ڪلهوڙا دؤر جا عالم، اديب ۽ شاعر
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو به هڪ وڏو تعداد ملي
ٿو، جن جي ڪري سنڌ ۾ وڏي ترقي ٿي.
مخدوم محمد معين:
مخدوم محمد معين بن مخدوم محمد امين (وفات 1161هه) ذات جا دل
هئا. مخدوم صاحب پنهنجي دؤر جي جليل القدر عالمن
مان هئا. سندن ڏاڏو مخدوم طالب الله ڳوٺ والي
روباه پٽ باران جو رهاڪو هو، مخدوم صاحب جو پيءُ
ٺٽي ۾ لڏي آيو ان ڪري سندن تعليم ۽ تربيت ٺٽي ۾ ئي
ٿي ۽ علامه جي درجي تي وڃي پهتا. پاڻ سرود ۽ سماع
جا شيدائي هئا، جنهن جي ڪري نقشبندي طريقي جي بزرگ
شيخ ابوالقاسم نقشبندي جا مريد وڃي ٿيا. آخر ۾
شاهه عبداللطيف سان به سندن گهاٽي دوستي ٿي.
علم موسيقي سان چاهه هجڻ ڪري ان ۾ ڪافي مهارت حاصل هين ۽ هندي ۽
فارسي ۾ شاعري ڪندا هئا، هندي ۾ بيراگي ۽ فارسي ۾
تسليم جي تخلص سان پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون، جن
۾:
رسالہ اويسيہ: (فارسي) جنهن ۾ اويسي طريقي تي بحث ڪيو ويو آهي.
شرح رموز عقائد الصوفيہ: نواب مهابت جي تحريڪ تي لکيل.
(4، 3) ٻه رسالا رفع يدين جي باري ۾ (رڪوع ۽ سجدي
۾) انهن مان هڪ عربي ۾ آهي ۽ هڪ فارسي ۾.
(5) در ترديد ابن الهمام.
(6) ايقاظ الوسنان.
(7) غاية الفسخ لسمئلة الفسخ
(8) رسالة در حقيقت اهل بيت مذکوره در آيت تطهير.
(9) رسالہ در بحث حديث المصرات
(10) غاية الايضاح في المحا کمة بين النووي و ابن
الصلاح
(11) ابراز الضمير اللمنصف الخبير.
(12) انوار الوجد من مخ المجد
(13) رسالہ در تنقيد بردو مقام از فتح القدير
(14) رسالہ در حقيقت معني حديث ”لا نورث ما ترکنا
صدقہ“
(15) مواهب سيد البشر في حديث الائمہ الاثني عشر.
(16) رسالہ قرة العين في البکا علي الامام الحسين
(17) رسالہ در اثبات اسلام ابي طالب
(18) الحجة الجليہ في نقض الحکم بالا فضيلہ
(19) رسالہ در بحث تناسخ.
(20) دراسات اللبيب في الاسوة الحسنه بالحبيب.
مخدوم صاحب جي وفات جي باري ۾ مير قانع تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو
ته: شاهه عبداللطيف هڪ ڏينهن پنهنجي مريدن ۽ عقيدت
مندن کي چيو هلو ته هلون پنهنجي دوست جو آخري
ديدار ڪري اچون، اهو چئي ٺٽي آيا ۽ هڪ سماع جي
محفل ۾ شرڪت ڪيائون، جتي مخدوم محمد معين به آيو،
ڪجهه دير کانپوءِ محفل ڄمي ۽ مخدوم صاحب وجد ۽
سرور واري حالت ۾ اندر ويو ۽ اتي الله کي پيارو ٿي
ويو. شاهه صاحب سندس ڪفن دفن ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏهن
اتان موڪلائڻ لڳا ته چيائون ٺٽي اسان ان عزيز دوست
لاءِ ايندا هئاسي. هاڻي اهو به نه رهيو.
مخدوم محمد معين مڪلي ۾ پنهنجي مرشد ابو القاسم نقشبندي جي پيرن
۾ ستل آهن. ڪيترن ئي شاعرن سندن تاريخ وفات ڪڍي
آهي.
محسن ٺٽوي:
لاجرم سال فوت او گفتند،
قطرء در بحر واصل شد.
1161هه
محمد پناهه رجا:
آمد بسال رحلت او اين ندا ز غيب،
ناجي شد او کہ آل محمد معين اوست.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي:
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي عبدالغفور پٽ عبداللطيف پٽ
عبدالرحمان پٽ خير الدين سنڌي بتورائي 10 ربيع
الاول 1104هه (1692ع) تي پيدا ٿيا. پاڻ مخدوم
ضياءُ الدين جا شاگرد هئا، علمي شهرت ۽ فضيلت ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هئا، زبان جي تاثير ۽ قلم جي طاقت
سان ڪيترن ئي ماڻهن کي مسلمان ڪيائون. مخدوم صاحب
نادر شاهه ۽ احمد شاهه کي به خط لکيا. پاڻ علم جا
درياءُ هئا ۽ ڪيترائي پر مغز ڪتاب لکيائون، جن جي
ڪري عرب ۽ عجم ۾ سڃاتا ويندا هئا. سندن ڏوهٽي
مخدوم غلام محمد مطابق ڏيڍ سؤ کن ڪتاب لکيائون، جن
جا نالا راشدي صاحب مقالات الشعراءِ جي فوٽ نوٽس ۾
ڏنا آهن.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي 6 رجب 1174هه (1761ع) تي رحلت فرمائي ۽
مڪلي ۾ مدفون ٿيا.
مخدوم عبدالرؤف:
مخدوم عبدالرؤف پنهنجي دؤر جا وڏا عالم ۽ عارف هئا. سندن گهڻو
وقت عبادت ۽ رياضت ۾ گذرندو هو. مخدوم صاحب جي
ڪرامتن جي ڪري وقت جو والي ميان نور محمد ڪلهوڙو
به سندن مريد هو ۽ ان جي حڪمن تي دل ۽ جان سان عمل
ڪندو هو. مخدوم عبدالرؤف 1166هه (53ــ 1752ع) تي
دنيا کي ڇڏي دارالبقا ڏانهن ڪوچ ڪيائون. شيخ
ابراهيم قاضي سندن جي وڇوڙي جي تاريخ ”کان وليا
رؤف الحلق“ مان ڪڍي آهي.
علامه محمد حيات سنڌي:
علامه محدث محمد حيات ٺٽي ۾ مخدوم معين کان علم پرايو ۽ پوءِ
هجرت ڪري مڪي پاڪ هليا ويا ۽ اتي جي جليل القدر
محدثن جنهن ۾ شيخ ابوالحسن، شيخ عبدالله، شيخ محمد
ابو طاهر ۽ ابو الاسرار شاملآهن کان حديث جو درس
ورتو ۽ سند وٺي اتي ئي پڙهائڻ جو شرف حاصل ڪيائون.
پاڻ مسجد نبوي جي هميشه پهرين صف ۾ نماز پڙهندا
هئا.
علامه صاحب جي تصنيفن ۾ شرح ترغيب و ترهيب، مختصر الزواجر، شرح
الحڪم العطائيه و حڪم الحداديہ ۽ شرح اربعين،
الايقاف علي سبب الاختلاف، رساله في رد بدعته
التعزيه، تحفته الانام في الحمل بحديث النبي عليہ
الصلوات والسلام مشهور آهن. علامه محدث محمد حيات
سنڌي 16 صفر 1163هه (1750ع) ۾ گذاري ويا ۽ جت
البقيع ۾ کين جڳهه ملي.
علامه محمد حيات سنڌي جي شاگردن ۾ شيخ احمد بن عبدالرحمان شامي،
شيخ محمد سعيد، شيخ عبدالقادر خليل، شيخ عبدالقادر
پٽ احمد پٽ عبدالقادر سيد غلام علي آزاد بلگرامي،
شيخ فاخر زائر الهه آبادي، مولانا محمد زاهد
سورتي، شيخ عبدالخالق يمني، سيد عبدالرحمان العيد
روسيءَ تحريڪ نجد جو باني شيخ محمد بن عبدالوهاب
مشهور آهن. نواب مصطفيٰ خان ”شيفته“ به کانئن
تعليم ورتي هئي.
شاهه فقير الله علوي:
شاهه فقير الله علوي پٽ شاهه عبدالرحمان پٽ شاهه شمس الدين
پنهنجي دؤر جا وڏا عالم، درويش ۽ صوفي منش انسان
هئا. علوي صاحب يارهين صديءَ جي آخر ۾ روتاس ۾
ڄاوا ۽ سندن وطن حمارڪ ۽ جلال آباد (افغانستان)
هو.
ظاهري علم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ملڪان ملڪ گهمندا ڪعبته الله جي
زيارت ڪندا ديس پهتا ۽ نقشبندي سلسلي جي بزرگ حضرت
شيخ محمد مسعود دائم جا مريد ٿيا. انهيءَ سلسلي
کان علاوه کين قادري سلسلي جي اجازت مليل هئي. ان
کان پوءِ قنڌار ۾ رهي ڪري علمي فيض ورهائيندا
رهيا.
1150هه (38 ــ 1737ع) ۾ فقير الله علوي صاحب شڪارپور اچي مستقل
رهائش اختيار ڪئي ۽ خانقاه جو بنياد رکيو، جتي
پشاور، لاهور، هرات، قنڌار ۽ سڄي سنڌ کان ماڻهو
اچي روحاني فيض حاصل ڪندا رهيا.
سندن علمي ۽ روحاني مرتبي ڪري وقت جا بادشاهه به اڳيان حاضري کي
پنهنجي لاءِ سعادت سمجهندا هئا، جنهن ۾ احمد شاهه
ابدالي، نصير خان بلوچ، ميان سرفراز خان ڪلهوڙو ۽
محمد خان بلوچ شامل هئا.
شاهه فقير الله علوي احمد شاهه ابدالي کي خط لکي کيس انصاف
پسندي، خدا ترسي، صبر ۽ اخلاق جي تلقين ڪئي، ان جي
وزيراعظم شاهه ولي عهد شهزادي سليمان قلات جي والي
نصير خان، سنڌ جي ميان سرفراز، مڪران جي حاڪم محمد
خان بلوچ کي به اهڙا ڪي ئي خط لکيائون.
شڪارپور ۾ پاڻ هڪ عظيم الشان ڪتب خانو به قائم ڪيائون، جنهن ۾
تمام قيمتي ڪتاب موجود هئا، پر پونيان سنڀالي نه
سگهيا ۽ ڪيئي ڪتاب ضايع ٿي ويا. ان ڪتبخاني جا ڪي
قلمي نسخا اڄ به ڪن هنڌن تي موجود آهن، جنهن ۾
جامع ترمذي جو هڪ قلمي نسخو جيڪو ڪعبي ۾ ويهي ڪري
لکيو ويو هو ۽ جنهن تي ڪيترن ئي عالمن جون مهرون ۽
نوٽ لکيل آهن، شاهه صاحب جون به ڪجهه سٽون ۽ مهر
ان تي ثبت هئي. اهو نسخو راشدي صاحب جي ذاتي
لائبريري ۾ موجود آهي.
پاڻ کي ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ جو وڏو شوق هين، سندن گهڻو وقت مطالعي
۽ مراقبي ۾ گذرندو هو. علوي صاحب جا سترهن لکيل
ڪتاب علمي حوالي سان وڏو مرتبو رکن ٿا، جيڪي هي
آهن.
فتح الجميل في المدارج التکميل، براهين النجات من مصائب الدنيا
والعرصات، فيوضات الهيہ، طريق لارشاد في تکميل
المؤمنين، والاولاد، منتخب الوصول وثيقة الاکابر،
قطب الارشاد، فتوحات الغيبيہ في شرح عقايد
الصوفيہ، جواهر الاوراد، قصيده مبرور، ڪتاب الزهار
في ثبوت الاثار (عربي ۾) فوائد فقير الله، شرح
قصيده بانت السعاد، ملفوظات (ان جو هڪ قلمي نسخو
حافظ خان محمد وٽ ڪوئيٽا ۾ آهي) مڪتوبات شاهه فقير
الله علوي، ملفوظات وعمليات، شرح ابيات مشکل مثڻوي
(ان جو هڪ نسخو ڪابل ۾ آهي).
علوي صاحب کي شاعريءَ سان به دلچسپي هوندي هئي، پاڻ عربي، فارسي
۽ پشتو ۾ شعر چيائون، سندن تخلص فقير هوندو هو.
3 صفر 1195هه (1781ع) پاڻ پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليا ۽
شڪارپور ۾ سندن قبر مٿان عاليشان قبو ٺهيل آهي.
علي مدد:
علي مدد اصل ايران جو رهاڪو هو پر ميان نور محمد جي درٻار ۾ اچي
وڏو مان ۽ مرتبو حاصل ڪيائين. علم نجوم، جفر، رمل
۽ حڪمت ۾ علي مدد کي وڏو ملڪو حاصل هو، سندس تڏي
تي هميشه مهمان ويٺل هوندا هئا. شاديءَ کانپوءِ
سيوستان ۾ اچي رهيو.
مولوي محمد صادق:
مولوي محمد صادق مخدوم محمد معين جي شاگردن مان هو. ٺٽي ۾ مشهور
نه ٿي سگهيو. قانع جي استاد ميان نعمت الله اڪثر
علم مولوي صادق کان سکيا. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ شيخ
شڪر الله ٺٽي جو ناظم ۽ ميرڪ محمد احسن شيخ
الاسلام ٿيا ته ٻئي مولوي محمد صادق جو وڏو خيال
رکندا هئا ۽ سندس ڏاڍي عزت ڪندا هئا.
مير نجم الدين عزلت:
مير نجم الدين عزلت ولد محمد رفيع بکري، مير محمد رضوي يوسف
بکري جي اولاد مان هو. مخدوم محمد معين سندس مامو
۽ استاد به هو. پاڻ ان جي زندگيءَ ۾ وڏو مرتبو ۽
فتويٰ جي حيثيت ماڻيائون. سندس شاگردن مان ميان
احمد ۽ ميان محمد باقر وڏي شهرت ماڻي. عزلت جي
تصنيفن مان ”يڪ روزي منطق“ جي طرز تي لکيل رسالي
کي چڱي مڃتا ملي آهي. فارسي ۾ سندس طوطي نامو لطف
۽ شيريني ۾ نخشبي واري ڪتاب کان زور آهي. شاعريءَ
۾ عزلت تخلص استعمال ڪندو هو. 1160هه (48 ــ
1747ع) ۾ عزلت لاڏاڻو ڪري ويو.
ميان نعمت الله:
ميان نعمت الله پٽ ميان عبدالجميل، مخدوم محمد ضياءُ الدين جو
ڏوهٽو هو. چوويهن سالن جي عمر ۾ ئي ڪمال مرتبي تي
پهتو ۽ پنهنجي مدرسي ۾ درس تدريس جو سلسلو شروع
ڪيائين. مير علي شير قانع سندس شاگرد هو ۽ ميزان
الصرف ۽ شرح ملا تائين سڀ ڪتاب ميان صاحب وٽ پورا
ڪيائين. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو.
مير علي شير قانع ٺٽوي:
سنڌ جي سياسي، ادبي، علمي ۽ روحاني تاريخ کي جيارڻ وارو مير علي
شير قانع ئي آهي. جيڪڏهن هو اهو علمي ڪارنامو
سرانجام نه ڏئي ها ته سنڌ جي تاريخ جا ڪي ئي پهلو
اڌورا رهجي وڃن ها ۽ سڀ کان وڌيڪ حسام الدين
راشدي صاحب جس لهڻي، جنهن انهن کي ڳولهي ڪري ضروري
نوٽ هڻي منظر عام تي آندو. گڏوگڏ ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ صاحب خراج تحسين جي لائق آهي، جنهن سندس ڪتاب
کي ترجمو ڪري اهم حاشين ۽ فوٽ نوٽن سان سينگاري
انهيءَ اهم علمي خزاني کي عوام آڏو ۽ موجوده دؤر
جي مؤرخن تائين پهچايو.
مير قانع جي بزرگن مان قاضي شڪر الله شيرازي بن وجيهه الدين
927هه ۾ قنڌار مان لڏي ٺٽي آيو.
سيد شڪر الله جي نسل مان ٺٽي جي سيدن شڪر الاهي جو سلسلو جاري
ٿيو. سيد شڪر الله کي علمي ڪمال ۽ بزرگيءَ جي ڪري
شاهه حسن ارغون پنهنجي حڪومت جو پهريون شيخ
الاسلام ڪري رکيو پر کيس انهيءَ عهدي جون پابنديون
پسند نه آيون ۽ جلد ئي عهدو ڇڏي ڏنائين.
مير قانع انهن جي ئي اولاد مان هو ۽ سندس سلسلو ستين پشت ۾ وڃي
ملي ٿو.
پاڻ 1140هه (28 ــ 1727ع) تي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾
پيدا ٿيو ۽ اها تاريخ ”خلق انسانا من السلالة“سان
نڪري ٿي. سندس اصل نالو غلام علي شير هو.
مير علي شير ٺٽي جي اهم عالمن کان تعليم حاصل ڪئي، جنهن ۾ ميان
نعمت الله، ميان محمد صادق، ميان عبدالجليل جي
ٻنهي پٽن کان، آخوند محمد شفيع، آخوند ابو الحسن ۽
مولوي مرزا جعفر شيرازي جو نالو پاڻ ٻڌائي ٿو.
مير صاحب جو شاعريءَ سان گهڻو لڳاءُ هوندو هو ۽ ٻارهن سالن ۾
پنهنجو اٺن هزارن جو ديوان پورو ڪري ڇڏيو هئائين،
جنهن ۾ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ٿيل هئي، پر خبر
ناهي ته ڇو ان کي درياءُ جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
1155هه ۾ شاعريءَ جو شوق مٿس غالب ٿيو ۽ مير حيدر الدين ابو
تراب ڪامل جو وڃي شاگرد ٿيو. شروع ۾ استاد جي ڏنل
تخلص ”مظهري“ سان لکندو رهيو پر پوءِ قانع“ پسند
آيس.
غلام شاهه ڪلهوڙي (1186ــ 1170هه) مير کي تاريخ لکڻ تي رکيو ۽
هڪ ڪتاب نثر ۾ ۽ هڪ نظم ۾ شاهنامي وانگر لکڻ شروع
ڪيائين پر مڪمل ٿيڻ کان اڳ نوڪري ڇڏي هليو ويو.
قانع پنهنجي سڄي زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاري، سندس
جن ڪتابن جي باري ۾ معلومات ملي سگهي آهي، اهي
هيٺيان آهن.
(1) ديوان علي شير (2) مثنوي شمع از قدرت (3) مثنوي قضا و قدر
(4) نو آئين خيالات (5) مثنوي قصه ڪامروپ (6)
ديوان غم (7) ساقي نامو (8) واقعات حضرت شاهه (9)
چهار منزله (10) تزويج نامه حسن ۽ عشق (11) اشعار
متفرقه در ضائع و تاريخ (12)بوستان بهار معروف
مڪلي نامو (هي ڪتاب نثر ۽ نظم ۾ آهي، جنهن ۾ مڪلي
قبرستان جي منظرن ۽ مقبرن جو احوال ڏنل آهي. ان جو
هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي، راشدي صاحب
ان تي وڏي محنت ۽ عرق ريزي سان حاشيا ۽ ضروري نوٽ
لکي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو آهي) (13) تاريخ
عباسيه (14) تاريخ عباسيه (نظم) (15) تحفة الڪرام
(هي ڪتاب ٽن جلدن ۾ آهي ۽ ٽئي جلد 1304هه ۾ ناصري
دهلي طرفان ڇپجي به چُڪا آهن. ڪتاب جو آخري جلد
سنڌ جي تاريخ متعلق آهي. راشدي صاحب هن ڪتاب تي
ضروري حاشيا ۽ شجرا ڏئي ڪري ادبي بورڊ پاران
ڇپرايو آهي. (16) مثنوي اعلان غم (17) زبدت
المناقب (18) مختار نامه (ان جو هڪ نسخو سنڌي ادبي
بورڊ وٽ محفوظ آهي) (19) نصاب البلغاءَ (ان ڪتاب
جو هڪ نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسيني جي
ڪتب خاني ۾ موجود آهي) (20) مثنوي ختم
السلوڪ(سنڌي ادبي بورڊ وٽ ان جو هڪ نسخو پيل آهي.
(21) طومار سلاسل گزيده (ادبي بورڊ وٽ نسخو موجود
آهي (22) شجره طريقت اهل بيت (23) معيار سالڪان
طريقت (ان جو هڪ نسخو برٽش ميوزيم ۾ موجود آهي،
جيڪو سن 1242هه ۾ مير مراد علي ٽالپر جي لاءِ لکيو
ويو) (24) روضت الانبياءَ (25) زينت الاخلاق (26)
غوثيه (27) مثنوي قصاب نامه (سنڌي ادبي بورڊ ۾ ان
جو نسخو موجود آهي). (28) ميزان الافڪار (29)
تذهيب طباع (30) سرفراز نامه (31) حديقت البلغا
(نسخو سنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ آهي (32) مثنوي ڪان
جواهر (33) ميزان فارسي (34) رساله معمامع شرح
(نظم ۽ نثر ۾). (35) لب تاريخ ڪلهوڙا (36) بياض
محڪ الشعراءَ (نسخو ادبي بورڊ وٽ آهي) (37) ديوان
اشعار (38) قصائد و منقبت (نسخو موجود) (39)
انشاءَ قانع (نسخو موجود) 40) مثنوي محبت نامه
(نسخو موجود). (41 ـ 42) انهن ٻنهي جا نالا مير
مائل جي ڏنل فهرست مان ڊهي چُڪا آهن.
طومار سلاسل گزيده ۾ مير قانع پنهنجي پيءُ جو طريقت جو سلسلو
نقشبندي ۾ ٻڌائي ٿو پر پنهنجو شيعت ڏانهن لاڙو
هيس.
مير قانع چوهٺ سالن جي عمر ۾ 1203هه (01788ع) تي وفات ڪئي.
سندس قبر جي جاءِ ته نه لڀجي سگهي آهي پر يقين سان چئي سگهجي ٿو
ته شڪر الليٰ جي قبرستان جيڪو مڪلي ۾ آهي، مدفون
هوندا.
ڪلهوڙن جي دؤر جي عالمن جي فهرست تمام ڊگهي آهي، جنهن ۾ مخدوم
جعفر بوبڪائي، سيد علي رضا، غلام علي بن محمد
باقر، شيخ محمد رضا ۽ ٻيا ڪيترائي عالم، فاضل ۽
ڏاها گذريا آهن.
شعر ادب
محسن ٺٽوي:
ڪلهوڙن شعر ۽ ادب جي به سرپرستي ڪئي جنهن جي ڪري محسن ٺٽوي جهڙا
روشن ستارا شاعريءَ جي اڀ تي چمڪي نروار ٿيا. محسن
فارسي گوءِ شاعر هو، سندس شاعريءَ ۾ رندي، عشق جي
سرمستي، محبت جو هڳاءُ، دل نشيني ۽ ترنم حافظ
وانگر اعليٰ قسم جو هو، جنهن جي ڪري ان جي تغزل تي
حافظ جي ڇاپ هنئي ويندي هئي. هڪ جاءِ تي پنهنجي
بيقدري کي هن طرح بيان ڪري ٿو.
کم نيستم ز طالب و عرفي درين زمان،
دارم سخن بسي و ندارم سخن شناس.
شاعريءَ جي ڪائي اهڙي صنف مشڪل سان هوندي، جنهن تي محسن طبع
آزمائي نه ڪئي هجي. افسوس جو هو وڏو شاعر هو اوترو
ئي هن جي زندگيءَ جو باب بند ملي ٿو. هي مختصر
حالات به مير قانع مقالات الشعرا ۾ ڏنا آهن نه ته
ڪوئي کيس نه سڃاڻي ها.
محمد محسن ولد نور محمد پٽ ابراهيم پٽ يعقوب ٺٽوي جي ابن ڏاڏن
جو ڌنڌو ريشم وڪڻڻ هو. محسن ننڍپڻ کان ئي رنگين
مزاج ۽ شاعراڻي طبيعت جو مالڪ هو. جوان ٿيو ته
نواب لطف علي خان ”همت“ جي شاگردي ورتائين ۽ ٻين
کان به صلاحون وٺندو رهيو. جنهن جي ڪري سندس
شاعريءَ جو هڳاءُ وڌندو رهيو. مير قانع سندس
ساراهه ڪندي لکي ٿو.
در تهتہ باين کماليہُ شاعري و لطافت سخن و، ملاحت کلام کسي بر
نيامده، رواج چرز استادان، عجم و هند از تمثيل
بندي و مناسبات شعري ازوست.
سندس شعري خوبين ۽ بيقدريءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو.
درملڪ بيقدر واقع شده، ورنہ شخنش سزا وار زيب مجلس امرا است.
ميان نور محمد ڪلهوڙي محسن جو پندرهن روپيا ماهوار وظيفو رکيو
پر اهو سندس زندگيءَ جي ضرورتن لاءِ ڪافي نه هو،
جنهن جي ڪري هو زندگي ڀر انهن ڏکن ۽ تڪليفن جي
چهنڊڙين کي محسوس ڪندو رهيو.
20 شوال 1163هه (1750ع) تي محسن لاڏاڻوڪري ويو. سندس هيٺيان
ڪتاب ۽ شعر هن جي فني ۽ شعري بلندين جو ڏس ڏين ٿا.
ديوان محسن: (هي ديوان پياري حبيب الله رشدي صاحب
ايڊٽ ڪري ۽ پر مغز مهاڳ لکي سنڌي ادبي بورڊ پاران
ڇپرايو.)
اي گل خودرو، سرو، سمن بو، نرگس جاد، زلف معنبر،
از توبہ نالش بلبل و قمري، وزتو بنازش آهو و عنبر،
لمعہء رويت، شمعہء بويت، حلقہء مويت، چشم نکويت،
ماه دل آرا، عنبر سارا، نقش چليپا، گردش ساغر،
هم بہ تکلم، هم بهه تبسم، هم بهه نگاهي، هم بهه ادائي،
زينت گوشي، راحت هوشي، آفت شهري، غارت کشور.
دل را اسير زلف سيہ فام کرده ايم،
صبح طرب حوالہ باين شام کرده ايم.
من نمي گويم ز دنيا سيم و زر بايد گرفت،
حامل عمر از بتان سيمبر بايد گرفت.
¶
محسن از عشق تو در پيري نخواهد توبہ کرد،
ميکشي هر چند در ماهتاب باشد بهتر است.
زمين قابل ميخانہ دارد طرفہ تاثيري،
اگر زاهد درو مسواڪ کارد تاڪ برخيزد.
¶
اي شوخ! چشم وزلفت در ملڪ دلستاني،
شاه جهان اول، صاحبقران ثاني،
دارا شکوه خطت، اورنگ زيب عارض،
ابرو لبان افسر سرگرم سئباني.
¶
از سبکہ گرد کينہ جهان را گرفتہ است،
يڪ سينہ بي غبار بعالم نيافتيم،
ياران رقم کنيد بلوح مزار ما،
رفتيم زين خرابہ و همدم نيا فتيم.
¶
راجا ٺٽوي:
محمد پناهه ”راجا“ ٺٽوي به ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ اهم شاعر هو. مير
حيدر الدين ابو تراب کان شاعريءَ جي سکيا ورتائين
۽ پوءِ سنڌ جي هڪ امير مير متاري جي صحبت ۾ هليو
ويو. سندس شاعري ۾ همت ۽ فڪر جي گهرائي ملي ٿي.
مثال طور ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا:
يڪ ابر رشڪ ريز نشد آنقدر کہ ما،
يڪ بحر اين نداشت بسامان گهر کہ ما،
تيغ نکرده قتل شهيدان کہ چشم تو،
زخمي نخورد بر جگر خود سپر کہ ما.
¶
بيا و جلوه ده در محشر عشاق قامت را،
از اين بالا بلند آوازه کن شور قيامت را.
¶
مي دهد بسمل شدن تسکين دل بيتاب را،
بعد کشتن بيقراري ميرود سيماب را.
دائود خان عباسي مصنف (صيد المراد):
ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ڀاءُ دائود خان عباسي بن يار محمد خدا
يار خان ثابت جنگ جو ذڪر مير قانع هڪ شاعر جي
حيثيت ۾ ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان به کيس انهيءَ
حصي ۾ رکون ٿا. پاڻ شاعريءَ کان وڌيڪ علم جي ٻين
ميدانن ۾ اڳڀرو هو، عالمن جي تمام گهڻي قدر ڪندو
هو ۽ کين همٿائيندو هو. ان ڪري مير قانع کيس
مقالات الشعراءَ ۾ کيس صاحب دل ۽ فياض امير لکيو
آهي.
ميان دائود خان جو هڪ ڪتاب ”صيد المراد في قوانين الصياد“ آهي،
جنهن کي ڪرنل ڊي، سي فلٽ 1908ع ۾ ڇپايو. ڪتاب جو
موضوع شڪاري جانور ۽ انهن جون خصوصيتون.
مقالات الشعرا ۾ ڏنل قصيدي مان ڪجهه شر دائود خان عباسي جا هٿ
ڏجن ٿا.
شبنم را کي ربايد مهر بي حکمت زگل،
گرچه باشد جذبہ اش پر زور از آهن ربا،
رنگ تا محشر نہ بندد پنجہء خورشيد را،
گر اياغ صبح و شام چرخ گردد پرحنا،
که پذيرد رنگ يڪ برگ گله در گلستان،
آسمان خون شفق راگر کند بروي طلا.
سرخوش:
شيخ محمد محفوظ ولد محمد مريد جو تخلص سرخوش هو، پر اڳ ۾ فدائي
استعمال ڪندو هو. سندس شاعري ڪيترين ئي خوبين سان
سينگاريل آهي. ميان نور محمد طرفان وڪالت جو فرض
به سردار جهان خان وٽ ڪابل ۾ نڀايائين، تاريخ چوڻ
۾ ڪمال حاصل هيس، هيٺ سرخوش جا ڪجهه شعر نموني طور
پيش ڪجن ٿا.
گہ کشي، گاه زنده مي سازي،
دلبري هم کم از خدائي نيست.
¶
خراب کرد فغان تو آسمان اي دل،
تراکہ گفت کہ رو در پئي بتان اي دل.
¶
صلح کردم ببوسہء دهنش،
چہ کنم وقت تنگ ميباشد.
سرفرار:
سرفراز سندس تخلص هو ۽ منصبداري جي عهدي تي مقرر هو. سرفراز جا
ابا ڏاڏا نو مسلم هئا. شاعري تمام سٺي ڪندو هو ۽
1169هه ۾ وفات ڪيائين.
چتر ڀوج:
مير قانع جو چوڻ آهي ته هندو شاعرن ۾ چتر جهڙي لفظن جي مالا
ڪوئي نه جوڙي سگهندو منشائپ ۾ به سندس ڪو مٽ نه
هو. نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ ڪمال حاصل هيس ۽ هجو ته ڏاڍي
سٺي چوندو هو. چتر ڀوج 1171هه ۾ وفات ڪئي. هن جي
چيل تاريخن جا ڪي ئي مثال مير علي شير قانع مقالات
الشعراءِ ۾ پيش ڪيا آهن.
حسن:
معين الدين حسن ولد مير ابوالمڪارم شهود ڏاڍي اثرائتي شاعري
ڪندو هو. هڪ ڀري پنهنجو گهر ٺاهرائڻ مهل لوهي ميخن
جي جاءِ تي رسيون استعمال ڪري رهيو هو ته ڪنهن
ٽوڪيس ته حيثيت هوندي به ميخن جي بجاءِ رسيون پيو
استعمال ڪرين؟! انهيءَ مهل في البديع هي شعر
چيائين:
خانہ بہ بقائي فاني را،
بهہ ازين ديگري چہ آرايد،
فکر بيت دگر چرا نہ کني،
کہ ترا جاودان بکار آيد.
سنڌي شاعريءَ جو روشن سج (شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه):
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ جنهن شاعر کي سڀ وڌيڪ شهرت ۽ مڃتا ملي اهو شاهه
عبداللطيف ڀٽائي آهي. شاهه لطيف هڪ طرف ته ماڻهن
کي روحاني فيض ۽ عرفان عطا ڪيو ٻي طرف وري انهن ئي
ماڻهن جي زندگي ۽ انجي ڏکن، سورن، تجربن ۽ مشاهدن،
محبتن، مصيبتن کي پنهنجي ڏات ذريعي ڏاڍي من
موهيندڙ شاعريءَ ۾ پيش ڪيو. تصوف جي رمزن ۽ عشق جي
اصطلاحن ۾ بيان ڪيو. سنڌي شاعريءَ کي نئون روح،
جذبو، احسان ۽ رنگ ترنگ ڏيڻ وارو شاهه عبداللطيف
ڀٽائي ئي آهي. ان جي شاعريءَ ۾ جهنگ جهر، وستي
واهڻ، سمنڊ، دريا، جبل، ريگستان، جانور، پکي هر
شيءَ جو ذڪر نئين رنگ ۽ روپ ۾ ملي ٿو. اها شاعري
ٻار ٻچا، عورتون ۽ پڪا پوڙها اڄ به ڳائن ۽ وڄائن
ٿا. پرولين ڳجهارتن ۽ اصطلاحن ۾ ڪتب اچي ٿي.
شاهه عداللطيف جو تڙ ڏاڏو شاهه عبدالڪريم پنهنجي دؤر جو
ناليوارو بزرگ هو. شاهه عبداللطيف جو نسبي سلسلو
هيٺين طرح آهي:
شاهه عبداللطيف بن سيد حبيب شاهه بن سيد عبدالقدوس بن سيد جمال
بن سيد عبدالڪريم بن سيد الله
شاهه عبداللطيف 1101هه (90 ــ 1689ع) تي هالا حويلي ۾ ڄائو ۽
ننڍپڻ اتي ئي گذاريائين پر پوءِ پنهنجي پيءُ سان
ڪوٽڙي هليو آيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي تعليم پرائڻ بابت محقق چپ آهن، ان ڪري
ڪنهن مدرسي ۽ استاد جو نالو به نٿو ملي، جتي پاڻ
تعليم ورتائون، کين امي به سمجهيو وڃي ٿو، پر اهو
صحيح ناهي، ڇاڪاڻ ته جهڙي نموني شاهه صاحب قرآن ۽
حديث جي مضمونن، تصوف ۽ ٻين علمن جي اصطلاحن کي
بيان ڪيو آهي، اهي سندس عالم ۽ فاضل هجڻ تي دلالت
ڪن ٿا.
شاهه لطيف پنهنجي رهڻ لاءِ ڀٽ شاهه کي پسند ڪيو ۽ اتان ئي علم ۽
عرفان جا چشما نڪتا جن سڄي سنڌ کي هر اعتبار سان
زرخيز ڪري ڇڏيو.
شاهه صاحب اورنگزيب جي وفات وقت اٺارهن سالن جو هو ۽ مغلن جي
زوال کي پنهنجي اکين سان ڏٺائين. نادر شاهه ۽ احمد
شاهه ابدالي جي ڪاهن ۽ ان جي سنڌ تي پوندڙ اثرن کي
محسوس ڪيائين. سنڌ ۾ ڦهلجندڙ بک بدحالي، اميرن جي
ڦرمار، غريبن جي بي بسي، اخلاقي ۽ سماجي بگاڙ ۽
سياسي تذبب سبب ان جي اڳيان هو. ان دؤر جي اهڙين
حالتن حساس دل ڀٽائي کي جاڳايو ۽ پنهنجي شاعري
ذريعي ماڻهن کي نئين سوچ ۽ نئون فڪر عطا ڪيائين.
انهن کي جدوجهد ۽ محنت لاءِ اڪسايائين. اخلاق ۽
ڪردار جي ڏيئي کي روشن ڪيائين ۽ محبت جو پيغام
ڏنائين.
شاهه ڀٽائي انهيءَ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌ جي انهن رومانوي
قصن ۽ ڪهاڻين جو سهارو ورتو، انهن داستانن جي
ڪردارن کان زندگيءَ جو فلسفو ۽ ديس جي ماڻهن جا
مسئلا بيان ڪرايا ۽ انهيءَ بيان ۽ زبان ۾ جيڪا
خوبصورتي آهي، اها شايد ئي دنيا جي ٻي ڪنهن شاعر ۾
هجي.
شاهه صاحب جي ڪلام کي سندس فقيرن ۽ مريدن سهيڙيو، جنهن کي ”شاهه
جو رسالو“ جي روپ ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جرمني مان 1866ع ۾
ڇپرايو. شاهه جي شعرن کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي تهذيب،
تمدن، تصوف جي رمزن ۽ نج سنڌي ٻوليءَ کان واقف هجڻ
ضروري آهي.
شاهه صاحب پنهنجي بيتن جو مقصد بيان ڪندي چوي ٿو:
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
¶
ناز منجهان نڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،
ڀونءِ پڻ بسم الله چئي! راه چمي ٿي رندُ،
اڀيون گهڻي ادب سين، وٺي حورون حيرت هنڌ،
سائين جو سوڳند، منهنجو ساڄن سڀنئان سهڻو.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اصل موضوع وحدت الوجود آهي، جنهن کي
نئين نئين بيان ۽ انداز سان شاعريءَ ۾ آندو اٿئين.
صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق ورق وجود جو،
تهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
شاهه صاحب پنهنجي وطن جي پانڌيئڙن کي محنت ۽ جدوجهد جو درس ڏئي
ٿو، جيئن وطن سان گڏ انهن جي زندگيءَ ۾ به خوشحالي
۽ شادماني اچي.
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو.
پنهنجي وطن ۽ مارن سان محبت جو اظهار شاهه لطيف هن طرح ڪري ٿو.
هي هنڌ ماڙيون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏينهن ري،
ڪل شي يرجع الا امله، ٿي جهڄان جهانگن ڪاڻ،
ڀري پنهنجي ڀاڻ، شل پسان ملڪ ملير جو.
شاهه پنهنجي ديس واسين کي اتحاد ۽ اتفاق سان رهڻ جي تلقين ڪندي
پکين جو مثال ڏئي ٿو.
ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪندين،
مڇڻ ٿئين پئان، وڳر واٽئين نه لهين.
هڪ جاءِ تي هو عشق جي پانڌيئڙن کي ان منزل جي انتها کان آگاهه
ڪندي چوي ٿو:
پڇ پتنگن کي سنديون کامڻ خبرون،
آڻيو وجهن آڳ ۾، جيءُ پنهنجو جي،
جيري جنين ج، لڳا نيزا نينهن جا.
مينهن کان پوءِ ماروئڙن ۾ ڦهلجندڙ خوشيءَ جي باري ۾ شاهه لطيف
چوي ٿو:
ترجمو: اها موسم اچي وئي جنهن ۾ ماڻهو خوش ٿي ڪچهريون ڪندا آهن
۽ ڳائڻ وڄائڻ جو آواز گونجندو آهي، هاري پنهنجا هر
کڻندا آهن ۽ منهنجي محبوب نوان ڪپڙا پاتا آهن.
سنڌ جو هي سرموڙ شاعر 63 ورهين جي عمر ۾ 1165هه (1753ع) تي وفات
ڪري ويو. ڀٽ شاهه ۾ سندس مقبري تي هزارين ماڻهو
روزانو زيارت ڪرڻ اچن ٿا. سندن وفات جي تاريخ هن
طرح ڪڍي وئي آهي.
گرديده محو عشق وجود لطيف مير ــ 1165هه
شد محو در مراقبه جسم لطيف پاڪ ــ 1165هه
شاهه صاحب جو روضو غلام شاهه ڪلهوڙي 1754ع ۾ ٺهرايو ۽ جيسلمير
جي راجا نوبت عطا ڪئي.
شاهه صاحب پنهنجي هڪ مائٽ مرزا مغل بيگ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي پر
بي اولاد رهيا.
عبدالرؤف منشي:
عبدالرؤف منشي ڪلهوڙا دؤر جو سيبتو اديب ۽ ليکڪ هو. سندس خطن ۽
ٻين تحريرن جي ٻولي ڏاڍي سليس ۽ سهڻي آهي. پاڻ
هنگورجا ۾ جنم ورتائين ۽ نواب خدا يار خان کيس
پنهنجو مير منشي رکيو. مضمون نگاري ۾ سندس ڪوئي
ثاني نه هو. |