سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :7

 

حجاج کي خوشخبري ٻڌائڻ:

راوڙ جي فتح مهل تمام گهڻو مال ملڪيت مسلمانن جي هٿ آيو، جنهن ۾ ڏاهر جي ڀاڻيجي حسنا به هئي. محمد بن قاسم مال غنيمت جو پنجون حصو، قيدي ۽ راجا ڏاهر جو سر ڪعب بن مخارق رابسي جي هٿ حجاج ڏانهن شوال 93 هه ۾ عراق اماڻيو. حجاج قاصد پهچڻ شرط خدا جو شڪر ادا ڪيو. ڪوفي جي جامع مسجد ۾ کين سنڌ جي سوڀ جي خوشخبري ٻڌائي ۽ کين جهاد جي رغبت ڏياري. پوءِ ڏاهر جو سر، سندس ڀاڻيجي حسنا، شاهي ڇٽ ۽ ٻيون شيون دمشق خليفي وليد بن عبدالملڪ ڏانهن موڪليون، خليفو خبر ٻڌندي ئي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ ڏاهر جي ڀاڻيجي حسنا کي پاڻ لاءِ پسند  ڪيائين، پر عبدالله بن عباس نڪاح جي خواهش ڏيکاري ته ان تي راضي ٿي ويو. عبدالله حسنا سان شادي ڪئي پر ان مان ڪا به اولاد نه ٿيس.

برهمڻ آباد تي ڪاهه:

راوڙ فتح ڪري شوال 93 (712ع) تي محمد بن قاسم برهمڻ آباد طرف نڪري پيو، رستي ۾ بهرور قلعو آيو، جنهن ۾ 16 هزار سپاهين سندس مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ٻن مهينن تائين جنگ جاري رهي. محمد بن قاسم جي حڪم مطابق ڪجهه سپاهي ڏينهن جو وڙهندا رهيا ۽ ڪجهه رات جو منجنيقن سان پٿر وسائيندا رهيا، جنهن سان قلعي وارن کي وڏو نقصان رسيو ۽ قلعي جون ڀتيون مختلف هنڌن تان ڊهي پيون ۽ مسلمانن اندر داخل ٿي قبضو ڪري ورتو. ان قلعي مان مسلمانن کي مال غنيمت ۾ تمام گهڻو سامان هٿ آيو. ان کان پوءِ دهليلا ڏانهن رخ ڪيائون، اتان جا واپاري محمد بن قاسم جي اچڻ جو ٻڌي اڳ ۾ ئي قلعي مان نڪري چُڪا هئا  ۽ هاڻي صرف فوجي بچيا هئا. اسلامي لشڪر پهچندي ئي قلعي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، ٻن مهينن جي مسلسل محاصري قلعي وارن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا ۽ جڏهن ڪٿان به مدد حاصل نه ٿين ته هڪ رات پنهنجي ٻارن ٻچن سميت موت جا ڪپڙا پائي عطر لڳائي قلعي جي ريگستان واري دروازي کان ٻاهر نڪتا ۽ منجهل نهر پار ڪري اهڙيءَ طرح هليا ويا جو مسلمانن کي ان جي خبر نه پئجي سگهي.

صفر 94هه (712ع) تي محمد بن قاسم دهليلا تي قبضو ڪري ورتو ۽ اتان جا معاملا درست ڪيا. هتان ئي محمد بن قاسم هندستان جي مختلف راجائن ڏانهن تبليغي خط لکيا ۽ کين اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني.

ڏاهر جي وزير سياڪر جي درخواست:

راجا ڏاهر جي وزير سياڪر کي محمد بن قاسم جي تبليغي خطن جي خبر پئي ته پنهنجا ڪجهه ماڻهو موڪلي گذريل غلطين جي معافي وٺي پناهه ڏيڻ جي گهر ڪئي. پناهه جو پروانو وٺي اچي ابن قاسم اڳيان حاضر ٿيو ۽ اهي مسلمان قيدي عورتون به پيش ڪيون جن حجاج کي مدد لاءِ پڪاريو هو. محمد بن قاسم مظلوم عورتن جي ملڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وڏي عزت ۽ احترام سان عراق اماڻيو.

سياڪر تمام ذهين ۽ عقلمند انسان هو، محمد بن قاسم کيس تمام گهڻي عزت ڏني ۽ پنهنجو وزير بڻايو. ڪجهه ڏينهن جي اندر سياڪر محمد بن قاسم جو تمام ويجهو ۽ اعتماد وارو شخص بڻجي ويو.

محمد بن قاسم دهليلا تي قبضو ڪري وڌاتيا تائين جا انتظام نوبه بن هارون جي حوالي ڪيا ۽ کيس مهراڻ جي ڪناري تي ٻيڙين ڪٺين ڪرڻ جو  ڪم به ڏنو. اها جاءِ برهمڻ آباد کان ٽي ميل پري هئي.

برهمڻ آباد جي جنگ:

. محمد بن قاسم برهمڻ اباد جي اڀرندي پاسي پهچي جلوالي ڍنڍ ويجهو اچي منزل ڪئي ۽ اتان پنهنجو هڪ قاصد برهمڻ آباد موڪلي ماڻهن کي دين جي دعوت ڏني ۽ ڍل جي آڇ ڪئي، ٻي صورت ۾ جنگ لاءِ تيار رهڻ جي ڌمڪي ڏني.

ڏاهر جي پٽ جيسينا برهمڻ اباد ۾ فوجي تياريون ڪري ۽ فوج کي مرڻ مارائڻ جو حڪم ڏئي پاڻ چنيسر هليو ويو. سندس پونئرن مسلمان قاصد کي موٽائي ڇڏيو. قاصد جي موٽڻ کان پوءِ محمد بن قاسم کاهي (خندق) کوٽڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن اهو ڪم  پورو ٿيو ته سومر ڏينهن رجب 94هه (713ع) تي ڪاهه ڪرڻ شروع ڪئي. برهمڻ جي قلعي ۾ 40 هزار فوجي هئا، جيڪي صبح جو دهل وڄائيندي ٻاهر ايندا هئا ۽ سڄو ڏينهن پورو ڪري شام جو قلعي ۾ واپس هليا ويندا هئا. پورا ڇهه مهينا اها جنگ هلندي رهي.

ذوالحج جي مهيني ۾ جيسينا، رمل جي راجا واري علائقي ڀاٽيا کان موٽندي مسلمانن مٿان اوچتو ڇاپا هڻندو رهيو ۽ ٻاهران ايندڙ سامان جو رستو روڪي ڇڏيائين، جنهن سان مسلمان وڏي مصيبت ۾ مبتلا ٿي ويا.

محمد بن قاسم، نباته ڪلابي، عطيه، تغلبي، صارم، همداني ۽ عبدالملڪ مدني سردارن کي  پنهنجي پنهنجي فوجي جٿي ۽ سوارن سان گڏ مٿن موڪو ۽ خريم بن عمرو المدني کي سپهه سالار بڻائي جيسينا جو پيڇو ڪرڻ لاءِ موڪليو. جيسينا کي جنهن سان گڏ علافي به هو، جڏهن خبر پئي ته مسلمان اسان کي مارڻ اچن ٿا ته پنهنجي فوج ۽ ٻارن ٻچن سوڌو ريگستان رستي ڀڄي چترور پرڳڻي جي جنڪن وعورا اوڪايا علائقي ۾ اچي پهتو. انهيءَ وچ ۾ علافي کانئس ڀلجي وڃي طاڪيا نڪتو ۽ پوءِ اتان ڪشمير جي راجا کي محبت ڀريو خط لکيائين، جنهن ۾ سندس سخاوتن ۽ ڪرم نوازين جو ذڪر هو. محمد علافي ڪشميري راجا جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ راجا سندس قدر ڪندي پنجاهه گهوڙا سامان سميت ۽ ٻه سؤ قيمتي ڪپڙن جا جوڙا هن جي رفيقن کي ڏئي شاڪلهار ديهه سندس حوالي ڪئي. علافي انهيءَ مهل جهم بن سامه شامي کي شاڪلهار جو قبضو وٺڻ لاءِ موڪليو.

چيو وڃي ٿو ته علافي ٻيو ڀيرو به ڪشمير جي راجا سان مليو ۽ راجا کيس ڪرسي، ڇٽ ۽ ٻين قيمتي سوکڙين سان نوازيو. علافي اتي ڳچ وقت تائين رهيو ۽ پوءِ اتي ئي گذاري ويو. سندس جاءِ تي جهم ويٺو، جنهن اتي مسجدون ۽ مدرسا جوڙايا، جهم کي ڪشمير جي راجا وٽ تمام گهڻي عزت حاصل هئي، چترور مان جيسينا پنهنجي ڀاءُ گوپي کي الور جي پارت ڪئي ۽ کيس حفاظت ڪرڻ لاءِ چيو.

هوڏانهن برهمڻ آباد وارا جيسينا جي وڃڻ کان پوءِ مسلسل جنگ مان تنگ ٿي ويا، شهر جا چڱا مڙس ڪٺا ٿيا ۽ صلاح ڪرڻ لڳا ته قلعي ۾ بند ٿئي اسان کي ڇهه مهينا گذري چُڪا آهن ۽ اسان وٽ هاڻي ته وڙهڻ جي قوت به نه رهي آهي ۽ ٻاهران ڪنهن مدد جي اميد به ناهي رهي. جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن اها حالت رهي ته پوءِ مسلمان اندر گهڙي اچي اسان جو ڪوس شروع ڪندا، هاڻي به انهن سان ٺاهه ڪري مصيبت کان بچي سگهون ٿا. سڀني جي اتفاق سان محمد بن قاسم طرف ماڻهو موڪليو ويو ته اسان توهان جي اطاعت ڪرڻ چاهيون ٿا، فلاڻي ڏينهن دروازي وٽ اينداسين ۽ اوهان جي پهرين حملي ۾ ئي دروازو کولي قلعي اندر ڀڄي وينداسين.

مٿئين درخواست شهرين جي هئي، فوجي سردار ان کان بي خبرهئا. محمد بن قاسم سندن درخواست قبول ڪئي پر ڏينهن بعد ۾ تجويز ڪرڻ جو چيو. ان کان پوءِ حجاج بن يوسف کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن جواب لکيو ته، جيڪو معاهدو انهن ماڻهن سان ڪيو ويو آهي، ان کي پورو ڪيو وڃي. حجاج جي جواب کان پوءِ محمد بن قاسم ڏينهن مقرر ڪري برهمڻ آباد جي شهرين کي اطلاع ڏنو ۽ ان ڏينهن قلعي تي ڪاهه ڪيائين.

مسلمانن دروازي تي الله اڪبر جا نعرا هڻندا پهتا ته  دروازو واعدي مطابق کوليو ويو. فوج اوچتي حملي تي حيران ٿي ويئي ۽ پريشانيءَ واري حالت ۾ قلعي جي ٻئي دروازي کان ڀڄڻ لڳي. مسلمان اندر داخل ٿيا ۽ جن وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي ماريو ويو، باقي امن پسند شهرين کي تحفظ ڏنو ويو.

راڻي لاڏي بابت روايتون:

راجا ڏاهر جي زال راڻي لاڏي بابت چچنامي ۾ ٻه روايتون آهن، هڪ اها ته راجا ڏاهر جي مرڻ کان پوءِ هوءَ برهمڻ آباد ۾ اچي رهي ۽ مقابلي لاءِ هڪ فوج تيار ڪري ارادو ڪيائين ته مسلمانن کان ڏاهر جو بدلو وٺبو يا وري ستي ۾ سر ڏبو. محمد بن قاسم جڏهن برهمڻ آباد قلعي ۾ داخل ٿيو ته ڪنهن کي به اڳواٽ خبر نه پئجي سگهي. قبضي کان پوءِ جڏهن قيدين کي گهرايو ويو ان ۾ راڻي لاڏي به هئي. محمد بن قاسم کي خبر پئي ته پاڻ حڪم ڏنائين راڻي لاڏي کي ادب ۽ احترام سان ٻين قيدين کان الڳ رکيو وڃي.

ٻي روايت مطابق جڏهن برهمڻ آباد  فتح ٿيو ته محمد بن قاسم راجا ڏاهر جي مٽن مائٽن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر انهن جي ڪا خبر نه پئجي سگهي. ٻئي ڏينهن هڪ هزار برهمڻ پيلا ڪپڙا ۽ ڏاڙهي مڇون ڪوڙائي اچي محمد بن قاسم اڳيان حاضر ٿيا ۽ چيائون اي اسان جا سردار! اسان جو راجا برهمڻ هاڻي نه رهيو آهي، ان سان وفاداري نڀائيندي ڪن پاڻ کي ڪهي ڇڏيو ۽ اسان جو غم ۾ هي حال آهي. هاڻي هي ملڪ تنهنجو آهي ۽ اسان تنهنجا ٻانها آهيون ۽ توسان وفاداريءَ جو وچن کڻي حاضر ٿيا آهيون، پوءِ تنهنجي مرضي جيڪي تادي اسان سان ڪرين. محمد بن قاسم چيو! توهان کي معافي تڏهن ملندي، جڏهن ڏاهر جي مائٽن کي ڪٿان به هٿ ڪري پيش ڪندؤ. پوءِ انهن راڻي لاڏي کي هٿ ڪري اچي پيش ڪيو. ۽ محمد بن قاسم حجاج ۽ خليفي وليد بن عبدالملڪ جي اجازت سان راڻي لاڏي کي آزاد ڪري پنهنجي نڪاح ۾ ورتو. پر اها روايت صحيح ناهي، ڇو ته عرب تاريخدانن وٽ شاديءَ جو ڪو ذڪر نٿو ملي. بلاذري مطابق راوڙ فتح ڪرڻ مهل اتي موجود راڻي لاڏي گرفتاريءَ جي ڀئو کان پاڻ کي ٻانهين سميت ستي ڪري (ساڙي) ڇڏيو.

سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته محمد بن قاسم آخر ڪٿان شادي ڪئي ڇو ته سندس ٻه پٽ عمرو ۽ قاسم تاريخ ۾ اهم حيثيت ماڻي چُڪا آهن. عمرو سنڌ جو گورنر ۽ منصوره شهر جو اڏيندڙ آهي، جڏهن ته ڀاڻس قاسم پورا پندرهن سال بصري جو گورنر رهيو ۽ ماڻهن جون دليون کٽيائين. انڪري مشهور رجزگو شاعر روبه بن العجاج سندس تعريف ۾ هڪ قصيدو چيو جنهن  جو مطلع آهي.

مافي غد اني امرؤ من معشر،

يغدون انصارک يوم النصر،

وهم عليٰ رغم العداة الزفر،

اخوال آبائک في المجد الثري،

سعد بن زيد في الصميم الدوسري.

(ديوان روبه ــ ص 63 ــــ 57)

”مان ان ٽولي مان آهيان جيڪو هر مصيبت واري ڏينهن تنهنجي دشمنن خلاف قطار ۾ مددگار هوندس ۽ اهو ٽولو ”سعد بن زيد“ جي قبيلي جي شينهن مردن جو هوندو، جيڪو تنهنجي خاندان جا ناناڻا مائٽ ۽ وڏي مرتبي وارا ماڻهو آهن.“

مٿين بند مان ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون هڪ شاعر ”سعد بن زيد“ قبيلي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان هو پاڻ به آهي، يعني قبيلي بنو تميم جي وڏي شاخ ”بنو سعد بن مالڪ بن سعد بن زيد منات بن تميم“ مان هو ۽ سعد بن زيد منات انهيءَ وڏي شاخ جي پڻ هڪ شاخ هئي، جنهن کي شاعر مختصر ڪري لکيو آهي.

ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ان قبيلي جا ماڻهو قاسم جي خاندان جا ناناڻا عزيز آهن. ان جا اصل لفظ ”اخوال ابائک“ آهن يعني ”تنهنجي وڏن جا ناناڻا“ جنهن جو مطلب ته قاسم جي پيءُ محمد بن قاسم ۽ ان جي ابن ڏاڏن جا ناناڻا هئا. ان جو مقصد آهي ته محمد بن قاسم جي بزرگن  جون شاديون بنو تميم جي انهيءَ گهراڻي يا خاندان ۾ ٿيون. قاسم جي شادي به ساڳي خاندان يا قبيلي ۾ ٿي هوندي.

مشهور محقق ۽  اديب خطيب تبريزي، روبه جي ذڪر ڪيل قصيدي 195 ۽ 196 نمبر وارن مصرعن جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته ابو محمد چيو آهي ته مان ان شاعر روبه جي ”س“ قافيي واري قصيدي جو هڪ  مصرعو  ڏٺو آهي، جنهن مان شاعر روبه جو مطلب هي آهي ته محمد بن قاسم جا ناناڻا بني سعد بن تميم مان آهن. ابو محمد جي اصل عبارت هي آهي.

”يريدان القاسم بن محمد لہ خوؤلة في بني سعد بن تميم“

اهو ابو محمد مشهور عالم ابن السيرافي آهي، جنهن جي شهادت کي تمام معتبر سمجهيو ويندو آهي. انهيءَ حوالن  مان اها ڳالهه چڱيءَ طرح ثابت ٿئي ٿي ته محمد بن قاسم جا ناناڻا قبيلي بني تميم جي هڪ شاخ قبيلي بنو سعد (بن مالڪ بن سعد بن زيد منات بن تميم) مان هئا ۽ محمد بن قاسم بنو تميم جي انهيءَ خاندان مان شادي ڪئي هئي.

برهمڻ آباد جا انتظام:

برهمڻ آباد کي فتح ڪرڻ بعد محمد بن قاسم پڙهو ڏياريو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي خوشيءَ سان مسلمان ٿيا آهن، انهن جا حق عرب مسلمانن جي برابر هوندا ۽ غلامي ۽ ڍل ڏيڻ کان به آزاد هوندا. پر جيڪي ماڻهو پنهنجي مذهب تي قائم رهڻ چاهين ٿا انهن سان ڪو ڏاڍ نه ڪيو ويندو پر کين ڍل ڏيڻي پوندي، جيڪا هيٺين طرح هوندي.

(1) امير ۽ شاهوڪارن کان في ماڻهو 48 درهم سالانو (تيرهن روپيا)

(2) وچولي طبقي کان في ماڻهو 24 درهم سالانو (6 رپيا)

(3) غريبن کان في ماڻهو 12 درهم سالانو (3 رپيا)

ان اعلان کان پوءِ ڪن ماڻهن اسلام قبوليو ۽ ڪي پنهنجي پراڻي مذهب تي قائم رهيا. جن سان سهڻو سلوڪ ڪيو ويو ۽ سندن مال ملڪيت سان ڪا ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي ويئي.

 

رعايتون:

ان کانسواءِ برهمڻن کي جيڪي اڳ ۾ حق ۽ سهولتون حاصل هيون انهن کي قائم رکيو ويو. مندرن کي جيڪي ملڪيتون مليل هيون، اهي ساڳيءَ طرح سندن قبضي ۾ رهڻ ڏنيون ويون ۽ مالگذاري مان برهمڻن لاءِ خاص وظيفو مقرر ڪيو ويو.

شهر جي 10 هزار واپارين، هارين، هنرمندن ۽ ٻين شهرين جن جو جنگ ۾ مال لٽجي ويو هو، ۾ هڪ لک درهم ورهايا ويا، جيئن سندن حالت بهتر ٿي سگهي ۽ ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪري سگهن.

چچ جي دؤر کان وٺي جيڪي ماڻهو جن عهدن تي مقرر هئا، انهن کي ساڳي عهدن تي برقرار رکيو ويو ۽ کانئن ٻين شريف ۽ عزتدار شهرين جي باري ۾ پڇيو ويو ته جيئن انهن جي گهربل امداد ۽ عزت ٿي سگهي.

قلعي جي چئن دروازن تي مقرر فوجي دستن جا سربراهه برهمڻ هئا، تن کي گهرائي ڪري هڪ گهوڙي ۽ قيمتي لباس ڏنو ويو ۽ سنڌ جي رواج مطابق سندن هٿن ۽ پيرن ۾ سونا ڪڙا پارايا ويا ۽ هر ڪنهن کي درٻار ۾ الڳ الڳ ڪرسي ڏني ويئي.

مالگذاريءَ تي مقرر برهمڻن کي محمد بن قاسم تاڪيد ڪيو ته ڍل، ناڪو ۽ ٽئڪس وصول ڪرڻ ۾ ڪنهن سان به زيادتي نه ڪئي وڃي ۽ صرف حقدارن کان ئي ورتي وڃي. ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪو ڪجهه توهان جي ذهن ۾ هجي ان جي حڪومت کي صلاح ڏيو، جيئن انهن تي عمل ڪري سگهجي.

مسلمانن جي سپهه سالار جي اهڙي ورتاءُ ڪري سڄي شهر ۾ سرهائي ڦهلجي ويئي ۽ هر وستي واهڻ ۾ اسلامي حڪومت جا گڻ ڳائجڻ لڳا. ڪالهه تائين جيڪي برهمڻ اسلامي حڪومت جا سخت دشمن هئا، اڄ هر هنڌ ماڻهن کي چوندا وتن پيا ته.

”اي عزت وارؤ توهان کي خبر آهي ته راجا ڏاهر مارجي چڪو آهي ۽ سنڌ توڻي هند هاڻي مسلمانن جي بادشاهه جي حڪم هيٺ آهي، جنهن جي اڳيان غريب، امير، شهري ۽ ڳوٺاڻو هڪ آهي. اسان جي عزت ۽ امان ان جي ڪري ئي آهي ۽ توهان به اها عزت ۽ حفاظت ان جي اطاعت سان ۽ ڍل ڏئي ڪري ماڻي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان جي دل نٿي مڃي ته پوءِ اتي هليا وڃو، جتي توهان کي سڪون حاصل ٿئي. جان جي سلامتي کان وڌيڪ ڪائي شيءِ ناهي، ڍل ڏئي ڪري اسان جي جان ۽ مال محفوظ رهندو.“

برهمڻن جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ڳوٺن کان ماڻهو برهمڻ آباد اچي حالتن جو جائزو وٺي محمد بن قاسم سان ملڻ لڳا، جنهن انهن کي اسلامي حڪومت جا اصول ۽ خوبيون ٻڌائي ۽ سندن ذهنن مان هر قسم جو خوف ۽ ڊپ ڪڍي ڇڏيو.

برهمڻ آفيسرن کي هدايتون:

محمد بن قاسم جن به برهمڻن کي اوڳاڙين جي وصولي تي مقرر ڪيو هو انهن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته حڪومت ۽ خلق وچ ۾ سچائي جو خيال رکجو، جيڪڏهن ڪا شيءِ ورهايو ته برابر ورهائجو ۽ هر هڪ تي ڍل سندس برداشت مطابق رکجو، هڪٻئي سان ٺهي هلجو ۽ وير نه رکجو جيئن ملڪ نه ويران ٿئي.

برهمڻ آباد جو مندر:

محمد بن قاسم جي رواداريءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ ڏينهن برهمڻ آباد جي مندر جا پڄاري درٻار ۾ آيا ۽ عرض ڪيائون ته اي امير! اسان جي گذر سفر جو ذريعو هي مندر آهي، جتي ماڻهو اچي پوڄا پاٽ ڪندا آهن ۽ اسان کي خير خيراتون ڏيندا آهن. پر توهان جي شهر تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ڊپ کان ڪوئي مندر نٿو اچي ۽ اسان جي روزي بند ٿي ويئي آهي. محمد بن قاسم اهو ٻڌي چپ ٿي ويو ۽ سڄو معاملو حجاج ڏانهن لکيائين. حجاج کيس هيٺين تنبيهه ڪئي.

”تنهنجو خط پهتو، برهمڻ آباد جي پڄارين کي مندر آباد ڪرڻ ۽ ماڻهن کي پوڄا ڪرڻ جو حق تو کي ڏيڻ گهرجي. ڇو ته اهي ڍل ڏيڻ جو واعدو ڪري چُڪا آهن، انهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان تي فرض آهي. جيئن هو پنهنجي گهرن ۾ سڪون سان رهي سگهن ۽ خوشحال زندگي گذاري سگهن.“

جڏهن محمد بن قاسم کي حجاج جو اهو خط مليوته شهر جي پڄارين ۽ معزز ماڻهن کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ چيائين توهان کي پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ ۽ نذر نياز ڏيڻ جو پورو حق  حاصل آهي، جنهن کان توهان کي ڪوئي نه روڪيندو. پاڻ ۾ ملي ڪري رهو ۽ مسلمانن سان ويڇا نه رکو. ان کان پوءِ اوڳاڙين تي مقرر عملدارن کي حڪم ڏنائين ته ڍل مان ٽي سيڪڙو ڪڍي ضرورتمند پڄارين کي ڏنو وڃي ۽ وس وارن کي کين خير خيرات ڏيڻ جي تنبيهه ڪئي وڃي.

محمد بن قاسم اتي مختلف آفيسرن ۽ سردارن جا وظيفا مقرر ڪيا ۽ سڀ انتظام تميم بن زيد القيني ۽ حڪم بن عوانہ حوالي ڪيا.

سياڪر سان صلاح:

محمد بن قاسم سياڪر وزير کي سڏ ڪري پڇا ڪئي ته چچ ۽ ڏاهر، لوهاڻا جي جاٽن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هئا؟ سياڪر موڪو پٽ وسايو جي موجودگيءَ ۾ جواب ڏنو ته اهي سما ۽ لاکا قبيلا هميشہ ڏاڍا ڏنگا ۽ لٽ مار ڪندا رهيا آهن، ان ڪري کين حد ۾ رکڻ لاءِ چچ مٿن ڪجهه پابنديون مڙهيون هيون ته هو ريشمي ڪپڙو نه پائيندا صرف ٿلهو ڪارو ڪمبل ڍڪيندا. مٿي اگهاڙا نه گهمندا ۽ ٻاهر نڪرندا ته پيرين اگهاڙا هوندا، پاڻ سان ڪتو ساڻ رکندا جيئن کين جلدي سڃاڻي سگهجي. ڪن مخصوص ماڻهن کانسواءِ باقي ڪنهن کي به گهوڙي تي چڙهڻ جي اجازت نه هئي ۽ اهي به رينن کانسواءِ سواري ڪندا هئا. سندن فرضن ۾ شاهي باورچي خاني جي ڪاٺين ۽ خدمت جي ثمر کانسواءِ رستن جي حفاظت ۽ سونهائپ انهن جي حوالي هوندي هئي ۽ ڪنهن حادثي جي ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي گهر ڀاتين سوڌي باهه جي اوڙاهه ۾ وڏو ويندو هو، جنهن جي ڪري اڄ تائين انهن اصولن جي پابندي ڪندا آهن.

محمد بن قاسم امن امان خاطر ساڳيا قاعدا قائم رکيا ۽  جهڙي طرح حضرت عمر بن خطاب رضه شام جي عيسائين کي انهن جي حدن ۾ ايندڙ مهمانن جي هڪ ڏينهن ۽ رات جي مهمان نوازي ۽ بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ ٽي ڏينهن خدمت ڪرڻ جو پابند بڻايو هو تيئن هنن تي به ساڳيو اصول لاڳو ڪيو ويو.

اندروني انتظام ۽ سڌارا:

برهمڻ آباد جي اندروني انتظام ۽ ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ محمد بن قاسم وداع بن حميد البحري جي نگرانيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي جنهن ۾ شهر جا چار ڪامورا ۽ ڪاروباري ماڻهو شامل ڪيا، ۽ انهن کي شهر جي سڀني معاملن جو اختيار ڏنو. نوبه بن دارس کي راوڙ قلعي تي مقرر ڪيائين، جيئن انهيءَ جاءِ تي ٻيڙيون تيار رکي ۽ اتان ايندڙ ويندڙ ٻيڙيءَ تي نظر رکي ۽ جنهن ۾ جنگي سامان هجي اهو قلعي ۾ پهچائي. ٻين ٻيڙين گڏ ڪرڻ جو حڪم وري حڪم بن زياد عبدي جي حوالي ڪيو ويو. ڪيرج سان لاڳاپيل علائقن جي سرحد جي حفاظت سليمان ازدي جي هٿ ۾ ڏني ويئي، جڏهن ته  دهليلا جو ناظم، نباته ڪلابي جي ڀائٽيي حنظله کي بڻايو ويو ۽ انهن کي سختيءَ سان سمجهايو ويو ته هڪٻئي سان هر وقت رابطو رکيو وڃي ۽ هر مهيني مرڪز کي  رپورٽ اماڻي وڃي. ان کان پوءِ محمد بن قاسم، عبدالملڪ قيس بن،  خالد انصاري کي هڪ هزار جوانن سان گڏ سيوستان تي ۽ مسعود تميمي، بن شيبه جديدي، فراس عتڪي، صابر يشڪري، عبدالملڪ بن عبدالله خزاعي، مهني بن عڪه ۽ الوقاءَ بن عبدالرحمان، کي ديبل ۽ نيرون جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو، مليح نالي هڪ غلام کي سندس بهادريءَ ڪري ڪنهن جاءِ جو والي بڻائي علوان بڪري ۽ قيس بن ثعلبه کي ٽن سؤ جوانن سان گڏ سندس مدد لاءِ مقرر ڪيائين. هو اتي رهيا، شاديون ڪيائون ۽ کين اولاد ٿي.

برهمڻ آباد مان روانگي:

سڀئي معاملا سنواري محمد بن قاسم 3 محرم 94هه (712ع) تي برهمڻ آباد مان نڪري ساؤنڊي جي پسگردائي ۾ اچي منهل وٽ پهتو، جتي خوبصورت چراگاهه ۽ ڍنڍ وڪربهار هئي. اتي گهڻا ٻڌ ۽ سوداگر آباد هئا، جيڪي محمد بن قاسم وٽ آيا ۽ اطاعت لاءِ عرض ڪيائون. ابن قاسم انهن جي درخواست مڃي ۽ کين دلجاءِ ڏئي ڪري ڍل وقت سر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ۽ انهن مان ئي ٻن ماڻهن بواد ۽ ٻڌيڻي کي سندن مٿان سردار مقرر ڪيائين. انهيءَ پاسي ٻهراڙيءَ وارن جتن به محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿي پناهه گهري. جنهن جي حقيقت حجاج بن يوسف کي ٻڌائي ويئي. حجاج لکيو.

”مان حڪم ٿو ڏيان ته جيڪو به وڙهڻ اچي ۽ نافرمان ٿئي ان کي قتل ڪيو وڃي يا گهٽ ۾ گهٽ ضمانت طور سندن پٽ ۽ ڌيئرون رکيون وڃن، پر فرمانبردارن کي پناه ڏني وڃي. واپارين هنرمندن ۽ هارين تي معمولي ڍل مقرر ڪئي وڃي، جيڪو مسلمان ٿئي ان کان صرف عشر ورتو وڃي ۽ جيڪو پنهنجي ڌرم تي قائم رهي ان جي ڪرت يا کيتي مان ملڪي قانون موجب ديواني ڍل جو حصو ورتو وڃي.“

بهراور ۾ پهچڻ:

بهراور ۾ پهچي ڪري محمد بن قاسم سليمان بن نبهان ۽ ابو  فضه قشيري کي حلف کڻائي جنيد بن عمرو ۽ بني تميم جي فوج سان گڏ بهرج موڪليو. عمرو بن مختار الاڪبر کي مٿن سردار مقرر ڪيو، جيئن اتي امن قائم ڪن.

هتان اڳتي وڌي ڪري ابن قاسم سمن جي علائقي ۾ پهتو. سمن جي سردار کي خبر پئي ته دهلن ۽  شرنانين سان ابن قاسم جو استقبال ڪيائين. محمد بن قاسم ماڻهن کان پڇا ڪئي ته هي ڇا آهي؟ ٻڌايائون ته سندن رسم آهي ته جڏهن ڪو بادشاهه هتي ايندو آهي ته خوشيءَ ۾ ڳيچ ڳائي ان جو آڌرڀاءُ ڪندا آهن. خريم بن غمرو وڌي ڪري محمد بن قاسم اڳيان آيو ۽ چوڻ لڳو اسان کي الله جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن ههڙا فرمانبردار اسان کي عطا ڪيا آهن.اهو جملو ٻڌي محمد بن قاسم مسڪرائڻ لڳو ۽ چيائين ته چڱو ڀلا انهن جو امير تو کي کڻي بڻايان ٿو ۽ پوءِ انهن لوهاڻي وارن سمن کي چيائين ته توهان خريم کي پنهنجو ناچ ڏيکاريو، خريم انهيءَ ناچ تي کين ويهه دينار انعام ڏنا.

سهتن ۾ اچڻ:

لوهاڻن جي علائقي کان نڪري محمد بن  قاسم سهتن جي علائقي ۾ پهتو ته آڌرڀاءُ لاءِ سهتن جا سردار ۽ رئيس مٿين ۽ پيرين اگهاڙا گهرن مان نڪري آيا. سندن نماڻي درخواست تي مسلمانن جي سپهه سالار کانئن ضامن وٺي ڍل مقرر ڪئي ۽ اروڙ جو نقشو ۽ معلومات ورتي. سردارن ٻڌايو ته اروڙ هند جو راڄڌاني ۽ سنڌ جو وڏي ۾وڏو شهر آهي ۽ اتي واپاري، هنرمند، هاري ۽ ڪاروباري ماڻهو رهن ٿا. اروڙ جو والي ڏاهر جو پٽ گوپي آهي، جنهن جي اڳيان ڪوئي ڏاهر جي مري وڃڻ بابت ڪڇي نه سگهندو آهي ۽ چوندو آهي ته ڏاهر جيئرو آهي ۽ مسلمانن سان وڙهڻ لاءِ هند کان فوج وٺڻ ويو آهي.

اروڙ جو ڪڙو:

محمد بن قاسم خبر چار وٺي اروڙ ڏانهن گهوڙا ڀڄايا ۽ اروڙ کان هڪ ميل ويجهو پهچي ڪيمپ قائم ڪري ويهي رهيو ۽ سندن سڀ رستا بند ڪري ڇڏيائين. هتي ويٺي مهينو گذري چڪو، ان وچ ۾ هڪ مسجد ٺاهي ويئي، جتي جمعي جو خطبو محمد بن قاسم ڏيندو رهيو. اروڙ  وارا انتظار ۾ ويٺا رهيا ته ڏاهر فوج وٺي ايندو ۽ مسلمانن کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندو. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن هو قلعي جي ڀتين تي چڙهي نعرا هڻندا رهيا ته اجهو ٿو ڏاهر اچي توهان کي هميشه جي لاءِ ختم ڪرڻ لاءِ ــــ پنهنجي سر جو خير چاهيو ٿا ته موٽي وڃو پنهنجي ماڳ ڏانهن.

محمد بن قاسم جڏهن ڏٺو ته اروڙ وارا جنگ کان نه مڙندا ڇاڪاڻ ته ڏاهر کي اڃا هو جيئرو سمجهن ٿا، ڇا ڪيائين جو راڻي لاڏي کي ڪاري اٺ  تي ويهاري جنهن تي هو ڏاهر سان گڏ ويهندي هئي، قلعي اڳيان موڪليائين. راڻي لاڏي وڏي آواز سان ماڻهن کي سڏ ڪرڻ لڳي، سڀ سردار ۽ جاگيردار قلعي جي ڀت تي ڀڄندا آيا. راڻي لاڏي پنهنجي منهن تان نقاب لاهي چوڻ لڳي، اي اروڙ وارؤ! ڏسو مان ڏاهر جي زال لاڏي آهيان، ڏاهر ڪسجي چڪو آهي ۽ سندس سر عراق اماڻجي چڪو آهي، توهان پاڻ کي برباد نه ڪيو. اهو چئي زارو زار روئڻ ۽ پار ڪڍڻ لڳي. ماڻهن کي، اعتبار نه آيو ۽ چيائون تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين ۽ هنن چنڊالن ۽ ڍڳي کائيندڙن سان ملي ويئي آهين، تون عربن کي اسان تي مڙهڻ ٿي چاهين. اهو چئي گاريون ڏيڻ لڳا. محمد بن قاسم کي جڏهن خبر پئي ته راڻيءَ کي واپس گهرايائين ۽ ڏکيارو ٿيندي چوڻ لڳو. جڏهن سيلائج خاندان جي قسمت ئي ڦٽل آهي ته پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي!

هڪ جادوگرياڻيءَ سان صلاح:

طويل گهيري کان تنگ ٿي نيٺ گوپي ۽ سردار هڪ جدوگرياڻي وٽ ويا ۽ چيائون ته تون پنهنجي جادو جي زور تي ڏاهر جي باري ۾ ٻڌاءِ. جادوگرياڻي سڀني کي سڀاڻي اچڻ جوچئي گهر اندر هلي ويئي. ٽنپهرن کان پوءِ جافر ۽ مرچن جي مکڙين سان سٿيل سائي شاخ کڻي ٻاهر نڪتي ۽ ماڻهن کي چوڻ لڳي ته مان هن ڪنڊ کان هن ڪنڊ تائين سڄي دنيا ۽ خاص طور تي سنڌ ۽ هند جو چڪر هنيو آهي، پر راجا ڏاهر جو ڪٿي ڏس پتو نٿو ملي. جيڪڏهن هو حال حيات هجي ها ته مان کيس ضرور ڳولهي  وٺان ها، پر لڳي ٿو ته ڏاهر مري چُڪو آهي. توهان جي يقين خاطر هي ڏسو مان سرانديپ مان سائي ڏانڊي به پٽي آئي آهيان.

اروڙ وارن جي اطاعت:

جادوگرياڻيءَ جي ڳالهه کان پوءِ سڀني جوساهه سڪي ويو ۽ اروڙ جا شهري پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا ته اسان محمد بن قاسم جي ديانت، امانت، انصاف ۽ واعدي جي پاسداري جي باري ۾ ته ٻڌو آهي ۽ هيڏانهن ڏاهر جو آسرو به ختم ٿي چڪو آهي، ان ڪري هاڻي صرف هڪ ئي رستو بچو آهي ته ڪو ماڻهو موڪلي رحم جي درخواست ڪريون ۽ قلعو سندن حوالي ڪري ڇڏيون.

گوپي کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته راتو رات ئي خاموشيءَ ۾ پنهنجي نوڪرن ۽ گهرڀاتين سوڌي چتور طرف نڪري ويو. سندس هڪ وفادار ڏٺو ته هو سڀني کي اڪيلو ڇڏي ڀڳو پيو وڃي ته اهو احوال ڪاغذ تي لکي تير وسيلي مسلمانن جي لشڪر ڏانهن ڦٽو ڪيائين.

اروڙ جي سوڀ:

خبر ملندي ئي محمد بن قاسم قلعي تي چڙهائي جو حڪم ڏنو، مسلمانن تيرن جو وسڪارو ڪري ڏنو. شهر جا واپاري،ڪاريگر ۽ ڪڙمي محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪرڻ لڳا ته اسان کي هاڻي راجا ڏاهر جي مرڻ جو يقين ٿي چُڪو آهي ۽ سندس پٽ گوپي اسان کي موت جي منهن ۾ اڪيلو ڇڏي ڀڄي ويو آهي. اسان جي قسمت ۾ توهان جي ئي اطاعت لکي آهي، پر  جڏهن توهان ڏيندؤ ته.

محمد بن قاسم چيو، توهان جيڪڏهن پنهنجي واعدي ۾ سچا آهيو ته پوءِ وڙهڻ بند ڪري قلعي جي ڀتين کان هيٺ لهي اچو نه ته ٻي صورت ۾ ڀوڳڻو پوندؤ. سڀئي سپاهي هيٺ لهي آيا ۽ قلعي جو دروازو کوليو ويو ۽ مسلمان فاتح جي حيثيت ۾ شهر ۾ داخل ٿيا.

نوبهار:

محمد بن قاسم جيئن ئي شهر ۾ گهڙيو ته ڏٺائين سڀ ماڻهو ننڍا وڏا نوبهار بتخاني ۾ گڏ ٿي هڪڙي مورتي اڳيان سجدو ڪري رهيا هئا، جيڪا سنگ مرمر جي گهوڙي تي ويٺل هئي ۽ ان جون ٻانهون هيرن ۽ ياقوتن سان سينگاريل هيون. محمد بن قاسم کي پڄارين ٻڌايو ته هي نوبهارجو بتخانو آهي ۽ پري پري کان ماڻهو هت ايندا آهن. محمد بن قاسم مورتي ويجهو ويو ۽ مورتيءَ جي هڪ ٻانهن مان سونو ڪنگڻ لاهي ورتائين، پوءِ بتخاني جي مجاور کي سڏي چيائين ته هن جي هڪ ٻانهن جو ڪنگڻ ڪٿي آهي؟ مجاور چپ ٿي ويو. ابن قاسم کلي ڪري ڪنگڻ بت کي ٻيهر پارائي چوڻ لڳو توهان جي بت کي اها به خبر ناهي ته سندس ڪنگڻ ڪنهن لاٿو آهي!

جنهن بعد مسلمانن جي سردار حڪم ڏنو ته جنگ ڪرڻ وارا جيڪڏهن اطاعت به ڪن ته به کين قتل ڪيو وڃي. راڻي لاڏي اهو ٻڌو ته چيائين هتان جا اڪثر ماڻهو ڪڙمي، ڪاريگر ۽ هنرمند آهن، جيڪر اهي مري ويا ته باقي ڇا بچندو! محمد بن قاسم کي لاڏي جي ڳالهه دل سان لڳي ۽ پنهنجو حڪم واپس ورتائين.

اروڙ جو انتظام:

اروڙ ۽ بغرو جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ محمد بن قاسم، رواح بن اسد کي جيڪو احنف بن قيس جو ڏوهٽو هو، اتان جو والي بڻايائين ۽ مذهبي معاملن ۾ موسيٰ بن يعقوب بن شيبان بن عمان ثقفي کي قاضي القضا (چيف جسٽس) ڪيائين. موسيٰ تمام وڏي پائي جو  عالم هو ۽ محمد بن قاسم کيس عوام سان نرمي برتڻ جي تنبيهه ڪئي.

باتيا قلعي جي ڪاميابي:

اروڙ مان نڪري ڪري محمد بن قاسم باتيا اچي پهتو، جيڪو ان وقت درياءُ جي اڀرندي يا ڏاکڻي پاسي کان هو. باتيا تي ڏاهر جو سؤٽ ڪڪسو قابض هو، جيڪو ڏاهر جي مارجڻ کان پوءِ هتي ڀڄي آيو هو. ڪڪسو کي جڏهن مسلمانن جي اچڻ جي خبر پئي ته پنهنجي ڪامورن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي محمد بن قاسم ڏانهن اطاعت لاءِ موڪليائين، جن سان ابن قاسم ڏاڍي مهرباني سان پيش آيو ۽ چوڻ لڳو ته ڪڪسو اروڙ جو رهاڪو آهي، جتان جا ماڻهو ڏاڍا ذهين، سچار، ايماندار، بهادر ۽ سڀاءُ وارا آهن، انڪري جيڪڏهن هو مون وٽ ايندو ته مان هن کي پنهنجو صلاحڪار بڻائيندس ۽ عزت عطا ڪندس.

جڏهن ڪڪسو کي ڪامورن اچي ٻڌايو ته سڌو وڃي ابن قاسم اڳيان حاضر ٿيو، جنهن کيس مان ۽ مرتبو ڏئي درٻار ۾ پنهنجي آڏو ڪرسي عطا ڪئي ۽ سڀني ڪم ڪارين ۾ کانئس مشورو وٺندو هو. محمد بن قاسم جي مهربانين سان ڪڪسي کي خزاني جي وزارت ڏني ويئي ۽ ڏاهپ ڪري مبارڪ مشير جي خطاب سان به نوازيو ويو.

اسڪلنده ۾ اچڻ:

محمد بن قاسم درياءُ بياس ٽپي اسڪلنده قلعي ويجهو پهتو ته زائده بن عمير طائي ۽ ڪڪسي کي  فوجي جٿو ڏئي قلعي تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻنهي فوجن ۾ خونريز ويڙهه ٿي، هڪٻئي تي حملن  ۾ رستا رت سان رنگجي ويا. مسلمان ظهر جي نماز پڙهي الله اڪبر جا نعرا هڻندا حملو ڪندا قلعي ۾ گهڙي پيا ۽ ٻاهران بيٺل لشڪر وري تيرن ۽ پٿرن جو وسڪارو لائي ڏنو. ستن ڏينهن تائين اهو حشر هلندو رهيو ۽ پوءِ اٺين ڏينهن اسڪلنده واسين جڏهن ڏٺو ته سندن سردار پنهنجي جان بچائي ڀڄي ويو آهي ۽ اطاعت کانسواءِ هاڻي ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو ته محمد بن قاسم ڏانهن ماڻهو  موڪلي آڻ مڃڻ جو ارادو ڏيکاريائون، جنهن کي مسلمانن جي سردار قبول ڪيو. اسلامي لشڪر جڏهن قلعي ۾ داخل ٿيو ته ڪٿان به ڪا اڳرائي نه ٿي. هن جنگ ۾ دشمن جا چار هزار سپاهي تلوار ۽ تيرن جو کاڄ بڻيا.

سڪه جي فتح:

اسڪلنده عتبہ بن سلمہ جي سرپرستيءَ ۾ ڏئي محمد بن قاسم سڪه تي ڪاهه ڪئي، جتان جو والي بجهيراءِ طاڪي جو ڏوهٽو بجهرا هو. هن مسلمانن جي اچڻ جي خبر ٻڌي ته سپاهين سوڌي ميدان ۾ نڪري آيو. ٻئي فوجون آمهون سامهون ٿيون ۽ ميدان مارڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايائون. مسلمانن جا سوا ٻه سؤ سپاهي وڙهندي ۽ دشمنن کي نيست نابود ڪندي شهيد ٿي ويا. بجهري جڏهن پنهنجي لشڪر جا حال پورا ۽ سور ٻيڻا ڏٺا ته رات جي گهگ انڌيري ۾ ملتان ڏانهن فرار ٿي ويو. محمد بن قاسم کي پنهنجي جوانن جي شهيد ٿيڻ جو ڏاڍو ڏک ۽ ڪاوڙ هئي، تنهن ڪري شهر ۾ گهڙڻ سان ئي ان کي برباد  ۽ ويران ڪري ڇڏيائين.

ملتان ۾ مقابلو:

سڪه وٽان راوي ندي اورانگهي محمد بن قاسم 95هه 14 ــ713ع تي ملتان ويجهو منزل ڪئي، ملتاني فوج سر تان سوس پلي ٻاهر نڪتي ۽ مسلمانن تي ٺاهوڪا حملا ڪرڻ لڳي پر هيڏانهن زائده بن عمير جهڙن بهادرن اڳيان گهڻو وقت بيهي نه سگهي ۽ شام ٿيندي واپسيءَ جو رستو ورتائون.

چچنامي مطابق ان کان پوءِ ملتاني فوج وري ٻاهر نڪرڻ جي همت نه ڪري سگهي ۽ اندران ئي منجنيقن ذريعي پٿر وسائيندا ۽ تير اڇلائيندا رهيا، جنهن سان مسلمانن جا ڪجهه جوان شهيد ٿيا، مسلمانن لاڳيتو ٻن مهينن تائين قلعي جو ڪڙو جاري رکيو، جنهن جي ڪري کاڌي پيتي جي سخت قلت ٿي پيئي. ڇاڪاڻ ته اتان نيرون، برهمڻ آباد ۽ اروڙ پري هئا اناج آڻن ۾ مشڪل پيش اچي رهي هئي، اهڙي ڏڪار جي ڪري مسلمان فوج گڏهه کائڻ تي مجبور ٿي پيئي، پر انهن جا ارادا مضبوط هئا، تنهن ڪري مقابلو ڪندا رهيا.

هڪ ڏينهن مسلمانن کي دشمنن جي هڪ همراهه اچي ان واهيءَ جو ڏس ڏنو جتان شهر وارن کي پاڻي ملندو هو. محمد بن قاسم جڏهن اها واهي بند ڪرائي ته ملتان جو راجا ڏاهر جو سؤٽ ڪورسينا ڏاڍو دلگير ٿيو ڇو ته هاڻي ٻاهرين امداد اچڻ به بند ٿي چُڪي هئي ۽ اندر به کاڌ خوراڪ ختم ٿيڻ واري هئي، تنهن ڪري مناسب سمجهي ڪشمير طرف ڀڄي ويو.

ملتاني فوج صبح جو قلعي کان ٻاهر اچي جنگ ڪندي هئي ۽ شام جو وري اندر هلي ويندي هئي. اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ مسلمان قلعي جا ڪمزور پاسا ۽ حملي جا وجهه به ڳوليهندا رهيا. ان وچ ۾ قلعي مان هڪڙو همراهه نڪتو ۽ معافي ڏيڻ شرط قلعي جي ڪمزور ڀت جي باري ۾ ٻڌائڻ جو واعدو ڪيائين. امان ملڻ کان پوءِ ان جي ٻڌايل طرف جيڪو قلعي جو اڀرندو ۽ درياءُ وارو پاسو هو. کان منجنيقون رکرايون ويون ۽ پٿر وسايا ويا، جنهن جي ڪري ان هنڌان ڀت ٽٽي پيئي ۽ اسلامي لشڪر محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ قلعي اندر گهڙيو. سامهون ايندڙ دشمن جي ڇهه هزار سپاهين کي مسلمان فوجين موت جي منهن ۾ موڪليو. واپارين، ڪاريگرن ۽ ڪڙمين کي معافي ڏيئي مٿن ڍل رکي ويئي ۽ ان کان علاوه شهر جي چڱن مڙسن ۽ وڏيرن کي مسلمانن کي گهڻي تڪليف ڏيڻ جي ڏوهه ۾ سٺ هزار درهم جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو، اها رقم هر سپاهي ۾ ورهائي ويئي ۽ هر سوار کي تقريباً حصي ۾ چار سؤدرهم آيا.

لڪيل خزانو:

ملتان فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم حجاج جي ان واعدي جي باري ۾ ڏاڍو بي چين ۽ فڪرمند هو، جنهن ۾ حجاج، وليد بن عبدالملڪ سان سنڌ تي ڪاهه جي اجازت عيوض خرچ ايندڙ رقم جو ٻيڻو حصو خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو.  محمد بن قاسم اڃا تائين پنهنجي نرم طبيعت ۽ رحمدلي ڪري ايتري رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع نه ڪرائي سگهيو هو، اڃا هو انهيءَ سوچ ۾ ئي هو ته سندس اڳيان هڪ برهمڻ اچي حاضر ٿيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته اسان جي حڪومت هاڻي پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ اوهان الله جي مرضيءَ مطابق اسان جا والي ٿيا آهيو، ان ڪري اسان جي چڱائي توهان جي ڀلي چاهڻ ۾  آهي. مان توهان کي هڪڙي خزاني جي باري ۾ ٻڌائڻ گهران ٿو، اهو خزانو آڳاٽي دؤر ۾ هت رهندڙ راجا جسوبن وٽ هو، جيڪو تمام نيڪ انسان ۽ هر وقت پوڄا پاٽ ۾ مشغول رهندو هو. جڏهن خزانو سندس ڳڻپ کان وڌي ويو ته هن شهر جي ٻاهران اوڀر طرف سؤ گزن جو همچورس حوض ٺهرائي ان ۾ پنجاهه گزن جو هڪ سهڻو بتخانو جوڙايو، جنهن ۾ سون جا چاليهه مٽ مٽيءَ سان ڀرائي ۽ ان سان گڏ ٻه سؤ ٽيهه مڻ سون رکرائي پورائي ڇڏيائين ۽ مٿان وري هڪڙي ڳاڙهي سون جو بت بيهاري ڇڏيائين. انهيءَ حوض جي چوڌاري وڻ پوکيل آهن، جيئن ڪنهن کي شڪ نه ٿي سگهي. هاڻي هلو ته مان توهان کي اهو خزانو هلي ڏيکاريان. محمد بن قاسم پنهنجي اميرن مشيرن سان گڏ ان مندر ۾ آيو ته گهگ اوندهه لڳي پيئي هئي ۽ صرف ان بت جون اکيون چمڪي رهيون هيون، جنهن کي محمد بن قاسم انسان سمجهي مياڻ مان تلوار ڪڍي هڻي رهيو هو ته برهمڻ رڙ ڪري چيو، حضور! هي ته بت آهي، هن جون اکيون ان ڪري چمڪي رهيون آهن جو اهي ياقوت جون آهن، نوجوان ابن قاسم جي حڪم سان بت اتان هٽرائي ڪري مٽ ۽ ٻيو سون ڪڍرايو ويو، جيڪو ٽوٽل هڪ هزار ٽي سؤ ويهه مڻ هو. اهو سمورو شاهي خزاني موڪليو ويو اتفاق سان ان ڏينهن ئي حجاج بن يوسف جو هڪ خط به اچي محمد بن قاسم کي مليو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”اي منهنجا پيارا سؤٽ ! توکي ته خبر آهي مان سنڌ جي مهم جي اجازت عيوض خليفي سان خرچ ايندڙ رقم  جو ٻيڻ تي جمع ڪرڻ جو واعدو ڪري چڪو آهيان ۽ هينئر تائين معلوم ٿيو ته انهيءَ مهم تي سٺ هزار درهم تور خالص چاندي خرچ ٿي آهي. ۽ هن وقت تائين تنهنجي طرفان موڪليل روڪ رقم ۽ سامان جو ڪاٿو لڳائڻ کان پوءِ اڃان توڏانهن هڪ لک ويهه هزار درهم رهن ٿا، جيڪي تو کي موڪلڻا آهن. هر ڳوٺ ۽ وستي واهڻ ۾ مسجدون ۽ منبر جوڙاءِ ۽ خليفي جو خطبو پڙهاءِ. خليفي جي نالي جو سڄي ملڪ ۾ سڪو جاري ٿيڻ گهرجي. تون ڏاڍي ڀلاري ساعت ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي آهي ۽ تنهنجا قدم هر هنڌ مبارڪ ثابت ٿيندا.

فتوح البلدان (بلاذري) مطابق حجاج جڏهن خرچ جو ڪاٿو لڳايو ته ڇهه ڪروڙ درهم بيٺا ۽ حاصل ٿيندڙ رقم ٻارهن ڪروڙ هئي ۽ ان کان علاوه ڏاهر جو سر ۽ ڇهه ڪروڙ ٻيا به هئا.

ملتان جو انتظام :

ملتان جي سوڀ کان پوءِ محمد بن قاسم هڪ وڏي مناري واري عاليشان مسجد ٺهرائي ۽ پوءِ داعود بن نصر عماني کي ملتان جو امير ۽ خريم بن عبدالملڪ تميمي کي برهمپور جو حاڪم بڻايو، جڏهن ته ملتان جي اوسي پاسي جون حدون عڪرمه بن ريحان شامي جي حوالي ڪيون. احمد بن خزيمه کي اشهار ۽ ڪرور وارن علائقن جي ذمينواري سونپي.

ابو حڪيم جو قنوج ڏانهن وڃڻ:

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ محمد بن قاسم، ابو حڪيم شيباني کي ڏهه هزار سپاهين سان قنوج ڏانهن اهو چئي اماڻيو ته سڀ کان اڳ قنوج جي راجا کي اسلام جي دعوت ڏجانءِ، نه مڃي ته پوءِ اطاعت ۽ جزيي متعلق ٻڌائيس ته سمنڊ کان وٺي ڪشمير جي حدن تائين سڀني راجائن اسلام جي دعوت قبول ڪئي آهي يا وري جزيو ڏيڻ ڪيو آهي.

حڪيم شيباني اوڌيپور پهچي اتان پنهنجي قاصد جي هٿ قنوج جي راجا راءِ هرچندر ڏانهن محمد بن قاسم جو پيغام موڪليو، جنهن جواب ۾چيو ته اسان گذريل سورهن سؤ سالن کان وٺي هتي حڪومت ڪري رهيا آهيون ۽ اڄ تائين ڪنهن کي به اسان جي حڪومت جي حدن ۾ گهڙڻ جي همت نه ٿي آهي. اسان کي تنهنجي ڌمڪين جي ڪائي پرواهه ناهي، تون قاصد آهين ۽ قاصد کي قيد ڪرڻ اسان جي آئين ۾ ناهي نه ته تنهنجو حشر اهڙو ڪيون ها جو ٻيا به عبرت وٺن ها. وڃ پنهنجي سردار کي وڃي چئو ته هاڻي تلوار ئي پنهنجو فيصلو ڪندي.

جڏهن راءِ هرچندر جا اهي لفظ محمد بن قاسم ٻڌا ته پنهنجي سڀني اميرن، وزيرن ۽ سپهه سالارن کي گهرائي چيائين ته، هن مهل تائين الله جي حڪم سان اسان هر جاءِ تي سرخرو ٿيا آهيون ۽ اڳتي به مولا سائين جي مدد رهي ۽ اوهان پنهنجي بهادري جا جوهر ڏيکاريا ته ان مغرور راجا کي به ضرور شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو.ڳڀرو جوان جي جذباتي تقرير کانپوءِ هر ڪنهن ميدان مارڻ يا پاڻ مرڻ جهڙا جذبا ڏيکاريا ۽ اڳتي وڌڻ جون تياريون شروع ٿي ويون.

حجاج بن يوسف جو وڇوڙو:

اڃا مسلمانن جو لشڪر قنوج تي ڪاهه ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هو ته اوچتو حجاج بن يوسف جي وفات جي خبر اچي پهتي. محمد بن قاسم کي ان خبر جنجهوڙي وڌو. ڇو ته حجاج هن جو سؤٽ هو ۽ ان کانسواءِ اڀرندي ملڪن جي نئين گورنر جنرل ۽ ان جي سنڌ متعلق پاليسين جو به فڪر ٿيس، تنهنڪري اتان حملي جو ارادو ترڪ ڪري محمد بن قاسم پنهنجي سپاهه سميت ملتان، اروڙ ۽ بغرور واپس موٽي آيو.

بيلمان جي فتح:

اُتان محمد بن قاسم هڪ فوجي دستو بيلمان ڏانهن اماڻيو ۽ بيلمان وارن بنا ڪنهن ويڙهه جي آڻ مڃي ورتي. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ فوج اڳيان سرست (سورت) وارن به ڪنڌ نمايو.

ڪيرج جي ڪاميابي:

محمد بن قاسم مٿيان علائقا فتح ڪري ڪيرج (جئپور) تي چڙهائي ڪئي، اتان جو راجا دوهر وڏي جوش ۽ دٻدٻي سان وڙهڻ لاءِ آيو پر گهڻي جهيڙي کان پوءِ مارجي ويو ۽ مسلمان شهر تي حاوي ٿي ويا. ڪنهن عربي شاعر اتي چيوته:

نحن قتلنا داهراً ودوهراً،

والخيل تردي منسرا فمنسرا.

”ڏاهر ۽ دوهر کي اسان قتل ڪيو ۽ سوارن جا وڏا وڏا ٽولا صرف ڦيرا ڏيندا رهيا.“


.  گذريل صفحي ۾ مؤلف راجا ڏاهر جو سر صارم بن ابي صارم جي هٿ عراق موڪلڻ جو لکي چڪو آهي. (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org