بکر جي حڪومت
سلطان محمود خان ڪوڪلتاش
962هه (55 ــ 1554ع) 982هه (75 ــ 1574ع)
سلطان محمود جو خاندان:
اسان گذريل ورقن ۾ لکي چُڪا آهيون ته شاهه حسن جي زندگيءَ ۾ ئي
سنڌ ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي چُڪي هئي، هڪ حصي تي مرزا
عيسى ترخان جنهن جو راڄڌاني ٺٽو هو، جي حڪومت هئي.
ٻئي حصي تي سلطان محمود ڪوڪلتاش جو قبضو هو، جنهن
جي گاديءَ جو هنڌ بکر هو.
هاڻي اسان بکر جو احوال لکنداسين.
سلطان محمود خان بن مير فاضل بن عادل بن احمد، خواجا اسفهاني جي
نسل مان هو. سندس بزرگ خراسان ۾ رهندا هئا ۽ انهن
جو شجرو چين جي بادشآهن سان ملندو هو، جيڪو ان وقت
اسفهان جي شهنشاهيت جي حڪم هيٺ هو. جنهن وقت تيمور
عراق فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ ان وقت اسفهان جا ڪجهه
صوبا بغاوت تي لهي آيا ته تيمور انهن کي ماري
مڃائڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ لٽ مار ۾ خواجه عادل جو
پيءُ خواجا احمد، مير ذوالنون جي پيءُ حسن بصري جي
هٿ چڙهيو. حسن بصري ان جي پرورش پنهنجي اولاد
وانگر ڪئي. خواجا احمد نسبي سلسلو ٽن واسطن سان
ملڪ محمود نانده سان وڃي ملي ٿو. اسفهان ۾ ملڪ
محمود پنهنجي سخاوت ۽ رحمدلي ڪري وڏو مشهور هو.
چيو وڃي ٿو ته اوڻيهه واسطن سان سندس شجرو عدي بن
هاتم طائي سان وڃي ٿو، جنهن جي ڪري اها سخاوت ۽
دريا دلي سلطان محمود کي به ورثي ۾ ملي.
خواجا احمد کي ٻه پٽ هئا، هڪ عاقل خواجا اتڪه ۽ ٻيو عادل خواجا
اتڪه ــ عادل اتڪه کي هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ مير فاضل
هو. مير فاضل کي پنج ٻار بابا احمد، سلطان محمود
خان، مير عبدالفتاح، مير سلطان ۽ مير عبدالواحد
ڄاوا. انهن مان هر ڪنهن جي ماءُ الڳ هئي، سلطان
محمود جي ماءُ ڪاسي شال مستنگ جي افغانن مان هئي.
سلطان محمود جا شروعاتي ڪارناما:
سلطان محمود اڃا چوڏهن سالن جو مس ٿيو ته پنهنجي دليري ڪري شاهه
بيگ وٽ مرتبو ماڻيائين ۽ سنڌ جي فتح وقت باغبان،
ڪاهان، ٽلٽي ۽ ٺٽي ۾ پنهنجي بهادريءَ جا جوهر
ڏيکاريائين. شاهه بيگ بکر کي زير ڪرڻ کان پوءِ
قنڌار وڃڻ وقت، اتي پنهنجي اميرن وزيرن کي رهڻ
لاءِ چيو پر ڪو به تيار نه ٿيو. بکر کي زير ڪرڻ
کان پوءِ قنڌار وڃڻ وقت، اتي پنهنجي اميرن وزيرن
کي رهڻ لاءِ چيو پر ڪو به تيار نه ٿيو. سلطان
محمود ئي هو جنهن ننڍي عمر هوندي به ستر ماڻهن سان
گڏ رهي ڪري يارهن مهينا بکر قلعي جي حفاظت ڪئي ۽
ڪيترائي ڀيرا قلعي کان ٻاهر نڪري سوڍن ۽ ڌاريجن
سان مقابل ڪري کين مات ڏنائين.
شاهه حسن جي زماني ۾ سلطان محمود جا ڪارناما:
927هه تي شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ شاهه حسن تخت تي ويٺو ته ان
مهل به سلطان محمود خان آمر آمراني، اچ ۽ دلاور جي
قلعن ۽ ملتان جي پس گردائي ۾ دشمنن سان مهاڏو
اٽڪائيندو رهيو. 944 هه کان پوءِ قلعي ساتلمير کي
ماڻڻ بعد جڏهن هو هڪ جاءِ تي ترسيل هو ته دشمنن
رات جي وڳڙي ۾ راتاهو هنيو. سلطان محمود ان وقت
ستل هو. اوچتو اٿي ڪري جنگ ۾ ٽپي پيو ۽ وڙهندي
وڙهندي مٿي تان پڳ ڪري پيس ته اتفاق سان انجو هڪ
پاند هٿ ۾ رهيس ۽ ٻيو پاند سوڍن جي سردار ڪمال جي
هٿ ۾ آيو، سلطان محمود پڳ ٻڌندو وڃي ڪمال ڀرسان
پهتو ته واري جي مٺ ڀري ان جي منهن ۾ هنيائين ته
هو اکيون مهٽڻ لڳو ۽ سلطان محمود ان وچ ۾ پڳ ٻڌي
هليو ويو. مير معصوم جو بيان آهي ته هن پاڻ سلطان
محمود کان ٻڌو ته کيس نفيرچي ملي ويو ۽ ان کي نفير
وڄائڻ جو حڪم ڏنائين، جنهن تي ڪي سپاهي اچي وٽس گڏ
ٿي ويا. حسن علي پوراني پنهنجو گهوڙو سلطان محمود
جي خدمت ۾ پيش ڪيو، جنهن تي چڙهي ڪري دشمن جي لشڪر
۾ اهڙي تلوار ڦيرايائين جو چڱا ڀلا بهادر پٽ تي
نظر آيا. کيس اتان ڪيترو ئي غنيمت جو مال هٿ آيو.
گجرات ۾ کنگهار سان جنگ ۾ به پاڻ ملاهيائين. ان کان علاوه
همايون جڏهن سنڌ ۾ آيو ته سلطان محمود وڏي همت ۽
مڙسي سان بکر جي قلعي جي حفاظت ڪندو رهيو.
950هه ۾ جڏهن شاهه حسن سيوي جي حڪومت سلطان محمود جي حوالي ڪئي
ته هن اتان جا سالن کان بلوچن جي قبضي ۾ رهندڙ
ڪيترائي قلعا کسيا ۽ ڪوهستاني سرڪشن کي سيکت ڏئي
پنهنجو فرمانبردار بڻايو.
961 هه ۾ ارغون ترخان جڏهن شاهه حسن جي مخالفت ڪرڻ لڳا ته هو
سيوي کان لشڪر وٺي آيو ۽ ڪيترن ئي معرڪن کان پوءِ
نيٺ انهن کي مرزا شاهه حسن جو مطيع ڪيو.
962 هه ۾ مرزا شاهه حسن جي وفات کان پوءِ ربيع الثاني 962هه
1554ع تي سلطان محمود بکر اچي بادشاهت جو ڇٽ
پنهنجي مٿي تي پاتو.
964هه ۾ ارغونن جي ڀڙڪائڻ تي مرزا عيسى ترخان وڏو ڪٽڪ وٺي بکر
کي فتح ڪرڻ لاءِ آيو پر پندرهن ڏينهن کان پوءِ
پويان خبر آيس ته پرتگيزين ٺٽي ۾ اچي باهه ٻاري
ڏني آهي ته اوڏانهن وٺي ڀڳو. پويان سلطان محمود به
سيوستان تائين ڪڍ لڳو ويس ۽ سيوستان جي چوڌاري
پکڙيل باغن ۽ ٻني ٻارن کي برباد ڪرڻ چاهيائين. پر
مير معصوم جي ڏاڏي مير ڪلان جي سفارش تي مڙي ويو.
سيوستان کان موٽندي درٻيلي وٽ مرزا عيسى طرفان شيخ الاسلام
عبدالوهاب پوراني صلح جو پيغام کڻي آيو ۽ نئين سر
معاهدو ڪري هڪڙو دستاويز مرزا عيسى جي هٿن سان
صحيح ٿيل سلطان محمود کي ڏنائين.
965هه ۾ ولي بيگ جي ڪوششن سان خان خانان بيرم خان جي مائٽياڻي
گوهر تاج خانم بنت تردي بيگم، سلطان محمود جي
گهرواري بڻي.
969 هه (62 ــ 1561ع) ۾ طهماسڀ پنهنجي ايلچي بردي بيگ ذريعي
هيرن جو هار، تاج، جڙاءُ دار ڪمربند، قيمتي
سروپاءُ، ڇٽ، پڳ جو موتي، عقار ۽ ٻيون قسمين قسمين
جون سوکڙيون سلطان محمود ڏانهن موڪليائين ۽ کيس
”خان خاني“ جو خطاب ڏنائين.
سلطان محمود کي اولاد ۾ صرف هڪڙي ڌيءَ هئي، جنهن سان اڪبر کي
شادي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئائين. 20 صفر سلطان
محمود جي اها ڌيءَ اڪبر طرفان نواب اعتماد خان
980هه تي وٺڻ بکر آيو ۽ پاڻ سان گڏ قيمتي بادشاهي
سروپاءِ، ترار جو جڙاءَ دار پٽو، لغام ۽ زين سميت
گهوڙو ۽ چار هاٿي کڻي آيو. سلطان محمود به پنهنجي
حيثيت مطابق قسمين قسمين جي موتين سان سينگاريل
هٿيار ڌيءَ جي رخصتيءَ وقت پيش ڪيا ۽ پندرهن ڏينهن
تائين ڌام ڌوم سان جشن هلندو رهيو ۽ دعوتون
ٿينديون رهيون. انهن دعوتن لاءِ پنج سؤ ڍور ڪٺا
ويا.
نڪاح ۾ ملڪ جا امير، رئيس، عالم ۽ درويش شريڪ ٿيا ۽ سلطان محمود
انهن کي انعام اڪرام سان نوازيو، وڏي خلق کي کاڌا
کارايا ويا ۽ نواب اعتماد کي ٽيهه هزار روپيا روڪ
۽ ٻيو گهڻو ڪجهه بخشش طور ڏنو ويو.
15 رجب 982 هه (1574ع) تي سلطان محمود پنهنجي نياڻيءَ کي زين
العابدين، نوروز خان ۽ ٻين اميرن جي اڳواڻيءَ ۾
پردي دار عورتن سان گڏ جيسلمير روانو ڪيو، ان
وقت اڪبر ناگور ۾ شڪار ڪري رهيو هو.
”لب تاريخ“ سنڌ ۾ آهي سلطان محمود جڏهن ڏٺو ته گهڻا ارغون ۽
ترخان سندس خلاف ٿي ويا آهن ۽ ملڪ ۾ ڏڦيڙ وجهي
رهيا آهن ته اڪبر ڏانهن ماڻهو موڪليائين ته هو
بکر جي حڪومت سنڀالڻ لاءِ ڪنهن کي موڪلي. (ص ــ
73)
بکر جو پهريون مغل گورنر:
اڪبر، ڪيسو خان کي بکر جو گورنر ڪري موڪليو پر هو اڃا بکر پهتو
ئي نه هو ته سلطان محمود جلندر جي بيماريءَ ۾ وٺجي
ويو. طبيبن سلطان کي شراب واپرائڻ جو مشورو ڏنو
پر سلطان عالمن ۽ سيدن کي گهرائي چيو ته مونکي
شراب ڇڏي چاليهه ورهيه گذري چُڪا آهن ۽ هاڻي آخري
وقت ۾ اهو چپن تي رکڻ نٿو چاهيان. اهڙيءَ طرح هن
شراب نه پيتو ۽ مرض وڌي ڪري وڃي 8صفر 982هه
(1574ع) تي 84 سالن جي عمر ۾ موت جو ڪارڻ بڻيس.
مير معصوم اها تاريخ ”در بهشت آسود“ جي مادي سان
ڪڍي آهي.
سلطان محمود جي وفات کان پوءِ 12 جمادي الاول 982 هه تي ڪيسو
خان بکر پهتو ۽ بکر جي آزاد حڪومت ختم ٿي بکر مغلن
جو هڪ صوبو بڻجي ويو. بکر جي حڪومت تي قبضو سنڌ ۾
مغلن جو اهو پهريون قدم هو.
سلطان محمود جو دؤر بکر:
اڪبر جي دؤر جو مشهور مؤرخ مير معصوم سلطان محمود جي سيرت ۽
ڪردار جي باري ۾ لکي ٿو ته ”هو انيڪ صفتن جو مالڪ
هو ۽ سندس طبيعت شجاعت ۽ سخاوت جي سنگم هئي. سلطان
محمود جي دليريءَ جو ثبوت اهو هو جو شاهه حسن جي
حڪم سان پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي ديوان خاني جي برج تان
درياءُ ۾ ٽپو ڏيندو هو، جنهن جي ڀرسان خطرناڪ ڪن
به هوندو هو، ۽ پوءِ ترندو وڃي درياءُ جي ٻئي ڪپ
کان ڀڳل ٽڪري جي سامهون پاڻيءَ ۾ نڪري ايندو هو.
مير معصوم مطابق هو طبيعت جو تيز هوندو هو ۽ پنهنجي ڪاوڙ تي ضبط
نه رکي سگهندو هو. رتوڇاڻ جي پرواهه به نه ڪندو
هو. پاڻ ته ظالم هو پر ٻين جي ظلم ۾ شريڪ نه ٿيندو
هو. عالم ۽ عوام سندس دؤر ۾ سکيا ستابا هئا۽ شهر
بکر کي ڏاڍو سينگاريو هئائين. سلطان محمود زندگيءَ
۾ قرآن پاڪ جا هڪ هزار ختم ڪڍيا هئا.
جيستائين سندس حڪومتي دؤر جو تعلق آهي ته اهو عوام جي ڀلائي جو
گهٽ ۽ سياسي اٿل پٿل جو وڌيڪ نظر اچي ٿو، ان جو
تاريخ ۾ اسان کي ڪوئي اهڙو ڪارنامو نظر نٿو اچي،
جنهن کي هتي پيش ڪري سگهون.
عالم ۽ سيدن جو قدردان هو ۽ بکر جي خوبصورتيءَ ۾ چڱو واڌارو
آندائين.
سلطان محمود جي دؤر جا عالم ۽ سيد:
سلطان محمود جي علم ۽ ادب سان دلچسپي ڪري بکر ان مهل علم جو اهم
ڳرهه بڻيل هو، ان دؤر جي ڪن عالمن جو مختصر احوال
هتي ڏيون ٿا.
(1) شاهه قطب الدين هروي ابن شاهه محمود بن شاهه طبيب هروي
شاهه قطب الدين، سلطان محمود جي زماني ۾ ڪافي عرصي تائين شيخ
الاسلام جي عهدي تي رهيو.
(2) مير سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ حسيني ترمذي:
مير سيد صفائي (898 ــ 882هه) ۾ سلطان محمود جي زماني ۾ بکر آيو
۽ ڪجهه وقت کان پوءِ سيوهڻ جي ڳوٺ کابروٽ جي سيدن
مان شادي ڪيائين. سيد صفائي عالم جو سمنڊ هو. جڏهن
شاهه قطب الدين وفات ڪئي ته سلطان محمود کيس علم
جي آڌار تي بکر جو ”شيخ الاسلام“ مقرر ڪيو. 991هه
(1583ع) ۾ سندن وفات ٿي.
(3) شير مير غورماني:
شيخ صاحب رڪن الدين علاءُ الدوله ماني جي اولاد مان هو ۽ شيخ
عبدالوهاب پوراني جي ڀيڻ سان شادي ڪيائين، پاڻ
خوشگو ۽ لطيف طبيعت جو مالڪ هو، علم موسيقي ۾ به
مهارت رکندو هو. سلطان محمود جي آخري ڏينهن ۾ ٺٽي
کان بکر آيو ۽ ٻن سالن بعد هندستان هليو ويو، جتي
980هه ۾ وفات ڪيائين.
(4) قاضي دائود:
قاضي دائود سيوي جي ڀر ۾ فتح پور جو رهاڪو هو. سلطان محمود جي
حڪومت جي شروعاتي ڏينهن ۾ بکر اچي قضا جو عهدو
سنڀاليائين. وڏو ايماندار، امين، پرهيزگار، درويش
قسم جو ماڻهو هو. 991هه ۾ بکر ۾ ئي دم ڌڻيءَ حوالي
ڪيائين.
(5) مير محمود پوراني:
سيد مير محمود پوراني هرمز رستي ٺٽي آيو ۽ شيخ بايزيد پوراني جي
نياڻيءَ سان نڪاح ڪيائين. ڪجهه وقت کانپوءِ بکر
آيو ۽ اتي گهڻو وقت ذڪر ۽ فڪر ۾ گذارڻ لڳو، عيد
وغيره تي اچي سلطان محمود سان ملاقات ڪندو هو.
977هه ۾ ابدي جهان ڏانهن ڪوچ ڪيائين.
مولانا يار محمد عرف مولانا ياري:
مولانا يار محمد اصل هرات جو رهاڪو هو ۽ فن بلاغت ۽ انشا
نگاريءَ ۾ وڏو ملڪو حاصل هيس ۽ شاعري به تمام سٺي
ڪندو هو. سندس هڪ شعر آهي.
گجرات خوش دياري اما بشرط ياري،
بي يار چون توان بود دراين چنين دياري
سلطان محمود کيس پنهنجو ايلچي ڪري اڪبر جي درٻار ۾ موڪليو پر
اهو فرض انجام نه ڏئي سگهيو ۽ سيتپور ۾ ئي رهي
پيو، ۽ پوءِ اتي ئي زندگي کي خدا حافظ ڪيائين.
مخدوم قاضي محمد عثمان درٻيلي:
مخدوم محمد عثمان وڏو نالي وارو بزرگ هو، هر وقت سندس چوڌاري
ڪتابن ۽ طالبن جو جهڳٽو رهندو هو. ايتري علمي
مرتبي هجڻ جي باوجود به تمام سادگيءَ سان کائيندو
پيئندو ۽ اٿندو ويهندو هو. 1002ع تي پنهنجي رب سان
وڃي مليو.
(8) مولانا محمد قاسم ديوان:
مولانا محمد قاسم، مخدوم ميران جي خدمت ۾ رهي ڪري تعليم پرائي ۽
اڳتي پڙهڻ لاءِ ولايت ويو، پوءِ مولانا محمود سرخ
جي مدرسي ۾ اچي علمي ڪمال حاصل ڪيائين. سنڌ جڏهن
موٽيو ته پنهنجو فيض ڪيترن ئي شاگردن ۾ ورهايائين،
سلطان محمود جڏهن سيوي ۾ هو ته مولانا صاحب کان
قرآن ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيائين. 977هه (1570 ــ 1569ع)
۾ گذاري ويو.
بکر جا مغل گورنر
982هه (1574ع) ـــ 1090هه (1679ع)
سلطان محمود خان جي وڇوڙي کانپوءِ بکر جي خودمختيار حڪومت
پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ۽ سکر مغل حڪومت جو هڪ صوبو
بڻجي ويو ۽ مغل گورنر مقرر ٿيڻ لڳا، ايستاين جو
محمد شاهه جي زماني 1131هه (1719ع) ۾ جڏهن مغلن جي
طاقت گهٽي ۽ ڪلهوڙن سنڌ ۾ زور وٺڻ شروع ڪيو ته
پوءِ مغل گورنر هتي اچڻ بند ٿيا ۽ ڪلهوڙن جا ماڻهو
ئي مقرر ٿيڻ لڳا، سلطان محمود جي وفات کان پوءِ
بکر ۾ مغلن جا 49 گورنر آيا. جن جي فهرست هيٺ ڏجي
ٿي:
نمبر |
گورنر جو نالو |
اچڻ جو سال |
ضروري حالات |
1. |
نواب ڪيسو خان |
982هه/ 1574ع |
هي پهريون گورنر هو جيڪو سلطان محمود کانپوءِ بکر پهتو |
2. |
نواب ترسو خان |
983هه / 1575ع |
|
3. |
نواب مير سيد محمد امير ولد مير عبدل |
983هه / 1575ع |
پنجاهه هزار ايڪڙ زمين سندس جاگير ۾ هئي. |
4. |
نواب سيد ابوالغضل ولد سيد محمد امير |
984هه / 1576ع |
پنهنجي پيءُ جي شهادت کانپوءِ گورنر ٿيو. |
5. |
نواب اعتماد خان خواجه سرا |
985هه / 1577ع |
اعتماد خان جيئن ته ڪنهن چڱي خاندان مان نه هو، تنهنڪري هتي
اچڻ کانپوءِ شريفن کي ڏاڍو تنگ ڪيائين.
ماڻهو فريادي ٿي بادشاهه وٽ پهتا ته بادشاهه
جي زبان مان نڪتو ته ”جيڪڏهن هو ائين آهي
پوءِ ضرور هڪ ڏينهن قتل ٿيندو، ۽ ٿيو به
ائين. |
6. |
نواب فتح خان (راجا پرمانند جي جاگير ۾ شريڪ |
986هه / 1578ع |
ٻن سالن کانپوءِ راجا پرمانند جي سندس جاگير ۾ شرڪت ختم ٿي
ويئي ۽ هو اڪيلو وارث بڻيو ۽ سندس مرتبو به
وڌيو. ”لب تاريخ سنڌ“ جي ليکڪ جو خيال آهي
ته روهڙيءَ ۾ ”وار مبارڪ“ واري درگاهه ڀرسان
جيڪا مسجد آهي، اها نواب فتح خان ٺهرائي.
سندس حڪومت جو آخري سال 993هه / 1585ع آهي. |
7. |
نواب صادق خان |
994هه/ 1585ع |
نواب، اڪبر جي حڪم تي ٺٽي تي ڪاهه ڪري مرزا جاني بيگ کي معافي
وٺڻ ۽ سوکڙيون پاکڙيون موڪلڻ تي مجبور ڪيو.
|
8. |
نواب اسماعيل قلي خان |
996هه/ 1587ع |
نواب اسماعيل جي زماني ۾ سڄي سنڌ ڏڪار ۾ وڪوڙجي ويئي.
|
9. |
نواب شيرو خان |
997هه/ 1588ع |
شرابي هجڻ ڪري جلد لهي ويو. |
10. |
نواب صادق خان (ٻيون ڀيرو) |
998هه/ 1589ع |
وڏو تجربيڪار ۽ آزمايل انسان هجڻ ڪري ٻيو ڀيرو گورنر ٿي آيو.
|
11. |
نواب مير ابوالقاسم خان نمڪين |
1004هه/1515ع |
نواب نمڪين جو مقبرو سنڌو ڪناري روهڙي وٽ قاسم خاني جي نالي
سان مشهور آهي. |
12. |
نواب مرزا نور ولد خان اعظم |
1005هه/1596ع |
|
13. |
نواب مير ابو القاسم خان نمڪين |
1007هه/1598ع |
بکر جي حالت کان چڱي طرح واقف هجڻ ڪري ٻيو ڀيرو مقرر ٿيو.
|
14. |
نواب سعد خان |
1009هه/1600ع |
شايد روهڙيءَ جي سيدن مان هو |
15. |
نواب بقرا بيگ |
1014هه/1605ع |
انهيءَ سال اڪبر وفات ڪئي، جهانگير تخت سنڀاليو.
|
16. |
نواب سردار خان |
1015هه/1606ع |
نواب قندار جي مهم ۾ مارجي ويو. |
17. |
نواب قاضي خان |
1016هه/1607ع |
|
18. |
نواب سيد تاج خان |
1020هه/1611ع |
|
19. |
نواب بازيد خان |
1025هه/1616ع |
|
20. |
نواب هوشيار خان |
1028هه/ 1618ع |
نور جهان طرفان بکر جو گورنر مقرر ٿيو، ڇاڪاڻ ان وقت بکر
نورجهان جي جاگير ۾ هو. |
21. |
نواب مرزا علي محمد بيگ |
1031هه/1621ع |
|
22. |
محمد علي فوجدار
شاهجهان |
1038هه/1628ع |
هي بکر جو فوجدار جي نالي سان مشهور هو ۽ آصف طرفان بکر جو
فوجدار هو. ڇاڪاڻ ته بکر آصف جاهه جي جاگير
۾ هو. انهيءَ سال جهانگير گذاري ويو ۽ سندس
پٽ شاهجان تخت تي ويٺو. |
23. |
مرزا حسيني |
1039هه/1629ع |
|
24. |
نواب عزت خان فوجدار |
1041هه/1631ع |
فوجدار جي لقب سان مشهور هو. |
25. |
سيد محمد فوجدار |
1043هه/1634ع |
فوجدار جي لقب سان مشهور هو. |
26. |
نواب اسد خان |
1045هه/1635ع |
پنهنجي پٽ سان گڏ حڪومت هلايائين. |
27. |
نواب محمد يوسف خان |
1046هه/1636ع |
وڏو بهادر ۽ دلير انسان هو. |
28. |
نواب محمد خان |
1048هه/1638ع |
|
29. |
نواب شاهه قلي خان |
1049هه/1639ع |
|
30. |
ميران سيد جاون |
1050هه/1640ع |
|
31. |
مرزا التفات بيگ |
1051هه/1642ع |
|
32. |
مرزا زمان خان |
1052هه/1642ع |
مرزا شهزادي مراد بخش جو ملازم هو ۽ فوجدار جي لقب سان مشهور
هو. |
33. |
نواب سعد خان |
1054هه/1644ع |
(ٻيو ڀيرو) |
34. |
خواجا لطف ۽ مير محمد ناظر |
1058هه/1648ع |
خواجا لطف فوجدار ۽ مير ناظم ديوان بکر هو. |
35. |
نواب خواجگي |
1061هه/1650ع |
دارا شڪوه جو ملازم هو. |
36. |
شيخ احمد |
1062هه/1652ع |
|
37. |
مرزا لعل بيگ |
1065هه/1655ع |
فوجدار جي لقب سان مشهور هو. |
38. |
خواجا عبدالواحد |
1066هه/1656ع |
پاڻ کي حاڪم چورائيندو هو ۽ ڊاڙي هو. |
39. |
شيخ احمد |
1067هه/1657ع |
(ٻيو ڀيرو) |
40. |
خواجا محمد شريف |
1068هه/1658ع |
انهيءَ سال دارا شڪوه وارو معاملو اٿيو. |
41. |
باقر خان |
1069هه/1659ع |
شاهجان وفات ڪئي ۽ اورنگزيب تخت سنڀاليو. |
42. |
عبدالله خان |
1070هه/1660ع |
قلعي دار جي لقب سان مشهور هو. |
43. |
خنجر خان |
1070هه/1660ع |
فوجدار جي لقب سان مشهور هو. |
44. |
شيخ ابراهيم |
1071هه/1661ع |
قلعي دار جي لقب سان مشهور هو. |
45. |
نواب سيد عزت خان |
1074هه/1663ع |
گوپي ناٿ سندس اهم عملدار هو. |
46. |
نواب سيد غلام مصطفيٰ |
1078هه/1667ع |
روهڙيءَ جي سيدن مان هو. |
47. |
سيد مير يعقوب خان رضوي |
1081هه/1670ع |
سندس اولاد اڃا تائين روهڙيءَ جي آس پاس رهي ٿي. |
48. |
سيد مير صادق ولد مير يعقوب |
1085هه/1675ع |
پنهنجي پيءُ جي وڇوڙي کانپوءِ بکر جو گورنر بڻيو.
|
49. |
نواب خدايار خان |
1087هه/1677ع |
|
50. |
مير محمد اڪرم حڪيم |
|
روهڙيءَ جي قاضي خاندان مان هو ۽ سندس اولاد اڄ تائين قاضي
محلا روهڙيءَ ۾ رهي ٿي. ان کانپوءِ مغلن جو
ڪوئي گورنر نه آيو ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت شروع
ٿي. |
|