سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :32

 

وطن ڏانهن ورڻ:

تحفة الڪرام مطابق ٻن سالن کانپوءِ 1113هه (5 ــ 1604ع) ۾ سرائي درويش اچي ميان يار محمد وٽ پهتا، ميان يار محمد، راڄي فقير ۽ سرائي لشڪر جي اچڻ تي مريدن کان بيعت وٺي، التماس خان بروهي کي ساڻ کڻي پنهنجي اباڻي زمين ڏانهن نڪتو. سڀ کان اڳ زيدي وٽان لنگهيو ۽ منزل ڪندو اچي منڇر ڍنڍ جي ڪپ تي هٽڙي تعلقي جي نيتڪ ۽ سانوهه ڳوٺ ۾ پهتو، اتي پهريون قيصر پنهور کان سامتائي کسيو ۽ پوءِ ڳاهن ۾ اچي ڇانوڻي هنيائين. اتان پنهنجي ڀائٽيي مير محمد کي سرائي سردارن سان گڏ موڪليو، جن وڃي مارکپور ۽ گاهي جمشيد تي قبضو ڪيو ۽ فتح پور قلعو ڇڏايو.ان قلعي جي ڇڏائڻ کانپوءِ ميان يار محمد به اتي اچي پهتو ته التماس خان چيس ته لڳي ٿو ته الله جي مدد اوهان سان گڏ آهي، تنهن ڪري  هاڻي منهنجي ضرورت ناهي. اهو  چئي پنهنجي وطن هليو ويو.

فتح پور هٿ ڪرڻ کان پوءِ سڀ ٽڙيل پکڙيل سرائي ميان يار محمد وٽ اچي گڏ ٿيا ۽ سندس  طاقت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو ويو، جنهن جي ڪري هن گچيرو، شڪارپور، کاري، ڪنڊيارو ۽ بختاور جي ڀاءُ الله بخش کان لاڙڪاڻو ڇڏائي ورتو.

بختاور، شهزادي معز الدين ڏانهن ملتان مدد لاءِ عريضي موڪلي ۽ شهزادو جيئن ئي لشڪر تيار ڪري نڪرڻ وارو هو ته بختاور طرفان هڪ ٻيو خط مليس، جنهن ۾ هيڏانهن اچڻ کان روڪيو ويو هو. شهزادي کي بختاور جي اهڙي بي وقوفي تي شڪ پئجي ويو ۽ انهيءَ فوج کي ساڻ وٺي بختاور سان وڙهڻ لاءِ نڪتو. بختاور جي قسمت به ٽٽل هئي، کڻي شهزادي کي اچي رستي ۾ روڪيائين. ٻنهي ۾ جنگ لڳي ۽ بختاور مارجي ويو.

ميان يار محمد جا وڪيل شهزادي جي خدمت ۾:

ميان يار محمد دشمن جي مارجڻ بعد سک جو ساهه کنيو ۽ پنهنجا وڪيل شهزادي جي خدمت ۾ موڪلي کيس پنهنجي غلامي ۽ فرمانبرداري جو پورو پورو يقين ڏياريو. شهزادو بکر آيو ۽ ڪجهه ڏينهن بکر ۾ گذارڻ  کانپوءِ سبي ۽ ڍاڍر جي حڪومت بختاور بعد غازي خان دودائي جي حوالي ڪئي پر هو سنڀالي نه سگهيو، تنهن ڪري ان جي جاءِ تي بختاور خان جي ڀاءُ الله بخش کي رکيائين پر الله بخش به چڱي طرح حڪومت نه هلائي سگهيو ۽ پوءِ اسلام خان، نهارن خان ۽ قائم خان نهارن واري واري سان ڪرسي تي ويٺا پر ناڪام ثابت ٿيا.

ميان يار محمد جي سرفرازي:

نيٺ شهزادي اها حڪومت ميان يار محمد جي حوالي ڪري سندس وڪيلن جي هٿ فرمان موڪليو ته شڪريي طور ميان يار محمد کي اسان جي خدمت ۾ حاضر ٿي دست بوسي جو شرف حاصل ڪرڻ گهرجي، طلب موجب ميان صاحب اڃا درٻيلي ۾ مس پهتو ته خواجا حسين خان گهڻين نوازشن سان گڏ انهيءَ حڪم جي منسوخي ۽ ديري جي نگراني سندس نالي تي کڻي آيو.

تاريخ سنڌ ۾ آهي ته ان کانسواءِ خانپور مير امين الدين کي، شڪارپور دائود پوٽن۽ سيوستان غلام محمد سکاڻي جي حوالي ڪري شهزادو بکر کان ملتان هليو ويو.

ميان يار محمد جي وضاحت:

مولانا مهر صاحب پنهنجي انهيءَ ڪتاب تاريخ سنڌ جي صفحي 512 تي ”گلدسته نورس بهار“ مان ميان صاحب جي ڏنل وضاحت هن طرح پيش ڪئي آهي ته:

مونکي شروع کان وٺي سبي ۽ گنجابه جي خواهش نه هئي پر بختاور خان جي قتل کانپوءِ ان جو ڀائٽيو ۽ احمد يار خان ولد دلاور خان اتان جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻن جي باوجود به حڪومت نه هلائي سگهيا ۽ مجبوراً اتان جو انتظام مون کي سنڀالڻو پيو. اڄ تائين پنهنجي عزت خاطر اهو بار کنيون پيو اچان، نه ته آمدني جي مقابلي ۾ خرچ کي ڏسي دل چوي ٿي ته اهو بار لاهي ڇڏيان پر موجوده حالتون ان جي اجازت نٿيون ڏين. (ص ــ 16 ـ 215، حُالو گلدسته نورس بهار)

انهيءَ ساڳي حالي واري ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ڪجهه وقت کانپوءِ بکر ۽ سيوستان جي زمينداري به ميان يار محمد کي هيٺين شرطن تي ڏني ويئي.

سرحدي قلعي جي حفاظت سختيءَ سان ڪئي وڃي.

بادشاهه کي جڏهن ضرورت پوندي ته هو پنهنجي فوج وٺي ملتان ۽ ٺٽي جي صوبيدارن سان گڏ خدمت لاءِ تيار رهندو.

رستن جي حفاظت ڪئي ويندي.

عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جو خيال رکيو ويندو.

ايران جون صحيح صحيح خبرون بادشاهه تائين پهچايون وينديون.

انهيءَ سان گڏ بادشاهه ميان صاحب کي سهڻي سروپاءَ، جهنڊي، تلوار، گهوڙو، هاٿي ۽ ”خدا يار خان“ جي خطاب سان نوازيائين.

بروهين جي بدمستي:

اسان اڳ ۾ لکي چُڪا آهيون ته قلات ۾ جڏهن ميان صاحب پناهه ورتي هئي ته ضمانت طور اتي ڪجهه مائٽ رکڻا پيا هئس، جن مان ڪن کي موٽائي به ڏنو هئائون، پر جڏهن درٻار طرفان ميان يار محمد کي سڄي سنڌ ۽ ٻيون عنايتون مليون ته انهن جو ساڙ اڃا وڌي ويو ۽ وڙهڻ جا بهانا ڳولهڻ لڳا.

سمندر خان جو نياو:

قلات جي نواب سمندر خان ميان صاحب ڏانهن نياپو موڪليو ته جيڪي جاگيرون  توکي ڏنيون ويون آهن، انهن مان گنجابه اسان جي حوالي ڪيو وڃي ته پوءِ ٺاهه ٿي سگهي ٿو نه ته ٻي صورت ۾ جنگ اڻٽر آهي.

ميان صاحب نواب قلات جي انهيءَ نياپي تي ڏاڍو پريشان ٿيڻ لڳو ۽ وڌيڪ حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ ميان مير محمد کي اوڏانهن موڪليائين، جيڪو به ساڳيو ئي جواب کڻي آيو. پوءِ سڀني صلاحڪارن کي گهرائي مشورو ورتائين. هر ڪنهن چيو ته جيڪڏهن درٻار طرفان ان لاءِ راضپو اچي وڃي ته پوءِ ان جي حوالي ڪرڻ گهرجي، پر ميان صاحب انهيءَ تي راضي نه هو، ان ڪري گلدسته نورس بهار ۾ لکي ٿو ته:

گنجابه ته پاڻ هڪ قلعو آهي، ڪوئي ان جي هڪ سر آئينو ٺاهڻ لاءِ به کڻي ته ان جون اکيون انڌيون ٿين، مان ته انجي مٽي به نٿو ڏئي سگهان. بروهي لشڪر وٺي اچي سرحدن تي پهتا آهن ۽ گنجابه جو گهيرو ڪيو اٿئون، اسان ساڻن ڏينهن رات ويڙهه ۾ مصروف آهيون. رب تعاليٰ مونکي قوت ۽ خرچن ۾ خلاصگي عطا ڪري ته مان قلات وڃي انهن جو ڪنڌ ڀڃان، منهنجا جوڌا جوان ته جان نڇاور ڪرڻ لاءِ به تيار ويٺا آهن.

ميان يار محمد جي خاندان سان جٺيون:

انهيءَ عرصي ۾ قلات جي سردارن ميان صاحب جي اتي رهيل گهر وارن ۽ مٽن مائٽن سان جيڪي جٺيون ڪيون ان جو حوالو ميان صاحب پاڻ هن طرح ڏئي ٿو:

منهنجي پٽ ۽ ٻين چار ڀاتين سان جيڪي واعدن جي پڪ تي اتي رهيل هئا، نوڪرن جهڙو سلوڪ ڪيائون ۽ انهن کي چيائون ته اچي قلعي ۾ رهو، جنهن تي منهنجي پٽ کي ڏاڍي غيرت آئي.

ميان صاحب جي ٻارن جي آزادي:

نيٺ ملتان جي شاهي حڪم سان ميان صاحب جي ٻارن ٻچن ۽ مٽ مائٽن کي ڇڏيو ويو.

تحفة الڪرام مطابق ميان يار محمد سيوي قلعي تي پهريان پنهنجي پٽ مير محمد ۽ پوءِ محمد دائود کي رکيو. هڪ ڀيري رحيم خان پرآنک ۽ دولت خان پني فساد ڦهلايو ته انهن کي سزا ڏني ويئي ۽ دائود پوٽن کي به جهڪايو ويو.

گلدسته نورس بهار ۾ ميان يار محمد جي خطن مان رحيم ۽ دولت جي فساد جي باري ۾ هن طرح معلومات ملي ٿي:

مان پنهنجي پٽ کي سرحدي ماٿرين تي مقرر ڪيو، اتفاق سان اتي بخار جي بيماري اچي سڀني ماڻهن کي وٺ ڪيو،  جنهن ۾ منهنجو پٽ به اچي ويو ۽ پوئتي موٽ ڪيائين، اڃا رستي ۾ هو ته رحيم ۽ يوسف افغانين کي وٺي اچي قلعي ڍاڍر تي حملو ڪيائون، اسان جا ماڻهو بيماري ڪري وڙهي نه سگهيا ۽ اهو قلعو سندن هٿ ۾ اچي ويو.

مان پنهنجي ٻي پٽ کي مقابلي لاءِ موڪليو جنهن وڃي سردار رحيم، يوسف، سندس ڀاءُ گوهر ۽ افغانين جي سردار پنجو کي ماريو ۽ سبزل خان ۽ دولت خان معافي وٺي ڀڄي ويا. ان جنگ ۾ منهنجي پٽ کي ٺاهوڪا ڌڪ لڳا.

گلدسته نورس بهار مان معلوم ٿئي ٿو ته 25 فيبروري 1708ع تي اهو قلعو دشمن جي قبضي ۾ اچي ويو. ميان صاحب جو ٻيو پٽ 20 مارچ 1708ع تي مقابلي لاءِ ڍاڍر کان چار ڪوهه پري کائي ۾ پهتو ۽ 23 مارچ تي دشمنن مٿان حملو ڪيائين ۽ ستٽيهه ڏينهن کانپوءِ قلعي تي قبضو ڪري ورتائين.

انهن ٻنهي سيوي ۽ ڍاڍر قلعن جي فتح جي تاريخ مير عبدالجليل بلگرامي جي هنن ٻن مصرعن مان  نڪري ٿي.

گزشت از سرجان رحيم و بگفتم،

ز داؤد شد فتح سيوي و دهادر.

1132هه.

جهوڪ واري جنگ:

ميان يار محمد جي زماني ۾ ئي جهوڪ واري جنگ لڳي، جنهن ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد ٿي ويو، ان جي تفصيل گذريل ورقن ۾ اسان لکي چُڪا آهيون پر ميان يار محمد جيڪو شاهي فوج سان ساڻ هو ان جي باري ۾ تحفة الڪرام ۾ آهي ته:

اعظم خان بادشاهه جي حڪم تي خدا يار خان عباسي ۽ ٻين ٽولن کي گهرائي وڏي ڪٽڪ سان صوفي عنايت تي چڙهي ويو.

مقالات الشعراءَ جي صفحي 31 تي ڪجهه وڌيڪ تفصيل ملي ٿي ته:

اعظم خان، ميان يار محمد ۽ ٻين سنڌ جي زميندارن جن کي فقيرن سان اڳ ۾ ئي ساڙ هو، لاءِ بادشاهه کان حڪم وٺي ڇڏيو هو ۽ پوءِ وڏو لشڪر جيڪو ڍاڍر جي سرحد کان وٺي شور درياءَ تائين پکڙيل هو، وٺي اچي فقيرن جو گهيرو ڪيائين.

پاڻ ميان صاحب جو بيان مهر صاحب جي ڪتاب تاريخ سنڌ، ص 299 تي هن طرح ڏنل آهي:

مان *۽ نواب خان اوٿل درياءُ کان ٽپي جهوڪ پهتاسي، قلعي جي چوڌاري کاهي کوٽيل هئي، تنهن ڪري جهوڪ کان اڌ ڪوهه پري ترسي 17 ذوالقعد تي اوسي پاسي جو جائزو ورتوسين پر ڪنهن کي به ڪاهه ڪرڻ جي همت نه ٿي.

ٻي ڏينهن آچر تي صبح ٿيڻ کان ٿورو اڳ شاهه عنايت جا هڪ هزار سترهن فقير راتاهو هڻڻ لاءِ نڪري آيا،  جنهن ۾ اسان جا ڪجهه ماڻهو مئا باقي فقيرن مان ٿورا جان بچائي موٽي سگهيا.

انهن مان گهڻا پنهوار جيڪي قاسم ولد ڪهرام ۽ سيد سان ساڻ هئا. ٺٽي جو  وڪيل، احمد بوبڪائي جا ٻئي ڀاءَ، اوڌيجا ۽ ٻيا زميندار شامل هئا.

اهو حوالو مولانا مهر ”گلدسته نورس بهار“جي ڪنهن خط جو ڏنو آهي، ان خط جي پڇاڙيءَ ۾ آهي ته، دائود خان عباسي جسم ۽ منهن تي تلوار جا ڌڪ کائڻ ڪري سخت بيمار پيو آهي، الله صحت عطا ڪندس، ان جنگ ۾ ميان داؤد جو ڀاءُ ميان غلام حسين ۽ خدا يار خان جو ڀاءُ مير محمد خان به وڏي بهادريءَ سان وڙهيا ۽ زخم کاڌائون.

ان خط ۾ فقيرن مان جن خاص ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جو ذڪر آهي، انهن ۾ خوشحال پٽ جمال خيالي پٽ صدور، ياقوت، شير، ابراهيم ۽ ملا صلاح شامل آهن.

خط جي پڇاڙيءَ ۾ آهي ته: اڃا جنگ جاري آهي انشاءُ الله فساد ڦهلائڻ وارن کي سندن ڪيي جو بدلو ملندو.

مولانا مهر صاحب مختلف دليلن سان صوفي شاهه عنايت کي شهيد ڪرڻ واري ڪيس ۾ ميان يار محمد کي بي قصور ڄاڻايو آهي ۽ چوي ٿو ته هو  صرف هڪ عملدار جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو. پر اها هڪ حقيقت آهي ته ان جنگ ۾ ميان يار محمد پنهنجن پٽن ۽ ڀائرن سوڌو شريڪ ٿيو هو. مولانا پاڻ ميان يار محمد جي خط جو جيڪو ٽڪرو ڏنو آهي، جنهن ۾ چيو اٿائين ته (بهادرن فسادين کي تلوار جو کاڄ بڻايو) ان مان به ظاهر ٿئي ٿو ته هو صوفي عنايت ۽ سندس فقيرن کي سٺو نه سمجهندو هو، ٿي سگهي ٿو ته مختلف عالمن جي ڳالهين ۾ اچي ويو هجي، مقالات الشعراءِ جي بيان مان  به ثابت ٿئي ٿو ته ان جنگ ۾ سندس ذاتي جذبو شامل هو.

ميان يار محمد کي مدد عيوض انعام:

تحفة الڪرام ۾ آهي ته جهوڪ واري جنگ ۾ اعظم خان جي مدد ڪرڻ عيوض ڳوٺ لڪڙي ۽ ڏنڊو، حجام، دورنگ، رجب، ويسر، پاڇاتو، ٿورو، ڳوٺ سائينڏنو ۽ جهوڪ ڀرسان دٻي جي ڪجهه زمين جو حصو کيس جاگير ۾ مليو.  نواب شاڪر خان جي وڃڻ بعد روپاهه جو پرڳڻو به ٺيڪي تي مليس.

ميان يار محمد جو دؤر:

ميان يار محمد جو دؤر اٺارهن سال رهيو ۽ تحفة الڪرام جي صفحي 328 تي آهي ته: پهريان نوَ سال جنگ ۾ گذاريائين ۽ باقي نوَ سال عيش عشرت وارا هيس، جنهن ۾ صرف جهوڪ واري جنگ کانسواءِ ٻيو ڪوئي خاص واقعو نه ٿيو.

ميان يار محمد پنهنجي دؤر ۾ سنڌ ۾ امن امان رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن کي ڪنڌ کڻن نه ڏنائين، ٺٽي ۽ سيوستان جي ڳوٺن ۾ لٽ مار ڪندڙ قبيلي نهمردي ۽ ڪن شيطاني ڪندڙ دل ۽ سوڍن کي به سبق سيکاري چپ ڪرائي ڇڏيائين.

وفات:

تحفة الڪرام ۾ ميان يار محمد جي وفات سومر يا اڱارو 15 ذوالقعد 1131هه لکيل آهي، جڏهن ته مراة عباسي ۾ 11 ذوالقعد 1131هه ٻڌائي وئي آهي. مولانا مهر مراة عباسي کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو.

لب تاريخ سنڌ  مطابق سندس مقبرو خدا آباد (ضلعو دادو) ۾ آهي.

اولاد:

نغز نامي مطابق کيس پنج پٽ هئا. نور محمد خان، محمد خان، محمد دائود خان، تاج محمد خان ۽ غلام حسين خان.

 

ميان نور محمد ڪلهوڙو

(خدا يار خان 1131هه / 1719ع)

ميان يار محمد جي وفات کانپوءِسندس پٽ ميان نور محمد 1131هه تي اباڻي گادي جو وارث بڻيو ۽ اتان کان وٺي هي خاندان درويشي ۽ بزرگي واري واٽ ڇڏي باقاعده بادشاهت ۽ حڪمرانيءَ واري رستي تي هلڻ لڳو. ڪن روايتن مطابق هو ٻن مهينن تائين تڏو وڇايون ويٺو رهيو ۽ پوءِ 11 محرم 1132هه تي ڪرسي سنڀاليائين.

 گلدسته نورس بهار جي ديباچي مان مولانا مهر منشي عبدالرؤف سيوستاني جي اها تاريخ مسند نشيني لکي آهي، جيڪا ان مان نور محمد جي گادي تي ويهڻ وقت چئي هئي، ۽ اها ئي وڌيڪ اعتبار جوڳي آهي.

چو بر مسند نشتہ از ہدايت،

ولايت مرتبت مهدي ثاني،

ز اسمش گر بپرسي باتو گويم،

بود نور محمد گر بداني،

جوان مردي، جوادي،  دين پپڙوهي،

ز عدلش گرگ را با بزستاني،

غبار شور، هرجا بود بنشست،

بحاصل آمده امن و اماني،

دل عالم چو گلشن بر شگفتہ،

بہ گلهائي سرور و کامراني،

الاها! اين دعا از محض خيراست،

قبولش کن اجابت جاوداني،

چو تاريخ جلوسش باز جستم،

بگفتا  ها تفم از نکتہ داني،

کہ هان بر خيز از خلاص برخوان،

برت بادا مسلم  ملڪ راني.

1131هه

ميان دائود جي مخالفت:

تحفة الڪرام ۾ آهي ته ميان نور محمد جو ڀاءُ ميان دائود ٽن سالن تائين سندس مخالفت ڪندو رهيو. ميان نور محمد پاڻ ٻڌائي ٿو ته:

جڏهن والد صاحب گذاري ويو ته ان وقت منهنجو ڀاءُ ٺٽي ۾ هو، اتان نڪري شهدادپور پهتو ته ڪن غلط مشيرن منهنجي خلاف ڀڙڪايس ۽ هو منهنجو مخالف ٿي ماڻهو گڏ ڪرڻ لڳو. مان کيس نياپو موڪليو ته اهو طريقو اسان جي وڏڙن جي خلاف آهي، تنهن ڪري مناسب اهو آهي ته جلدي پهچي والد صاحب جي مرتيي جي رسمن ۾ اچي شريڪ ٿي، پر ان هڪ نه ٻڌي ۽ معاملو وڌندو ويو. مان اهي سڀ ڳالهيون سندس جوانيءَ جو جوش سمجهي نظرانداز ڪندو رهيس ۽ کيس سمجهائڻ لاءِ بزرگ، سيد ۽ سردار موڪليندو رهيس.

محمد دائود جي بيعت ۽ وڌيڪ مخالفت:

ائين لڳي ٿو ته هو بزرگن جي چوڻ تي هليو ته آيو پر مخالفت جي باهه اڃا سندس دل ۾ ڀڙڪي رهي هئي، جنهن جي ڪري ميان نور محمد ساڳي خط ۾ اڳتي هلي ڪري لکي ٿو ته:

دائود اچي مون سان مليو ۽ بزرگن جي طريقي مطابق بيعت به ڪيائين پر رات رهڻ کانپوءِ صبح جو هتڙي وڃڻ جي اجازت گهرڻ لڳو. والد صاحب جي وچ رسمن ۾ وڃڻ سندس مناسب نه هو پر پوءِ به مان اجازت ڏني مانس ته ڪٿي وري شڪ نه دل ۾ ويهيس. پر هو هٽڙي پهچي قلعي کي پڪو ڪري برجن ۽ ڀتين کي مضبوط ڪرڻ لڳو. چوڌاري کاهي کوٽايائين ۽ بکر کان ڪجهه توپون وٺي برجن تي رکرايائين، مان کيس سمجهائڻ لاءِ ماڻهو موڪليا ته اهي ٻاراڻيون حرڪتون هن کي نه ڪرڻ گهرجن، انهن مان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندس.

ميان دائود پنهنجي حرڪتن کان نه مڙيو ۽ جنگي سامان گڏ ڪندو رهيو. ميان نور محمد جڏهن بزرگن ۽ درويشن جي مزارن جي زيارت لاءِ نڪتو ۽ سوچيائين ته ميان دائود ضرور معافي لاءِ ايندو پر جيڪڏهن نه آيو ته مان وڃي سمجهائيندو مانس، ميان نور محمد هٽڙي کان اٺ ڪوهن تي هو ته دائود سيدن ذريعي معافي جو طلبگار ٿيو.

ميان نور محمد کيس معافي ته ڏني پر چورائي موڪليائينس ته هاڻي هو چانڊوڪي پرڳڻي بجاءِ لاکاوٽ ۾ رهندو.

چون ٿا ته دائود جڏهن اطاعت قبول ڪري پهريون ڀيرو نور محمد سامهون آيو ته ان وقت منشي عبدالرؤف سيوستاني موجود هو، جنهن هي شعر پڙهيو:

قدرت حق را تماشا کن کہ آن دائود خان،

باوجودي صفدري زنرکش برنداشت.

ميان نور محمد جي عريضي دهلي جي درٻار ۾:

ميان نور محمد جنهن مهل گادي تي ويٺو ان وقت دهلي جو تخت محمد شاهه جي هٿن ۾ اچي  چڪو هو پر شايد ميان يار محمد جي وڇوڙي جي خبر اوستائين نه پهچي سگهي هئي، تنهن ڪري محمد شاهه جي واڳون سنڀالڻ جو اطلاع ميان يار محمد جي نالي تي ئي آيو هوندو. ان جي جواب ۾ ميان نور محمد هيٺين عريضي موڪلي.

موروثي غلام پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي فرمانبرداري لاءِ تيار آهي. اطاعت جو وچن وٺي رهيو آهي ۽ حڪومت جون ڪم ڪاريون پيو نڀايان، ايراني سرحد جي قلعن سبي، گنجابه، سيوستان ۽ ٻين قلعن جي نگهباني ذمينداري سان ڪيان پيو ۽ هر ڪم کي اڳ کان سٺي طريقي سان انجام ڏيان پيو.

دائود پوٽن سان جنگ:

تحفة الڪرام ۾ آهي ته 1135هه (23ــ 1722ع) ۾ دائود پوٽا جنگ لاءِ اٿيا. ملاجيئندو ابڙو ان وقت بکر تعلقي جي جتوئي پرڳڻي ۽ ڪن زرخريد ديهن جو ميان نور محمد طرفان سنڀاليندڙ هو، جڏهن ته شڪارپور ۽ خانپور جي زمين ۽ آسپاس جون ديهون مير عبدالواسع خان جي جاگير هئي. دائود پوٽا مير عبدالواسع جي زمين ۾ زوريءَ ٽنگ اڙائيندا هئا، جنهن تي ميان نور  پنهنجي خدمتگار ٺاري کي موڪلي مير عبدالواسع کي اها زمين پنهنجي حوالي ڪرڻ لاءِ چيائين. ان کانپوءِ شڪارپور جو گهيرو ڪري دائود پوٽن جو ڪنڌ ڀڃي کين آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيائين.

آخر فيصلو ٿيو ۽ اها جاگير چئن حصن ۾ ورهائجي ٻه حصا مالڪ کي، هڪ حصو دائود پوٽن کي ۽ هڪ حصو ميان نور محمد کي مليو، جنهن جو انتظام ميان صاحب، ملا جيئندو کي ڏئي شڪارپور ۾ ويهاري ڇڏيو.

اهو جهڳڙو 1139هه ۾ وري ٻيهر اٿيو ۽ ميان نور محمد شڪارپور آيو ۽ دائود پوٽن جي ڪڍ لشڪر موڪليائين، جنهن وڃي کين دبلي قلعي ۾ دسيو پر سيدن جي منٿ ميڙ ڪري امان ملي ۽ هو وڃي ڏورانهن پرڳڻن جهڙوڪ پهلي ملڪ امام الدين جويه، فريد خان لکديرا تاين، بهاولپور، هانسي، سمن جي ملڪ، افغانن جي سرحد جي ڀرسان واري زمين پاڪ پتن ۽ مير ۾ وڃي آباد ٿيا، پر ٻن سالن کانپوءِ ميان نور محمد کان معافي گهري نوڪري ڏيڻ لاءِ عرض ڪيائون. ميان صاحب مٿن رحم کائي بکر جي ڀرسان واري زمين کيڙڻ لاءِ ڏني.

بروهين جي جنگ:

بروهين جو ڪلهوڙن سان تڏهن کان وٺي ساڙ هلندو پيو اچي، جڏهن ميان  يار محمد قلات ۾ پناهه ورتي هئي ۽ پوءِ گنجابه ۽  سيوي ميان صاحب کي جاگير ۾ مليو هو.

جڏهن احمد خان بروهي کانپوءِ ان جو پٽ محراب خان قلات جو حاڪم ٿيو، اهو  ميان نور محمد ۽ ميان دائود جو پيڇو ڪندو زخمي ٿي پيو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ مري ويو، محراب خان جا ٻئي پٽ ننڍا هئا، تنهن ڪري سندن چاچي سمندر خان کي گادي تي ويهاريو ويو. سورهن سالن کانپوءِ محراب خان جي وڏي پٽ مير احمد حڪومت سنڀالي 1716ع ۾ سندس ننڍي ڀاءُ شال ڪوٽ جي حاڪم مير عبدالله کيس حڪومت تان لاهي پاڻ قبضو ڪري ويٺو. هو وڏو بهادر ۽ وڏي دل وارو هو، جنهن جي ڪري پري پري تائين سندس شهرت وڌي وئي، سلطان حسين غلزئي کي شڪست ڏئي قنڌار جا ڀرسان وارا علائقا کسي ورتائين ۽ ”شهباز ڪوهستان“ جو لقب اختيار ڪيائين.

ميان نور محمد بروهين سان سٺا لاڳاپا رکڻ لاءِ هر سال چاليهه هزار سمندر خان کي موڪليندو هو. مير سمندر کان پوءِ مير احمد چار سال حڪومت ڪئي پر اهي پيسا ڪڏهن نه گهريائين، مير عبدالله حڪومت سنڀاليندي ئي نور محمد تي حملي لاءِ فوج گڏ ڪرڻ لڳو. ميان صاحب کي خبر پئي ته چاليهه هزار ۽ هڪ هاٿي  مير عبدالله کي موڪليائين.

تحفة الڪرام جي صفحي 332 تي آهي ته 1142هه ۾ مراد ڪليري عرف گنجو سيويءَ قلعي تي مقرر ٿيو ۽ گنجابه جي زميندار قيصر مگسي، محال شورن جي سردار، ميرو گواري رند، محال سنيءَ جي سائيس گهرام لاشاريءَ جي اولاد، محال ڪچي جي مالڪ اميرو بلدي، محال ڀاڳ ناڙيجي زميندارن هر هڪ مهيان، اميري ۽ لهپا، ماڇي، ڍاڍار جي مالڪن، بازوئي قوم جي ڪالا خان ۽ ٻين ڪوهستان جي بلوچ زميندارن ڪنکانيءَ جي محالدار بهار خان عمراڻي جيڪو هر هڪ هزار ماڻهن جو سردار هو، ماري مات ڏئي قلات جي خان عبدالله بروهي سان جيڪو پاڻ کي ڪوهستان جو شهباز سڏرائيندو هو. وڃي هٿ ڳنڍيائين. نيٺ 1143هه (1743ع) ۾ مراد ڪليري حملو ڪري ڪرته قلعو مبارڪ کان کسي ورتو ۽ لشڪر اڳتي وڌي اسماعيل خان بروهي کي شڪست ڏئي ڪاڪر بروهي کي قتل ڪري سوڀارو ٿيو.

عبدالله خان بروهي جي ڌيئرن سان ميان جي پٽن جي شادي:

عبدالله خان بروهي اهڙين حالتن کان مجبور ٿي ڪري ٺاهه خاطر پنهنجي ٻن ڌيئرن جي شادي خداداد خان سان 1148هه ۾ ۽ عميان مراد يار خان سان 1143هه ۾ ڪرائي.

ميان نور محمد جي ڪاهه:

اتفاق سان 1144هه ۾ بروهين جي هڪ قبيلي واعدي خلافي ڪري فريدآباد ڀرسان ڪاڇي واري زمين تي قبضو ڪري ورتو. ميان نور محمد لاڙڪاڻي ۾ اچي پنهنجي سردارن کي عبدالله خان سان جنگ ڪرڻ لاءِ موڪليو، جندهير (جانداري) وٽ لشڪر ۽ عبدالله خان جي فوج جو ٽڪر ٿيو، عبدالله وڏي بهادريءَ سان وڙهيو پر ميان يار محمد جي سپاهين هٿان مارجي ويو ۽ بروهين جو زور هميشه لاءِ ٽٽي ويو. تحفة الڪرام  عبدالله جي مارجڻ جي تاريخ 1143هه ڏني آهي.

اتان ميان نور محمد اڳتي وڌي آسانيءَ سان قلات تي قبضو ڪري پئي سگهيو پر پنهنجي پاليسي جي ڪري  يا ڪلراٺي زمين هئڻ ڪري ڇڏي ڏنائين.

سنڌ تي نادر شاهه جو حملو:

اڃا ميان نور محمد اندروني معاملن کي سڌارڻ ۾ رڌل هو ته نادر شاهه دهلي کي لٽي پهرين رمضان 1152هه تي اچي ڪابل پهتو ۽ اتان ميان نور محمد کي ڪابل حاضر ٿيڻ جو حڪم موڪليائين، پر ميان صاحب مغلن سان وفاداري نڀائيندي انهيءَ حڪم تي ڪو ڌيان نه ڏنو.

نادر شاهه اهڙي بي ڌياني ۽ لاپرواهي ڏسي سياري جي موسم هوندي به 8 رمضان 1152هه (8 نومبر 1739ع) ۾ بجلي وانگر سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ جابلو علائقن کان گذرندو 25 ڊسمبر 1739ع تي ڊيرا اسماعيل خان پهتو.

ڊيرا اسماعيل کان گهڻي فوج ٻيڙين ذريعي ڊيرا غازي موڪليائين ۽ پوءِ اتان لاڙڪاڻي لاءِ نڪتو، پر اڳ ۾ هڪڙو ٻيو فرمان ميان نور محمد ڏانهن حاضر ٿيڻ لاءِ موڪليائين پر ڪوئي جواب نه مليس.

نادر شاهه جو زڪريا خان ڏانهن فرمان:

نادر شاهه ڊيرا غازي مان لاهور جي ناظم زڪريا خان کي به لکيو ته اسان سياري جي موسم سنڌ ۾ گذارينداسين، متان اتان جا ڪي ماڻهو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري اوهان جي حدن ۾ داخل ٿين ۽ اسان جو لشڪر کين پڪڙڻ لاءِ اتي پهچي ته ان کي پنهنجي علائقي ۾ مداخلت نه سمجهيو وڃي. تون تيار رههُ ۽ ضرورت پوڻ تي لاهور کان ملتان پهچي وڃ ۽ اتان ڀاڄوڙن جو رستو روڪ، جيئن اسان جي لشڪر کي انهن جي پڪڙن ۽ درياءُ پار ڪرڻ جي ضرورت نه پوي.

زڪريا خان اهو فرمان دهلي موڪليو ۽ اتان حڪم آيو ته ان فرمان جي پوري پوري پابندي ڪئي وڃي.

ميان نور محمد جا اپاءَ:

ميان نور محمد کي جڏهن نادر شاهه جي اچڻ جي خبر پئي ته چيائين ان سان مقابلو ڪرڻ مشڪل آهي، تنهن ڪري اهڙي پاسي هلڻ گهرجي، جتي نادر شاهه جي نظر نه پئي! پوءِ فيصلو ڪري پنهنجي دارالحڪومت خدا آباد کان عمر ڪوٽ لاءِ نڪتو جنهن جي چوڌاري ريگستان هو.

وڃڻ وقت ميان نور محمد جي هدايت:

وڃڻ وقت ميان صاحب پنهنجي عاملن کي هدايت ڪئي ته فوج جي کاڌ خوراڪ جي سامان کي ساڙيو وڃي يا وري زمين اندر پوريو وڃي، جيئن نادر شاهه مايوس موٽي وڃي. پر سندس اها تدبير فائديمند نه  ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ڪڻڪ ۽ جوَن جو فصل تمام گهڻو ٿيو هو ۽ پوريل اناج جي خبر به نادر شاهه کي پئجي ويئي.

نادر شاهه جو پهچڻ:

نادر شاهه پهرين فيبروري 1740ع لاڙڪاڻي پهتو ته ميان نور محمد جي اتان کسڪي وڃڻ جي خبر پيس. انهيءَ مهل سوارن جو ٽولو وٺي ميان نور محمد جي پويان لڳو ۽ هو جڏهن شهدادپور ۾ خزانو پوري اڳتي وڌيو ته نادر شاهه به شهدادپور ۾ اچي دنگ ڪيو، اتي ميان نور محمد طرفان سوکڙيون۽ اطاعت جي عريضي مليس، پر مطمئن نه ٿيو ۽ عمرڪوٽ تائين ڪڍ لڳو ويو. نادر شاهه عمرڪوٽ پهچي جڏهن قلعي کي گهيرو ڪري ورتو ته ميان نور محمد کي  ٻيو ڪو رستو نظر نه آيو ۽ پنهنجي گهر وارن جي امان جي شرطن تي پنهنجو پاڻ کي نادر شاهه جي حوالي ڪري ڇڏيائين.

ماثر الامراءَ مطابق نادر شاهه ميان نور محمد کان پڇا ڪئي ته تون خدا آباد ڇڏي ڇو ڀڳين؟ ته هن چيو، اسان ابن ڏاڏن کان وٺي هندستاني بادشاهه جا  غلام آهيون ۽ ان کي ڇڏي اوهان سان ملان ها ته توهان به ضرور تعجب ۾ پئو ها.اهڙي جواب تي نادر شاهه خوش ٿيو ۽ کيس ملڪ واپس ڏيڻ جي خوشخبري ٻڌايائينس.

خراج:

اند رام ميان نور محمد  مطابق خراج ۾ نادر شاهه کي ويهه لک رپيا ۽ هڪ هيرو ڏنو.

مراة دولت عباسيه جي مصنف جو چوڻ آهي ته دولت ۽ هيرن ۾ جيڪو ڪجهه ميان نور محمد وٽ هو، منهنجي ڏاڏي لالا مانجهه مل جي وسيلي نادر شاهه جي خدمت ۾ رکيائين ۽ پنهنجو ڏوهه معاف ڪرايائين.

تحفة الڪرام ۾ آهي ته، جنهن ڏينهن ميان صاحب عمر ڪوٽ کان تلهار ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، ان ڏينهن صبح جو نادر شاهه اچي ڪڙڪيو ۽ ميان صاحب ٻانهن ٻڌي قيدين وانگر اچي پيش ٿيو، نادر شاهه کيس وٺي ڪري لاڙڪاڻي آيو ۽ اتي نور محمد طرفان هڪ ڪروڙ ڏيڻ تي ملڪ واپس ڪيو ويو، جڏهن ته سيوي پٺاڻن کي ۽ شڪارپور دائودپوٽن کي ڏنو ويو،

ٽوبن مل تاريخ سنڌ ۾ لکي ٿو ته: نادر عمرڪوٽ پهتو ته ميان نور محمد جي ساٿين وڙهڻ لاءِ چيو پر ميان صاحب قرآن جو واسطو وجهي نادر شاهه کان پنهنجو قصور معاف ڪرائي ورتو ۽ ملڪ عيوض هڪ ڪروڙ ۽ هيرا ڏنا.

هيگ لکي ٿو ته: سڀ تاريخدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته ملڪ ڏيڻ کانپوءِ ميان نور محمد سان نادر شاهه سٺو ورتاءُ ڪيو ۽ کيس شاهه قلعي خان جو خطاب ڏنو، پر نادري حملي سنڌ جو خزانو لٽي ملڪ کي ڏيوالو ڪري ڇڏيو ۽ هتان جا قيمتي ڪتاب به نه ڇڏيائين. ميان نور محمد ان جو ذڪر پنهنجي وصيت نامي ”منشور الوصيت“ ۾ هن طرح ڪري ٿو ته:

رسالہ سهروردي مع رسالہ از چهارده خانواده نزد مايان موجود بود لاکن از آمدن سفاڪ ناپاڪ برهمين ملڪ سند، کتب خانہ و رسالہ باهمگي رفتند.

ملڪ جي ورهاست:

ان کانسواءِ جيڪو عظيم نقصان هن ملڪ کي رسيو اهو ملڪ جي ورهاست آهي، نادر شاهه سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائي هڪ حصو (سبي ۽ ڪڇي) قلات جي  والي محبت خان بروهي کي، شڪارپور صادق محمد خان دائود پوٽي کي ۽ باقي سنڌ ميان نور محمد کي ڏني ۽ سندس هڪ پٽ مراد ياب خان کي پاڻ سان گڏ ضامن طور وٺي ويو، جيڪو ٻن هزار سنڌي سپاهين سان گڏ اتي رهندو. ميان نور محمد پنهنجي ٻي پٽ غلام شاهه کي به مرادياب سان گڏ سندس دل وندرائڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ميان جو ٽيون پٽ به ايران هليو ويو ۽ نادر شاهه جي مرڻ تائين اهي ٽئي ڀائر اتي رهيا.

نادر شاهه جي موٽ:

اتان نادر شاهه لاڙڪاڻي موٽي آيو ۽ عاشورو گذاري نوروز جو جشن ملهايائين ۽ پوءِ 11 محرم 1153هه (1740ع) تي قنڌار ويو.

سنڌ تي نادر شاهه جي حملي جا اثرات:

نادر شاهه سنڌ جو خزانو کڻي ملڪ کي سڃو ڪري ويو، ملڪي وحدت ختم ٿي ويئي ۽ شيطان ٽولا جيڪي اڳ ۾ دٻيل هئا، هاڻي ٻيهر سرگرم ٿي ويا، ملڪ تي ويهه لک ساليانو خراج جو بار پئجي ويو.

نادر شاهه جي وڃڻ کان پوءِ ميان نور محمد کي ٻين انيڪ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو پر هن همت نه هاري ۽ سڌارن جي ڪوشش ۾ سامٽيو کي ناظم مقرر ڪيائين.

ميان نور محمد عمر ڪوٽ وڃڻ وقت آقا محمد ڪريم اصفهاني کي امين الملڪ جو خطاب ڏئي عوام جو وڪيل مقرر ڪري ويو هو.

تحفة الڪرام ۾ آهي ته: سلطان سامٽيي شورا قوم کي ماري مات ڪيو جيڪي نادري حملي واري وقت ۾ مغرور ٿي ڪند جي سر زمين، جا پرڳڻن جي دل هئي، منافي، ڪنرو آريسر ۽ ڪيهر تعلقي  چاڪر هالا ۾ هوندي ۽ لڌي شوري جي سرڪردگي هيٺ ارڏايون ڪري رهيا هئا. تنهن کان پوءِ جلد ئي ونگي تعلقي چاچڪان جي اربابن، ارباب تماچي، طوغاچي، ٺاري سيلي، ڪاهي ۽ آسو سومرن تي جيڪي ڍل ڏيڻ کان ڪترائڻ لڳا، ڪاهي نابود ڪيائين.

1155هه ۾ نادر شاهه مظفر علي خان بيات بيگلر بيگي (سردارن جو سردار) انهن بحري جهازن کي آڻڻ لاءِ موڪليو جيڪي سورت بندر ۾ تيار ٿي رهيا هئا، اهي پهريان ڪراچي بندر کان ٺٽي آيا ۽ ميان نور محمد به مهمان نوازي لاءِ ٺٽي پهتو ۽ مظفر بيگي سان ڏيڍ مهينو اتي گذاري پوءِ روانو ڪيائين ۽ پاڻ خدا آباد موٽي آيو.

ميان نور محمد جو طرز عمل:

تحفة الڪرام ۾ آهي ته 1156هه ۾ سردار طهماسپ قلي خان جلائر دائود پوٽن کي سيکت ڏيڻ لاءِ آيو، ميان نور محمد  وقت جي وهڪري کي ڏسندي پاسو ڪرڻ لڳو ۽ ٺٽي مان سامٽيي ۽ شيخ شڪر الله کي به واپس گهرايائين، تنهن ڪري سنڌ ۾ نئين بد انتظامي پيدا ٿي. هوڏانهن مظفر خان، سردار جلائر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو هو، تنهن ڪري ڪيترائي ڏينهن شاهي وڪيل رضا بيگ، هندستان جي راڻي ۽ ارباب ساجن راتيه جي مدد سان ٺٽي جي نگراني ڪندو رهيو. پوءِ ميان نور محمد سردار جلائر سان ملائڻ لاءِ پوره ۾ آيو ۽ پنهنجي ٽين پٽ عطر خان کي ضمانت ۾ ڏئي موٽي آيو. سلطان سامٽيو ۽ شيخ شڪر الله وري ٺٽي موٽي آيا.

ملڪ جي اندرين بغاوت کي ڪچلڻ:

نادر شاهه جي وڃڻ بعد ميان نور محمد اندرين بغاوت ڏانهن ڌيان ڏنو. 1157هه ۾ شيخ شڪر الله ڪڪرالي جي سردار ڄام هوتي تي حملو ڪيو ۽ ان کي لاهي ڄام موهر کي رکيو.

تحفة الڪرام مطابق 1160هه ۾ سلطان فقير جي وفات کان پوءِ سندس پٽ مسو فقير جانشين ٿيو، انهيءَ زماني ۾ راڻي ڌاريجي سؤ جابلو ويڙهاڪن سان ٺٽي تي حملو ڪيو ته مقابلي لاءِ مسو فقير، شيخ شڪرالله ۽ بولي خان، پير پٺي واري مزار وٽ لشڪر وٺي پهتا پر قبرن کي لتاڙڻ جي سزا ۾ معمولي لشڪر کان به مات کائي ويا. ميان نور محمد کي ان بي ادبي جي خبر پئي ته مسو فقير کي نظامت تان لاهي ان جي جاءِ تي بلاول فقير کي رکيائين ۽ راڻي ڌاريجي جي مقابلي لاءِ پٽ محمد خداداد خان کي موڪليائين.شهزادو خداداد خان جڏهن اتي پهتو ته ڌاريجو سمنڊ رستي ڀڄي ويو ۽ شهزادي وڙهي ڪري قلعي تي ڪوڙن دستاويزن سان قبضو ڪري ورتو.

راڻي ڌاريجي جو خون:

ٿوري وقت کان پوءِ شيخ شڪر الله راڻي ڌاريجي کي بجار جوکئي معرفت صلح جي ڳالهين ڪرڻ جي آڙ ۾ مارائي ڇڏيو.

ڪانجي قلعي تي ڪاهه:

1158هه ۾ ميان يار محمد ڪانجي قلعو حملو ڪري فتح ڪري ورتو ۽ ڪانجي ڪافرن جي قبضي ۾ آيل بدين جي ديهن کي ڇڏائڻ لاءِ بهار شاهه فقير ۽ ٻين سردارن کي لشڪر سان گڏ موڪليائين.

نغز نامي ۾ آهي ته ڪانجي قلعي جو ڪافر سردار وڏو بهادر ۽ هنرمند هو، سڀئي ضروري شيون قلعي ۾ جمع ڪرائي رکيون هئائين، قلعي جي چوڌاري رڻ ۽ پاسن کان پاڻي ڀريل هو، نادر شاهه ميان نور محمد کي ان تي حملي ڪرڻ لاءِ چيو، انهن ئي ڏينهن ۾ تاجن مندرو به ميان صاحب جي علائقي مان ڀڄي اتي وڃي پناهه ورتي هئائين.

ميان نور محمد مير شاهه بلوچ کي ڪانجي جي سردار ڏانهن موڪلي کيس سمجهايو ته تاجن کي پاڻ وٽ نه رهڻ ڏي نه ته ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندئي، پر هو نه مڙيو ۽ چيائين ته مان تنهنجو ماتحت نه آهيا، منهنجو تعلق ڪڇ جي راجا سان آهي ۽ تاجن جو ساٿ ڪهڙي به حالت ۾ نٿو ڇڏي سگهان.

ميان صاحب لاءِ اهڙي جواب کان پوءِ ٻيو ڪو رستو نه بچو هو ۽ لشڪر گڏ ڪري جنهن ۾ صاحبزادو احمد يار خان، فضل خان، عارف خان، مير متارو، تاج محمد، شيخ محمد، شاهه بهارو، مراد ڪليري، مير چاڪر، مير شاهو، بختيار کادر، کهاوڙ، مسو سامٽيو، شير بخشو، دريا خان ابڙو، شيخ شڪر الله، پور روحل کوسو ۽ بلاول شامل هو، وڃي ڪانجي قلعي جو گهيرو ڪيائين ۽ هڪڙي پاسي کان کاٽ هڻي ڀت کي بارود سان اڏائي ڇڏيائين ۽ لشڪر اندر گهڙي ڪانجي جي سپاهين کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو. نيٺ سردار پنهنجي جان بخشڻ لاءِ وڏو خزانو ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر سندس درخواست منظور نه ڪئي وئي پر پوءِ شاهه بهاري جي سفارش تي کيس جان جي امان ڏئي قيد ڪيو ويو.

نغز نامي ۾ ڪانجي جي فتح جي تاريخ باغ علي خائف هن طرح ڪڍي آهي.

هزار و صد و شصت يڪ بود کم،

رقم بر سرسال هجري ز دم.

محمد پناهه رجا ٺٽوي ڪانجي قلعي جي سوڀ وقت ميان نور محمد اڳيان هي آيت بطور تاريخ پيش ڪئي ته:

”بنصر الله ينڪر من يشاءُ“ جنهن مان ان جي فتح جي تاريخ نڪري ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org