سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :13

 

باب ڏهون

 

سنڌ ۾ غوري حڪومت

591 هه (95 ــ 1194ع ) کان 602 هه (6 ــ 1205ع)

 

هرات جي اڀرندي جبلن ۾ غور وڏو علائقو آهي، جتي گهڻيون افغاني قومون آباد آهن، جن ٻي صدي هجريءَ ۾ اسلام قبول ڪيو. محمود غزنوي غور فتح ڪري ان کي پنهنجي حڪومت جو هڪ صوبو بڻايو ۽ اتان ئي هڪ صوبيدار غور مٿان مقرر ڪيو. اها صوبيداري انهيءَ خاندان ۾ نسل در نسل هلندي رهي ۽ بهرام شاهه غزنوي جي دؤر ۾ غور جو صوبيدار قطب الدين هو. هڪ ڀيري قطب الدين ۽ بهرام شاهه ۾ ڪنهن ڳالهه تي اختلاف ٿي پيو ۽ ڳالهه وڃي جنگ تائين پهتي، انهيءَ جنگ ۾ قطب الدين مارجي ويو ۽ سندس ڀاءُ سيف الدين پنهنجي رت جو وير وٺڻ لاءِ غزني تي لشڪر چاڙهي ويو ۽ بهرام شاهه کي اتان تڙي پاڻ تخت تي چڙهي ويٺو. پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بهرام شاهه  لشڪر وٺي غزني پهتو ۽ سيف الدين کي گرفتار ڪري ڏاڍي بيدرديءَ سان قتل ڪيائين. سيف الدين جي ٽين ڀاءُ علاؤ الدين غوري کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته  رت سڙي ويس ۽  پنهنجي ٻنهي ڀائرن جو بدلو وٺڻ خاطر اچي غزني ٻاهران خيما کوڙيائين. بهرام شاهه غزنوي لالچ ڏئي کيس پوئتي موٽائڻ چاهيو پر علاؤالدين جي اندر ۾ ڀائرن جي بدلي جي باهه  ڀڙڪي رهي هئي، تنهن ڪري غزنوي مٿان بجليءَ وانگر ڪڙڪيو، بهرام شاهه اتان هندستان ڀڄي جان بچائي. علاؤالدين غزني ۾ پهچي غزنوي سلطانن جا مقبرا مسمار ڪرايا. گهر ساڙايا ۽ شهر ۾ اهڙو ڪوس ڪرايو جيڪو هفتي تائين هلندو رهيو. جنهن جي ڪري سندس لقب ”جهان سوز“ مشهور ٿيو.

علاؤالدين جهان سوز:

ترڪان غز جڏهن سلطان سنجر کي قيد ڪيو ته علاؤ الدين غور جو مستقبل ۽ خودمختيار بادشاهه بڻجي ويو ۽ بحرام کي غزني کان ڪڍي ان تي به قبضو ڪري ويٺو. هو خاندان غوري جو پهريون بادشاهه هو، سندس وفات 57 ــ 1156ع ۾ ٿي.

سيف الدين ثاني:

علاؤ الدين جي وفات کان پوءِ سندس پٽ سيف الدين تخت تي ويٺو. ڏيڍ سال کن حڪومت مس ڪيائين ته هڪ جنگ ۾ ترڪان غز جي هٿان مارجي ويو.

غياث الدين غوري:

58 ـ 1157ع ۾ علاؤ الدين جو ڀائٽيو شمس الدين بن بهاءُ الدين سام تخت جو وارث بڻيو. سندس لقب غياث الدين هو. شهاب الدين جيڪو ان وقت باميان ۾ هو، کي پنهنجي ڀاءُ جي تخت نشيني جي خبر پئي ته انهيءَ مهل فيروز ڪوه اچي نڪتو، ٻنهي ڀائرن ۾ ڏاڍي محبت هئي، تنهن ڪري هر ڪو ٻنهي کي ملڪ جو بادشاهه  سمجهندو هو. تڏهن به شهاب الدين پنهنجي ڀاءُ غياث الدين جو ڏاڍو ادب ۽ احترام ڪندو هو ۽ سندس هر حڪم تي ڪنڌ جهڪائيندو هو. ٻنهي ڀائرن گڏجي ڪري بغاوتن جي پاڙ پٽي ۽ ملڪ کي مستحڪم ڪيو. جڏهن هر طرف امن قائم ٿي ويو ته غياث الدين پنهنجي ڀاءُ شهاب الدين کي تگين آباد ۽ گرمسير جو والي ڪيو. سلطان شهاب الدين تگين آباد کان بار بار غزني تي حملا ڪندو رهيو، جتي ترڪان غز جو قبضو هو. آخر تاريخ مبارڪ شاهي مطابق 74 ــ 1173ع  تي غزني کي فتح ڪري بادشاهت جو تاج پنهنجي ڀاءُ غياث الدين جي سر تي رکيائين ۽ ان معزالدين جو لقب اختيار ڪيو. ٻئي ڀاءُ الڳ الڳ بادشاهي ڪندا رهيا پر شهاب الدين پوءِ به ادب ۽ احترام کي هٿان وڃڻ نه ڏنو.

سلطان غياث الدين 3 ــ 1202ع تائين حڪومت ڪري وفات ڪري ويو، ۽ فيروز ڪوهه ۾ شهاب الدين غوري حڪومت سنڀالي.

سلطان شهاب الدين غوري:

ملتان جي فتح: سلطان شهاب الدين پنهنجي ڀاءُ جي زندگي ۾ جڏهن غزني جو حاڪم هيو ته 76 ــ 1175ع ۾ اچ ۽ ملتان فتح ڪري چڪو هو ۽ اتي پنهنجي هڪ سپهه سالار علي ڪرماخ کي گورنر ڪري پاڻ غزني موٽي آيو.

سنڌ جي سوڀ:

انهيءَ دؤر ۾ سلطان شهاب الدين پنهنجي هڪ فوجي جرنيل قطب الدين ايبڪ کي لشڪر سان گڏ سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ موڪليو. قطب الدين ايبڪ سنڌ  کي ٽن مهينن اندر فتح ڪري ۽ سنڌ جون واڳون سيف الملوڪ کي ڏئي پاڻ دهلي هليو آيو.

ساڳي ئي دؤر ۾ سلطان شهاب الدين غوري وڏو ڪٽڪ گڏ ڪري هندستان تي ڪاهي آيو ۽ ڪيترائي شهر ۽ قلعا قبضي هيٺ آڻي دهلي کي فتح ڪيائين. دهلي کي ماڻن کان پوءِ قطب الدين ايبڪ کي پنهنجو نائب بڻائي پاڻ خراسان ۾ اچي حڪومت ڪرڻ لڳو. اتي پنهنجي ڀاءُ غياث الدين جي موت جي خبر پيس ته جلدي غزني پهتو ۽ حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ڪري پنهنجي ڀائٽين ۽ مائٽن کي خراسان، ايران ۽ افغانستان جي حاڪم جي ڪرسي تي ويهاريو. جيئن ته ان وقت خوارزم شاهين ۽ غورين ۾ جهيڙو هلندڙ هو ۽ خوارزم شاهين غياث الدين جي مرڻ جي خبر ٻڌي غورين تي حملا شروع ڪري ڏنا. هڪ جنگ ۾ ته انهن سلطان شهاب الدين کي ڏاڍو نقصان پهچايو ۽ هن کي مجبور ٿي پنهنجي تخت گاهه فيروز ڪوه ڏانهن موٽڻو پيو. انهيءَ وچ ۾ شيطان سفت ماڻهن افواهه ڦيلائي ڇڏي ته سلطان دنيا ڇڏي چڪو آهي.انهيءَ جو فائدو وٺي شورش پکيڙيندڙن ۽ ملاحدن بغاوت کڙي ڪري ڇڏي. 5 ــ 1204ع ۾ سلطان شهاب الدين خوارزم شاهين سان ويڙهه اڌ ۾ ڇڏي ملتان اچي نڪتو ۽ بغاوت ٽوڙي باغين کي سخت سزائون ڏنائين. اتان  پنجاب جي اتر ۽ اولهندي ضلعن ڏانهن گهگهڙن ۽ کوکرن تي اچي ڪڙڪيو، کين چڱي طرح سيکت ڏئي ۽ امن امان قائم ڪري غزني موٽيو. موٽڻ وقت جڏهن هو پنجاب جي ضلعي جهلم جي ڳوٺ دميڪ وٽ ترسيو ته سندس لشڪر ۾ لڪيل ملاحدن شاهي تنبو ۾ گهڙي سلطان شهاب الدين کي 3 شعبان 602 هه (1206ع) ۾ شهيد ڪري وڌو. ان وقت سنڌ ۽ گجرات کان وٺي بنگال ۽ آسام تائين مسلمانن جو قبضو هو.

 

باب يارهون

 

سنڌ ۾ خاندان غلامان جي حڪومت

قطب الدين ايبڪ

602 هه (6 ــ 1205ع) کان 607 هه (11 ـ 1210ع)

 

سلطان شهاب الدين غوري جي وفات کان پوءِ هندستان جو غزني سان تعلق ختم ٿي ويو ۽ هتي خاندان غلامان جي آزادي ۽ خود مختيار حڪومت قائم ٿي، جنهن جو قطب الدين ايبڪ پهريون بادشاهه هو.

سلطان شهاب الدين کي ڪائي اولاد نه هئي،  تنهن ڪري ان پنهنجي غلامن جي پرورش پنهنجي ٻچن وانگ ڪئي، جيڪي سندس شهادت کان پوءِ بادشاهه بنيا. تن ۾ قطب الدين ايبڪ لاهور، تاج الدين بلدوز غزني ۽ ناصر الدين قباچو سنڌ ۽ ملتان جي تخت تي ويٺو.

سلطان شهاب الدين جي ڀائٽيي سلطان محمود جيڪو فيروز ڪوه ۾ تخت نشين هو، قطب الدين ڏانهن هڪ ۽ سهڻي سروپاءَ ۽ فرمان موڪليائين، جنهن ۾ کيس هندستان جي حڪومت حوالي ڪري سلطان جي لقب سان سرفراز ڪيائين. اهڙي طرح قطب الدين ايبڪ ذوالقعد 602هه ۾ هندستان اچي هڪ خودمختيار ۽ آزاد حڪومت جو بنياد وڌو. ساڳي طرح تاج الدين يلدوز کي غزني جي حڪومت ملي.

قطب الدين سنڌ ۽ هندستان تي 607 هه تائين حڪومت ڪئي ۽ انهيءَ سال پولو کيڏندي گهوڙي تان ڪري پيو ۽ گذاري ويو.

 

ناصر الدين قباچو:

قطب الدين جي شادي تاج الدين يلدوز جي ڌيءَ سان ٿي هئي ۽ قطب الدين جون ٻه ڌيئرون ناصر الدين قباچي ۽ پنهنجي غلام شمس الدين التمش کي ڏنل هيون.

تاريخ فرشتي جي ٻي جلد ۾ آهي ته ناصر الدين قباچو سلطان شهاب الدين غوري جو تمام بهادر ۽ ذهين غلام هو، سلطان شهاب الدين جي خدمت ۾ رهي ڪري هن بادشاهي جا اصول ۽ آداب سکيا. جڏهن اچ جو امير گذاري ويو ته سلطان شهاب الدين اچ جي حڪومت ناصر الدين قباچي جي حوالي ڪئي ۽ کيس قطب الدين ايبڪ جي فرمان جو پابند بڻايو. قطب الدين، ناصر الدين کي پنهنجون ٻه ڌيئرون  هڪٻئي مٿان نڪاح ۾ ڏنيون.

ناصر الدين جو سنڌ ۽ ملتان تي مستقل قبضو:

سلطان قطب الدين ايبڪ جي مرڻ کان پوءِ اميرن وزيرن (11 ــ 1210ع) ۾ سندس پٽ آرام شاهه کي دهلي جي تخت تي ويهاريو پر ان کي حڪومت هلائڻ جو ڍنگ نه هو. انهيءَ زماني ۾ ناصر الدين قباچي سنڌ ۽ ملتان جي بچيل علائقي تي  به قبضو ڪري پنهنجي آزادي جو اعلان ڪري پاڻ کي سلطان سڏرائڻ لڳو ۽ سنڌ ۽ ملتان ۾ پنهنجو سڪو ۽ خطبو جاري ڪرايائين.

غزني کان تاج الدين يلدوز ڪيترا دفعا سنڌ  ڏانهن فوجون موڪليون پر نامراد موٽي ويون.

طبقات ناصري ۾ آهي ته سلطان قطب الدين جي وفات کان پوءِ 11 ــ 1210ع ۾ ناصر الدين اچ ۽ ملتان تي چڙهائي ڪئي. ملتان کان پوءِ هندستان ديبل ۽ سنڌ جي شهرن، ڳوٺن ۽ قلعن تي قبضو ڪري پنهنجو خطبو پڙهايو ۽ تاج الدين يلدوز جي غزني فوجن کي ڪيترائي عالم فاضل ۽ ڏاها ناصر الدين جي درٻار سان واڳيل رهيا ۽ انعام ۽ اڪرام جا حقدار بڻجندا رهيا. (طبقات ناصري ــ ص 57 ـ 56)

آرام شاهه جي اکڙائپ  هندستاني حڪومت جا چار ڀاڱا ڪري ڇڏيا. بنگال ۾ حسام الدين عوض آزاد ٿي ويٺو. تاج الدين يلدوز غزني ۽ پوري پنجاب تي قبضو ڪري ورتو. سنڌ ۽ ملتان ۾ ناصر الدين قباچي پنهنجو خطبو پڙهايو، باقي وڃي آگرو ۽ اودهه آرام شاهه جي هٿن ۾ رهيو. اميرن وزيرن ملڪ جو اهڙو حال ڏسي بدايون جي امير شمس الدين التمش کي آرام شاهه جي جاءِ تي تخت تي ويهاريو. آرام شاهه جي صرف هڪ سال حڪومت رهي.

 

شمس الدين التمش

607 هه (11 ـ 1210ع)

قطب الدين ايبڪ جو غلام ۽ ڄاٽو شمس الدين التمش 11 ــ 1210ع ۾ دهلي جو تخت سنڀاليندي ئي پنجاب تي قبضي ڪرڻ جو سوچڻ لڳو ــ اڃا هو سوچي ئي رهيو هو ته پنجاب کان تاج الدين لشڪر ڪاهي اچي دهلي تي حملو ڪيو پر التمش جي تلوار ناڪام ڪري ڇڏيس ۽ پوءِ بدايون جي جيل ۾  لوڙي مري ويو.

18 ــ 1217ع ۾ ناصر الدين پنجاب تي حملو ڪري لاهور تي قبضو ڪري ورتو ۽ سرهند تائين وڃي پهتو پر التمش کيس اڳيان اچي ملتان طرف ڀڄائي ڇڏيو. 22 ــ 1221ع ۾ سلطان جلال الدين خوارزم، چنگيز خان کان هار کائي پنهنجا گهوڙا سنڌو درياءَ ٽپائي اچي ناصر الدين ۽ التمش کان مدد گهريائين پر ٻنهي کيس جواب ڏنو ۽ هو مايوس ٿي واپس ويندي اچ شهر کي باهه ڏيندو ۽ ناصر الدين قباچي جي شهرن ۽ ڳوٺن کي برباد ڪندو ڪيچ ۽ مڪران رستي عراق وڃي نڪتو.

ملتان تي مغلن جو حملو:

چنگيز خان جو پٽ چغتائي خان مغلن جو هڪ ڪٽڪ وٺي ملتان کي اچي گهيرو ڪيائين، ملتان جي حاڪم مقابلي ڪرڻ بدران عافيت ان ۾ سمجهي ته قلعي جا دروازا مضبوطيءَ سان بند ڪري ويهي رهجي. مغل چاليهن ڏينهن تائين ملتان مٿان ويٺا رهيا پر ناصر الدين سياڻپ اها ڪئي جو شهر جي ماڻهن تي خوب خرچ ڪيو ۽ انهن ڏينهن ۾ کين عيش  ۽ آرام پهچايو. مغل آخر طويل گهيري کان تنگ ٿي ڪيچ ۽ مڪران هليا ويا.

ملڪ خان خلجي جو سيوستان تي قبضو:

27 ــ 1226ع ملڪ خان خلجي منصوره جي علائقي ۽ سيوستان جي شهرن تي قبضو ڪيو ته ناصر الدين قباچو سندس مقابلي لاءِ پهتو، ٻنهي فوجن جون تلوارون پاڻ ۾ ٽڪرايون ۽ ملڪ خان خلجي انهن تلوارن جو  کاڄ بڻجي ويو. ناصر الدين فتح جا جهنڊا لهرائيندو ملتان ۽ اچ ۾ موٽي آيو.

شيخ بهاءُ الدين زڪريا جي حمايت التمش جي حق ۾:

سلطان ناصر الدين قباچو۽ سلطان شمس الدين التمش هڪٻئي جا دشمن هئا. ملتان تي ناصر الدين جو قبضو هو ۽ ملتان ۾ رهندڙ بزرگ ۽ ولي شيخ بهاءُ الدين زڪريا وري سلطان شمس الدين التمش جي نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ کان ڏاڍو متاٿر هو. تنهن ڪري ملتان ۾ التمش جي وڌندڙ اثر ناصر الدين کي شيخ بهاءُ الدين تي ڪاوڙائي وڌو. جيئن ته ان وقت ملتان جو قاضي مولانا شرف الدين اسفهاني به شيخ صاحب جو پوئلڳ هو، تنهن ڪري ٻنهي گڏجي ڪري سلطان التمش کي قباچي جي پرڪارن جي خطن  ذريعي سڌ ڏني. اهي اتفاق سان قباچي جي  ماڻهن جي هٿ چڙهي ويا، قباچي جڏهن اهي خط پڙهيا ته شيخ ۽ قاضيءَ تي ڏمرجي پيو. ٻنهي کي پنهنجي درٻار ۾ گهرائي شيخ صاحب کي پنهنجي ساڄي هٿ کان ۽ قاضي شرف الدين کي سامهون ويهاريائين ۽ پوءِ پهريون خط قاضيءَ کي ڏئي چيائين ته ”هي خط تنهنجو آهي؟“ قاضي جواب ڏيڻ بدران خاموش رهيو ۽ قباچي جي اشاري سان جلاد قاضي شرف الدين کي شهيد ڪري ڇيو. وري شيخ بهاءُ الدين زڪريا کي پنهنجو خط ڏنو ويو ۽ شيخ صاحب وڏي سڪون ۽ اطمينان سان خط پڙهي ڪري بهادريءَ سان چيو ”ها هي منهنجو خط آهي ۽ مان الله جي حڪم سان لکيو آهي ۽ بلڪل صحيح لکيو آهي.“ اهو ٻڌي ڪري قباچو ڏڪي ويو ۽ شيخ صاحب کان معافي گهري وڏي ادب ۽ احترام سان موڪلايو.

التمش جي سنڌ ۽ ملتان تي ڪاهه:

1229ع ۾ سلطان التمش، ناصر الدين قباچي کي ڪچلڻ لاءِ سنڌ ۽ ملتان تي فوج چاڙهي آيو، ناصر الدين کي جڏهن خبر پئي ته بکر  ڀڄي ويو ۽ پنهنجي وزير عين الملڪ حسين اشعري کي حڪم ڏنائين ته قلعي اچ جو سمورو خزانو بکر پهچائي.

سلطانالتمش پهريان لشڪر سان گڏ ٻن سردارن ملڪ عزالدين محمد ۽ ڪزلخان کي اچ موڪليو ۽ پوءِ پاڻ اچي هڪ مهيني تائين اچ جو گهيرو ڪريون ويٺو رهيو. اتان پنهنجي وزير نظام الملڪ محمد بن اسعد کي ناصر الدين جي پويان موڪليو. نظام الملڪ بکر جو گهيرو ڪري اچ موٽي آيو ۽ التمش کيس اچ جي زمينداري سونپي دهلي هليو آيو. نظام الملڪ ٻن مهينن جي لاڳيتي گهيري کان پوءِ 27 جمادي الثاني 625 هه (1228ع) تي اچ جو قلعو فتح ڪري ورتو.


 

ناصر الدين جو زوال:

فرشتي مطابق جڏهن نظام الملڪ اچ کان پوءِ بکر جو گهيرو ڪيو ته ناصر الدين کي هاڻي ٻي ڪا واهه نظر نه آئي ۽ پنهنجي مائٽن سان گڏ هيرا موتي ۽ ڌن دولت کڻي ڪنهن ٻيٽ ڏانهن نڪتو پر رستي ۾ ئي سندس  ٻيڙي اونڌي ٿي پئي ۽ هو  ٻڏي مري ويو، جڏهن ته ٻيون ٻيڙيون پنهنجي منزل تائين پهتيون. طبقات ناصري ۾ وري آهي ته، هن اچ جي فتح جي خبر ٻڌي درياءُ ۾ ٽپو ڏئي انت آندو. ناصر الدين ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي پٽ ملڪ علاؤ الدين بهرام شاهه کي سلطان التمش جي خدمت ۾ موڪليو هو ناصر الدين ٽوٽل ٻاويهه سال سنڌ ۽ ملتان تي حڪومت ڪئي. سندس مرڻ کان پوءِ سڄو خزانو سلطان التمش ڏانهن اماڻيو ويو ۽ سلطان ديبل کان وٺي  سڄو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪري پنهنجا عامل مقرر ڪيا.

ديبل جي والي ملڪ سنان الدين جي اطاعت:

ملڪ سنان الدين حبش جيڪو ان وقت ديبل جو والي هو، سلطان التمش اڳيان اطاعت جو ڪنڌ جهڪائي پاڻ کي سلطان سان ڳنڍي ڇڏيو.

ناصر الدين قباچي جا علمي ڪارناما:

قباچي جو دؤر علم جي حوالي سان سنڌ جو سنهري دؤر ڳڻيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته گهگرن جي ظلمن ۽ مغلن جي ڪاهن جي ڪري اولهه پنجاب جو رستو خطري کان خالي نه هو،  تنهن ڪري ترڪستان، افغانستان ۽ خراسان کان اچڻ وارن ملتان جو رستو ورتو ۽ جيڪي به عالم، فاضل ۽ صوفي ان زماني ۾ هندستان آيا تن کي اچ وٽان ئي گذرڻو پيو. ڪيترائي سادات گهراڻا به هتان گذريا ۽ هي علائقو علمي مرڪز بڻجي ويو. انهن عالمن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.

 

مولانا قطب الدين ڪاشاني:

مولانا قطب الدين وقت جو وڏو جيد  عالم هو، هو جڏهن هتي آيو ته ناصر الين سندس لاءِ ملتان ۾ وڏو مدرسو ٺهرايو.

سنڌ جي پهرين تاريخ جو هٿ اچڻ:

ناصرالدين جي دؤر ۾ علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي کي، الور ۽ بکر جي هڪ ڏتڙيل عرب خاندان جي هڪ بزرگ قاضي اسماعيل بن علي بن محمد طائي وٽان عربي ۾ لکيل هڪ تاريخ ”منهاج المسالڪ“ (تاريخ سنڌ ۽ هند) هٿ آئي. قاضي صاحب الور جي قاضي موسيٰ بن يعقوب جو پڙپوٽو هو، جيڪو محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ آيو هو ۽ محمد بن قاسم کيس الور جو قاضي ڪري رکيو. اها بکر ۽ الور جي قضات سندن نسل ۾ هلندي پئي آئي.

علي بن حامد ڪوفي تاريخ منهاج المسالڪ جو 1216ع ۾ اچ ۾ فارسي ترجمو ڪيو ۽ ان جو نالو ”چچنامو“ رکيائين. چچنامو سنڌ جي پهرين اسلامي تاريخ آهي، جنهن مان اسان کي عربن جي ڪاميابين جي خبر پوي ٿي.

قاضي منهاج الدين سراج:

طبقات ناصري جو ليکڪ قاضي منهاج الدين سراج غزني جي بربادي کان پوءِ 624هه ۾ اچ اچي قباچي جي درٻار ۾ مٿانهون مقام ماڻيائين ۽ مشهور مدرسو فيروزي سنڀاليائين، اچ قلعي جي  فتح کان پوءِ هو سلطان التمش جي درٻار سان لاڳاپجي ويو. سندس مشهور ڪتاب ”طبقات ناصري“ 1844ع ۾ ڪلڪتي  کان شايع ٿيو ۽ ان جو انگريزي ترجمو ريورٽي ڪيو.

 

سيد بدرالدين عوفي:

بخارا جو رهندڙ سيد بدرالدين سنڌ ۽ گجرات تائين سفر ڪيو. غزنوي دؤر جي فارسي شاعرن تي لکيل ڪتاب ”لب الالباب“ ان جو آهي.

نور الدين محمد عوفي:

”جامع الحڪايات“ جو مصنف نور الدين محمد عوفي به قباچي جي درٻار سان سلهاڙيل هو، هن مٿيون ڪتاب 1112ع ۾ لکي ناصر الدين قباچي جو نالو هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيو. ان ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو دارالمصنفين اعظم ڳڙهه ۾ موجود آهي.

عين الملڪ اشعري:

عين الملڪ اشعري قباچي جو وزير ۽ وڏو عالم هو. سندس علم ۽ ادب پروري ڪيترن عالمن ۽ شاعرن کي قباچي جي درٻار ڏانهن ڇڪي آئي.

امير ڪبير سيد قطب الدين مدني:

حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جو ڀائٽيو امير ڪبير سيد قطب الدين مدني، ناصر الدين قباچي جي زماني ۾ جهاد جي ارادي سان سنڌ پهتو ۽ پوءِ هتان دهلي وڄي قطب الدين ايبڪ کي پنهنجو مريد ڪيائين. امير ڪبير اودهه ۾ ڪڙهه فتح ڪيو ۽ اتي 34 ــ 1133ع ۾ الله کي پيارو ٿي ويو.

سيد حامد سنڌي:

سيد حامد سنڌي پنهنجي دؤر جو ناليوارو عالم هو. پاڻ سيد امير ڪبير قطب الدين جي ملفوظات کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ڏنائين. انهيءَ ڪتاب ۾ امير ڪبير جي سنڌ ۾ اچڻ ۽ هندستان ۾ جهاد ڪرڻ جا واقعات بيان ٿيل آهن.

سيد محمد مڪي بکري:

بکر جي رضوي خاندان جو وارث سيد محمد مڪي بکري جا وڏا يمن جي حاڪم گهراڻي مان هئا ۽ سيد محمد اتان جهاد ڪارڻ ٽن هزار سوارن سان گڏ ناصر الدين قباچي جي دؤر ۾ بکر آيو. اچ ۾ سندن مزار مبارڪ هر عام ۽ خاص جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.

سيد محمد مڪي جي اولاد مان سيد شمس الدين ۽ سيد ماه مشهور بزرگ گذريا آهن. سيد شمس، بهاءُ الدين زڪريا ملتاني کان باطني فيض ورتو ۽ سلطان ناصر الدين محمود  بن التمش جي زماني ۾ جهونسي (الہ آباد) ويا جتي سندن محنت سان ڪيترائي هندو مسلمان ٿيا. انهن جو پٽ شاهه تقي الدين به وڏو بزرگ هو.

سيد محمد مڪي جي اولاد مان سيد مير محمد ثاني بکري سياحت خاطر جونپور ويو ۽ اتي مخدوم شيخ منجي شطاري جي ڌي سان شاديءَ ڪيائين. سندن مزار جونپور جي ڳوٺ ڪمالپور ۾ آهي.

 

سنڌ ۾ خاندان غلامان جي دؤر جا گورنر

نظام الملڪ:

مٿي اچي چڪو آهي ته سلطان التمش جي وزير نظام الملڪ 625 هه (28 ــ 1227)  ۾ قباچي کان سنڌ ۽ ملتان جي حڪومت کسي التمش پاران گورنر مقرر ٿيو. نظام سڄي سنڌ جو دورو ڪري ماڻهن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪيو ۽ انهن شهرن کي ٻيهر ٺهرايو جيڪي جلال الدين ويندي برباد ڪندو ويو پهريان سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ اچ هو پر پوءِ التمش جي حڪم تي بکر کي  ڪيو ويو. 630 هه ۾ مالوهه فتح ڪرڻ کان پوءِ سلطان التمش، نظام الملڪ کي واپس گهرايو.

نورالدين محمود:

نظام الملڪ جي موٽڻ کان پوءِ سلطان التمش 630 هه (33 ــ 1232ع) ۾ نور الدين محمود کي سنڌ جو گورنر ڪيو. 663 هه ۾ سلطان التمش لاڏاڻو ڪيو ۽ سندس پٽ رڪن الدين فيروز شاهه تخت تي ويٺو ته سمورو خزانو عيش عشرت ۽ تماشي ۾ لٽائي ملڪي معاملا پنهنجي ماءُ جيڪا هڪ ترڪي ڪنيز هئي، جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيائين. اميرن وزيرن اهڙو حال ڏسي التمش جي وڏي ڌي رضيه سلطانه کي تخت تي ويهاريو. رضيه سلطانه وڏي بهادر ۽ سياڻي سيبتي عورت هئي، جنهن دهلي جي تخت تي ويهي سنڌ کان وٺي برهم پترا تائين پکڙيل ملڪ کي وڏي نيڪنامي سان هلايو.

سلطان شهاب الدين جيتوڻيڪ پنهنجي زماني ۾ قرامطين جي پاڙ پٽي چڪو هو پر پوءِ به انهن جي ڳجهي ڪارروائي جاري هئي ۽ رضيه سلطانه جي دؤر ۾ انور ترڪ نالي شخص سنڌ مان وڃي دهلي پهتو ۽ اتي جامع مسجد ٻاهران پنهنجي پوئلڳن کي گڏ ڪري  حنفي ۽ شافعي  فقه جي عالمن کي گاريون ڏيڻ لڳو. آخر امير ناصر الدين ايتم ــ انهن ملاحدن جو منهن کٽو ڪيو.

رضيه سلطانه طويل عرصي تائين حڪومت ڪندي رهي پر جڏهن جمال الدين ياقوت کي امير الامراءَ جو عهدو ڏنائين ته ترڪ ۽ افغان امير ڪاوڙجي ڪري بغاوت تي لهي آيا ۽ لاهور جي صوبيدار ملڪ اعزالدين بغاوت ڪري  وڌي. رضيه سلطانه ان بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ لاهور ڏانهن وڌي ته ملڪ اعز الدين معافي جي درخواست ڪئي ۽ رضيه سلطان واپس دهلي موٽي آئي. انهيءَ ڏينهن ۾ ڀٽنڊي جي والي، جمال الدين ياقوت جي اڳراين کان تنگ ٿي بغاوت ڪئي ته رضيه ياقوت سان گڏ اوڏانهن ڪاهه ڪرڻ لاءِ نڪتي پر ٻين اميرن وجهه وٺي ياقوت کي ماري وڌو ۽ رضيه سلطان کي گرفتار ڪري ملڪ التونيه ڏانهن موڪليو. ان بعد دهلي جي تخت تي سلطان التمش جي پٽ معزالدين بهرام شاهه کي تخت تي ويهاريو ويو. هوڏانهن ملڪ التونيه رضيه سان شادي ڪئي ۽ ٻئي زال مڙس هندو جاٽن ۽ گهگهڙن جو وڏو ڪٽڪ وٺي اچي دهلي تي چڙهائي ڪئي. سلطان معز الدين به پنهنجن فوجن سان گڏ ڪيٿل ويجهو پهتو. ٻنهي ۾ زورن جي جنگ لڳي پر رضيه سلطان ۽ ملڪ التونيه مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ ڀاڄ کاڌائون. واپس ويندي هڪ ڳوٺ ۾ هارين هٿان ٻئي مارجي ويا.

رضيه سلطانه کان پوءِ معز الدين بهرام شاهه 27 رمضان 637 (40 ــ 1239ع) تي دهلي ۾ تخت نشيني جون رسمون ادا ڪيون پر ٿوري ئي وقت ۾ سڀ سردار کانئس بدظن ٿي پيا. انهيءَ وچ ۾ مغلن لاهور تي قبضو ڪري شهرين جو ڪوس ڪيو. 18 ذوالقعد 639 هه تي بهرام شاهه پنهنجي باغي سردارن هٿان ٻه  سال، هڪ مهينو ۽ پندرهن ڏينهن حڪومت ڪري مارجي ويو. بهرام شاهه کان پوءِ انهن سردارن رڪن الدين فيروز شاهه جي پٽ علاؤ الدين مسعود کي قيد مان ڪڍي تخت تي ويهاريو. ان وقت سلطان التمش جي درٻار جي هڪ امير ملڪ اعز الدين بلبن دهلي تي قبضو ڪرڻ چاهيو پر درٻاري اميرن ۽ سردارن فيصلو ڪري اجمير، ناگور (مارواڙ) جنهن ۾ سنڌ به شامل هئي جاگير طور کيس ڏئي ڇڏيا.

منڪوتا جو ملتان ۽ اچ تي حملو:

سلطان مسعود جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان پوءِ 643 هه (1242ع) ۾ منڪوتا نالي مغل لشڪر وٺي اچي اچ ۽ ملتان تي ڪڙڪيو. سلطان مسعود کي معلوم ٿيو ته سڀني صوبن کان فوجون گهرائي وڏي ڪٽڪ سان مغلن جي مقابلي لاءِ نڪتو. اڃا هو بياس درياءُ جي ڪپ تي پهتو ته مغل سندس لشڪر جي دٻدٻي ۽ جلال کان ڊڄي خراسان ڀڄي ويا ۽ سلطان مسعود سوڀارو ٿيندي بکر پهتو. ”طبقات ناصري“ جو ليکڪ منهاج سراج به ان سفر ۾ ساڻس گڏ هو.

جلال الدين:

سلطان مسعود بکر پهچي نورالدين محمد کي سنڌ جي گورنريءَ جي ڪرسي تان لاهي جلال الدين کي ويهاريو. اتي سڀئي انتظام سنواري دهلي موٽيو ته رستي ۾ ملتان وٽ ڪجهه نوجوانن سلطان تائين رسائي حاصل ڪري ورتي. سلطان هاڻي گهڻو وقت شراب خوريءَ ۾ گذارڻ لڳو، جنهن جي ڪري ملڪ جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو. اميرن مشيرن سندس چاچي ناصرالدين محمود بن التمش جيڪو ان وقت بهڙائچ جو گورنر ۽ ڏاڍو ڪم وارو ماڻهو هو، جي سر تي سلطنت جو تاج رکيائون، جڏهن ته سلطان مسعود کي جيل ڀيڙو ڪري ڇڏيائون.

سلطان سنجر ۽ قتلغ خان ملتان ۽ سيوهڻ جي گورنريءَ تي:

25 محرم 644 هه (1246ع) تي فيروزه ۾ سلطان ناصر الدين تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي پرهيزگاري، خدا ترسي ۽ ڪردار ڪري شهرت ماڻي. 22 شوال 649هه تي هو اچ کان ٿيندو سنڌ پهتو ۽ اتي بکر کان وٺي ملتان جي مٿئين حصي تي سلطان سنجر خان ۽ ديبل کان بکر تائين قتلغ خان کي گورنر مقرر ڪيو. قتلغ جي گادي جو هنڌ سيوهڻ هو. سلطان پوءِ دهلي موٽي آيو.

ملڪ اعز الدين بزرگ سنڌ ۾:

648 هه ۾ سلطان ناصر الدين، ملڪ اعز الدين بلبن بزرگ کي سندس جاگير سنڌ موڪليو، 649 هه بلبن بزرگ جڏهن بغاوت ڪئي ته سلطان ناصر الدين ملتان جي والي ملڪ شير خان کي سندس بغاوت ڪچلڻ جو حڪم ڏنو. ملڪ شير خان اچي اچ کي گهيرو ڪيو ۽ بلبن بزرگ نيٺ آڻ مڃي قلعو ملڪ شير جي حوالي ڪري ڇڏيو.

انهيءَ دؤر ۾ سنڌين بغاوت ڪري ملڪ شير خان کي شڪست ڏني. ناصر الدين دهلي مان نڪري بياس درياءُ وٽ اچي لٿو ۽ ارسلان خان کي سنڌ جون واڳون ڏئي پاڻ واپس موٽي ويو. 651 هه کان پوءِ سنڌ ملڪ اعز الدين بلبن جي حوالي ٿي، جنهن جو نالو طبقات ناصري ۽ تاريخ مبارڪ شاهي ۾ ڪشلو خان به لکيل آهي.

655 هه (58 ــ 1257ع) ۾ گورنر سنڌ بلبن بزرگ، قتلغ خان ۽ ٻين سردارن کي پاڻ سان ملائي بغاوت ڪئي. سلطان ناصر الدين الع خان لشڪر سان گڏ بغاوت ڪچلڻ لاءِ موڪليو.ان وچ ۾ دهلي جي شيخ الاسلام سي قطب الدين، قاضي شمس الدين ۽ ٻين چڱن مڙسن قتلغ خان ۽ بلبن بزرگ کي ڳجها خط پٽ لکي کين دهلي تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ چيو. انهن خطن جي خبر الغ خان کي پئي، جنهن سڄو احوال سلطان ناصر الدين کي لکيو ۽ گذارش ڪئي ته خط لکندڙن کي پنهنجن پنهنجن جاگيرن ڏانهن ڀيڙو ڪيو وڃي ته جيئن فساد وڌيڪ نه وڌي. سلطان ناصر الدين خط ملندي ئي انهن مان ڪن کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ ڪن کي پنهنجي علائقن ڏانهن اماڻي ڇڏيو. پر اهي خط بلبن بزرگ ۽ قتلغ خان کي ملي چُڪا هئا، تنهن ڪري ٻئي ٻه سؤ ميل فاصلو ٻن ڏينهن  ۾ طئي ڪري اچي لشڪر سان گڏ دهلي پهتا. پر هيڏانهن سلطان ناصر الدين ته ڦاٽ ڦاٽڻ کان پوءِ اڳ ۾ ئي بندوبست ڪري ڇڏيا هئا، تنهن ڪري ٻنهي کي جڏهن انهيءَ راز جي خبر پئي ته موٽي وڃڻ ۾ ئي پنهنجي چڱائي سمجهيائون.

11 جمادي الاول 655 هه الغ خان ڪاميابي ماڻي موٽيو. بلبن بزرگ سنڌ پهچي الغ خان وسيلي سلطان ناصر الدين کان  معافي گهري. سلطان کيس معاف ڪري سنڌ جي گورنريءَ تي قائم رکيو.

انهيءَ سال جي پڇاڙيءَ ۾ تاتاري مغلن خراسان کان اچي وري ملتان تي ڪاهه ڪئي، سلطان ناصر الدين به سندن مقابلي لاءِ وڏي ڪٽڪ سان ملتان طرف وڌيو، جنهن جي خبر ٻڌي مغل موٽي ويا.

سلطان ناصر الدين 664 هه (66 ـ 1265ع) تي لاڏاڻو ڪري ويو.

 

سلطان غياث الدين بلبن

664 هه (66 ــ 1265ع)

سلطان ناصر الدين جي وفات کان پوءِ 3 جمادي الاول 664 هه تي اميرن مشيرن سلطان غياث الدين کي حڪومت جي ڪرسي تي ويهاريو، جيڪو اصل ۾ سلطان التمش جو هڪ ترڪي غلام هو ۽ کانئس ئي سلطنت هلائڻ جا گر سکيا هئا. سلطان غياث الدين ويهن سالن تائين مختلف صوبن جي گورنري هلائي چُڪو هو ۽ سلطان ناصر الدين جو وزير به رهي ڪري الخ خان جو لقب ماڻي چُڪو هو. سلطان غياث الدين بلبن ڏاڍو پرهيزگار، عقلمند ۽ ڏاهو بادشاهه هو.

 

سنڌ ۾ بلبن جي دؤر جا گورنر

 

خان شهيد:

سلطان غياث الدين بلبن جڏهن بادشاهت جو تاج پنهنجي مٿي تي رکيو ته ان وقت ملتان جو گورنر سندس سؤٽ هو، جيڪو ملتان ۽ پنجاب تي مغلن جي حملن کي وڏي بهادريءَ سان ٽاريندو رهيو. ان جي وفات کان پوءِ بلبن پنهنجي وڏي پٽ سلطان محمد کي جيڪو پنهنجي شهادت کان پوءِ خان شهيد جي لقب سان مشهور ٿيو، ملتان ۽ سنڌ جو گورنر ڪيو.

خان شهيد تمام نيڪ، متقي ۽ بهادر انسان هو ۽  عالمن، صوفين ۽ درويشن سان ڏاڍي لڳندي هيس. هن جو گهڻو وقت شيخ بهاءُ الدين زڪريا ۽ شيخ فريد الدين گنج شڪر جي صحبت ۾ گذرندو هو. 1280ع تي امير خسرو سندس درٻار ۾ داخل ٿيو ۽ پنجن سالن تائين ملتان ۾ رهيو. امير حسن سجزي به خان شهيد جي نوڪري ڪئي. سنڌ جو ناليوارو صوفي شيخ عثمان مروندي لعل شهباز قلندر جڏهن ملتان آيو ته خان شهيد کين وڏي ادب ۽ احترام سان پيش آيو ۽ سندن خدمت ۾ سوکڙيون پاکڙيون رکي ملتان ۾ رهڻ لاءِ زور ڀريو، پر حضرت شهباز قلندر ڪنهن سبب ڪري ملتان ۾ رهڻ مناسب نه سمجهيو.

خان شهيد جي علم دوستيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ شيخ سعدي رحه کي گهرائڻ لاءِ ٻه ڀيرا ماڻهو اوٽ موٽ خرچ سوڌي شيراز موڪليو. هن جي وڏي خواهش هئي ته شيخ سعدي هتي اچي ۽ مان ان لاءِ وڏي خانقاهه ٺهرائي خرچ پکي جو بندوبست ڪريان. پر شيخ سعدي پنهنجي ٻڍڙائپ ڪري هتي نه اچي سگهيو ۽ پنهنجي هٿن سان  لکيل شعرن جون ٻه ڊائريون موڪليائين ۽ لکيائين ته تنهنجي درٻار ۾ امير خسرو جو وجود ئي وڏو آهي.

خان شهيد جي شهادت:

683 يا 684هه (1284ع) ۾ چنگيز خان، قتلغ خان ۽ تيمور کي لشڪر ۽ هٿيارن پنهوارن سان گڏ هندستان موڪليو. جڏهن اهو لشڪر لاهور جي حدن ۾ پهتو ته خان شهيد ٽيهه هزار سوارن سان وڌي ڪري مقابلو ڪيو. ٻنهي لشڪرن جون تلوارون بجليءَ وانگر ٽڪرايون. تاريخ فيروز شاهي ۾ آهي ته جنگ ۾ ملتان جا وڏا وڏا سردار شهيد ٿيا ۽ سلطان محمد خان پاڻ به ان جنگ ۾ شهادت جو جام پيتو. انهيءَ ويڙهه ۾ امير خسرو تاتارين هٿان قيد ٿيو ۽ پوءِ وڏي مشڪل سان کيس ڇوٽڪارو مليو. ملتان جا ايترا ماڻهو ان جنگ جو کاڄ بڻيا جو هر گهر ۾ ماتم مچيل هو.

ڪيخسرو:

خان شهيدجي شهادت بعد سلطان بلبن سندس پٽ ڪيخسرو کي ملتان ۽ سنڌ جي گورنري ڏني پر بلبن پاڻ خان شهيد جي شهادت جو صدمو نه سهي سگهيو ۽ جلد الله کي پيارو ٿي ويو. خان شهيد جي وفات تي مؤرخن مطابق خان شهيد جي درٻاري شاعر امير خسرو ڏاڍو ڏکوئيندڙ مرثيو لکيو هو جيڪو سلطان بلبن ٻڌڻ کان پوءِ بيمار ٿي گذاري ويو. جنهن جا ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا.

 

واقعہ ست اين يا بلا از آسمان آمد پديد،

آفت ست اين ياقيامت در جهان آمد پديد،

راه در بنياد عالم داد سيل فتنہ را،

مجلس ياران پريشان شد چو برگ گل ز باد،

رخنہ کا مسال در هندوستان آمد پديد،

برگ ريزي گوئي اندر بوستان آمد پديد،

بسکہ آب چشم خلقي شد  روان در چار سو،

پنج آبي ديگر اندر مولتان آمد پديد.

 

سلطان معز الدين ڪيقباد:

جنهن وقت سلطان غياث الدين بلبن جي وفات ٿي ان وقت سلطان جو پٽ ناصر الدين بغرا خان  بنگال ۾ هو، تنهن ڪري اميرن وزيرن ناصر الدين جي پٽ معز الدين ڪيقباد جيڪو اتي موجود هو، کي دهليءَ جي تخت تي ويهاريو. سترهن سالن جو ڪيقباد لاپرواهه هجڻ ڪري سلطنت جا سڀ ڪم ڪار سردارن ۽ صلاحڪارن جي حوالي ڪري پاڻ مزا ماڻن ۾ لڳي ويو.

 

ملتان جي گورنر ڪيخسرو جو قتل:

ڪيقباد جي درٻارجي چالاڪ ۽ امير ملڪ شمس الدين جڏهن ڏٺو ته ڪيقباد جي مدهوشي ۽ عياشي ملڪ کي جلدي ٻوڙيندي ۽ ان کانپوءِ ملتان جو گورنر ڪيخسرو ئي سڄي ملڪ جو مالڪ بڻجندو ۽ مان محروم رهجي ويندس، تنهن ڪري ان کي ختم ڪرڻ جي صلاح  سوچي ڪيقباد وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين ته سرڪار! توهان جي مقابلي ۾ صرف ڪيخسرو ئي آهي جنهن کي امير وزير پسند ڪن ٿا ۽ کيس توهان جي ڪرسي تي ويهارڻ جون رٿون  رٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اوهان ان کي ڪنهن بهاني سان ملتان کان گهرائي رستي ۾ ئي ختم ڪرائي ڇڏيو ته اوهان جي ڪرسي هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندي. ڪيقباد، ڪيخسرو ڏانهن حاضر ٿيڻ جو فرمان جاري ڪيو. جيئن ئي هو رهتڪ وٽ پهتو ته اڳ ۾ ئي  تاڙ ۾ ويٺل ماڻهن حملو ڪري کيس قتل ڪري وڌو.

سنڌ ۾ خاندان غلامان تي تبصرو:

غلام بادشاه دهلي ۾ 602 هه (6 ــ 1205ع) کان وٺي 686 هه (88 ــ 1287ع) تائين حڪومت ڪئي. سندن حڪومت واري عرصي ۾ سنڌ تي چنگيزي مغل ڪاهيندا رهيا پر کين ڪنهن وڏي لٽ مار جو وجهه نه مليو. ها جڏهن جلال الدين خوازمي سنڌ وٽان لنگهيو ته ڪي ئي شهر برباد ڪيائين، جن کي نظام الملڪ ٻيهر آباد ڪيو. انهن حملن غلام بادشاهن کي سنڌ   جي صنعت ۽ زراعت ۾ گهڻا سڌارا آڻڻ ته نه ڏنا باقي فوجي حالت چڱي ٿي. انهن جي دؤر ۾ سنڌ جا صوبا ۽ انهن جا الڳ الڳ امير مقرر  ٿيا، جن کي اختيار ڏنا ويا. پهريون سنڌ جي گادي جو هنڌ بکر هو ۽ سيوهن کي ثانوي حيثيت حاصل هئي پر 649 هه ۾ سلطان ناصر الدين محمود سنڌ کي ٻن صوبن ۾ ورهائي ٻنهي جو الڳ الڳ گورنر مقرر ڪيو. ان هڪ صوبو بکر کان وٺي  سيوهڻ تائن قائم ڪري ان جو تختگاهه بکر کي بڻايو ۽ ٻئي  صوبي ۾ سيوهڻ کان سمنڊ ۽ لاڙ جو علائقو شامل هو ۽ ان جو دارالحڪومت سيوهڻ هو.

بلبن جي دؤر ۾ سنڌ ۽ پنجاب جو تختگاهه ملتان هو جيڪو  ان وقت علم ۽ تبليغ جو وڏو مرڪز سمجهيو ويندو هو. خان شهيد جي زماني ۾ ملتان وڏي ترقي ڪئي ۽ سڄو عدالتي نظام قاضين جي هٿ هيٺ رهيو.

خاندان غلامان جي دؤر ۾ قرامطين جو ڏچو به جاري رهيو ۽ انهن سازشن رضيه سلطانه جي وقت ۾ فتني جي صورت به اختيار ڪئي.

تاتارين جي حملن سنڌ ۾ ان وقت واپار کي جيتوڻيڪ وڌڻ نه ڏنو پر پوءِ به ترڪستان ۽ غزني کان تجارتي قافلا ايندا رهيا. سامونڊي رستي عرب سان واسطا قائم رهيا. ادريسي جو بيان آهي ته ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌ مان لونگ، ڪارا مرچ، آبنوس، ڪافور، ناريل، ريشمي ڪپڙو، مشڪ، گهوڙن جون رينون ۽ ترارون عدن وينديون هيون. بحري واپار خشڪي کان وڌيڪ ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو زميني رستو جن وڏن اسلامي علم، تهذيب، تمدن ۽ تجارت جي مرڪزن سان ڳنڍيل هو تن ۾ هرات، خيوا، سمرقند، بخارا، مرو، بصره، بغداد ۽ دمش شامل هئا. انهن  کي تاتارين برباد ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري سامونڊي رستو ئي صرف محفوظ هو، جنهن ذريعي سنڌ جا واپاري غرناطا ۽ اوڀر ۾ چين تائين پهتا غلام سلاطين جي دؤر ۾ مسافر خانا ٺاهيا ويا ۽ ٽپال جو جوڳو انتظام ڪيو ويو. سڪن تي عربي ۽  هندي عبارت لکيل هوندي هئي. انهيءَ دؤر ۾ هر شهر ۾ مدرسا قائم ڪيا ويا ۽ عراق ۽ خراسان جا عالم تاتارين جي حملن ڪري هميشه لاءِ سنڌ ۾ رهڻ لڳا.

مشهور سياح ابن بطوطه جيڪو اٺين صدي هجريءَ ۾ سنڌ آيو ان جو چوڻ آهي ته مان بکر ۽ سيوهڻ ۾ شيراز، بغداد ۽ مصر جا عالم ۽ ڏاها ڏٺا.

غلام بادشاهه عالمن، فقيهن ۽ صوفين جي صحبت کي پسند ڪندا هئا. سندن درٻار شاعرن ۽فنڪارن (فن جي ماهرن) سان ڀري پئي هوندي هئي. ناصر الدين ۽ غياث الدين بلبن پاڻ به علم جي وڏي پرک رکندڙ هئا. سنڌ جو  گورنر خان شهيد علم ۽ عالمن جو وڏو پارکو ۽ عاشق هو. پاڻ به چڱي پهچ وارو انسان هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org