باب پنجون
بنو عباس جي خلافت
ابوالعباس عبدالله بن محمد، سفاح
132هه (50 ــ 749ع) کان 136هه (54 ــ 753ع)
3 ربيع الثاني 132هه ابو مسلم خراساني جي ڪوششن سان عباسين جو
پهريون خليفو ابوالعباس عبدالله سفاح تخت تي ويٺو
۽ خراسان ۾ ماڻهن سندس هٿ تي بيعت ڪئي. گاديءَ جو
هنڌ دمشق جي جاءِ تي عراق کي بڻايو ويو، ڇاڪاڻ ته
عباسين جي حامين جي گهڻائي عراق ۽ خراسان ۾ رهندي
هئي. خليفي 134هه (52 ــ 751ع) تي انبار ۾ هڪ شهر
هاشيميه آباد ڪيو ۽ ان کي دارالحڪومت جو درجو ڏنو.
اهو شهر مدينته المنصور جي نالي سان به مشهور ٿيو.
ابو مسلم خراساني جيڪو عباسي حڪومت جو بنياد وجهندڙ هو، سڀني
اڀرندي پاسن جي ملڪن ۾ پنهنجا ماڻهو موڪليا ۽
حڪومت مضبوط ڪئي.
ابو مسلم خراساني عجمي نسل هو، سندس پيءُ مرو ويجهو ڳوٺ ماخون ۾
رهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن واپار سانگي ڪوفي ايندو هو.
پڇاڙيءَ ۾ ڪجهه زمين سنجرو ڳوٺ ڀرسان وٺي کيڙيندو
رهيو پر پوءِ ان جي ڍل نه ڏيڻ ڪري زال دشيڪا سوڌي
آزربائيجان ڀڄي ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ هو
پنهنجي ڳورهاري زال کي اڪيلو ڇڏي آخرت جي سفر
ڏانهن روانو ٿي ويو، پويان ابو مسلم خراساني ڄائو
۽ هن يتيم جي پرورش ۽ تعليم سٺن گهراڻن ۾ ٿيندي
رهي. عربي ۽ فارسي ۾ وڏو ملڪو هيس ۽ خطابت ۾ به
پاڻ مڃرايائين. وڏيون اکيون، ويڪري ڇاتي، چمڪندڙ
نرڙ، ڀريل بدن، گوري رنگ ۽ تيز ذهن وارو ابو مسلم
پنهنجي شخصيت ۾ نرالو ۽ بي مثال هو. هو ڏينهن رات
متفڪر ۽ سوچن ۾ ٻڏل رهندو هو، ماڻهو کانئس انهيءَ
جو سبب پڇندا هئا ته چوندو هو مان انهيءَ سوچ ۾
آهيان ته ڪوئي وڏو ڪارنامو انجام ڏيان.
مفلس عبدي:
ابو مسلم خراساني جيڪو عباسي خلافت جو نائب امير هو، مفلس عبدي
سجستاني کي فوج سان گڏ سنڌ موڪليو، جيئن منصور کي
گرفتار ڪري حڪومت پنهنجي هٿ ڪري. مفلس تخارستان
رستي سنڌ پهتو ته ديبل جي حاڪم منصور جي ڀاءُ
منظور اچي سندس رستو روڪيو، ٻنهي وچ ۾ خونريزي جنگ
لڳي ۽ آخر منظور مارجي ويو. منظور جي مرڻ جي خبر
جڏهن منصور کي پهتي ته ڏاڍو صدمو رسيس، بدلي وٺن
لاءِ وڏي تياري سان مفلس جي مقابلي لاءِ ميدان ۾
نڪري آيو. ٻنهي فوجن هڪٻئي تي موت مار حملا ڪيا پر
مفلس هار کاڌي ۽ منصور هٿان گرفتار ٿيو، جنهن هن
کي جلد قتل ڪرائي ڇڏيو.
موسيٰ بن ڪعب تميمي:
مفلس عبدي جي خبر جڏهن ابو مسلم خراساني کي پئي ته ڏاڍو ڏک ٿيس.
خليفي سفاح کان اجازت وٺي ويهه هزار فوجون موسيٰ
بن ڪعب تميمي کي ڏئي سنڌ موڪليائين. موسيٰ قندابيل
پهچي سنڌ جي حالتن جو جائزو ورتو ۽ اتان منصوره جي
رهاڪن سان جيڪي سندس فوجن جا مٽ مائٽ هئا، ڳجها
رابطا ڪري مٿن هٿ رکي پنهنجو ڪيو. جڏهن چڱيءَ طرح
دلجاءِ ٿيس ۽ سندس فوجن حڪمت عملي تيار ڪري ورتي
ته منصوره تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. سنڌو
درياءُ اورانگهڻ کان پوءِ ٻنهي فوجن جون تلوارون
هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ لڳيون ۽ ميدان نعرن سان گونجڻ
لڳو. منصور حملي جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ هار کائي
منصوره شهر ۾ لڪڻ گهريو پر خبر پئجي چُڪي هئس ته
شهري ۽ فوج موسيٰ جي ڀر ٿي بيٺا آهن، ان ڪري
هندستان ڏانهن ڀڄڻ کي بهتر سمجهيائين. رستو تمام
ڏکيو هو ان ڪري اڌ ۾ ئي رلي ويو ۽ موسيٰ جي فوجن
هٿ چڙهي جان کان هٿ ڌوئي ويٺو.
ابن اثير ۽ فتوح البلدان مطابق هو پاڻ ئي رڻ ۾ رلي بک، اڃ وگهي
مري ويو.
موسيٰ 124هه ۾ سنڌ تي قبضو ڪري انتظام ٺيڪ ڪيا ۽ منصوره شهر جي
مرمت ڪرائي شهر جي جامع مسجد کي وڏو ڪرائي وڌيڪ
خوبصورت بڻايائين.
موسيٰ 140هه (58 ــ 757ع) تائين سنڌ تي آرام سان حڪومت ڪندو
رهيو، انهيءَ دوران ملڪي انتظام ۾ به ڪافي سڌارا
آندائين، پر پوءِ واپس پنهنجي وطن موٽي آيو. سندس
وفات 141هه (59 ــ 758ع) ۾ بغداد ۾ ٿي.
خليفو سفاح موسيٰ جي وقت ۾ ئي 13 ذوالحج 136 هه (754ع) تي گذاري
چڪو هو.
خليفو ابو جعفر منصور
136 هه (754ع) کان 158 هه (776ع)
سفاح کانپوءِ سندس ڀاءُ ابو جعفر عبدالله محمد جيڪو منصور جي
نالي سان مشهور هو، گادي تي ويٺو.
عينيه بن موسيٰ:
140هه ۾ جڏهن موسيٰ بن ڪعب سنڌ مان موڪلائي وڃي رهيو هو ته ان
وقت سنڌ جي گورنر جي گاديءَ تي پنهنجي پٽ عينيه کي
ويهاري ويو. عينيه ۾ حڪومت هلائڻ جي سگهه ۽ صلاحيت
نه هئي، تنهن ڪري سندس مقرريءَ تي ٻن عرب قبيلن
قطحاني (يمني) ۽ نزاري (حجازي) اعتراض اٿاريو ۽ هن
جي غلط ڪارين تي تنقيد ڪئي. عينيه معاملي کي
سلجهائڻ بدران پنهنجي مخالفن کي مارائي ڇڏيو، جنهن
سان باهه وڌيڪ ڀڙڪي اٿي. وري وڌيڪ ڏچو اهو پيس جو
سندس پيءُ موسيٰ بن ڪعب سنڌ اچڻ وقت پنهنجي پراڻي
عهدي ڪوتوالي (پوليس جو اعليٰ آفيسر) تي جنهن مسيب
بن زبير کي مقرر ڪري آيو هو ان کي جڏهن سنڌ م
بغاوت ۽ بي چيني جي خبر پئي ته دل ۾ کٽڪو ٿيس ته
ڪٿي عينيه سنڌ مان معزول ٿي ڪري پنهنجي پيءُ جو
عهدو نه اچي سنڀالي، تنهن ڪري هڪ گمنام خط عينيه
جي نالي لکيائين ته، فارضک ارضک ان تاتنا تنم نومة
ليس فيها حلم.
”جنهن ڌرتيءَ تي آهين خبردار اتيئي رهج. جيڪڏهن هيڏانهن اچڻ جا
سانباه ڪيئي ته پوءِ پنهنجي سر جو سانگو لاهي
ويهه.“
عينيه کي جڏهن اهو خط مليو ته ڏاڍو ڊپ ٿيس ۽ دل ۾ پڪو پهه ڪري
ڇڏيائين ته هاڻي ڇا به ٿي پوي سنڌ کي نه ڇڏبو.
اندروني بي چيني وڌندي ويئي ۽ هوڏانهن سنڌ جو مرڪز
سان سهڪار گهٽجي ويو. اهڙي آزادي تي خليفو منصور
مٿس ڏمرجي پيو ۽ عينيه جي بغاوت ڪچلڻ لاءِ سوچڻ
لڳو.
عمر بن حفص عتڪي:
خليفي منصور، عينيہ کي سيکت ڏيڻ لاءِ عمر عتڪي کي سنڌ جو گورنر
ڪري ۽ ساڻ عقبہ کي صلاحڪار طور موڪليو. عمر وڏو
دلير ۽ اڏول انسان هو ان ڪري ماڻهو کيس ”هزار مرد“
جي لقب سان سڏيندا هئا.
ٻئي نالي وارا بهادر 142هه (60 ــ 769ع) تي فوج سان گڏ سنڌ ۾
پهتا، سڌو منصوره تي حملو ڪرڻ چاهيائون پر عينيه
کين منصوره ۾ گهرڻ نه ڏنو ۽ هو ديبل ۾ ئي رهي ڪري
تياريون ڪرڻ لڳا. ماڻهو جيئن ته عينيه کان اڳ ۾ ئي
بيزار هئا، تنهن ڪري هو اتان نڪري عمر عتڪي وٽ اچڻ
لڳا. عينيه هڪ ٻن جهڙپن ۾ سمجهي ويو ته هاڻي چاڙهو
ڪونهي، تنهن ڪري عمر ڏانهن ٺاهه جي درخواست
موڪليائين پر عمر پهريان منصوره حوالي ڪرڻ لاءِ
چيس. ان واعدي تي منصوره تي عمر قبضو ڪري ورتو ۽
عينيه کي زنجيرن ۾ جڪڙي خليفي ڏانهن روانو ڪيائين،
رستي مان عينيه، ڀڄي ويو پر يمني ماڻهن رخج وٽ
پڪڙي وڌو ۽ ماري منڍي دارالخلافت ڏانهن اماڻيائون.
عمر بن حفص منصور ۾ رهي ڪري ملڪي معاملن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ خليفي منصوره جي وقت ۾ 144هه تي علوين، اهل بيت
جو ڦڏو جيڪو اموي دؤر کان وٺي هلندو پيو اچي، کڙو
ڪيو ۽ اهو معاملو باهه وانگر ڀڙڪي اٿيو. عبدالله
بن حسن جي پٽن مان محمد جيڪو ”نفس زڪيہ“ جي لقب
سان مشهور هو ۽ ان جو ڀاءُ ابراهيم علوين جي ڀر
وٺي، عباسي حڪومت جي خلاف اٿي بيٺا. محمد تمام
نيڪ، پرهيزگار ۽ نماز روزي جو پابند هو، سندس
بزرگيءَ کي مڃيندڙ هزارين مريد حجاز ۽ عراق ۾ هئا،
جيڪي مسعودي مطابق محمد جي چوڻ تي سندس بيعت لاءِ
اچي گڏ ٿيا. يافعي مطابق جيڪڏهن منصور حڪمت عملي
کان ڪم نه وٺي ها ته ڪوفي ۾ ئي هڪ لک تلوارون هن
جي خاتمي لاءِ لڪيل موجود هيون.
نفس زڪيه رمضان 145هه (762ع) ۾ مديني پاڪ ۾ عباسي فوج سان
مقابلو ڪندي حميد بن قحطبه هٿان مارجي ويو ۽ سندس
منڍي منصور اڳيان پيش ڪئي ويئي.
محمد (نفس زڪيه) جو ٻيو ڀاءُ ابراهيم گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو هو، هو
جڏهن اچي بصري ۾ پهتو ته ماڻهن سندس هٿ تي بيعت
ڪئي ۽ ابراهيم طاقت جي زور تي بصره جي والي سفيان
بن معاويه کي به مجبور ڪري آڻ مڃائي ۽ پاڻ تخت تي
قبضو ڪري ويٺو. بصري کان پوءِ اهواز کي به پنهنجي
هٿ هيٺ ڪيو ۽ عراق ڏانهن فوجون اماڻيائين. ان وچ ۾
ابراهيم کي ڀاءُ محمد جي مرڻ جي خبر پئي ته صدمي ۾
هڪ لک فوج وٺي ڪوفي ڏانهن وڌيو، جڏهن احمزا ۾ پهتو
ته منصور کي خبر پئي ۽ هن عيسيٰ بن موسيٰ کي
ابراهيم جي مقابلي لاءِ موڪليو. احمزا ۾ ٻنهي فوجن
جا گهوڙا اچي گڏ ٿيا. پهرين حملي ۾ عيسيٰ جي لشڪر
۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو پر پوءِ پاڻ کي سنڀالي ورتائون
۽ همت ڪري ابراهيم جي فوج مٿان ڪڙڪي پيا. ابراهيم
ڏاڍي ديده دليريء ڏيکاري ۽ چڱي دير تائين وڙهندو
رهيو پر پوءِ هڪ تير اچي ڳچيءَ ۾ لڳس ۽ انت آڻي
ڇڏيائينس. عيسيٰ سندس منڍي 762ع ۾ منصور ڏانهن
موڪلي.
محمد (نفس زڪيہ) پنهنجي زندگي ۾ ئي علوي حڪومت جي ڦهلاءُ لاءِ
پنهنجي پٽن کي مختلف پرڳڻن ڏانهن موڪليندو هو.
انهيءَ سلسلي طور هن 144هه (62 ــ 761ع) ۾ هڪ پٽ
عبدالله بن محمد جيڪو ”عبدالله اشتر“ جي نالي سان
مشهور هو، کي سنڌ ڏانهن موڪليو. سنڌ ۾ ان وقت عمر
بن حفص جي حڪومت هئي، جيڪو هو ته عباسين جو
نمائندو پر سادات گهراڻي سان همدردي جي ڪري
عبدالله جو چڱو ڀلو آڌرڀاءُ ڪيائين، عبدالله جيئن
ته هڪ واپاري جي حيثيت ۾ عمر بن حفص وٽ آيو هو ۽
ڀلا گهوڙا سوکڙيءَ طور ڏنا هئائين، تنهن ڪري ان جي
ترسڻ جو عمر جوڳو بندوبست ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ عبدالله جي هڪ مانهوءَ وڏي سياڻپ سان پنهنجي
اچڻ جو عمر سان مقصد بيان ڪيو ۽ ابراهيم ۽ نفس
زڪيہ (محمد) جي لشڪر جو عباسين سان مهاڏو اٽڪائڻ
جو حال اوري کانئس مدد طلب ڪري ورتي. عمر انهيءَ
ڄار ۾ آسانيءَ سان ڦاسي پيو ۽ شهر جي عزتدار ماڻهن
کي گهرائي عبدالله اشتر جي بيعت ڪرايائين. عبدالله
اشتر اڇا ڪپڙا پائي هر جمعي تي خطبوڏيندو هو.
هيڏانهن هي تياريون هلي رهيون هيون ته سنڌ ۾ بغداد کان هڪ جهاز
اچي پهتو. ان جهاز مان هڪڙو واپاري لٿو، جيڪو عمر
بن حفص جي زال جو خط کڻي آيو. خط ۾ لکيل هو ته
نفس زڪيه (محمد) ۽ ابراهيم ٻئي عباسين هٿان شهيد
ٿي ويا آهن. عمر اهو خط کڻي عبدالله اشتر وٽ آيو ۽
کيس پيءُ ۽ چاچي جي موت جي خبر ٻڌائي ساڻس ڏک جو
اظهار ڪيائين، عبدالله اشتر ڏاڍو غمگين ٿيو پر عمر
چيس، توهان پريشان نه ٿيو مان توهان کي هتان جي هڪ
هندو راجا ڏانهن موڪليان ٿو جيڪو آهي ته هندو پر
نبي اڪرم صلي الله عليہ وسلم ۽ ان جي خاندان سان
ڏاڍي حب اٿس، تنهن ڪري هو توهان کي شهزادن وانگر
رکندو ۽ ڪا تڪليف ٿيڻ نه ڏيندو. جيئن ته هو
خودمختيار آهي، ان ڪري خليفو به مٿس دٻاءُ نه وجهي
سگهندو. عبدالله اشتر هندو راجا وٽ پهتو ته هن
سندس ڏاڍي عزت ڪئي. اوسي پاسي کان ماڻهو گڏ ٿي اچي
عبدالله اشتر جي بيعت ڪرڻ لڳا ۽ هو به زيديه فرقي
جي ڦهلاءَ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳو. مولانا
ابو ظفر ندوي مطابق سنڌ ۾ شيعت جو ٻج ان وقت پيو.
هيڏانهن خارجين به سنڌ ۾ پنهنجي فرقي کي وڌائڻ لاءِ 142هه (60
ــ 759ع) ۾ حسان بن مجاهد همداني کي رقه کان
موڪليو جيئن عباسين سان ٽڪرجي سگهي، پر عمر بن حفص
انهن کي ڪنڌ کڻڻ نه ڏنو ۽ حسان نامراد موٽي ويو.
عبدالله اشتر ڏهن ٻارهن سالن تائين هندو راجا وٽ رهيوپيو، ان جي
خبر جڏهن خليفي منصور کي پئي ته هن عمر کان
عبدالله اشتر جي سنڌ ۾ رهڻ جو جواز پڇيو.عمر ڏاڍو
پريشان ٿيو ۽ سڀني اعتماد وارن ماڻهن کي گهرائي
کانئن صلاح پڇي ته توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڀري
ميڙ مان هڪ شخص اٿيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته حضور! توهان
سڄو الزام منهنجي مٿان هڻي، خليفي اڳيان پيش ڪريو،
خليفو پاڻ ئي مون کي معاف ڪري ڇڏيندو. عمر بن حفص
چيو ”چريا، اهڙي خوشفهميءَ ۾ نه رَههُ، هو توکي
قتل ڪرائي ڇڏيندو“ ان وراڻيو ته، ڪا ڳالهه ناهي،
جيڪڏهن قتل به ٿي ويس ته توهان تي قربان، عمر نيٺ
ان شخص جو نالو منصور ڏانهن اماڻن جو حڪم ڏنو.
دارالخلافت پهچندي ئي خليفي منصور ان شخص کي مارائي ڇڏيو. عمر
بن حفص کي خليفي منصور 151هه (69 ــ 768ع) ۾ ترقي
ڏئي آفريقا جو گورنر ڪري موڪليو. پر عمر جي باري ۾
شڪ ضرور رهيس.
هشام بن عمرو تغلبي:
خليفي منصور کي عبدالله اشتر جي ٻڙڪ پئجي چُڪي هئي، ان ڪري هشام
بن عمرو تغلبي کي سنڌ جو گورنر ڪري اهو حڪم ڏئي
موڪليائين ته عبدالله اشتر کي جبل ڀيڙو ڪري، سڌو
هٿ نه اچي ته جنهن راجا وٽ رهي ٿو ان تي حملو ڪري
ڏي.
هشام جڏهن سنڌ ۾ پهتو ته انهيءَ سوچ ۾ هو ته عبدالله اشتر جي
گرفتاريءَ کان ڪيئن پاڻ کي بچائجي؟ ڇاڪاڻ ته هو به
اهل بيت جي مڃيندڙن مان هو، ان ڪري خليفي سان
مختلف بهانا ڪندو رهيو. انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جي
هڪڙي علائقي ۾ ڪن ماڻهن بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو.
اهو علائقو ان راجا جي ڀرسان هو، جنهن عبدالله
اشتر کي پناهه ڏني هئي. هشام پنهنجي ڀاءُ سفيح کي
بغاوت ڪچلڻ لاءِ موڪليو. جڏهن هو اتي پهتو ته
اتفاق سان عبدالله اشتر به ڏهن سوارن سان شڪار جي
ڳولها ۾ اچي رهيو هو. سفيح کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ
اڳتي وڌيو. ساٿين سمجهايس ته عبدالله اشتر اهل بيت
مان آهي، ان ڪري کيس گرفتار ڪرڻ مناسب نٿو لڳي، پر
سفيح نه مڙيو ۽ عبدالله اشتر به مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ
اڳيان آيو ۽ وڙهندي وڙهندي الله کي پيارو ٿي ويو.
اها خبر جڏهن هشام کي پهتي ته ڏاڍو ناراض ٿيو پر
هٿ جي وڍي کي ڪير چئي. خليفي وٽ جڏهن هشام طرفان
اها خبر پهتي ته ڏاڍو خوش ٿيو پر اڃا تائين اهو
خوف هيس ته ڪٿي عبدالله اشتر جا پوئلڳ سندس پٽ کي
نه پڳ ٻڌرائي اڳيان آڻن، ڇو ته عبدالله اشتر جو
پٽ۽ زال اڃا تائين هندو راجا وٽ مهمان طور ٽڪيل
هئا. هشام راجا کان انهن جو هٿ گهريو پر راجا ڏيڻ
کان نابري واري، تنهن تي هشام مٿس 151 هه (69 ــ
768ع) تي حملو ڪيو. راجا مڙسي سان مقابلو ڪيو پر
گهڻو وقت بيهي نه سگهيو ۽ هار کاڌائين. انهيءَ
حملي ۾ عبدالله اشتر جا ڪيترائي ساٿي ڪم اچي ويا.
هشام، عبدالله جي گهر واري ۽ ڇوڪري کي خليفي منصور جي درٻار ۾
موڪليو، خليفي وري انهن کي مديني ڏانهن اماڻي
ڇڏيو.
ڪاميابيون:
انهن جهڳڙن کان واندو ٿي ڪري هشام ٻاهرين معاملن ڏانهن ڌيان ڏنو
۽ مختلف علائقن کي ماڻڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيائين.
پنهنجي هڪ سپه سالار عمر بن جمل کي هڪ فوجي دستي
سان گڏ جنگي ٻيڙي تي گجرات جي اولهندي بندرگاهه
نارند ڏانهن موڪليو. هشام منصوره ۾ پنهنجي ڀاءُ
بسطام کي نائب بڻائي پاڻ هندستان جي اترئين پاسي
تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪشمير جي دنگ تائين وارو علائقو فتح
ڪري ورتائين. ان کان پوءِ ملتان ڏانهن مڙيو ۽
درياءُ اورانگهي قندابيل (گنداوا) پهتو، اتان جي
راجا کي تڙي ڪڍيائين ۽ ملڪي وهنوار پنهنجي ماڻهن
جي هٿن ۾ ڏئي ڪري پاڻ هڪ بحري ٻيڙي تي ڀڙوچ جي
بندرگاهه گندهار ۾ اچي پير کوڙيائين، گندهار تي
قبضو ڪري فتح جي يادگار طور هشام هت هڪ عاليشان
مسجد جوڙائي جيڪا گجرات ۾ پهرين مسجد هئي.
اهي ڪاميابيون ماڻي هشام منصوره ۾ واپس آيو ۽ ملڪي خوشحالي ۽
عوام جي ڀلائيءَ لاءِ جوڳا اُپاءَ ورتائين، جنهن
سان سڄو ملڪ سکيو ستابو ٿي ويو. اندروني شورشن کي
به ٻنجو ڏنائين ۽ ماڻهن مس مس سک جو ساهه کنيو.
ماڻهو هشام کي ڀاڳ ڀريو سمجهندا هئا ۽ هر هنڌ هن جي هاڪ هلندي
هئي، هشام جي زماني ۾ سنڌ مان پهريون ڀيرو هڪ
عالمن جو وفد خليفي منصور جي درٻار ۾ پهتو. چيو
وڃي ٿو ته انهن ۾ هڪ سنسڪرت جو وڏو عالم به هو
جنهن منصور اڳيان سدهانت پيش ڪيو ۽ خليفي جي حڪم
تي درٻار ۾ موجود رياضيءَ جي ڄاڻو ابراهيم فزاري
ان کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
تاريخ مان اهو ڏس به ملي ٿو ته عربن 9 تائين حسابي انگ هندن کان
سکيا، ان ڪري عرب ان کي حساب هندي يا هنديه ارقام
چوندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ سنسڪرت عالم جنهن
سدهانت خليفي اڳيان پيش ڪيو هو، اهو عربن کي
سيکاريو هجي.
خليفي منصور هشام جي ڪارگزارين کان خوش ٿي 156هه (73 ــ 772ع) ۾
سنڌ سان گڏ ڪرمان جي گورنري به ان جي حوالي ڪري
ڇڏي ۽هشام تمام سهڻي طريقي سان ٻنهي صوبن جو
انتظام هلائيندو رهيو. سنڌ ۾ پنج ڇهه سال ترسي
هشام 157هه (74 ــ 773ع) ۾ پنهنجي وطن هليو ويو ۽
اتي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين.
محمد بن منصور مهدي
158هه (75 ــ 774ع) کان 169هه (86 ــ 785ع)
منصور کان پوءِ ان جو پٽ گاديءَ تي ويٺو ۽ ان جي دور ۾ سنڌ جو
گورنر معبد گذاري ويو.
روح بن حاطم ۽ بسطام:
مهدي 159هه ۾ روح بن حاتم کي سنڌ جي گورنري سونپي پر اها چڱي
طرح نڀائي نه سگهيو ۽ جاٽن کي جيڪي سنڌ جي اولهندي
پاسي کان آباد هئا، ٻنجو نه ڏئي سگهيو. مهدي ان
جي جاءِ تي هشام تغلبي جي ڀاءُ بسطام کي اها
ذمينواري ڏني جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي دؤر ۾ اتي رهي
چڪو هو ۽ چڱو تجربو به هيس، پر پوءِ به ڪو خاص
ٻوٽو نه ٻاري گهيو. 161هه ۾ وري ٻيهر روح ساڳي
ڪرسي سنڀالي. پر هن ڀيري به هو پنهنجي قابليت ثابت
نه ڪري سگهيو ۽ ان جي جڳهه تي نصر بن محمد بن اشعث
خزائي سنڌ جو گورنر ٿي آيو. اڃا هن کي هڪ سال ئي
مس گذريو هو ته کيس واپس موٽي اچڻ جو حڪم مليو.
مهدي، محمد بن سليمان بن علي هاشمي جي حوالي سنڌ
جي حڪومت ڪئي جنهن پاڻ اچڻ بدران پنهنجي نائب
عبدالملڪ بن شهاب مسمعي کي سنڌ موڪليو. اڃا ويهه
ڏينهن ئي نه گذريا هئا ته ٻيهر نصر بن محمد کي
سنڌ جي گورنري ملي. هن کي حڪومت ڪندي اڃا ڪجهه ئي
ڏينهن ٿيا هئا وري زبير بن عباس جو حڪم نامو پهچي
ويو، پر زبير بغداد ۾ ويهي ڪري ئي سنڌ جو ڪار
وهنوار هلائڻ چاهيو.
سنڌ ۾ گورنري جي اهڙي اير ڦير ڪري ڏاڍي بدامني وڌي ويئي ۽
انتظام ڊانواڊول ٿي ويو.
مصيح بن عمرو تغلبي:
ان ڪري مهدي 161هه ۾ هشام جي ڀاءُ مصيح کي سنڌ جو گورنر ڪيو.
مصيح تمام محنتي ۽ قابل شخص هو پر اها قابليت
حجازي ۽ يمني ماڻهن جي پاڻ ۾ جهيڙي ڪري ڪارگر نه
ٿي سگهي ۽ حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون ويون،
جنهن جي ڪري ٽيون ڀيرو نصر بن محمد بن اشعث کي
آزمايو ويو، جيڪو 163 هه تائين سنڌ جي گورنر جي
ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو. پر حالتون جيئن جو تيئن
رهيون.
ليث بن ظريف:
انهن حالتن کان مجبور ٿي مهدي 164 هه ۾ پنهنجي غلام ليث بن ظريف
کي سنڌ جو گورنر ڪيو، جڏهن هو سنڌ پهتو ته جاٽن
وري پنهنجون من مستيون شروع ڪيون، مهدي ليث جي مدد
لاءِ بصري کان هڪ فوجي ڪٽڪ موڪليو. حالتون هٿ مان
نڪتيون ته ليث فوجي راڄ مڙهي ڇڏيو ۽ فوجين، جاٽن ۽
ٻين باغين جو ڪنڌ ڀڃي ملڪ ۾ ماٺار آندي.
ڪاهون ۽ ڪاميابيون:
مهدي جي زماني ۾ عبدالملڪ بن شهاب مسمعي بحري مهم تي سنڌ جي
علاقي ڀڙوچ ويجهو باريد جنهن جو هندي نالو ڀاڙڀوت
آهي، تي 160هه ۾ حملو ڪيو ۽ سوڀ ماڻيائين، پر اتي
اهڙي وبا ڦهلي جو هڪ هزار سپاهي موت جي ور چڙهي
ويا ۽ باقي لشڪر کي پوئتي موٽڻو پيو.
169 هه (86 ــ 785ع) تي مهدي لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس جانشين پٽ
موسيٰ هادي بڻيو، جيڪو سوا سال حڪومت ڪري 170 هه ۾
الله کي پيارو ٿي ويو.
خليفو هارون الرشيد
170 هه (787ع) کان 193هه (9 ــ 808ع)
هادي جي وڃڻ کان پوءِ ان جو ڀاءُ هارون الرشيد خلافت جي ڪرسيءَ
تي ويٺو.
سالم يونسي:
خليفي هارون رشيد ليث کي گورنري تان لاهي سالم يونسي کي سنڌ جي
گورنري ڏني، ليث جي دؤر ۾ جيئن ته سنڌ ۾ امن امان
قائم ٿي چڪو هو ان ڪري سالم يونسي کي حڪومت هلائڻ
۾ ڪائي مشڪل پيش نه آئي ۽ چئن سالن تائين آرام سان
پنهنجو فرض انجام ڏيندو رهيو. سالم 174 هه (91 ــ
790ع) تي ڪنهن ڪارڻ ڪري پنهنجي عهدي کان الڳ ڪيو
ويو.
اسحاق بن سليمان بن علي هاشمي:
(191 ــ 790ع) تي اسحاق بن سليمان سنڌ لاءِ مڪران جو مهندار
بڻجي آيو، پر اڃا سال ئي مس حڪومت جو مزو ماڻيو
هئائين ته هن فاني دنيا کان هميشه جي لاءِ موڪلائي
هليو ويو. بلاذري مطابق هو وڏو نيڪ ۽ پرهيزگار
انسان هو. سندس وفات کان پوءِ پٽ يوسف جانشين
بڻيو.
طيفور بن عبدالله بن منصور الحميري:
هارون کي جڏهن اسحاق جي لاڏاڻي جي خبر پئي ته طيفور بن عبدالله
جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت ڏني. هو اڃا سنڌ ۾ پهتو ئي
مس ته يماني ۽ نزاري عرب قبيلن جي وچ ۾ وڏي ويڙهه
شروع ٿي ويئي. طيفور جيئن ته يمني هو تنهن ڪري
انهن جي ڀر وٺي مدد ڪرڻ لڳو، جنهن جي ڪري هر طرف
شديد بي چيني پکڙجي وئي.
جابر بن اسعث طائي:
هارون الرشيد کي جڏهن اهو معاملو معلوم ٿيو ته طيفور جي جاءِ تي
جابر بن اسعث کي سنڌ ۽ مڪران جو گورنر ڪري
موڪليائين، جيڪو پڻ اهو اختلاف سلجهائي نه سگهيو.
سعيد بن مسلم بن قتيبه:
هارون جابر کي معزول ڪري اها ذمينواري سعيد بن مسلم کي ڏني،
جنهن هيڏانهن اچڻ جي تڪليف به نه ڪئي ۽ پنهنجي
ڀاءُ ڪثير بن مسلم کي نائب ڪري موڪليو. ڪثير سٺو
انسان نه هو ان ڪري ايندي ئي بڇڙاين جي ور چڙهي
سنڌ کي وڌيڪ عذابن ۾ وجهي ڇڏيائين.
عيسيٰ بن جعفر:
هارون رشيد هاڻي عيسيٰ بن جعفر بن منصور کي آزمايو. ان به سعيد
وانگر محمد بن عدي ثعلبي جهڙي نااهل انسان کي
پنهنجو نائب ڪري سنڌ اماڻيو. محمد بن عدي جي ڪري
قبائلي اختلافن کي وڌيڪ هوا ملي ۽ معاملو جڏهن هٿن
مان نڪتو ته هو ملتان ڀڄي ويو.
ملتان وارن کي ڊپ ٿيو ته ابن عدي جي اچڻ ڪري اهو وبال (گهرو
ويڙهه) اسان جي ڳچيءَ ۾ به نه پئي، تنهن ڪري ابن
عدي سان مقابلو ڪري کيس اتان تڙي ڪڍيائون ۽ هو
مجبور ٿي منصوره موٽي آيو.
عبدالرحمان:
هارون رشيد کي جڏهن اهڙي بدنظميءَ جي خبر پئي ته هن عبدالرحمان
نالي شخص کي سنڌ جي گورنري ڏني پر اهو به ڪو ٻوٽو
نه ٻاري سگهيو ۽ حالتون ساڳي اوج تي رهيون.
ايوب بن جعفر بن سليمان:
عبدالرحمان کان پوءِ ايوب کي آزمايو ويو پر هو به ڪارگر ثابت نه
ٿي سگهيو.
داؤد بن يزيد بن حاتم مهلبي:
هارون رشيد وڏي ويچار کان پوءِ 184هه ۾ آخر داؤد بن يزيد جهڙي
علم دوست، انسان پرور ۽ عاقل انسان کي سنڌ جو
گورنر بڻايو پر پنهنجي وطن سان محبت ڪري هو به
هيڏانهن اچڻ بدران پنهنجي ڀاءُ مغيره کي
موڪليائين.
مغيره جي پهچڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ نزارين (حجازين) اهڙو زور پڪڙيو
جو حڪومت به کانئن دٻجي ويئي. انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي
ته يمنين (قحطانين) کي هتان تڙي ڪڍي سنڌ کي چئن
حصن ۾ ورهائجي، جيئن هڪ ۾ قريش، ٻئي ۾ قيس، ٽين ۾
ربيعه ۽ چوٿين ۾ تراري (سڀئي حجازي قبيلا) رهن.
مغيره جڏهن منصوره پهتو ته ترارين کيس شهر ۾ گهرڻ نه ڏنو ۽
چيائونس ته جيڪڏهن هو مٿيان شرط مڃي ته پوءِ اچي
حڪومت ڪري. پر مغيره شرط قبول نه ڪيا ۽ شهر جو
گهيرو ڪري ويهي رهيو. تراري جڏهن تنگ ٿيا ته مغيره
کي چيائون هو شهر ۾ ڀل اچي پر جڏهن اسان ٻي دروازي
کان نڪري وڃون. مغيره اهو به نه مڃيو، آخر ٻنهي وچ
۾ خونريز جنگ لڳي، جنهن ۾ مغيره کي شڪست آئي ۽ هو
سنڌ جي ٻي علائقي ۾ هليو ويو. اتان پنهنجي ڀاءُ
داؤد کي سڄو قصو لکي موڪليائين.
داؤد کي جڏهن خبر پئي ته ڪاوڙ مان وڏو ڪٽڪ ساڻ ڪري اچي منصوره
نڪتو. ترارين شهر جا دروازا بند ڪري جنگ ڪرڻ شروع
ڪئي ۽ ويهن ڏينهن تائين پير ڄمائي بهادريءَ سان
وڙهندا رهيا. داؤد مٿن تيرن جو وسڪارو ڪندو رهيو
پر انهن آڻ نه مڃي ۽ ڪيترن مهينن تائين دروازو بند
ڪيون ويٺا رهيا. داؤد جي مسلسل محاصري کين ساڻو
ڪري وڌو ۽ حملن جي سٽ نه سهي ڪري آخر داؤد جي لشڪر
جي تلوارن جو کاڄ بڻيا. داؤد منصوره جي هر محلي ۽
ڳليءَ مان ترارين جي ماڻهن کي ڪڍي ڪن کي قتل، قيد
۽ ڪن کي شهر بدر ڪيو. اهڙيءَ طرح منصوره ۾ امن وري
موٽي آيو ۽ سنڌ جي هر شهر مان داؤد، ترارين جي پاڙ
پٽي. اهڙيءَ طرح سچي سنڌ ۾ سرهائي پکڙجي وئي.
خليفو هارون رشيد 192 هه ۾ رقه کان بغداد آيو ۽ اتان هڪ مهم جي
سلسلي ۾ خراسان وڃڻ جو ارادو ڪيائين، توڙي جو
طبيعت خراب به هئس. شاهي طبيب جبرئيل بن بختيشوع
خليفي سان گڏ هوندي به هارون سنڌ جي گورنر داؤد
معرفت قنوج جي راجا ڏانهن خط لکيو ته مان هڪ ڊگهي
سفر تي بغداد کان نڪري رهيو آهيان ۽ طبيعت به ٺيڪ
ناهي، ان ڪري توهان پنهنجو خاص طبيب مڻڪو (ماڻڪ
چند) مون ڏانهن موڪليو، جنهن کي بلخ پهچي موٽائي
ڇڏيندس. مڻڪو خراسان پهتو ۽ هارون رشيد جو علاج
شروع ڪيائين، پر مرض جهڪو نه ٿيو ۽ هارون طوس جي
وڻندڙ موسم ڪري اتي موٽي آيو پر بيماري سندس
زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. موڪلائڻ وقت هارون
انهيءَ طبيب کي قنوج پهچائڻ جي وصيت ڪئي جنهن کي
پورو ڪيو ويو.
تاريخ الاطباءِ جي صفحي نمبر 33 تي آهي ته طبيب مڻڪو شاهي خرچ
تي خليفي وٽ پهتو ۽ ان جو علاج ڪيائين، جنهن سان
هو چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويو. هارون طبيب کي انعام ۽
اڪرام سان نوازي دارالترجمي ۾ اهم حيثيت ڏئي
رکيو، جتي هو سنسڪرت ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ سان گڏ
ٻين جي مدد به ڪندو هو. هن شاناق جي ڪتاب ”السموم“
جي ترجمي ۾ ابو حاتم بلخي جي وڏي مدد ڪئي.
ساڳي ئي دؤر ۾ اسان کي هڪ ٻي هندستاني طبيب صالح بن بهلا جو
نالو به ملي ٿو، جيڪو شاهي طبيب جبرئيل جي قد ڪاٺ
جو حڪيم هو. هن هارون الرشيد جي ڀيڻيوئي جي مرض جو
ڪامياب علاج ڪري وڏي شهرت ماڻي، جنهن کي شاهي طبيب
جبرئيل جواب ڏئي چڪو هو ۽ سندس موت جي اڳڪٿي ڪري
ڇڏي هائين.
193 هه (8 ــ 807ع) ۾ خليفي هارون رشيد وفات ڪيائين.
محمد امين بن هارون
193 هه (9 ــ 808ع) کان 198 هه (14ــ 813ع)
امين جي وڃڻ کان پوءِ محرم 198 هه ۾ مامون تخت تي ويٺو پر سنڌ
جي گورنري تي داؤد کي ئي سهڻي انتظام جي ڪري رهڻ
ڏنائين.
انهيءَ زماني ۾ بني ڪنده جو آزاد ڪيل غلام ابوالصمه سنڌ پهتو ۽
ڪجهه ڏينهن بعد قبضو ڪري ورتائين. هو انهن ماڻهن
مان هو جيڪي اڳ داؤد سان سنڌ ۾ آيا هئا. 205 هه
(21 ــ 820ع) تي داؤد سنڌ جي ويهه سال حڪومت هلائي
وفات ڪئي. هو وڏو دلير ۽ مضبوط ارادن وارو انسان
هو. سنڌ جي عرب دؤر جي گورنرن ۾ جنيد کانپوءِ هن
جهڙو جوان نٿو ملي. سندس دؤر کي سنڌ جو سنهري دؤر
چيو وڃي ٿو.
بشر بن داؤد مهلبي:
مامون رشيد، داؤد جي وفات کان پوءِ سندس پٽ بشر کي سنڌ جي
گورنري ڏني. هو شروعات ۾ ته دارالخلافت واعدو ڪيل
پئسا موڪليندو رهيو پر پوءِ ارڏو ٿي بيٺو ۽
نافرماني اختيار ڪري خودمختياريءَ جو اعلان
ڪيائين.
مامون 212 هه (28 ــ 827ع) تي بشر جي خبر وٺڻ لاءِ حاجب بن
صالح کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو پر حاجب ڊڄڻو هئڻ
ڪري بشر سان مقابلو نه ڪري سگهيو.
غسان بن عباد:
213 هه تي مامون رشيد، غسان بن عباد مهلبي جهڙي شينهن انسان کي
پنهنجي ڀاءَ محمد بن عماد سوڌي سنڌ روانو ڪيو ۽
حڪم ڏنائين ته سنڌ جي صورتحال سڌاري باغي بشر کي
منهنجي خدمت ۾ پيش ڪيو وڇي ۽ اتان موٽڻ وقت سنڌ
جون واڳون موسيٰ بن يحييٰ بن خالد برمڪي جي حوالي
ڪيون وڃڻ .
213 هه (29 ــ 229ع) ۾ جڏهن غسان منصوره پهتو ته بشر مهاڏو
اٽڪائڻ کان سواءِ ئي حڪومت غسان جي هٿن ۾ ڏئي
ڇڏي.غسان، بشر کي پڪڙي جيل ۾ واڙي ڇڏيو.جڏهن سنڌ
جون حالتون سڌرڻ لڳيون ته غسان مامون جي حڪم مطابق
گورنريءَ جي ڪرسيءَ تي موسيٰ برمڪي کي ويهاريو.
216 هه ۾ غسان، بشر کي وٺي بغداد پهتو ۽ سندس سفارش ڪندي مامون
جي حوالي ڪيائي. خليفي مامون، بشر ۽ جيڪي مائٽ
سندس گرفتار ڪيا ويا هئا، تن سڀني کي معاف ڪري
آزاد ڪري ڇڏيو.
جنهن زماني ۾ غسان سنڌ ۾ آيو هو ۽ واپس وڃڻ جا سانباهه ڪري
رهيو هو ان وقت هتان جي هڪ راجا بالاچندر غسان کي
پنهنجي درٻار ۾ بي ادبي سان سڏرايو، غسان انهيءَ
گستاخيءَ جو راجا کي سبق سيکارڻ چاهيو هو پر پوءِ
پوئتي موٽڻ جي تڪڙ ڪري رهجي ويو.
چيو وڃي ٿو ته غسان سان گڏ مشهور طبيب ابراهيم بن فرازون به
سنڌ آيو هو. ابراهيم جڏهن هتي مور کاڌو ته حيران
ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙو لذيذ
گوشت ناهي کاڌو. ان کان پوءِ هو جيترو عرصو سنڌ ۾
رهيو مور جو گوشت کائيندو رهيو.
موسى بن يحى برمڪي:
غسان جي وڃڻ کانپوءِ موسيٰ بن يحيٰ بن خالد برمڪي جڏهن سنڌ جو
واڳون سنڀاليون ته حالتن جو جائزو وٺڻ بعد سڀ کان
پهريان ان راجا ڏانهن راغب ٿيو جنهن غسان سان
گستاخي ڪئي هئي.
موسيٰ راجا بالا جي علائقي اڀرندي ضلعن ڏانهن هڪ فوجي جٿو
اماڻيو. جڏهن لشڪر اتي پهتو ته راجا پنهنجي فوج
سان گڏ مقابلي لاءِ آيو پر مسلمانن جي حملي جي سٽ
نه سهي سگهيو ۽ گرفتار ٿي موسيٰ اڳيان آندو ويو.
راجا پنج لک درهم موسيٰ کي آڇيا پر هن نه مڃيو ۽
قتل ڪرائي ڇڏرايائينس.
موسيٰ جي زماني ۾ سنڌ مان جيڪا رقم بغداد ويندي هئي تاريخدانن
مطابق خرچ پکو ڪڍي ڪري اٽڪل ڏهه لک درهم هوندي
هئي.
موسيٰ جو ڳاڻيٽو سنڌ جي ڪامياب گورنرن ۾ ٿئي ٿو. هن ملڪ جي سڀني
معاملن تي خاص ڌيان ڏنو ۽ انيڪ سڌارا آندا. حجازي
قبيلا به سندس دٻدٻي ۽ روب اڳيان چپ ڪري ويهي
رهيا.
218 هه (34 ــ 833ع) ۾ خليفو مامون رشيد هن فاني دنيا کي الوداع
چئي آخرت جي سفر ڏانهن هليو ويو، ان وقت سنڌ جو
گورنر موسيٰ بن يحييٰ ئي هو.
ابو اسحاق محمد بن هارون (معتصم بالله)
218 هه (34 ــ 833ع) کان 228 هه (42 ــ 841ع)
مامون کان پوءِ 218ع ۾ هارون جو وچون پٽ ابو اسحاق جنهن جو لقب
معتصم باالله هو، خليفو ٿيو.
عمران بن موسيٰ برمڪي:
معتصم باالله جي زماني ۾ 221 هه (36 ــ 835ع) تي سنڌ جو گورنر
موسيٰ برمڪي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصيت مطابق پٽ
عمران برمڪي کي گاديءَ تي ويهاريو ويو جنهن جي
منظوري معتصم باالله به ڏني.
عمران جڏهن ذمينواري سنڀالي ته ان وقت جاٽن وري ٻيهر ڪر کنيو پر
عمران جي بروقت ڪارروائي انهن جي پاڙ پٽي ڇڏي. هن
ان علائقي ۾ هڪ شهر ”بيضاءِ“ اڏيو ۽ اتي هڪ فوجي
ڇانوڻي به قائم ڪئي، جيئن وري ڪوئي فتنو کڙو نه
ٿئي.
شهر قندابيل (گنداوي) جيڪو جبلن تي اڏيل هو، تي محمد بن خليل
نالي هڪ شخص ڏاڍائي سان قبضو ڪري ويٺو هو ۽ ماڻهو
خلافت کان منهن موڙي ويٺا هئا، تن کي عمران سٺي
سيکت ڏني ۽ شهر تي قبضو ڪري سرڪش ۽ فتني باز
سردارن کي اتان لڏائي قصدار موڪليو.
هو اڃا انهيءَ فتني کان واندو ئي مس ٿيو هو ته ميد قوم جي بغاوت
جي خبر به اچي پهتس. جلدي ۾ گهوڙا ڊوڙائي وڃي ميدن
جي علائقي ۾ پهتو ۽ ساڻن جنگ جوٽيائين. انهيءَ جنگ
۾ ٽي هزار ميد تلوار جو کاڄ بڻيا. ميدن کي ماري
مڃائي عمران اروڙ پهتو ۽ جاٽن کي پنهنجي اڳيان پيش
ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. جاٽ جڏهن حاضر ٿيا ته انهن جي
هٿن تي مهرون هڻائي مٿن ڍل مقرر ڪيائين ۽ حڪم
ڏنائين ته راجا چچ جي زماني جي رسم مطابق پاڻ سان
گڏ هڪ ڪتو رکن. اهڙي حڪم کان پوءِ هڪ ڪتي جي قيمت
پنجاهه درهمن تائين پهچي ويئي.
ان بعد عمران ٻيهر ميدن تي اچي ڪڙڪيو پر هو قلعي اندر ڀڄي ويا.
قلعي ٻاهران مٺي پاڻي جي هڪ واهي وهندي هئي، جنهن
مان شهر وارن کي پيئڻ جو پاڻي ملندو هو. عمران ڇا
ڪيو جو سمنڊ مان کاٽي کڻائي ان جو کارو پاڻي اچي
ان واهيءَ ۾ ملايائين، جنهن جي ڪري شهر وارا پاڻي
ڍڪ لاءِ سڪي مئا پر تڏهن به شهر جا دروازا نه
کوليائون. هو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ضرور آڻ مڃين ها
پر هيڏانهن نزاري ۽ يماني جهڳڙي وري ٻيهر ڪر کنيو
۽ عمران کي واپس موٽڻو پيو. حالتون اهڙيون ٿي ويون
جو عمران کي يمنين جو پاسو کڻڻو پيو، جنهن جي ڪري
حجازي (نزاري) سندس خلاف ٿي ويا ۽ حجازين جي هڪ
سردار عمر بن عبدالعزيز هباري وڏي چالاڪي سان
عمران کي پنهنجي تلوار جو شڪار بڻايو.
عمران جي قتل سان سنڌ کي وڏو نقصان رسيو، ڇو ته اڃا ميدن جو ئي
چڱيءَ طرح خاتمو نه ٿيو هو ۽ هيڏي وڏي هاڃي ته ٻين
سردارن جو من به وڌائي ڇڏيو ۽ هرڪوئي شهر ڦٻائي
ويهي رهيو.
عنبسا بن اسحاق:
عمران کان پوءِ 226 هه عنبسه بن اسحاق سنڌ جو گورنر ٿي آيو ۽
حالتن کي پنهنجي ضبط ۾ آندائين، سندس گهڻو وقت
انهن سردارن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ گذريو، جيڪي عمران
جي قتل کان پوءِ خودمختيار بڻجي شهرن تي قبضو ڪري
ويٺا هئا. عنبسه ديبل جون عمارتون ۽ روڊ رستا
ٺاهرايا. ديبل جي مندر جيڪو محمد بن قاسم جي
منجنيقن جو نشانو بڻجي ويران پيو هو. جو مرڪزي
منارو ٽوڙائي ان مٿان ڇت لڳرائي کيس سينٽرل جيل
طور ڪتب آندائين. منارو جي بچيل پٿرن سان شهر جي
مرمت ڪرائي وئي.
تحفة الڪرام جي حاشيي مطابق ايتاخ التر کي سنڌ جو گورنر مقرر
ڪيو ويو هو، جنهن پنهنجي طرفان عنبسه کي موڪليو.
پر يعقوبي مطابق معتصم باالله پاڻ هن کي مقرر ڪيو
هو ۽ هو الواثق جي عهد تائين رهيو. |