ڀاڱو ٻيو
ارغون دؤر
شاهه بيگ ارغون
سنڌ تي قبضو 927 هه (1520ع) ــ وفات 929 هه (1521ع)
سمن جي زوال کانپوءِ سنڌ تي ارغون چڙهي ويٺا. سندن پهريون
بادشاهه شاهه بيگ ارغون بن امير ذوالنون بن امير
بصري بن فرخ بيگ هو، جنهن جي پيڙهي آخر ۾ چنگيز
خان (662 ــ 562هه) سان وڃي ملي ٿي، ان جو شجرو
اسان ايندڙ صفحن ۾ ترخان نامي مان ڏيون ٿا، جنهن
کي محقق پير حسام الدين راشدي صاحب وڏي محنت سان
مرتب ڪيو آهي. ترخان نامي جي ليکڪ ٻڌايو آهي ته ان
خاندان جي وڏڙن ۾ هولاگو (663 ــ 654هه) جو پوٽو
ارغون خان ڄم 7 جمادي الاخر 683هه (1284ع) وفات: 6
ربيع الاول 690هه (1291ع) جي نالي سان هي خاندان
مشهور ٿيو.
امير ذوالنون:
تاريخ معصومي ۾ آهي ته شاهه بيگ ارغون جو پيءُ امير ذوالنون
سلطان ابو سعيد جي دؤر ۾ سندس ملازمن مان هو، هن
آهستي آهستي پنهنجي بهادري ۽ عقلمندي ڪري سلطان
ابو سعيد جي درٻار ۾ اهميت حاصل ڪري ورتي هئائين،
قراباغ جي واقعي کان پوءِ هو پنهنجي پيءُ وٽ هرات
هليو ويو، ڪجهه ڏينهن سلطان يادگار مرزا وٽ به
رهيو ۽ پوءِ سمرقند سلطان احمد جي مهربانين جا مزا
ماڻيندو رهيو. ٻن سالن کان پوءِ امير ذوالنون
ترخان ۽ ارغون اميرن جي جهيڙي ڪري وري ٻيهر خراسان
اچي ڪري سلطان حسين جي اکين جو تارو بڻجي ويو ۽
سلطان کيس غور ۽ داور جي حڪومت سونپي، جتي هزار ۽
تڪدري قبيلن ٻائيتال مچائي رکيو هو.
79 ــ 1478ع ۾ امير ذوالنون معمولي لشڪر سان اتي پهتو ۽ ٽن چئن
سالن اندر انهن جو ڪنڌ ڀڃي ملڪ پنهنجي قبضي ۾
ڪيائين ۽ ٻين قبلن کي به اطاعت ڪرڻ تي مجبور
ڪيائين. سلطان حسين مرزا سندس ڪارڪردگيءَ کان خوش
ٿي قنڌار، فراه ۽ غور جي حڪومت به هن جي حوالي
ڪئي. حڪومت ملڻ کان پوءِ شال، مستونگ ۽ ٻين اوسي
پاسي وارن هنڌن تي به امير ذوالنون قبضو ڪري ورتو،
ٽن چئن سالن اندر امير ذوالنون هزاري، تڪدري،
قبچاق ۽ قنڌاري مغلن کي پاڻ سان ملائي وڏو لشڪر
تيار ڪري ورتو. اها خبر جڏهن هرات ۾ سلطان حسين
مرزا کي پئي ته امير ذوالنون کي پنهنجي درٻار ۾
گهرايائين. امير ذوالنون ان مهل ئي درٻار ۾ حاضر
ٿي سلطان حسين مرزا ۽ ٻين شهزادن خاص طور تي مرزا
بديع الزمان جي خدمت ۾ قيمتي سوکڙيون پيش ڪيون پر
سلطان حسين مرزا جي دل ۾ شڪ اڃا رهجي ويو. امير
ذوالنون، مرزا بديع الزمان سان سنگت رکي سلطان
حسين مرزا جي خدمت ۾ هڪ سال تائين رهي پيو. هڪ
ڏينهن سلطان حسين مرزا پنهنجي اميرن، وزيرن کان
پڇيو ته ذوالنون جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟
شهزادي بديع الزمان چيو ته قنڌار جي حڪومت ڪوئي به
قبول نٿو ڪري ۽ جنهن کي به موڪليون ٿا ته ٻٽن سالن
اندر بيمار ٿي مري وڃي ٿو، تنهن ڪري ذوالنون کي
اتي مقرر ڪرڻ سان ان جي وفاداريءَ جي به خبر پئجي
ويندي، ٻي صورت ۾ بيمار ٿي پنهنجو پاڻ مري ويندو
نه ته به اسان کان ڪاڏي ويندو! سلطان حسين مرزا،
بديع الزمان جي اهڙي صلاح ٻڌي سڄو معاملو ان جي
حوالي ڪري ڇڏيو.
بديع الزمان ذوالنون کي سهڻي پوشاڪ، گهوڙو، نقارو ۽ علم ڏئي ڪري
قنڌار تي ان جي حڪومت جو فرمان جاري ڪيو.ذوالنون
پنهنجي فرزند شاهه بيگ ارغون، عبدالرحمان ارغون،
زينڪ ترخان جعفر ارغون ۽ سلطان محمود بکري جي پيءُ
مير فاضل کي ٻن سؤ سوارن سان گڏ خراسان گهرائي
ورتو ۽ اتان بادشاهه کي ٻڌائڻ بنا سردارن ۽ پنهنجي
پٽ کي وٺي قنڌار ڏانهن نڪتو. جڏهن ته سامان سڙي ۽
ڪجهه ماڻهن کي اتي ئي ڇڏيائين. سلطان حسين مرزا کي
خبر پئي ته ”پڪ ڪرڻ واسطي پنهنجو هڪ ماڻهو
موڪليائين. جنهن اچي ٻڌايو ته گهوڙا، اٺ ۽ سڄو
سامان اتي ئي پيو آهي. سلطان چيو اها ئي ته سندس
اٽڪل آهي جيئناسان کي شڪ نه پوي. سلطان هڪ فرمان
امير علي کي ڏئي ذوالنون جي پويان موڪليو. ذوالنون
اڃا فراه مان نڪري رهيو هو ته امير علي اچي مٿان
پهتس ۽ سلطان جو فرمان پڙهايائينس. فرمان پڙهي
ذوالنون وڏي نرمي ۽ محبت سان امير علي کي چيو ته
هاڻي ٻن ڪوهن تي منهنجو گهر آهي ۽ ٻارڙن سان ملي
ڪري پوءِ کڻي هلون ٿا.پوءِ جڏهن ذوالنون قنڌار
پهتو ته خيمي ۾ پنهنجي پٽن شهه بيگ ۽ محمد مقيم ۽
ڀاءُ سلطان علي کي سڏ ڪرائي امير علي کي چيائين ته
تون ڄاڻين ٿو ته سلطان حسين مرزا اڳ ۾ ئي منهنجي
هيڏانهن اچڻ تي ڪاوڙيل آهي ۽ اوڏانهن هلندس ته
ٻيهر موٽڻ جي اجازت ڪٿان ملندي؟ تنهنڪري منهنجي
چڱائي توهان سان نه هلڻ ۾ئي آهي پر منهنجي طرفان
هي توهان جي لاءِ گهوڙو ۽ سهڻو لباس سوکڙي طور
آهي. امير علي، ذوالنون جي ڳالهه سان سهمت ٿيو ۽
ساڻس همدردي ڏيکاري. ان کان پوءِ امير علي واپس
موٽي اچي سلطان کي سڄو قصو بيان ڪيو ۽ هاڻي سلطان
افسوس ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نٿي ڪري سگهيو.
شهزادي مرزا بديع الزمان جو پيءُ کان ڪاوڙجي قنڌار وڃڻ:
اتفاق اهو ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ شهزادو مرزا بديع الزمان پنهنجي
پيءُ سلطان حسين مرزا ۽ ڀائرن کان ڪاوڙجي وڃي
قنڌار ذوالنون وٽ پهتو، جتي وڏي گرمجوشيءَ سان
سندس استقبال ڪيو ويو. مرزا بديع الزمان سلطان
ذوالنون جي ڌيءَ سان شادي ڪري انهن لاڳاپن کي وڌيڪ
مضبوط ڪري ڇڏيو.
903هه (1497ع) ۾ سلطان حسين مرزا بڇ ڏئي ڪري پنهنجي پوٽي، بديع
الزمان جي پٽ کي مارائي ڇڏيو. بديع الزمان ۽
ذوالنون، سلطان کان ان جو بدلو وٺڻ لاءِ خوب
تياريون ڪرڻ لڳا. سلطان حسين مرزا کي خبر پئي ته
لشڪر وٺي گرم سير ۽ قنڌار ڏانهن روانو ٿيو پر
سلطان اڃا داور ۾ ئي مس پهتو ته کاڌو پيتو کٽي
پيس، تڙ تڪڙ ۾ بيست قلعو ته فتح ڪري ورتائين، پر
بک، اڃ ڪري اڳتي نه وڌي سگهيو ۽ پنهنجي راڄڌاني
هرات موٽي آيو ڇاڪاڻ ته مرزا بديع الزمان ۽ امير
ذوالنون فراه، داور ۽ قنڌار ۾ اڳ ۾ ئي سخت انتظام
ڪري ڇڏيا هئا.
903هه (98 ــ 1497ع) ۾ جڏهن سلطان حسين مرزا النگ نشين ۾ بهار
جي رت جا مزا ماڻي رهيو هو ۽ فوجون به فارغ
پنهنجي گهرن ڏانهن هرات هليون ويون ته گرم سير ۾
ويٺل بديع الزمان ۽ ذوالنون جي پٽ شاهه بيگ ارغون
چڱو موقعو ڄاڻي تياريون ڪري اچي سبزوار ويجهو
پهتا. سبزوار جي سردار فريدون بن حسين مرزا کي
جڏهن اهو پتو پيو ته تڪڙ ۾ النگ نشين پنهنجي پيءُ
ڏانهن نياپو موڪليائين. سلطان حسين مرزا جلدي ۾
هرات کان فوجون گهرائي ورتيون. هيڏانهن بديع
الزمان ۽ شاهه بيگ به النگ نشين ۾ لشڪر سان گڏ اچي
پهتا. ٻنهي فوجن ۾ دوبدو جنگ لڳي ۽ باهه جا شعلا
ڀڙڪڻ لڳا. سلطان حسين مرزا پاڻ تخت تي چڙهي جنگ
جي ميدان ۾ آيو ۽ نيٺ شاهه بيگ شڪست کائي داور ۽
بديع الزمان غور ڀڄي ويا. سلطان حسين مرزا سوڀارو
ٿي پنهنجي تخت گاه هرات موٽي آيو.
ان کان پوءِ هڪ ٻه ٻيون جنگيون سندن وچ ۾ ٿيون ۽ آخري جهيڙي ۾
ذوالنون ۽ مرزا بديع الزمان خراسان ۽ هرات تي
فوجون ڪاهي آيا. هرات کي جڏهن گهيرو ڪيائون ته شهر
وارا همت هاري قلعي ۾ لڪي ويهي رهيا. مرزا بديع ۽
ذوالنون فوجي ڇانوڻيءَ تي ڪاهه ڪئي. امير نظام
الدين علي شير خط لکي مرزا بديع الزمان کي پنهنجي
پيءُ سان وڙهڻ کان روڪيو ۽ ان سان اٿندڙ نئين فتني
فساد کان آگاهه ڪيو. بديع الزمان مرغاب درياءَ
ڏانهن هليو ويو جتي ”باد غيس“ ۽ ”ججڪنو“ جو سڄو
لشڪر اچي هن جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿيو، شاهه بيگ به
قنڌار کان اچي مليس. هيڏانهن سلطان حسين مرزا کي
پٽ جي ايڏي وڏي لشڪر ۽ پنهنجي فوجن جو استر آباد
جي مهم کان موٽي ٿڪل هجڻ تي ڏاڍي پريشاني ٿي،
ڇاڪاڻ ته سندس فوجن ۾ هاڻي وڙهڻ جي سگهه نه هئي.
پيءُ پٽ جو ٺاهه:
اهڙين حالتن ۾ سلطان حسين مرزا درٻاري سردارن سان صلاح ڪري ٺاهه
لاءِ مولانا فصيح الدين استر آبادي کي مرغاب
درياءُ جي ڪناري ڏانهن روانو ڪيو جتي مرزا بديع
الزمان ترسيل هو. مولانا، مرزا اڳيان حاضر ٿي
سلطان جو پيغام پهچايو، پيءُ سان ٺهڻ جي ترغيب به
ڏني ۽ آخر معاملو ان تي ٺهيو ته بلخ ۽ اوسي پاسي
واري علائقي تي بديع حڪومت ڪندو ۽ ان جو نالو
خاقان جي مبارڪ نالي سان خطبي ۾ ورتو ويندو.
خواجه شهاب الدين عبدالله مرواريد شهزادي بديع ۽
امير ذوالنون سان ملاقات ڪري بلخ جي حڪومت جو
فرمان پهچايو.
مرزا بديع بلخ ۾ پهچڻ کان پوءِ سيستان جي حڪومت ذوالنون جي ڀاءُ
امير سلطان علي ارغون کي عنايت ڪئي ۽ امير ذوالنون
۽ شاهه بيگ پنهنجي حڪومت جو جهنڊو ڦڙڪائيندا قنڌار
آيا.
امير ذوالنون جي شهادت:
1507ع ۾ اربڪ محمد خان شيباني وڏو ڪٽڪ وٺي ڪرڪ درياءَ اورانگهي
اچي خراسان تي حملو ڪيو. مرزا بديع ان جو اطلاع
امير ذوالنون کي قنڌار موڪليو، جنهن پنهنجي پٽن ۽
ڀائرن کي گهرائي صلاح ڪئي ته توڙي جي ازبڪ ڏاڍا
جنگجو آهن ۽ اسان جو انهن سان پڄڻ به مشڪل آهي پر
پوءِ سلطان جي مهربانين ۽ انسانيت جي ناتي اسان جو
هلڻ ضروري آهي.
امير ذوالنون ارغونن جو لشڪر وٺي مرزا بديع الزمان ڏانهن اسهيو،
اڃا ٽي ميل مس هليو ته ڌيڻس چوچڪ بيگم جي هرات ۾
موت جي خبر پيس. امير ذوالنون کي ڏاڍو صدمو رسيو
پر دل ۾ صبر ڪري شاهه بيگ ڏانهن پيغام موڪليائين
ته گهر وارن مان ڪن کي هرات ڇڏي جلدي موٽي اچي. ان
کانسواءِ محمد مقيم کي داور ۾، امير سلطان علي کي
سيستان ۾ ۽ امير جعفر ارغون، عبدالعلي زينڪ
ترخان، عاقل اتڪاءِ فاضل ڪوڪتلتاش کي قنڌار ۾
هوشيار ٿي ويهڻ لاءِ چيائين.
امير ذوالنون تيزيءَ سان اچي مرزا بديع سان ڇانوڻيءَ ۾ مليو،
هوڏانهن ازبڪ فوجون آمويه دريا ٽپي آيون ته خراسان
جو بادشاهه ۽ امير حيرت ۾ پئجي ويا ۽ امير محمد
برندق برلاس چيو ته جنگ نه ڪرڻ گهرجي ۽ هرات جي
قلعي ۾ هلي ويهي رهون پر امير ذوالنون پنهنجي
بهادر طبيعت ڪري وڙهڻ جو چوندو رهيو. مٿان اچي
محمد خان شيباني به اچي ڪڙڪيو. مجبوراً سڀني
شهزادن کي وڙهڻو پيو پر ازبڪ اهڙي بهادريءَ سان
وڙهيا جو سڀني شهزادن کي ميدان ڇڏي خراسان جي اوسي
پاسي ڀڃڻو پيو، امير ذوالنون آخر تائين ميدان ۾
بيٺو رهيو ۽ ازبڪ تلوارن جو جواب ڏيندو رهيو پر
پوءِ ازبڪ لشڪر چوڌاري گهيرو ڪري ويس ۽ زخمي ڪري
گهوڙي تان ڪيري وڌائونس، هو کيس جيئرو گرفتار ڪري
محمد خان وٽ وٺي وڃڻ چاهن پيا پر امير ذوالنون رت
جي آخري ٽيپي تائين وڙهندو رهيو ۽ 913 هه (1507ع)
۾ شهادت ماڻيائينس.
شاهه بيگ ارغون:
مرزا شاهه بيگ ارغون جو نالو شجاع بيگ ارغون هو، کيس ٽي ڀائر
احمد بيگ، سلطان محمد ۽ محمد مقيم هئا، جن مان
محمد مقيم (03 ــ 1502ع) هزاره ۽ تڪدري قبيلن کي
گڏ ڪري ڪابل تي قبضو ڪيو پر (5 ــ 1504ع) بابر
سمرقند کان موٽندي ”اندخود“ کان ڪابل تي ڪاهه ڪئي
ته سڀئي ماڻهو بابر جا فرمانبردار ٿي بيٺا ۽ مجبور
ٿي ڪري محمد مقيم به بابر اڳيان پيش ٿيڻ جي
درخواست ڪئي. محمد مقيم قلعي کان ٻاهر اچي قلعي
جون چاٻيون بابر اڳيان رکيائين ۽ ڪيتريون ئي قيمتي
سوکڙيون به پيش ڪيائين. بابر مٿس ڪرم نوازيون ڪيون
۽ کيس پنهنجي وطن وڃڻ جي اجازت ڏني.
امير ذوالنون جي شهادت کان پوءِ محمد مقيم ۽ شاهه بيگ اچي قنڌار
۾ گڏ ٿيا ۽ سڀني اميرن وزيرن هڪ صلاح ٿي شاهه بيگ
کي بادشاهت جو ڇٽ پارايو ۽ ارغون ۽ ترخان سردارن
سندس اڳيان سر جهڪايو.
سلطان شاهه بيگ تاج سر تي رکڻ کان پوءِ ٽيپهري جي نماز پڙهي ۽
پوءِ نوبت اڳي وانگر بدستور وڄائڻ جو حڪم ڏنو.
شيباني جو قنڌار کي فتح ڪرڻ جو ارادو:
جڏهن محمد خان شيباني خراسان زير ڪرڻ کان پوءِ قنڌار کي فتح ڪرڻ
لاءِ گرم سير جي حدن ۾ پهتو ته شاهه بيگ ۽ محمد
مقيم قاصد موڪلي کيس پنهنجي وفاداريءَ جو يقين
ڏياريو ۽ سڪن تي سندس نالو رکرائي پيش پوڻ جو
واعدو ڪيو. اهڙي يقين ڏيارڻ کان پوءِ محمد خان خوش
ٿي خراسان هليو ويو.
بابر جو قنڌار کي ماڻڻ جو ارادو:
محمد کانپوءِ (8 ــ 1507ع) بابر ڪابل ۽ غزني جو سوڀارو لشڪر وٺي
قنڌار ۽ داور ڏانهن وڌيو ته محمد مقيم ۽ شاهه بيگ
اڳي اچي مهاڏو اٽڪايو پر مقابلو نه ڪري سگهيا ۽
ڀڄي جان بچايائون. بابر قنڌار تي پنهنجي ڀاءُ
سلطان ناصر الدين کي ويهاري پاڻ ڪابل هليو ويو ۽
محمد مقيم جي ڌيءَ ماه بيگم کي به ساڻ وٺي ويو.
ڪجهه ڏينهن بعد شاهه بيگ ۽ محمد مقيم ڪثير فوج
قنڌار تي چاڙهي آيا ۽ سلطان ناصر الدين کي اتان
ڀڄائي تخت تي قبضو ڪري حڪومت هلائڻ لڳا. انهيءَ
زماني ۾ محمد مقيم مري ويو.
بابر ماه بيگم کي وڃي محمد قاسم ڪوڪا سان شادي ڪرائي جنهن مان
هڪ ڌيءَ ناهيد ڄائي. محمد قاسم اوزبڪون جي جنگ ۾
مارجي ويو.
شاهه بيگ جو سيوي قلعو ماڻن جو ارادو:
شاهه بيگ قنڌار مان لشڪر وٺي اسهيو. ماڻهو انهيءَ لشڪر کي ڏسي
ڏڪي ويا خبر نه پوي پئي ته اهو لشڪر ڪيڏانهن پيو
وڃي! جڏهن ان جو رخ سيوي ڏانهن ٿيو ته اتي حڪومت
ڪندڙ پير ولي برلاس جي اولاد قاصد موڪلي شاهه بيگ
کي پنهنجي وفاداريءَ جو يقين ڏياريو. شاه بيگ
پنهنجي اميرن ۽ رئيسن سان صلاح ڪئي جن گڏجي ان
ملڪ کي فتح ڪرڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ ته هيڏانهن شاهه
اسماعيل جو خراسان تي قبضو هو. بابر ڪابل ۾ ويٺو
هو ۽ ٻئي پاسا خطري کان خالي نه هئا، تنهن ڪري
جيڪڏهن قنڌار مان ڪڍيا به وڃڻ ته هتي پناهه وٺي
سگهن.
سيوي قلعي جي سوڀ:
انهيءَ مشوري کان پوءِ شاهه بيگ سيوي قلعي کي اچي فتح ڪيو. قلعي
جا ڪي ماڻهو اچي پيش پيا ۽ ڪي فتح پور هليا ويا.
شاهه بيگ، فريد ارغون، مير فاضل ڪوڪلتاش، زينڪ
ترخان ۽ عاقل اتڪا کي سيوي کان قنڌار موڪليو ۽ پاڻ
پنجاهه ڪوهه پري فتح پور سنڌ ڏانهن وڌيو. سنڌ مان
سلطان پير ولي جي اولاد پاڻ سان گڏ برغدائي،
ڪوريائي، نورگاني، بلوچي ۽ ٻيا قبيلا وٺي مقابلي
لاءِ آيا پر شاهه بيگ اڳيان پير کوڙي نه سگهيا.
شاهه بيگ آيو ۽ ڪجهه ڏينهن اتي ترسي باغ باغيچا ۽
عمارتن جي پيڙهه جا پٿر رکي قنڌار هليو آيو.
شاهه بيگ جي پريشاني:
18 ــ 1517ع ۾ شاهه اسماعيل صفوي، محمد خان شيباني کي ماري ۽
ازبڪن کي هارائي خراسان تي قبضو ڪري ورتو ۽ ان
طرفان درمش خان فراهه ۽ سيستان ويجهو حڪومت ڪرڻ
لڳو. ٻي طرف بابر قنڌار تي نظرون ڄمائي ويٺو هو.
انهن ٻنهي طاقتن جي وچ ۾ شاهه بيگ ڦاٿو پيو هو ۽
انهن جي مقابلي ۾ پنهنجي ڪمزوريءَ جو احساس به
هيس، تنهن ڪري سوچڻ لڳو ته آخر ڇا ڪجي!؟ سڀني
سردارن صلاح ڏنس ته ٻنهي کي راضي رکڻ گهرجي.
انهيءَ مشوري کان پوءِ قاضي ابو الحسن ۽ مولانا
يار علي کي سوکڙين سميت ڪابل موڪليائين ۽ پاڻ درمش
خان معرفت شاهه اسماعيل جي درٻار ۾ بارياب ٿيو.
شاهه اسماعيل نوروز کانپوءِ شاهه بيگ کي قنڌار
واپس موڪلڻ جو سوچي رهيو هو ته ڪن اچي شاهه
اسماعيل جا ڪن ڀريا ۽ هن ڪاوڙجي ڪري ظفر قلعي ۾
شاهه بيگ کي کڻي واڙي ڇڏيو. جڏهن شاهه اسماعيل
عراق ويو ته پويان شاهه بيگ جي غلام مهتر سنبل
سرتان سوس پلي کيس قيد گهر مان پڄائي قنڌار وٺي
آيو.
بابر جو قنڌار تي ٻيو حملو:
بابر جڏهن شاهه بيگ جي قيد ٿيڻ جو ٻڌو ته دل ۾ اها پراڻي قنڌار
کي قابو ڪرڻ جي آرزو جاڳي اٿيس. اهڙي موقعي جو
فائدو وٺي لشڪر ساڻ ڪري قنڌار ڏانهن نڪري پيو.
شاهه بيگ ته آزاد ٿي قنڌار پهچي چڪو هو سو آس پاس
جي سڄي رسد قلعي ۾ گڏ ڪري ۽ برجن تي تجربيڪار
ماڻهن کي مقرر ڪري مضبوط ٿي ويهي رهيو، پر سندس
بهادر پيءُ جو خون رڳن ۾ گردش ڪري رهيو هوس،
تنهنڪري ٻاهر نڪري ڪري بابر جو مقابلو ڪرڻ جو
ارادو ڪيائين.
بابر جي بيماري:
بابر اڃا قنڌار ڀرسان مس پهتو ته سخت بيمار ٿي پيو، سڄو لشڪر
گهٻرائجي ويو. شاهه بيگ کي خبر پئي ته سردارن ۽
رئيسن کان راءِ وٺي بابر ڏانهن قيمتي تحفا ۽ صلح
جو پيغام اماڻيائين، بابر به خواجا جلال الدين جي
هٿ سوکڙي طور گهوڙو ۽ سهڻي سروپاءِ موڪلي پاڻ واپس
موٽي آيو.
شاهه بيگ جي سيوي ۾ صلاح:
بابر جڏهن ڪابل موٽي ويو ته شاهه بيگ سيوي ۾ ڪجهه ڏينهن ترسي
سردارن کي چوڻ لڳو بابر هن ڀيري قنڌار جو رستو ڏسي
ويو آهي، ٻي سال ضرور قنڌار فتح ڪرڻ ايندو ۽ هونئن
به محمد مقيم جي ڪابل تي چڙهائي کانپوءِ هو اسان
تي ٻري ٿو پيو، ان ڪري ئي محمد مقيم جي نياڻي به
کڻي ويو هو، ٻيو ته هاڻي گهڻا شهزادا اچي گڏ ٿيا
آهن ۽ ازبڪن ۽ قزلباشن سان ته پهچي نٿا سگهن،
تنهنڪري قنڌار تي قهري نظرون ڄمايون ويٺا آهن. ان
ڪري اسان کي ان پاسي ڌيان ڌرڻ گهرجي.
سنڌ تي حملو:
شاهه بيگ سياري جي موسم ۾ هڪ هزار سپاهي وٺي 1515ع ۾ ڪاهان ۽
باغبان تي اچي قبضو ڪيو ۽ سنڌ کي خوب لٽيو. انهيءَ
لٽ مار جو اندازو سنڌ جي مشهور بزرگ مخدوم جعفر جي
ان روايت مان ٿئي ٿو جيڪا اها مرزا عيسى ترخان جي
معرفت بيان ڪندو هو. ان حملي ۾ شاهه بيگ جي فوج
هٿان جيڪي تباهي ۽ بربادي آئي ان مان هڪڙي ته اها
هئي جو هڪ هزار اٺ کڻي ويا جيڪي باغن جي چرخن ۾
جوٽيل هئا. ان کان علاوه شاهه بيگ جو لشڪر هڪ هفتي
تائين هتي رهي ڪري اوسي پاسي وارن علائقن کي
لٽيندو رهيو.
هوڏانهن شاهه بيگ جي پيشن گوئي سچي نڪتي، ٻي سال بابر قنڌار
ماڻڻ لاءِ ٻيهر آيو ۽ هزاره ۽ تڪدري قبيلن جي
ماڻهن کي لٽيائين. 16 ــ 1515ع ۾ بابر قنڌار جو
گهيرو ڪري سرنگ کوٽڻ شروع ڪئي. گهڻن ڏينهن جي
گهيري کان پوءِ شهر ۾ ڏڪر پئجي ويو ۽ ماڻهو ٺاهه
ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا، پر بابر جي لشڪر ۾ اچي
بخار پکڙيو جنهن جي ڪري بابر کي واپس وڃڻو پيو.
شاهه حسن پيءُ کان ڪاوڙ جي بابر جي خدمت ۾ پهتو:
921 هه (16 ــ1515ع) ۾ ئي شاهه بيگ جو پٽ شاهه حسن پيءُ کان
ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي بابر جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو
۽ خاص نوازشن ۽ عنايتن سان نوازيو ويو. هو ٻن سالن
تائين بابر جي خدمت ۾ رهيو ۽ بابر سندس ڏاهپ ۽
سياڻپ جي ڪري چوندو هو ته شاهه حسن اسان وٽ نوڪري
ڪرڻ ٿوڙي آيو آهي، هو ته آئين جهانداري سکڻ آيو
آهي. ٻن سالن بعد 922 هه جي آخر ۾ قنڌار جي آخري
محاصري کان ٿورو اڳ شاهه حسن بابر کان اجازت وٺي
قنڌار هليو آيو.
17 ــ 1516ع ۾ بابر قنڌار تي وري چڙهي ويو. مرزا شاهه بيگ بابر
جي بار بار حملن کان عاجزي ٿي پيو هو سو ابو سعيد
پوراني ذريعي بابر کي چورائي موڪليائين ته هو
ايندڙ سال قنڌار سندس حوالي ڪري ڇڏيندو. بابر
طرفان خواجه خداوند محمود ۽ خواجا عبدالعظيم اهو
معاهدو لکيو ۽ پوءِ بابر واپس هليو ويو.
قنڌار قلعي جون چاٻيون:
انهيءَ فيصلي کان پوءِ شاهه بيگ پنهنجا قدم سنڌ ۾ مضبوط ڪرڻ
شروع ڪيا ۽ شال ۽ سيوي جي هدن ۾ رهي ڪري سنڌ فتح
ڪرڻ جون سٽون سٽڻ لڳو.
18 ــ 1517ع شاهه بيگ پنهنجي واعدي مطابق قلعي جون ڪنجيون مير
غياث الدين ذريعي بابر ڏانهن اماڻيون ۽ پوءِ هڪ
ڪرو ٿي سنڌ کي ماڻڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو هو ۽
سيوي ۽ شال جي ڀرسان به ٽي سال ڀٽڪندو رهيو ۽ صرف
گجر ۽ گوگڙن تي سندس لشڪر گذارو ڪندو رهيو.
راشدي صاحب قنڌار تي بابر جي قبضي جو سال (پهرين سيپٽمبر 1522ع)
لکيو آهي، جيڪا تاريخ سندن چوڻ مطابق ”چهل زينه“
جي ڪتبن تي ثبت آهي.
دريا خان جو سيوي تي حملو:
18 ــ1517ع ۾ سنڌ جي والي ڄام نندي جو سڪ ڀريو پٽ دريا خان وڏو
ڪٽڪ وٺي سيوي تي اچي حملو ڪيو. ان زماني ۾ شاهه
بيگ زرهي ۽ سيستان جي محاذ تي ويل هو، مغلن ۽
سنڌين ۾ سخت ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ مرزا ابو محمد شهيد
ٿي ويو ۽ اتي موجود ارغونن ۽ هزارين سنڌين کي موٽڻ
تي مجبور ڪيو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرزا ابو محمد کي شاهه بيگ جو ڀاءُ جڏهن ته
ترخان نامي ۾ راشدي صاحب جيڪو امير ذوالنون جو
شجرو ڏنو آهي، ان ۾ صرف ٽن ڀائرن احمد بيگ، سلطان
محمد ۽ محمد مقيم جو ذڪر ڪيو آهي، سلطان محمد لاءِ
هو لکن ٿا ته اهو بولان ۾ بي بي راڻي ڀرسان مدفون
آهي ۽ دريا خان هٿان مارجي ويو هو.
اسان جي خيال ۾ هي جنگ اها ئي آهي، جيڪا شاهه بيگ جي لشڪر ۽
دريا خان وچ ۾لڳي ۽ اهو ماڻهو شاهه بيگ جو ڀاءُ ئي
آهي، جيڪو ان جنگ ۾ مارجي ويو. ڇاڪاڻ ته خود مير
معصوم تاريخ معصومي ۾ ان واقعي جي لکڻ کان اڳ صفحي
نمبر 75 تي ڄام نندي جي ذڪر سان گڏ شاهه بيگ جي
ڀاءُ جي قتل جي باري ۾ چوي ٿو:
”ڄام نظام الدين جي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ شاهه بيگ قنڌار کان
لشڪر وٺي آڪڙي، چانڊوڪي ۽ سنديڄا کي اچي لٽيائين.
ڄام مقابلي لاءِ ماڻهو موڪليا جنهن جلوگير ۾ اچي
مغلن سان مهاڏو اٽڪائي کين ڀڄائي ڪڍيو، جنهن ۾
شاهه بيگ جو ڀاءُ به مارجي ويو. جيستائين ڄام نظام
الدين حيات رهيو ايستائين مغلن ڏانهن رخ نه ڪيو.
علامه دائود پوٽي به معصومي جي صفحي 75 نمبر 4 جي حاشيي ۾ تحفته
الڪرام جي حوالي سان ان جو نالو ابو محمد لکيو
آهي. تحفته الڪرام جي هڪ ذيلي حاشيي ۾ ڊاڪٽر بلوچ
لکيو آهي ته طبقات اڪبري (ج: 3، ص: 51) ۾ ان جو
نالو سلطان محمد درج آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جو
نالو سلطان محمد ۽ ڪنيت ابو محمد هجي.
ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم تعلقات معصومي جي ص 302 تي لکيو آهي ته
ماثر رحيمي (ج، 12 ص: 1) تي ان جنگ جو سال 890هه
(86 ــ 1485ع) ۽ تاريخ فرشته ۾ 899هه (94 ــ
1493ع) ڏنو ويو آهي. ان ۾ ٻنهي مؤرخن غلطي ڪئي
آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخ معصومي جي صفحي 112 مان معلوم
ٿئي ٿو ته اهو واقعو 923هه ۾ ٿيو. اسان ڊاڪٽر
دائود پوٽي سان متفق آهيون، ڇو ته تاريخ معصومي ۾
پاڻ تي لکيل آهي ته اهو واقعو ڄام نندي جي حڪومت
جي آخري زماني جو آهي ۽ انهيءَ سال ئي ڄام نندي
وفات ڪئي. معصومي ان واقعي کي ڄام نظام الدين جي
حوالي سان ۽ هتي 923هه جي واقعن ۾ تفصيل سان بيان
ڪيو آهي.
شاهه بيگ جڏهن سيوي فتح ڪيو ته ان وقت دولت شاهي ۽ نور گاهي
قبيلي جا ماڻهو اچي ڄام نندي جا نوڪر ٿيا. ان
کانسواءِ ڪيبڪ ارغون پڻ هڪ خون ڪرڻ سبب ڇڄي سنڌ
اچي پهتو. انهن سڀني کي ڄام هڪ محلي ۾ رهايو جيڪو
مغل واڙي جي نالي سان مشهور ٿيو، مير قاسم ڪيبڪي
به ان زماني ۾ ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهي چپ چپات ۾ سنڌ
جي حالتن کان ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. ڄاm
نندي جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ڄام فيروز صحيح
حڪومت نه هلائي سگهيو ۽ ملڪ ۾ انارڪي پکڙجي ويئي،
جنهن جو حال مير قاسم ڪيبڪي وڃي شاهه بيگ کي ٻڌايو
۽ ٺٽي کي فتح ڪرڻ لاءِ اڪسايو. اسان گذريل صفحن
مان ڄام فيروز جي ذڪر ۾ تاريخ طاهري جي حوالي سان
ٻڌائي آيا آهيون ته اهو حملو ڄام فيروز ۽ سندس
ماءُ ماڇاڻي جي درخواست تي ڪيو ويو، ٿي سگهي ٿو ته
ڪيبڪي جي اڪسائڻ ڪري به هجي.
ٺٽي تي ڪاهه:
11 محرم 924 هه (1520ع) تي شاهه بيگ ٺٽي تي عذاب الاهي وانگر
ڪڙڪيو ۽ ”خانواهه“ تي اچي منزل ڪيائين. اهو واهه
دريا خان ساڪري ۽ ٺٽي جي ڀرسان جبلن جي وچ واري
زمين کي آباد ڪرڻ واسطي کوٽايو هو.
ان وقت سمن جي وفادار وزير دريا خان ڄام فيروز کي مغلن سان وڙهڻ
لاءِ ميدان ۾ نڪرڻ لاءِ چيو پر ڄام محل ۾ ويٺو
رهيو.
دريا خان جي شهادت ۽ شاهه بيگ جو ٺٽي قبضو:
دريا خان فوج وٺي شاهه بيگ سان اچي خانواهه وٽ مقابلو ڪيو ۽
منجهند تائين وڏي بهادريءَ سان وڙهندو رهيو. نيٺ
هي دلير سپاهي پنهنجي ديس لاءِ شهيد ٿي تاريخ ۾
هميشه لاءِ پنهنجو نالو امر ڪري ويو ۽ ڌرتي ڌڻي
اڄ به ان کي ”دولهه دريا خان“ جي نالي سان ياد ڪن
ٿا. تاريخ طاهري ۾ آهي ته سندس شهادت نڙيءَ ۾ هڪ
تير لڳڻ سان ٿي، جڏهن ته معصومي مطابق هو ارغونن
جي قبتاس قبيلي جي هڪ شخص تنگر بردي هٿان مارجي
ويو.
بيگلار نامي ۾ آهي ته دريا خان دليري، دهشت ۽ دٻدٻي سان
سينگاريل هو. ان جنگ ۾ مغلن هٿان گرفتار ٿي ماريو
ويو.
جيئن ته هو وڏو دلير ۽ دهشت وارو مرد هو ۽ گڏوگڏ نيڪ دل رکندڙ
به، تنهنڪري کيس مارڻ يا گرفتار ڪرڻ لاءِ ارغونن
ضرور ڪا چالاڪي ۽ دوکيبازي ڪئي هوندي، جنهن سان هو
مارجي ويو.
ٺٽي جي بربادي:
شاهه بيگ 11 محرم 927هه (1520ع) تي ٺٽي ۾ داخل ٿي شهر ۾ ڦرلٽ
لائي ڏني، ماڻهن کي هر طرح سان ايذائي انهن جا ٻار
ٻچا قيد ڪيا. قاضي قاضن جهڙي ٺٽي جي عالم، بزرگ جي
ٻارن کي به گرفتار ڪيو ويو، جن کي هو ٺٽي جي
گهٽين ۾ چرين وانگر ڳوليندو رهيو پر ڪٿي ڏس نه
مليس. آخر قاضي قاضن پنهنجي ٻارن ۽ ٺٽي جي اهڙي
حالت تي هڪڙو درد ڀريو خط حافظ محمد شريف وسيلي
شاهه بيگ جي خدمت ۾ موڪليو. شاهه بيگ تي ان خط
گهڻو اثر ڪيو ۽ ان مهل ئي حڪم ڏنائين ته ڪوئي به
ٺٽي وارن جي مال ۽ ٻارن کي هٿ نه لائي. پوءِ هڪ
تير پنهنجي بٿي مان ڪڍي قاضي قاضن کي ڏئي پنهنجي
ماڻهن کي چيائين ته هن تير جو جاڏي منهن ٿئي ان کي
ڇڏي ڏيو.
ٺٽي ۾ جنهن وقت اها قيامت برپا هئي ان وقت ڄام فيروز ٿورڙن
ماڻهن سان گڏ پيرار پير پٺي ڳوٺ ۾ وڃي پناهه ورتي
پر سندس ٻار ٻچا حويلي ۾ ئي رهجي ويا. شاهه بيگ کي
جڏهن ان جي خبر پئي ته سندن حفاظت ۽ عزت آبرو لاءِ
اتي سخت پهرو ويهاري ڇڏيو.
ڄام فيروز جو پيش پوڻ:
آخر ڄام فيروز کي پنهنجي ڪرتوتن جي سزا ملڻ جو وقت اچي ويو ۽ هن
شاهه بيگ جي خدمت ۾ پيش ٿيڻ جو ارادو ڪري هڪ قاصد
کي چورائي موڪليو ته هن وقت تائين وڙهڻ جو سبب صرف
جان جو جوکو هئڻ هو، پر جيڪڏهن هن بندي کي معافي
ملي ته سڄي عمر اوهان جي غلامي ۽ فرمانبرداريءَ ۾
رهندس. ٺٽي مان جڏهن اوهان جو لشڪر ٻاهر ايندو ته
حضور جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندس.
قاصد اهو پيغام کڻي جڏهن شاهه بيگ وٽ پهتو ته شاهه بيگ کيس سونو
لباس ۽ معافي نامو ڏنائينس.
ڄام فيروز اهو معافي نامو کڻي ۽ تلوار ڳلي ۾ وجهي پيرار درياءُ
جي ڪپ وٽ اچي شاهه بيگ اڳيان حاضر ٿيو. شاهه بيگ
علاءُ الدين بن مبارڪ خان کي حڪم ڏنو ته ٺٽي مان
شاهه بيگ جا ٻار ٻچا ۽ نوڪر چاڪر وٺي کيس هٿ ۾
ڏئي.
ڄام فيروز جي ٻيهر غلامي واري حڪومت:
شاهه بيگ جيئن ئي ٺٽي کان ٻاهر نڪتو ته ڄام فيروز سوکڙيون
پاکڙين کڻي سندس پيرن ۾ ڪري پيو ۽ گذريل واقعن تي
شرمسار ٿي معافي گهريائين.
شاهه بيگ کيس معاف ڪري انعام ۽ سروپاءِ سان نوازيو، جيڪا سلطان
حسين سندس پيءُ ذوالنون کي ڏني هئي.
ان کان پوءِ شاهه بيگ وزيرن رئيسن سان صلاح ڪري لڪي جي جبلن
جيڪي سيوهڻ ڀرسان آهن کان وٺي ٺٽي تائين وارو
علائقو ڄام فيروز کي ۽ لڪي کان مٿان وارو پنهنجي
ڀروسي وارن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏنو، ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ
سندس ماڻهو نه سنڀالي سگهن ها. شاهه بيگ ڄام
فيروز کي پنهنجو سڪ ڀريو پٽ ڪيو ۽ اهو علائقو
جاگير طور ڏنائينس، ڄام فيروز به هر سال وڏيرن ۽
زميندارن کان ڍل اوڳاڙي پابنديءَ سان موڪلڻ جو
واعدو ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح تقريباً ٻن سؤ سالن جي سما
حڪومت جو سج هن نااهل بادشاهه جي ڪري لهي ويو ۽
ارغونن اچي سنڌ ۾ پير ڄمايا، پر تاريخ ڏوهدارن کي
ڪيئن معاف ڪندي! تاريخ طاهري جي ليکڪ سيد طاهري
محمد نسيني جيڪو ٺٽي جو رهاڪو هو، پوڻن ٻن سؤ سالن
بعد ڄام فيروز جو ذڪر ڏاڍي نفرت ۽ ڪراهت سان ڪري
ٿو جيڪو عبرت جوڳو آهي.
تا آنکہ مغلان بلباس مهيب طاقي کہ هرگز اين طائفہ بخواب،
و خيال نديده بودند درشهر رسيدند ــ فيروز بدروز هيچ کاره استقبال،
داشتہ بملازمت شاهه بيگ مشرف گشت ــ اطاعت و مطابعت و حکمراني،
اوبر خود قبول داشتہ ملڪ بايشان سپرده و طوق بندگي و شرم ساري،
در گردن نخوت انداخت ــ حکمش در هر طرف روان ساختند.
تحفتہ الڪرام ۾ آهي ته شاهه بيگ مير عليڪا ارغون، سلطان مقيم
بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي ڄام فيروز وٽ
ڇڏيو.
شاهه بيگ جو سيوهڻ ڏانهن اسهڻ:
شاهه بيگ ٺٽي مان سيوستان (سيوهڻ) پهتو، سيوهڻ جي ماڻهن سوڍن ۽
سهتن ٽلٽي ۾ گڏ ٿي شاهه بيگ سان آخري پسآهن تائين
وڙهڻ جو وچن ڪيو پر شاهه بيگ کي سيوستان جو قلعو
حاصل ڪرڻ کان ڪوئي روڪي نه سگهيو. تاريخ معصومي ۾
آهي ته هن سيوهڻ قلعي ۾ مير عليڪا ارغون، سلطان
مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي رکيو ۽
پاڻ پنهنجي پٽن کي آڻڻ لاءِ شال ڏانهن وڌيو.
دريا خان جي پٽن کي مڃائڻ جي ڪوشش:
هوڏانهن شاهه بيگ قاضي قاضن کي دريا خان جي پٽ محمود خان ڏانهن
اطاعت ۽ وفاداري ڪرڻ جي تلقين واسطي موڪليو پر
بهادر پيءُ جي محب وطن پٽن قاضي قاضن سان ملڻ کان
ئي کٿو جواب ڏئي ڇڏيو.
ٽلٽي ۾ جنگ:
شاهه بيگ ٽلٽي جي ويجهو خيما کوڙيا ته خبر پيس ته ميان محمود،
مٺڻ خان، ڄام سارنگ ۽ راڻو رڻمل سوڍو سندس خدمت ۾
حاضر ٿيڻ پئي چاهيو پر هتان جي هڪڙي عالم مخدوم
بلاول کين روڪيو ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ همٿايو. شاهه بيگ
اهو ٻڌي ٻيڙيون حاصل ڪري درياءُ پار ڪيو. ٽلٽي جي
ماڻهن ٻاهر نڪرڻ ڪري جوڌي سنگ جي ڀاءُ راڻي رڻمل
کي لشڪر اڳيان موڪليو، جنهن جي مقابلي لاءِ شاهه
بيگ طرفان مير فاضل آيو، جنهن هڪ ئي ڌڪ ۾ ٽلٽي
وارن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جلدي ۾ شاهه بيگ فوج سان
گڏ اچي شهر جي دروازي تي قبضو ڪري ورتو ۽ ڪيترن ئي
سمن کي تلوار جي خوراڪ بڻايائين. ڪي درياءُ ۾ غرق
ٿيا ۽ باقي سيوهڻ ڏانهن ڀڄي ويا.
شاهه بيگ سان سڀ کان وڌيڪ سوڍن منهن ڏنو پر ميدان ماري شاهه بيگ
جي لشڪر ٽن ڏينهن تائين، ٽلٽي ۾ خون پئي وهايو.
بزرگ عالم مخدوم بلاول کي سخت عذاب ڏئي گهاڻي ۾
پيڙهيو ويو پر ان جو ڪو تاريخي ثبوت ڪانهي. سنڌ
فتح ڪري شاهه سيوي ۽ شال ڏانهن هليو ويو.
ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح ۾ اڻبڻت:
شاهه بيگ ٺٽو فتح ڪرڻ کان پوءِ ان جون واڳون وري ڄام فيروز جي
هٿ ۾ ڏنيون هيون. هوڏانهن ڄام صلاح الدين دريا
خان طرفان تڙي ڪڍجڻ کان پوءِ گجرات ۾ بدحال زندگي
گهاري رهيو هو. تنهن جي دل ۾ وري ٻيهر ٺٽي کي ماڻڻ
جو خيال پيدا ٿيو ۽ ماڻهن کي ڄام فيروز جي باري ۾
برغلائڻ لڳو ته هو ارغونن جو غلام ۽ پٺو آهي ۽
رغونن کي هت ڪانڍي آيو آهي. اهڙيءَ طرح ڄام صلاح
الدين ڏهه هزار جاڙيجن، سوڍن، سمن ۽ کنگهارن کي
ملڪ آزاد ڪرڻ جي ڏٽي سان ٺٽو فتح ڪرڻ لاءِ گڏ
ڪيائين.
ڄام فيروز جي ڀڄ ڊڪ:
ڄام فيروز کي ڄام صلاح جي انهن تيارين جي خبر پئي ته ڀڄندو وڃي
سلطان مقيم بيگلار ۽ مير عليڪا ارغون وٽ سيوهڻ
پهتو. جن کي شاهه بيگ سندس مدد واسطي ڇڏي ويو هو،
۽ سڄو قصو ڪري ٻڌايائين. آخر صلاح اها بيٺي ته
شاهه بيگ کي اطلاع ڏنو وڃي. ڄام فيروز علاءُ الدين
بن مبارڪ کي شاهه بيگ ڏانهن روانو ڪيو، جنهن سڄو
معاملو شاهه بيگ کي اچي ٻڌايو.
شاهه حسن جو سنڌ اچڻ:
14 محرم 928 هه (1521ع) تي شاهه بيگ پنهنجي پٽ شاهه حسن کي ڄام
فيروز جي مدد خاطر سنڌ موڪليو ۽ پاڻ به لشڪر سان
گڏ پويان اچي سيوهڻ وٽ پهتس. قاضي قاضن ذريعي شاهه
حسن کي گهرايو ويو ۽ شاهه بيگ کيس هدايتون ڏيئي
ڪري ڄام فيروز سان گڏ ٺٽي اماڻيو.
ڄام صلاح الدين جي هار:
ڄام صلاح الدين لشڪر جو اڳيون جٿو پنهنجي پٽ هيبت خان جيڪو
سلطان مظفر خان گجراتي جو ڄاٽو هو، حوالي ڪري
ميدان تي موڪليو ۽ شاهه حسن وري اڳيان مزار عيسيٰ
ترخان، سلطان قلي بيگ ۽ مير عليڪ کي ڪيو ۽ مير سيد
جي ڀاءُ مير ابوالقاسم کي پاڻ سان گڏ قلب ۾ رکيو.
ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا ۽ هڪٻئي تي تلوارون ۽
تيرن جو وسڪارو لائي ڏنائون. شاهه حسن جا سپاهي
سر ڌڙ جي بازي لڳائي وڙهيا ۽ ڄام صلاح جي ڪيترن ئي
سپاهين کي ڌرتيءَ تي ڪيري وڌائون، وري پويان اچي
شاهه حسن حملو ڪيو ۽ هيبت خان کي ماري وڌو، جنهن
سان ڄام صلاح جي فوج وڌيڪ وائڙي ٿي ويئي. پٽ جي
موت جي خبر ٻڌي ڄام صلاح به اڳتي وڌي وڙهڻ آيو
پر هو ڪنهن اگهاڙي تلوار جو شڪار بڻجي ويو ۽ باقي
لشڪر به ميدان ڇڏي گجرات آ ڪئي.
بيگلار نامي ۾ ان جنگ جي باري ۾ آهي ته اها جنگ جالار ۾ ٿي ۽
ڄام صلاح الدين، حميد نالي اٺڙي ڪاهيندڙ ۽ سندس پٽ
فتح خان ۽ مير خوش بيگلار جي هٿان خون ٿيو. ان کان
پوءِ ٻنهي جا سر مرزا شاهه حسن آڏو آندا ويا ته
نواب شجاع جي اڳوڻي ساٿي مهتر سنبل ۽ ٻين ڄام
فيروز کي به ختم ڪري جان ڇڏائڻ جي صلاح ڏني پر
شاهه حسن چيو ته ”ڄام فيروز کي بابا شاهه بيگ
پنهنجو سڪ ڀريو پٽ ڪيو آهي، ان کي مارڻ صحيح
ناهي.“
ڄام فيروز کي جڏهن وزيرن جي اهڙي سوچ جي خبر پئي ته دل ۾ اهو
سوچي ته، اڄ نه سڀاڻي اهي ضرور منهنجو ڪم پورو
ڪرائيندا، گجرات ڀڄي ويو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ آمر
ولد آمر جي چوڻ تي پنجاهه هزار لشڪر ساڻ ڪري سنڌ
فتح ڪرڻ آيو، جن ۾ گهڻائي جاڙيجن جي هئي.
مرزا شاهه حسن کي جيئن ئي سڌ پئي ته دليري سان مقابلو ڪرڻ آيو.
جڏهن ٻنهي طرفن جون فوجون آمهون سامهون ٿيون ته
جاڙيجن ارغونن کي چيو ته اسان جي اها قديم رسم آهي
ته دشمن سان پيادا وڙهندا آهيون، ان ڪري توهان به
پنهنجي دليريءَ جو ثبوت ڏئي گهوڙن کان لهي مقابلو
ڪيو. ارغونن اهو چئلينج قبول ڪيو ۽ پيادل به اهڙي
مڙسيءَ سان وڙهيا جو آمر ولد آمر سوڌي ڪيترن ئي
جاڙيجن کي پنهنجي تلوار جو کاڄ بڻايائون ۽ ڄام
فيروز نامراد موٽي ويو.
بيگلار نامي جي ان بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڄام فيروز، شاهه
بيگ جي زندگي ۾ ئي فرار ٿي گجرات وڃي دم ڏنائين.
”ظفر الوالہ بمظفر والہ“ جي مؤلف جي بيان مان به
بيگلار نامي جي بيان جي پٺڀرائي ٿئي ٿي. هو شاهه
بيگ جي سنڌ ۾ اچڻ جو احوال هن طرح بيان ڪري ٿو،
جنهن جو حاصل مطلب هي آهي ته ”ڄام فيروز کي
بادشاهت جي عشق مست ڪري مغلن کي سنڌ گهرائڻو پيو،
مغلن هتي اچي حرص ۾ دريا خان جيڪو حقيقت ۾ سلطنت
کي سنڀاليندڙ هو، کي ماري وڌو ۽ ڄام فيروز ڀئو کان
گجرات ڀڄي ويو. سلطان مظفر گجراتي جي مدد سان هن
سنڌ جو ڪجهه حصو وري فتح ڪري ورتو پر مغل وري سندس
جان جا دشمن ٿي بيٺا، پر هو وري 935 هه (29 ــ
1538ع) ۾ گجرات هليو ويو.“
مير معصوم، شاهه بيگ جي زندگي ۾ ڄام فيروز جي فرار جو ذڪر نٿو
ڪري بلڪه شاهه حسن جي گادي تي ويهڻ کان جلد پوءِ
ڄاڻائي ٿو، جنهن جو ذڪر اڳتي صفحن ۾ ايندو.
ماڇين کي مارڻ:
1522ع ۾ شاهه بيگ ٻارن ٻچن سوڌي اچي ”باغبان“ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ
لٿو ۽ ماڇين کي جن سندس فرمانبرداري کان منهن
موڙيو هو، مارائي سندن ڍور ڍڳو ڦري ورتو ۽ گهر پٽ
ڪري ڇڏيائين.
شاهه بيگ سيوهڻ جي قلعي ۾:
مرزا شاهه حسن کي لشڪر ۾ ڇڏي ڪري شاهه بيگ اميرن وزيرن ۽ باغبان
جي رئيسن کي ساڻ ڪري اچي سيوهڻ پهتو ۽ قلعي کي چڱي
طرح چڪاسي ۽ اتي پنهنجي ڀروسي جوڳن ماڻهن کي مقرر
ڪري، هر ڪنهن کي پنهنجي لاءِ محل ۽ ماڙيون ٺهرائڻ
جو حڪم ڏنو. پنهنجي سردارن ۾ زمينون ورهائي حڪم
ڏنائين ته گهڻي کان گهڻو اناج قلعي ۾ گڏ ڪن.
اهي انتظام ڪري پنهنجي لشڪر ۾ موٽي آيو ۽ بکر ڏانهن وڌيو. شهر
ٻاهران قاضي قاضن سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ شاهه کيس
انعام سان نوازيو. اوچتو ڄام فيروز جا قاصد به
سوکڙيون پاکڙيون کڻي اچي شاهه بيگ جي خدمت ۾ پيش
ٿيا. شاهه بيگ کين سهڻي سروپاءِ ۽ انعام سان
نوازيو ۽ هڪ خط ڄام فيروز جي نالي ڏنائين، جنهن ۾
لکيو ته، هاڻي گجرات فتح ڪرڻ جو اسان جو پڪو ارادو
آهي، جيڪڏهن ان ۾ سوڀارا ٿياسين ته هي پرڳڻو
تنهنجي حوالي ڪنداسين. پوءِ اتان بکر ڏانهن ويو.
تحفة الڪرام ۾ آهي ته جنگ کان پوءِ مرزا شاهه حسن پيءُ جي خدمت
۾ حاضر ٿي قدم بوسي جو شرف حاصل ڪيو ۽ پوءِ شاهه
بيگ جي حڪم تي سيوهڻ اچي اميرن ۽ رئيسن ۾ زمينون
ورهايون ۽ قلعي ۾ اَن گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اهي
فرمان جاري ڪري پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ واپس آيو.
ان کانپوءِ شاهه بيگ ڄام فيروز کي خط لکيو جنهن جو
ذڪر اسان مٿي ڪري آيا آهيون.
ڌاريجن جو خون:
شاهه بيگ جڏهن ”چانڊوڪي“ ڳوٺ ۾ پهتو جيڪو بکر کان ٽيهه ڪوهه
اولهه طرف آهي ته بکر جي والي سلطان محمود خان
پنهنجي مشير بابا چوچڪ وسيلي هڪ عريضي شاهه بيگ جي
لشڪر ۾ موجود پنهنجي پيءُ مير فاضل ڏانهن اماڻي،
جنهن ۾ سڄي حقيقت بيان ٿيل هئي. مير فاضل اها
عريضي شاهه بيگ جي خدمت ۾ رکي ۽ پوءِ سندس اجازت
سان ٻه سوار ساڻ وٺي درياءُ اورانگهي بکر ڏانهن
وڌيو. رستي ۾ جيڪي وڏيرا آيا انهن کي تسلي ڏئي پاڻ
سان گڏ کنيائين، جڏهن پريالو ويجهو پهتو ته سلطان
محمود پنهنجي پيءُ جي ڀليڪار لاءِ اڳي اچڻ چاهيو
پر مير فاضل قاصد موڪلي منع ڪيائينس ته هو قلعي
کان نڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، اسان ان باغي گروهه کي
قلعي اندر ئي پڪڙڻ چاهيون ٿا.
دراصل اهو باغي گروهه ڌاريجن جو هو جن پندرهن سالن جي جوان
سلطان محمود خان کي تنگ ڪري ڇڏيو هو. سلطان محمود
سيدن ۽ انهن ڌاريجن کي قلعي ۾ رهڻ جي اجازت به
ڏني هئي پر هو اتان ڀڄي وڃي ڪري سلطان خلاف سازشون
ڪرڻ لڳا ۽ ڍل ڏيڻ کان به ٽپ انڪار ڪري ڇڏيو
هئائون.
مير فاضل جڏهن بکر پهتو ته رستي مان گڏجڻ وارن سردارن ۽ وڏيرن
مان چاليهه کن سردار اهي ڌاريجا به هئا. سلطان
محمود سڄي ڳالهه پنهنجي پيءُ کي ڪري ٻڌائي.
هيڏانهن شاهه بيگ به اچي بکر پهتو ته مير فاضل
سندس استقبال ڪري ٻڌايائينس، ته ڌاريجن جا چاليهه
سردار پاڻ سان ملايا آهن. جيڪي هن وقت بکر جي قلعي
۾ موجود آهن. قاضي قاضن به ان وقت درٻار ۾ حاضر ٿي
پنهنجي ڀائرن ۽ شهرين کي شاهه بيگ سان ملايو، مير
فاضل جي ڳالهه ٻڌي شاهه بيگ قاضن ڏانهن مشوري لاءِ
نهاريو، جنهن ڏاڍن لطيف لفظن ۾ انهن کي قتل ڪرڻ جو
اشارو ڏنو، قاضي قاضن هن ديس لاءِ شاهه بيگ کي
جيڪا پاليسي اختيار ڪرڻ لاءِ چيو اها ڌرتي سان بي
وفائي ۽ ڌرتي ڌڻين سان دشمني واري هئي، جنهن هن جي
ڪردار کي هڪ عالم ۽ شاعر هجڻ جي باوجود به تاريخ ۾
داغدار ڪري ڇڏيو. تاريخ معصومي ۾ آهي ته هن چيو:
”هي ملڪ ٻوڏن وارو آهي ۽ هتي ڪنڊا گهڻا پيدا ٿيندا آهن، تنهن
ڪري انهن کي صاف ڪرڻ وارا اوزار هميشه ساڻ هجڻ
گهرجن.“
قاضي قاضن جي انهيءَ علامتي ٻولي جو مطلب هي هو ته جيڪڏهن توهان
کي هن ملڪ تي قبضو قائم رکڻو آهي ته آزادي جي
رکوالن کي ڪچلڻو پوندو.
شاهه بيگ قاضي قاضن جي اهڙي مشوري ٻڌڻ کان پوءِ سلطان محمود کي
انهن سردارن جي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. سلطان
محمود انهيءَ وقت بکر موٽيو ۽ رات جو ئي انهن بي
قصور سردارن کاي مارائي سندن سر ان برج کان قلعي
ٻاهران اڇلايو، جيڪو هن وقت به ”خوني برج“ جي نالي
سان مشهور آهي.
سيدن جي باري ۾ حڪم:
صبح جو سلطان محمود پنهنجي پيءُ مير فاضل سان گڏ بکر جي سيدن کي
ساڻ ڪري شاهه بيگ جي درٻار ۾ آيو ۽ اچي سيدن جي
وفاداريءَ جي ٻنهي پيءُ پٽن خوب ساراهه ڪئي. شاهه
بيگ سيدن سان عزت ۽ احترام سان پيش آيو. درٻار ختم
ٿيڻ کان پوءِ شاهه بيگ اڪيلائي ۾ وري سلطان محمود
کان سيدن جي باري ۾ پڇيو. سلطان محمود ساڳي سندن
تعريف ڪئي پر آخر ۾ چيائين ته انهن جو هڪ جاءِ تي
جهڳٽو ٿي رهڻ مناسب ناهي. شاهه بيگ کي ان ڳالهه تي
ڏاڍي کل آئي. پوءِ شاهه بيگ سيدن کي حمزه بيگ
وسيلي چورائي موڪليو ته مغل جيئن ته پنهنجي ٻارن
ٻچن سميت آيا آهن ۽ اهي بکر جي قلعي ۾ رهندا
تنهنڪري محل خالي ڪري انهن کي هڪ حويلي ۾ وڃي گڏ
ٿي رهڻ گهرجي. سيدن اتي رهڻ بدران روهڙيءَ ۾ رهڻ
جي گذارش ڪئي، جتي اڄ تائين انهن جي پيڙهي آباد
آهي.
ان بعد شاهه بيگ بکر آيو ۽ قلعي جي خالي زمين پنهنجي اميرن ۽
سردارن ۾ ورهائي کين حڪم ڏنو ته اڳلي تختگاهه الور
کي ڊاهي، سمن ۽ ترڪن جي محل ماڙين جون سرون کڻي
اچي هتي جايون جوڙايون. ٿوري عرصي اندر بکر جي
قلعي ۾ عاليشان عمارتون جڙي راس ٿي ويون. قلعي جي
وچ ۾ شاهه بيگ، سندس پٽ شاهه حسن ۽ خاص اميرن مير
فاضل ۽ ان جي ڀيڻ امان سلطان بيچا، ملڪ محمد ڪوڪا،
مير محمد ساربان ۽ سلطان محمد مهردار جا محل
ٺهرايا ويا.
بلوچن جي بربادي:
بکر جي قلعي ۾ رهندي شاهه بيگ کي سال گذري چڪو هو پر بلوچ
پنهنجي سرڪشي ۾ اڳي کان اڳرا هئا ۽ شاهه بيگ جي
حڪومت لاءِ خطرو بڻجي ويا هئا، تنهن ڪري انهن جي
پاڙ پٽڻ لاءِ شاهه بيگ اميرن ۽ سردارن سان صلاح
ڪري هر ڳوٺ ۾ هڪ تجربيڪار فوجي جٿو موڪليو ۽ هڪ ئي
وقت انهن سڀني کي ڏاڍي بي درديءَ سان قتل ڪرايو ۽
چاليهن ڳوٺن ۾ بلوچن جو خون وهايو ويو.
بکر جي حڪومت پاينده جي هٿ ۾:
انهن سڀني معاملن کان فارغ ٿي شاهه بيگ پاينده محمد خان ترخان
کي بکر جي حڪومت ڏئي پاڻ سياري ۾ 928هه (22 ــ
1521ع) تي گجرات کي فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو. جڏهن
چانڊوڪي ۾ پهتو ته مير فاضل کي بخار ٿي پيو، ته
شاهه بيگ کيس پٽ بابا احمد ساڻ ڏئي بکر واپس
موڪليو. شاهه بيگ مير فاضل جي وڃڻ ڪري ڏاڍو اُداس
هو ۽ ان انتظار ۾ هو ته ڪڏهن ٿو مير فاضل ٺيڪ ٿي
اسان جي لشڪر ۾ اچي. پر اوچتو اچي مير فاضل جي مرڻ
جو اطلاع مليس. پڪ ڪرڻ لاءِ سلطان محمد، مير
عبدالرزاق ۽ مير عبدالفتاح کي اوڏانهن اماڻيائين،
جن اتي پهچي اکين سان مير فاضل جو لاش ڏٺو ۽ ڪفن
دفن جو بندوبست ڪري کيس فوجي اعزاز سان دفنايو. ٽن
ڏينهن بعد شاهه بيگ به اچي بکر پهتو ۽ مير فاضل جي
پونئرن سان تعزيت ڪري سندن ماتمي لباس لهرايو.
پوءِ ماڻهن کي چيائين ته مير فاضل جو موت اسان جي
موت جو اعلان آهي.
شاهه بيگ جو وڇوڙو:
شاهه بيگ اهي رسمون ادا ڪري اتان گجرات فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽
اگهم پهچي ڄام فيروز جي اچڻ جي انتظار ۾ هو ته خبر
مليس بابر بادشاهه بهيره ۽ خوشاب ويجهو اچي پهتو
آهي ۽ هندوستان کي فتح ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اها
ڳالهه ٻڌندي ئي شاهه بيگ کي ڏاڍو صدمو پهتو ۽ مجلس
۾ ويٺلن کي چوڻ لڳو، ائين لڳي ٿو ته بابر اڄ نه
سڀاڻي اسان کي هتان ضرور تڙي ڪڍندو ۽ اسان جي
اولاد کي هن ملڪ مان دربدر ڪندو.
اهڙيون ڳالهيون سوچي شاهه بيگ کي سيني ۾ سور، ٿيڻ لڳو. گهڻو
علاج ڪرايائين، پر ڪوئي فائدو نه رسيس ۽ حالت وڃي
موت تائين پهتس. ان کان اڳ حافظ محمد شريف کي
گهرائي ٻه دفعا صورت ياسين ٻڌائين، ٻي دفعي ۾
حافظ صاحب جڏهن قال ياليت قومي يعلمون بما غفرلي
ربي تي پهتو ته دم ڌڻي جي حوالي ڪيائين.
تاريخ معصومي مطابق شاهه بيگ 22 شعبان 928 هه (1522ع) تي وفات
ڪئي. ان جي تاريخ وفات ”شهر شعبان / 928هه“ مان
نڪري ٿي.
تاريخ طاهري ۾ آهي ته ڪن مطابق هو ملتان ۽ ڪن مطابق قنڌار ۾
گذاري ويو. پر مير علي شير قانع انهن ٻنهي قولن کي
رد ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته جيڪڏهن بابر قنڌار تي قبضو
ڪري چڪو هو ته پوءِ ايتري ٿوري وقت ۾ سندس اتي
پهچڻ ڪيئن ممڪن آهي ۽ ملتان ته هو ڪڏهن ويو ئي نه
هو.
اهڙيءَ طرح مؤرخ سندس موت جي سال تي به متفق نآهن. مير معصومي
928هه، طاهر نسياني 924هه، تاريخ فرشته 930هه،
طبقات اڪبري 930هه ۽ ارسڪن، بيل ۽ الياس برني
930هه، لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب 930 هه کي وڌيڪ
اعتبار جوڳو سمجهي ٿو ۽ اسان کي به ان تي ئي ڀروسو
ڪرڻ گهرجي.
راشدي صاحب به 930هه کي صحيح سمجهي ٿو. هو تحفة الڪرام جي حاشيي
۾ لکي ٿو ته معصومي جون اڪثر تاريخون غلط ڏنل آهن
۽ تحفة الڪرام جي مؤلف به اتان 928هه واري تاريخ
ورتي آهي ۽ اتان ئي غلطي جو بنياد پيو آهي.
جنهن ڏينهن شاهه بيگ جو وڇوڙو ٿيو ان رات سڀني اميرن وزيرن
سندس پٽ شاهه حسن کي بادشاهت جي پڳ پارائي ۽ ان جي
هٿ تي وفاداريءَ جو قسم کنيو. شاهه بيگ جو جسد
خاڪي بکر ۾ آڻي پوريو ويو ۽ ٽن سالن کان پوءِ اتان
ڪڍي مڪي پاڪ ۾ ”جنت المعلا“ ۾ رکيو ويو ۽ مٿان
عاليشان مقبرو اڏيو ويو.
شاهه بيگ جا ذاتي گڻ:
شاهه بيگ ٻين حڪمرانن کان ان ڪري الڳ ۽ يگانو هو جو سندس دل ۾
علم جي اڃ اڻ کٽ هئي. جوانيءَ ۾ ئي خواجا عبدالله
جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪي ئي علمي ڪمال ڏيکاريائين.
تنهن ڪري سندس ڳاڻيٽو عالمن ۾ ٿيندو هو. هرات ۾
جڏهن هو پنهنجي پيءُ سان رهندو هو ته سندس گهڻو
وقت عالمن جي صحبت ۾ گذرندو هو. پاڻ به هميشه
عالمن ۽ ڏآهن جو قدردان رهيو. سندن تصنيفن ۾ ڪافيه
جي شرح، حاشيا شرح مطالع، حاشيا شرح فرائض مير سيد
شريف ۽ ڪن ٻين رسالن تي حاشيا ڏنائين، هن جو گهڻو
وقت عبادت ۽ اطاعت الاهي ۾ گذرندو هو.
شاهه بيگ جو دؤر:
جيستائين سندس سنڌ جو حڪومتي دؤر آهي اهو ڦرمار، قتل غارت ۽
بربادي سان ڀريل آهي. هن سنڌ کي هڪ سال ۾ غلامي،
تباهي ۽ تڪليفن کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو. ڄام
فيروز، ان جي ماءُ ۽ بيوقوف اميرن شاهه بيگ کي ڪوٺ
ڏئي سڀني سنڌين کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو. دريا خان جهڙي
دلير سنڌي انهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي جان جو
نذرانو پيش ڪيو ۽ ان جي نقش قدم تي سوڍن ۽ سهتن به
ٽلٽي ۾ پاڻ ملهايو. بلاول جهڙي وڏي عالم آزادي
لاءِ سختيون سٺيون ۽ ماڇين بلوچن ۽ ڌاريجن کي موت
جو منهن ڏسڻو پيو. شاهه بيگ پنهنجي اقتدار خاطر
ڪنهن به ظلم کان ڪين ڪيٻايو ۽ سڄي سنڌ کي رت ۾
رنگي ڇڏيائين. ان ڪري سندس دؤر ۾ ڪوئي به خوش نه
هو. |