سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :54

 

سنڌ ۾ مسلم ليگي وزارت:

اهڙي طرح سنڌ صوبي ۾ پهرين مسلم ليگي وزارت قائم ٿي ۽ ورهاڱي تائين اها قائم رهي.

سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ٿيڻ:

قائداعظم جي سنڌ جي سياست ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ ڪري سڀ کان پهريان پاڪستان جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو. مسلم ليگي ميمبر جي ايم سيد 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هيٺيون ٺهراءُ پيش ڪيو.

”مان هن ايوان سامهون هي ٺهراءُ پيش ڪرڻ آيو آهيان ته هي اسيمبلي سنڌ  سرڪار طرفان  وائسراءِ هند جي وسيلي بادشاهه  سلامت کي هن صوبي جي مسلمانن جي جذبات ۽ خواهشات کان آگاهه ڪري ته، جيئن ته هندستان جا مسلمان هڪ الڳ قوم آهن، جن کي الڳ مذهب، فلسفو، سماجي رسمون، ادب روايات، سياسي ۽ اقتصادي نظريات آهن، انهيءَ لاءِ اهي حق بجانب آهن ته هو هڪ الڳ قوم آهن. هو هندن کان بلڪل مختلف آهن. مسلمانن کي اتي پنهنجي جدا آزاد قومي رياست هجي، جتي اهي هندستان جي اڪثريتي علائقن ۾ آباد آهن. انهيءَ لاءِ هو ظاهر ڪرڻ چاهن ٿا ته انهن کي اهڙو ڪو به آئين قبول نه هوندو، جنهن ۾ مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت تحت ٻي قوم جي زير اثر رکيو وڃي. . . . . . انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته انهن کي پنهنجي ڌار قومي رياست هجي، جيڪڏهن مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت تحت رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ته حڪومت انهيءَ لاءِ زمينوار رهندي، جنهن جو نتيجو خانه جنگي بي گوو ڪفن وانگر هوندو.

سنڌ اسيمبليءَ جو اهو تاريخي فيصلو پاڪستان جي آزاديءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. اهو ٺهراءُ 23 مارچ 1940ع واري ٺهراءَ جي حمايت ۾ هو ۽ لاهور واري آل انڊيا مسلم ليگ جي جلسي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي انهيءَ قدم کي وڏو ساراهيو ويو ۽ ٻين صوبن کي به انهيءَ فيصلي جي پيروي ڪرڻ لاءِ چيو ويو.

سنڌ جي باري ۾ قائداعظم جا ڪلمات:

24 ڊسمبر 1943ع ۾ مسلم ليگ جو ايڪٽيهون سالانو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو. جهنڊو چاڙهڻ مهل قائداعظم سنڌ ۽ ڪراچي  واسين لاءِ جيڪي لفظ چيا اهي فخر ڪرڻ جهڙا آهن. فرمايائون ته:

جيڪڏهن اسان پاڻ کي متحد رکنداسين ته پنهنجو مقصد ضرور ماڻينداسين. انهيءَ مقصد لاءِ سنڌ کي وڏو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ڪراچي پاڪستان جو دروازو آهي. پاڪستان ۾ سنڌ، پنجاب، اتر اولهندو صوبو ۽ بلوچستان شامل ٿيندو.

13 جون 1943ع ۾ صوبائي مسلم ليگ ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ قائداعظم صاحب به موجود هو. ان  ۾ جناب جي ايم سيد کي اتفاق راءِ سان صوبائي مسلم ليگ سنڌ جو صدر چونڊيو ويو. 20 سيپٽمبر 1945ع ۾ قائداعظم جي دعوت تي سيد ميران محمد شاهه مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيو.

سنڌ مسلم  ڪاليج جو افتتاح:

21 جون 1943ع تي قائداعظم ڪراچي ۾ سنڌ مسلم ڪاليج جو افتتاح ڪندي فرمايو ته هي هڪ وڏو احسان جوڳو عمل آهي، خدا پير الاهي بخش کي ڪامياب ڪري. سنڌ مسلم  ڪاليج جي پهرين بورڊ جا ميمبر سر غلام حسين هدايت الله، خان بهادر کهڙو، يوسف هارون، حاتم علوي، پير الاهي بخش جڏهن ته صدر پير الاهي بخش هو.

سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن (21 جنوري 1946ع):

21 جنوري 1946ع ۾ سنڌ صوبائي  اسيمبليءَ جي اليڪشن ٿي، جنهن ۾ 35 مسلم سيٽون هيون. سڄو نتيجو هن طرح هو.

مسلم ليگ: 27 مسلم سيٽون

جي ايم سيد گروپ: 4 مسلم سيٽون.

قومپرست 4 مسلم سيٽون

ڪانگريس گروپ 21 مسلم سيٽون

يورپين اميدوار: 3 سيٽون

مزدور  سيٽ: 1

اهڙيءَ طرح مسلم ليگ سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت سان کٽي آئي، جنهن جو اڳواڻ سر غلام حسين هدايت الله هو. مولانا آزاد ۽ سردار پٽيل جي صلاح سان ڪانگريس سيد گروپ کي پاڻ سان ملائي جي ايم  سيد کي پنهنجو ليڊر ڪيو پر گورنر مسلم ليگ جي سر غلام حسين کي ئي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. حڪومت ٺهي، ڪانگريس ڪيترائي ڀيرا عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهي، روز روز جي ڦڏن کان تنگ ٿي نيٺ گورنر اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي.

سنڌ اسيمبلي جي ٻيهر اليڪشن (9 ڊسمبر 1946ع):

9 ڊسمبر 1946ع ۾ ٻيهر اليڪشن ٿي ۽ هن ڀيري مسلم ليگ 35 سيٽون ئي کٽي ورتيون، جنهن ۾ جي ايم سيد جي سيٽ به شامل هئي، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ مسلم ليگ جي مضبوط حڪومت قائم ٿي وئي.

عبدالستار پيرزادي جو چوڻ آهي ته قائداعظم جو سنڌ جي سياست ۾ دلچسپي  وٺڻ اسان جي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي منظوري:

1946ع ۾ سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي سنڌ يونيورسٽيءَ جي منظوري ڏني. 1947ع ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي.

پاڪستان جو ٺهڻ:

14 آگسٽ 1947ع ۾ ڀاڳ ڀري صبح جو قائداعظم جي اڳواڻيءَ ۾ آزادي لاءِ نڪتل قافلي پنهنجي منزل ماڻي ورتي ۽ انهيءَ خواب کي جيڪو شاهه ولي الله، سيد احمد شهيد، شاهه اسماعيل شهيد، مولانا محمد علي جوهر، ۽ علامه اقبال ڏٺو هو. پاڪستان جي صورت ۾ تعبير عطا ڪئي.

پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل:

11 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان دستور ساز اسيمبلي جو اجلاس مسٽر جوگندر ناٿ منڊل جي عارضي صدارت ۾ ٿيو. ايوان قائداعظم کي گورنر جنرل ۽ لياقت علي خان کي وزيراعظم چونڊيو  سنڌ جو پهريون وزيراعليٰ خان بهادر ايوب کهڙو ٿيو.

آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جي ڪردار ۽ قائداعظم جي سنڌ جي سياست ۾ دلچسپي ڪري ئي ڪراچي کي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ ٿيڻ جو اعزاز حاصل ٿيو.

سنڌ جا مسلم ليگي ليڊر

سنڌ جا مسلم ليگي ليڊر ته تمام گهڻا آهن پر مک اڳواڻن ۾ هيٺيان اچن ٿا. هز هاءِ نس سر آغا خان ٽيون جيڪو مسلم ليگ جي بنياد وجهندڙن مان هو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، حاجي عبدالله هارون، جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جان محمد جوڻيجو، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، سر غلام حسين هدايت الله، قاضي فضل ۽ جناب مولا بخش سومرو، اسان هتي اهم اڳواڻن جو تعارف ڏيون ٿا.

هز هاءِ نس سر آغا خان ٽيون

اسماعيلي فرقي جو روحاني پيشوا سر آغا خان ٽيون 2 نومبر 1877ع تي ڪراچي ۾ ڄائو. اٺن سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ آغا علي شاهه آغا خان ٻين جو جانشين بڻيو. پنهنجي پيءُ وانگر سر آغا خان کي به ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي ڀلائي سان تمام گهڻي دلچسپي هئي ان ڪري هند جي وائسراءِ لارڊ ڪرزن 1903ع ۾ کيس امپيريل ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو.

هو سر سيد جي علي ڳڙهه تحريڪ جو وڏو حمايتي هو ۽ مسلم يونيورسٽيءَ جي قائم ڪرڻ ۾ سندس اهم خدمتون آهن.

سر آغا خان قائداعظم جي تمام ويجهو رهيو. گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي پر زور وڪالت ڪيائين. 1936ع ۾ جڏهن هو يورپ کان موٽيو ته مسلمانن سر غلام حسين هدايت الله جي اڳواڻيءَ ۾ کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ ڪراچي جي عيد گاهه واري ميدان ۾ آغا خان جامع مسجد ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. سر آغا خان مسجد لاءِ ڏهن لکن جي وڏي رقم جو اعلان ڪندي مسجد جو نالو فاتح سنڌ جي نالي تي محمد مسجد چونڊيو.

مسٽر جي الانا صاحب مون کي ٻڌايو ته ان جي باوجود به اهو منصوبو پورو نه ٿي  سگهيو.

سر آغا خان مسلمانن جي ۽ خاص طور تي سنڌ جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيو. آزادي جي تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو.

 

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سنڌ جي انهن عظيم هستين مان آهي، جنهن جو آزادي جي تاريخ ۾ نالو هميشه عزت سان ورتو ويندو. هو ڪانگريس ۾ ان وقت شريڪ ٿيو، جڏهن سنڌ جا وڏيرا ڪانگريس جي نالي کان به ڏڪندا هئا، رئيس غلام محمد تمام سچو ۽ کرو انسان هو. پاڻ مسلمانن جي ڀلائي لاءِ اٿندڙ هر تحريڪ ۾ پوءِ اها خلافت تحريڪ هجي يا ڪابل هجرت جي تحريڪ، ريشمي رومال تحريڪ هجي يا ڪا ٻي تحريڪ، هر ڪنهن ۾ اڳيان اڳيان رهيو.

رئيس غلام محمد جي زندگيءَ جي هر گهڙي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي جدوجهد ۾ گذري. سندس وڏا ديري غازي خان جي ڀور ڳڙهه ڳوٺ مان سنڌ لڏي آيا ۽ پاڻ کي بلوچن مان سڏرائيندا هئا.

رئيس غلام محمد جي پيءُ جو نالو رئيس ولي محمد هو. تعلقي جيمس آباد، حيدراباد ۾ رئيس غلام محمد جي ولادت ٿي ۽ قرآن شريف ۽ فارسي جي تعليم گهر ۾ ئي حاصل ڪيائين. پوءِ سنڌ مدرسي ۾ موڪليو ويو ۽ علي ڳڙهه مان مئٽرڪ پاس ڪري زمينداري جي ڪمن ۾ لڳي ويو. 1908ع ۾ انگلينڊ کان بئريسٽري جي ڊگري وٺي حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1909ع تي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو.

1909ع ۾ هو سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. اتي سنڌ جي تعليم جي واڌاري لاءِ مسلمان زميندارن جي آمدني جي هڪ روپئي مان هڪ پيسو فنڊ وٺڻ جو بل پيش ڪيائين. بل جي سيٺ هر چند  حمايت ڪئي. باقي ڪن مفاد پرست وڏيرن مخالفت ڪئي، جنهن کي حڪومت بهانو بڻائي بل کي پاسيرو ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته حڪومت ڪانگريس جي اثر کي وڌائڻ نه پئي چاهيو، جيڪو بل جي پاس ٿيڻ سان سامهون اچي ها.

فيبروري 1920ع ۾ بمبئي آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جي صدارت لاءِ رئيس غلام محمد جي چونڊ ٿي ۽ ان ۾ سندس پڙهيل خطبو تاريخي حيثيت رکي ٿو.

31 مارچ 1923ع ۾ لکنؤ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت  ڀرڳڙي صاحب ڪئي ۽ ڏاڍو پر مغز صدارتي خطبو پڙهيائين. خطبي ۾ وزيراعظم انگلستان لائڊ جارج جي مسلم آزاد پاليسيءَ جو ذڪر هو.

سنڌ جي صحافت ۾ به ڀرڳڙي صاحب جو اهم ڪردار آهي. ”اخبار الامين“ جو سڄو خرچ پاڻ ڀريندو هو، اخبار ”سنڌ واسي“ جي اشاعت ۾ به مدد ڪندو هو. ان کان علاوه غريب شاگردن کي وظيفا ڏئي پڙهيائين.

پاڻ زميندار ايسوسيئيشن جو باني هو. 1918ع تي سنڌ ۾ مسلم ليگ جي شاخ سڀ کان اڳ رئيس ڀرڳڙي کولي. حيدراباد ڪاليج  کي ڪامياب ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ رهيو. مطلب ته سنڌ جي ڀلائي واري هر  ميدان ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سڀ کان اڳڀرو هوندو هو.

سندس ويجهن دوستن ۾ غلام علي الانا صاحب، نور محمد وڪيل، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جيٺمل پرسرام، جيرام داس دولت رام شامل آهن، جڏهن ته سياسي سنگتين ۾ غلام علي ڇاگلا، قائد اعظم محمد علي جناح، راجا صاحب محمود آباد ۽ سيٺ هرچند راءِ هئا.

رئيس غلام محمد  ڀرڳڙي نمونيا ۾ مبتلا ٿي 9 مارچ 1924ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

 

حاجي سر عبدالله هارون

رئيس غلام محمد کانپوءِ سنڌ جي سياسي ميدان ۾ جيڪو شهسوار آيو اهو سر حاجي عبدالله هارون آهي. جنهن آزاديءَ جي جدوجهد ۽ تحريڪ جي ڪمن ۾ پاڻي وانگر پنهنجو پيسو وهايو. هو بنيادي طور تي هڪ وڏو واپاري هو. 1872ع تي هڪ ميمڻ گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي محنت ۽ همت سان ڪاروبار ۾ ترقي ڪيائين ۽ انهيءَ پيسي کي فلاحي ڪمن ۾ خرچ ڪيائين. حاجي عبدالله هارون 1901ع ۾ سياست ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ مختلف جلسن ۾ شريڪ ٿيو.

انجمن هلال احمر:

1911ع طرابلس واري جنگ مهل ترڪن جي مدد لاءِ هندستان ۾ هلال احمر ذريعي چندي جي مهم شروع ٿي ته سنڌ ۾ هلال احمر جو صدر ايوب علي خان ۽ سيڪريٽري، خزانچي سر عبدالله هارون کي ڪيو ويو. آڪٽوبر 1913ع تائين هو چندو گڏ ڪري موڪليندا رهيا.

خلافت ڪميٽي:

1919ع ۾ سر عبدالله هارون کي خلاف ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ پير جهنڊي وارن جي صدارت هيٺ ٿيندڙ خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بمبئي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي صدارت ۾ ٿي ان ۾ شامل ٿيو ۽ مولانا شوڪت علي جي پيش ڪيل تجويز جي تائيد به ڪيائين، جنهن ۾ چيو ويو هو ته خلافت تحريڪ لاءِ هڪ وفد يورپ موڪليو وڃي، جنهن لاءِ ٽي لک گڏ ڪيا وڃن.

سنڌ پراونشل ڪانگريس جي صدارت:

سر عبدالله هارون 5 ۽ 6 اپريل تي ڪوٺايل سنڌ پراونشل ڪانگريس جي صدارت ڪئي.

آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جي صدارت:

1928ع ۾ آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو.

انهيءَ سال سنڌي ۽ انگريزي جون روزاني اخبارون جاري ڪيائين.

1930ع ۾ آل انڊيا مسلم  تنظيم ڪانفرنس الهه آباد جي صدارت ڪيائين.

سنڌ ۾ مسلم ليگ جي تنظيم سازي:

سر عبدالله هارون جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته پاڻ اتحادپارٽي کي ڇڏي ڪري مسلم ليگ جي تنظيم سازي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ گهر گهر تائين مسلم ليگ جو آواز پهچايو. 1938ع ۾ جڏهن مرڪزي اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ شريڪ ٿي ته سر عبدالله هارون ان جو ميمبر ٿيو ۽ آخر تائين مسلم ليگ سان سلهاڙيل رهيو. 1939ع ۾ صوبائي سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو.

سکر جي مسجد منزل گاهه وارو معاملو هجي يا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي وارو. هن هر مسئلي ۾ سنڌ جي مسلمانن جو ساٿ ڏنو. مسلم ليگ ٺهڻ کان پوءِ سر عبدالله هارون کي ان ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل هئي.

آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر:

1940ع ۾ سندس خدمتن کي ڏسندي سر عبدالله هارون کي آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر کنيو ويو.

27 اپريل 1942ع ۾ سر عبدالله هارون دل جو دورو پوڻ ڪري هن فاني دنيا کي الوداع چئي هليو ويو. ان جي خالي پيل جاءِ تي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سندس پٽ يوسف هارون کي بنا ڪنهن مخالفت جي کنيو ويو.

خان بهادر الحاج محمد ايوب خان کهڙو

سنڌ جي جن سياستدانن کي شهرت ۽ سڃاڻپ ملي انهن ۾ خان بهادر محمد ايوب کهڙو پڻ هڪ آهي. خان بهادر مختلف تحريڪن ۾ حصو ورتو ۽ تڪليفون سٺيون. شروع ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن سنڌ جو ميمبر رهيو ۽ پوءِ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ آخر تائين ان سان ساٿ نڀائيندو رهيو. پاڻ ڪڏهن به ذاتي مفادن خاطر مسلم ليگ کي نقصان نه رسايائين. سندس سيرت ۾ ڪي اوڻايون ضرور هيون پر پوءِ به هن هر موقعي تي مسلم ليگ سان نينهن نڀايو. توڙي اهو ون يونٽ وارو واقعو ئي ڇو نه هجي، جڏهن سڀ ميمبر پارٽي بدلي ريپبلڪن پارٽي جا ساٿاري وڃي ٿيا.

ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي مخالفت ۾ به هو، اڳيان اڳيان هو پر پوءِ به مسلم ليگ کي نه ڇڏيائين.

اهو صحيح آهي ته محمد ايوب کهڙي پنهنجي سياسي مخالفن کي ڪچليو ۽ ون يونٽ ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي. ڪن سياستدانن مطابق هو مسلم ليگ جي فرقي پرست سياست جو حصو ٿي ويو هو. انهن سڀني ڳالهين جو فيصلو اسان ايندڙ مستقبل جي مؤرخن تي ڇڏيون ٿا.

سنڌ جا هندو ساڙ ڪري کيس اورنگزيب سڏيندا هئا. اسان جي خيال ۾ اهو لقب ايوب کهڙي جي نظرياتي سياست ۽ مسلم دوستيءَ جو ثبوت آهي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي قوم پرستيءَ جون هوائون هلڻ لڳيون، انهن جو ڪجهه اثر خان بهادر ايوب کهڙي تي به ٿيو پر ڪهڙو انسان سڀني عيبن کان پاڪ آهي!

خان بهادر جو والد ميان شاهه محمد کهڙي لاڙڪاڻي جي عاقل ڳوٺ جو وڏو زميندار هو ۽ کيس چار پٽ خان بهادر محمد ايوب خان، حاجي محمد مراد خان، محمد نواز خان ۽ ميان علي گوهر خان هئا.

خان بهادر ايوب کهڙو 1901ع ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، ڇهين درجي تائين لاڙڪاڻي ۾ پڙهي سنڌ مدرسي هليو ويو. مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ اتي ڪجهه وقت رهي ڪري پوءِ پڙهڻ ڇڏي پنهنجي زمينداري کي سنڀالڻ لڳو.

1923ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو لاڙڪاڻي مان ميمبرچونڊيو ويو ۽ سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ تائين ان جو ميمبر رهيو.

1926ع ۾ سنڌ محمڊن ايسوسيئيشن جو ميمبر ٿيو. سنڌ زميندار اخبار جو مينجنگ ڊائريڪٽ رهيو، جيڪا آغا نظر علي ۽ پير علي محمد راشدي ڪڍندو هو. هو گهڻي وقت تائين، بمبئي يونيورسٽي سينيٽ جو ميمبر به رهيو.

سنڌ جي بمبئي کان آزادي واري تحريڪ شروع ٿي ته کهڙي صاحب ”اسٽوري آف سفرنگ آف سنڌ“ ڪتاب لکي ڇپرايو.

1929ع ۾ پاڻ سائمن ڪميشن ۽ سنڌ فنانشيئل انڪوائري ڪميشن سامهون سنڌ جو ڪيس ڀرپور دليلن سان پيش ڪيائين.

1936ع ۾ سنڌ جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ هڪ سال واري انتظامي ڪائونسل جو کيس ميمبر مقرر ڪيو ويو.

1939ع ۾ جي ايم سيد وزارت ڇڏي ته ايوب کهڙو مسلم ليگ جو ليڊر ٿيو ۽ 1942ع تائين رهيو سر غلام حسين هدايت الله مسلم ليگ ۾ آيو ته پوءِ ان کي ليڊر ڪيو ويو.

جنهن وقت حاجي عبدالله هارون سنڌ مسلم ليگ جو صدر ٿيو ته ان سان گڏجي ڪري ايوب کهڙي مسلم ليگ کي مقبول بڻائڻ ۾ وڏي ڪوشش ڪئي.

مسجد منزل گاهه واري معاملي ۾ خان بهادر کي پنهنجي ڳوٺ عاقل ۾ نظربند ڪيو ويو.

جولاءِ 1942ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. آزادي جي جدوجهد وقت محمد ايوب کهڙي انگريزن کي ”خان بهادر“ جو خطب واپس ڪيو ته گورنر سندس وزارت ٽوڙي ڇڏي.

14 مئي 1943ع تي الله بخش سومري کي شهيد ڪيو ويو ۽ ان الزام هيٺ ايوب کهڙي کي 26 سيپٽمبر 1944ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. يارهن مهينن تائين ڪيس هليو ۽ 3 آگسٽ 1945ع ۾ سندس ڪيس مان جند ڇٽي.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ:

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مودي جي جاءِ تي سر غلام حسين هدايت الله کي گورنر ڪيو ويو ۽ محمد ايوب کهڙي سنڌجي وزارت سنڀالي 1948ع ۾ کهڙي جي وزارت ختم ڪري ان تي پروڊا تحت ڪيس هلايو ويو ۽ کيس سزا ڏني ويئي، جنهن وقت قاضي فضل الله سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو ان وقت کهڙي کي آسٽريليا ۾ نمائندو ڪري رکيو ويو.

ون يونٽ:

1954ع ۾ اولهه پاڪستان جي سڀني صوبن کي ملائي ڪري ون يونٽ ٺاهڻ جي رٿ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي وئي ۽ چيو وڃي ٿو ته ان وقت جي وزيراعليٰ محمد ايوب کهڙي رٿ پاس ڪرائڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو ۽ رٿ پاس ڪرائي ورتي. پير علي محمد راشدي صاحب به ان ۾ پيش پيش هو. جي ايم سيد مطابق قاضي محمد اڪبر به ون يونٽ جو حمايتي هو.

پر جڏهن ون يونٽ ٺهي ويو ته پاڻ سنڌ مسلم ليگ ذريعي ان خلاف آواز اٿاريائين ۽ 1957ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل جي ڍاڪا واري اجلاس ۾ ون يونٽ خلاف ٺهراءُ به پيش ڪيائين پر منظور نه ٿي سگهيو ۽ نتيجي طور هن مسلم ليگ سان اٺاويهه سال پراڻو تعلق ٽوڙي ڇڏيو.

قاضي فضل الله

قاضي فضل الله پٽ ميان عبدالله سنڌ جي جهونن سياستدانن مان هو. هو 15 جنوري 1902ع ۾ لاڙڪاڻي جي نوشهري ڳوٺ ۾ ڄائو. 1920ع ۾ سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ ڪيائين ۽ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ علي ڳڙهه ڪاليج ويو. خلافت تحريڪ مهل علي ڳڙهه جو بائيڪاٽ ڪري جامعه مليه اسلاميا  دهلي ۾ داخلا وٺڻ وارن شاگردن ۾ هو به هو.

1921ع ۾ مولانا جوهر جي حڪم سان تعليم ڇڏي قاضي فضل الله خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. 1923ع ۾ خلافت تحريڪ جو  زور ٽٽڻ بعد حيدرآباد جي نيشنل ڪاليج ۽ پوءِ ڊي جي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. 1927ع ۾ بي اي ڪري شهاڻي لا ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳو، جتان 1929ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين.

قاضي فضل الله 1931ع تي لاڙڪاڻي مان وڪالت جي شروعات ڪئي ۽  پوءِ شڪارپور ۾ محمد حنيف صديقي سان وڪالت ڪندو رهيو.

سياست ۾ اچڻ:

1939ع ۾ لاڙڪاڻي اسڪول بورڊ جو صدر ٿيو. 1944ع ۾ لاڙڪاڻي جي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1945ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي لوڪل بورڊ جو صدر ڪيو ويو.

1946ع ۾ گورنر مودي سنڌ اسيمبلي ٽوڙي نئين اليڪشن ڪرائي ته قاضي فضل الله به ميمبر چونڊجي آيو. مودي جي پنجاب وڃڻ کان پوءِ گورنر سر غلام حسين ۽ وڏ وزارت کهڙي صاحب سنڀالي ته ان جي وزارت ۾ قاضي فضل الله صوبائي وزير ٿيو.

8 مئي 1950ع ۾ يوسف هارون جي آسٽريليا ۾ هاءِ ڪمشنر ٿيڻ وقت قاضي فضل الله کي سنڌ جو وڏو وزير ڪيو ويو. انهيءَ وزارت ۾ مير غلام علي ٽالپر، سيد ميران محمد شاهه ۽ آغا غلام نبي وزير هئا.

جڏهن محمد ايوب کهڙي صاحب جي ڪيس مان جان ڇٽي ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو ته قاضي فضل الله کي گهرو وزارت جو قلمدان ڏنو ويو.

1953ع ۾ سنڌ  اسيمبليءَ جي اليڪشن ٿي پر قاضي صاحب قانوني پيچيدگين ڪري ميمبر نه چونڊجي سگهيو.

مرڪزي حڪومت مير غلام علي ٽالپور جي مدد سان پيرزادي عبدالستار کي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي ۽ ان وزارت ۾ قاضي صاحب جي ڀاڻيجي قاضي عبدالمنان کي وزير بڻايو ويو ۽ سندس پاڻ کي لوڪل سيلف گورنمينٽ جي ايڪٽ ۾ ترميمي ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ڪري رکيو ويو.

9 نومبر 1945ع ۾ سنڌ کي ون يونٽ سان ڳنڍڻ جي انڪار کان پوءِ گورنر جنرل غلام محمد، پيرزادي جي حڪومت کي ختم ڪري ايوب کي وزيراعليٰ بڻايو.

21 جون 1955ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اليڪشن ٿي ته اليڪشن واري ڏينهن ئي قاضي فصل الله کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي ڪري هو هارائي ويو.

1955ع ۾ ون يونٽ ٺهي ويو ته اولهه پاڪستان جي اسيمبلي لاءِ ٺٽي ۽ لاڙڪاڻي مان قاضي صاحب کي ميمبر چونڊيو ويو. ڊاڪٽر خان صاحب جڏهن اولهه پاڪستان جو وزيراعليٰ ٿيو ته ان جي ڪابينا ۾ قاضي فضل الله آبپاشيءَ جو وزير هو ۽ 1958ع تائين رهيو.

8 آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا لڳو ته قاضي فضل الله لاڙڪاڻي ۾ اچي ٻيهر وڪالت شروع ڪئي ۽ پنهنجي زمينداري سنڀالڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org