گر بخشاڻي:
ان دؤر ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي محفوظ ڪرڻ وارن هندو نثر
نگارن ۾ سڀ کان اهم نالو گربخشانيءَ جو آهي، جنهن
سنڌ جي عظيم شاعر ۽ مفڪر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
جي ڪلام کي وڏي تحقيق ۽ جاکوڙ سان سهيڙي ”شاهه جي
رسالي“ جي صورت ۾ پيش ڪيو. ان کان علاوه سندس ٻيا
به ڪيترائي ڪتاب ملن ٿا.
گربخشاڻيءَ جو خاندان حيدرآباد ۾ رهندو هو. 1928ع ۾ هن لنڊن
يونيورسٽيءَ کان انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف تي
ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي. هو جهوڪ جي شاهه عنايت شهيد
کي پنهنجو مرشد سمجهندو هو. مثنوي ۽ شاهه جي
شاعريءَ تي تمام گهڻو ملڪو حاصل هيس ۽ شاهه جي
شاعريءَ تي سند سمجهيو ويندو هو. گربخشاڻي 11
فيبروري 1947ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڀيرومل مهر چند آڏواڻي:
سنڌ جي هندن ۾ ٻيو مشهور نالو ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو آهي،
جنهن کي ڪاڪو ڀيرومل سڏيو وڃي ٿو. ڪاڪو ڀيرومل
ادب، لسانيات، تهذيب ۽ تمدن جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ
بيشمار ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ سنڌي گرامر، گل قند،
سنڌي ٻولي جي تاريخ، قديم سنڌ، لطيفي سير، موهن جو
دڙو (انگريزي) شامل آهن.
ڀيرومل حيدرآباد جي عالم فاضل خاندان جي هڪ شاخ آڏواڻيءَ ۾
1870ع تي ڄائو. ايڪسائيز کاتي ۾ 28 سال ۽ ڪاليج ۾
13 سال نوڪري ڪيائين. 1905ع ۾ درسي ڪتاب لکڻ کان
ادبي سفر جي شروعات ڪيائين. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ
ڪاڪو ڀيرومل ڪجهه ڏينهن ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوءِ نومبر
1949ع تي بمبئي هليو ويو، جت 7 جولاءِ 1950ع ۾
لاڏاڻو ڪري ويو.
جيٺمل پرس رام:
انهيءَ دؤر ۾ اسان کي نثر جي حوالي سان هڪ ٻيو نالو جيٺمل پرس
رام جو ملي ٿو، جنهن جي تحريرن ۾ فڪر، تخيل،
مشاهدي ۽ احساس جو نئون رنگ سمايل آهي.
ان کان علاوه هندو نثرنگارن ۾ لال چندامرڏنومل جو نالو به تمام
اهم آهي، جنهن سنڌي ادب کي پنهنجي زندگي سونپي
ڇڏي.
انهيءَ دؤر ۾ علامه دائود پوٽي نثر ذريعي علمي تحقيق کي اڳتي
وڌايو.
مرزا قليچ بيگ:
سنڌ جي مٽيءَ مان پيدا ٿيندڙ مرزا قليچ بيگ اهڙو شخص هو جنهن
سنڌي ادب، شاعري، ڪهاڻي، تاريخ، تحقيق ۽ ناول
نگاريءَ ۾ پاڻ مڃايو ۽ انگريز دؤر ۾ سڀ کان وڌيڪ
ڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي ڏنا.
هو 4 محرم 1270هه (1853ع) ۾ حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙي ڳوٺ ۾ ڄائو.
علم ادب ۽ شاعريءَ جي ڏات کي سندس پيءُ مرزا
فريدون بيگ ڏانءُ عطا ڪيو. ان کان پوءِ بمبئي جي
ايلفسٽن ڪاليج ۾ پنهنجي قابليت جي بنياد تي
اسڪالرشپ وٺي پڙهيو. مرزا قليچ بيگ سنسڪرت، گجراتي
۽ مراٺي زبان سکي ڪاليج ۾ فارسي جو فيلو مقرر ٿيو.
سنڌ موٽڻ کان پوءِ هن مال جي محڪمي ۾ نوڪري ڪئي. ان کان پوءِ
1909ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو ۽ انهيءَ عهدي تان
رٽائرمينٽ ورتائين.
3 جولاءِ 1929ع ۾ سنڌ جو هي عظيم ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي آخرت جي سفر
روانو ٿي ويو. ادب جي ڪائي اهڙي صنف ناهي، جنهن کي
مرزا قليچ بيگ ڇهيو نه هجي. سنڌ جي علمي ۽ ادبي
تاريخ ۾ هميشه هن کي ياد رکيو ويندو.
پير علي محمد راشدي:
راشدي صاحب جو ذڪر گذريل ورقن ۾ اچي چڪو آهي، جنهن جو صحافتي ۽
نثري ادب جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي.
خان بهادر محمد صديق ميمڻ ۽ مولانا چشتي:
انهن ٻنهي فردن جي نثر نويسي به اعلى قسم جي هئي.
لطف الله حيدرآبادي ۽ امام بخش خادم:
انهيءَ دؤر ۾ ترجمي ۽ داستان نويسي تي به سنڌي اديبن ڌيان ڏنو.
لطف الله حيدري (وفات 1898ع) رجب علي بيگ سرور جي
”فسانه عجائب“ کي منظوم سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. امام
بخش شڪارپوري ”چهار درويش“ ، ”الف ليلا“، ”حاتم
طائي“، ”بهرام گور“ قصن کي فارسي ۽ اردو مان سنڌي
ويس ڍڪايو.
عبدالرؤف هالائي:
عبدالرؤف هالائي ”گل بڪاؤلي“، ”داستان امير حمزه“ ۽ ”گل و
صنوبر“ کي اردو مان سنڌي ۾ آندو.
عثمان ڏيپلائي:
عثمان ڏيپلائي سنڌي ۾ طبعزاد ناول ۽ ڊراما لکيا ۽ مولانا
عبدالحليم شرر جي ناولن جا ترجما به ڪيا. انهيءَ
دؤر ۾ سنڌي شاعريءَ جي مزاج ۾ نئين تبديلي آئي ۽
خالص مقام ماحول، جذبات ۽ تخيل سان گڏ نئين اسلوب
۽ ايراني رنگ کي اپنايو ويو. جن شاعرن انهيءَ رنگ
۾ شاعري ڪئي انهن ۾ مير حسن علي، مير عبدالحسين
خان، سيد فاضل شاهه ۽ مرزا قليچ بيگ شامل آهن.
انهيءَ عهد ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي صنفون سنڌي شاعريءَ ۾ داخل
ٿيون.
مير عبدالحسين سانگي 1924ع ــ 1851ع) سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي
خاندان مان هو. غزل کي ڪمال درجي تائين پهچايائين.
قادر بخش بيدل (1924ـــ 1951ع) سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي خاندان
مان هو. غزل کي ڪمال درجي تائين پهچائين.
قادر بخش بيدل (1872ع ـــ 1814ع)، ، آخوند محمد قاسم هالائي
(1891عـــ 1819ع)، محمد محسن بيڪس روهڙي (1881ع ــ
1858ع)، خليفو گل محمد، حافظ محمد ٽڪرائي (وفات
1897ع) غلام محمد شاهه گدا، غلام علي سبزپوش، ميان
علي نواز علوي، پير غلام شاهه راشدي (وفات 1901ع)،
(جنهن کي درد ۽ الم جي ڪري ڳوڙهن جو بادشاهه چيو
ويندو آهي) امام بخش خادم شڪارپوري، شمس الدين
بلبل، مرتضائي ٺٽوي، سيد امير علي شاهه، پيرل فقير
۽ ميان خير محمد اهي نالا آهن، جن سنڌي ادب ۽
شاعريءَ کي شاهوڪار بڻايو.
هجويه ۽ مزاحيه شاعريءَکي سنڌي ۾ محمد هاشم مخلص ۽ مولوي نور
محمد نظاماڻي اپنايو. انهن جو مزاح وڏو جاندار ۽
تمام تيز آهن.
طنزيه شاعريءَ جي رنگ ۾ قومي مسئلن کي سڀ کان اڳ پيش ڪرڻ وارو
شمس الدين بلبل آهي. سندس ڪلام ۾ اڪبر الا آبادي
وارو رنگ نظر اچي ٿو.
انهيءَ دؤر ۾ هدايت علي شاهه نجفي، ميان مرتضائي، غلام محمد
شاهه گدا ۽ مرزا قليچ بيگ تاريخي قطعا چئي انهيءَ
صنف کي به سڃاڻپ عطا ڪئي.
قومي شاعري به ان دؤر ۾ لکجڻ لڳي، جنهن جا ابتدائي نشان الله
بخش اٻوجهو (وفات 1901ع) جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا.
الله بخش مولانا حالي وانگر سنڌي ۾ مسدس لکي سنڌ ۾
مسلمانن کي پنهنجو ماضي ۽ حال ياد ڏياريو ۽ سنڌي
شاعريءَ ۾ قومي شاعريءَ جي شروعات ڪئي.
صحافتي ادب
صحافتي ادب به ان دؤر ۾ وڌيو ويجهو، سنڌ ۾ جيڪي رسالا ۽ اخبارون
نڪتيون انهن مان ڪن جا نالا هي آهن:
مفرح القلوب، اخبار اڪليل، اخبار معين الاسلام، سنڌ سڌار، معاون
اسلام، الحق حيدرآباد ۽ سکر، آفتاب سکر، بهار
اخلاق سکر، الوحيد ۽ توحيد ڪراچي، سنڌ زميندار
سکر، قرباني، تعليم ۽ الائڪشن لاڙڪاڻو.
ان دؤر جي صحافت جنهن ۾ ان وقت جي مختلف سياسي، مذهبي معاشرتي
۽ اقتصادي تحريڪن جو پرتو هو، سنڌي ادب کي نوان
لفظ نئون اسلوب ۽ نئين ادا عطا ڪئي.
انگريزن جي آخري دؤر جا شاعر
انگريزن جي آخري دؤر يعني ويهين صديءَ جي وچ تائين هيٺيان شاعر
پيدا ٿيا.
محمد صديق مسافر، نواز علي نياز، حاجي محمد خادم، محمد بخش
واصف، مولوي احمد ملاح، مولوي ثنائي، حيدر بخش
جتوئي، مراد علي ڪاظم، جمعو خان غريب، علي محمد
قادري، غلام سرور قادري، غلام احمد نظاماڻي، الله
بخش عقيلي سرشار، غلام سرور، محمد ابراهيم خليل،
مخدوم محمد زمان طالب المولا، رشيد احمد صديقي.
نثر نگار (1929ع ــ 1849ع)
انگريزن جي آخري عهد ۾ جن نثرنگارن جا نالا نظر اچن ٿا، انهن ۾
مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا دين
محمد وفائي، حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ ۽ مرزا قليچ بيگ شامل آهن، جن جي نثري تحريرن
سنڌي نثر جي باغ کي سنواريو ۽ سينگاريو. |