تاريخ ۽ تحقيق جا املهه هيرا
ڊاڪٽر دائودپوٽو:
سنڌ ادب ۾ تاريخ ۽ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ ۾ مولانا دين محمد
وفائي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
۽ علامه دائودپوٽي جو اهم ڪردار رهيو آهي. ڊاڪٽر
دائود پوٽو انگريزن جي دؤر ۾ ان ميدان ۾ اچڻ وارو
پهريون محقق آهي. هو 25 مارچ 1896ع ۾ دادو ضلعي جي
ٽلٽي ڳوٺ ۾ ڄائو. 1917ع ۾ سنڌ مدرسي کان مئٽرڪ
ڪيائين. 1921ع ۾ بي ــ اي فارسي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس
ڪري بمبئي يونيورسٽي پڙهڻ ويو، جتان ايم اي عربي ۽
فارسي ۾ ڪري ۽ اسڪالرشپ وٺي سنڌي ۽ عربي جو اسسٽنٽ
پروفيسر مقرر ٿيو.
ڪيمبرج مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ ويو ته اتي کيس ڊاڪٽر نڪلسن۽
ڊاڪٽر براؤن جهڙن استادن جي رهنمائي نصيب ٿي. هو
”عربي جو فارسي شاعريءَ تي اثر“ مقالو لکي ڊاڪٽريٽ
جي ڊگري وٺي 1927ع ۾ سنڌ موٽيو.
ڊاڪٽر دائود پوٽي علم حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ۽ مزدوري ڪئي، پر
پنهنجي مقصد کان نه هٽيو. سنڌ اچي هو سنڌ مدرسي جو
پرنسپل ٿيو. ان سان گڏ يونيورسٽي آف بمبئي جو کيس
فيلو مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ اسماعيل ڪاليج انڌيري
بمبئي ۾ 1930ع تائين عربي پڙهائيندو رهيو. 1931ع
کان 1938ع تائين بمبئي ۾ ئي مختلف خدمتون
نڀائيندو رهيو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب مختلف سرڪاري عهدن تي رهيو.
1950ع ۾ کيس ڊائريڪٽر تعليم ڪيو ويو.
ڊاڪٽر صاحب جو وڏو تحقيقي ڪم ٿيل آهي ۽ سندس 21 انمول ڪتاب آهن.
چچ نامي ۽ تاريخ معصومي کي ايڊٽ ڪرڻ سندس وڏو
ڪارنامو پڻ آهي، جنهن سان سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ ۾
وڏي مدد ملي آهي.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي:
عباسي خاندان جي هن قيمتي سرمائي سنڌي ادب لاءِ وڏيون خدمتون
سرانجام ڏنيون. سندس اهم ڪتابن ۾ ابو الغضل ۽
فيضي، ميرن جي صاحبي، آفتاب ادب، تنوير الايمان ۽
رسول پاڪ جي سيرت مبارڪ شامل آهي.
ادب سان گڏ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سياست ۾ به حصو ورتو. پاڻ
خلافت، ڪانگريس ۽ جمعيت العلماءُ هند جي پليٽ فارم
تان جدوجهد ڪندو رهيو. حڪيم صاحب جو پٽ حڪيم محمد
احسن ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميئر ۽ نائجيريا ۾
پاڪستان جو ڪمشنر رهي چڪو آهي. حڪيم فتح محمد 13
ڊسمبر 1943ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڊاڪٽر دائود پوٽي کان پوءِ تحقيق ۽ تاريخ جي ميدان ۾ جن ماڻهن
جي سڀ کان وڌيڪ محنت ٿيل آهي، اهي پير حسام الدين
راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب آهن.
پير حسام الدين راشدي:
پير حسام الدين، علي محمد راشدي صاحب جو وچون ڀاءُ هو، هن تاريخ
۽ تحقيق ۾ محنت ڪري پنهنجو نالو ملڪ ۽ ملڪ کان
ٻاهر تائين مڃرايو. سندس ڪيل تحقيق هن کي عالمي
معيار جي محققن جي صف ۾ بيهاري ٿي. ڪتابيات جو
اهڙو عالم مشڪل سان ملندو.
سنڌي ادبي بورڊ جي نوڪري وقت مون کي به سندس محبت نصيب ٿي ۽ هي
ٿوري گهڻي تاريخ جي سڌ صرف انهيءَ انسان جي تربيت
ڪري آئي آهي، جنهن جا مون تي وڏا وڙ آهن.
پير صاحب 20 سيپٽمبر 1911ع ۾ راشدي پيرن جي ڳوٺ نصرت اسٽيشن
ڀرسان ڄائو. شروعاتي تعليم مولوي محمد سومار ۽
مولوي سيد علي شاهه لڪياري ساعدي کان حاصل ڪيائين.
سنڌي چوٿون پاس ڪرڻ کان پوءِ سڪندر نامي تائين
فارسي گهر ۾ پڙهي، انگريزي خانگي طور نصرت ريلوي
اسٽيشن جي ماسٽر کان سکي، ۽ پوءِ مطالعي جي شوق
کيس علم جي معراج تائين پهچايو.
شروع ۾ حسام الدين راشدي صحافت ۾ گهريو. 1926ع ۾ ”جاڳڻ“ اخبار
جو نمائندو ٿيو. 1929ع ۾ ”المنار“ رسالي جي
ايڊيٽري ڪيائين. ڪجهه ڏينهن ”پيغام“ اخبار سان
سسلهاڙيل رهيو ۽ زميندار اخبار جو نمائندو به
رهيو. 1934ع ۾ ستاره سنڌ جاري ٿيو ته ان جي
ايڊيٽري سنڀاليائين. الوحيد ۾ بنا نالي جي ڪيترائي
مضمون لکيائين. 1945ع تي قرباني ۾ سندس نوٽ شايع
ٿيندا رهيا.
صحافت پير حسام الدين جي اڃ نه اجهائي سگهي تنهن ڪري پنهنجي روح
جي تسڪين لاءِ ناياب ڪتاب گڏ ڪري مطالعو ڪندو
رهيو. اهڙيءَ طرح سندس گهر ۾ وڏي لائبريري ٺهي
ويئي، جيڪا پاڪستان جي اهم لائبريرين ۾ ڳڻڻ جهڙي
آهي. راشدي صاحب جو گهرو مطالعو کيس پاڪستان جي
پهرين صف وارن دانشور ۾ بيهاري ٿو.
سنڌ تي سندس وڏو احسان اهو آهي جو هن فارسي جي پراڻن مخطوطن کي
ايڊٽ ڪري مستقبل جي محققن اڳيان پيش ڪيو. عربي
مخطوطن کي وري عربي جي اسڪالرن کان ايڊٽ ڪرايو.
راشدي صاحب جا مقالات الشعراءِ، تڪملاءِ، مقالات الشعراءِ، تحفة
الڪرام، تاريخ مظهر شاهجهاني، ۽ مڪلي نامي تي ڏنل
حاشيا ڪنهن انسائيڪلو پيڊيا کان گهٽ ناهن. اهو سنڌ
لاءِ املهه خزانو آهي، جنهن جي ضرورت ۽ اهميت
ايندڙ وقت ۾ اڃا وڌندي. اهڙو ڪم شايد ڪوئي ادارو
به ڪري سگهي!.
پهرين اپريل 1982ع تي سنڌي ادب تاريخ ۽ تحقيق جو هي روشن سج
پنهنجي روشني ختم ڪري زمين ۾ دفن ٿي ويو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي علمي، ادبي، تهذيبي ۽ ثقافتي خدمتن
جي ڪري پوري ملڪ ۾ سڃاتو ويندو آهي. ڊاڪٽر صاحب
ڪيترن پراڻن ڪتابن کي ايڊٽ ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي
ثقافت معاشرت ۽ ڪلچر تي سوين مضمون لکيا آهن.
ڊاڪٽر صاحب جو سنڌ جي ادب، تعليم، لغت، شاعري،
تاريخ، ثقافت ۽ موسيقي تي وڏو ڪم ٿيل آهي. سنڌي
لوڪ ادب ۽ لغت کي سهيڙيو اٿئون. تاريخي ماڳ مڪانن،
تاريخي تحريرن ۽ بيتن، ڏوهيڙن، پرولين ۽ ڳجهارتن
جي ڳولها لاءِ سنڌ جو ٿر ۽ بر رلي ڪيتريون ئي
قيمتي شيون هٿ ڪري ايندڙ نسل تائين پهچايون اٿن،
پاڻ پاڪستان کي ٻاهر ڪيترن ئي تعليمي ڪانفرنس ۾
شرڪت ڪري چُڪا آهن. پاڪستان حڪومت سندن خدمتن کي
ڏسندي کين ”تمغه پاڪستان“ سان نوازيو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش جو تعلق لغاري قبيلي سان آهي. پاڻ تعلقي سنجهوري
ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ ڄائو.
مدرسي نوشهري کان مئٽرڪ ڪري بي اي 1941ع ۾ بمبئي
يونيورسٽيءَ کان ڪئي. 1943ع ۾ علي ڳڙهه
يونيورسٽيءَ جي ايم اي جي امتحان ۾ ڊاڪٽريٽ ڪري
وطن موٽيو ته 1949ع ۾ وزارت داخلا ۾ ڪم ڪيائين.
1949ع تي سنڌ يويورسٽيءَ جي تعليم واري شعبي جو
صدر ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڊاڪٽر صاحب کي وائس
چانسلر به ڪيو ويو. ان کان پوءِ اسلام آباد ۾
تعليم ۽ ثقافت واري وزارت ۾ خدمتون سرانجام
ڏنائين. اسلاميه يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس
چانسلر، هجره ڪميٽيءَ جو چيئرمين ۽ ٻيون ڪيتريون
ئي ذمينواريون ڊاڪٽر صاحب نڀائيندو رهيو آهي ۽ رهي
ٿو. ان کان علاوه ادب جي خدمت ۾ به مصروف آهي.
مير رحيم داد خان مولائي شيدائي:
مير رحيم داد خان مولائي شيدائي کي سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان تام
گهڻو لڳاءُ هو. جنت السنڌ، روضة السنڌ، تاريخ
هندستان، تاريخ بلوچستان، سفينة النوح، تمدن سنڌ،
تاريخ سياست سنڌ، ڪتاب سندس سڃاڻپ آهن.
مولائي شيدائي سڄي عمر بک ۽ بدحاليءَ ۾ گذاريو. ايڏي وڏي اديب ۽
محقق جو قدر نه ڪيو ويو ماڻهو سندس مضمون دلچسپي
سان پڙهندا هئا.
رحيم داد جي پيءُ جو نالو شير محمد خان هو. مولائي شيدائي 1894ع
تي سکر جي هڪ جهوپڙيءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري پڙهڻ
کانپوءِ مطالعي جي شوق کيس سکر جي مشهور لائبريري
هرسنگهه تائين وٺي ويو، جتان هن مشهور ڪلاسيڪي
ڪتابن کي پڙهيو ۽ پرکيو. ان کان پوءِ اينگلو
ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتائين. مطالعو جاري
رهيو ۽ ايلسن جا انقلاب فرانس جا سڀ جلد ۽ مارليسن
جي تاريخ غدر پڙهيائين.
داستان امير حمزه مولائي شيدائي جو وڻندڙ ڪتاب هو، جنهن کي
بار بار پڙهي سندس تاريخ سان دلچسپي وڌي.
1913ع ۾ ڇهه درجا انگريزي تائين پڙهي ڪري مولائي شيدائي ريلوي ۾
فائرمين ڀرتي ٿيو. اتان ترقي ڪندو سيڪنڊ گارڊ ۽
پوءِ گارڊ ٿيو.
رحيم داد پنهنجي قلمي نالي مولائي شيدائي جي وضاحت ڪندي لکيو
آهي ته هو جڏهن گارڊ هو ته گهڻو وقت پير علي محمد
راشدي جي دفتر ۾ گذاريندو هو. هڪ ڏينهن تي پير علي
محمد، پير حسام الدين ۽ مولانا دين محمد وفائي
ويٺا هئا ته اخبار ۾ لکڻ وارن جو ذڪر ڇڙيو. علي
محمد راشدي، صاحب مون کي چيو ته تون سرڪاري ملازم
آهين، ڪنهن فرضي نالي سان لک، مان کين اهڙو نالو
چونڊڻ جو عرض ڪيم، جنهن تي علي محمد راشدي صاحب
منهنجي فقيراڻي طبيعت ڏسي مولائي ۽ حسام الدين
راشدي وري شيدائي رکيو. ٻئي پنهنجن پنهنجن چونڊيل
نالن کي وڌيڪ مناسب سمجهندا رهيا ۽ نيٺ وفائي صاحب
ٻنهي کي گڏي مولائي شيدائي رکڻ جي صلاح ڏني. ان
کان پوءِ اهو نالو ايترو مشهر ٿيو جو ماڻهن کي
اصلي نالو وسري ويو.
مولائي شيدائي کي شهرت وفائي صاحب جي رسالي توحيد مان ملي.
مولانا وفائي ۽ علي محمد راشدي اخبار سنڌ زميندار
۽ توحيد ۾ مولائي شيدائي جو زبردست تعارف ڏئي کيس
پڙهندڙن وٽ نئين سڃاڻپ عطا ڪئي.
مولائي شيدائي 1939ع ۾ رٽائر ٿي ”آزاد“ اخبار جي نائب ايڊيٽري
سنڀالي. ڪجهه وقت ڪارخاني ۾ سپروائيزر رهيو ۽
فرصت جي وقت ۾ انگريزن کي اردو به پڙهائيندو هو.
جنهن وقت عبدالشڪور صاحب ”هلال پاڪستان“ اخبار ڪڍي ته ضياءُ
الدين بلبل ان جي چيف ايڊيٽري لاءِ مولائي شيدائي
جو نالو پيش ڪيو. مولائي شيدائي اخبار کي عام ڪرڻ
جي وڏي ڪوشش ڪئي پر سرپرستن جي بي قدرتي ڏسي نيٺ
استعيفا ڏنائين.
1950ع ۾ پروفيسر اي ـــ بي ـــ حليم جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو
وائيس چانسلر ٿيو ته مولائي شيدائي کي سؤ روپيا
ماهوار تي فيلو ڪري رکيو ويو. 1955ع تائين هن
فيلوشپ جي زماني ۾ ”روضة السنڌ“ ڪتاب ۽ ”تمدن سنڌ“
جا ٽي جلد مڪمل ڪيا. هڪ ٻيو ڪتاب ”تاريخ هندستان“
جو ترجمو ڪري، فٽ نوٽ ۽ حاشيا ڏئي يونيورسٽيءَ
اڳيان پيش ڪيو.
انهن ئي ڏينهن ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولى جي چوڻ تي حضرت
مخدوم غوث الحق نوح هالائي جي شخصيت ۽ ملفوظات تي
ٻن جلدن ۾ ”سفينته النوح“ ڪتاب مرتب ڪيائين، جنهن
لاءِ مخدوم صاحب سؤ روپيا ماهوار وظيفو ڏيندو
رهيس.
ڪتاب مڪمل ٿيڻ کان پوءِ به سندس علم ۽ ادب جو قدر ڪندي طالب
المولى صاحب سڄي عمر سندس 25 رپيا وظيفو مقرر ڪري
ڇڏيو.
84 سال علم ادب جي خدمت ڪري مولائي شيدائي 12 فيبروري 1978ع ۾
لاڏاڻو ڪري ويو.
سنڌ ۾ اردو جو پهريون جملو:
سنڌ ۾ اردو جو قصو به عجيب آهي. صديون اڳ 760هه (59ــ 1358ع) تي
سنڌ ۾ اردو جو هڪڙو جملو ڳالهايو ويو، جنهن جي لڀڻ
سان محققن اندازو لڳايو ته اردو جو جنم سنڌ ۾ ٿيو
آهي. تاريخ فيروز شاهي (عفيف) ۾ آهي ته جڏهن
پهريون ڀيرو سلطان فيروز شاهه تغلق سنڌ جي والي
ڄام بابينا کان هار کائي گجرات هليو ويو ته سنڌين
سک جو ساهه کنيو. سنڌ جي ماڻهن انهيءَ کي سنڌ جي
مشهور بزرگ شيخ پٺا ديبلي جي ڪرامت سمجهي چوندا
هئا ته:
”برڪت شيخ پٺا اڪ موا اڪ نٺا“
تاريخ فيروز شاهي جي اصل عبارت هن طرح آهي:
”و اول کرت کہ سلطان فيروز از ڻهڻہ بِ غرض سمت گجرات بار گشت
ڻهڻيان اين سخن را ورد حجت ساختند و ميگفتند“ برکت
شيخ پڻها اڪ موا اڪ نڻها“
”اک موا“ مان انهن جو اشارو محمد شاهه تغلق ڏانهن آهي، جيڪو ٺٽي
۾ بيمار ٿي گذاري ويو ۽ ”اڪ نٺا“ مان فيروز شاهه
تغلق ڏانهن هو، جيڪو ڄام بابينا کان هار کائي
گجرات هليو ويو.
سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جي شروعات:
سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جي شروعات ڪڏهن ٿي؟ يقين سان ڪجهه نٿو چئي
سگهجي. پر تحقيق ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ اردو جو پهريون
شاعر ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي هو، جنهن فارسي سان
گڏ اردو شاعري به ڪئي. پر تذڪري نگار ان شاعر جا
پورا حالات نه ٻڌائي سگهيا آهن.
مير علي شير قانع پنهنجي تذڪري مقالات الشعرا ۾ ان جو زمانو
ٻڌائيندي لکي ٿو ته:
و از عهد شاهجهان تا دور محمد شاه،
در سخن وري شار اليہ بوده.
جيتوڻيڪ عطا فارسي جو شاعر هو پر ان اردو کي اپنائيندي ڪجهه غزل
۽ شعر چيا جن جي بنياد تي کيس سنڌ ۾ اردو جو
پهريون شاعر ڪوٺيو ويو.
عطا 1630ع (1040هه) تي ٺٽي ۾ ڄائو ۽ تعليم پرائڻ کان پوءِ
شاعريءَ جي شوق ۾ لڳي ويو. سندس فارسي شاعريءَ ۾
ايتري پختگي، نازڪ خيالي ۽ زور بيان آهي جو ان وقت
جو ڪوئي شاعر عطا جي مقابلي ۾ نٿو اچي. مير علي
شير قانع مٿس ٺٺولي ڪندي لکي ٿو:
شعرش مذاق متقدمين دارد.
پنهنجي شاعريءَ جي باري ۾ عطا چوي ٿو:
نسخہ ابيات ديوانم گزشت از سي هزار،
ليکن اين در و گوهرا نيست اکنون جوهري.
مير قانع سندس ڪلام جي وسعت جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:
در انشا و نعت نبوي و منقبت مرتضوي لڪ بيت باختتام رسانيده.
عطا، سنڌ ۾ اردو جو پهريون شاعر:
ان اعتبار سان عطا ئي سنڌ ۾ اردو جو پهريون شاعر آهي ۽ اردو
ٻوليءَ جي ارتقا ۾ سندس حصو مڃڻو پوندو، تاريخي
اعتبار سان به اها ڳالهه وڏي اهميت رکي ٿي عطا ڪن
دڪني شاعرن جو همعصر هو. ان ڪري سندس اردو شاعريءَ
جي اهميت وڌي وڃي ٿي.
عطا جي اردو شاعري:
عطا جي اردو شاعريءَ مان ڪجهه شعر مثال طور پيش ڪن ٿا.
عطا اس بهوک سون هم لوڪ رهتا،
ز خوردن ساگ لوني سوڪ رهتا.
مري جان ديکهنا پهر دکهه نہ دينا،
کہ محتاج تو کي مفلوڪ رهتا.
دو کلجگ از دعا گويان مقابل،
مدد پايا مراد چوڪ رهتا.
ترا پيوستہ جشن ات و مرا فقر،
نہ ياد از گريہء معلوڪ رهتا.
کهان وه پوڇهنا، هنسنا، کهلانا،
نظر بر مور کي مملوڪ رهتا.
چگونہ سند بستا باز سکهه سون،
عنادي گر ميان جهوڪ رهتا.
عطا خبطا کهان خاموش رهتا،
سخن گر از زبان هر گوش رهتا.
چون مجنون ذو فنون زار اين جا،
کہ بي پروا ز خود بي هوش رهتا.
ز خود خون جگر پيتا و جيتا،
بدرد و داغ هم آغوش رهتا.
چو گل رنگ حنا بندي بريزد،
چو نيلوفر کہ نيلي پوش رهتا.
¶
غبار فقر مرا روپ رو برنگ بهبوت،
چہ کلجگ است کہ از بهوڪ جوگيان ماريت.
بہ سينا سوختہ پهر ديکهنا نہ دکهہ دينا،
زدل شکستہ نہ پينا لهو سهج اي ميت.
¶
جو وي سدهار جاگ گيا نيند بايلي،
صد بار هارنا نہکبهي داؤ جيتنا.
هشيار کهيلنا، دکهه اپنا نہ سوجهنا،
سب چهوڙنا نہ مال پرايا سميتنا.
¶
اي مسلمانان وطن بيداد هي،
جور هي، بيداد هي، فرياد هي،
آشنا بيگانہ، يار اغيار گشت،
خود حقوق ماهمہ برباد هي.
جز سکوت و شکر جائي شکوه نيست،
کار بي اصلاح پر افساد هي.
مغل گورنرن جي زماني ۾ سنڌ ۾ اردو شاعري کي هٿي ملڻ:
اڪبر جي 1592ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ مغل گورنر سنڌ ۾ اچڻ لڳا.
ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي به شاهجهان جي دؤر جو شاعر
آهي، جنهن کي سنڌ جي مغل گورنر نواب ظفر خان احسن
1652ع پنهنجي وقت ۾ نوازيو پر ان جي وڃڻ کان پوءِ
عطا ٻيهر زماني جا ڌڪا کاڌا.
اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۾ مغل گورنرن جي اچڻ سان اردو کي ترقي
ملي. شاعريءَ سان لڳاءُ هجڻ ڪري ڪيترائي اردو اديب
۽ شاعر انهن جي زماني ۾ سنڌ آيا ۽ سنڌي شاعرن سان
راهه رسم رکيائون، جنهن جي ڪري انهن جو به اردو
شاعريءَ سان چاهه وڌڻ لڳو.
سنڌ ۾ ولي دڪني جي ديوان پهچڻ سان اردو جي اهميت اڃا وڌڻ لڳي ۽
هاڻي سنڌي شاعر فارسي ۽ سنڌي سان گڏ اردو ۾ به
شاعري ڪرڻ لڳا. جن ۾ شيخ ورو، عبدالسبحان فائز
ٺٽوي، مخدوم محمد معين بيراگي، مير حيدر الدين ابو
تراب ڪامل شامل آهن.
انهن مان مير حيدر الدين ابو تراب ڪامل جي اردو شاعريءَ کي وڏي
مڃتا ملي. هو سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ به شاعري ڪندو هو
پر سندس اردو شاعريءَ ۾ جيڪا احساسن، جذبن ۽ خيالن
جي رواني ملي ٿي اها ٻي ڪنهن زبان ۾ ناهي. مير
حيدر الدين ڪمال پنهنجي شاعريءَ ۾ منظر نگاري ۽
تشبيهن من موهڻا جا موتي ڏنا آهن. هتي سندس ڪجهه
شعر مثال طور پيش ڪيون ٿا، جيئن اندازو ٿي سگهي ته
اردو ادب ۽ شاعريءَ جي واڌاري ۾ سنڌي شاعرن جو
ڪيترو ڪردار رهيو آهي.
لبون دلبر کي ميري قتل پر بيڙا اٺايا هي،
خدايا خون سون ميري تو اس ڪو سرخ روکرنا.
¶
خال رخسار پر اچنبا هي،
کال که کهيت مين اگا هي تل.
¶
دوست بخشي گا دوست سب کي سب،
اگرچه عاصي هون اس کا آسي هون.
¶
زلفان کي اگر ساتهه اڙاؤ تو اڙون گا،
سو بار اگر مار لڙاؤ تو لڙون گا.
¶
وعده هوئي دريخ جو اس لب سون هم سني،
يہ لعل قيمتي دکهو جهوڻا نکل گيا.
منقبت به ڪامل خوب چوندو هو:
ياعلي عمرها ست حيرانم،
در بدر هون بهت پريشانم،
دي مجهي ساز بخش سامانم،
رحم کن رحم از غلامانم،
ياعلي مين غلام تيرا هون.
تون کرم پيشہ هي کريم هي تون،
مخلصان اپني پر رحيم هي تون،
روزي و رزق کا قسيم هي تون،
حق کي نعمت هي تون نعيم هي تون،
ياعلي مين غلام تيرا هون.
ڪامل جي شاعري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌي شاعرن بنا ڪنهن
لساني فرق جي اردو شاعري ڪئي.
ڪامل جي وفات 1749ع (1163هه) ۾ ٿي.
ٽالپر عهد کان پوءِ اردو شاعر:
ٽالپر حڪمرانن جو علم ۽ ادب سان تمام گهڻو چاهه هو. هو پاڻ عالم
۽ شاعر هجڻ جي ڪري علم ۽ ادب دوست ماڻهن کي تمام
گهڻو ڀائيندا هئا. انهن جي دؤر ۾ سنڌي ۽ فارسي
سان گڏ، اردو شاعري کي به هٿي ملي.
مير ڪرم علي، مير مراد علي، مير صوبدار ۽ مير محمد نصير خان
جعفري پاڻ به اردو ۾ شاعري ڪئي.
جعفري 1804ع ۾ حيدرآباد قلعي ۾ ڄائو. 1843ع تي انگريزن جڏهن سنڌ
تي قبضو ڄمايو ۽ سنڌ جي حڪمران ميرن کي قيد ڪيو
ته ان ۾ هو به بمبئي، پونا ۽ ساسور ۾ قيد رهيو.
آخر ۾ کيس ڪلڪتي آندو ويو، جتي هو 16 اپريل 1845ع
۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مير محمد نصير جعفري جي درٻار هميشه شاعرن ۽ اديبن سان ڀريل
رهندي هئي. پاڻ ٻه فارسي ۾ مثنويون، سفر نامه
جعفري ۽ هڪ اردو ديوان لکيائين، جيڪو ڪلڪتي ۽
ساسور جي قيد ۾ مرتب ڪيو هئائين. سندس اردو جي هنن
شعرن مان ان دؤر جي اردو شاعريءَ جي ترقي ۽ ارتقا
جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
مرا سينہ تو هي گنج سعادت عشق جانان کا،
يہ سر هي بهر سجده، شکر کرتا هون مين سبحان کا.
¶
پڙا هون بستر غم پر نهين گر پوچهني والا،
ترا ديدار چاره هي دل بيمار هجران کا.
¶
کرون تعريف قد کي، يا کرون زلف پريشان کي،
زبان سي ڪچهه بيان هوتا نهين اس شاهه خوبان کا.
¶
هوئي هي شرمگين آنکهون سي تيري چشم آهو بهي،
خجل هوتا هي تيري رخ سي رخ خورشيد تابان کا،
¶
دعائي جعفري کي صبح کو گر هي تو بس يہ هي،
کہ روضہ ديکهه لون مين يا خدا شاهه خراسان کا.
¶
ڊاڪٽر جميل جالبي تاريخ اردو ادب ۾ لکي ٿو ته جيتوڻيڪ سنڌ جي
سرڪاري زبان فارسي هئي پر پوءِ به اردو جو نالو
هو، ۽ اردو جي ڪري ئي ٻين علائقن سان سنڌ جو واسطو
وڌيو.
هڪ ٻي مضمون ۾ لکي ٿو ته شاهه لطيف جو ڪلام زبان ۽ بيان جي
اعتبار سان اردو جي قديم ترين روايت سان ڳنڍيل
آهي. ان ۾ ڪيترائي لفظ سنڌي ۽ اردو جو گڏيل سرمايو
آهن، جيئن جگت، رات، تيل، فليل، طعنه، سهاگ، ٽوله،
پلنگ، مستورات، مسيت (مسجد)، مهار، قطار وغيره.
جالبي صاحب انهن اردو لفظن جي ڊگهي فهرست ڏني آهي، جيڪي شاهه جي
شاعريءَ ۾ موجود آهن.
جالبي صاحب کي شاهه جي رسالي جو اهو نسخو به هٿ آيو، جيڪو 1867ع
۾ قاضي ابراهيم بمبئي کان ڇپرايو هو ۽ ان مان
لساني اثرن جي ميلاپ جا هيٺيان شعري مثال ڏسي
سگهجن ٿا.
کهن آنکهان آنکهان کوئي نہ بتاوي بات،
هي واتان نون لوگون ني اپني صاحب دي.
¶
داغ سيني په غم کا هي ماتم کا يا علي،
جنڊلي آيا، خبر لي آيا سوز کرو شاهه قاسم کا.
سنڌ جي هڪ ٻئي شاعر مير محمد صابري به اردو شاعريءَ ۾ نوان رنگ
ڀريا. هو دهلي 1771ع تي ڄائو ۽ استر آباد مان لڏي
اچي ٺٺي کي وسايائين. مير قانع مطابق هن هڪ لک
شعر چيا.
جالبي صاحب لکيو آهي ته صابري ولي دڪني کان ڏاڍو متاثر هو ۽ پاڻ
ان جي باري ۾ چوي ٿو:
مين ريختہ ولي کا، دل خوش هوا هي صابر،
حقا ز فکر روشن، هي انوري کي مانند.
گر ريختہ ولي کا لب ريز هي شکر سون،
مضمون شعر صابر قند و سکر تري هي.
صابري جي شاعريءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر جميل جالبي چوي ٿو ته صابري
جي ڪلام ۾ لطف، صفائي ۽ مضمون جي دلچسپي موجود
آهي. هو سنڌ ۾ ولي جهڙو اردو شاعريءَ جو ڏيئو
ٻاريندي نظر اچي ٿو.
جالبي صاحب اردو شاعريءَ جي واڌاري ۾ ڪامل جي ڀائٽي مير حفيظ
الدين جو ذڪر به ڪيو آهي. قانع مطابق مير حفيظ
الدين 1776ع (1190هه) مير حيدرالدين ڪامل جو
ڀائٽيو هو. شاعريءَ سان سندس نينهن اڙيل هو. ڏکي
بيان، سطحي سوچ غير دلچسپ هندي زبان ۾ شعر چوڻ جي
باوجود به پنهنجي دؤر جو خسرو ثاني هو.
ڊاڪٽر جالبي سندس خسرو ثاني لقب جو سبب ٻڌائيندي لکي ٿو ته هن
جا شعر معنى جي لحاظ کان ڳجهارت ۽ پرولي جي ڪري
امير خسرو سان ملن ٿا، باقي لطافت ۽ شيريني ۾ هو
امير خسرو جي مٽ ناهي.
جالبي صاحب اردو جي ترقي جي سلسلي ۾ ميان محمد سرفراز عباسي
(1777ع) ۽ روحل جو ذڪر به سندن شعري مثالن سان گڏ
ڪيو آهي.
اردو شاعريءَ جي فروغ ۾ سچل سرمست جي ڪلام کي نظرانداز نٿو ڪري
سگهجي. سچل سرمست سنڌي شاعريءَ سان گڏ اردو جي
جهولي ۾ به پنهنجا موتي وڌا. سچل سرمست ستن ٻولين
۾ شاعري ڪئي، جنهن ۾ تصوف جو وحدت الوجودي فڪر
سمايل آهي. ان ۾ سچ، حق ۽ من جي ميراڻ لاهڻ جو سبق
سمايل آهي. سچل جي شاعري سنڌ واسين کي سڀني انسانن
سان هڪجهڙو سلوڪ رکڻ جو پيغام ڏئي ٿي. ڊاڪٽر جميل
جالبي پنهنجي ڪتتاب تاريخ ادب اردو ۾ سچل سرمست جي
شاعريءَ مان ڪجهه شعر مثال طور پيش ڪيا آهن، جن کي
اسان به نموني طور ڏيون ٿا:
مري آنکهون ني اي دلبر عجب اسرار ديکها تها،
ميان ابر اس خورشيد کا انوار ديکها تها،
مرا تو کام تها اس هادي و رهبر کي صورت سي،
اسي صورت کا مين ني هر جگہ ديدار ديکها تها.
¶
آخر يہ مطلب پاليا، مرشد ني يہ هم سي کها،
بن عشق دلبر کي سچل کيا کفر کيا اسلام هي،
عاشق جلادي آگ مين ساري کتابون کي ورق،
اڪ نام ميرا ياد کر، يہ دوست کا پيغام هي.
¶
تيري فراق سي مين ديوانہ بن چکا هون،
مجهه کو هوئي هي حاصل الفت مين جگ هنسائي،
آؤ سنو اي يارو! هي عشق انتظاري،
آرام هي نہ پل بھر هر دم هِ بيقراري.
¶
برپا هي سب مشکل بازي کون رهي هاتگهه لگائي گا.
جس ني هاتهه لگايا اس ڪو سارا هوش گنوائي گا،
دلبر کي در پہ مين تو ديوانہ هو رها هون،
يارو! مين دو جهان سي بيگانہ هو رها هون.
ڊاڪٽر جالبي پنهنجي ان باب کي علامه آءِ آءِ قاضي جي هن راءِ
سان ختم ڪري ٿو ته:
اردو بين الاقواميت، بين الاقوامي قوميت جي علامت آهي. هي زبان
دنيا جي ٽن عظيم تهذيبن يعني هند آريائي (انڊو
جرمانڪ) سامي ۽ منگول تهذيبن جو سنگم آهي. هي زبان
سڄي ايشيا جي لنگوا فرينڪا بڻجڻ جي قابل آهي.
مطلب ته شاهجهان جي زماني ۾ عطا ٺٽوي جيڪو اردو جو ٻوٽو هنيو
هو، اهو سچل سرمست جي دؤر ۾ وڌي وڻ ٿيو. انگريزن
جي دؤر کان وٺي سنڌي شاعرن فارسي ۽ سنڌي کان پوءِ
اردو کي اهميت ڏني. ايستائين جو غزل کي سنڌي شاعري
۾ شامل ڪري ڇڏيو.
ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ مهاجرن ۽ سنڌي شاعرن ملي ڪري اردو
ادب ۽ شاعريءَ جي ترقيءَ ۾ حصو ورتو. شاهه جي
رسالي جو شيخ اياز منظوم اردو ترجمو ڪري سندس
پيغام کي اردو ڳالهائيندڙن تائين پهچايو.
1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو ته سنڌ ۾ هندستان جي ڪيترن اديبن شاعرن
اچي انهيءَ ٻوليءَ کي هٿي وٺرائي. هر صنف ۾ هر
موضوع تي هزارين مضمون ۽ ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ هتان
جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو رچاءُ آهي. سنڌ انهن جي
ٻوليءَ تي ڪهڙا اثر ڇڏيا، ۽ انهن جي اچڻ سان اردو
ٻولي کي جيڪو عروج عطا ٿيو انهيءَ تي لکڻ لاءِ هڪ
الڳ ڪتاب جي ضرورت آهي.
اسان جو هي ڪتاب 1947ع تائين سنڌ جي تاريخي، معاشرتي، ادبي ۽
علمي حالات جي مطالعي تائين محدود آهي، ان کان
پوءِ سنڌ جي تاريخ پاڪستان جي تاريخ جو حصو آهي ۽
اردو زبان ۽ ادب به ان جو هڪ جزو آهي.
اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ ۾ سنڌ جو معاشرو ۽ تمدن
اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ ۾ سنڌ جي معاشري ۽ تمدن کي بيان ڪرڻ کان
اڳ ضروري آهي ته هتان جي تهذيبي حالتن جو جائزو
وٺجي.
ننڍي کنڊ ۾ سنڌ اسلامي تهذيب ۽ تمدن جو وڏو مرڪز رهي آهي. هتي
ئي سڀ کان پهريان اسلام جو نور پهتو ۽ سڄو ننڍو
کنڊ اسلام جي روشنيءَ سان جرڪي اٿيو، جنهن جي ڪري
سنڌ کي ”باب الاسلام“ چيو ويو. سنڌ ۾ جڏهن حجاز
کان علمي ۽ روحاني قافلا اچڻ لڳا ته سنڌ اسلامي
علوم ۽ فنون جو مرڪز بڻجي وئي. مولانا اسلامي کي
هن ڌرتي جنم ڏنو. موسى بن يعقوب ثقفي جي پوري
زندگي سنڌ ۾ گذري، هارون بن عبدالله ملتاني، ابو
معشر سنڌي، ابو نصر سنڌي، ابوالعطا سنڌي ۽ ڪشاجم
سنڌي جهڙا عظيم انسان سنڌ ئي ڏنا جن اسلام ۽
مسلمانن جو نالو روشن ڪيو.
عربن جي سادي زندگي سنڌ جي تمدن ۽ معاشرت تي تمام گهرا اثرات
ڇڏيا. اسلامي علم سنڌ ۾ وڌڻ ويجهڻ لڳا. قرآن ۽
حديثن جو علم سکجڻ لڳو ۽ ڪيترائي مفسر ۽ محدث
پيدا ٿيا. قرآن، حديث، جي علم ۽ عرفان ماڻهن جون
سيرتون سنواري ڇڏيون. جنهن وقت عربن وٽ تصوف جو
بنياد پيو، ان وقت سنڌ ۾ تصوف عام ٿيڻ لڳو ۽ سنڌ ۾
اهڙا اولياءَ بزرگ ۽ صوفي پيدا ٿيڻ لڳا جن جو
روحاني فيض دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو. شيخ
ترابي، شيخ عثمان مروندي، شيخ نوح بکري ۽ صدرالدين
محمد احمد سيوستاني جهڙن بزرگن جي رشد ۽ هدايت سان
سنڌ سچي محبت، اخلاق، خدا ترسي ۽ تصوف جي ٻين
روحاني رمزن سان جرڪي اٿي. ديبل، الور، سيوستان،
منصوره، ٺٽو ۽ بکر جي خانقاهن سنڌ ۾ سماجي انقلاب
آڻن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي بزرگن هتان جي
ماڻهن ۾ ايمان ۽ عمل جي نئين قوت پيدا ڪئي. تربيت
۽ ڪردار جي تعمير لاءِ هڪ نئون ڍنگ عطا ڪيو، جنهن
ڏاڍ، ظلم، زيادتي ۽ گناهه جا سڀ رستا بند ڪري
ڇڏيا.
1843ع ۾ ٽالپرن جي زوال وقت انهيءَ تهذيب ۽ تمدن جا ڪجهه نشان
ڏسي سگهجن پيا پر انگريزن اچڻ کان پوءِ سنڌ جي
انهيءَ معاشرت کي مٽائي ڇڏيو.
انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ مسلمان ۽ هندو امن، اتحاد ۽ اتفاق سان
رهندا هئا، انهن وچ ۾ محبت ۽ خلوص وارو رشتو قائم
هو. پر جڏهن انگريزن اقتدار تي قبضو ڪيو ته
ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو واري پاليسي تي عمل ڪندي
مسلمانن ۽ هندن ۾ ويڇا وڌايا. مذهب جي روح کي ختم
ڪرڻ لاءِ اهڙو تعليمي نظام ڏنو، جنهن سان هندستاني
غلامي جا عادي ٿيندا ويا. انگريزن ڪن عالمن ۽
صوفين کي خريد ڪري پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو.
مسلمانن ۾ وهابي، بريلوي، سني ۽ شيعا فرقا پيدا
ڪري انهن کي پاڻ ۾ ويڙهايو. انگريزن جي اشاري تي
مناظرا ۽ مقابلا ٿيڻ لڳا. انهن سڀني ڪوششن مسلمانن
کي وڏو نقصان رسايو.
ميڪاولي جو تعليمي نظام انگريزن لاءِ وڏو ڪارگر هو، جيڪو سندن
تهذيب، تمدن ۽ فڪر کي هندستان ۾ جلدي ڦهلائي ها پر
سنڌ جا مسلمان غربت جي ڪري مغربي تعليم کان محروم
رهجي ويا.
اوڻيهين صدي جي آخر ۾ سنڌ جا مسلمان جهالت ۽ جبر جي ڪري بدترين
بدحاليءَ جي ور چڙهي ويا هئا. مختلف وهمن ۽ وسوسن
۾ وڪوڙجي چُڪا هئا، جنهن جي تصوير پير حسام الدين
راشدي جي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ ڏسي سگهجي
ٿي. انهيءَ دؤر جي باري ۾ راشدي صاحب لکي ٿو ته:
”سنڌ ۾ وهابيت اصل ۾ پيرن، سيدن، گادي نشينن جي ڪڌن ڪرتوتن جو
ردعمل هئي. جن جاهل، ڄٽ ۽ اڻ پڙهيل انسانن جي
ايمان کي ڪمزور ڪري کين مختلف وهمن ۽ وسوسن ۾ جڪڙي
پنهنجي تعويذن جو ڌنڌو وڌايو. مهيني جو پهريون
سومر، پهريون جمعو يا هر هفتي جو سومر خاص ڏينهن
هوندو هو. سنڌ جي هر شهر ۾ سوا لک پير هجڻ جون
ڳالهيون عام هيون. سڀني جي زبان تي هو ته روهڙيءَ
۾ سوا لک پير، سيوهڻ ۾ سوا لک پير، مڪلي ۾ سوا لک
پير ۽ ٺٽي ۾ سوا لک پير آهن. ڳوٺن ۾ مزارون الڳ
هيون، جن تي ماڻهو وڃي باس باسيندا هئا. ائين
لڳندو هو نعوذ باالله سنڌ پيرن جي حوالي ٿي چُڪي
آهي.،
سنڌ جا ماڻهو غلط عقيدن ۾ اچي پنهنجو پيسو پيرن ۽ مرشدن تي خرچ
ڪرڻ لڳا. پاڻ کي ڪنگال ڪندا ۽ مرشدن کي ڀريندا
رهيا. تعليم انهن لاءِ صرف نوڪريءَ جو ذريعو هئي ۽
ان جي اصل مقصد کان وانجهيل هئا.
انگريزن سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي سڃاڻپ ختم ڪرڻ لاءِ هر ڪوشش
ڪئي، پر جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن وڌيڪ زمانو انهيءَ
پيچري تي هلي ها ته سنڌ جا مسلمان اسلام ۽ ڪفر ۾
فرق نه ڪري سگهن ها. مسلمانن جو سياسي سج ته لهي
چڪو هو پر ذهني ۽ فڪري شعور اڃا جيئرو هو، جنهن
جي ڪري ڪن ڪامل انسانن اٿي ڪري دين جو حقيقي
دروازو کڙڪايو.
انگريزن جي دؤر ۾ سڀ کان پهريون جنهن صحيح فڪري دڳ ڏسيو اهو
مولانا دين محمد وفائي هو. الله مٿس ڪرم فرمائي.
مولانا وفائي ”توحيد“ رسالو جاري ڪري اهڙن عالمن، مولوين، سيدن
۽ صوفين جا پول پڌرا ڪيا ۽ اصل اسلامي عقيدن جي
ڄاڻ ڏني. سندس مضمونن ماڻهن کي بيدار ڪيو. ڪجهه
ٻيا مرد مجاهد مولانا عبدالڪريم چشتي ۽ مولانا
محمد هاشم جهڙا به اڳي آيا ۽ پنهنجي واعظن وسيلي
دين جي صحيح سڃاڻ ماڻهن تائين پهچائڻ لڳا.
مولانا وفائي دين جو بنياد مضبوط ڪرڻ لاءِ صحيح بخاريءَ جو سليس
سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ”الوحيد“ اخبار ۾ به حڪمت سان
انهيءَ فڪر جي پرچار ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ته اها
سياسي نوعيت جي اخبار هئي. باقي ”توحيد“ ۾ بنا
ڪنهن مصلحت ۽ رک رکاءَ جي مسلسل لکندو رهيو ۽ سنڌ
جي مسلمانن کي صحيح شعور ڏيندو رهيو.
مولانا وفائي اسلامي تاريخ ۽ علم ادب جي ڪيترن نامور شخصيتن تي
مضمون لکي سنڌ جي مسلمانن ۾نئون روح ڦوڪيو،
تنهنڪري کيس سنڌ جو مولانا شبلي چئجي ته غلط نه
ٿيندو.
مولانا وفائي عربي ڄاڻيندو هو ۽ سنڌ جي باري ۾ عربي تاريخن کان
خوب واقف هو. ان ڪري قديم سنڌي عالمن جي عرب دنيا
۾ ڪارنامن کي نوجوانن اڳيان پيش ڪري هڪ نئون جذبو
جاڳايو. مولانا وفائي ميان مير سنڌي، مولانا محمد
حيات سنڌي، مخدوم عبدالله رحمته الله سنڌي،
ابوالحسن صغير، ابوالحسن ڪبير سنڌي، ابو عطا سنڌي
۽ ابورجا سنڌي جهڙن عظيم سنڌي انسانن کي تاريخ مان
دريافت ڪري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو.
”الوحيد“ 1947ع تائين جاري رهي.
سترهن سالن جي جلاوطني کان پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي جڏهن سنڌ
پهتو ته ڪانگريس جي حمايت جو اعلان ڪيائين، ڇاڪاڻ
ته ان جي ذهن ۾ آزاد هندستان جو پراڻو نقشو هو ۽
سندس دوست ۽ ساٿي مولانا حسين احمد مدني، مولانا
ڪفايت الله، مولانا احمد سعيد، ڊاڪٽر ڪچلو ۽ رفيع
احمد قدوائي به اڃا تائين ڪانگريس ۾ هئا.
مولانا سنڌي سڄو هندستان گهمي ڪري پنهنجي پراڻن ساٿين سان مليو
۽ هر جاءِ تي سياسي خطاب ڪيا.
موٽي اچي مولانا سنڌ جي مذهبي عالمن کي گوشه نشيني واري زندگي
ڇڏي ڪري سياست ۾ حصو وٺي عوام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ
تي آماده ڪيو. گڏوگڏ پيرن، مرشدن ۽ سيدن کي غير
شرعي ڪمن کان پري ٿي ڪري عزت واري زندگي اختيار
ڪرڻ جي صلاح ڏني.
مولانا انگريزي عهد جي تعليمي نظام جي خرابين کان چڱي طرح واقف
هو، ان ڪري ديني تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ پير جهنڊي
ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيائين، جنهن کي وڌيڪ ڪارگر
بڻائڻ لاءِ هر ايندڙ شخص کي حصو وٺڻ لاءِ چوندو
رهيو. پير حسام الدين راشدي جو بيان آهي ته
”مولانا سنڌي جو آخري ديدار مون کي ان وقت نصيب
ٿيو، جڏهن مان پير الاهي بخش سان سندن طبيعت پڇڻ
لاءِ کڏي واري مدرسي جي مٿئين ڪمري ۾ ويس، مولانا
ان وقت دستن جي ڪري تمام ڪمزور لڳي رهيو هو.
ملاقات مهل مون کي چيائين ته تون جيڪڏهن هن تحريڪ
۾ شامل ٿي وڃين ته سڀ مشڪلاتون ختم ٿي وينديون.
خبر پئي ته مولانا کي ان وقت صرف ستن هزارن جي
ضرورت هئي ۽ سنڌ ۾ ڪوئي اهڙو شخص نه هو جيڪو
مولانا کي ست هزار ڏئي سندس آخري تعليمي مرڪز قائم
ڪرڻ جي خواهش پوري ڪري سگهي.
بهرحال مولانا سنڌي ان کان پوءِ ٺيڪ نه ٿي سگهيو ۽ انهيءَ آرزو
کي دل ۾ سانڍي پنهنجي رب سان وڃي مليو.“
پير حسام الدين راشدي صاحب انهيءَ ڪتاب جي اٺين باب کي ختم ڪندي
لکي ٿو ته:
مولانا سنڌي جلاوطني ختم ڪري ان وقت سنڌ پهتو، جڏهن سندس سڀئي
قوتون ڪمزور ٿي چڪيون هيون ۽ ذهني طرح پورو ٿي
چڪو . ان ڪري سڀ ڪم هڪ ئي وقت پورا ڪرڻ چاهيائين،
جيڪو ممڪن نه هو.
اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ ۾ سنڌ جا معاشرتي طبقا:
گذريل ورقن ۾ بيان ڪري آيا آهيون ته سنڌ جا ماڻهو انگريزن جي
دؤر ۾ ڪوڙن پيرن ۽ سيدن جي ڄار ۾ ڦاسي مختلف وهمن،
وسوسن ۽ ٻين براين ۾ وڪوڙجي چُڪا هئا. معاشرتي طرح
وري هو سماجي اڻ برابريءَ ۾ ورهائجي ويا هئا، جنهن
جي ڪري سڀ سهوليتون مٿئين طبقي کي ته مليون پر
غريب ماڻهو هر شيءِ کان محروم ٿي ڪري جانورن واري
زندگي گذارڻ لڳا، جنهن ۾ اڪثريت مسلمانن جي هئي.
سنڌ جا هندو:
سنڌ ۾ سڀ کان خوشحال ۽ اثرائتو طبقو هندن
جو هو ۽ هر قسم جي تجارت انهن جي هٿ ۾ هئي، جنهن
جي ڪري سنڌ جو عام مسلمان غربت واري زندگي گهارڻ
لڳو. سنڌ جا تعليمي ادارا ۽ ٻيون نوڪريون هندن جي
قبضي ۾ هيون ۽ هو هر ميدان ۾ مسلمانن جو خون چوسي
رهيا هئا ۽ ڪنهن به موقعي تي مٿن رحم جي نظر نه
ڪندا هئا. هر مسلمان ڪنهن نه ڪنهن هندو وٽ گروي
ضرور هوندو هو ۽ هندو هميشه مسلمانن کي پوئتي رکڻ
چاهيندو هو.
سنڌ جا زميندار ۽ جاگيردار:
سنڌجي غريب مسلمانن کي وڌيڪ محڪوم، مجبور ۽ ڪنگال ڪرڻ وارو سنڌ
جو وڏيرو آهي. انگريز ته نالي ماتر هئا، اصل غلامي
ته انهن جي هئي، جنهن کي ڪوئي غريب چئلينج نه ڪري
سگهندو هو. نه ته کانئس عزت، آبرو، زر، زمين ۽ زن
سڀ وڏيرو کسي قتل ڪرائي ڇڏيندو هو.
ٽيون طبقو انتظاميا جو هو، جنهن ۾ هندو مسلمان ٻئي شامل هئا.
اهو طبقو غريب ۽ مظلومن جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ ڏاڍن
جو ساٿاري بنيو بيٺو هو.
ان کان علاوه هڪ طبقو ”شاهدن“ جو هو، جيڪي پوليس ۽ زميندارن
لاءِ ڪوڙيون شاهديون ڏئي انهن کي بچائي وٺندا هئا،
انهن شاهدن جو گذر سفر پولس ۽ وڏيرن جي ڏنل خرچ
پکي تي هوندو هو.
پوليس جا مشير به انهيءَ ٽولي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا ۽ پوليس
جي مشيرنامن تي صحيح ڪري ڪوڙن ڪيسن کي عدالت ۾ سچو
ثابت ڪندا هئا.
ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا هئا، جن کان پوليس ڪوڙيون درخواستون
ڪرائي پيسا وصول ڪندي هئي ۽ انهن کي به حصو ڏيندي
هئي.
انگريزن جي دؤر ۾ اها پوليس امن قائم ڪرڻ لاءِ نه پر آزار وڌائڻ
لاءِ هوندي هئي.
حسام الدين راشدي صاحب انگريزن جي وقت ۾ سنڌ پوليس جا جيڪي
ڪرتوت پنهنجي ڪتاب هو ڏوٿي هو ڏينهن جي صفحي نمبر
281 ۽ 383ع تي ٻڌايا آهن، انهن کي پڙهي ڏاڍو ڏک
ٿئي ٿو. انگريز حڪومت هڪ پاسي مسلمانن جي اڪثريت
کي جهالت، سستي، بک ۽ بدحالي طرف ڌڪيو ته ٻئي طرف
سنڌ جي هندو اقليت کي علم ۽ دولت سان مالا مال
ڪيو. انگريزن جي انهيءَ ٻٽي پاليسي مسلمانن جي
ذاتي ۽ ملي ڪردار کي مسخ ڪري ڇڏيو هو.
نيٺ 14 آگسٽ 1947ع جو ڀاڳ ڀريو سج اڀريو ۽ قائداعظم انگريزن جي
سڀني ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي پاڪستان جو وجود ثابت
ڪري ڏيکاريو ۽ سنڌ به ٻين صوبن وانگر انگريزن جي
ظلم کان آزاد ٿي 104 سالن جي غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ
مان لاٿو. الحمدلله رب العالمين. |