سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :45

 

ميرپور جا مير

 

مير ٺارو خان:

مير ٺارو خان پٽ فتح خان (قتل 1196هه) پٽ موسيٰ خان باني ميرپور پٽ الله يار خان (1146هه) پٽ ماڻڪ خان (1132هه) پٽ ڪڪو خان (1100هه) پٽ شاهو خان پٽ بجار خان پٽ زنگي خان، ميرپور خاص حڪومت جو پهريون حڪمران هو ۽ ڪن ريگستاني علائقن کي شامل ڪري پنهنجي حڪومت جي ايراضي اڃا وڌايائين. مير ٺارو 1245هه (1829ع) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

مير علي مراد خان:

مير ٺاري کانپوءِ انهيءَ سال سندس پٽ مير علي مراد خان تخت تي ويٺو. پاڻ فقير دوست انسان هو، 1252هه (1837ع) ۾ مير علي مراد جي وفات ٿي ۽ پنهنجي پويان ٽي پٽ مير شير محمد خان، مير شاهه محمد خان ۽ مير خان محمد خان ڇڏيائين.

شير سنڌ مير شير محمد خان:

مير علي مراد کانپوءِ سندس وڏو پٽ مير شير محمد خان تخت تي ويٺو ۽ شير سنڌ جي لقب سان سڏجڻ لڳو. مير شير محمد سنڌ جو عظيم سپوت هو، جنهن  وقت هن حڪومت سنڀالي ان وقت حيدرآباد جي مختلف حصن تي مير نصير، مير محمد خان، مير شهداد ۽ مير حسين علي حڪمران هئا. اهڙيءَ طرح خيرپور ۾ مير رستم، مير علي مراد ۽ مير نصير خان جي حڪومت هئي، پر پاڻ ۾ ٺهيل نه هئا.

ميرپور خاص تي اڪيلي سر حڪومت ڪرڻ وارو مير شير محمد تاريخ ۾ هڪ دلير، همت وارو ۽ خدا ترس انسان  جي صورت ۾ سڃاتو وڃي ٿو.

مير شير محمد خان جو انگريزن سان عهدنامو:

ٻين ميرن وانگر انگريزن ميرپور خاص جي  مير شير محمد کي به عهدنامي جي زنجيرن سان جڪڙيو جيڪو 18 جون 1841ع تي هيٺين شرطن آڌار طئي ٿيو، جنهن ۾ حيدرآباد جي ميرن سان ٿيل ٺاهه جهڙو ئي مضمون هو.

ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ مير شير محمد خان ۾ هميشه دوستي ۽ محبت قائم رهندي.

هر سال فيبروريءَ ۾ مير جي حڪومت ڪمپنيءَ کي هتي رهندڙ فوج جي خرچ لاءِ پنجاهه هزار ادا ڪندي.

انگريز سرڪار مير شير محمد جي ملڪ جي حفاظت جي ذمينوار هوندي.

مير شير محمد هر طرح سان خود مختيار هوندو ۽ ملڪي معاملن ۾ انگريز سرڪار ٽنگ نه اڙائيندي ۽ نه ئي ان خلاف ڪا شڪايت ٻڌندي.

مير موصوف جو سنڌ جي ٻين اميرن سان اختلاف ٿيڻ جي صورت ۾ هو برطانوي ريزيڊنٽ کي اطلاع ڪرڻ جو پابند هوندو ۽ اهو هندستان جي گورنر جنرل جي منظوريءَ سان معاملو حل ڪرائيندو.

جيئن ته مير شير محمد جو هاڻي به حيدرآباد جي ميرن سان ايراضيءَ تي جهڳڙو هلي ٿو، جنهن جو فيصلو به ريزيڊينٽ صاحب ڪندو.

هڪ امير جو ٻئي امير جي عوام تي ظلم جي صورت ۾ اهو امير بغاوت ۽ فساد جي ڀؤ کان ان کي سزا نٿو ڏئي سگهي ته ريزيڊنٽ جي وسيلي گورنر جنرل کي بروقت اطلاع ڪري ۽ گورنر جنرل مناسب  سمجهو ته مجرم کي پڪڙڻ ۽ سزا ڏيارڻ ۾ مدد ڪندو.

مير شير محمد انگريز سرڪار کي ٻڌائڻ کانسواءِ ڪنهن به حڪومت ۽ سردار سان معاهدو نه ڪندو، باقي پنهنجي دوستن ۽ مائٽن سان تعلق رکڻ ۾ آزاد هوندو.

مير صاحب انگريز حڪومت جي مرضي ۽ مشوري سان هميشه امن امان قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو. جيڪڏهن ضرورت پوندي ته انگريز سرڪار فوجي مدد به ڏيندي پر اها فوج انگريز آفسر جي حڪم تحت ڪم ڪندي، جيڪڏهن فوج  مير جي ملڪ کان ٻاهر ويندي ته ان جو خرچ انگريز سرڪار مٿان هوندو.

جيئن ته ڪمپنيءَ جي سڪي ۽ تڪرو(بڪرو) يا تيموري سڪي جي قيمت برابر آهي، تنهن ڪري ڪمپنيءَ جو سڪو مير صاحب جي ملڪ ۾ جاري ڪيو ويندو.

جيڪي ٻيڙيون سنڌو درياءَ جي اتر کان مير صاحب جي ملڪ مان داخل ٿي گذرن ٿيون، انهن کان محصول نه ورتو ويندو.

جيڪڏهن رستي مان تجارتي مال ٻيڙيءَ مان لاهي وڪڻيو وڃي ته ان کان رائج محصول ورتو وڃي، پر جيڪڏهن اهو مال لشڪر گاهه يا ڇانوڻيءَ ۾ وڪڻيو وڃي ته ان کان محصول نه ورتو ويندو.

واپارين کي حق هوندو ته هو مناسب موسم ۾ پنهنجو مال سنڌو درياءَ رستي آڻين ۽ ٻي موسم ۾ وڪڻن لاءِ گودامن ۾ محفوظ رکن، جيڪڏهن اهي واپاري سامان انگريز لشڪر گاهه ۽ ڇانوڻي کانسواءِ ٻي هنڌ وڪڻن ته هن معاهدي جو هڪ فريق گورنر جنرل ۽ ٻيو فريق مير شير محمد خان آهي ۽  ٻنهي هن کي منظور ڪيو آهي. سرڪار هندستان ۽ مير شير محمد جا جانشين ٻئي هن جي پابندي ڪندا. (صحيح ـــ آڪلينڊ ـــ 27 ربيع الاول 1257هه (18 جون 1841ع)

بمبئي ۾ گورنر جنرل فورٽ  وليمهن معاهدي تي صحيح ڪئي. (ٽي ـــ ايڇ ميڊڪ سيڪريٽري  گورنمينٽ هند)

مير شير محمد جو انگريزن سان اٽڪڻ:

گذريل ورقن ۾ اچي چڪو آهي ته 40 ــ 1839ع ۾ خراسان تي حملي لاءِ انگريزن جو وڏو لشڪر سرجان ڪين، جنرل ويلشائر ۽ اٽرام جي اڳواڻيءَ ۾ بمبئي کان ڪراچي پهتو ۽ ڪراچيءَ کان ٺٽي ۾ داخل ٿيو ته، مير شير محمد انگريزن سان جنگ ڪرڻ واسطي بلوچن جو لشڪر گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ حيدرآباد مان مير صوبدار ۽ مير محمد خان به پنهنجي ماڻهن سان  ساڻس گڏ هئا، صرف مير نور محمد شريڪ نه هو. بلوچن جي ان لشڪر 15 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد کان ٽي ميل پري درياءَ جي ڪپ تي قائم انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي ڇاپو هنيو ۽ گودام لٽي ورتو. ميجر اٽرام جهڙو ڪمانڊر به ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڀڄي ويو. ان کان پوءِ مير نور محمد وچ ۾ پئي انگريزن کي گودام جا چوويهه  لک ڀري ڏنا ۽ راضي ڪري ورتو.

دٻي واري جنگ:

اسان اڳ ۾ انگريزن جي چالاڪين ۽ چالبازين جو ذڪر ڪري چُڪا آهيون ته ڪهڙي طريقي سان انهن معاهدن، لالچن ۽ ميرن جون پاڻ ۾ دشمنيون ڪرائي کين ڪمزور ڪيو ۽ پوءِ مياڻيءَ ۾ شڪست ڏئي ڪري حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن کي وطن کان ٻاهر قيد ڪيو ۽ هو انهيءَ قيد ۾ وفات ڪري ويا.

حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن جو اهو حشر ڏسي مير شير محمد خان ۾ جذبو جاڳيو ۽ هٿيار پنهوار وٺي ڦليلي جي اوڀر کان اچي خيما کوڙيائين، هوڏانهن انگريز فوج به چارلس نيپئر جي اڳواڻيءَ ۾  مقابلي لاءِ آئي ۽ ٻئي فوجون 24 مارچ 1834ع تي دوبدو ٿيون، تاريخ ۾ انهيءَ جنگ کي ”دٻي جي جنگ“ سن ياد ڪيو وڃي ٿو.

هوش محمد شيديءَ جا ڪارناما:

دٻي واري جنگ ۾ جنهن ڪمانڊر پنهنجي بهادريءَ سان انگريزن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون اهو هوش محمد شيدي هو. هوش محمد، مير صوبدار جو غلام هو پر  پنهنجي دليري، همت ۽ حوصلي ڪري فوج جي ڪمانڊر واري مرتبي تي وڃي پهتو.  پنهنجي دوستيءَ سان گڏ مشهور نعرو ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ هڻندو ميدان ۾ آيو ۽ انگريزن مٿان ڪڙڪي پيو. دشمن سان وڙهندي وڙهندي هوشو شهادت جو جام نوش ڪيو.

چارلس نيپئر سندس بهادري ۽ مڙسيءَ کان متاثر ٿيندي هوشو کي وڏي فوجي اعزاز سان حيدرآباد قلعي ۾ دفنايو ۽ سندس قبر تي هڪ توپ لڳائي.

سر چارلس چيو هو ته ”هو مري چڪو  هو پر پوءِ به تلوار هٿن ۾ قابو هيس.“

مير غلام علي، علي خان ٽالپر ۽ ٻين جا ڪارناما:

دٻي جي جنگ ۾ هوشو کان علاوه مير غلام علي خان پٽ عبدالله ٽالپر، علي خان ٽالپر، ڪمال خان مري ۽ نبي بخش مري به پاڻ ملهايو ۽ تاريخ ۾ هميشه پنهنجو نالو زندهه ڪري ويا. انهن جنگ جي ميدان ۾ گهري ڪري دشمنن جي ڪيترن ئي سپاهين کي موت جي منهن ۾ موڪلي ڇڏيو ۽ چارلس نيپئر پنهنجي لشڪر جو اهو حشر ڏسي مٿو پٽڻ لڳو.

دٻي جي جنگ ۾ مير شير محمد جي هار جا ڪارڻ:

انگريز هار جي ويجهو پهچي چُڪا هئا ته اوچتو مٽيءَ جو اهڙو طوفان هليو جو سڀ ڪجهه غرق ٿي ويو ۽ ڪجهه به نظر نه پئي آيو، ان هوندي به ٽالپر مڙسي ۽ مردانگيءَ سان وڙهندا رهيا پر انگريزن جي ڇاڙتي محمد خان ٿوري جيڪو ميرن جي لشڪر سان صرف انهيءَ موقعي لاءِ گڏ هو، لڪي وڃي سردار شير محمد جي بارودخاني ۾ باهه لڳايائين، جنگ پلٽو کاڌو ۽ آخري وقت ۾ ڪجهه سردار مير شير محمد کي جنگ مان ڪڍي ويا ۽ نصرپور کان ٿيندا ميرپور خاص پهتا ۽ پوءِ اتان سامان وغيره ميڙي سيڙي ريگستان طرف روانا ٿي ويا، جتي مير شير محمد پنهنجا ٻار ٻچا اڳ ۾ ئي موڪلي ڇڏيا هئا.

ڪونهيرو جي جنگ:

مير شير محمد خان وري لغاري ۽ ٻين سردارن، رئيسن کي وٺي اڀپور (اڄوڪو سنجهورو) ۽ پوءِ شاهپور چاڪر آيو، جيئن سيوهڻ ڏانهن سنڌو درياءَ جي اولهندي پاسي کان چانڊيا بلوچ ۽ ٻيون قومن ٽالپرن سان گڏ درياءَ ٽپي سڪرنڊ پهچن جتان اتر کان حيدرآباد تي حملو ڪيو وڃي ۽ حيدرآباد ۽ خيرپور جو رستو رسد پهچڻ کان بند ڪيو وڃي. چارلس نيپئر کي خبر پئي ته ان گهوڙي سوار فوج کي خيرپور جو رستو رسد پهچڻ کان بند ڪيو وڃي. چارلس نيپئر کي خبر پئي ته ان گهوڙي سوار فوج کي ڳجهي طرح شهدادپور کان اتر طرف موڪليو. مير شير محمد لشڪر سان گڏ شاهپور چاڪر کان سڪرنڊ ۽ پوءِ ڪونهيرو جي ويڪري ميدان ۾ اچي نڪتو ته  سامهون هڪ لشڪر نظر آيس جنهن کي بلوچن جو لشڪر سمجهيائين، جيڪي سيوهڻ کان اچڻا هئا، پر اها انگريز فوج هئي، ميرن جي پيادل فوج انگريزن سان زبردست مقابلو ڪيو پر پوءِ به کين هار کائڻي پئي. لغارين جا ٻه سؤ جوان مارجي ويا. رات ٿي وئي ۽ مير شير محمد ۽ سندس سردار اڀپور ۾ مايوس موٽي آيا ۽ فيصلو ڪيائون ته ميرپور ماٿيلي ۾ لغارين ۽ بلوچن جو لشڪر گڏ ڪري فيصلائتي جنگ جوٽي وڃي. مير شير محمد ۽ نواب احمد خان لغاري ريگستان رستي ميرپور ماٿيلي ڏانهن نڪتا.

مير علي مراد (والي خيرپور) جون انگريزن سان وفاداريون:

هيڏانهن مير شير محمد انگريزن کي سنڌ مان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هو ته هوڏانهن خيرپور جو مير علي مراد سندس ساٿاري بڻجي انهن جا سنڌ ۾ پير پختا ڪري رهيو هو. مير علي مراد انگريزن کي راضي رکڻ لاءِ مير شير  محمد جي ڏاڏي مير احمد خان لنگ ۽ ٻين اهم سردارن جيڪي لشڪر جا ٿنڀا هئا، کي وڏين نوڪرين تي ۽ ٻيون لالچون ڏئي لشڪر کان الڳ ڪيو. ان سان ميرن جي فوج جي چيلهه چٻي ٿي  پئي ۽ ڪنهن به سپاهيءَ ۾ وڙهڻ جي همت ۽ حوصلو نظر نه آيو ته مير شير محمد ميدان ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. انگريز فوج عمر ڪوٽ ۽ ٽنڊو الهيار ۾ کيس ڳولهيندي رهي پر هو ڪنهن جي هٿ نه آيو.

مير شير محمد جو فوجي مدد لاءِ قنڌار وڃڻ:

ان هار کانپوءِ 1843ع ۾ مير شير محمد فوجي مدد لاءِ قنڌار ويو. قنڌار جي سردارن سندس ڏاڍي خدمت چاڪري ڪئي ۽ ميرن کين چوڏهن پندرهن هزارن جون سوکڙيون پيش ڪيون. مير شير محمد انگريزن سان مقابلي لاءِ جڏهن لشڪر ۽ سامان جي گهر ڪئي ته سڀئي سردار چوڻ لڳا، اسان جو ٽن چئن هزارن جو لشڪر انهن کي ڇا ڪري سگهندو؟ اهو ته انگريزن جي ٻن توپن ۾ ئي  پورو ٿي ويندو. باقي سڀني قبيلن کي مڃائي وڏو لشڪر موڪلڻ مشڪل آهي! مير شير محمد چين، هن وقت مون وٽ ايترا پيسا ناهن، ها جڏهن قبيلن جا سردار لشڪر وٺي شالڪوٽ پهچندا ته ٻن لکن سان سندس خدمت ڪندس ۽ ڍاڍر ۾ هڪ لک وڌيڪ ادا ڪندس، ڪڇي ۾ پهچڻ وقت انهن کي سڀ پگهارون ۽ خرچ پکو ڏنو ويندو.

سردار ڪنهن طريقي سان راضي ٿي ويا ۽ مير افضل کي مير شير محمد سان شالڪوٽ رقم وٺڻ لاءِ موڪليائون ۽ چيائون ته جڏهن پيسا هٿن ۾ ملندا ته اسان قنڌار مان نڪرنداسين.

جڏهن سردار افضل مير شير محمد سان شالڪوٽ پهتو ته زوردار مينهن شروع ٿي ويو ۽ پورا پندرهن ڏينهن تيزيءَ  سان هلندو رهيو. مير شير محمد واعدي واري رقم نه ڏئي گهيو ۽ معذرت ڪندي چيائين ته ڍاڍر پهچي ٻئي گڏ ادا ڪبا. سردار محمد افضل سڄي صورتحال  کان قنڌار جي سردارن کي آگاهه ڪيو. سردارن جو جواب موڪليو ته مير شير محمد چاهي ته اسان سان اچي رهي باقي سندس مرضي آهي ته هو جيڏانهن وڃڻ چاهي وڃي اسان سندس ساٿ نه ڏئي سگهنداسين. سردار افضل مير شير محمد کي ڍاڍر روانو ڪيو ۽ اتي مير صاحب کي ڪجه پيسا هٿ آيا ته راتورات قلعي کاڻ ۾ اچي نڪتو جتي احمد خان لغاري به اچي مليس.

کاڻ کان مير شير محمد چتر ۽ پوءِ  بولچي پهتو ۽ انگريزن سان وڙهڻ لاءِ لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو  پر ناڪامي پڙ پوڻ تي اتان کاڻ ۽ کاڻ کان ملتان ۽ پوءِ لاهور ويو.

ليفٽيننٽ گورنر پنجاب اڳيان پيش پوڻ:

لاهور ۾ پهچڻ کان پوءِ هو هر طرف کان مايوس ٿي مجبوراً ليفٽيننٽ گورنر پنجاب وٽ پيش  پيو ۽ انگريزي حڪومت سندس بهادريءَ کي ڏسندي هن لاءِ لاهور ۾ رهائش جو بندوبست ۽ معقول وظيفو مقرر ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ مير صاحب جو ڀاءُ شاهه محمد بمبئي مان آزادي ماڻي لاهور پهتو ۽ پوءِ ٻئي ڀائر پنهنجي وطن  ميرپور خاص ۾ اچي رهيا.

سنڌ جي آزاديءَ جو هي هيرو مير شير محمد خان 1294هه (1877ع) تي پنهنجي وطن ميرپور خاص ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سنڌ سان وفادري نڀائي هميشه لاءِ تاريخ ۾ پنهنجو نالو  امر ڪري ويو.

ٽالپوري راڄ ڪيئن رهيو؟

ٽالپورن سنڌ تي سٺ سال، يعني 1783ع کان 1843ع تائين حڪومت ڪئي. سندن اهو مختصر دؤر ذاتي جهيڙن جهڳڙن ۽ انگريزن جي ڏاڍاين ۾ گذريو، جنهن جي ڪري چڱي طرح حڪومت تي ڌيان نه ڏئي سگهيا، پر پوءِ به انهيءَ دؤر کي ڪماياب دؤر چئي سگهجي ٿو.

ٽالپرن جو انتظام:

ٽالپري حڪومت جي انتظام بابت سيد مصطفيٰ بريلوي روزاني حريت اخبار ۾ 11 نومبر 1927ع تي هڪ تاريخي دستاويز جي نالي سان ترجمو ڪري مضمون ڏنو، ٽالپرن جي انتظام بابت اهو دستاويز ڪيپٽن ڊبليو هارٽ جو لکيل آهي. اسان ان مان هتي اهم نڪتا پيش ڪيون ٿا.

ميرن جي حڪومت ۾ سول ۽ فوجي عهدا هڪ ئي حيثيت رکندا هئا. گورنر  کي نواب چيو ويندو هو ۽ ان کي امير مقرر ڪندو هو. گورنر جا اختيار واضح ٿيل نه هئا ۽  نه ئي ان کي موت جي سزا ڏيڻ جو اختيار هوندو هو.

1840ع ۾ حيدرآباد جي ميرن طرفان مقرر ٿيل گورنر کي ٽنهي اميرن جي حمايت حاصل هئي پر مير صوبدار هڪ هندو مول چند کي پنهنجي طرفان گورنر رکيو، جيڪو ان طرفان ڪليڪٽريءَ جا ڪم به ڪندو هو.

عام اختيارن ۾ صرف هڪ پابندي هئي ته ڪنهن انتظامي معاملي جي شڪايت صرف حيدرآباد تائين نه پهچي.

ڪيپٽن هارٽ جو چوڻ آهي ته گورنر کي بيد هڻائڻ، نڪ ۽ ڪن ڪٽرائڻ  جو اختيار حاصل هو پر اها سزا ڪڏهن مشڪل سان ڏني ويندي هئي. سمگلنگ جي سزا بيد جو اهو ڦٽڪو هو جيڪو کجي جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل هوندو هو ۽ لڳڻ سان کل لهي ويندي هئي، پر مجرم مقرر ٿيل ڏنڊ ادا ڪندو هو ته کيس ڇڏيو ويندو هو.

ڪراچيءَ جي گورنر جي فوجي قوت تمام ٿوري هئي. منهوڙو ميرن جي قبضي ۾ هو ۽ گني جا سپاهي اتي مقرر هئا. بلوچ سپاهي رزرو طور ملير ۾ مليل جاگيرن ۾ رهندا هئا.

گورنر سيڪريٽريٽ:

علائقي ۾ ڍل وصول ڪرڻ، حساب ڪتاب رکڻ ۽ ملازمن جي پگهارن جو  حساب رکڻ لاءِ گورنر ڪراچيءَ جي وڏي عمارت هئي، جنهن ۾ منشي، عامل ۽ آڊيٽر وغيره هوندا هئا.

آمدنيءَ جا ذريعا:

ميرن جي زماني ۾ ڪراچي  شهر کوڙ سارن ٽيڪسن کان بچيل هو جيڪي انگريز اقتدار کان لاڳو ڪيا ويا.

ڪيپٽن هارٽ لکي ٿو ته جڏهن کان ميرن ڪراچيءَ کي فتح ڪيو آهي هي شهر انهن گهڻن ٽيڪسن کان آجو آهي، جنهن ۾ ٻيا شهر جڪڙيل آهن، حڪومت جي آمدني لاءِ جيڪي ٽيڪس  عوام تي رکيل هئا، اهي تمام گهٽ به هئا ته حڪومت انهن جي وصوليءَ لاءِ سختي به نه ڪندي هئي.

چبوترو محل:

اهو ٽيڪس جو هڪ اصطلاح هو، جيڪي ماڻهو تجارتي سامان کڻي ايندا هئا اڳ ۾ انهيءَ چبوتري وٽ سرڪاري عملدارن کان چيڪ ڪرائيندا هئا.

عمارتي ڪاٺ ٻارڻ لاءِ ڪتب ايندڙ ڪاٺ ۽ مڇي تي به ٽئڪس رکيل هو. جانور ۾ مال بردار جهڙوڪ اٺ، ڏاند وغيره تي به ٽئڪس لاڳو هو.

جوئا جي روڪ:

شهر ۽ ڳوٺن ۾ جوا کيڏڻ تي حڪومت طرفان پابندي هئي، باقي سرڪاري جوئي خانا کليل هئا ۽ کٽڻ واري کي  ٻه ڪراني ٽيڪس ڏيڻو پوندو هو.

فوج:

ٽالپورن کي ڪائي فوج نه هئي صرف ڪجهه سپاهي حيدرآباد جي قلعي ۾ رکيل هئا، باقي ڪي ماڻهو وقت اچڻ تي هزارين ماڻهو گڏ ڪري ڏيندا هئا.

سنڌ جي باري ۾ ڊاڪٽر برنس جي راءِ:

ڊاڪٽر برنس سنڌ جي باري ۾ لکي ٿو ته سنڌ ڏڪار ۽ مينهن نه پوڻ کان بچيل آهي، ۽ ان جي آزادي به قائم آهي. قدرت سنڌ کي سڄو سال وهڻ واري درياءَ سان نوازيو آهي، جيڪو سنڌ کي سائو ۽ سکيو ستابو رکڻ سان گڏ هارين کي هر موسم ۾ شاهوڪار فصل ڏيندو رهيو آهي، جنهن کي هو ٻاهر به موڪلي سگهن ٿا. قدرت جي انهيءَ نعمت کي سنڌ کان ڪوئي دشمن کسي ۽ برباد نٿو ڪري سگهي.

موجوده حڪمرانن واقعاتي لحاظ کان گذريل ٽيهن سالن ۾ سنڌ کي ڪنهن حد تائين امن ۽ سک وارو رکيو آهي.

سڪا:

مير فتح علي کي تيمور شاهه سنڌ جي سند ڏيڻ وقت اهو شرط رکيو هو ته سنڌ ۾ دراني سڪو جاري رهندو. 18 مئي 1793ع ۾ تيمور شاهه جي جاءِ تي زمان شاهه تخت تي ويٺو ته ان جي سڪي تي هي عبارت لکيل هئي:

قرار يافت بحکم خدائي هر دوجهان،

رواج سکئہ دولت بنام شاهه زمان.

1803ع ۾ زمان شاهه کان پوءِ دراني سلطنت ڪمزور ٿيڻ جي ڪري مير غلام علي اهي 12 لک خراج ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو جيڪو سنڌ حڪومت خراسان کي ڏيندي هئي. ڪشمير، پنجاب، پشاور، ديرن ۽ ملتان تي رنجيت قبضو ڪري پنهنجو سڪو جاري ڪيو، جنهن تي لکيل هو:

ديگ، تيغ و فتح و بي درنگ،

يافت از نانڪ گورو گوبند سنگهه.

1828ع ۾ مير مراد علي ٽالپورن ۾ پهريون ڀيرو سڪا ۽ اشرفيون تيار ڪرايون، سڪن تي هڪ پاسي کان ضرب سنڌ ۽ ٻئي پاسي کان سلاطين جهان لکيل هو. بعد ۾ انگريزن ميرن سان ٺاهه تحت پنهنجا سڪا  جاري ڪيا. مير مراد علي جي فتح علي شاهه قاچار سان دوستي ڪري ”گبري“ ۽ ”پتيلي“ جن جي قيمت چار چار آنا هئي، ايراني سڪا به سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رائج ها. مسقطي پيسو به سنڌ ۾ هلندو هو. پرتگالي ڊالر ۽ اطالوي اشرفيون جيڪي خالص سون جون هيون، اهي به سنڌ  ۽ بلوچستان ۾ رائج هيون. شهر ۾ ڪوڏيون به هلنديون هيون ۽ 92 ڪوڏيون هڪ پيسي برابر هونديون هيون. 1900ع تائين اهي سڪا هلندا رهيا ۽ پوءِ انگريزن جا سڪا اچڻ ڪري ٻيا سڀ ختم ٿي ويا.

تعليم:

انگريزن ميرن جي حڪومت تي ٻين الزامن سان گڏ اهو الزام به هنيو آهي ته سندن دؤر ۾ جهالت ڇانيل هئي پر حقيقت ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي ته مير ڏاڍا علم دوست هئا ۽ هر هنڌ مڪتب ۽ مدرسا قائم ڪيا هئائون، جن ۾ ٻارن کي مختلف علمن جي تعليم ڏني ويندي هئي. سيوهڻ، ٽلٽي، کهڙا، مٽياري، ميهڙ (ولهار) ۽ عمرڪوٽ علم جا ڳڙهه سمجهيا ويندا هئا، ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به حڪومت طرفان مڪتب کليل هئا. وڏن مدرسن ۾ لسانيات، منطق، فقه، تفسير، حديث ۽ ٻيا مضمون به پڙهايا ويندا هئا. ميرن سان گڏ سندن زالون به تعليم جي واڌاري ۾ دلچسپي رکنديون هيون. شهزادي خيران هڪ مدرسو قائم ڪيو هو جنهن جو سڄو خرچ پاڻ ڀريندي هئي. مولائي شيدائي صاحب پنهنجي ڪتاب جنت السنڌ ۾ ٽالپرن جي صاحبي ۾ تعليمي نظام جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.

علم ۽ ادب جي سرپرستي:

سڀ ٽالپر حڪمران پڙهيل لکيل عالم ۽ اديب هئا، ڪن مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا ۽ شاعري به ڪئي. سندن واسطا مڪي، ايران ۽ خراسان سان هجڻ ڪري، اتان ڪيترائي عالم هتي آيا ۽ ميرن جي محبت ۽ قدر ڏسي هميشه لاءِ هتان جا ٿي ويا.

مير ڪرم علي جي علم ۽ ادب دوستيءَ ڪري سندس درٻار عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان ڀريو پيو هوندو هو، جنهن ۾ مير عظيم الدين ٺٽوي، مير مائل ٺٽوي، سيد ثابت علي شاهه، مرزا محمد مظهر، آغا محمد عاشق، نواب ولي محمد لغاري، منشي صاحب راءِ چند، مير سيد علي مشتاق، مخدوم نور محمد بوبڪائي، آخوند نور محمد هالائي، مرزا خسرو چرڪس، مير صابر علي صابر ٺٽوي، مير ڪاظم شاهه سرخوش، سليمان صاحي، عبدالمجيد جوکيو، مصنف تاريخ بلوچ، مير هوتڪ خان افغان، سيد طباطبائي ۽ منشي دولت رام شامل آهن.

سنڌي ادب ۽ شاعري:

ٽالپر جيئن ته سنڌي هئا، تنهن ڪري سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي ان دؤر ۾ وڏي هٿي ملي. منظوم ميلاد نامن جو بنياد پيو جنهن جي شروعات مخدوم عبدالرؤف ڀٽي ڪئي ۽ فارسي عروض ۽ بحرن کي به سنڌي شاعريءَ ۾ شامل ڪيائين. ميان عيسيٰ هالائي به ان دؤر جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، ميرن جي صاحبي ۾ تصوف کي شاعريءَ ۾ خواجا محمد زمان   لنواري واري (1188 ــ 1125هه) سموئي هڪ نئون رنگ پيدا ڪيو. مدح ۽ مناجات چوڻ ۾ صاحبڏنو فقير، جمن چارڻ، پير اشرف ۽ فتح فقير پنهنجو مٽ پڻ هئا.

سنڌي ۾ مرثيي جي ابتدا به ان دؤر ۾ ئي ٿي، ڇاڪاڻ ته مرثيو چوڻ ۽ ٻڌڻ کي مير ثواب ۽ عبادت سمجهندا هئا. ان ۾ سڀ کان اڳ مير ڪرم علي جي درٻاري شاعر سيد ثابت علي طبع آزمائي ڪئي ۽ سنڌي زبان کي پنهنجي شاعري سان شاهوڪار بڻايو. مرثيه شاعري به سڀ کان اڳ ان جو ڪارنامو آهي.

غزل کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس به انهيءَ زماني ۾ مليو، ثابت علي ۽ سچل سرمست شروعاتي غزل چيا ۽ سچل سرمست شاهه لطيف کان پوءِ سنڌ جو وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو. سچل سرمست جي پيءُ جو نالو ميان صلاح الدين ۽ ڏاڏي جو عبدالوهاب هو. 1739ع تي گمبٽ ۾ جنم وٺندڙ سچل سرمست شروعاتي تعليم پنهنجي مرشد ۽ چاچي ميان عبدالحق کان ورتي. شاعريءَ ۾ وحدت الوجود جي فلسفي کي سچل سرمست جهڙي طريقي سان پيش ڪيو آهي، اهو بلڪل نرالو آهي. پاڻ ستن ٻولين ۾ شاعري ڪيائين، جنهن جي ڪري کيس ”هفت زبان شاعر“ سڏيو وڃي ٿو.

عوامي قصن کي منظوم ڪرڻ جو لاڙو به انهيءَ دؤر ۾ ملي ٿو. سڀ کان پهريان حفيظ تيوني ”مومل راڻي“ جي قصي کي منظوم ڪيو پر ٽالپرن جي شروعاتي ڏيهاڙن ۾ ئي گذاري ويو. بعد ۾ حفيظ عبدالله ان جي نقش قدم تي هلندي ليليٰ مجنون جي قصي کي منظوم ڪيو.

مولوي ولي محمد (94 ــ 1793ع) عربي جي ڪتاب ”حڪايت الصالحين“ جي حڪايت کي سنڌي دوهن ۾ ترجمو ڪيو. انهيءَ دؤر ۾ وائي جو نالو ڪافي پيو.

صاحب طرز شاعرن ۾ سيد خير شاهه پرديسي حيدرآبادي، صديق فقير سومرو، خليفو سيوهاڻي (وفات 1257هه) گل محمد هالن وارو (1856ع ــ 1811ع) ملا صاحبڏنو، ديوان دلپت راءِ صوفي پير علي گوهر شاهه اصغر (1847ع ــ 1816ع) محمد عارف صنعت شڪارپوري (وفات 1850ع) خليفو ڪرم الله شڪارپوري (وفات 1855ع) شاهو فقير، غلام علي فقير، دريا خان، فتح محمد فقير (وفات 1843ع) حمل فقير لغاري (1815 ــ 1779ع) ۽ خليفو نبي بخش لغاري ذڪر جوڳا آهن، جن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي عروج عطا ڪيو.

نثر جي شروعات به انهن ئي ڏينهن ۾ ٿي. آخوند عزيز الله متعلوي. (1824 ــ 1747ع) جيڪو تمام وڏو عالم فاضل شخص هو. قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.

تاليف ۽ تصنيف:

ٽالپرن جي صاحبي ۾ سنڌي ڪتابن لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ جي شوق ۾ به گهڻو واڌارو آيو ۽ ڪي ئي اهڙا ڪتاب لکيا ويا جن کي وڏي مڃتا ملي، جيئن فتح نامو مير  عظيم الدين، انشاءِ عظيم، فتح نامو مير صوبدار، فرير نامو ۽ تذڪره زبدة المعاصرين مؤلف مير حسين الحسيني قابل ذڪر آهن.

ڪتب خانا:

ميرن جي زماني ۾ نادر ۽ قيمتي ڪتابن ميڙڻ ۽ لائبريريون قائم ڪرڻ جو رجحان به عام هو. سنڌ ۾ ڪيترائي ذاتي ڪتب خانا قائم ٿيا. حيدرآباد قلعي ۾ ڪتابن جا انبار ٿي ويا ۽ انگريز پوءِ انهن کي يورپ کڻي ويا.

امير، وزير:

ٻين ڳالهين سان گڏ هتي ميرن جي اميرن، وزيرن ۽ سردارن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، جن سندن سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

سنڌي فوج جو سپهه سالار ۽ وزير نواب ولي محمد خان لغاري:

آقا عبدالحئي حبيبي تعليقات نواءِ معارڪ  ۾ نواب ولي محمد کي پنهنجي دؤر جي عهد ساز شخصيت قرار ڏيندي هن جي ڏاهپ، شجاعت ۽ سياسي بصيرت جي ساراهه ڪئي آهي، هو لکي ٿو ته:

اين شخص يکي از بوابغ سياسي واداري عصر خود است کہ در سر زمين سندهه همچون او مردي داشمند و جنگ جو و سياست مدار و مدبر کم گزشتہ است.

نواب ولي محمد جي پيءُ جو نالو غلام محمد خان ”نگار“ هو، جيڪو مير بهرام جو درٻاري هو ۽ مير بهرام سان گڏ وڙهندي 84 ــ 1783ع ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي هٿان شهيد ٿيو.

نواب ولي محمد 1165هه (52 ــ 1751ع) ۾ ڄائو ۽ تعليم وٺڻ بعد مير فتح علي ٽالپر سان واڳجي ويو. 1196هه (82 ــ 1781ع) ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي ۽ ٽالپرن وچ ۾ ٿيل هالاڻي واري جنگ ۾ نواب ولي محمدن اهڙي بهادري ۽ مڙسي ڏيکاري جو هو مير فتح علي جي ويجهو ٿي ويو ۽ مير کيس سنڌ جو  مدار المهام بڻايو. سندس ڪارنامن مان شڪارپور کي شاهه شجاع کان ٻيهر واپس وٺڻ به آهي، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري چُڪا آهيون.

نواب ولي محمد ميرن جي حڪومت جي هڪ حصي ”چانڊڪا“ جو حاڪم به هو ۽ سيوهڻ کان وٺي جيڪب آباد تائين هن جي حڪومت هئي. حيدرآباد ويجهو ٽنڊو ولي محمد انهيءَ جي نالي تي آهي.

نواب نهايت سياڻو ۽ سياسي سمجهه رکندڙ مسلمان سياستدان هو، جنهن ڏاڍي عمدگيءَ سان افغانستان ۽ سنڌ جا وچڙيل مسئلا سلجهايا ۽ ٽالپرن پاران ڏنل زمينداريون نڀايون. سندس شخصيت ٽالپرن لاءِ به ڇپر ڇانوَ هئي، جيستائين هو جيئرو رهيو ملڪي انتظام  ۽ ڪاروهنوار سهڻي نموني سان هلندو رهيو ۽ ميرن جو اتحاد قائم رهيو پر هن جي وڃڻ کان پوءِ ميرن جي حڪومت جو زوال اچڻ شروع ٿيو.

برنس پنهنجي ڪتاب ”درٻار سنڌ“ ۾ نواب ولي محمد جي شخصيت ۽ سياسي حڪمت تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:

نواب ولي محمد ۽ سيد اسماعيل شاهه سنڌ جي ميرن جا وڏا وزير آهن ۽ پاڻ مير به نواب ولي محمد کي وزير سڏين ٿا ۽ هر معاملي ۾ کانئس صلاح ڪن ٿا، سڀ امير وزير نواب ولي محمد تي اعتماد ڪن ٿا. هن جي عمر ستر سال آهي ۽ سندس پٽ احمد خان ٽيهن سالن ۾ به پنهنجي پيءُ جهڙي ڪا وصف نه آڻي سگهيو آهي. نواب سٺي شاعر هجڻ سان گڏ فارسي نثر ۾ به اعليٰ قسم جو لکندڙ آهي. طب ۾ به ڪي ئي ڪتاب لکيا اٿئين ۽ سندس هڪ ڪتاب مير مراد علي جي نالي سان به آهي.

نواب ولي محمد جي سڀ کان وڏي خوبي ميرن سان وفاداري آهي. پنهنجي سڄي زندگي وڏي عزت ۽ شان سان گذاري 1247هه (1832ع) ۾ گذاري ويو ۽ ٽالپرن جي مقبرن ڀرسان وچ حيدرآباد ۾ سندس قبر آهي. ان زماني ۾ اتي ”باغ ولي محمد“ هو.

نواب ولي محمد خان لغاريءَ جا راشدي صاحب هيٺيان ڪتاب ڄاڻايا آهن:

ديوان ولي (فارسي): نواب ”ولي“ تخلص سان شاعري ڪندو هو ۽ اهو ديوان (8 ــ 1807) ۾ مڪمل ڪيائين.

نزهت الابرار (طب فارسي): پاڻ حڪيم هجڻ ڪري ان ڪتاب ۾ پنهنجا مجربات ڏنا اٿئين.

 

ساقي نامو

موعظت نامو

مثنوي هير رانجهو: نواب اها مثنوي مير مراد علي جي چوڻ تي 1227هه ۾ لکي. آقا عبدالحئي حبيبي سندس شاعريءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته: هن جي مثنوي ۽ غزلن ۾ سٺا ۽ خراب ٻنهي قسمن جا شعر آهن، ڪي شعر ته سهڻا، سليس ۽ نفيس آهن پر ڪي ڏاڍا مشڪل ۽ مبهم آهن.

آغا اسماعيل شاهه وڪيل:

ٽالپرن جي اميرن ۾ سياسي لحاظ کان آغا اسماعيل شاهه جي اهميت سڀ کان وڌيڪ آهي. سندس ڏاڏو سيد عبدالهادي اصفهان جو رهاڪو ۽ ٺاهوڪو طبيب هو. نادر شاهه جي اصفهان تي حملي وقت سيد عبدالهادي اتان لڏي ڪري 1150هه ۾ مدراس پهتو ۽ هڪ نواب سان لاڳاپجي ويو، جنهن جي ميان نور محمد ڪلهوڙي سان دوستي هئي. ميان نور محمد جڏهن بيمار ٿيو ته انهيءَ نواب سيد، عبدالهادي کي علاج ڪرڻ واسطي سنڌ موڪليو، سيد عبدالهادي اڃا سنڌ ۾ ئي هو ته نواب صاحب گذاري ويو ۽ سيد عبدالهادي ميان نور محمد وٽ ئي ترسي پيو. ميان سرفراز ڪلهوڙو تخت تي ويٺو ته سيد عبدالهادي جو پٽ ابراهيم شاهه به ايران کان اچي پيءُ سان مليو ۽ هتي ئي رهي پيو. 1779هه ۾ سيد عبدالهادي جي وڇوڙي کان پوءِ ابراهيم پنهنجي پيءُ وارو عهدو سنڀاليو. ڪلهوڙن کان پوءِ جڏهن سنڌ جي حڪومت ميرن جي هٿ ۾ آئي ته ابراهيم کي درٻار ۾ وڏي عزت ۽ اعليٰ عهدن تي رکيو ويو. 2 ذوالقعد 1222هه (1807ع) سيد ابراهيم شاهه لاڙڪاڻي۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس جاءِ تي پٽ سيد اسماعيل شاهه کي رکيو ويو. اسماعيل شاهه پنهنجي ڏاهپ ۽ سياسي سمجهه جي ڪري جلد ئي ميرن وٽ وڏو مقام ماڻي ورتو. هو ٻارهن سالن تائين ڪابل ۾ سنڌ  جو سفير ۽ ڪجهه وقت تائين شڪارپور جو حاڪم به رهيو. سنڌ جو شهر ٽنڊو اسماعيل شاهه ان جي ئي نالي تي آهي، جتي اڄ به سندس اولاد رهي ٿي.

ائين لڳي ٿو ته آغا اسماعيل وزير فتح محمد جي گرفتاريءَ کان پوءِ سنڌ آيو ۽ ٽالپورن جي درٻار سان لاڳاپجي ويو. 21 ــ 1820ع ۾ مير ڪرم ۽ مير مراد علي (حيدرآباد) طرفان سفير تي بمبئي جي گورنر وٽ ويو هو ۽ ميرن طرفان الفنسٽن ان ٿيل 9 نومبر 1820ع وارو معاهدو ان ئي لکيو هو.

ان کان پوءِ سيد اسماعيل شاهه لاڙڪاڻي جو مختيارڪار مقرر ٿيو ۽ شايد 1250هه (35 ــ 1834ع) ۾ وفات ڪيائين. سيد صاحب جا ٻيا ڀائر آغا زين العابدين، آغا ڪاظم شاهه، آغا تقي شاهه به شڪارپور ۽ ڪراچيءَ ۾ صوبيدار رهيا.

مسٽر ميسن پنهنجي سفر ڪٿا ۾ سيد اسماعيل شاهه جي باري ۾ لکي ٿو:

هو شيراز جي شيعا سيدن مان آهي ۽ حيدرآباد ۾ رهي ٿو. مير مراد علي ۽ سندس پٽ جي درٻار ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، جنهن ڪري سفارتڪاريءَ جون خدمتون هميشه ان کان ورتيون وينديون آهن. خراسان ۽ بمبئي به سفير جي صورت ۾ هو آيو هو ۽ بمبئي جي عاليشان محل ۾ کيس  رهائي ڪري ماهوار پنج هزار روپيا ڏنا ويا ۽ حڪومت بمبئي کي وڏي هوشياري ۽ چالاڪي سان  پنهنجو وفد حيدرآباد موڪلڻ تي راضي ڪري ورتائين. اهو وفد جڏهن ٺٽي پهتو ته انهن جي خوب خدمت ڪيائين پر اندران ئي اندران ميرن کي لکيائين ته انگريز وڏا مغرور آهن، کين جيترو ٿي سگهي ذليل ڪجي ۽ ڪنهن طريقي سان کڻي آيل جهنڊي کي جهڪايو وڃي. حيدرآباد جي ميرن پهريون ته نه مڃيو پر پوءِ سيد اسماعيل جي اميرن تي اثر ڪري ولي محمد خان لغاري کي ڪجهه سپاهين سان گڏ ٺٽي موڪليو ويو، جن اچي انگريزن جي جهنڊي کي ڪيريو ۽ ٻٽن سپاهين کي ماريو. ان واقعي جي  ردعمل کي روڪڻ لاءِ سيد اسماعيل انگريزن کي سمجهايو ته اهو ڪم سرحدي ڌاڙيلن جو آهي، جن سان حيدرآباد جي ميرن جو ڪو تعلق ناهي. سيد اسماعيل نهايت حڪمت سان برطانوي وفد کي سمجهائي مطمئن ڪري ڇڏيو، ميرن به کيس ان ڪم تي انعام سان نوازيو.

برنس نواب ولي محمد ۽ اسماعيل شاهه جي باري ۾ لکي ٿو: ٽالپور حڪومت جا هي ٻئي امير طبيب، شاعر ۽ مؤلف آهن، پر ٻنهي جي سيرت مختلف ۽ متضاد آهي. سيرت جي لحاظ کان ٻنهي مخالفن شخصيتن کي ميرن پنهنجي دوستيءَ لاءِ چونڊيو. سيد اسماعيل جي ميرن اندريان ۽ ٻاهريان معاملا حوالي ڪيا آهن پر جيڪو اعتماد انهن کي نواب ولي محمد تي آهي اهو سيد اسماعيل تي نٿا ڪن، تنهن ڪري مير مراد علي پنهنجي وصيت ۾ پٽن کي لکيو ته ”هو ولي محمد لغاريءَ جي صلاحن تي پورو اعتماد رکن ۽ سيد (اسماعيل شاهه) کان هوشيار ۽ بچيل رهن، ڇاڪاڻ ته ولي محمد سڄڻ ۽ صحيح انسان آهي، پر سيد مغرور ۽ خسيس قسم جو ماڻهو آهي.“

ميرن جون مصروفيتون:

ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته ميرن ڪم ڪارين جا وقت مقرر ڪري ڇڏيا آهن. هو صبح جو سج اڀرڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ ئي اٿي ملڪي ڪم ڪارين ۾ جنبجي ويندا آهن، شڪايتون ٻڌي ٻيا ڪم ڪار لاهي سج اڀرڻ کان ٿورو اڳ وري  پنهنجي محلن ۾ هليا ويندا آهن ۽ پوشاڪ مٽائي تازه توانا ٿي محل ۾ موٽي اچي خط پڙهڻ ۽ ضروري ڪمن ڏيڻ ۾ لڳي ويندا آهن. 11 بجي قيلولي ڪرڻ جو وقت اٿن ۽ 2 بجي وري سڀ ڪٺا ٿيندا آهن ۽  شام تائين اهو ميلو متل رهندو آهي. جونيئر پرنس پنهنجي درٻار الڳ هڻندا آهن. برنس حيدرآباد جي پهرين چوياري حڪومت جي باري ۾ لکي ٿو. انهن چئني ڀائرن کي شراب کان سخت نفرت هئي، حقي ۽ آفيم جو ڪهڙو ذڪر، مير مذهبي فرضن جا سخت پابند آهن.

سنڌ جي ميرن جي برباديءَ جا ڪارڻ:

ميرن جي زوال ۾ قسمت جي ڪردار سان گڏ تاريخ ۾ هيٺيان ڪارڻ به ٻڌايا وڃن ٿا.

ميرن جي زوال جو سڀ کان وڏو ڪارڻ انهن جا پاڻ ۾ اختلاف ۽ جهيڙا جهڳڙا آهن.

حيدرآباد جي والي مير صوبدار ۽ خيرپور جي مير علي مراد اول جي انگريز دوستي ۽ سرداري پڳ جي لالچ به انگريزن جا سنڌ ۾ پير پختا ڪيا ۽ خاص طور تي مير علي مراد انگريزن سان وفاداري نڀائيندي شير سنڌ مير شير محمد کان سندس ڏاڏي مير احمد لنگ ۽ ٻين اهم سردارن کي وڏين نوڪرين جي لالچن تي الڳ ڪري سنڌ جي سهاري جو آخري پائو به ڪيرائي ڇڏيو.

ٽالپرن انگريزن کي خراسان تي حملي لاءِ رستو ڏئي به وڏي ڀل ڪئي ۽ اهو نه سوچيائون ته هڪ ڏينهن اسان تي به چڙهي ايندا.

مير جيتوڻيڪ پاڻ تمام نرم دل ۽ غريبن جو درد رکندڙ هئا پر سندن ڪي عملدار رشوت خور، ظالم ۽ عوام کي آزاريندڙ هئا.

ٽالپرن جو دؤر هتي ختم ٿئي ٿو، الله جو شڪر آهي ته ان هن ڪم ڪرڻ لاءِ قوت ۽ صحت عطا ڪئي ۽ قلم مسلسل گردش ۾ رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org