ڪيائين.
قاضي خميسي کي ”وڪيل ڪل“ جهڙو اهم عهدو ڏنائين، جنهن تي ملڪ جو
دارومدار هوندو آهي. هر وقت هن سان هزارين سپاهي ۽
سوار گڏ هوندا هئا. تمام عمدا گهوڙا وٽس هئا جن ۾
عراقي، ڪڇي، ترڪي، تازي، زهري ۽ ڪوهي شامل آهن.
قاضي خميسو تمام جاهل ۽ ڄٽ هو پر وڏن وڏن عالمن کي
وٽس ضرورتن لاءِ اچڻو پوندو هو ۽ ان جون ڄٽڪيون
ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون هيون.
مير علي شير ٺٽوي خميسي جي جهالت جو هڪڙو واقعو تحفته الڪرام ۾
قلم بند ڪيو آهي ته هڪ ڏينهن ٺٽي جا وڏا وڏا عالم
جنهن ۾ حضرت سيد علي شيرازي ۽ شيخ عبدالوهاب
پوراني به شامل هئا. قاضي خميسي وٽ ويا ته هو پري
کان ڏسي ٽونڪڻ لڳا ته اچو ملئو! قاضي نعمت الله
جيڪو انهن سڀني مان تيز ۽ ذهين هو. چوڻ لڳيس ته
قاضي صاحب! ملا جي معنيٰ جي توهان کي خبر آهي؟ اڻ
پڙهيل هجڻ ڪري هو جواب ته نه ڏئي سگهيو پر ڳالهه
لئي مٽي ڪرڻ خاطر هڪ گول ٺاهي پڇڻ لڳو ته هي ڇا
آهي؟ سڀئي تعجب وچان ڏسڻ لڳا ۽ چيائون ته اسان
انهيءَ جي باري ۾ نٿا ڄاڻون. قاضي خميسي جواب ڏنو
ته اها ماني آهي، جنهن جي توهان بزرگي جي باوجود
ڪڍ آهيو! وري ٻيهر هن هڪ انگ جهڙي شڪل ٺاهي بزرگن
کان سوال پڇيو؟ بزرگن وري به نابري واري، جنهن تي
قاضي خميسي چيو. اري نادانو! ايتري علم هجڻ جي
باوجود به توهان ڍڳن کي سڃاڻي نٿا سگهو. سڀئي عالم
اهو ٻڌي ڪاوڙجي ڪري اٿيا ته قاضي خميسي کانئن
معافي ورتي ۽ جنهن ڪم سانگي آيا هئا اهو پورو
ڪيائين.
(اردو ترجمو ص 282 کان 285)
مٿئين واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا باقي ڪهڙن جاهل ۽ ڄٽ
ماڻهن کي عهدا عطا ڪيا هئا.
مرزا جان بابا جو جهيڙو:
تاريخ معصومي ۾ آهي ته انهيءَ زماني ۾ سندس ڀاءُ جان بابا ۽
ناٺي مرزا شادمان جيڪو وڏو دلير هو ساڻس مهاڏو
اٽڪايو. ٻنهي بکر پهچي سلطان محمود کان مدد ورتي ۽
اچي ٺٽي ڀرسان کاهيون کوٽڻ شروع ڪيون. مرزا جان
بابا وري ارغون سردارن جي ڀڙڪائن تي سميجن جو لشڪر
وٺي الڳ ٿيو. (ص ــ 211)
طاهر نسياني انهيءَ جهيڙي جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته مرزا جان
بابا جيڪو پنهنجي ڀاءُ مرزا صالح هٿان دربدر ٿي
ڪري سميجن وٽ رهڻ لڳو هو، هو پنهنجي پيءُ جي مرڻ
وقت تعزيت جي بهاني سان سلطان محمود کي ساڻ وٺي
986هه ۾ ٺٽي آيو. تعزيت ڪرڻ کان پوءِ بهاني سان
سلطان محمود کان ملڪ جو حصو وٺي ڏيڻ جو مطالبو
ڪيائين. سلطان محمود مرزا باقي کي سندس سفارش ڪئي
ته هن جواب ڏنو ته منهنجي پيءُ کان وٺي توهان سان
هڪڙو ٺاهه ٿيل آهي، جيئن اڳ ۾ ان تي عمل ڪندي مرزا
صالح واري معاملي ۾ وچ ۾ نه آيا آهيو ائين هاڻي به
پاسيرا رهو. ان کانپوءِ سلطان محمود چيو ته توهان
ان معاملي ۾ وڃي پاڻ ڄاڻو. اهڙي جواب بعد مرزا جان
بابا سميجا قبيلي ۾ موٽي آيو. (ص ــ 125 26)
ڪجهه وقت گذريو ته مرزا جان بابا ڪن ارغونن شاهه قاسم، علي شير
۽ ٻين کي پاڻ سان ملائي ٺٽي تي چڙهي آيو. هيڏانهن
مرزا باقي به سڀني سپاهين، سردارن ۽ نوڪرن سوڌي
وڏين تيارين سان مقابلي لاءِ نڪتو. ٺٽي ۽ مڪلي وچ
۾ جنگ لڳي، پر جيئن ته مرزا جو لشڪر تربيت يافته ۽
هٿيارن پهنوارن سان ليس هو، تنهنڪري مرزا جان بابا
هار کائي اتان ڀڄي وڃي ڪڪرالا جي حاڪم ڄام ڏيسر وٽ
مدد لاءِ پهتو، جتان ٿورن ڏينهن اندر مايوس ٿي وري
سسميجن وٽ آيو. ترخان نامه ۾ ان جنگ جو سن 975هه
درج آهي.
شاهه قاسم ارغون جو راتاهو هڻڻ:
مرزا جان بابا هتي پهچي وري مرزا باقي جي خلاف سازشن ۾ مشغول
ٿي ويو، مرزا باقي هاڻي جان بابا سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ
پئي چاهي. ان لاءِ سٽ سٽڻ لڳو ته اوچتو مٿان شاهه
قاسم ارغون رات جي وڳڙي ۾ اچي وڏي ڪٽڪ سان راتاهو
هنيو. اهڙي اوچتي حملي جي ڪري مرزا باقي جي لشڪر ۾
ٽاڪوڙو مچي ويو ۽ سڀ سپاهي وٺي ڀڃڻ لڳا. شاهه قاسم
پنهنجي ڀائرن جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ مرزا باقي
کي ڳولهڻ لڳو، ڳولهيندي ڳولهيندي وڃي مرزا باقي جي
ٻيڙيءَ مٿان پهتو. مرزا باقي ننڊ پيو هو. سندس
گهر وري جلدي ۾ دروازو بند ڪيو ۽ مرزا باقي درياءُ
۾ ٽپو ڏنو، شاهه قاسم ڌڪو ڏيئي دروازو کوليو ته
مرزا باقي جي زال شمع دان کڻي شاهه قاسم جي منهن ۾
وهائي ڪڍيو، جنهن جو نشان مرندي دم تائين شاهه
قاسم جي منهن تان نه ويو. آخر شاهه قاسم انڌيري ۾
ان عورت کي مرزا باقي سمجهي ماري ڇڏيو.
هيڏانهن مرزا باقي کي سندس خدمتگار خليل ڏسي ورتو، جيڪو پاڻ به
ڊپ کان درياءَ ۾ تري پيو، ۽ وارن کان وٺي ٻاهر
ڪڍيائينس، مرزا کيس ٻيڙي آڻڻ لاءِ چيو. اتفاق سان
ان وقت مرادو ملاح به ويجهو موجود هو، ٻيڙي ۾ مرزا
باقي کي کڻي اچي درياءُ پار ڪري علي پوتره ڳوٺ ۾
نڪتو، جتي سندس لشڪر به بي حال بيٺو هو. مرزا باقي
کي لشڪر ڏسي خوش ٿي ويو ۽ دشمن ڀاڄ کائڻ لڳو.
مرزا باقي انهيءَ خدمت عيوض مرادي ملاح کي ٺٽي جو ميربحر بڻايو
۽ خليل خدمتگار کي خاص پهريدار مقرر ڪيو.
مرزا محمد باقي جون قهري ڪارروايون:
مرزا باقي پنهنجي ڀاءُ کي هارائي ڪري پنهنجون قهري ڪارروايون
شروع ڪيون.
سڀ کان پهريان مرزا محمد صالح جي پٽ مرزا غالب کي مارايائين.
تاريخ طاهري ۽ تحفة الڪرام ۾ مرزا غالب کي مرزا
باقي جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ لکيو آهي، پر راشدي صاحب
مرزا عيسى جي شجري ۾ مرزا صالح جو پٽ ٻڌايو آهي،
جيڪو پڻ صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته مرزا عيسى جا سڀ پٽ
صرف مرزا باقي ۽ جان بابا کانسواءِ سندس زندگيءَ ۾
ئي گذاري ويا هئا. مرزا غالب جي قبر مڪلي ۾ مرزا
عيسى اول جي ڀرسان آهي.
مرزا باقي جو ظلم ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو ۽ هو ان دؤر جي عالمن
۽ بزرگن کان به نه مڙيو. وقت جي وڏي درويش شيخ
برڪيو لنگ جيڪو مڪلي ۾ رهندو هو ۽ ماڻهو سندس
زيارت ڪري سون چاندي ۽ روڪ رقم نظر نياز ڏيندا
هئا، جنهن ڪري شيخ صاحب وٽ چڱي خاصي دولت گڏ ٿي
ويئي هئي. ماڻهو وٽس امانتون به رکندا هئا. مرزا
باقي شيخ صاحب جو روحاني ۽ مادي عروج ڏسي سڙڻ لڳو
ته ٺٽي ۾ شيخ برڪيو ٻيو حاڪم پيدا ٿيو آهي. هڪڙي
رات مرزا باقي لڪ ڇپ ۾ شيخ برڪيو کي مارائي سندس
لاش درياءُ ۾ لوڙاهي ڇڏيو ۽ ان جو سمورو مال، دولت
۽ ماڻهن جون رکيل امانتون کڻائي پنهنجي خزاني ۾
رکائي ڇڏيون. مرزا باقي صبح جو آستاني تي اچي
واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. ماڻهو شيخ صاحب
لاءِ رڙيون ڪري روئندا رهيا.
ان کانپوءِ شيخ عبدالوهاب پوراني جهڙي جليل القدر بزرگ کي
پنهنجي ظلم جو نشانو بڻايائين، صرف ان ڪري ته پري
پري کان ماڻهو اچي هن جا مريد ٿين پيا، ڪٿي گڏ ٿي
ڪري سندس حڪومت تي قبضو نه ڪري وٺن! ان ڪري ملا
خميسي کي کيس مارڻ جو حڪم ڏنائين.
شيخ عبدالوهاب جڏهن عيد نماز پڙهي موٽي رهيو هو ته اڳ ۾ ئي تاڙ
۾ ويٺل ملا خميسي جي ماڻهن کيس وچ بازار ۾ قتل ڪري
ڇڏيو. شيخ عبدالوهاب مرزا باقي جي تخت نشيني لاءِ
تمام گهڻي ڪوشش ڪئي هئي.
مرزا باقي پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ ايترو محو هو جو ان لاءِ ڪنهن
به ظلم ڪرڻ کان نه ڪيٻايائين. ان وقت جي ولايت ۽
ڪرامت واري بزرگ خليفي عبدالوهاب عباسي کان به نه
مڙيو ۽ پنهنجي ملازم خليل کان کيس مارائي ڇڏيو.
خليفي صاحب جي پٽ محمد صادق، خليل تي حملو ڪري ان
جو نڪ ڪٽي ڇڏيو ۽ پوءِ محمد صادق کي به مرزا باقي
جي سپاهين قتل ڪري وڌو. خليل جيستائين جيئرو رهيو
منهن تي ڪپڙو ڏئي گهمندو هو.
مطلب ته ظلم ۽ برباديءَ جو ڪو اهڙو حربو نه هو جيڪو هن استعمال
نه ڪيو هجي ۽ ڪنهن به هن جي ظلم خلاف آواز نه
اٿاريو پنهنجي جان جي ڀؤ کان.
شهر جي سڀني شريفن، درويشن، سيدن ۽ چڱن مڙسن کي مرزا باقي شهر
کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو ته اهي اسان جي ملڪ جا دشمن
آهن، مشهور بزرگ سيد علي شيرازيءَ جي فرزند سيد
جلال کي جيڪو سندس ڀاءُ محمد صالح جو ڄاٽو به هو،
ان کي به شهر ۾ رهڻ نه ڏنائين.
هو روز ظلم جا نوان نوان طريقا گهڙيندو هو، شهر کان ٻاهران
ايندڙ سياحن ۽ ماڻهن سان پهريان وڏي قرب سان ملندو
هو ۽ پوءِ درياءُ جي سير ڪرائڻ جي بهاني سان مرادي
ميربحر هٿان وچ درياءُ ۾ ٻوڙائي ڇڏيندو هو. انهن
ٻاهرين سياحن کي مارائڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن هن
ملڪ جون حالتون ۽ ظلم جي خبر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نه
پهچي سگهي. ڪنجوس به حد درجي جو هو پر جيڪڏهن ڪوئي
ٻيو خرچ ڪندو هو ته ان کي به اهڙو ذليل ڪندو هو جو
هو روپئي لاءِ به سڪندو هو.
تاريخ طاهريءَ ۾ آهي ته ”بالفعل“ هن جو تڪيه ڪلام هوندو هو.
خيمي ۾ ايندو هو ته اميرن کي چوندو هو ته بالفعل
اناج ۽ ڌن دولت کڻي اچو ڇاڪاڻ ته ملڪ انهيءَ تي
هلي ٿو. مرزا محمد باقي جي شروعاتي زندگي بک ۽ ڏک
۾ گذري هئي، ان ڪري ويندو هو پنهنجي خزاني کي دولت
۽ قلعي کي ان سان ڀريندو! آخر هڪڙي ڏينهن سندس
سردارن، وزيرن چيس ته:
حضور قلعو ان سان پوري طرح ڀرجي چڪو ۽ پراڻو خراب به ٿي چڪو،
هاڻي نئون اناج به اچڻ وارو آهي، جيڪڏهن حڪم ڪيو
ته اهو پراڻو اَن غريبن ۾ ورهائي ڇڏيون؟ مرزا باقي
چيو مان اُن جو جواب سڀاڻي ڏيندس. رات جو حڪم ڏئي
ڇڏيائين ته ڪجهه پراڻي ۽ سڙيل ڪڻڪ جون ۽ ڪجهه
مٽيءَ جون مانيون پچائي صبح جو دسترخوان تي رکيون
وڃڻ. صبح جو سڀ امير وزير آيا ۽ دسترخوان وڇايل
ڏٺائون ته چوڻ لڳا اڄ الاهي ڪهڙو ڀلارو ڏينهن آهي
جو مرزا دعوت ڪئي آهي. مرزا آيو ماني شروع ٿي ته
سڀ سڙيل ڪڻڪ واري ماني کائڻ لڳا ته مرزا باقي چين
هو ماني ڇو نه ٿا کائو؟ سڀني چيو ته سائين مٽيءَ
جي ماني ڪيئن هلندي! مرزا باقي وراڻيو ته بيوقوفؤ!
ڏٺئو ته وقت پوڻ مهل اهو سڙيل اناج به ڪيترو
ڪارآمد آهي! ته پوءِ اهو مون کي ورهائڻ جو ڇو
مشورو ڏيندا آهيو؟ توهان کي خبر آهي ته همايون
جڏهن سنڌ آيو هو ته شاهه حسن فصل پوکڻ کان جهلي
ڇڏيو هو جنهن جي ڪري ماڻهو ماني جي هڪ ڳڀي لاءِ به
سڪندا هئا! سڀني ٻڌي ڪري ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
انهن ڏينهن ۾ سلطان محمود خان ڪوڪلتاش بکر مان قاصد موڪليو ته
اڪبر بادشاهه جي پنجاهه هزار سپاهين مجاهدن خان
سپه سالار سان اچي بکر کي گهيرو ڪيو آهي، هي وقت
آهي دوستي نڀائڻ جو، جيترو ٿي سگهي سامان ۽ لشڪر
مدد لاءِ موڪليو نه ته اها مصيبت هتان ٿي توهان
ڏانهن به ضرور ايندي. مرزا محمد باقي درٻارين سان
مشورو ڪيو ۽ چيائين ته اسان جي حق ۾ اهو بهتر آهي
ته ان معاملي ۾ ٽنگ نه اڙايون ۽ اڪبر سان نه
ڦٽايون، ڇاڪاڻ ته هي ملڪ اسان کي انهيءَ جو عطا
ڪيل آهي، درٻارين وراڻيو بلڪه چڱو ائين آهي ته
توهان کي پنهنجي ڌيءَ سنڌي بيگم اڪبر جي حرم ۾
داخل ڪرڻ لاءِ قيمتي سوکڙيون پاکڙين سان گڏ موڪلڻ
گهرجي. ڪن ان راءِ کي پسند ڪيو ۽ ڪن چيو ته اسان
کي انتظار ڪرڻ گهرجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي!؟ آخر
پوئين راءِ کي پسند ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن ۾ خبر
آئي ته سلطان محمود پڇاڙيءَ جي ڪري اکين کان انڌو
ٿي ويو آهي ۽ قلعي کي اڪبر جي فوجن حوالي ڪري ڇڏيو
اٿئين، ازانسواءِ پنهنجي نياڻي کي پنهنجي اهلڪارن
سان گڏ قيمتي تحفا ڏيئي اڪبر جي حرم سراءِ ۾ داخل
ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿئين. مرزا باقي به پنهنجي ڌيءَ
سنڌي بيگم کي قيمتي سامان ۽ ڏاج سان سيد جلال
شيرازيءَ ۽ خواجا امير بيگ جي هٿ اڪبر جي شاهي
ڪنيز طور موڪليو، جيئن ان جي حملي کان بچي سگهجي.
سنڌي بيگم جڏهن اتي پهتي ته اڪبر هڪ دفعو کيس ڏسي ٻيهر ان ڏانهن
منهن نه ڦيرايو ۽ ان کي محل ٻاهران رکڻ جو حڪم
ڏنو. اتي موجود ڪجهه ارغون سردارن اڪبر جي درٻار ۾
حاضر ٿي عرض ڪيو ته حضور جيڪڏهن ارغونن جي ننگ کي
هتي نٿا رکڻ چاهيو ته پوءِ ان کي پنهنجي پيءُ
ڏانهن واپس موڪلڻ گهرجي ته حضور جو نالو اڃا اونچو
ٿيندو. اڪبر بادشاهه سندس سفارش تي سنڌي بيگم کي
مرزا باقي ڏانهن واپس موڪليو.
تاريخ معصومي ۾ آهي ته 976هه (69 ــ 1568ع) ۾ مرزا باقي پنهنجي
ڌيءَ کي شاهي حرم ۾ داخل ڪرڻ لاءِ اڪبر ڏانهن
اماڻيو. ان سان گڏ ماه بيگم، ناهيد بيگم ۽ يادگار
مسڪين ترخان به قيمتي سوکڙيون کڻي روانو ٿيو.
ناهيد بيگم جي ڌيءَ رائجه بيگم سان مرزا باقي جي
شادي ٿيل هئي. جيڪا شاهه قاسم هٿان قتل ٿي هئي.
جڏهن هو ”لڪعلوي“ لڪي ڀرسان پهتا ته اتي اچي مرزا
جان بابا ملين. (ص 112)
ماهه بيگم قيد ۾:
ان واقعي کان هڪ سال پوءِ 977هه ۾ ناهيد بيگم هندستان وڃڻ جو
ارادو ڪيو ته مرزا باقي ساڻس ماه بيگم پنهنجي
نياڻي ۽ مسڪين خان کي به گڏ موڪليو. رستي ۾ ان
قافلي کي جان بابا اچي مليو ۽ مسڪين خان کي ڳٽ جوڙ
ڪري ناهيد بيگم ۽ ماه بيگم کي چوڻ لڳو، توهان کي
خبر آهي ته مرزا باقي توهان سان ڪهڙي اٽڪل ڪئي
آهي؟ هو اوهان کي ملڪ مان ڪڍي اڪيلو حڪومت ڪرڻ
چاهي ٿو، ماءُ ڌيئرن انهيءَ مهل سڀ سوکڙيون
پاکڙيون ڪڍي سپاهين ۾ ورهايون ۽ لشڪر تيار ڪري اچي
مڪلي وٽ مرزا باقي سان جنگ جوٽيائون. ماهه بيگم
مرزا باقي جي هٿ ۾ قيد ٿي ۽ ڌيڻس ناهيد پنهنجن
ساٿين سان گڏ بکر ۾ پناهه ورتي، مرزا جان بابا ۽
مسڪين خان ته اڳ ۾ ئي ميدان ڇڏي وڃي ”ڪڪرالي“ ڄام
ڏيسر جي ملڪ پهتا.
مرزا باقي ماه بيگم کي ٺٽي اچي قيد ڪيو ۽ قيد گهر ۾ کيس اهڙيون
سختيون ڏنيون جو هوءَ تڙپي تڙپي اتي ئي مري ويئي ۽
مرزا عيسيٰ جي اها اڳڪٿي پوري ٿي جنهن ۾ کيس چيو
هئائين ته تون پاڻ مرزا باقي جي هٿان مرندين.
مرزا جان بابا جو خون:
انهيءَ وقت سلطان محمود به لشڪر وٺي ٺٽي پهتو. مرزا باقي نالي
واري بزرگ سيد علي کي وچ ۾ آڻي مرزا جان بابا ۽
يادگار مسڪين کي صلح جي بهاني 978هه تي قتل ڪرائي
ڇڏيو.
سلطان محمود خان چڱي وقت تائين ٺٽي سامهون تنبو اڏي ويٺو رهيو ۽
مرزا باقي ۾ وڙهڻ جي همت نه ٿي. سلطان محمود جي
سپاهين ٻه ٽي ڀيرا حملو ڪيو جنهن ۾ مرزا عيسيٰ جو
ناٺي فقير محمد ترخان مارجي ويو. جڏهن سلطان محمود
خان پيرآر ڳوٺ ۾ هو تڏهن اطلاع مليس ته ترسون محمد
خان جي ڀائرن اچ قلعي تي قبضو ڪري ورتو آهي. اها
خبر ٻڌندي ئي سلطان محمود بکر موٽيو.
مرزا باقي جو پٽن کي نوازڻ:
مرزا باقي زندگيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ پرڳڻي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي
پنهنجي پٽن کي ڏنو، سڀ کان وڏي پٽ پاينده ترخان کي
سيوهڻ ۾ مقرر ڪري ملڪي معاملا وري مرزا جاني بيگ
جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ شمس ڪشميري کي ان جو وڪيل
بڻايو، ڇاڪاڻ ته پاينده جو دماغ سالم نه هو.
نصرپور صوبو وري مرزا شاهه رخ ترخان جي حوالي ڪري شير علي ڪوڪه
کي صوبي جو وڪيل ڪيائين.
ٽئين پٽ مرزا مظفر بيگ کي چاچڪان صوبي بدين جي حڪومت ڏئي علي
خان کي سندس مدارالمهم مقرر ڪيائين. ان جي غزل جو
هڪ شعر مشهور آهي.
اي علي خان! رو، نکوئي کہ بعد از مرگ تو،
تابگويندت کہاين مسکين برحمت درگزشت.
۽ مرزا محمد زمان ترخان ۽ قاسم علي سلطان ساربان کي نيرون ڪوٽ
جي علائقي ۾ وڪيل مقرر ڪيو، جيئن اتان چڱي طرح ڍل
اوڳاڙي سگهجي.
مرزا باقي لاهري بندر، نار ۽ ڪڪراله جي حدن ۾ پنهنجا ماڻهو مقرر
ڪيا جيئن اتي سما، دل ۽ لانگاهه قبيلي جا ماڻهو
ڦرون نه ڪري سگهن. پنهنجا جاسوس سڄي ملڪ ۾
ڦهلايائين، جيڪي اميرن پنهنجي پٽن ۽ عوام جي هر
ننڍي کان ننڍي خبر اچي هر هفتي اچي پهچائيندا هئس.
ڪوئي ڏينهن اهڙو نه هوندو هو جنهن ڏينهن مرزا باقي
ماڻهن جون مڇون، ڏاڙهي ۽ وار نه ڪوڙائيندو هو،
ڪنهن جو ڪن نڪ ۽ اک ڪڍرائي ڇڏيندو هو ته ڪنهن کي
ذليل ڪرڻ لاءِ گهٽين ۾ گهلائيندو هو.
مرزا محمد باقي جو موت:
مرزا باقي جي ظلمن کان هندو مسلمان تنگ ٿي پنهنجن مسجدن ۽ مندرن
۾ دعائون گهرڻ لڳا ته اوچتو کيس پٽ مرزا شاهه رخ
جي مرڻ جي خبر اچي مليس. نصرپور کان جڏهن لاش پهتس
ته وڏو صدمو رسيس ۽ انهيءَ صدمي ۽ قاتل جي خبر نه
پوڻ ڪري ڪاوڙ ۾ اچي محل جي ٻانهين جون ڇاتيون
ڪٽرائي ڇڏيائين ۽ مردن کي ناحق گهٽين ۾ رسن سان
ٻڌي گهيلرايائين. مرزا شاهه رخ جي جاءِ تي نصرپور
صوبي جي حڪومت شاهه قاسم ارغون کي ڏنائين.
آخري وقت ۾ مرزا باقي کي پنهنجي جان جو خوف وڪوڙي ويو ۽ هر
شيءِ تي پنهنجا خاص ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيائين. ماڻهن
جون بد دعائون اثر ڪرڻ لڳيون ۽ پنهنجا ظلم پاڻ کيس
ڏنگڻ لڳا. ميان حسن جي روايت مطابق هڪ رات جڏهن هو
پنهنجي ڪوٺي ۾ سمهيو پيو هو ۽ سندس خدمتگار مار
قدم قورچي، ڇتو هندو ۽ دريا آبدار ٻاهران پهرو ڏئي
رهيا هئا سمهڻ واسطي ڏيئو وسايائين ۽ پوءِ تلوار
کڻي ان جي چهنب پنهنجي پيٽ ۽ هٿيو ڀت سان لڳائي
زور ڏنائين ته آنڊا ٻاهر نڪري آيس، آنڊا هٿ ۾ پڪڙي
هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳو ته ايتري ۾ پهريدار به
ڀڄندا آيا ۽ مرزا باقي جي اهڙي حالت ڏسي روئڻ پٽڻ
لڳا. مرزا پنهنجي سڪ ڀرئي پٽ ملڪ احمد کي سڏ ڪرائي
ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ پوءِ اتي بيٺل ماڻهن کي چيائين
ته توهان شاهد رهجو ته مان پنهنجو خون پاڻ ڪيو
آهي، اها ڳالهه منهنجي پٽ کي به ٻڌائجو ۽ ڪنهن تي
به تهمت نه هڻجو. جمعرات 8 شوال 993 هه (1585ع) تي
مرزا باقي جهڙو ظالم انسان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ مرزا
عيسى ترخان اول جي مقبري ويجهو مڪلي ۾ پوريو ويو.
مرزا باقي جي شخصيت:
مرزا محمد باقي جي زندگيءَ جو مفصل احوال گذريل ورقن ۾ بيان ٿي
چڪو آهي ۽ ان ۾ ڪائي اهڙي خوبي نه هئي، جنهن کي
هتي قلمبند ڪجي.
مرزا باقي جو دؤر:
مرزا باقي سنڌ تي 30 ٽيهه ورهيهه حڪومت ڪئي ۽ٽيهن سالن ۾ عوام
هندو توڙي مسلمانن کي اهڙو ايذايائين، جنهن جو
مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. ترخان حڪمرانن ۾ هو سڀ کان
ظالم، دولت جي حوس رکندڙ، انسانيت کان عاري، انصاف
۽ عوام جي ڀلائيءَ کان اڻ واقف ڄٽن ۽ خوشامدين کي
مقرر ڪري عوام کي آزارڻ جي ڪا ڪسر نه ڇڏيائين.
مولانا جمال الدين جيڪو سندس ويجهن ماڻهن مان هو،
جو چوڻ آهي ته مان ننڍي عمر کان وٺي ئي هن جي
ملازمت ڪرڻ لڳس. هڪ ڏينهن منهنجي نظر مان روزنامچو
گذريو، جنهن ۾ لکيل هو ته مولانا شيره، مرزا باقي
جي بخل کي ڏسي هاٿين جي فضلات ۾ نڪتل ڪڻڪ جي داڻن
کي ڌوئي رکيو ۽ چڱي گڏ ٿيڻ کانپوءِ مرزا کي
ڏيکاريو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مولانا شيره کي ترقي
ڏيئي توپخاني جو اعليٰ آفيسر بڻائي کيس ”آتش خان“
خطاب ڏنائين.
ان واقعي کان پوءِ مولانا جمال الدين دل ۾ سوچيو ته مان به جڏهن
مرزا جي ويجهو ٿي ويندس ته کيس ان دولت پرستي، ظلم
۽ بخل ڪرڻ کان سمجهائيندس. پوءِ جڏهن اهو ڏينهن
آيو جڏهن مان مرزا باقي جي قربدارن مان ٿي ويس ۽
ڪائي ڳالهه منهنجي صلاح کانسواءِ نه ڪندو هو. هڪ
ڏينهن مرزا مونکي چيو ته، مونکي ڪجهه سون جي ضرورت
آهي ۽ منهنجي دل خزاني مان ڪڍڻ لاءِ نٿي مڃي ان
ڪري ٻيو ڪو طريقو ٻڌاءِ؟ مان دل ۾ کيس ملامت ڪندي
چيو جيڪڏهن توهان عاملن جي پٽ پاراتي کان نٿا ڊڄو
ته پوءِ انهن کان وٺو. هن جلدي ۾ عاملن کي گهرايو
۽ چيائين ته شاهه حسن جا عملدار هر سال سونا زيور
کيس تحفي طور ڏيندا هئا، تنهن ڪري توهان به ان
روايت کي پاڻي ڏيو. ان کانپوءِ سڀئي روئيندي
پٽيندي پنهنجي گهران سونا زيور کڻي آيا ۽ مرزا
باقي جي خدمت ۾ پيش ڪيائون.
مطلب ته مرزا باقي سنڌ کي تباهي ۽ برباديءَ کانسواءِ ڪجهه به نه
ڏنو، جنهن جو ثبوت ان دؤر جو ادب ۽ شاعري آهي،
جنهن ۾ مظلوم ماڻهن جو ڪرب ۽ ڪروڌ شامل آهي. مير
علي شير قانع ٺٽوي ان وقت جي هڪ شاعر رنگين جا
مرزا باقي متعلق هي ٻه شعر ڏنا آهن:
درميان مرزا باقي نماند،
امتياز نيڪ و بد اندر جهان،
قدر دولت را اند نست تاکہ شد،
شير کا عہ ليس باجمعي سگان،
ارغون جڏهن مرزا محمد باقي جي ظلم جا شڪار ٿيا ته انهن ۾ هڪ
شاعر غضنفر بيگ به هو جنهن کي ٺٽي مان جلا وطن
ڪيائين ۽ هو پنهنجو وطن ڇڏي وڃي ڪيچ ۾ رهيو.
انهيءَ آزار جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو:
نموده آوارَه ام ميرزايِ،
نيا سايد دمي برجاي باقي،
زحق است عنقريب اين آرزويم،
زگوشم بشنود ايي هاي باقي.
فراق مرزا باقي جي بي قدري بابت ٻڌائيندي چوي ٿو:
بزرگان زمانہ شاه باقي،
ندانستند احوال ”فراقي“
کنون پاينده چشم مهرباني،
همي درام من ازياران جاني.
مرزا باقي جي اولاد:
مرزا محمد باقي جي اولاد مان جن جا نالا معلوم ٿي سگهيا آهن،
اهي هي آهن:
پٽ:
مرزا شاهه رخ اول ــ وفات 992هه (85 ــ 1584ع)
مرزا مظفر اول حاڪم بدين ۽ چاچڪان.
مرزا محمد پاينده، وفات 1000هه (92 ــ1991ع)
ڌيئرون:
حور بيگم وفات 1012هه (4ــ 1603ع)، مڪلي قبرستان.
بيگه جان 1018هه (10 ــ 1609ع) مڪلي.
ماه بيگم 1014هه.
سنڌي بيگم
احسان بيگه 981هه
هڪ مرزا شادمان جي گهر واري هئي.
مرزا غالب کي ڏنل هئي.
هي اها ئي ڇوڪري آهي، جنهن کي مرزا جاني مرزا عيسيٰ ثاني جي عقد
۾ ڏنو. |