سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :28

 

قنڌار ڏانهن ٻيهر وڃڻ:

اهي فيصلا ڪري بکر کان قنڌار لاءِ نڪتو.

تاريخ طاهري ۾ آهي ته هو سيوي ۽ گنجابه جي رستي قنڌار پهتو ۽ سڄي صوبي ۾ سٺن لڇڻن وارا ماڻهو رکيائين. ڀائي خان ۽ لطف الله سلطان کي لشڪر ڏئي افغانن تي چاڙهي موڪليائين، جڏهن ته راءِ ماڻڪچند پٽ راءِ کهريي کي لشڪر ڏيئي حيدر سان وڙهڻ لاءِ روانو ڪيائين، جنهن وڃي قلعا واپس ڪري حيدر کي آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيو.

مطلب ته مرزا هر طرح سان صوبي کي سڌاريو ۽ باغين کي سيکت ڏئي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪيو، جنهن ڪري ماڻهن سک جو ساهه کنيو.

مرزا غازي جي پرڏيهي پاليسي:

مرزا غازي بيگ قنڌار پهچي ڏيهي معاملن سان گڏ پرڏيهي پاليسي تي به ڌيان ڏنو، ڇاڪاڻ ته قنڌار جي پاڙيسري ملڪ ايران جا سردار جڏهن موقعو ڏسندا هئا حملو ڪري ڏيندا هئا. ان ڪري مرزا ايران جي بادشاهه سان دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪيا ۽ سيد عبدالله سلطان جي هٿ قيمتي سوکڙيون شاهه عباس صفوي ڏانهن موڪليون ۽ جواب ۾ ان به مهانگا تحفا موڪليا. اهڙيءَ طرح مرزا جي ڪري ايران ۽ قنڌار جا ويجها واسطا قائم ٿي چُڪا هئا ۽ شاهه ايران مرزا کي پنهنجو پٽ سمجهندو هو ۽ قيمتي سوکڙيون موڪليندو رهندو هو.

ماثر لامرا ۾ آهي ته:

بادشاهه عباس طريقئہ مراسلت سلوڪ نمود، گويند شاهه مکرر خلعت فرستاد.

ذخيرة الخوانين جي ليکڪ به شاهه عباس طرفان ٻه ڀيرا خلعت اچڻ ۽ خط پٽ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان ئي ڪتاب ۾ مرزا جي قصيدي جو هڪ شعر ملي ٿو جيڪو هن شاهه عباس جي ساراهه ۾ چيو هو.

ز زهر مار زمان در آمان بود آنکس،

کہ شاهه مهره مدح تو در دهن گيرد.

قنڌار وارو وقت:

مرزا 14 رجب 1017هه (1608ع) ۾ قنڌار پهتو ۽ وفات 1021هه تائين (1612ع) تائين اتي رهيو. انهن ٻارهن سالن جي وقت ۾ مرزا قنڌار ۾ امن امان قائم ڪيو، پرڏيهي پاليسي کي جٽادار بڻايو ۽ رعايا جي ڀلائيءَ لاءِ انيڪ ڪم ڪيا. مرزا جي دربار عالمن ۽ شاعرن ۽ درويشن سان ڀري پيئي هوندي هئي.

اهڙن سهڻن انتظامن ڪري ملڪ مادي ترقي سان گڏ تهذيبي ۽ تمدني ترقي به ڪئي، جنهنجو اعتراف ان دؤر جي تاريخدانن به ڪيو آهي.

ميخانئه عبدالنبي جو مؤلف جيڪو سندس همعصر  به هو، ان جي انتظامي خوبين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو.

باوجوديکہ در قندهار اندڪ زماني حڪومت کرده، فاما آثار خوب ازو بسيار مانده.

مرزا جو هم وطن ۽ هم عصر شيخ فريد بکري زخيرة الخوانين ۾ رقمطراز آهي ته:

ميرزا در صوبيداري قندهار نامي گزاشت، و نادر قندهار بود، سلوڪ با مترددين بعنوان پسنديده کرد، خود را بہ نيڪ نامي علم ساخت.

ماثر رحيمي جو ليکڪ ـــ مرزا جي خوبين جي ساراهه  ڪندي لکي ٿو:

در آنجا بهمت و حسن سلوڪ با مترددين عراق (کذا) بر آورد ـــ گويند در قندهار مجلس مرزا مجمع صاحب کمالان بود.

ترخان نامي جو مؤلف سيد مير محمد لکي ٿو ته:

القصہ روز بروز شان و شوڪت ميرزا غازي زائده مي شد، و آن و جوان بخت دست همت در سخاوت وجود کشاده مانند ابر زرفشاني مي نمود، ازين، جهت فضلا و شعرا روزگار از ايران و توران رجوع بخدمت او نمودند، و مجلسش بهشت آئين همواره مجمع فضلا و شعرا روزگار بود، و هميشہ بعيش و طرب ميکوشيد، چنانچہ هر روز سپاه و رعيت روز عيد و هر شب شب برات از دولت آن جوان بخت داشتند، و غائبانہ اکثر مدرسان و شعرا و گوشہ نشينان ايران را نام بنام ساليانہ مقرر فرموده بود کہ هر سال بانها مير سيد ازين ممر همہ مردم مداح او بردند، ودربار او نمونہ دربار شاهي بود، وضبط آن مملکت بنوعي نمود کہ مردم ايران  ر امطيع خود ساخت، و والي ايران ازو انديشناڪ بود، وايلچيان درميان آمد و رفت ميکردند و ميرزا غازي را والي ايران نيز فرزند ميگفتہ بتحائف آنجا ياد ميفرمود.

جهانگير پاڻ به پنهنجي آتم ڪٿا ۾ مرزا جي حسن انتظام جي ساراهه ڪئي آهي.

مرزا غازي بيگ جيترو عرصو به اتي رهيو  عوام ۽ لشڪر سان تمام سٺي طريقي سان پيش آيو ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهيو.

قنڌار جو خرچ:

قنڌار ۾ مرزا جي جيڪا رهڻي ڪهڻي، طور طريقا، بخشش ۽ سخاوتون هيون، انهن جو خرچ قنڌار جي آمدنيءَ کان وڌيڪ هو، ان لاءِ مرزا ٺٽي خسرو خان کي به لکيو هو جيڪو هميشه ڪو بهانو ڪري ٽاري ڇڏيندو هو. تاريخ طاهريءَ ۾ آهي ته هن جو خرچ آمدنيءَ کان ٻيڻو هو، جيتوڻيڪ پورو ٺٽو، قنڌار ملتان صوبي جو ڪجهه حصو ۽ سيوهڻ هن جي هٿ ۾ هئا، پر پوءِ به هو مفلس ۽ قرضي هوندو هو. هڪ ڏينهن خرچ ۽ آمدني جي ڪاٿي جا ڪاغذ سندس عملدار کڻي آيا ته انهن کي ڦاڙي ڦٽي ڪيائين ۽ چوڻ لڳو رزق جو مالڪ رزاق آهي، منهنجي پيءُ کي ارغونن ۽ ترخانن جو خزانو هٿ آيو ۽ خرچ ڪرڻ جي باوجود به ايترو ڇڏيائين جيڪو منهنجي هٿ  ۾ آهي، جيستائين جسم ۾ ساهه آهي، مون کي يقين آهي ته هو پاڻ ئي ان جو ڪو بندوبست ڪندو، پوءِ اسان کي سوچڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.

جڏهن خرچ جي تڪليف وڌي ويندي هئي ته مرڪزي حڪومت کان وٺي ڪري پورو ڪندو هو. جهانگير، توزڪ جي جشن پنجين ۾ سندس پاران امداد گهرڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

مرزا غازي بيگ خان بجهت سامان از وقہ قندهار و ماهيانہ برقندازان مذکور درخواست نموده بود، فرمودم کہ دولڪ روپيہ از خزانہ لاهور روانئہ قندهار سازند.

ٺٽي جي حڪومت جو حال:

قنڌار اچڻ کان اڳ مرزا غازي بيگ ٺٽي جي حڪومت ۾ چڱا خاصا سڌارا آڻي آيو هو پر، هن جي وڃڻ کانپوءِ وري اتي خسرو چرڪس ۽ سندس مائٽن باهه ٻاري ڏني ۽ پنهنجي عهدن جو ناجائز فائدو وٺندي ملڪ ۾ ڦرمار مچائي ڏني ۽ مرزا ڏانهن هڪ روپيو به نٿي پئي موڪليائين. مرزا جي همدرد اميرن سڄي صورتحال کان مرزا کي به واقف ڪيو ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي موڪلڻ لاءِ چيائونس.

هندو بيگ کي موڪلڻ:

عوام ۽ اميرن جي اهڙي شڪايت کانپوءِ مرزا غازي بيگ راءِ گهريي جي ناٺي راءِ سائينڏني کي هندو بيگ جو خطاب ڏئي سردار ڪري ٺٽي موڪليو ۽ ساڻ سندس سالو ماڻڪچند ۽ شهباز به ڏنائينس، انهن کي موڪلڻ کانپوءِ مرزا وڏي ڪاوڙ ۽ نفرت آميز انداز ۾ انهن نمڪ حرام اميرن مان هڪ هڪ جو نالو وٺي ۽ کين سخت سزا ڏيڻ جو چوندو رهيو ته:

همہ غلامان حرام نمڪ را کہ پا از گليم بيرون آ ورده و سرا از اندازه بيرون برده مارا بنظر نمي آورند بدين عقوبت خوار و رسوا خواهم ساخت کہ خسرو خان چوب در دست داده، دربان کنيزان چند کہ کہ در رکاب است مي نمائيم. فتح الله ولد لطف الله بهائي خان کہ حاکم حکم بدين شده آفتابچي مي  سازم کہ پدرش در جرگه نشستہ باشد، و او آب بہ دست آن کسان ريزد کہ آن را از جملہ نوکر ان خودمي پنداشت، محمد بيگ کہ بسيار نازڪ و بيشتر تقليد مامي دارد جلا جل جلوداران در کمرش مي بنديم، و در جلو ميد و انيم، تابداند کہ صاحب ما است و نتيجہ بد ديانتي خوب مي يابد.

هندو بيگ ۽ ماڻڪ چند جو انجام:

تاريخ طاهريءَ ۾ آهي ته هندو بيگ ۽ ماڻڪ چند سڀ کان اڳ حالتون درست ڪرڻ لاءِ نصرپور پهتا ته نصرپور جي حاڪم مقيم سلطان پٽ شاهه قاسم ارغون، خسرو چرڪس سان ڳٽ جوڙ ٿي ڪري ٻنهي کي قلعي ۾ قيد ڪري ڇڏيو، ماڻڪ چند قلعي مان نڪري ڪري مقيم سلطان سان ڳالهائڻ لڳو ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي ٻئي تيز ٿي ويا. مقيم سلطان جا ماڻهو ته اڳ ۾ ئي تيار ويٺا هئا سو ماڻڪچند ۽ سندس ساٿي ميرڪ محمد سلطان کي انهيءَ مهل ماري پٽ تي ڪيترائي وڌائون.

راءِ سنگهه جو بدلو وٺڻ:

راءِ ماڻڪ جي موت جي خبر جڏهن سندس پٽ راءِ سنگهه کي پهتي ته پيءُ جو بدلو وٺڻ لاءِ لشڪر گڏ ڪري اچي نصرپور پهتو ۽ چيائين ته بابا جي لاش کي تڏهن چکيا تي چاڙهيندس، جڏهن ان جو بدلو وٺندس.

راءِ سنگهه ۽ مقيم سلطان جي لشڪر ۾ دوبدو جنگ لڳي ۽ مقيم سلطان جا جڏهن کوڙ سارا ماڻهو مارجي ويا ته هاٿي ۽ سامان ڇڏي ميدان مان ڀڄي ويو. ان سوڀ کانپوءِ راءِ سنگهه پنهنجي پيءُ جي چتاءَ کي ساڙيو ۽ فتح ۽ ڪامراني جا نعرا هڻندو اچي مرزا وٽ قنڌار پهتو.

مرزا، راءِ سنگهه جي اهڙي ڪارنامي  ڪرڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پيءُ کان مٿانهون مرتبو عطا ڪري واپس سنڌ موڪليو.

خسرو جو حڪومت کان هٽجڻ:

راءِ سنگهه موٽي سنڌ آيو ۽ هندو بيگ سان ملي ڪري خسرو چرڪس ۽ سندس ساٿين کي حڪومت تان هٽائي ڪري پنهنجن ماڻهن کي رکيو.

تاريخ طاهريءَ ۾ آهي ته:

خان را از معاملات حکومت ملڪ بيدخل ساخت، درهر صوبہ عمال تعين داشتہ بہ تحصيل مال و معاملہ مشعول گشتند.

خسرو ٺٽي جي حڪومت کان الڳ ٿي هالا ڪنڊي پهتو ۽ اتان قنڌار مرزا ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو پر اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ مرزا غازي گذاري ويو ۽ خسرو اتي ئي هندو بيگ کي سبق سيکارڻ جون  ترڪيبون ڳولهڻ لڳو.

مرزا غازي جو وڇوڙو:

مرزا غازي جي وفات جي باري ۾ جيڪي معتبر روايتون ملن ٿيون اهي هي آهن:

تحفة الڪرام ۾ آهي ته مرزا جڏهن قنڌار ۾ بلند مرتبي کي پهتو ۽ سندس بخت ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو، تڏهن سندس عزيزن مان ڪي جان جا دشمن ٿي بيٺا ۽ 1021هه ۾ عبداللطيف نالي خان زاد هٿان گهٽا ڏياري ۽ ڪن مطابق زهر ڏياري مارايو ويو.

طاهر نسياني جيڪومرزا جو هم عصر ۽ ان وقت قنڌار ۾ موجود هو، ان پنهنجي ڪتاب تاريخ طاهريءَ جي مهاڳ ۾ مرزا جي تاريخ وفات جي قطعي ۾ ان  زهر ڏيڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

زهر در کامش غلامان ريختند از بسر آن،

تا بگير ند جاي او آينده اندر منزلش،

سال تاريخ وفاتش خواستم گفتہ خرد،

بر کشيدند کينہ و دادند زهر قاتلش.

مرزا جي درٻاري شعر مرشد خان بروجردي به سندس وفات تي جيڪو مرثيو چيو ان ۾ به انهيءَ زهر ڏانهن اشارو ملي ٿو.

زهر دوران ساخت در کامش زلال جام را،

خون او ترسم، بيگرد دامن ايام را.

ماثر رحيمي ۾ سندس موت جو ڪارڻ ڪو سور ٻڌايو ويو آهي ۽ گڏوگڏ هي به لکيل آهي ته ”و بقول جمعي معصوم شد“

شيخ فريد بکري ذخيره الخوانين ۾ لکي ٿو ته ”بيمار شد و در دو سر روز وفات يافت“ وري هو لکي ٿو ته 1028هه ۾ جڏهن ڀائي خان جهانگير سان گڏ هو ۽ حسن ابدال ۾ منهنجي ۽ خواجا محمد موددي چشتي تي دعوت ڪيائين ته ان محفل ۾مرزا جي مرڻ جي ڳالهه نڪرڻ تي هن قسم کڻي چيو ته مرزا پنهنجي موت پاڻ مئو، گهڻي شراب واپرائڻ ڪري موت آيس.

ماثر رحيمي ۾ آهي ته ان موت جو الزام ڪي ماڻهو سندس سردار ۽ وڪيل ڀائي خان تي هڻن ٿا، ڇاڪاڻ ته مرزا هن جي پيءُ خسرو خان چرڪس کي آخر ۾ خوار ڪيو هو.

ترخان نامي ۾ چيل آهي ته ڀائي خان جون نظرون مرزا جي ڪرسي تي هيون ان ڪري کيس گهٽا ڏيئي ماري ڇڏيو.

مرزا ڏهه سال حڪومت ڪري، ستاويهن ورهين جي ڄمار ۾ صفر 1020هه تي آخرت جي سفر ڏانهن روانو ٿيو. سندس وفات جو ذڪر ۽ اعلى صلاحيتن جو اعتراف جهانگير پنهنجي ڪٿا ”توزڪ جهانگيري“ ۾ ڪيو آهي.

مرزا غازي جي تدفين:

مرزا غازي جي ميت کي قنڌار کان ٺٽي آڻي مڪلي ۾ پنهنجي پيءُ مرزا جاني بيگ ڀرسان دفن ڪيو ويو.

مرزا غازي بيگ جي حڪومت:

مرزا غازي جو سڄو دؤر لکجي چڪو آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هو حڪومت هلائڻ ۽ دشمن سان وڙهڻ ۾ ڀڙ هو، جنهن جو ثبوت هن قنڌار جي مهم ۾ ڏنو. باقي سنڌ تي هو قنڌار ۾ رهڻ ڪري گهڻو ڌيان نه ڏئي سگهيو پر پوءِ به سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ هن ڪي ڪوششون ضرور ورتيون ۽ سنڌ کي خوشحال ڏسڻ چاهيو پر موت کيس مهلت نه ڏني ۽ جوانيءَ ۾ ئي پنهنجي هنج ۾ سمهاري ڇڏيو.

قنڌار ۾ مرزا جو عوام سان ورتاءُ ۽ انهن تي ڪرم نوازيون ساراهه جوڳيون هيون، جن جي مؤرخن  تعريف ڪئي آهي.

 

مرزا جا درٻاري عالم ۽ شاعر

مرزا غازي بهادر سپاهي، دريا دل انسان ۽ اعليٰ منتظم هو ـــ پاڻ شاعر هجڻ ڪري علم ۽ ادب جو وڏو قدردان هو، جنهن جي ڪري هزارين عالم ۽ شاعر سندس درٻار سان لاڳاپيل هئا، جن کي هو وظيفن ۽ انيڪ مهربانين سان نوازيندو هو. انهن عطائن ۽ ڪرم نوازين جي ڪري ايران کان به علم ۽ هنر وارا ماڻهو اچي هن وٽ گڏ ٿيندا هئا. مرزا جي درٻار کي رونق بخشيندڙ انهن اهم شخصيتن جو ذڪر اسان هتي ڪيون ٿا.

طالب آملي:

طالب آملي مرزا جي اهم درٻاري شاعرن مان هو، خيال آهي ته هو 987هه جي لڳ ڀڳ آمل شهر ۾ ڄائو، ٽيهن سالن جي عمر ۾ روزگار جي ڳولها ۾ ڪاشان، اصفهان، مشهد، مرو ۽ پوءِ 1016هه ۾ هندستان پهتو. خير البيان مطابق هندستان اچي هو مرزا غازي جي درٻار سان واڳجي ويو ۽ ٿوري عرصي ۾ اعلى شاعري ڪري اهم مقام حاصل ڪري ورتائين.

مجمع النفائس مطابق هو پهريون سنڌ ۾ مرزا غازي وٽ رهيو ۽ پوءِ هندستان آيو.

سيد طاهر نسياني لکي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ طالب آملي ۽ شمس قنڌار پهچي ڪري مرزا غازي جي درٻار ۾ داخل ٿيا.

قنڌار ۾ طالب جي ماتا ڪري هڪ اک کري پيئي ۽ هو اتان بد دل ٿي ڪري 1020هه ۾ هندستان هليو آيو.ديانت خان کيس جهانگير جي درٻار ۾ پهچايو پرسڪون واري دوا واپرائڻ ڪري اتي ڪجهه نه ڳالهائي سگهيو ۽ مايوس موٽي آيو. ديانت خان کيس گجرات  عبدالله خان فيروز ڏانهن موڪليو پر جيئن ته هن جي شعر ۽ ادب سان ڪا دلچسپي نه هئي ان ڪري طالب ناقدري ڏسي آگره ۾ مرزا غياث الدين جو مهردار اچي مقرر ٿيو پر اها به گهڻو وقت نڀائي نه سگهيو.

مرزا غياث الدين وري مٿس مهرباني اها ڪئي جو جهانگير جي درٻار تائين پهچايائينس ۽ 1028هه ۾ اتان ”ملڪ الشعراءِ“ جي خطاب سان نوازيو ويو.

آخر ۾ هو خاموشيءَ واري حالت ۾ رهيو ۽ جهانگير جي مرڻ کان هڪ سال اڳ 1036هه ۾ جوانيءَ ۾ ئي گذاري ويو ۽ فتح پور ۾ دفنايو ويو.

طالب آملي مرزا جي تعريف ۾ ڪيترائي قصيدا چيا. راشدي صاحب پنهنجي قيمتي ڪتاب ”غازي بيگ ترخان“ ۾ اهي سڀئي قصيدا ڏنا آهن.

ملا مرشد بروجردي:

شعر ۽ ادب جي حوالي سان مرزا جي درٻار جو اهم نالو مرشد بروجردي همدان جو رهاڪو هو، ننڍپڻ بروجرد ۾ گذاري ۽ تعليم پرائي همدان پهتو ۽ همدان ۾ گهڻو عرصو رهڻ بعد شيراز شهر جي حسن جي هاڪ ٻڌي عراق کان ٿيندو اتي پهتو ۽ دل ڪنهن محبوب کي ڏئي ويٺو. انهيءَ عشق سندس اندر ۾ هڪ نئين طوفان کي جنم ڏنو، جيڪو ملا مرشد جي شاعريءَ جوڪارڻ بڻيو. انهيءَ کانپوءِ هو سنڌ ۽ هندستان ۾ جتي به ويو انهيءَ شعر جو من موهڻيون يادون دل ۾ سانڍيندو رهيو. جڏهن هو هندستان آيو ته ان شهر کي هن طرح ياد ڪندي چوي ٿو:

زتاب فرقت شيراز و گلعذ ارانش،

درين ديار چنانم کہ چنبہ در آتش.

ٻي جاءِ تي چوي ٿو:

کجاست خاڪ ره دلبران شيرازي،

کہ ديده کور شد از سرمئہ صفهاني.

شيراز وارن ۽ اتان جي حاڪم محمد قلي، ملا مرشد جو وڏو قدر ڪيو. 1012هه ۾ ملا اسد قصه خوان جي چوڻ تي مرزا غازي کيس سنڌ گهرائي ”مرشد خان“ جي خطاب سان نوازيو ۽ سنڌ جي سڀني ڪم ڪارين جو سربراهه بڻائي پنهنجو وڪيل رکيو، مرزا جي فرمانن پويان ملا مرشد جي مهر لڳندي  هئي. ملا مرشد جي سڀ کان وڌيڪ مرزا جي درٻار ۾ هلندي هئي ۽ سندس چوڻ تي مرزا ڪيترن ئي شاعرن کي پنهنجي درٻار ۾ رکيو.

1013هه ۾ مرزا جڏهن اڪبر جي درٻار ۾ ويو ته ملا مرشد به ساڻ هو.

ملا مرشد اڪبر کانپوءِ جهانگير جي لاءِ هڪ قصيدو لکيو. جهانگير سان گڏ مرزا غازي لاهور پهتو ۽ اتان سندس حڪم تي قنڌار ويو ته مرشد ٺٽي موٽي آيو، مرزا غازي جي وڇوڙي کانپوءِ 1022هه تائين ٺٽي ۾ رهيو، پر جڏهن عبدالرزاق معموري ارغوني ۽ ترخاني اميرن کي جهانگير وٽ اجمير وٺي ويو ته مرشد به گڏ هو. اتي هو مهابت خان سان لاڳاپجي ويو ۽ ان سان گڏ دڪن جي مهم تي ويو. دڪن کي جڏهن شهزادي خرم فتح ڪيو ته هن ان جي تعريف ۾ ڪي قصيدا ۽ قطعا چيا، جنهن تي شهزادي خرم خوش ٿي کيس پاڻ وٽ گهرايو. ماثر رحيمي مطابق خان خانان به هن کي پاڻ وٽ گهرائڻ چاهيو هو پر ان وقت شهزادي خرم سان گڏ هو. 1031هه ۾ملا مرشد جي زندگي جو ڏيئو اجهامي ويو پر قبر جي باري ۾ تاريخون خاموش آهن. مرشد جو ديوان نادر ۽ ناياب آهي، چيو وڃي ٿو ته ان جو هڪ نسخو راجا نرندر ناٿ جي ڪتب خاني ۾ هو. اسپرنگر هڪ نسخي جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو موتي محل جي ملڪيت هو. هڪڙو نسخو ايران ۽ عبدالحسين وٽ به هو. پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ هڪ نسخو موجود آهي، پر ان جا شروعاتي اٺ ورق غائب آهن. راشدي صاحب به پنهنجي ڪتاب ”مرزا غازي بيگ“ لاءِ ملا مرشد جي ڪتاب مان مدد ورتي آهي.

مرشد جي باري ۾ ميخانه عبدالنبي ۾ آهي ته ”مرشد 1028هه تائين پنهنجو ڪلام چوپڙي ۾ گڏ ڪيو هو، جنهن ۾ ڇهه هزار کن شعر هئا. راشدي صاحب انهن جو نمونو پنهنجي مٿئين ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ ڏنوآهي.

ملا اسد قصه خوان:

ملا اسد جو فصاحت ۽ بلاغت ۾ ڪوئي ثاني نه هو. قصه گو سان گڏ سٺو شاعر به هو پر خانداني طور تي کيس وراثت ۾ قصه خواني ملي هئي. پاڻ شيرازي هو. روزگار جي فڪر سانگي اڪبر جي درٻار ڏانهن آگري لاءِ گهران نڪتو پر اوڏانهن ويندي ٺٽي ۾ مرزا غازي سان جڏهن هو اڃان جوان نه ٿيو هو، ملاقات ٿيس ته مرزا سندس شيرين بياني ۽ لفظن جي ادائگيءَ کان متاثر ٿي ڪري پنهنجو استاد رکيو ۽ جاگير سان نوازيائينس.

تاريخ طاهري مطابق هو ملا رشيد سان گڏ ايران کان اچي لاهري بندر وٽ لٿو ۽ اتان ٺٽي پهتو.

مرزا غازي بيگ 1013هه ۾ جڏهن هندستان ويو ته ملا اسد، ملا مرشد کي ساڻ وٺي ويو ۽ ٻئي مرزا جي وفات  تائين ان سان گڏ رهيا.

1025هه ۾ هو جهانگير جي درٻار ۾ پهچي ”حفيظ خان“ جي خطاب سان نوازيو ويو ۽ 1027هه ۾ جڏهن گجرات کان آگره اچي رهيو هو ته دم ڌڻي حوالي ڪيائين. سندس دوست ملا مرشد هن جي وڇوڙي تي هڪ قطعو چيو جنهن جي مادي ۾ ملا اسد جي وفات جي تاريخ به نڪري ٿي.

اسد رفت و تاريخ فوتش ز مرشد،

طالب کرد دل گفت اسد رائيگان رفت.

1027هه

ملا احسني گيلاني:

ملا احسني به مرزا جي درٻار سان واڳيل هو. خيرالبيان ۾ آهي ته هو طنزيه شاعري ڪندو هو ۽ سندس گهڻو وقت کائڻ پيئڻ ۾ گذرندو هو. 1019هه ۾ سيستان اچي ملڪ نجم الدين جي درٻار مان فيض حاصل ڪندو رهيو ۽ پوءِ قنڌار ۾ مرزا غازي جو وفادار بڻجي ويو. مرزا غازي جي وفات کانپوءِ راهيجان ۾ اچي رهيو ۽ خيرالبيان جي مؤلف سان ملاقات ٿيس، جيڪو هن جي باري ۾ لکي ٿو ته، هو قصيدن ۾ عجيب ۽ غريب لفظ استعال ڪندو آهي ۽ هجو فصيح چوندو آهي. راشد صاحب ڪجهه شعر ذڪر ڪيل ڪتبا ۾ ڏنا آهن.

ملا شيخ اسحاق بکري اسحاق:

شيخ صاحب انهن بزرگن مان هو جنهن مرزا غازي جو وقار وڌايو. شروعات ۾ سلطان محمود بکري جي نوڪريءَ ۾ هو پوءِ مرزا غازي جي درٻار ۾ آيو. راشدي صاحب لکيو آهي ته سلطان محمود جي وفات بعد هو گجرات وڃي خواجا نظام هروي جو وڪيل ٿيو.

شيخ اسحااق مير معصوم جو ڏاڍو گهاٽو دوست هو ۽ مير معصوم ان جي محبت ۾ گجرات ويو ته شيخ اسحاق گجرات جي صوبيدار شهاب الدين کي سفارش ڪري اهم عهدو ڏياريائينس.

شيخ اسحاق ۽ مير معصوم بکري، خواجا نظام الدين هروي کي ان جي اهم ڪتاب ”طبقات اڪبري“ کي سهيڙڻ ۾ وڏي مدد ڏني. 998هه ۾ جڏهن بادشاهه خان خواجا نظام الدين کي گجرات کان لاهور گهرايو ته خيال ڪيو وڃي ٿو شيخ اسحاق به لاهور هليو آيو هوندو.

سنڌ تي جڏهن مغلن قبضو ڪيو ۽ اها جاني بيگ کي جاگير ۾ ڏنائون ته ان انتظام واسطي پنهنجا امير اماڻيا ته انهيءَ زماني ۾ مرزا غازي جي استادي لاءِ شيخ اسحاق جو انتخاب ڪيو ويو.

ترخاني دؤر جو مشهور مؤرخ سيد طاهر نسياني به شيخ اسحاق جي شاگردن مان آهي. سندن وفات مير معصوم جي وڇوڙي 1027هه کان ٻه ٽي سال پوءِ ٿي.

مير عماد الدين محمود اسد آبادي، الهي:

الاهي جي تخلص سان پنهنجي شاعريءَ جا جوهر ڏيکاريندڙ مير عماد الدين 1020هه اسد آباد ۾ ڄائو، جيڪو همدان ۽ ڪرمان شاهه جي وچ ۾ هڪڙو ڳوٺ آهي.

ماثر رحيمي مطابق هو ايران مان ٻين علم وارن سان گڏ قنڌار آيو ۽ مرزا غازي جي درٻار مان فيضياب ٿيو، مرزا غازي جي موت بعد هندستان اچي ڪيترن ئي اميرن جي خدمت ۾ رهيو ۽ پوءِ شاهجهان جي درٻار ۾ رسائي حاصل ڪري ورتائين.

ظفر خان احسن کي جڏهن ڪشمير جي صوبيداري ملي ته مير عماد کي پاڻ سان ڪشمير وٺي ويو ۽ اتان ئي آخرت جي سفر ڏانهن روانو ٿيو، غني ڪاشميري جيڪا سندس تاريخ وفات ڪڍي آهي، اها هي آهي.

برد الاهي زجهان گوي سخت (1064هه) . مير الاهي جو ديوان پنج هزار شعرن سان ڀريل آهي.

ملا عبدالرشيد، رشيد:

گذريل ورقن ۾ ٻڌائي چُڪا آهيون ته هو ملا اسد سان گڏ لاهري بندر کان ٺٽي آيو ۽ مرزا هن موتي کي پنهنجي درٻار لاءِ چونڊي ورتو ۽ آخر تائين مرزا سندس شعرن مان لطف وٺندو رهيو.

عطاءُ الله ڪشميري، رضوي:

هو اصل ڪشمير جو هو، رضوي ۽ عطائي تخلص شاعريءَ ۾ استعمال ڪندو هو، مرزا غازي سان آخر تائين واڳيل رهيو ۽ ان جي وڇوڙي کانپوءِ آگره هليو ويو.

سروري يزدي:

ماثر رحيمي جي مؤلف سروري يزدي کي مرزا غازي جي درٻاري شاعرن ۾ اهم لکيو آهي. ان جي باري ۾ چوي ٿو ته:

. . . . . محوي اردبيلي، و سروري يزدي و ملا اسد . . . . .و ديگر مستعدان ايران بشرف آن بختيار (مرزا غازي) رسيدند.

مير محمد هاشم، سنجر ڪاشي:

هي عظيم شاعر 1000هه يا 1002هه ۾ هندستان پهتو ۽ اڪبر جي درٻار سان لاڳاپجي ويو. غلام علي آزاد ”خزانه عامره“ ۾ لکي ٿو ته:

وبا ميرزا جاني والي تتہ و پسرش ميرزا غازي بسيار ارتباط داشت، و مدح پدرو پسرابر جريده روزگارمي نگاشت.

1008هه ۾ راجا سورج سنگهه، مير سنجر کي ڪجهه عرصو نظر بند رکيو ۽ جڏهن اتان آزاد ٿيو ته بيجاپور اچي شاهنواز خان جي معرفت سلطان عادل شاهه جي درٻار ۾ پهتو. بيجاپور ۾ ئي هو ته شاهه ايران کيس پاڻ وٽ گهرايو، هو اڃا وڃڻ جون تياريون ڪري رهيو هو ته دستن جي بيماري ٿي پيس ۽ 1021هه ۾ گذاري ويو.

مٿئين سموري تفصيل راشدي صاحب جي ڪتاب ”غازي بيگ ترخان“ مان ورتي ويئي آهي. ان کانسواءِ به ڪيترائي شاعر ۽ عالم هن جي درٻار سان واڳيل رهيا، جن ۾ حافظ داؤد بديني داؤد، محمد روشن ذهني ٺٽوي، محمد شريف شاهد، ملا نفيس الدين ثاني تڪلو، شمساي زرين رقم، ملا اصفهاني شيدا، ملا محمد مازندراني صوفي، طالب اصفهاني، عبدالباقي قصه خوان، مير، حسن بيگ تڪلو عتابي، مير عبدالله سلطان سبزواري عريضي، فصيحي انصري، ڪامي شيرازي، مولانا محوي اردبيلي ۽ سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي شامل آهن.

مرزا غازي پاڻ به سٺو شاعر، موسيقي جو ڄاڻو ۽ لاجواب طنبورو وڄائيندڙ هو. هو ۽ سندس پيءُ ٽوڊي راڳڻي جو ماهر هو. مقالات الشعراءَ جي مصنف مطابق مرزا جي ديوان ۾ پنج هزارن کان مٿي شعر هئا. هو وقاري تخلص سان شاعري ڪندو هو، جنهن جي باري ۾ مؤرخن عجيب واقعو لکيو آهي ته:

ذخيرة الخوانين ۾ آهي ته جڏهن مرزا قنڌار ۾ هو ته پنهنجي پيءُ جي تخلص حملي سان ٺهڪندڙ ڪو تخلص رکڻ چاهيائين، ذهن ۾ وقاري آيس ته ان تخلص سان قنڌار ۾ هڪ ٺٽي جو شاعر رهندو هو، مرزا ان شاعر کي گهرائي سندس تخلص خريدڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ هو راضي ٿي ويو، پوءِ مرزا ان کي هڪ هزار ۽ خوبصورت لباس عطا ڪيو. ان شاعر وري پنهنجو تخلص تبديل ڪري خلدي رکيو.

شيخ فريد بکري مطابق مرزا پنهنجي ابن ڏاڏن جو گڏ ڪيل سمورو خزانو شاعرن ۽ سپاهين  ۾ لٽائي ڇڏيو.

ماثر الامراءَ ۾ آهي ته هو پنهنجي پيءُ وانگر شراب جو شوقين هو ۽ هر رات هڪ نئين ڪنواري ڇوڪري ءَ جي جسم سان کيڏندو هو ۽ وري ڪڏهن ان جو منهن نه ڏسندو هو. شايد اهو ئي سبب آهي جو ٺٽي جي هر بدڪار عورت پنهنجو پاڻ کي مرزا سان منسوب ڪندي هئي. (ج 3، ص ــ 348)

شيخ بکري لکي ٿو ته:

بي عيب خدا آهي باقي مرزا ۾ ڪوئي عيب نه هوندو هو سواءِ شراب نوشي ۽ رنڊي بازي جي. هر رات دلال کيس هڪ نئين ڪنواري ڇوڪري آڻي ڏيندا هئا، جن جي عزت لٽي وري ڪڏهن انهن جو منهن نه ڏسندو هو ۽ اهي محل ۾ پيون هونديون هيون.

اڳي هلي شيخ فريد لکي ٿو ته:

مرزا غازي جي ماءُ ٺٽي مان ٻارهن سؤ ڪنواريون ناريون جيڪي ٻارهن سالن جون هيون، قنڌار وٺي آئي ۽ مرزا انهن سان قرب ونڊيو.

اهي سڀ ڳالهيون لکي شيخ فريد بکري اڳتي چوي ٿو ته:

انهن سڀني ڳالهين جي هوندي به مرزا غازي سخي، بردبار، درويش، خير خيرات ڏيندڙ ۽ عوام جو درد دل ۾ رکندڙ هو. (ڪتاب غازي بيگ ترخان مان ورتل)

مرزا غازي جي وڇوڙي کانپوءِ:

اسان اڳ ۾ لکي آيا آهيون ته خسرو چرڪس راءِ سنگهه ۽ هندو بيگ تي ڏمريو ويٺو هو سو مرزا جي مرڻ  بعد ڇا ڪيائين، ترخان نامي ۾ آهي ته صغير مرزا عبدالعلي پٽ مرزا فرخ بن مرزا شاهه رخ بن مرزا باقي کي کڻي تخت جو وارث بڻايائين، جيئن ارغون ۽ ترخان به چپ رهندا ۽ جهانگير به ان جي جانشيني کي قبول ڪندو، پر ان جي چال جي خبر جهانگير کي پئجي ويئي ۽ ٺٽي جو صوبيدار مرزا رستم قنڌاري کي ڪري موڪليائين، پر ان کان اڳ مير عبدالرزاق معموري کي روانو ڪيائين، جيئن خسرو چرڪس کان دم دلاسن سان ٺٽي جي حڪومت وٺي، مير عبدالرزاق ٺٽي پهچي خسرو خان جو پنج سؤ وظيفو مقرر ڪيو ۽ جڏهن مرزا رستم قنڌاري ٺٽي پهتو ته خسرو خان ۽ مرزا غازي جي ٻارن ٻچن کي وٺي جهانگير جي درٻار ۾ آيو.

جهانگير، خسرو، عبدالعلي کي جيل ڀيڙو ڪيو ۽ مرزا غازي جي ويجهن ملازمن کي انعامن سان نوازيو.

خسرو چرڪس جو حشر:

خسرو چرڪس قيد گهر ۾ ئي گذاري ويو ۽ عبدالعلي ۽ ڀائي خان کي نور جهان بيگم جي چوڻ تي آزاد ڪيو ويو. عبدالعلي جو وظيفو مقرر ٿي آصف خان جي حوالي ڪيو ويو ۽ جوان ٿي ڪو منصب ماڻيائين.

قنڌار جي صوبيداري تي ابوالنبي اذبڪ کي رکيو ويو.

سنڌ تي ترخانن اٺٽيهه سال حڪومت ڪئي. 1000هه ۾ اڪبر قبضو ڪري حڪومت انهن جي هٿ ۾ رهڻ ڏني. 1021هه ۾ مرزا غازي بيگ جي وفات سان ترخاني حڪومت پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ۽ مغلن جو دؤر شروع ٿيو ۽ انهن پنهنجا گورنر سنڌ موڪلڻ شروع ڪيا.

2. مرزا رستم قنڌاري:

مرزا غازي جي وفات کانپوءِ مغلن طرفان سنڌ جو پهريون گورنر مرزا رستم قنڌار ٿي آيو. تحفته الڪرام ۾ آهي ته: مرزا رستم بن سلطان حسين مرزا بن بهرام مرزا بن شاهه اسماعيل صفوي، جو پهريائين قنڌار جي آسپاس ۾ راور جي سر زمين جو حاڪم هو، ازبڪن جي خراسان تي غلبي ڪرڻ کانپوءِ، هو مقابلي جي طاقت نه ساري 1002هه ۾ اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ پهتو ۽ کيس ملتان جي گورنري ڏني ويئي ۽ پوءِ اتان ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. (اردو ترجمو ــ ص 289 ــ 90)

منتخب التواريخ مطابق جهانگير مرزا رستم کي ٺٽي جي گورنري ڏئي پنج هزاري خطاب سان نوازيو  ۽ عبدالرزاق معموري کي حڪم ڏنائين ته اتان جون اوڳاڙيون ڪري مرزا جي جاگير ۾ جمع ڪرائي.

مرزا قنڌاري ٺٽي جو گورنريءَ واري دؤر ۾ ماڻهن سان سٺو نه هليو ۽ انهن کي تڙپائيندو رهيو. جهانگير پنهنجي ڪٿا جي باب ڏهين ۾ مرزا رستم قنڌاريءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته:

منهنجي پيءُ جي زندگي ۾ ئي مظفر حسين مرزا گذاري ويو ۽ انهن مرزا رستم کي خان خانان سان دڪن موڪلي ڪجهه جاگير سندس نالي تي ڪئي. جڏهن حڪومت مان سنڀالي ته مرزا رستم کي اتان گهرائي ڪو سرحدي علائقو ڏيڻ چاهيو پر ان وچ ۾ ٺٽي ۽ قنڌار تي حڪومت ڪندڙ مرزا غازي پنهنجي رب سان وڃي مليو ته ان جي  جاءِ تي مرزا رستم کي گورنر ڪري پنج هزاري ذات ۽ سوار جي خطاب سان نوازي ۽ ٻه لک روڪ خرچ لاءِ ڏئي ٺٽي موڪليو، جيئن پنهنجي انتظامي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سگهي. مون کي کانئس ڪافي اميدون هيون پر هو ان جي ابتڙ نڪتو ۽ هن جي هٿان ڪوئي چڱائي جو ڪم نه ٿي سگهيو، الٽو ماڻهن کي آزاريائين. سندس ظلم بابت اهڙيون ٻيون ڳالهيون ٻڌي 1023هه  (1614ع) تي هن کي ٺٽي کان واپس گهرايو ويو ۽ راءِ سنگهه جي حوالي ڪيو ويو، جيئن هن کي پنهنجي عملن جي پوري پوري سزا ملي ۽ مستقبل ۾ ٻين لاءِ عبرت جو ڪارڻ بڻجي.

تحفة الڪرام جي حاشين ۾ راشدي صاحب ذخيرة الخوانين جي حوالي سان هن جي ظلمن جو ذڪر ڪيو آهي. ذخيرة ال وانين ۾ آهي ته مرزا رستم ٺٽي پهچي مالگذاري جي اوڳاڙي کي وڌايو ۽  خسرو خان جي هٿ مرزا غازي ۽ مرزا جاني جي مائٽن کي جهانگير جي درٻار ۾ موڪلي ٺٽي جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ شروع ڪيا. سندس اهڙين قهري ڪاررواين جي ڊپ کان ماڻهو وطن ڇڏي وڃڻ لڳا، جن ۾ ان دؤر جو عالم قاضي محمود به هو، جيڪو فريد بکري جي پيءُ شيخ معروف صدر بکر وٽ وڃي رهيو. ملتان ۾ به مرزا رستم ماڻهن کي ائين ئي ايذائي عهدي تان لٿو هو. ٺٽي جي ظلمن جي خبر به جڏهن جهانگير کي پئي ته اتان هٽائي ڪري قيد ڪيو ويو.

ملا بدايوني لکي ٿو ته ملتان مرزا رستم جي ظلمن ڪري پوري طرح برباد ٿي چڪو هو.

تحفة الڪرام ۾ آهي ته فيصلو ٿيو ته مرزا رستم جيستائين فريادين کي راضي نه ڪندو ايستائين درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جي اجازت نه ملندي، آخر ٻن سالن بعد مٿس اها پابندي لاٿي ويئي ۽ پهريان الهه آباد پوءِ پٽنه ۽ بهار جو صوبيدار ڪري رکيو ويو. آخر ۾ شاهجهان جي حڪومت ۾ هو گهر ۾ ويهي رهيو ۽ آگري ۾ آخري پساهه گذريس. سندس وفات واري تاريخ تي اختلاف آهن. ذخيرة الخوانين ۾ 1048هه ماثر الامراءِ ۾ 1051هه ۽ بادشاهه نامي ۾ پهرين ربيع الاول 1052هه ٻڌائي ويئي آهي.

مرزا رستم پاڻ شاعر هو ۽ فدائي جي تخلص سان شعر چوندو هو. مقالات الشعراءِ ۾ يد بيضا کان سندس هي شعر نقل ڪيو ويو آهي.

صاف د: را از گران جانان کجا نقصان رسد،

قدر گوهر نشکني گر پر کنع دريا بسنگ.

راشدي صاحب مقالات الشعراءَ جي حاشيي ۾ محڪه ڪمال مان سندس هي شعر نقل ڪيو آهي:

بر سر کوي تو آمد سيشہ ام را يا بسنگ،

قدر گوهر تشکند گر پرکني دريا بسنگ،

مقالات الشعراءِ ۾ مرزا رستم جا هي شعر به موجود آهن.

بر چيد دلم بساط ايماني را،

کج باختہ ام نرد خدا داني را،

ابرولي بتان قبلہ خود ساختہ ام،

برطاق نساده ام مسلماني را.

ـــــــــ  ـــــــــ  ــــــــــ

بي سوز درون چشل تري راچہ کندکس،

اشکي کہ نسوزد جگري راچہ کند کس.

در عشق سمندر شو اگر شعلہ پرستي،

پروانئہ بي بال و پري راچہ کندکس،

بربال هما تکيہ زدن همت مانيست،

آسودگي مست پري را چہ کند کس،

جز آنکہ بہ نيڪ و بد ايام سازي،

ناسازي بربد گسري راچہ کند کس.

راشدي صاحب جي تحقيق مطابق مرزا رستم کانپوءِ تاج خان تاش بيگ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ ان بعد ترتيب سان ارسلا بيگ شمشير خان ازبڪ، عبدالرزاق معموري ۽ مرزا شاهه بيگ ارغون ٺٽي جا صوبيدار ٿيا، پر قانع، تحفة الڪرام ۾ انهن جي حڪومت جو ذڪر ناهي ڪيو ۽ مرزا رستم کان بعد مصطفيٰ خان جو نالو ڏنو آهي.

 

3. سيد مصطفيٰ خان:

مصطفيٰ خان 1025هه (20 ــ 1619ع) ۾ سنڌ جو صوبيدار مقرر ٿيو ۽ راشدي صاحب مطابق 1035هه تائين رهيو.

4. سيد بايزيد بخاري:

مصطفيٰ خان جي وڃڻ بعد 1035هه ۾ بايزيد بخاري کي سنڌ جي صوبيداري ملي، سيد بايزيد جي خاندان مان سيد مخدوم جهانيان بخاري پهريان بکر جو گورنر رهي چڪو هو.

ذخيرة الخوانين ۾ آهي ته سيد بايزيد حضرت دمدبه جي اولاد مان هو جن جي درگاهه پٽنا ۾ آهي. سيد بايزيد کي اڪبر جي عهد ۾ داروغي ملي ۽ چاهيندو هو ته مرتضيٰ خان خطاب ملي، تنهنڪري تمام گهڻي خدمت ڪيائين پر اهو خطاب نه ملي سگهيس ۽ مصطفيٰ خان جي خطاب سان نوازجي ٽي هزاري منصب سان سرفراز ٿي سنڌ جي صوبيداري تي پهتو. بايزيد پنهنجي وفات تائين هتي رهيو ۽ سندس قبر اچ ۾ سيد جلال بخاري جي روضي ۾ آهي.

راشدي صاحب مصطفيٰ خان ۽ مير بايزيد کي هڪ ئي شخص سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته حقيقت ۾ اهي ٻئي هڪ ئي شخصيتون آهن، ان جو نالو سيد بايزيد ۽ لقب مصطفيٰ خان اٿس. بايزيد 1029هه ۾ مير معموري جي بدلي بعد سکر جي فوجداري خان خطاب سان نوازيو ويو. 1035هه پنهنجي وفات تائين سنڌ جو صوبيدار رهيو ۽ اچ ۾ سيد جلال بخاري جي روضي ۾ دفن ڪيو ويو.

دليل الذاڪرين قلمي نسخي ۾ آهي ته مصطفيٰ خان بايزيد ٺٽي جي مشهور بزرگ حضرت مٺي سان محبت ۽ عقيدت رکندو هو ۽ هر ملاقات ۾ سندن پيرن وٽ چاندي جا ويهه روپيا رکندو هو، جيڪي درويش نه پر خدمتگار کڻندا هئا.

تحفة الطاهرين ۾ آهي ته ميان مٺو مخدوم نوح هالائي جي مريدن مان هو، سندن عمر فرخ جي مدرسي ۾ گذاري. ميان مٺي جي مزار مڪلي ۾ پير آسات جي قبي ڀرسان آهي.

مصطفيٰ خان بايزيد شاعر به هو، سندس هڪ شعر مقالات الشعراءَ ۾ ملي ٿو:

عاشق از سوز درون بهره ورست،

شمع را شعلہ بسر تاج زرست.

توزڪ جهانگيري جي 28 ربيع الاول 1025هه واري تاريخ ۾ جهانگير لکيو آهي ته مان هڪ زنجير فيل بکر جي حاڪم بايزيد کي عطا ڪيو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ سال کيس بکر جي حڪومت ڏني ويئي. (ص ــ 305)

هو چار سال بکر جو فوجدار رهيو ۽ 1029هه تي ٺٽي بدلي ڪري صوبيدار ڪيو ويو. ان ڪري جهانگير 1029هه واري تاريخ ۾ لکي ٿو ته، سيد بايزيد بخاري فوجدار بکر کي ٺٽي جي صوبيداريءَ سان نوازيو ويو ۽ ٻه هزاري منصب، جهنڊو ۽ پنج سؤ سوار به ڏنا ويا.

جهانگير وري 11 محرم 1035 هه جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته مصطفيٰ خان (سيد بايزيد بخاري) حاڪم ٺٽو گذاري ويو ۽ سندس جاءِ تي شهريار کي رکيو ويو.

ان مان سندس وفات جي تاريخ ذوالحج 1034هه جي آخري يا محرم 1035هه جي شروعات نڪري ٿي ۽ مصطفيٰ خان بايزيد کانپوءِ ٺٽي جي صوبيداري تي شهر يار جو نالو اچي ٿو پر تحفة الڪرام ۾ ان جو ذڪر نٿو اچي.

5. نواب شريف الملڪ:

جنهن سال نواب شريف الملڪ عرف شريف خان هڪ اک وارو ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو، ان وقت جهانگير جي حڪومت جي ايڪيهين سال 1035هه ۾ شهزادو شاهجهان پيءُ کان ڪاوڙجي ڪجهه ماڻهن سان عراق وڃڻ لاءِ ٺٽي پهتو ۽ اتي ٻٽڙي ڏينهن ترسڻ جو ارادو ڪيائين، پر شريف الملڪ ساڻس جنگ ڇيڙي وڌي. شهزادي ٻه ٽي ڀيرا شهر جي اوڀر، ڏکڻ ۽ اتر کان حملا ڪيا پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. هڪ ڀيري مڪلي جي پل ويجهو پير بدر وٽ به ويڙهه ٿي، جنهن ۾ مرڻ وارن جا هڏا اڄ به اتي ملن ٿا.

چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري جڏهن شاهجهان جي راڻي ڳورهاري ٿي ۽ ان ڏاڙهن کائڻ جي خواهش ڏيکاري ته شهزادي شريف الملڪ کي لکيو، هن جواب ڏنو ته ”مان پاڻهي ٿو بيگم ڏانهن ڏاڙهون موڪليان“ ۽ پوءِ هڪ انگريز توپ انداز کي وٺي بيگم واري تنبو ۾ گولو اڇلائڻ جو حڪم  ڏيندي چيائين ته ”هتي ته اهڙا ڏاڙهون ٿيندا آهن“ گولي جي صدمي ڪري راڻيءَ جي اٺن مهينن جو ٻار ضايع ٿي ويو.

ڪن جو چوڻ آهي ته شريف الملڪ پاڻ دوربين ۾ ڏسي شهزادي کي نشانو بڻائڻ جي خيال کان  توپ کي باهه ڏني هئي پر اتفاق سان ان وقت ئي شهزادو تنبو کان ٻاهر نڪري ويو. شريف الملڪ ڪاوڙ ۾ اچي آڱر سان انهيءَ اک کي ڪڍي ورتو، جنهن سان نشانو ورتو هئائين.

ذخيرة الخوانين ۾ آهي ته شريف الملڪ شهريار جو ملازم هو ۽ ڌولپور جي حڪومت سندس حوالي هئي. اتي ئي دريا خان سان جڏهن جنگ وڙهيو ته تير اچي اک ۾ لڳس. ان مان معلوم ٿيو ته هن جي اک ٺٽي ۾ نه نڪتي هئي. (جلد 2 ــ ص 62)

توزڪ جهانگيري ۾ محمد هادي خان جهانگير جي ايڪيهين سال 1035هه واري واقعن ۾ لکي ٿو ته شاهجهان پنهنجي پيءُ سان بغاوت ڪري ايران وڃڻ لاءِ ٺٽي پهتو، ڇاڪاڻ ته شاهه ايران شاهه عباس سان هن جا دوستاڻا لاڳاپا هئا، ٺٽي ۾ ان وقت شريف الملڪ صوبيدار هو، جنهن نوَ هزار سوار ۽ ٻارهن هزار پيادا گڏ ڪري شهزادي جي صرف چار سؤ جانثارن سان اچي جنگ جوٽي پر پوءِ به ڀاڙي ٿي ڪري قلعي ۾ ڀڄي ويو ۽ اندران ئي وڙهندو رهيو. شهزادي پنهنجي ماڻهن کي قلعي تي حملي ڪرڻ ۽ پنهنجي رعايا کي نقصان پهچائڻ کان روڪيو. تنهنجي باوجود به ڪجهه نوجوان قلعي جي ڀت ڀڃڻ لاءِ مٿي چڙهيا پر ڀت مضبوط هجڻ ڪري مايوس ٿي موٽي آيا. شاهجهان توپن جا گولا به وسائڻ نه پئي ڏنا، ان ڪري هڪ ڀرپور حملي جي تياري ڪري لشڪر سان قلعي ڏانهن وڌيو پري وري اڳيان هڪ وڏي کڏ اچي وئي، جنهن جي ڪري سڀ سپاهي مشڪل ۾ ڦاسي ويا ۽ الله جي آسري تي اتي ئي ويهي رهيا. ڪن سببن ڪري جن جي کولڻ سان ڊيگهه ٿي ويندي، شاهجهان ايران ڏانهن وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪيو ۽ ايتري ۾ شهزادي پرويز جي ڳڻتي جوڳي حالت جي خبر به مليس. انهيءَ زماني ۾ شاهجهان کي نورجهان جو هڪ خط به مليو، جنهن ۾ لکيل هو ته مهابت خان شاهي لشڪر کان دٻجي چڪو آهي، ائين نه ٿئي جو  هو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي حالت ۾ تنهنجي ٻارن کي ڪوئي نقصان پهچائي، تنهن ڪري ملڪ جي ڀلائي ان ۾ آهي ته دڪن موٽي وڃي ڪجهه ڏينهن ائين ئي گذار.

انهيءَ ڪري شاهجهان گجرات، بهار کان ٿيندو دڪن پهتو ته رستي ۾ ئي شهزادي پرويز جي مرڻ جو اطلاع مليس.

شريف خان 1037هه تائين شهريار جو نائب هجڻ ڪري ٺٽي جو صوبيدار رهيو.

راشدي صاحب شريف الملڪ کانپوءِ 1036هه ۾ ابو سعيد جو ٺٽي تي حڪومت ڪرڻ جي باري ۾ لکيو آهي ته: جهانگير ٻاويهين سال رجب 1036هه تي ڪشمير پهتو ته ابو سعيد نبيره اعتماد الدوله کي ٺٽي جي صوبيداري ڏنائين، پر هو اڃا ٺٽي پهتو  ئي نه ته 28 صفر 1037هه (1627ع) تي جهانگير لاڏاڻو ڪري ويو ۽ شاهجان ڪنهن ٻئي جي نالي فرمان جاري ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org