سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :26

 

فاندتہ الملائکة و هو قائم يصلي في المحراب

تاريخ مرزا جاني بيست وهفتم ماه رجب 1009هه

مرزا جاني بيگ جهڙوڪ هيو ته پيءُ جي وقت ۾ ئي خودمختيار پر ان جي وفات کان پوءِ صرف يارهن ڏينهن حڪومت ڪيائين، نه ته هن جي حيثيت هڪ مغل گورنر جيتري هئي. هي ارغون حڪومت جو آخري ڏيئو هو جنهن کانپوءِ ارغون حڪومت پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ سنڌ ۾ مغلن جو جهنڊو ڦرڪڻ لڳو.

مرزا جاني بيگ جي حڪومت تي تبصرو:

سنڌ ۾ ان جي ڪل سورهن سال حڪومت رهي. اٺ سال هڪ امير جي حيثيت ۾ ۽ اٺ سال خودمختياريءَ سان حڪومت ڪيائين. سندس ذاتي ڪمزورين کي ڇڏي ڪري جن جو ذڪر اسان گذريل ورقن ۾ڪري آياسين ۽ هن پاڻ به ان جو اعتراف وڪيلن کي ٺٽي موڪلڻ وقت ڪيو هو، مرزا محمد باقي کانپوءِ هن جي حڪومت سنڌ لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هئي. سڄو خزانو عوام ۾ ورهائي انهن جي چپن تي ٻيهر مرڪون آندائين ۽ سندن دلين مان دهشت ختم ڪري ملڪ کي خوشحال بڻايائين، ترخان نامي ۾ آهي ته:

. . . . . .مردم ولايت سند کہ هرگز شبي از ترس مرزا محمد باقي بفراغت بخواب نرفتہ بود، در سلطنت اين جوان بخت در مهاد امن و امان وراحت غنودند.

مرزا جاني بيگ عالمن ۽ درويشن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو، بهادري عزم ۽ ارادن ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. خان خانان سان هزار مصيبتن جي باوجود به آخر تائين وڙهندو رهيو ۽ سندس منهن تي اهو جملو چوڻ ته ”پنهنجي حيلي جو پاڻ اقرار ڪيو ٿا“ هن جي صاف گوئي ۽ سچائيءَ جو ثبوت آهي.

راشدي صاحب تحفة الڪرام ۾ مرزا جاني بيگ جي شخصيت، سيرت ۽ ڪردار بابت مختلف مؤرخن جا رايا ڏنا آهن، جيڪي اسان هيٺ پيش ڪيون ٿا، ان سان سندس شخصيت کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي.

ماثر رحيمي ۾ آهي ته:

مرزا جاني بيگ نهايت سخي، خرچ ڪرڻ وارو، ناليوارو ۽ ڪامياب انسان هو، هن جي دؤر ۾ پري پري کان عالمن، بزرگن ۽ درويشن سنڌ اچي سندس ڏنل رعايتن مان پورو پورو فائدو ورتو.

ملا بدايوني (1003ع) ”در ذڪر دين الاهي“ ۾ لکي ٿو ته:

ايستائين جو ٻارهن سالن کانپوءِ حالت اها ٿي جو اڪثر ذليلن جيئن مرزا جاني ٺٽي جي حاڪم ۽ ٻين مرتدن پنهنجي هٿن سان اهو لکي ڏنو ته مان فلاڻو پٽ فلاڻي جو پنهنجي قلبي شوق ۽ رضا سان  دين اسلام مجازي ۽ تقليدي کان جيڪو پنهنجي ابن ڏاڏن کان ٻڌو ۽ ڏٺو هو، آزادي ۽ ڇوٽڪارو حاصل ڪيان ٿو ۽ دين الاهي اڪبر شاهي ۾ داخل ٿيان ٿو ۽ ان جي چئني بنيادي اصولن کي مڃان ٿو.

مير طاهر محمد نسياني تاريخ طاهريءَ ۾ مرزا جاني بيگ جي ڪردار جون جيڪي ڪمزوريون ٻڌايون آهن، اسان انهن جو ذڪر گذريل صفحن ۾ ڪري آيا آهيون، پر مرزا جي زندگيءَ جو باب ختم ڪندي هو لکي ٿو ته:

اڪبر جي فرمان مطابق خواجا محمد قور بيگي، مرزا جاني بيگ جو لاش کڻي جڏهن ٺٽي پهتو ته اتان جا ماڻهو ۽ سپاهي جيڪي اڃا ماضيءَ جي مصيبتن جي لوڙ لوڙي رهيا هئا، خوفزده ٿيڻ لڳا ته وري الاهي ڪهڙي مصيبت اچي مٿان ڪڙڪي آهي (پر پوءِ خبر پوڻ تي) هر ڪنهن مرزا جاني بيگ جي موت کي پنهنجو موت سمجهيو. جيتوڻيڪ ارغون ۽ ترخان حڪمرانن ۾ هن جي حڪومت صرف يارهن ڏينهن آهي، پر هن کي عوام ۽ سپاهه جي ڀلائي لاءِ ڪهڙي تڪليف آهي، جيڪا جنگ ۾ نه سٺي هجي، ۽ ڪهڙي مصيبت آهي جيڪا هجرت ۾ برداشت نه ڪئي هجي، آخر انهن غريبن لاءِ جان قربان ڪري ڇڏيائين.

ذخيرة الخوانين ۾ آهي:

مرزا (جاني بيگ) ڪيترين ئي خوبين جو گهر هو، وڏو سخي، درويشن جو دوست ۽ عالمن جي عزت ڪندڙ هو. بهادري ۽ سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، شاعري ”حلمي“ تخلص سان ڪندو هو ۽ هڪ غزل قوالي جو مشهور آهي جنهن جو مطلع آهي.

دلت گر مهربان بودي ڇہ بودي،

تواني ناتوان بودي ڇہ بودي،

لب لعل تو آب زندگاني،

بکام عاشقان بودي ڇہ بودي.

رياض الشعرا ۾ مرزا جاني بيگ جي هيٺين رباعي ڏني ويئي آهي، جيڪا ٻي هنڌ ڪٿي به نٿي ملي.

صبري بمن و رحم باو، هردو بده، دادمن و آن بهانہ جوهر دوبده؟

من زندگيش خواهم، و اومردن من،  ا رب! تو مراد من واو هر دو بده.

مير علي شير قانع” مقالات الشعراءِ“ ۾ مرزا جاني بيگ جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”مان بزرگن کان ٻڌو آهي ته مرزا جاني بيگ دليري ۽ سخاوت ۾ اهڙو ساراهيل هو جو وڏا سلطان ۽ بادشاهه به مٿس، رشڪ ڪندا هئا ۽ سندس اها ڳالهه به مشهور هئي ته ڪوئي فقير هن جي دروازي تان خالي هٿين نه ويندو آهي، جيڪو گهرندو آهي، اهو ملندو اٿس.

مقالات الشعراءِ ۾ مرزا جا هي شعر ڏنل آهن:

تخم ديگر بکف آر يم و بکاريم زنو،

آنچہ کشتيم بخجالت نتوان کرد درو.

خوش آن وقتيکہ عشق غم خوارم بود آه شب و گريہ سحر کارم بود،

بد کردي چرخ بين کہ بامن بگرشت، کالاي غمي کہ زيب باز ارم بود.

پر گڏوگڏ تاريخ مرزا جي ان ڏوهه کي ڪڏهن به معاف نٿي ڪري سگهي ته ان  پنهنجي حڪومت جي ويران ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن جي ڪري هتان جي ماڻهن کي وڏي عذاب  ۽ پيڙاهه مان گذرڻو پيو ۽ پل ۾ سڄو شهر رک جو ڍير بڻجي ويو.

مرزا جاني بيگ جي اولاد:

پٽ: مرزا جاني بيگ کي ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون هيون.

مرزا غازي بيگ: جنهن جو ذڪر مغل جي گورنر طور ايندڙ صفحن ۾ ايندو.

مرزا ابوالفتح اول: 1001هه (1596ع) ۾ وفات ڪيائين، هو امير شاهه قاسم خان بيگلار (وفات 1019هه) جي ڌي مان هو.

نياڻيون:

پيچه يادگار بيگم: وفت 14 رمضان 960هه (1554ع).

چوچڪ بيگه: وفات 26 شعبان 1011هه، مڪلي ۾ دفن.

لطيف بيگه : وفات 1024هه، مڪلي ۾ پوريل

اها جهانگير جي پٽ خسرو کي ڏنل هئي.

مغل گورنر

1000هه (92 ــ1591ع) کان 1151هه (38ــ 1737ع)

سيد حسام الدين راشدي جي ترتيب ڏنل مغل گورنرن جي فهرست

سيد حسام الدين راشدي وڏي محنت، کوجنا ۽ عرق ريزي سان تاريخي ماخذن مان مغل گورنرن جي سنڌ ۾ آمد کي ترتيب ڏنو آهي. انهن جو تفصيل سان ذڪر ته اڳتي ايندو پر هتي صرف فهرست ڏيون ٿا، جنهن سان ٺٽي جي گورنرن جي سلسلي جي خبر پئجي  ويندي ۽ اهو سلسلو اڪبر جي عهد کان شروع ڪيو ويو آهي. هي حاشيا راشدي صاحب تحفة الڪرام فارسي، جلد 3 کي ايڊٽ ڪرڻ وقت، تيموري بادشاهن جي اميرن هيٺان صفحي 387 کان 422 تائين ڏنل آهن.

 

مغلن طرفان ٺٽي لاءِ موڪليل گورنر

گورنر جو نالو

حڪومت جي مدت

ضروري حالات

 

1. دولت خان لوڌي

1000هه کان 1012هه

اڪبر بادشاهه

سنڌ جي سوڀ کان پوءِ خان خانان کيس گورنر ۽ پنهنجو قائم مقام رکيو.

2. مرزا شاهه رخ بن مرزا ابراهيم وفائي

1002هه

ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو پر جڏهن خان خانان جي ڪوششن سان اڪبر ٺٽي جي حڪومت مرزا جاني بيگ جي حق ۾ بحال ڪري ڇڏي ته مرزا جاني، خسرو چرڪس کي ٺٽي جو حاڪم بڻائي روانو ڪيو. مرزا شاهه رخ 1016هه ۾ وفات ڪئي.

3. خسرو چرڪس

1002هه کان 1008هه

خسرو چرڪس ترخاني حڪمت ختم ٿيڻ کانپوءِ اجمير ۾ وفات ڪئي.

جهانگير جو زمانو

1014هه کان 1037هه

4. مرزا غازي بيگ ترخان

1009هه کان 1021هه

مرزا غازي 1021هه ۾ وفات ڪئي.

5. مرزا احمد بيگ نائب مرزا غازي بيگ

1013هه کان 1016هه

مرزا غازي بيگ جا ٻئي نائب ٿي رهيا.

6. هندو خان نائب

 

 

7. خسرو خان چرڪس نائب مرزا غازي

1017هه کان 1021هه

مرزا غازي جي قنڌار وڃڻ بعد ان جو قائم مقام ٿيو.

8. مرزا عبدالعلي ترخان

1021هه

خسرو چرڪس، مرزا غازي جي مرڻ کانپوءِ ان کي رکيو، مرزا رستم جڏهن ٺٽي جو گورنر ٿي آيو ته ان  خسرو چرڪس، مرزا عبدالعلي ۽ ٻين کي قيد ڪري جهانگير ڏانهن اجمير موڪليو.

9. مرزا رستم قنڌاري

1022هه کان 1023هه

پنهنجي ظلمن ڪري گورنريءَ تان لاٿو ويو.

10. تاج خان، تاش بيگ

1023هه

مرزا رستم جي لهڻ کانپوءِ بکر کان ٺٽي جو گورنر ٿي آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.

11. ارسلان بيگ شمشير خان ازبڪ

1023هه کان 1025هه

سيوستان جي حڪومت کان ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. جهانگير وري ٺٽي جي صوبيداري مظفر خان کي ڏني.

12. مير عبدالرزاق مظفر خان معموري

1025هه کان  1029هه

جهانگير جڏهن اجمير ۾ هو ته 10 ربيع الاول 1025هه کيس ٺٽي جي گورنري ڏني ۽ هو بايزيد جي اچڻ تائين انهيءَ عهدي تي رهيو 1027هه ۾ به ٺٽي جي حڪومت هن جي هٿ ۾ هئي.

13. مرزا شاهه بيگ ارغون خان دوران

1028هه

ٺٽي جو گورنر ٿيو، پر پنهنجين خراب عادتن جي ڪري مرزا ابوالحسن جي نظرن کان ڪري پيو ۽ سندس جاگير ۽ عهدو کسيو ويو. پڪو  شرابي هو ۽ ڀنگ،آفيوم ۽ ڪوڪنار جو به عادي هو.

14. سيد بايزيد بخاري مصطفيٰ خان

1029هه کان 1035هه

جهانگير جڏهن سرينگر ۾ هو ته کيس بکر جي صوبيدار کان تبديل ڪري ٺٽي جو گورنر ڪيو. 11 محرم 1035هه ۾ وفات ڪيائين ۽ هي صوبو مغل شهزادي شهريار خان جي حوالي ڪيو ويو.

15. سيد ابراهيم بن بايزيد بخاري

1035هه

راشدي صاحب سندس متعلق لکيو آهي ته گورنرن ۾ ان جو ذڪر صرف تحفة الڪرام ۾ ملي ٿو ۽ ڪنهن ٻي ڪتاب ۾ نٿو ملي. ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ شريف الملڪ جي ٺٽي پهچڻ تائين شهريار جو نائب رهيو هجي.

16. شريف الملڪ

1035هه کان 1037هه

هي شهزادي شهريار جي ملازمن مان هو ۽ ان جي اڪبر آباد واري جاگير جو فوجدار هو. 23 رمضان 1035هه تي ان جو نائب جي حيثيت ۾ ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿيو.

17. مرزا ابو سعيد

1036هه

جهانگير جي حڪومت جي ٻاويهين سال جڏهن هو ڪشمير ۾ پهتو ته 3 رجب 1036هه تي کيس ٺٽي جي حڪومت جو فرمان مليو. پر اڃا هو ٺٽي پهتو ئي نه هو ته جهانگير دنيا کي الوداع چيو ۽ شاهه جهان تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي ڪنهن امير کي ٺٽي جو صوبيدار ڪري موڪليائين.

شاهه جهان جي حڪومت

1037هه کان 1069هه

18. مرزا عيسيٰ ترخان ثاني

1037هه کان 1038هه

18 ربيع الثاني تي شاهجان کيس ٺٽي جو صوبيدار رکيو ۽ ربيع الاول 1038هه تائين ان عهدي تي رهيو. 

19. سيد بادشاهه خواجا، شير خواجا باقي خان

1037هه

26 جمادي الاول 1037هه تي شاهه جهان جي تخت نشيني جي تقريب ٿي ۽ 2 رجب تي سيد بادشاهه جي صوبيداريءَ جو فرمان جاري ٿيو، پر هو ٺٽي ڏانهن ايندي رستي ۾ ئي گذاري ويو. ان کانپوءِ ساڳي سال خواجا باقي خان المعروف شير خواجا کي ٺٽي جي صوبيداري سونپي وئي هن به واٽ تي ئي دم ڏنو.

20. مرتضيٰ خان مير حسام الدين انجو

1037هه کان 1069هه

22 رمضان 1037هه تي خلعت، خنجر، مرتضيٰ خان جي خطاب ۽ پنجاهه هزار روپين انعام سان نوازجي شير خواجه جي جاءِ تي ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.

21. مير ابوالبقا امير خان

1039هه کان 1041هه

18 ربيع الال 1039هه کان ڪجهه ڏينهن اڳ فرمان مليس ۽ 1041هه تائين ٺٽي جو صوبيدار رهيو.

22. يوسف محمد خان تاشقندي

1041هه کان 1045هه

شاهجاني حڪومت جي پنجين سال ٻه ۽ ٽي هزاري سوار جي خطاب ۽ نقاري ۽ ويهه هزار انعام سان نوازجي ٺٽي جو صوبيدار ٿي پهتو. ڪجهه عرصي کانپوءِ بکر جي فوجداري مليس ۽ وري ملتان جي صوبيداريءَ تي مقرر ڪيو ويو.

23. دولت خان خواص خان مئي

1049هه کان 1050هه

يوسف خان جي وڃڻ کانپوءِ ٺٽي جي صوبيداري مليس ۽ 1050هه تائين انهيءَ عهدي تي رهيو.

24. غيرت خان (خواجا ڪامگار)

1050هه

دولت خان جي وڃڻ بعد 4 ربيع الاول 1050هه تي ٺٽي جو صوبيدار ٿيو، 7 ذوالحج 1050هه تي وفات ڪيائين ۽ مڪلي ۾ مٽي حوالي ڪيو ويو.

25. مغل خان، شادي بيگ، شجات خان شادي خان

1050هه کان 1052هه

شاد خان بن جانش بهادر 7 ذوالحج 1050هه ۾ غيرت خان جي وفات  کانپوءِ ٺٽي جو صوبيدار ٿيو. 1052هه ۾ اتان وري سيوستان بدلي ڪيو ويو.

26. مير ابوالبقا امير خان (ٻيون ڀيرو)

1052هه کان 1060هه

4 ربيع الاول 1052هه تي ٻيهر ٺٽي جو گورنر ٿيو ۽ 1057هه ۾ وفات ڪيائين ۽ پنهنجي بکر جي خانداني قبرستان ”صفه صفا“ ۾ پوريو ويو.

27. مغل خان

1057هه کان 1060هه

دکن جي قلعي دار بن زين خان ڪوڪ جو پٽ هو ۽ امير خان جي وفات ڪري کيس ٺٽي جي صوبيداري ڏني ويئي ۽ 1060هه ۾ ان عهدي تان لاٿو ويو.

28.عالمگير

1 ذوالحج 1059هه کان 12 رمضان 1062هه

شاهه جهان لاهور ۾ هجڻ وقت کيس ٺٽي جو صوبيدار ڪيو ۽ ملتان ۽ بکر جاگير ۾ ڏنائينس، پاڻ ٺٽي ۾ نه آيو پر پنهنجا نائب موڪليائين، 12 رمضان 1062هه تي کيس دڪن جي صوبيداري مليس.

29. سعيد خان بهادر(ظفر جنگ)

1061هه

لڳي ٿو ته مغل خان جي موٽڻ کانپوءِ کيس ٺٽي جو صوبيدار ڪيو ويو.

30. جعفر خان عمدة الملڪ

1061هه

سعيد خان جي ڪابل بدلي ٿيڻ کانپوءِ پهرين ربيع الاول تي جعفر خان کي ٺٽي جي صوبيداري ڏني ويئي.

31. مغل خان بن اعظم، خان مير محمد باقر

1061هه

ساڳي سال ئي مغل خان جي مقرري ٿي.

32. سردار خان شاهجهاني

1062هه کان 1063هه

مغل خان جي بدلي کانپوءِ ٺٽي جو صوبيدار ڪيو ويو پر رستي ۾ ئي دم ڏنائين.

33. ظفر خان احسن

1063هه کان 1067هه

سردار خان جي وفات کانپوءِ ٻه ۽ ٽي هزاري منصب وٺي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿيو ۽ شاهجهان جو آخري صوبيدار ثابت ٿيو. ٺٽي جو ”مشڪين باغ“ به ان ئي ٺهرايو.

اونگزيب عالمگير

34. قباد بيگ ازبڪ، مير آخور غضنفر خان

1067هه کان 1070هه

5 محرم 1067هه تي اونگزيب جڏهن سلطان پور ۾ هو ته قباءَ کي 26 صفر 1067هه ۾ ٺٽي جي زمينداري سونپيائين ۽ 9 رمضان 1070 تي سندس ٺٽي مان بدلي ٿي. عالمگير طرفان اهو پهريون ٺٽي جو صوبيدار هو.  

35. لشڪر خان يادگار

1070هه کان 1074هه

قباد خان جي وڃڻ کانپوءِ ٺٽي جي صوبيداري مليس ۽  1 شعبان 1075ع تي ان عهدي کان هٽايو ويو.

36. غضنفر خان بن الاوردي خان

1074هه کان 1077هه

عالمگير طرفان ٽي هزاري خطاب ماڻي ٺٽي جي صوبيداري حاصل ڪيائين ۽ 1077هه ۾ ٺٽي ۾ ئي وفات ڪيائين.

37. عزت خان سيد عبدالرزاق گيلاني

1077هه کان 1080هه

غضنفر خان پوءِ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ 1086هه تائين رهيو.

38. ابوالنصر خان شائسته خان

1080هه کان 1082هه

1082هه تائين ٺٽي جو صوبيدار رهيو.

39. سعادت خان

1082هه کان؟

سعادت خان جي صوبيداريءَ جو ذڪر صرف تحفته الڪرام ۾ ملي ٿو.

40. ڪفايت خان

1082هه کان؟

خان خانان لکيو آهي ته عالمگير شهزادي محمد سلطان کي ٺٽي جو صوبيدار ڪري کيس حڪم ڏنو ته ڪفايت خان کي پنهنجي نائب جي صورت ۾ اوڏانهن موڪلي، انهيءَ سال شهزادي سلطان وفات ڪئي پوءِ خبر ناهي ته ڪفايت خان ٺٽي ويو  يا نه.

41. عزت خان، سيد عبدالرزاق گيلاني (ٻيو ڀيرو)

1084هه کان 1090هه

تحفته الڪرام مطابق ٻيو ڀيرو ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ ڇهه سال رهيو.

42. خانه زاد خان

1090هه کان 1095هه

لڳي ٿو ته  هي حميد الدين ولد مرزا ابو سعيد آهي، جنهن کي عالمگير خان زاد خان خطاب ڏئي ڪري قابل جي قلعه داري عطا ڪئي ۽ پوءِ اتان بدلي ڪري ٺٽي موڪليو.

43. سردار خان

1095هه کان 1098هه

خبر ناهي ته هي سردار ڪير آهي، ڇاڪاڻ ته ان مهل ٽي سردار هئا.

44. مريد خان

1099هه کان 1101هه

عالمگير جي حڪومت تي ويهڻ جي ٽين سال اسلام قبول ڪيائين ۽ مريد خان جي خطاب سان نوازيو ويو. بهار عجم جو ليکڪ شاعر ٽيڪ چند به ساڻس گڏ ٺٽي آيو هو.

45. زبردست خان

1101هه

تحقيق نه ٿي سگهي آهي ته هو ڪير هو ڇا ڪاڻ ته عالمگير جي عهد ۾ ٽي امير ان لقب سان موجود هئا.  ٿي سگهي ٿو ته هو نبيره سعيد خان بهادر ظفر جنگ هجي، جيڪو 1101هه ۾ ٺٽي جو گورنر ٿي آيو ۽ اتي ئي وفات ڪري ويو. شرف الدين شرف ۽ مظهر هندي شاعر ساڻس گڏ ٺٽي آيا هئا.

46. ابو نصر خان شائسته خان

1101هه کان 1103هه

ٻيو ڀيرو کيس ٺٽي جي صوبيداري ملي ۽ ٻه سال ۽ ڪجهه مهينا انهيءَ عهدي تي رهيو.

47. نواب حفظ الله خان بن سعد الله خان وزير

1103هه کان 1112هه

ٺٽي سان گڏ سيوستان جو صوبيدار ٿي آيو 1112هه ۾ گذاري ويو.

48. سعيد خان خان زاد خان محمد رشيد بن عبدالله سعيد خان

1112هه کان 1114هه

ٺٽي سان گڏ سيوستان جو صوبيدار به ٿيو ۽ پاڻ سيوستان ۾ رهي پٽ ارشد خان کي ٺٽي موڪليائين.

49. مير امين الدين خان حسين بن سيد ابوالمڪارم شهود

1114هه کان 1115هه

سعيد کان بعد ٺٽي جو صوبيدار ٿيو.

50. يوسف خان تري (ترين)

1115هه کان 1118هه

 

51. احمد يار خان برلاس

1116هه کان 1118هه

1118هه ۾ احمد يار خان وفات ڪئي.

عهد اعظم شاهه عهد ڪام بخش عهد

1118هه

عالمگير جي وفات کانپوءِ ٿيندڙ صوبيدار

 

شاهه عالم بهادر شاهه

1119هه

 

52. سعيد خان، عطر خان بن محمد رشيد سعيد خان

1119هه کان 1121هه

سعيد خان شاهه عالم بهادر شاهه جي حڪم سان ٺٽي جو صوبيدار ٿيو.

53. مهين خان

1121هه کان 1122هه

 

54. شاڪر خان

1123هه کان؟

 

55. مهين خان (ٻيو ڀيرو)

21 محرم 1124هه

21 محرم 1124هه تي شاهه عالم لاهور ۾ وفات ڪري ويو.

معز الدين جهاندار شاهه ۽ محمد فرخ سير

1124هه کان 1131هه

56. خواجا محمد خليل

1124هه

جهاندار شاهه نو مهينا حڪومت ڪري گذاري ويو. خواجا خليل جي ٺٽي ۾ اچڻ جي تاريخ ڪنهن نامعلوم شاعر ”معدلت کعبه رابنا کرده“ 1124هه ڪڍي آهي.

57. عطر خان غياث الدين

1124هه کان 1125هه

1124هه ۾ ٺٽي ۾ سندس وفات ٿي.

58. لطف علي خان، شجاعت علي خان مير محمد شفيع

1125هه کان 1128هه

فرخ سير کان پوءِ

عهد رفيع الدرجات، رفيع الدوله، نيکو سير ابراهيم

1131هه

 

59. اعظم خان محمد صالح فدائي خان

1128هه کان 1132هه

 

60. مهايت خان بهادر غالب جنگ

1132هه کان 1134هه

ٺٽي ۾ وفات ڪيائين ۽ ميت کي لاهور موڪليو ويو.

61. سلطان محمود خان

1134هه کان 1135هه

پنهنجي پيءُ جو جانشين ٿيو ۽ سندس سڀ ڪم رضي محمد نائب جي صورت ۾ ڪندو هو. 1135هه ۾ سيف الله خان ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ عبدالسميع ان جي نائب جا فرض انجام ڏيندو رهيو.

62. عبدالسميع خان

1135هه کان 1137هه

 

63. سيف الله خان

1137هه کان 1142هه

فرخ سير بادشاهه جي اهم اميرن مان هو. 1142هه، پنهنجي وفات تائين ٺٽي جو صوبيدار رهيو.

64. دلير خان، معين الدوله بهادر نصير جنگ

1143هه کان 1145هه

 

65. محمد اسحاق، عمدة الملڪ، امير خان انجام

1145هه

دلير خان جي وڃڻ بعد ٺٽو امير خان انجام کي جاگير طور ڏنو ويو. ۽ ان جو مددگار طور همت دلير خان 1145هه تي ٺٽي پهتو ۽ ٺٽو امير خان کان ٺيڪي تي ورتائين.

66. همت دلير خان

1145هه کان 1149هه

ان کانپوءِ ٺٽو ٺيڪي تي ئي رهيو ۽ همت دلير خان 1145هه بحيثيت ٺٽي جو ٺيڪيدار طور گذاري ويو.

67. صادق علي خان ولد سيف الله خان (مغلن جو آخري صوبيدار)

1149هه کان 1151هه تائين

امير خان طرفان ٺٽي جو ٺيڪيدار ٿي آيو پر نقصان ۾ ويو ۽ پنهنجي طرفان شيخ  غلام محمد ولد وڪيل شيخ عبدالله خدايار خان (نور محمد خان عباسي ڪلهوڙو) کي ٺٽو ٺيڪي ۾ ڏنائين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org