سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :56

 

پير غلام مجدد جان سرهندي

پير صاحب پنهنجي قومي خدمتن ۽ خالق ڏنا هال ۾ هلايل مشهور مقدمي جي ڪري شهرت ماڻي.

 هو 13 مئي 1883ع تي سنڌ جي مشهور شهر مٽياريءَ ۾ ڄائو ۽ ديني تعليم مولوي حاجي حسين الله پاٽائي کان حاصل ڪيائين.

1904ع ۾ حج ڪرڻ ويو ۽ حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جي روضي مبارڪ جي زيارت حاصل ڪيائين.

1913ع ۾ پير صاحب پنهنجي والد خواجا عبدالحليم جي وفات کان پوءِ گادي تي ويٺو ۽ بزرگن جي پيروي ڪندي تبليغ ۽ علم جو فيض عام ڪرڻ ۾ لڳي ويو.

1920ع ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي ته ٻين سنڌ جي پيرن سان گڏ پير غلام مجدد جان سرهندي به ڀرپور حصو ورتو ۽ تقريرون ڪيون. حڪومت جڏهن پير محبوب شاهه جهنڊي واري، سندن ننڍي ڀاءُ رشد الله ۽ پير تراب علي شاهه کي گرفتار ڪيو ته سڄي سنڌ ۾ باهه ٻري ويئي. هڪڙي پاسي اهي جدوجهد ڪندڙ عظيم ڪردار هئا ته ٻئي پاسي پير مولوي فيض الڪريم هو جنهن ترڪن جي خلافت خلاف فتويٰ تي صحيح ڪري سنڌ جي لاءِ بدناميءَ جو داغ بڻيو.

پير غلام مجدد مولانا جوهر واري ڪيس ۾

جولاءِ 8 ـــ  9 ـــ 10 ، 1921ع تي ڪراچي ۾ خلافت ڪانفرنس مولانا محمد علي جوهر جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته ڪوئي به مسلمان انگريز فوج ۾ ڀرتي نه ٿيندو. سنڌ جي پيرن مان پير غلام مجدد سرهندي پهريون شخص هو، جنهن کي انگريز حڪومت انهيءَ ڪيس ۾ ٻين سان گڏ ٻن سالن جي سزا ٻڌائي.

پير صاحب همت ۽ بهادريءَ سان رتنا گري جيل ۾ اها سزا ڪاٽي ۽ اتي ئي قرآن به حفظ ڪيو. انهيءَ سزا پير صاحب کي مشهور ڪري ڇڏيو.

سزا ڀوڳڻ کانپوءِ پير صاحب مختلف سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ حصو ورتو. جڏهن سڀ ڪانگريسي مسلمان ليڊر مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لڳا ته پير صاحب به مسلم ليگ ۾ هليو ويو.

آخري وقت ۾ حيدرآباد اچي رهيو ۽ سيد علي اڪبر شاهه سان گڏجي ڪري ”جامعہ عربيہ“ مدرسو قائم ڪيائون.

پير صاحب وڏو عالم، با اخلاق ۽ مهمان نواز انسان هو. 9 جنوري 1958ع ۾ سندس وفات ٿي.

حاجي مولا بخش سومرو

حاجي مولا بخش سومرو پٽ حاجي محمد عمر سومرو شڪارپور جو رهاڪو ۽ الله بخش سومري جو ننڍو ڀاءُ هو. پاڻ ڪوئيٽا پبلڪ اسڪول ۾ سينئر ڪيمبرج تائين پڙهيو. فارسي به ڄاڻيندو هو. 1934ع ۾ هو شڪارپور جو فرسٽ ڪلاس آنريري مجسٽريٽ رهيو.

سياسي زندگي:

1943ع ۾ هو خان بهادر احمد خان سدائي جي وفات ڪري خالي ٿيل سيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. ڪجهه وقت غلام حسين هديت الله جي وزارت ۾ غير مسلم ليگي وزير رهيو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو. يوسف هارون پنهنجي وزارت وقت جڏهن کهڙو صاحب جي حمايتين کي ڪڍيو ته حاجي مولا بخش وزير ٿيو.

1953ع ۾ هو مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو.

1954ع ۾ جڏهن ون يونٽ ۾ سنڌ کي شامل ڪرڻ کان انڪار تي عبدالستار پيرزادي جي وزارت ختم ڪئي وئي ۽ محمد ايوب کهڙي کي انهيءَ ڪم لاءِ کنيو ويو ته ان جي وزارت ۾ پير علي محمد راشدي،  قاضي محمد اڪبر ۽ سيد نور محمد شاهه سان گڏ حاجي مولا بخش به هو. انهن ئي ڏينهن ۾ هو پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ لاءِ سنڌ طرفان ميمبر چونڊيو ويو. ڪجهه وقت لاءِ مرڪزي حڪومت جو اسٽيٽ منسٽر ۽ 1958ع مهاجرن جي آبادڪاريءَ جو وزير رهيو.

1958ع جي مارشل لا کانپوءِ حاجي مولا بخش شڪارپور ۾ ڪجهه وقت لاءِ آرام ڪرڻ واسطي ويهي رهيو.

1978ع ۾ هو صدر ضياءُ الحق جو مشير رهيو، پر عبوري حڪومت ۾ معذرت ڪري گهر ويهي رهيو.

شخصي زندگي:

پاڻ خوش خلق، ملنسار، ۽ اسلامي اصولن سان محبت رکندر شخص هو. هميشه عوام جي ڪمن ۾ رڌل رهندو هو.

شهيد الله بخش سومرو

شهيد الله بخش جو تعلق سنڌ جي مشهور سومرا خاندان سان هو، جنهن ڪيترن سالن تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. الله بخش سومرو 1900ع شڪارپور ۾ ڄائو ۽ مئٽرڪ تائين پڙهي ڪري والد جي چوڻ تي زمينداري سنڀالڻ لڳو.

1923ع ۾ هو جيڪب  ميونسپالٽي ۽ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر ٿيو. 1926ع ۾ خان بهادر جان محمد خان پٺاڻ (سلطان ڪوٽ) جي مقابلي ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ بمبئي ڪائونسل ۾ سر شاهنواز ڀٽو جي سر پرستيءَ ۾ ڪم ڪندي سنڌ جي مسلمانن جو ليڊر بڻجي ويو.

1936ع تائين هو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهيو.

اتحاد پارٽي:

1936ع ۾ جڏهن اتحاد پارٽي قائم ٿي ته الله بخش سومرو ان ۾ شامل ٿي ويو. 1937ع جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، جن ۾ هيٺين پارٽين حصو ورتو.

مسلم پوليٽيڪل پارٽي (ليڊر سر غلام حسين هدايت الله)

سنڌ آزاد پارٽي (شيخ عبدالمجيد سنڌي)

سنڌ اتحاد پارٽِ (سر شاهنواز ـــ حاجي عبدالله هارون)

ڪانگريس پارٽِ.

چونڊن جو نتيجو هن طرح رهيو:

مسلم پوليٽيڪل پارٽي ٽوٽل 3 سيٽون کٽيون

سنڌ آزاد پارٽي 3 کٽيون

سنڌ اتحاد پارٽي 22 کٽيون پر پارٽيءَجا اڳواڻ سر شاهنواز ۽ عبدالله هارون هارائي ويا.

ڪانگريس 7 سيٽون کٽيون پر آزاد ميمبرن جي ملڻ سان ان جون ٽوٽل 11 سيٽون ٿي ويون.

گورنر گرهام سر غلام حسين کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني، جنهن جي پارٽي رحمت الله فرخ آبادي مطابق 5 ۽ جي ايم سيد مطابق 3 سيٽون کنيون. سر غلام حسين هندن کي هڪ سيٽ ڏئي اتحاد پارٽيءَ جي سينئر ميمبر سيد ميران شاهه کي اسپيڪر ڪري راضي ڪري ورتو. اتحاد پارٽي ڪانگريس سان اتحاد ڪري خان بهادر الله بخش کي ليڊر ۽ هاشم گزدر کي ڊپٽي ليڊر چونڊيو.

الله بخش جي وزارت:

الله بخش سومري ڪانگريس ۽ آزاد هندو ميمبرن جي مدد سان وزارت ٺاهي ورتي.

12 آڪٽوبر 1942ع تي انگريز حڪومت سندس وزارت ان ڪري ختم ڪري ڇڏي جو هن ڪانگريس جي چوڻ تي خطاب واپس ڪري ڇڏيا. ان کان پوءِ غير جمهوري طريقي سان سندس ئي ڪابينا جي هڪ وزير سر غلام حسين کي حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي ويئي.

1942ع کان پوءِ هو سماجي ڪمن ۾ لڳي ويو. 14 مئي 1943ع جي صبح جو الله بخش سومرو ڪٿان شڪارپور اچي رهيو هو ته مٿس ڪنهن پستول سان حملو ڪيو ۽ هو ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويو.

پير علي محمد راشدي

پير علي محمد راشدي سياست ۽ صحافت ۾ پاڻ مڃايو، جيتوڻيڪ سياست ۾ هن جي شخصيت متضاد رهي پر پوءِ به ذهانت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.

شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو سنڌ جو اهو يونان آهي، جنهن اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ جي ناليوارين شخصيتن کي جنم ڏنو. سر غلام حسين، ايوب کهڙو، پير علي محمد راشدي، الله بخش سومرو، قاضي فضل الله، حاجي مولانا بخش سومرو انهن ٻن شهرن ۾ پيدا ٿيا.

پير علي محمد راشدي حر تحريڪ جي باني پير محمد راشد (روضي ڌڻي) جي اولاد مان هو. ان ڪري پاڻ  کي راشدي سڏرايائين. انهن مان هڪ سيد محمد حامد راشدي (وفات 38 ــ 1937ع) کي ٽي پٽ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي ۽ سيد احمد راشدي ٿيا. پير علي محمد راشدي 5 آگسٽ 1905ع ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم مولوي محمد سومار ۽ مولوي محمد صديق (ميرپور خاص) واري کان حاصل ڪيائين. انگريزي تعليم ماسٽر محمد رفيق ۽ نصرت شهر جي اسٽيشن ماسٽر کان ورتائين. ڇهين درجي تائين اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ مطالعي جي شوق سندس علم ۽ ذهانت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

صحافتي زندگي:

راشدي صاحب جي سياسي ۽ صحافتي زندگي گڏ شروع ٿي پر صحافت ۾ پاڻ مڃرايائين.

1924ع ۾ پير علي محمد راشدي پنهنجي صحافتي زندگيءَ جي شروعات ”سنڌ نيوز“ جي رپورٽر طور ڪئي. 15 ڊسمبر 1924ع ۾ سنڌ تعليمي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ حصو  ورتائين. 1926ع کان 1931ع تائين سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو. 1926ع ۾ ”الحزب“ ڪڍيو. 1928ع ۾ اخبار ”الراشد“ جو ايڊيٽر رهيو. سکر مان نڪرندڙ ”الامين“ اخبار جي 1925ع کان 1928ع تائين ايڊيٽري ڪيائين.

1927ع ۾ راشدي صاحب محمد ايوب کهڙو جو سيڪريٽري ٿيو ۽ ان طرفان سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

1929ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ آغا نظر علي جي سنڌ زميندار اخبار سنڀاليائين.

1934ع کان 1937ع تائين سکر مان نڪرندڙ ”ستاره سنڌ“ اخبار جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر رهيو.

1936ع ۾ ”صبح سنڌ“ ڪڍيائين، جنهن ۾ اتحاد پارٽيءَ جي حمايت جا مضمون ڇپندا هئا.

1937ع ۾ راشدي صاحب هر پارٽي اميدوار جي ورڪ لاءِ هڪ اخبار ڪڍي.

1940ع ۾ سکر ۽ پوءِ ڪراچي کان راشدي صاحب هڪ انگريزي اخبار جاري ڪئي، جيڪا 1945ع تائين هلندي رهي.

1945ع ۾ جي ايم سيد جا مسلم ليگ سان اختلاف ٿيڻ شروع ٿيا ته اخبار ”الوحيد“ ۾ سندس خلاف مضمون اچڻ لڳا. جنهن تي راشدي صاحب اخبار ”قرباني“ ۽ ان جي پريس خريد ڪري ڪراچي آيو ۽ ڪمال جا ايڊيٽوريل لکڻ لڳو. راشدي صاحب جو مشهور ڪتاب ”فرياد سنڌ“ قسطوار انهيءَ اخبار ۾ ڇپيو. ”قرباني“ پهريون خير محمد نظاماڻي جي ادارت ۾ نڪرندي هئي.

1947ع ۾ کهڙي صاحب جي وزارت ۾ اخبار ”قرباني“ تي بندش وڌي ويئي.

1948ع ۾ مشهور انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“ کهڙي صاحب جي انتظام هيٺ آئي ته راشدي صاحب 1949ع تائين ان جو ايڊيٽر رهيو ۽ جي ايم سيد مطابق هن پوري طرح سنڌ جو مؤقف سامهون رکيو.

1952ع ۾ راشدي صاحب هڪ هفتيوار انگريزي اخبار ”اسٽيٽسمين“ ڪڍڻ شروع ڪئي.

ڪجهه وقت لاءِ هو نيوز پيپرز ايسوسيئيشن جو صدر به  رهيو ۽ هندستان، مصر ۽ انگلينڊ جي دوري تي به ويو.

پير علي محمد راشدي جو ادب، سياست ۽ نفسيات جو تمام گهرو مطالعو هو. سندن ادبي قد ڪاٺ کي ايندڙ  صفحن ۾ بيان ڪنداسين.

1940ع کان 1958ع تائين هو سنڌي  ادبي بورڊ جو ميمبر به رهيو.

راشدي صاحب جي ڪردار کي سنڌ جي سياست ۾ نظرانداز نٿو ڪري  سگهجي. سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت هجي يا الله بخش سومري جي، مسلم ليگ سنڌ جو 1938ع وارو اجلاس هجي يا مسجد منزل گاهه وارو واقعو، هن هر موقعي تي پنهنجي شخصيت کي مڃرايو.

اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ جي سنڌ جا عالم جن اسلام لاءِ اهم خدمت سرانجام ڏني

سنڌ کي هر دؤر ۾ اسان جي علمي ۽ مذهبي تاريخ ۾ هڪ خاص اهميت رهي آهي. ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان اڳ اسلام جو سج هن ڌرتيءَ مٿان ئي اڀريو ۽ هر دؤر ۾ هن ڌرتيء اهڙا انيڪ عالم ۽ ڏاها پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي علم ۽ عمل سان ڪيترن ئي ڀٽڪيل انسانن کي راهه راست تي آڻيو ۽ ايمان ۽ عمل جي طاقت سان سنواريو. انهن جي ڪري ئي اڄ سنڌ جو جهر جهنگ ۽ وستي واهڻ اسلام جي روشنيءَ سان چمڪي رهيو آهي.

ابو معشر نجيح، امام اوزاعي، حافظ محمد سالم سنڌي، ابو عبدالملڪ محدث سنڌي، ابو اسحاق ابراهيم سنڌي موصلي جهڙن سنڌي عالمن وطن کان پري وڃي پنهنجي ديني علمي خدمتن سان ديس جو نالو روشن ڪيو، ۽ جڳ کي سنڌ بابت ٻڌايو.

سنڌ ۾ جن عالمن ٻن صدين تائين پنهنجو علمي فيض عام ڪيو  هتي انهن جو مختصر تعارف پيش ڪيون ٿا.

مولانا عبدالغفور مفتون همايوني

مولانا عبدالغفور شڪارپور جي همايون ڳوٺ ۾ 1845ع (1261هه) تي ڄائو. سندن والد جو نالو خليفو مولانا محمد يعقوب هو.

مولانا عبدالغفور پهريان پنهنجي پيءُ کان تعليم ورتي پر ان جي وفات کان پوءِ وڌيڪ تعليم پيءُ جي شاگرد مولوي سلطان  محمد سيت پوري وٽ مڪمل ڪيائين.

تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مولانا عبدالغفور پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پڙهائڻ لڳو. سندن غير معمولي ذهانت ڪري پري پري کان شاگرد وٽس اچي پڙهڻ لڳا. انهن شاگردن مان مولوي عبدالرحيم شڪارپوري، مولوي فاضل محمد بلوچستاني، مولوي نبي بخش ڪولاچي، مولانا محمد مبارڪ، مولوي محمد اسماعيل شاهلي کي خاص شهرت ملي.

مولانا کي ڪيترن ئي علمن تي عبور حاصل هو پر فقه ۾ سندس چرچو بلوچستان، هندستان ۽ خراسان تائين ڦهليل هو. فقه جي حوالي سان پوري هندستان ۾ مولانا جي فتويٰ کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. بلوچستان جي شاهي جرڳن ۾ مولانا کي گهرائي کانئس اهم فيصلا ورتا ويندا هئا. هو هر طبقي ۽ هر فرقي ۾ مقبول هو، سندس در تي دعائن لاءِ هر وقت ماڻهن جا انبوهه لڳل هوندا هئا.

تصنيف ۽ تاليف:

مولانا همايوني جون فتوائون  هزارن ۾ آهن، جن مان ٻه جلد فارسي ۾ ”فتاوى همايوني“ جي نالي سان ڇپجي چُڪا آهن. طب جي حوالي سان به سنڌي ۾ هڪ ڪتاب ”فرهنگ همايوني“ اچي چڪو آهي.

مولانا شاعريءَ جو اعلى ذوق رکندڙ هو، ۽ مفتون جي تخلص سان ڪيترائي شعر قلم بند ڪيائين.

”ديوان مفتون“ جي نالي سندن ڪتاب سان ڇپجي چڪو آهي.

مولانا حافظ اسد الله ٽڪرائي

سيد حڪيم حاجي حافظ اسد الله ٽڪرائي  ولد سيد الله بخش شاهه 15 شعبان 1285هه (1868ع) ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم حافظ محمد يوسف کان ورتائون ۽ سنڌي، فارسي ۽ فقه پڙهيو. ان کان پوءِ صرف نون مهينن جي اندر حافظ اسدالله قرآن حفظ ڪري ورتو. حضرت مجدد الف ثاني ۽ خواجا محمد معصوم رحه جي خطن جو غور سان مطالعو ڪيائين.

پاڻ حديث پڙهڻ لاءِ هندستان جي مشهور درسگاهه دار العلوم ديوبند جو رخ ڪيائين ۽ اتي مولانا محمود الحسن مٿس خاص شفقت جو هٿ رکيو. طب ۾ سندس استاد ميران محمد شاهه اول هو.

خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺڻ:

مولانا اسدالله ٽڪرائي جي ڏينهن ۾ هندستان جا مسلمان آزاديءَ جي جدوجهد ۾ مصروف هئا. خلافت تحريڪ جي هلچل هر هنڌ هلي رهي هئي. حافظ صاحب به انهي تحريڪ ۾ شامل ٿي پوري سنڌ جو دورو ڪيو ۽ مسلمانن ۾ آزاديءَ جو جذبو جاڳايو.

امن سڀا:

انگريزن خلافت تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ امن سڀا تحريڪ جو شوشو ڇڏيو. قوم دشمن ماڻهو تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لڳا. شهر جي قاضي ابراهيم شاهه جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ سان مسلمانن کي سخت صدمو رسيو.

قاضي جي حرڪت:

رمضان جي آخر ۾ شهر جي قاضي ابراهيم شاهه، ڪليڪٽر مسٽر گبسن کي اطلاع موڪليو ته ماڻهو عيد نماز کانپوءِ انگريزن خلاف ٺهراءُ پيش ڪندا. مسٽر گبسن حڪم جاري ڪري ڇڏيو ته عيد گاهه ڇانوڻيءَ جي علائقي ۾ آهي ۽ جيڪو به انگريزن خلاف ڳالهائيندو ان کي گرفتار ڪيو ويندو.

خلافت تحريڪ يج ڪارڪنن آخر قدم واري ميدان ۾ عيد نماز پڙهڻ جو فيصلو ڪيو. امامت علامه اسدالله شاهه ڪئي ۽ نماز  کانپوءِ ابراهيم شاهه جو بائيڪاٽ ڪري علامه اسدالله کي شهر جو قاضي ڪيو ويو.

حافظ اسدالله شاهه جي تقرير دل کي  جهنجوڙيندڙ هوندي هئي، انگريز جي ظلم ۽ ڏاڍ جو ذڪر ڪندي سندن  چهرو ڳاڙهو ٿي ويندو هو.

مولوي فيض الڪريم جو رسالو:

هر دؤر ۾ اهڙا عالم به پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن جو وڙ وقت جي  حاڪمن کان فائدا حاصل ڪرڻ ۽ سندن ساراهه ۾ قصيدا چوڻ هوندو آهي. مولوي فيض الڪريم جو تعلق به انهيءَ ڪٽنب سان هو.

مولوي فيض الڪريم انگريزن کي خوش ڪرڻ لاءِ تحريڪ خلافت جي خلاف ”تحقيق الخلافت“ ڪتاب لکي حيدرآباد جي ڪليڪٽر مسٽر گبسن کي موڪليو.

علامه اسدالله ان جي جواب ۾ ”رساله اثبات الخلافت اللدولت العثمانيہ“ لکيو.

مولانا اسدالله طبابت ڪري گهر جو خرچ هلائيندو هو. ان کان علاوه ٽڪر ۾ هڪ دوا خانو به هين.

تصنيف ۽ تاليف:

پاڻ تمام سٺي ٻولي ۾ نثر لکندو هو. سيد ميران شاهه ثاني لکي ٿو ته ”جيتوڻيڪ سندس لکت ۾ سادگي آهي، پر ان جون ادبي خوبيون مضمون ۾ دلچسپي وڌائي ڇڏين ٿيون.“

حافظ صاحب جي ڪتابن ۾ بهار اخلاق، هديه اسديه، الانتصار في جواب الاشتهاءُ ۽ فتح الهادي شامل آهن.

شاعريءَ سان به کيس شغف هوندو هو ۽ اسد تخلص استعمال ڪندو هو. پاڻ فارسي ۽ سنڌي ۾ بيشمار شعر چيائين.

حافظ اسدالله ٽڪرائي 59 سالن جي عمر ۾ 1927ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

مولوي عبدالله لغاري

مولوي عبدالله لغاري پٽ نهال خان لغاري 1871ع (1288هه) ۾ ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ داد لغاريءَ ۾ ڄائو. شروع ۾ مولوي محمد امين لغاري ۽ مولوي عبدالقادر کان تعليم پرايائين ۽ پوءِ نوشهرو فيروز اچي قاضي محمد عالم قاضي عبدالرؤف، قاضي عبدالحفيظ ۽ مولوي فيض الڪريم کان علم حاصل ڪندو رهيو.

مولانا عبيدالله سنڌي سان ملاقات:

1898ع کانپوءِ امروٽ شريف ۾ سندس ملاقات مولانا عبيدالله سنڌي سان ٿي ۽ هو مولانا سنڌي جي انقلابي شخصيت ۽ فڪر کان ڏاڍو متاثر ٿيو. مولوي عبدالله جو ڏاڏو ميان احمد  خان لغاري به وڏو مجاهد هو ۽ شير سنڌ  مير شير محمد ٽالپر جي فوج جو ”جنگ ڪوهيڙا“ ۾ سپه سالار هو. مولانا عبدالله جي دل ۾ به انگريزن خلاف سخت نفرت هئي، ان ڪري هو مولانا سنڌي سان سلهاڙجي ويو.

اداري جو مئنيجر ٿيڻ:

مولانا سنڌي پنهنجي فڪر کي علمي صورت ۾ آڻڻ لاءِ امروٽ شريف ۾ هڪ اداري هيٺ مدرسو ۽ پريس قائم ڪئي ۽ انهيءَ ادري مان ”اخوان المسلمين“ جي نالي سان رسالو به جاري ڪيو. مولانا سنڌي اداري جو مئنيجر مولانا عبدالله لغاري کي بنايو، جنهن لڳاتار ٽي سال 1898ع کان 1901ع تائين اتي ڪم ڪيو ۽ پوءِ پير جهنڊي وارن جي صلاح سان مولانا سنڌي جڏهن انهن جي ڳوٺ ۾ اچي مرڪز قائم ڪيو ته مولانا عبدالله لغاري به ساڻس هو.

دارالارشاد جو قائم ٿيڻ:

مولوي عبدالله لغاريءَ جي صلاح سان مولوي محمد صاحب لغاريءَ کي ڄام پور ۽ مولوي محمد امير کي جهنگ مان گهرائي مدرسو دارالارشاد قائم ڪيو ويو. مدرسي جو نگران مولانا سنڌي پاڻ ٿيو ۽ نائب سنڀاليندڙ مولانا عبدالله لغاري کي ڪري شاگردن جي پڙهائي ۽ ٻي ڪم ان جي حوالي ڪيائين.

پير احسان الله شاهه راشدي

راشدي گهراڻي جو اهو روشن ستارو 27 رجب 1313هه (1898ع) تي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ ڄائو. سندس زندگيءَ جو گهڻو حصو انهيءَ ڳوٺ ۾ گذريو پر پوءِ برادريءَ جي جهيڙي ڪري درگاهه شريف ڀرسان اچي اجهو اڏيائون.

پير احسان شروعاتي تعليم مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صاحب، مولوي الاهي بخش، مولانا احمد علي لاهوري، مولوي خدا  بخش، مولوي محمد اڪرم صاحب هالائي کان پنهنجي ڳوٺ واري مدرسي مان حاصل ڪئي.

تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ مدرسي ۾ علم ۽ پنهنجي پيءُ جي صوفياڻي گادي تي ويهي روحاني فيض ورهائڻ لڳو.

تصنيف تاليف:

پير صاحب جي ”المقالات المحبوبيہ في الدعا بعد صلوٰت المڪتوبہ“ ڪتاب کي خاص شهرت نصيب ٿي، جڏهن ته خيمته الزجاجه في شرح ابن ماجه اڌ ۾ رهجي ويو. سندن زندگيءَ جو سڀ کان وڏو مقصد قرآن جي تعليم کي ڦهلائڻ هو.

مطالعي جو شوق:

پير احسان الله راشدي کي مطالعي جو شوق ايترو هو جو شام، مصر،مديني ۽ هندستان جي مختلف شهرن کان جهجي رقم خرچ ڪري ڪتاب ۽ انهن جو نقلون گهرايائين.

جرمني مان  ڊاڪٽر ڪرنڪو جي معرفت صحيح ابن خزيمه ۽ ٻين ناياب تفسيرن جي ڪاپي گهرائڻ جي به وڏي ڪوشش ڪيائين پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. حيدرآباد دڪن جي مشهور علمي اداري دائرة المعارف جو ميمبر پڻ رهيو.

مولانا ثناءُ اللله امرتسري جو بيان:

پير احسان الله راشدي علم جو سمنڊ هو پر فن رجال ۾ کيس خاص ملڪو حاصل هو.

هڪ ڀيري مولانا ثناءُ الله امرتسري ساڻس ملڻ آيو ۽ ٽي ڏينهن رهڻ کان پوءِ جڏهن وڃڻ لڳو ته فرمايائين ”اڄ فن رجال جو جيڪڏهن ڪوئي امام آهي ته اهو پير احسان الله راشدي آهي.“

افسوس جو علم جو هي روشن سج صرف 45 سالن جي عمر ۾ دنيا کي پنهنجي روشني کان محروم ڪري هليو ويو.

مولانا مفتي محمد صاحبداد

مفتي محمد صاحبداد 1898ع (1316هه) ۾ لوڻي ڳوٺ ضلعي سبي (بلوچستان)  ۾ ڄائو. قرآن مجيد سيد خواجا محمد شاهه کان پڙهيو ۽ عربي فارسي جي تعليم مولانا محمد يوسف کان ورتائين. ان کان پوءِ سنڌ جي ڪيترن مدرسن مان علم جي اڃ اجهايائين. 1917ع ۾ قاسميه مدرسي ڳڙهي ياسين مان علامه مفتي محمد قاسم رحه کان سند وٺي علم جي روشني پکيڙڻ ۾ لڳي ويو.

1921ع مولانا صاحبداد سلطان ڪوٽ ۾ رهي ڪري مولانا عبدالباقي جي مشوري تي تبليغ ۽ علم جي اشاعت ۾ لڳي ويو.

مولانا الاهي بخش، مولانا ولي محمد ڪتياري، مولوي ميان دوست محمد، الحاج مولوي عبدالستار صاحب به مفتي صاحب جا فيضيافته هئا.

قاضي القضات جي عهدي تي:

جولاءِ 1934ع ۾ بلوچستان جي مشهور بزرگ خواجا محمد حسن مجددي جي چونڊ تي قلات رياست جو مفتي صاحب کي قاضي القضات ڪيو ويو پر فقيراڻي طبيعت اتي رهڻ نه ڏنو 31 مئي 1935ع واري زلزلي کانپوءِ سلطان ڪوٽ موٽي آيو.

سياسي زندگي:

1939ع ۾ مفتي صاحبداد مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو ۽ ڪانگريس خلاف مسجد منزل گاهه واري جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مولانا سنڌ ۽ ڪراچي  جي جميعت اهل سنت جو صدر چونڊيو ويو. جڏهن پير ڳوٺ ۾ ”جامعه راشديه“ قائم ٿيو ته ان جو شيخ الجامعه مولانا مفتي صاحبداد کي  ڪري رکيو، ويو ۽ هو آخر تائين اتي پنهنجون زمينواريون نڀائيندو رهيو.

ادب ۽ صحافت:

مفتي صاحبداد مولانا همايوني جي ياد ۾ علمي رسالو همايوني ٽن سالن تائين ڪڍندو رهيو ۽ پوءِ سلطان ڪوٽ مان ماهوار ”اسلام“ به جاري ڪيو. مولانا جي يادگار ڪتابن ۾ البلاغ المبين، فتاوي الهمايوني، اخلاق النبي ۽ سماع موتى شامل آهن.

مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسيني

مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسيني ربيع الثاني 1305هه (1857ع) ۾ ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو ۽ پوري تعليم پنهنجي پيءُ مولانا محمد هاشم ڳڙهي ياسيني کان پرايائين. پيءُ جي وفات کانپوءِ سند مولانا عبدالغفور همايوني کان حاصل ڪيائين.

مولانا جي علمي مرتبي جي هاڪ جڏهن هر هنڌ ڦهلجڻ لڳي ته بلوچستان، پنجاب ۽ افغانستان مان شاگرد علم پرائڻ لاءِ اتي اچڻ لڳا. انهيءَ درسگاهه مان مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسيني، مولانا صاحبداد خان، مولانا احمد قاضي (مڪران)، مولانا ولي محمد (بلوچستان)، مولانا صاحبڏنو قرني ۽ مولوي فضل محمد ڳڙهي ياسيني جهڙا عالم فيض پرائي نڪتا.

شاعري:

مولانا کي شاعريءَ سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو ۽ سندس ڳاڻيٽو فارسي ۽ سنڌي جي اعليٰ پائي جي شاعرن ۾ ٿيندو آهي. پاڻ سنڌي کان وڌيڪ فارسي ۾ شعر چيائين، جن مان ڪجهه هتي پيش ڪجن ٿا:

ساقي بيار جام جهان بين پر از شراب،

تاعڪس صورتش نگرم در شراب ناب.

زلال وصل ازجام وفا درکام تشنہ ريز،

بروز عمر عطاشايم چوصائم تابکي داري،

هم از بلبل شنيدم قاسما ميگفت با نالہ،

دل دلداده را در درد دانم تابکه داري.

بده ساقي مئي باقي بدست عاشق مضطر،

کہ جام باده گلگون در کف ميخوار مي زيبد،

بيا قاسم ز اوج عرش خوش خوان اين غزل خوش را،

کہ چون مہ درنجوم، اين شعر در اشعار  مي زيبد.

علمي ڪم:

مولانا جي فتوائن جو پهريون جلد ”فتوى قاسميہ“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي ۽ باقي پنج جلد اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهن. ڪجهه ٻين ڪتابن جا مسودا به موجود آهن.

مولانا جي فتوى کي هر هنڌ مڃتا حاصل هئي. بلوچستان جا حاڪم به کانئس شرعي راءِ وٺندا هئا.

وفات:

مولانا محمد قاسم 1930ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ڳڙهي ياسين ۾ سندس مزار آهي.

مولانا عبدالڪريم چشتي

مولانا عبدالڪريم چشتي جو ڳاڻيٽو انهن بزرگن ۾ ٿيندو آهي، جن جون انيڪ سياسي، سماجي ۽ مذهبي خدمتون آهن. هو 1898ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. قرآن مجيد حاجي عبدالغفور کان پڙهيو. عربي فارسي پڙهڻ کان پوءِ صرف و نحو جي تعليم مولانا غلام رسول چشتي کان ورتائين ۽ ٻين علمن جا ڪتاب وري علامه عبدالرحمان وٽ پڙهيو.

سياسي زندگي:

مولانا چشتي جي سياسي زندگي جي شروعات 1917ع ۾ ڊاڪٽر ايني بسنٽ جي ”هوم رول ليگ“ کان شروع ٿي. 1918ع تي ڪانگريس ۾ آيو. ان کان پوءِ پنهنجي استاد عبدالرحمان جي صلاح سان ”انجمن مجاهدين اسلام“ جو بنياد وڌو ۽ ٻن سالن تائين اها انجمن هلائيندو رهيو.

1919ع ۾ تحريڪ خلافت ۾ مولانا عبدالڪريم ڀرپور حصو ورتو. 1920ع مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو.

جڏهن سول نافرماني واري تحريڪ هلي ته مولانا چشتي کي جلوس ڪڍڻ تي جيل موڪليو ويو. هڪ مهينو جيڪب آباد جيل ۾ رهڻ کان پوءِ وري چار مهينا ميهڙ جيل ۽ 108 تحت بغاوت جي ڪيس ۾  ٻارهن مهينا نصير آباد جيل ۾ قيد ڪيو ويو.

علمي ۽ سماج سڌار تحريڪن سان لڳاءُ:

1921ع ۾ مولانا چشتي هڪ مدرسي جو بنياد رکيو. 1924ع تي شڪارپور ۾ ”انجمن اسلام“ قائم ڪئي.

مولانا چشتي جو سڀ کان وڏو ڪارنامو هندو مسلم اتحاد ۽ آزادي جو پيغام سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ آهي.

هو پنهنجي تقريرن ۾ هميشه اسلامي اصولن تي ڪاربند رهڻ جو درس ڏيندو رهيو. مولانا پنهنجي زندگيءَ کي علمي، اصلاحي تحريڪن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. پاڻ  مدرسي محموديه، جمعيت علماءِ اسلام شڪارپور، انجمن اهل سنت شڪارپور ۽ دارالهدى ٺيڙهي شريف جو صدر ۽ نائب صدر رهيو.

صحافتي زندگي:

مولانا چشتي جو سنڌ جي صحافت ۾ به اهم ڪردار آهي. صداقت، الحنيف ۽ پيغام اخبار مختلف وقتن ۾ ڪڍندو رهيو.

تصنيف ۽ تاليف:

مولانا چشتي جي قلم ۾ وڏي طاقت هئي. پاڻ اٺيتاليهه ڪتاب سنڌي ۽ ست ڪتاب فارسيءَ ۾ ڏنائين، جن مان ڪي ڪتاب چار چار، پنج پنج ڀيرا ڇپيا.

اتر سنڌ ۾ مولانا کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو ۽ سندن والد جا هزارين مريد هئا، جيڪي چشتيه سلسلي ۾ بيعت ٿيل هئا.

مولانا دين محمد وفائي

مولانا دين محمد وفائي 27 رمضان 1311هه (1894ع) ۾ ڳوٺ نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ڄائو، سندن والد جو نالو خليفو گل محمد هو، جنهن مولانا دين محمد کي فارسي پند نامو عطا تائين پڙهايو. اٺن سالن جي عمر ۾ والد جي وفات کانپوءِ مولانا فارسي پنهنجي مائٽ ميان جي محمد عالم ۽ عربي مولانا ابوالفيض جتوئي وٽ سندن ڳوٺ سوني جتوئي (لاڙڪاڻي) ۾ پڙهي. مولانا ابوالفيض کيس منطق ۾ ڪبرى ملال جلال، مير زاهد ۽ درس نظامي جا ٻيا ڪيترائي ڪتاب پڙهايا. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مولانا دين محمد وفائي پنهنجي استاد جي مشوري تي سنڌ مدرسي ۾ اچي پڙهائڻ لڳو. انهن ٻن سالن جي وچ ۾ سندس ملاقات حاجي حسن الله پاٽائي سان ٿي جنهن هن هيري کي گهڙي سندس چمڪ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

مولانا جي علمي شهرت پوري سنڌ ۾ ڦهلجندي وئي. 1914ع ۾ پير جيلاني جي پٽن کي پڙهائڻ لاءِ ڪراچي ڇڏي راڻيپور هليو آيو.

تلاها شريف وڃڻ:

ان کان پوءِ مولانا تلاها شريف  ويو ۽ حاجي امام الدين جي پٽن جو استاد مقرر ٿيو. تلاها ۾ پير سيد محمد رشدالله (جهنڊي وارن) جو فيض نصيب ٿيو، جنهن کيس اڃا وڌيڪ چمڪايو.

سياسي زندگي:

مولانا دين محمد تلاها کي الوداع چئي خلافت تحريڪ ۾ اچي حصو ورتو. انگريزن ڪن علمائن کي خريد ڪري پنهنجي حق ۽ فتوى ورتي، انهن ۾ مولانا فيض الڪريم به هو جنهن ترڪن خلاف  حجاز جي شريف حسين جي حق ۾ ڪتاب لکي مختلف مولوين کان ان تي صحيحون ورتيون. انهيءَ ڪتاب جون سنڌي ۽ انگريزي ۾ هزارين ڪاپيون ڇپيون، جنهن جي ڪري خلافت تحريڪ کي نقصان پهچڻ جو انديشو ٿي   بيٺو. مولانا دين محمد انهيءَ موقعي تي ”الحق“ اخبار جي مالڪ عبدالعزيز سان ملي ڪري ان ڪتاب خلاف زور شور سان لکڻ شروع ڪيو.

هيڏانهن مولانا تاج محمد امروٽي به ان جي جواب ۾ ”تحقيق الخلافت رد رساله اظهار الڪرامت“ ڪتاب لکي 1920ع ۾ لاڙڪاڻي واري خلافت ڪانفرنس ۾ ورهايو.

ان کان پوءِ مولانا دين محمد جمعيت العلماءِ سنڌ جو ناظم ٿيو ۽ ڪراچي ۾ ئي مستقل رهي پيو.

صحافتي زندگي:

مولانا دين محمد وفائي کي صحافت ڏانهن لاڙو مولانا عبدالله ميرپوري ۽ شيخ عبدالعزيز ڏياريو ۽ مختلف اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيائين. مولانا راڻيپور ۾ رهڻ وقت قاديانين جي رد ۾ ”صحيفه قادريه“  ڪتاب لکيو ۽ تلاها مان پير عبدالغفار راشدي جي سرپرستيءَ ۾ ماهوار رسالو ”الڪاشف“ ڪڍيو.

مارچ 1920ع ۾ ڪراچي مان مشهور اخبار ”الوحيد“ نڪرڻ شروع ٿي ته وفائي صاحب کي ان جو معاون مدير مقرر ڪيو ويو. هيڏانهن سندن رسالو ”توحيد“ به جاري رهيو. انهن ٻنهي ۾ مولانا جا مضمون پابنديءَ سان ڇپندا رهيا.

1936ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ جي خوشي ۾ الوحيد اخبار ”سنڌ آزاد نمبر“ ڪڍيو، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ علم ادب تي خاص مضمون ڏنا ويا، تاريخ جي انهيءَ اهم دستاويز ۾ اڪثر مضمون وفائي صاحب جا هئا.

1926ع ۾ مولانا تبليغ جي سلسلي ۾ ڪراچي کان ٻاهر رهيو، جنهن جي ڪري سندس رسالو توحيد بند ٿي ويو.

1927ع ۾ پير سيد حزب الله جي سرپرستيءَ ۾ مولانا وفائي سکر مان هفتيوار اخبار ”الحزب“ ڪڍي پر اها هلي نه سگهي ۽ مولانا ٻيهر الوحيد ۾ اچي ويو.

1934ع ۾ مولانا وفائي ٻيهر پنهنجو رسالو ”توحيد“ جاري ڪيو ۽ زندگيءَ جي آخر تائين ڪڍندو رهيو.

مولانا عبيدالله سنڌي جو اچڻ:

1939ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌ موٽي آيو ۽ تحريڪ وليءُ الله شروع ڪئي، جنهن ۾ وفائي صاحب به وڏي دلچسپي سان حصو ورتو.

انهي تحريڪ سان مولانا وفائي جي لڳاءُ ۽ عشق جو اندازو ان مان ڪري سگهجي ٿو ته ”الوحيد“ سان 23 سالن جو پراڻو تعلق ختم ڪري ڇڏيو ۽ الله بخش سومري جي اخبار ”آزاد“ جي ادارت ۾ شامل ٿي ويو.

علمي ڪم:

ايتري مصروفيت جي باوجود به مولانا وفائي پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪم کي جاري رکيو ۽ پنهنجي قلم سان تمام قيمتي ڪتاب سنڌ کي ڏنا. انهن ۾ راحت الروح تذڪوره مخدوم حضرت نوح هالائي، الهام الباري ترجمو تجريد البخاري (5 جلد)، ترجمه فتوح الغيب (نامڪمل)، اعتقاد صحيح (مذهب اهل حديث) تذڪره مشاهير سنڌ، هندو ڌرم ۽ قرباني، توحيد اسلام ۽ تقويت الايمان شامل آهن.

مولانا پنهنجي پويان وڏو علمي سرمايو ڇڏيو، سندن ڪي ڪتاب اڻ ڇپيل حالت ۾ به ضايع ٿي  ويا. انهن جي اهم ڪتاب مشاهير سنڌ کي وڏي شهرت ملي. وفات کان ڪجهه مهينا اڳ هڪ ڪتاب 1949ع ۾ ”لطف الطيف“ لکيائون.

شاعري:

مولانا جو صاف سٿري شاعريءَ سان تمام گهڻو لڳاءُ هو. پاڻ وفائي جي تخلص سان شاعري ڪندو هو، جيڪا الوحيد ۾ ڇپيل آهي.

18 اپريل 1950ع ۾ مولانا دين محمد وفائي دنيا کان وڇڙي پنهنجي رب سان وڃي مليو.

انگريز عهد جا سنڌي اديب، شاعر. صحافي ۽ مصنف

1843ع کان 1947ع

اسان اڳ ۾ لکي چڪا آهيون ته انگريزن سنڌ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ سنڌين کي ذهين  طرح غلام بڻائڻ لاءِ سڀ کان پهريان فارسي کي ڪڍي سنڌي کي رائج ڪيو. 1852ع ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي رسم الخط جو مسئلو به حل ڪيو ويو ۽ پوءِ انگريز مصنفن سنڌي لغت ۽ گرامر جا ڪتاب تيار ڪيا. ديسي ڪتابن جو ترجمو ڪيو ويو ۽ انگريزن لاءِ سنڌي لکڻ پڙهڻ اعزاز بڻجي ويو.

نياز احمد صديقي رسالي ”العلم“ ۾ پنهنجي هڪ مضمون ”سنڌي رسم الخط جي تحريڪ“ ۾ لکي ٿو ته:

سنڌي الفابيٽ ۽ تحريري زبان لاءِ سنڌ انگريزن جي شڪر گذار آهي.

چارلس نيپئر وقت سڄو ڪم منشي ڪندا هئا، جيڪي فارسي رسم الخط ۾ سنڌي لکندا هئا. ابو الحسن سنڌي جو ڪتاب مسجدن ۾ پڙهايو ويندو هو. اها سنڌي کي عربي ۾ لکڻ جي شروعاتي ڪوشش هئي، ۽ واٽن جي ”گرامر آف سنڌي“ جو مقصد به ساڳيو ئي هو. اهو ڪتاب 1866ع ۾ لکيو ويو.

سنڌ جي فتح کان اٺ سال پوءِ بارٽل فريئر جڏهن سنڌ ۾ آيو ته ان وقت صرف ٻن انگريزي آفيسرن کي سنڌي ايندي هئي. هيٺين ملازمن مان ڪنهن کي به سنڌي نه ايندي هئي، ان ڪري سنڌي امتحان پاس ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، پر الفابيٽ جو مسئلو ٿي پيو.

رسم الخط رائج ڪرڻ جو معاملو اٿيو ته ڪيپٽن رچرڊ عربي رسم الخط کي ۽ اسٽيڪ هندي رسم الخط کي وڌيڪ بهتر سمجهيو. فريئر کي خطرو محسوس ٿيو ته مسلمان هندي رسم الخط ۽ هندو عربي رسم الخط کي قبول نه ڪندا. آخر 1852ع ۾ ايسٽ انڊيا جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز عربي جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ عربي اکرن جي جوڙجڪ لاءِ مسٽر ايلس کي رکيو ويو.

ان نئين رسم الخط سان سنڌي زبان کي وڏي هٿي ملي ۽ سنڌي زبان تيزيءَ سان ترقي ڪئي.

1872ع کان 1876ع تائين سنڌ ۾ ڪوئي مستقل ايجوڪيشنل آفيسر نه رکيو ويو هو ۽ اهو ڪم انگريز آفيسر بنا ڪنهن تعليمي  پاليسي جي انجام ڏيندا هئا.

هندي الفابيٽ جي اهميت واري تحريڪ هڪ دڪني برهمڻ نارائڻ جگن ناٿ هلائي، جيڪو سنڌ جو ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر به هو.

اڳي هلي نياز احمد صديقي لکي ٿو:

هن جي ڪوشش هئي ته عربي جي جاءِ تي هندي رسم الخط رائج ڪيو وڃي. صرف بي فائدي ڪوشش ناڪامي برابر آهي. هاڻي صرف اهڙي ماڻهوءَ جي ضرورت آهي، جنهن کي ان سهڻي زبان جي سڌ هجي ۽ پنهنجون سڀ ڪوششون انهيءَ علائقائي زبان جي سکائڻ ۾ صرف ڪري.

ديوان پرڀ داس آنند رام ۽ مرزا صادق علي خان بهادر:

سنڌي کي سرڪاري زبان ڪرڻ کان پوءِ ديوان پرڀ داس ۽ مرزا صادق علي کان نصابي ڪتاب لکرايا ويا. 1854ع ۾ پهريون نارمل اسڪول قائم ٿيو. ساڳي سال جاگرافي ۽ تاريخ جا ڏهه ڪتاب لکرايا ويا.

سرڪاري ڪوششن سان گڏ غير سرڪاري طرح به تصنيف ۽ تاليف جي ڪم کي همٿايو ويو.

1853ع کان 1870ع تائين سنڌي ليکڪن جا ڪيترائي ڪتاب ۽ ترجمان ملن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org