ابو جعفر هارون ملقب (واثق بالله)
227 هه (42ــ 841ع) کان 232 هه (47 ــ 846ع)
معتصم باالله جي وفات کانپوءِ 227هه ۾ سندس پٽ ابو جعفر هارون
ملقب المعروف واثق باالله خلافت جي تخت تي ويٺو.
سنڌ ۾ ان وقت عنبسه ئي گورنر هو. 232هه ۾ واثق
باالله جي وفات ٿي وئي.
جعفر بن معتصم ملقب (متوڪل علي الله)
232هه (47 ـــ 846ع) کان 246هه (61 ـــ 860ع)
واثق جي وڃڻ بعد ان جو پٽ جعفر بن معتصم جنهن جو لقب متوڪل علي
الله هو، خليفو ٿيو. ان عنبسه کي لاهي هارون بن
ابي خالد مروزي کي سنڌ جو گورنر بڻايو.
هارون بن ابي خالد مروزي:
235هه ۾ هارون جڏهن سنڌ جو گورنر ٿيو ته ان وقت سنڌ ۾ رب قبيلي
(تراري) حجازين جو زور هو ۽ انهن جو سردار عمر بن
عبدالعزيز هباري جنهن جو اڳ ۾ ذڪر اچي چڪو آهي،
ايڏو طاقتور بڻجي چڪو هو جو سنڌ جا گورنر به ان
کان ڊڄندا هئا. هيڏانهن خلافت به ڪمزور ٿي چُڪي
هئي ۽ جاهل ترڪي غلام ڇانئيل هئا. ايران ۽ خراسان
تي صفاري سندرو ٻڌي ويٺا هئا. خلافت کان ڪي ئي
صوبا پنهنجو پاند ڇڏائي چُڪا هئا ۽ انهيءَ سٿ ۾
سنڌ جي شامل ٿيڻ جا آثار به نظر اچي رهيا هئا. هن
ملڪ جي ننڍن ننڍن حصن تي ڪي ئي هندو ۽ مسلمان
سردار سنڌ جي ماتحت حڪومت ڪندا هئا، جن مرڪز جي
ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي سنڌ کي ڍل ڏيڻ بند ڪري
ڇڏي ۽ سڌو سنئون مرڪز سان لاڳاپا رکڻ شروع ڪيا.
سندن اهو عمل ان ڪري ٿيو جيئن سنڌ جي گورنر جي
فرمانبرداريءَ کان جان ڇٽي پئي. اهڙي بي چيني واري
دؤر ۾ 240هه (55 ــ 854ع) تي هارون مارجي ويو.
تاريخ يعقوبي مطابق هو مارجي نه ويو پر پنهنجي موت مري ويو.
باب ڇهون
سنڌ ۾ هباري حڪومت
240 هه (55 ــ854ع) کان 401 هه (11 ــ 1010ع)
عمر بن عبدالعزيز هباري:
هارون جي قتل ٿيڻ کان پوءِ عمر بن عبدالعزيز هباري جيڪو ڏاڍو
هوشيار ۽ ڦڙتيلو انسان هو، سنڌ منصوره تي قبضو ڪري
ويهي رهيو ۽ خليفي متوڪل علي الله کي لکيائين ته
مان توهان جو وفادار آهيان، جيڪڏهن سنڌ جي حڪومت
منهنجي هٿن ۾ ڏني وڃي ته مان ان کي چڱي نموني سان
هلائيندس. خليفو جيڪو اڳ ۾ ئي بغاوتن کان
پريشانويٺو هو، عمر کي گورنريءَ جو پروانو ڏياري
موڪليائين. اهڙيءَ طرح هباري خاندان جي حڪومت سنڌ
۾ شروع ٿي. عمر بن عبدالعزيز صرف نالي ماتر خلافت
سان لاڳيل رهيو. حقيقت ۾ خودمختيار هو. هو ”باتيا“
۾ رهي ڪري حڪومت هلائيندو هو، جيڪو منصوره کان
ٿورو پري هو. ان کان پوءِ ڪڏهن به خلافت کي پنهنجي
طرفان سنڌ ڏانهن ڪو والي موڪلڻ نصيب نه ٿي سگهيو.
هباري خاندان جي حقيقت اها آهي ته قريش قبيلي جي هڪ شاخ بني اسد
جو هڪ ماڻهو بهار بن اسود نالي هو، ان جي اولاد
مان هڪ شخص منذر بن زبير 121 هه (39 ــ 738ع) ۾
(گورنر سنڌ) حڪم بن عوانه سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي
ئي رهي ڪري ساڳيو رنگ ڍنگ اپنايائين. عمر بن
عبدالعزيز انهيءَ شخص جو پوٽو هو. هن جڏهن سنڌ جي
صاحبي جو تاج پنهنجي سر تي رکيو ته وڏي حڪمت ۽
هوشياريءَ سان سڄي سنڌ کي پنهنجو پوئلڳ بڻايو ۽
خليفي کي به پنهنجي خودمختياريءَ جي ٻڙڪ نه پوڻ
ڏنائين. عمر هر هنڌ بدستور خليفي جو خطبو جاري
رکيو آيو.
247 هه (62 ــ 861ع) ۾ معتمد علي الله جڏهن يعقوب بن ليث صفاري
کي سندس گذارش تي طبرستان، جرجان، ري، آزربائيجان،
ڪرمستان، سجستان ۽ سنڌ، مطلب ته سڀني اڀرندي ملڪن
جو گورنر جنرل بڻايو ته عمر هباري به انهيءَ جي
حڪم هيٺ اچي ويو.
عمر بن عبدالعزيز جو دؤر ڏاڍو امن ۽ آسيس وارو دؤر هو ۽ عمر
ڪامياب حڪمران ليکيو وڃي ٿو. پر سندس حڪومت جي
آخري حد جي خبر نٿي پوي، چيو وڇي ٿو ته هن 270 هه
يا ان کان ٿورو اڳ وفات ڪئي.
عبدالله بن عمر هباري:
270 هه (84 ــ 883ع) ۾ عمر بن عبدالعزيز هباري کان پوءِ سندس پٽ
عبدالله بن عمر جانشين ٿيو، جنهن جي ڪنيت
ابوالمنذر هئي.
279 هه ۾ ابو صمه (جنهن جو اڳ ۾ ذڪر اچي چڪو آهي) جي پٽ صمه
بغاوت ڪري منصوره تي قبضو ڪري ورتو، پر عبدالله بن
عمر جلد مٿس حملو ڪري منصوره واپس ورتو ۽ باتيه
ڇڏي اچي اتي رهڻ لڳو.
قرآن پاڪ جو پهريون سنڌي ترجمو:
انهيءَ زماني ۾ هڪ هندو راجا مهروق، عبدالله بن عمر هباري کي
اسلام جا اصول سنڌي ۾ لکي موڪلڻ جي درخواست ڪئي.
عبدالله اتي رهندڙ هڪ عراق جي عالم جنهن جي پرورش
سنڌ ۾ ٿي هئي ۽ تمام ذهين، مختلف زبانن جو ڄاڻو ۽
سٺو شاعر هوندو هيو کي پاڻ وٽ گهرايو. ۽ هندو راجا
جي خواهش ٻڌايائينس. ان عالم سنڌي زبان ۾ اسلامي
اصولن تي ٻڌل هڪ قصيدو لکيو ۽ راجا ڏانهن موڪلي
ڏنائين. راجا جڏهن اهو قصيدو پڙهيو ته لاجواب ٿي
ويو ۽ ان مهل ئي عبدالله بن عمر ڏانهن خط لکي سنڌي
عالم جي ٻانهن گهري. اهو سنڌي عالم راجا وٽ پهچي
ٽن سالن تائين اتي رهيو ۽ سندس خواهش تي قرآن پاڪ
جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين. راجا روزانو ان کان قرآن
مجيد جو ترجمو ٻڌندو هو ۽ ڏاڍو متاثر ٿيندو هو.
اهو قرآن ڪريم جو پهريون سنڌي ترجمو هو.
ان عالم جو چوڻ آهي ته راجا مون کي ڇهه سؤ مڻ سون ٽي ڀيرا انعام
طور ڏنو.
عبدالله بن عمر هباري سنڌ تي لڳ ڀڳ ٽيهه سال حڪومت ڪئي ۽ سڀئي
ملڪي معاملا چڱي طرح نڀايائين.
عمر بن عبدالله هباري:
ابو المنذر ڪنيت رکندڙ عمر بن عبدالله جڏهن 303 هه ۾ سنڌ جي
حڪومت سنڀالي ته ان وقت مشهور عرب مؤرخ مسعودي سنڌ
گهمڻ آيو، مسعودي هتي هڪ وڏي رئيس حمزه سان ملڻ جو
ذڪر به ڪيو آهي.
عمر بن عبدالله جي ڏينهن ۾ ملڪ ترقي ڪئي ۽ منصوره جي پکيڙ ۾
واڌارو آيو،هڪ اندازي مطابق تقريباً ٽيهه لک ڳوٺ
هئا، جتي ساوڪ ئي ساوڪ پکڙيل هئي.
عمر جو هڪ خاص وزير رياح هو ۽ شهر جو قاضي بي اشوارب جي خاندان
مان هو. عسڪري اعتبار کان به هي ملڪ سگهه رکندڙ
هو، پنج هزار اسي جنگي هاٿي ۽ چاليهه هزار پيادل
سپاهي سنڌ جي گورنر وٽ موجود هئا.
منصوره جا عام ماڻهو سنڌي ڳالهائيندا هئا جڏهن ته سرڪاري
عملدارن جي گفتگو گهڻو ڪري سنڌي ۽ عربي ۾ ٿيندي
هئي. واپار جي ڪري ملڪ کي ان وقت وڏو فائدو رسيو ۽
سنڌ جو مال ٻين ملڪن جي منڊين ۾ پهتو، ملڪ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ پنهنجو سڪو هلندو هو.
عمر بن عبدالله جي زماني ۾ هباري حڪومت جو بغداد سان گهڻو تعلق
نه رهيو هو صرف خليفي جو هتي نالو ورتو ويندو هو.
هيڏانهن عباسي حڪومت به اندروني طور تي طاهري، ساماني، صفاري ۽
طولوني ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي هئي ۽ مرڪز ڪمزور بڻجي
چڪو هو، مقتدر جي دؤر ۾ مصر جي فاطمي حڪومت جو
بنياد پيو جيڪا مرڪز کان صفا الڳ ۽ آزاد مذهبي
فرقي جي وارث هئي. انهيءَ حڪومت جو باني عبدالله
مهدي جو پيءُ محمد الحبيب هيو جيڪو حمص ۾ رهندو هو
۽ حضرت امام صادق رضه جي پٽ اسماعيل جي اولاد مان
هو. سندس پوئلڳ جعفر صادق رضه کان پوءِ سندس پٽ
اسماعيل جي امامت جا قائل هئا، تنهن ڪري سڀ کان اڳ
ماڻهن کي ان طرف راغب ڪيائون ته عنقريب امام مهدي
جو ظهور ٿيڻ وارو آهي ۽ هو علوي فاطمي هوندو.
فاطمي حڪومت جي صورت ۾ اچڻ کان اڳ اها تحريڪ تبليغ ذريعي يمن،
حجاز، بحرين ۽ خراسان ۾ پکڙي ۽ وڌي ويجهي. 297 هه
(10 ــ 909ع) ۾ الحبيب جي پٽ عبدالله جي هٿ تي
رقاده ۾ ماڻهن بيعت ڪئي ۽ هن امير المؤمنين مهدي
جو لقب اختيار ڪيو. ان کان اڳ عباسي خليفن کان
سواءِ ڪنهن به پاڻ کي امير المؤمنين نه چورايو هو.
تنهن ڪري فاطمي حڪومت جو بنياد ديني ۽ سياسي لحاظ
کان عباسين جي مقابلي ۾ اچڻ هو ۽ اها خالص شيعيت ۽
اسماعيلي فڪر جي پرچارڪ هئي.
سنڌ ۾ اسماعيلين جو پهريون پرچارڪ:
پهرئين فاطمي فرمانروا عبدالله المهدي سڄي دنيا ۾ پنهنجا پوئلڳ
شيعت جي تبليغ لاءِ موڪليا. ان طرفان سنڌ ۾ جيڪو
پهريون اسماعيلي آيو اهو هيثم نالي شخص هو. تنهن
کان پوءِ ڪيترائي ٻيا اسماعيلي هتي موڪليندو رهيو
پر پنهنجي ڪوششن ۾ منصوره ڪامياب نه ٿي سگهيو، ها
ملتان جي ماڻهن ان تحريڪ کي قبول ڪيو جنهن جو ذڪر
ايندڙ صفحن تي ملتان جي مد ۾ ڪنداسين.
بهرحال منصوره ۾ هباري خاندان جي حڪومت 401 هه (11 ــ 1010ع)
تائين رهي.
سنڌ ۾ عباسي دؤر جا گورنر:
گورنر |
خليفي جو دؤر |
ڪيفيت |
1. ملفس عبدي |
ابو العباس سفاح، 132 هه کان 136 هه |
|
2. موسيٰ بن ڪعب تميمي |
ابو العباس سفاح، 132 هه کان 136هه |
|
3.عينيه بن موسيٰ بن ڪعب |
ابو جعفر منصور، 136هه کان 158هه |
|
4.عمر بن حفص عتڪي (هزار مرد) |
منصور جو زمانو |
|
5.هشام بن عمرو تغلبي |
منصور جو زمانو |
|
6.معبد بن خليل تميمي |
مهدي، 158هه کان 169هه |
|
7.روح بن حاتم مهلبي |
منصور جو زمانو |
|
8. بسطام بن عمر |
منصور جو زمانو |
معزولي 161 هه ۾ ــ هو روح کان پوءِ سنڌ جو گورنر ٿي آيو هو
پر خليفي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ روح کي ٻيهر
گورنر بڻايو. |
9. نصر بن محمد اشعث |
منصور جو زمانو |
هي پاڻ سنڌ نه آيو پر عبدالملڪ بن شهاب مسمعي کي سنڌ
موڪليائين. |
10. محمد بن سليمان |
|
|
11.زبير بن عباس |
مهدي جو زمانو |
|
12.مصبح بن عمرو تغلبي |
|
|
13.نصر بن محمد بن اشعث خزاعي |
مهدي جو زمانو |
163 هه تائين گورنر رهيو. هي ٽيون ڀيرو سنڌ جو گورنر ٿيو. |
14.ليث بن طريف |
مهدي جو زمانو |
164 هه کان 170هه |
15.سالم يونسي |
هارون رشيد جو زمانو |
چار سال حڪومت ڪيائين |
16. اسحاق بن سليمان بن علي هاشمي |
هارون رشيد جو زمانو |
174 هه، صرف هڪ سال گورنر رهيو. |
17. طيفور بن عبدالله بن منصور الحميري |
هارون رشيد جو زمانو |
|
18.جابر بن اشعث طائي |
هارون رشيد جو زمانو |
هي پاڻ سنڌ نه آيو پر پنهنجي ڀاءُ ڪثير بن مسلم کي موڪليائين. |
19. سعيد بن مسلم بن قتبيه |
هارون رشيد جو زمانو |
|
20.عيسيٰ بن جعفر بن منصور |
هارون رشيد جو زمانو |
هن پنهنجي بدران محمد بن عدي ثغلبي کي سنڌ جو گورنر ڪري
موڪليو. |
21.عبدالرحمان |
هارون رشيد جو زمانو |
|
22. ايوب بن جعفر بن سليمان |
هارون رشيد جو مانو |
|
23.داؤد بن يزيد بن حاتم مهلبي |
هارون رشيد جو زمانو |
پاڻ اچڻ بدران ڀاءُ مغيره کي گورنر بڻائي موڪليائين. |
24.بشر بن داؤد مهلبي |
مامون جو زماني ۾ |
|
25.غسن بن عباد |
مامون جو زماني ۾ |
|
26.موسيٰ بن يحيٰ برمڪي |
مامون جو زماني ۾ |
|
27.عمران بن موسيٰ برمڪي |
معتصم بالله جي زماني ۾ |
|
28.عنبسه بن اسحاق ضبي |
واثق باالله جي زماني ۾ |
|
29.هارون بن ابي خالد مروزي |
متوڪل علي الله جي زماني ۾ |
235 هه کان 240 هه. |
30.عمر بن عبدالعزيز هباري |
متوڪل علي الله جي زماني ۾ |
|
31.عبدالله بن عمر هباري |
متوڪل علي الله جي زماني ۾ |
|
32. عمر بن عبدالله هباري |
|
|
باب ستون
سنڌ جون خودمختيار ۽ آزاد رياستون
265 هه (80 ــ 879ع) ۾ خلافت جي درٻار سان لاڳاپا ختم ٿيڻ بعد
سنڌ ۾ ملتان ۽ منصوره جون خودمختيار ۽ آزاد
رياستون وجود ۾ اچي چڪيون هيون ۽ گڏوگڏ ٻيون به
ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون رياستون قائم ٿي چڪيون
هيون، جن ۾ ڪجهه هندو رياستون به شامل هيون.
367 هه ۾ ابن حوقل (جنهن يورپ، آفريڪا۽ ايشيا جو سفر ڪيو )
پنهنجي سفر نامي ۾ سنڌ جي صوبن جو حال هن طرح ڏئي
ٿو، جنهن کي اسان اختصار سان هتي بيان ڪيون ٿا.
(1)
مڪران:
ابن حوقل جي اچڻ وقت هي تمام وڏي ايراضي وارو علائقو هو ۽ ان
تي امير عيسيٰ بن معدان جو قبضو هو، جيڪو تخت گاهه
ڪيچ ۾ رهندو هو.
مشڪي:
هي علائقو ڪرمان جي ويجهو هو ۽ اتان جو حاڪم مطهر بن رجا خارجي
هو.
منصوره:
منصوره جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي، اهو 110 هه کان 401 هه تائين
سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. ابن حوقل جي وقت ۾ ان
تي هبار بن اسود جو خاندان آزاد حيثيت ۾ حڪومت
ڪندو هو. ابن حوقل مطابق منصوره هڪ هزار چورس ميل
تي اڏيل شهر آهي ۽ ان جا چار دروازا باب البحر،
باب طوران، باب سندان ۽ باب ملتان آهن. شهر جي
چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ آهي ۽ باغن ۾ کارڪ، ڪمند،
ليمو ۽ انب جام ٿئي ٿو ۽ هتي هر قسم جو چوپايو
جانور موجود آهي.
هي رياست ديبل کان وٺي الور تائين هلي وڃي ٿي ۽ اتر کان ملتان
رياست جي حد ملي ٿي. ملتان کان هي رياست وڏي آهي.
ملتان:
شروع ۾ ملتان منصوره جي ماتحت هو پر پوءِ ٽين صدي هجريءَ ۾
منصوره کان الڳ ٿي خودمختيار رياست بڻجي ويو.
مسعود جو بيان آهي ته هو جڏهن 303 هه ۾ ملتان پهتو
ته اتي سامه بن لوي خاندان جي حڪومت هئي ۽
ابواللباب منبه بن اسد قريشي سامي جي هٿ ۾ رياست
جون واڳون هيون. هي ملڪ تمام سکيو ستابو هو ۽ هر
طرف ساوڪ پکڙيل هئي. ملتان جي مندر جي هر هنڌ هاڪ
هئي ۽ ان ۾ موجود مورتي جي پوڄا لاءِ پري پري کان
ماڻهو ايندا هئا ۽ باسون باسي سون، چاندي ۽ ٻيو
قيمتي سامان مورتيءَ جي نظر ڪندا هئا، جنهن جي ڪري
هتان جو حڪمران امير ترين ليکبو هو. جڏهن ڪوئي
هندو راجا ملتان تي ڪاهه جو ارادو ڪندو هو ته هتان
جو حاڪم ان کي ڌمڪيون ڏيندو هو ته تنهنجو مندر
تباهه ڪري ڇڏيندس، ۽ هو موٽي ويندو هو.
ملتان کي بيت الزهب (سنهري سرحد) به چيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته
ملتان جي سوڀ کان اڳ مسلمانن جي مالي حالت ڏاڍي
خراب هئي پر ان کي فتح ڪرڻ کان پوءِ مسلمانن کي
تمام گهڻو سون هٿ آيو.
طوران:
طوران جي حد سنڌ سان لڳل هئي. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ
چچنامي جي ترجمي ۾ لکيو آهي ته طوران کي سٿيا به
چيو ويندو آهي، هي ان قوم ڏانهن منسوب هيو جيڪا وچ
ايشيا ۾ آباد هئي، طوران ۽ قيقانان، جهالاودن جو
نالو آهي، جنهن جو تختگاهه قصدار هو.
375هه ۾ جڏهن بشاري مقدسي هتي آيو ته معين بن احمد حڪومت ڪري
رهيو هو. قصدار شهر جي وچ ۾ ماٿري هجڻ ڪري ٻن حصن
۾ ورهايل هو. هڪ ۾ شاهي محل ۽ ٻئي ۾ قلعو هو، جتي
واپاري ۽ عوام رهندو هو ۽ ان کي بودين به چوندا
هئا. قصدار هيو ته ننڍو شهر پر خراسان، سنڌ ۽
مڪران جي وچ تي هجڻ ڪري سڀ قافلا هتان گذرندا هئا،
انڪري هر وقت رونق لڳي پئي هوندي هئي.
ياقوب حموي هن شهر جو نالو قيقان به ٻڌايو آهي. عربن بيضا شهر
انهيءَ رياست جي حد ۾ قائم ڪيو هو، جيڪا سنڌ جي
سرحد هئي 370 هه ۾ سلطان سبڪتگين هن رياست تي قبضو
ڪيو.
ويهند:
ويهند رياست جي اصل جڳهه متعلق ڪنهن به مؤرخ ناهي ٻڌايو ته اها
ڪٿي موجود هئي؟ مولوي نور محمد نظاماڻي پنهنجي
ڪتاب تاريخ سنڌ ۾ صرف ايترو لکيو آهي ته اهو شهر
منصوره کان وڌيڪ آباد ۽ چئني پاسن کان ميون سان
ٽمٽار هو، جنهن جي ڪري هر شيءِ سستي ملندي هئي.
جناب عبدالغني عبدالله پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ جي ٽين باب ۾ سنڌ
جي خودمختيار رياستن جو ذڪر ڪيو آهي، پر ان ۾ اسان
کي ويهند جو ڪوئي ذڪر نٿو ملي.
سنڌ جي اها رياست گندرا به چورائيندي هئي ۽ ان جو دارالحڪومت
ويهندا هيو،جيڪو اٽڪ کان ڪجهه پنڌ تي هو. ويهندا
جي اولهه ۾ چار سده (پشڪلاوتي) ۽ اوڀر ۾ ٽيڪسلا
هو.
ويهند هندوستان جي تمام آڳاٽن شهرن مان ليکيو وڃي ٿو. هتان جو
راجا هندو هو ۽ مسلمان به گهڻا ئي آباد هئا. سلطان
محمود غزنوي پشاور کي فتح ڪرڻ کانپوءِ هن علائقي
تي قبضو ڪيو.
عام طور تي هن رياست کي سنڌ کان الڳ ڳڻيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾
هي رياست آڳاٽي سنڌ ۾ شامل هئي.
قنوج:
قنوج (ڪنوج) رياست ملتان سان لڳو لڳ هئي ۽ هتان جي راجا جو خطاب
بودرا هو. قنوج 960 هه چورس ميلن تي ٻڌل هئي ۽
محمد بن قاسم ان کي فتح ڪرڻ چاهيو هو پر نه ڪري
سگهيو ۽ واپس موٽي ويو. هي رياست غزنوي عهد تائين
آزاد رهي. 303 هه (16 ــ 915ع) ان جو سرحدي شهر
ڀوڄ راءِ اسلامي حڪومت ۾ شامل ٿي ويو ۽ ملتان سان
واڳجي ويو.
ٻڌهه:
ٻڌهه جو علائقو مڪران، ملتان، طوران ۽ منصوره جي وچ ۾ هو ۽ ان
جو تختگاهه قندابيل کي ڪيو ويو، ٻڌهه جا ماڻهو
ڳوٺاڻا هئا. هي هيون سنڌ جون اهي خود مختيار
رياستون جيڪي مرڪز جي ڪمزوريءَ کان پوءِ وجود ۾
آيون.
باب اٺون
اسماعيلي حڪومت
ملتان تي عربن پهرين صدي هجري ۾ قبضو ڪيو ۽ غزنوي عهد تائين ان
تي مسلمانن جو قبضو قائم رهيو. 132 هه (50 ــ
749ع) تائين ملتان جو واسطو اموي گهراڻي جي حڪومت
سان رهيو ۽ انهن جي زوال کان پوءِ ٽين صدي هجري
معتصم جي عهد تائين ملتان عباسين جي حڪم هيٺ هو.
پر پوءِ حالت اها رهي جو خليفو سگهه وارو ايندو هو
ته پري پري جي صوبن تائين ان جو حڪم هلندو هو نه
ته ٻي صورت ۾ اهي عامل لاپرواهه ۽ خودمختيار بڻجي
ويندا هئا. ان هوندي به ملتان سنڌ ۽ منصوره جي
ماتحت رهندو آيو پر ٽين صدي هجري جي اڌ ۾ ملتان
سنڌ کان الڳ ٿي ڪري آزاد رياست بڻجي ويو، جنهن جون
حدون مڪران، دڪن ۽ منصوره تائين ڦهليل هيون ۽ ان ۾
هڪ لک ويهه هزار ڳوٺ آباد هئا.
مٿي گذري چڪو آهي ته ملتان ۾ بنو سامه جي حڪومت هئي، جيڪي خالص
عربي نسل مان هئا ۽ پنهنجو پاڻ کي سامه بن لوئي جي
اولاد چوندا هئا. لوئي قريش جي ابن ڏاڏن مان هئا ۽
لوئي جي ڪنهن اولاد جو نالو سامه هو، جنهن جي ڪري
۽ انهيءَ جي اولاد کي سامه چيو ويندو هو.
بنو سامه جو ستارو معتضد جي دؤر۾ 279 هه (64 ــ 863ع) ۾ چمڪيو.
ٿيو ائين جو عمان ۾ جڏهن خارجين جو فتنو اٿيو ته
معتضد، محمد بن قاسم کي اوڏانهن موڪليو، محمد بن
قاسم خارجين کي سيکت ڏئي عمان ۾ پنهنجو قبضو قائم
ڪيو ۽ اهل سنت مذهب کي عام ڪيائين. 305 هه تائين
انهيءَ خاندان جي حڪومت هلندي رهي پر سندن گهرو
ويڙهه مان قرامطين جيڪي بحرين ۾ زور وٺي رهيا هئا.
فائدو ورتو ۽ 317هه ۾ ابو طاهر قرمطي عمان تي ڪاهه
ڪري پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
عمان ۽ سنڌ ۾ جيئن ته آڳاٽي وقت کان وٺي واپار هلندو ايندو هو
ان ڪري بنو سامه جو ڳانڍاپو به سنڌ سان پراڻو هو.
بنو سامه جو غلام فضل بن ماهان ۽ ان جي خاندان جو
ماڻهو مامون جي زماني 198 هه (14 ــ 813ع) کان وٺي
معتصم جي دؤر (42 ــ 841ع) تائين سنڌ جي هڪ شهر
سندان تي حڪومت ڪندا هئا پر پاڻ ۾ گهرو ويڙهه جي
ڪري برباد ٿي ويا.
ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته بو سامه عمان جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ
سنڌ کان ملتان آيا هجن ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي
هجن! بهرحال اها هڪ حقيقت آهي ته بنو سامه ملتان
جا حڪمران هئا ۽ انهن کي بنو منبه به چيو ويندو
هو. ٽين صدي هجريءَ جي آخر ۾ اسان کي انهن جي
خودمختيار رياست جو نالو 290 هه (3 ــ 902ع) ۾
ابن رسته جي ڪتاب ”الاعلاق النفسيہ“ ۾ ملي ٿو. هو
لکي ٿو.
”ملتان ۾ هڪ قوم رهي ٿي، جيڪا پاڻ کي سامه بن لوي خاندان مان
سڏرائي ٿي. ماڻهو کين بنو منبه به چون ٿا ۽ اهي ئي
هتان جا حڪمران آهن ۽ امير المؤمنين جو خطبو پڙهن
ٿا.“
(1)
مسعودي جيڪو ابن رسته کان ڏهه سال پوءِ 300 هه (15 ــ 914ع) ۾
ملتان آيو، ان جو چوڻ آهي ته: ”ملتان جي حڪومت
سامه بن لوئي بن غالب جي هٿ ۾ آئي ۽ ملتان اسلامي
حڪومت جي وڏين رياستن مان آهي.“
(1)
اصطخري جو بيان آهي، جيڪو مسعودي کان چاليهه ورهيهه پوءِ 340 هه
(52 ــ 951ع) ۾ ملتان پهتو ته:
”ملتان جي چئني پاسن کان مضبوط شهر پناهه آهي ۽ شهر کان ٻاهر اڌ
فرلانگ تي جندراون نالي عمارتون فوجي ڪيمپ جون
آهن، جتي بادشاهه به رهي ٿو. هو اتان صرف جمعي
نماز پڙهڻ لاءِ هاٿي تي شهر ۾ ايندو آهي. بادشاهه
قريشي نسل ۽ سامه بن لوي جي خاندان مان آهي. ملتان
تي ان قبضو ڪيو آهي ۽ منصوره جي امير يا ٻئي ڪنهن
جو ماتهت ناهي، صرف خليفي جو خطبو پڙهندو آهي.
مٿين مؤرخن ۽ جاگرافيدانن مان ملتان تي سامه بن لوي جي خاندان
جي حڪومت ثابت ٿئي ٿي جيڪي سني هئا.
اصطخري کان ستاويهه ورهيه پوءِ 367هه (78ــ 977ع) ۾ ابن حوقل
ملتان اچي ٿو ۽ ان به ملتان جو ذڪر ڪندي انهيءَ
باري ۾ ناهي ٻڌايو ته هتي باطني يا اسماعيلين جي
حڪومت قائم ٿي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته ضرور ذڪر
ڪري ها.
ابن حوقل کان اٺ سال بعد بشاري مقدسي ملتان آيو، ان جو چوڻ آهي
ته
”ملتان جا ماڻهو شيعا آهن، اذان ۾ حي علي خير العمل چون ٿا ۽
اقامت ۾ به ٻه ڀيرا تڪبير پڙهن ٿا. خطبي ۾ مصر جي
فاطمي خليفي جو نالو وٺن ٿا ۽ انهيءَ جو حڪم هتي
هلي ٿو ۽ هتان جون سوکڙيون پاکڙيون مصر وڃڻ
ٿيون.، (احسن التقاسيم ــ ص 85 ــ 481)
جلم بن شيبان:
مٿئين بحث مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته ملتان ۾ 367 هه ۽ 375 هه
(977 ۽ ــ 985ع) جي وچ ۾ اسماعيلي حڪومت هئي پر
اها ڳالهه اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي ته اهي
اسماعيلي بنو سامه جي خاندان وارا هئا جيڪي سني
مان اسماعيلي ٿيا هئا يا ڪي ٻيا هئا؟ ان سوال جو
تسلي جوڳو جواب تاريخ جي ڪتابن مان نٿو ملي، ها
البيروني پنهنجي ڪتاب ”ڪتاب الهند“ ۾ 424هه ۾
ملتان جي بتخاني جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”جڏهن قرمطين (اسماعيلين ملتان تي قبضو ڄمايو ته جلم بن شيبان
جنهن ملتان هٿ ڪيو هو. محمد بن قاسم جي جامع مسجد
کي اموي دؤر جي يادگار سمجهي بند ڪرائي ڇڏيو ۽
بتخاني کي ڀڃرائي مسجد ٺهرائي.“
(1)
ساڳي هنڌ البيروني ان ڳالهه جي وضاحت به ڪري ڇڏي آهي ته انهن
قرمطين جو زمانو اسان کان سؤ سال اڳ ۾ هو.
البيروني جي ان بيان مان ملتان ۾ قرمطين جو دؤر
324هه کان چئي سگهجي ٿو پر مؤرخن ۽ جاگرافي دانن
جي تحقيق ٻڌائي ٿي 340هه (52 ــ 951ع) تائين هتي
بنو سامه خاندان جي حڪومت هئي، جيڪي سني هئا. هي
اهو زمانو آهي، جڏهن قرمطي عراق ۽ خليج فارس جي
ڪنارن تائين پهتا، تنهن ڪري البيروني جو بيان
ڀروسي جوڳو ناهي.
حقيقت ۾ ڏسجي ته انهن ٽنهي فرقن جا نالا هڪ ٻئي ۾ گڏ مڏ ٿي ويا
آهن. اهي ٽئي فرقا قرمطي، اسماعيلي ۽ ملاحده آهن
ته شيعيت جون شاخون پر سندن ابتدا مختلف دؤرن ۾ ٿي
آهي. سڀ کان اڳ ۾ قرمطي ٽين صدي هجري جي آخر ۾
بحرين، خليج فارس ۽ عراق ۾ اٿيا. اسماعيلي 356هه
(67 ــ 966ع) تي مصر ۾ ظاهر ٿيا، ملاحده جنهن کي
باطنيا به چيو وڃي ٿو، ۽ ان جو سرواڻ حسن بن صباح
483 هه (91 ــ1090ع) کانپوءِ خراسان ۾ ظاهر ٿيو.
ملتان تي حڪومت ڪندڙ اسماعيلي شيعا هئا. تاريخدانن ڀل مان انهن
کي ملاحده قرطمي قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي
اسماعيلي شيعيت جون شاخون آهن، تنهن ڪري انهن کي
ڪنهن قرمطي ۽ ڪنهن ملاحده لکيو.
ان جي ثابتي دنيا جي مذهبن جي ڄاڻو بشاري مقدسي جي بيان مان ملي
ٿي، جنهن انهن کي شيعو لکيو آهي.
هباري حڪومت جي ذڪر ۾ اچي چڪو آهي ته شيعا ابو عبدالله مهدي جي
زماني ۾ ئي سنڌ اچڻ شروع ٿي ويا هئا. جيتوڻيڪ
منصوره جي ماڻهن کي ته هو قائل نه ڪري سگهيا هئا
پر ملتان جا ماڻهو انهن سان همدردي وارو جذبو
ڏيکاري رهيا هئا. ايستائين جو اسماعيلي امام
العزيز باالله 372 هه (982ع) 386هه (996ع) کان
پوءِ جلم بن شيبان پنهنجي فوجي دستن سان گڏ سنڌ
پهتو پر ملتان تي حملي ڪرڻ کان سواءِ سندس پوئلڳن
اهڙو ماحول ٺاهيو جو بنو سامه خاندان برباد ٿي ويو
۽ جلم بن شيبان ملتان تي قبضو ڪري ويٺو.
جلم بن شيبان جو حڪومتي ڪارهنوار:
جلم بن شيبان 373 هه تي ملتان کي هٿ ڪري سڀ کان اڳ ۾ فاطمي
خليفن جو سڪو ۽ خطبو جاري ڪيو ۽ مرڪزي مندر جيڪو
فتح ملتان کان وٺي صحيح سلامت هلندو پيو اچي، کي
ڊاهرائي مسجد جوڙايائين. محمد بن قاسم جي دؤر واري
مسجد کي ان وقت بنو اميه جي يادگار سمجهي جلم بند
ڪرائي ڇڏيو. جلم کي جيئن ته ڪنهن ٻاهرين امداد جي
اميد نه هئي، ڇاڪاڻ ته سڀ پرڳڻا عباسي خليفن جا
تابعدار هئا، تنهن ڪري هندو راجائن سان ٺاهه ڪري
پنهنجي سلطنت کي مضبوط بڻايائين ۽ پنهنجي مذهب کي
گهڻي هٿي ڏنائين.
تاريخ مان اها ڄاڻ نٿي ملي ته جلم بن شيبان ڪيستائين حڪومت ڪئي،
هڪ اندازي مطابق 376هه (87 ــ 986ع) ۽ 380هه (91
ــ 990ع) جي وچ ڌاري وفات ڪيائين.
شيخ حميد:
جلم کان پوءِ اسان کي شيخ حميد (اسماعيلي) جو ڏس ملي ٿو جيڪو
امير سبڪتگين جو همعصر هو. جيتوڻيڪ امير ناصر
الدين سبڪتگين 366 هه (77 ــ 976ع) ۾ تخت سنڀاليو
۽ ٻئي هڪ ٻئي جا همعصر هئا پر سلطان سبڪتگين جي
زماني ۾ سندس ملتان تي ڪاهه تاريخ ۾ نٿي ملي.
تاريخ مان اها خبر به نٿي پوي ته شيخ حميد، جلم بن
شيبان جو ڇا هو؟ پر لڳي ائين ٿو ته سندس پٽ هوندو.
ڇاڪاڻ ته انهن ۾ اهو رواج عام هو ته مرڻ کان پوءِ
پنهنجي پٽ کي جانشين بڻائيندا هئا.
هاڻي اسان ان هنڌ پهچي چُڪا آهيون جتان عزنوي عهد شروع ٿئي ٿو
پر ان کان اڳ ضروري آهي ته سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جو
جائزو وٺون ته اها سنڌ وارن لاءِ ڪيتري ڀاڳ ڀري ۽
مبارڪ ثابت ٿي.
سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جو مجموعي جائزو:
عربن جڏهن اسلام جو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ کنيو ته ان ڀلاري دين جي
برڪت سان هو هر هنڌ ۽ دين ۽ دنيا جي هر ميدان ۾
سرخرو ٿيا. اسلام جي اعليٰ اصولن علم، محنت،
مساوات ۽ ڀائيچاري کي هو جتي به پهتا عام ڪيائون ۽
هڪ نئين تهذيب ۽ تمدن کي جنم ڏنائون، جنهن سان
انهن ملڪن لاءِ ڪاميابي ۽ خوشحاليءَ جا دروازا کلي
ويا.
عرب جنهن وقت سنڌ ۾ آيا ان وقت برهمڻن جي حڪومت هئي، جن کي
مذهبي قانون مطابق ٻين کان وڌيڪ عزت ۽ برتري حاصل
هئي. انهن برهمڻن اهڙا قانون ۽ قاعدا لاڳو ڪري
ڇڏيا هئا جنهن سان عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي
ويو هو. عام شهري پنهنجي حقن کان محروم ۽ حڪمرانن
لاءِ جانورن وانگر لوڙيندا هئا، هتي رهندڙ قومن تي
سخت قانون لاڳو هئا. مندر جتي پوڄا پاٺ ٿيندي هئي
اهي ديوداسين سان زناهڪاري جا اڏا بڻيل هئا. قتل ۽
غارت عام هو. ميد، جاٽ ۽ بلوچن هر هنڌ لٽ مار
مچائي ڇڏي هئي، جنهن جي ڪري واپار ٺپ ٿي چڪو. سمنڊ
۾ دريائي ڌاڙيلن باهه ٻاري ڇڏي هئي ۽ ڪنهن به
تجارتي ٻيڙي کي نه بخشيندا هئا.
محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ته هندن کي پنهنجون مذهبي رسمون ادا
ڪرڻ ۾ پوري پوري آزادي ڏنائين ۽ پنڊتن ۽ پروهتن جا
وظيفا مقرر ڪري مندرن جون رونقون ٻيهر بحال
ڪيائين. هندن کان جزيو وٺڻ ۾ ڪنهن به قسم جي سختي
نه ڪئي ويندي هئي. ڪنهن جي به ملڪيت نه کسي وئي.
برهمڻن کي اڳي جهڙيون ئي رعايتون ڏنيون ويون ۽ کين
مختلف عهدن تي عامل مقرر ڪيو ويو.
محمد بن قاسم سرڪاري اهلڪارن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪري ڇڏيو هو
ته ڪنهن سان به ظلم ۽ زيادتي نه ڪئي وڃي ۽ عوام
کان ڍل ۽ جزيو سندن حيثيت مطابق ورتو وڃي ۽ رعايا
جي ڀلائي لاءِ جيڪو وڌيڪ سمجهن اچي مون کي ٻڌائن.
محمد بن قاسم هر شخص کي ان جي موروثي عهدي ۽ ڪرت
تي مقرر ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته عوام جي هر ممڪن مدد ڪئي
وڃي ۽ حڪومت ۽ عوام جا لاڳاپا بهتر بڻايا وڃڻ .
ملڪ جي سياسي طبقي ملڪي عهدا سندن حوالي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته
سڀ سرڪاري عملدار الڳ ڪري انتظام انهن کي ڏئي
ڇڏيا.
سما ۽ لاکا وحشي ۽ ويڙهاڪ قومون هيون، هر ماڻهو انهن کان نفرت
ڪندو هو ۽ مٿن سخت قانون لاڳو هئا. محمد بن قاسم
کين ضبط ۾ رکڻ لاءِ قاعدا ۽ قانون ته ساڳيا ئي
قائم رکيا پر نفرت ختم ڪرڻ لاءِ انهن کي شاهي
باورچي خاني جون ڪاٺيون گڏ ڪرڻ جي اهم ذمينواري
سونپي. مسلمانن جي اچڻ کان اڳ هتي جو عدالتي نظام
ڊانواڊول هو ۽ برهمڻ راجائن جي مرضيءَ جو قانون
مڙهيل هيو، محمد بن قاسم انهيءَ ۾ سڌارا آڻي انصاف
ڀريو بڻايو. واپار ۽ تجارت کي مسلمانن جي اچڻ سان
هتي وڏي هٿي ملي ۽ سنڌ جا شهر ديبل، نيرون ڪوٽ،
سوستان، قضدار، اروڙ ۽ منصوره واپاري مرڪز بڻجي
ويا ۽ گجرات، مالا بار، مدراس ۽ بنگال کي به پوئتي
ڇڏي ويا.
عربن زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هارين کي هر قسم جون سهولتون
ڏنيون، جنهن جي ڪري هر طرف خوشحالي پکڙجي ويئي.
ميوا عام جام ملڻ لڳا ۽ اناج سستو ٿي ويو، جنهن ۾
ڪافور، نير، بيد، ڪيلا، ناريل، کارڪون، ليمو، انب،
بادام، اخروٽ، ڪمند، چانور ۽ ڪڻڪ شامل آهن.
جيتونيڪ هتي باغ تمام ٿورا هئا پر جتي به زمين سٺي ملي اتي عربن
باغ پوکيا.
بشاري مقدسي پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته هتي باغ ڏاڍا ساوا ۽
گهڻا آهن ۽ وڻ وڏي قد وارا ۽ ميون سان ٽمٽار آهن.
سڄو شهر اخروٽ ۽ بادام جي وڻن سان سٿيل آهي، ڪيلن
۽ ٻين ميون جي گهڻائي آهي. عربن جي اچڻ کان اڳ هتي
صنعت زوال جو شڪار هئي. ڪارو چمڙو رڳڙائي کانپوءِ
به سخت رهجي ويندو هو. ابن نديم جي بيان مطابق
ڪوفي جي ڪاريگرين سنڌ ۽ مڪران جي ڪاريگرن کي چمڙي
کي کارڪن سان رنڱڻ سيکاريو، جنهن سان اهو وڌيڪ نرم
به ٿي ويو. منصوره جي چمڙي جي ڪاروبار بابت امام
احمد بن هنبل 41هه پنهنجي ڪتاب ”الورع“ ۾ لکي ٿو
ته ”منصوره جا سنهري سينڊل اسلامي دنيا ۾ صرف
امير ماڻهو پائن ٿا، چمڙي جي هنر سنڌ ۾ ايتري ترقي
ڪئي آهي جو سنڌ جو رنگين ۽ نرم چمڙو ”السنديه“ جي
نالي سان پوري دنيا جي مارڪيٽن ۾ پکڙجي ويو آهي.“
مروج الذهب ۾ آهي ته هندستان ۾ منصوره ۽ کنڀايت جا
جوتا مشهور آهن.
عربن سنڌ ۾ زراعت ۽ تجارت کي ترقي ڏيڻ کان سواءِ جانورن جي نسل
جي واڌاري لاءِ به خاص اُپاءَ ورتا. ڇاڪاڻ ته هي
علائقو ريگستاني هو ۽ اٺ هتي وڌيڪ ڪارائتو جانور
هو تنهن ڪري گنڌاري اٺ جو تمام گهڻو نسل ورتائون.
ان کانسواءِ خراساني نسل سان ميلاپ ڪرائي هڪ نئون
نسل ”بخت“ يا ”بختائي“ به ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو
جيڪو ڏاڍو چست، سهڻو ۽ ٻن ٺوهن وارو هو.
ڳئون، مينهن، ٻڪري ۽ ڍڳن جي پيدائش ۽ پرورش تي خاص توجه ڏني
ويئي ۽ هتان عرب ۽ بصري ڏانهن موڪليا ويا، مهلب جو
خاندان جيستائين سنڌ ۾ حڪومت ڪندو رهيو، هتان
مينهون بصري ڏانهن وينديون رهيون.
عربن لاءِ سڀ کان اهم جانور گهوڙو هو، تنهن ڪري انهن گهوڙن جي
نسل کي وڌائڻ لاءِ به ڪارائتيون ڪوششون ورتيون ۽
هتان جو نسل ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين پهچي ويو،
چيو وڃي ٿو ته عربن کي عمارتن ٺاهڻ جو شوق نه هو، اها ڳالهه غلط
آهي، عربن سنڌ ۾ جيڪي شهر اڏيا، انهن مان ڪوئي
موجود هجي ها ته ان ڳالهه جي حقيقت ظاهر ٿي پوي
ها، پر تاريخ مان خبر پوي ٿي ته انهن جيڪي شهر
آباد ڪيا اهي تعميري ۽ عسڪري لحاظ کان اعليٰ قسم
جا هئا. سنڌ جي گورنر حڪم بن عوانه 114هه (33 ـ
732ع) سنڌو درياءُ جي ڏکڻ اڀرندي پاسي کان محفوظا
شهر ڪوفي جي طرز تي جوڙايو ۽ عربن جو مرڪز طور
استعمال ٿيندو رهيو.
عربن پهرين آبادي ديبل شهر ۾ ڪئي جتي هڪڙي ڳوٺ ۾ چار هزار عرب
خاندان ترسيل هئا.
محمد بن قاسم جي پٽ عمرو سنڌو درياءُ جي اتر اڀرندي پاسي واري
علائقي کي جنهن ۾ برهمڻ آبادي به شامل هئي، دشمنن
کان وڙهي ڪري واپس ورتو ته برهمڻ آباد کان ڇهه ميل
اولهه طرف هڪ نئين شهر ”منصوره“ جي پيڙهه جو پٿر
رکيو. اهو شهر ڪجهه سالن اندر برسجي وڃي گادي جو
هنڌ بڻجي ويو. ستين صدي هجريءَ جي اڌ تائين اهو
شهر موجود هو پر پوءِ زلزلي جي ڪري ميٽجي ويا. چيو
وڃي ٿو ته اهي شهر ڏاڍا خوبصورت هئا.
ٽيون شهر عمران برمڪي بوقان ويجهو ٻوڌيا ضلعي ۾ ”بيضاءِ“ جي
نالي سان 220هه ۾ آباد ڪيو. انهيءَ علائقي ۾ گهڻا
جاٽ رهندا هئا ۽ سنڌو درياءُ جو اولهندو پاسو هو.
جاٽن جڏهن بغاوت ڪئي هئي ته عمران انهن کي ڪچلڻ
کان پوءِ حفاظت خاطر بيضاءِ آباد ڪيو ۽ ان کي
مستقل ڇانوڻي قرار ڏنو.
340هه (55 ــ 854ع) عربن ملتان کان ڏيڍ ميل پري اتر اڀرندي پاسي
”جندرور“ شهر آباد ڪيو، جنهن جي معنيٰ فوج جي رهڻ
جي جاءِ يا فوجي آبادي آهي. ڇاڪاڻ ته پهريان اهو
ڇانوڻي طور استعمال ٿيو پر پوءِ ملتان جو حاڪم به
اتي رهڻ لڳو.
انهن نون شهرن کان سواءِ عربن آڳاٽن شهرن جي خوبصورتي ۽ واڌاري
لاءِ به جوڳا اُپاءَ ورتا. عربن جي اچڻ کان اڳ
ديبل تمام وڏو شهر هو پر 280 هه (94، 893ع) واري
زلزلي ان کي پوري طرح مسمار ڪري ڇڏيو ۽ اڌ لک
انسان موت جو کاڄ بڻيا. پر پوءِ عربن ڪجهه سالن
اندر ان جو ساڳيو عروج موٽايو ۽ اڃا وڌيڪ هن کي
خوبصورت بڻايو ۽ اوسي پاسي وارن سنسان ڳوٺن کي
رونق بخشي. بشاري مقدسي پنهنجي ڪتاب ”احسن
التقاسيم في معرفته الاقاليم“ ۾ لکيو آهي ته ديبل
ساحلي شهر آهي، جنهن ۾ هڪ سؤ ڳوٺ ڳنڍيل آهن.“
ابوالحسن علي مسعودي 300 هه کان پوءِ ملتان پهتو چوي ٿو ته ”هي
ڏاڍو سرسبز ۽ شاداب ملڪ آهي ۽ هر جڳهه شهر ۽ ڳوٺ
آهن.“
عربن جي عمارت سازي واري فن جي ڪا خبر نٿي پوي، ڇو ته هن وقت
انهن جي جوڙايل ڪا به عمارت موجود ڪونهي، پر سنڌ ۾
جيڪا پهرين عمارت انهن ٺهرائي اها ڏهه هزار ماڻهن
جي گنجائش واري ديبل جي جامع مسجد هئي. محمد بن
قاسم ديبل کان پوءِ نيرون ڪوٽ الور ۽ ملتان ۾ به
مسجدون اڏايون ۽ منصوره جي جامع مسجد کي عمان وارو
طرز ڏنو.
جنت السنڌ جو ليکڪ مولائي شيدائي عرب دؤر جي يادگارن جو ذڪر
ڪندي لکي ٿو ته عرب جي يادگارن ۾ هن وقت ميرپور
ساڪرو تعلقي جي ڳوٺ گجو ۾ هڪ ”خانقاه بوترابي“ جي
نالي سان موجود آهي، جيڪا هارون الرشيد جي پوئين
زماني جي آهي، جنهن جي گنبذ تي نقاشي جو ڪم ڄام
صلاح الدين ڪرايو هو.
تاريخ ”لب سنڌ“ جو مؤلف خان بهادر خداد خان عرب دؤر جي هڪ ٻي
يادگار بکر جي قلعي جو ڏس ڏئي ٿو، جنهن جي ٺهڻ جي
تاريخ ”بالاحصار“ آهي، جنهن جو سنه 333هه (45 ــ
944ع) نڪري ٿو ۽ اهو بنو عباس جي خلافت وارو زمانو
آهي.
هو انهيءَ ڪتاب ۾ ”درگاه خضر“ جنهن کي هندو زنده پير چون ٿا، کي
به بنو عباس جي يادگار چوي ٿو، ان جي تاريخ
”درگاهه عالي“ مان 341 هه نڪري ٿي ۽ اهو مهراڻ
درياءُ وچ ۾ آهي.
عربن سڌ سماع ۽ آمد رفت جي ذريعن کي به ترقي ڏني. سنڌو درياءُ
جي مٿان سکر وٽ هڪ پل ٺهرائي، جنهن جو نالو ”سکر
الميد“ رکيائون. خط، پٽ جي انتظام کي بهتر بڻائي
سڻائو ۽ سهنجو ڪري ڇڏيائون. بنو عباسيه جي دؤر ۾
جڏهن حجاج واسطا شهر ۾ رهندو هو ۽ محمد بن قاسم
ڪڏهن الور، ڪڏهن برهمڻ آباد ته ڪڏهن ملتان. پر
ٻنهي جو هڪٻئي کي ستين ڏينهن خط ملي ويندو هو. اها
ايڏي تيز رسائي گهوڙن ذريعي ڪئي ويئي ۽ انهن گهوڙن
جو هڪ خاص جاءِ تي ميلاپ ۽ خطن جي ڏي وٺ ٿيندي
هئي، جنهن کي وقت سان گڏ وڌيڪ بهتر بڻايو ويو.
عربن سنڌ ۾ رهندڙ سڀني مذهبن جي ماڻهن کي پوري پوري آزادي ڏني.
هتي رهندڙ اڪثر ماڻهو ٻڌ ڌرم سان لاڳيل هئا ۽ انهن
جي عبادتگاهن کي تحفظ ڏنو ويو ۽ پنڊتن ۽ پوڄارين
جا حڪومت طرفان وظيفا رکيا ويا. مالگذاري مان به
ٽي فيصد اوڳاڙي انهن کي ڏني ويئي.
رواداريءَ جي انتها اها هئي جو اوڀر وارن ملڪن جي گورنر جنرل کي
جڏهن خبر پئي ته زراعت لاءِ ڍڳو تمام اهم آهي ۽
اَن جي گهٽتائي ٿيندي پئي وڃي ته پاڻ مينهن جي ذبح
تي پابندي هڻي ڇڏيائين.
عرب فتح ڪيل علائقي جي ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ جو ڏانءُ ڄاڻيندا
هئا، تنهن ڪري انهن سنڌين کي وڌ کان وڌ سهولتون
ڏنيون ۽ وڏن وڏن عهدن تي ويهاريو.
مسلمان جتي به ويا اتي سڀ کان وڌيڪ اسلام جي اشاعت ۽ علم تي
ڌيان ڏنائون.. تنهن ڪري سنڌ جي ڌرتيءَ تي پهچي به
انهن الله جل شانه جو نالو بلند ڪيو. گذريل وقت ۾
اسان هڪ عراقي عالم بابت پڙهي آيا آهيون، جنهن کي
سنڌي زبان تي پورو ملڪو هو ۽ ان هڪ هندو راجا کي
اسلامي عقيدا ۽ اصول منظوم سنڌي ۾ سمجهايا. سندس
درٻار ۾ پهچي قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ڪيو. اهو
قرآن مجيد جو پهريون ترجمو هو، جيڪو سنڌ ۾ ٿيو.
عربن جي اچڻ کان پوءِ سنڌ علم ۽ فنون ۾ وڏي ترقي ڪئي. عرب جا
ڪيترائي وڏا عالم، فاضل، هنرمند، ڪاريگر ۽ ماهر
سنڌ ۾ آيا ۽ هتي رهي ڪري پنهنجي علم ۽ هنر جي جوت
جلائي تن ۾ موسيٰ بن يعقوب ثقفي قاضي، ارور، محمد
بن ابي الشوارب قاضي، منصوره، هارون بن عبدالله
ملتاني شاعر، قاضي ابو محمد منصوري قاضي ذڪر جوڳا
آهن. هتان جي اصل رهاڪن ۾ وري مولانا اسلامي جو
نالو ورتو ويندو آهي، جنهن محمد بن قاسم جي ڏينهن
۾ اسلام آندو ۽ ديبل جو رهاڪو هو. هو راجا ڏاهر وٽ
مسلمانن جو نمائندو ٿي ويو.
ان کان علاوه ابو معشر سنڌي سندس پٽ ابو عبدالملڪ محمد بن ابي
معشر، امام اوزاعي، حافظ ابو محمد خلف بن سالم ۽
ابوالعطا سنڌي وغيره مشهور سنڌي عالم ٿي گذريا
آهن، جن سنڌ کان ٻاهر وڃي هن ڌرتيءَ جا ڳڻ ڳارايا.
|