مرزا شاهه حسن ارغون
928هه (1522ع) کان 962هه (1554ع)
جنهن ڏينهن شاهه حسن پنهنجي پيءُ جو جانشين ٿيو اهو عيد جو
ڏينهن هو. سڀني اميرن رئيسن عرض ڪيو ته جيڪڏهن
اجازت ڏيو ته توهان جو نالو خطبي ۾ شامل ڪيون.
شاهه حسن چيو استغفر الله، جيستائين صاحب قرآن جي
اولاد مان ڪوئي به حيات آهي ته اسان کي اهڙو حق
نٿو پهچي. پوءِ بابر جا نالو خطبي ۾ کنيو ويو.
مرزا شاهه حسن جو ٺٽي ۾ اچڻ:
عيد جو ڏينهن نصرپور ۾ گذاري شاهه حسن ٺٽي ڏانهن اسهيو. ڄام
فيروز حافظ رشيد خوشنويس ۽ قاضي حاجي مفتي جي هٿ
شاهه بيگ جي خدمت ۾ سوکڙيون پاکڙيون موڪلي پنهنجي
گذريل گنآهن جي معافي گهري. انهن قاصدن شاهه حسن
کي ڄام فيروز جي بد نيتيءَ جو به ٻڌايو ته هو
اندران اندر توهان سان جنگ ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري
رهيو آهي.
قاصدن کي روانو ڪري شاهه حسن ٺٽي ڏانهن منزلون ڪندو ويو. ڄام
فيروز کي ان جي خبر پئي ته ڏاڍو ڊنو ۽ چڱائي ان ۾
سمجهي ٺٽو ڇڏي درياءُ جي هن پار هليو ويو. شاهه
حسن پنهنجي لشڪر کي جڏهن درياءُ پار ڪري ٺٽي ۾
داخل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ته ڄام فيروز جي وزير ماڻڪ ۽
ڄاٽي شيخ ابراهيم ٻيڙين ۾ دارون جون دنگيون ۽ تير
اندازن کي کڻي اچي رستو روڪيو پر شاهه حسن جي جنگي
جوڌن کين اهڙو جواب ڏنو جو جان تان آسرو لاهڻو پين
ڄام فيروز مايوس ٿي ڪري”ڪڇ“ ڏانهن ڀڳو ۽ اتي ڪجهه
وقت رهي ڪري ڪڇي ماڻهن کي تيار ڪندو رهيو.
ڄام فيروز جي پنجاهه هزار فوج:
ڄام فيروز چاچڪن ۽ راهمن جي ڳوٺ پهچي اٽڪل پنجاهه هزار پيادا ۽
سوار سپاهي گڏ ڪيا. سموري ٺٽي ۾ ايڏي وڏي فوج جو
هل مچي ويو. امير محمد مسڪين ترخان، مير فرخ،
سلطان قلي بيگ ۽ ٻين سردارن شاهه حسن کي آگاهه
ڪيو. شاهه حسن ڪجهه ماڻهو ٺٽي ۾ ڇڏي پاڻ لشڪر سان
گڏ ڄام فيروز سان وڙهڻ لاءِ نڪتو. درياءَ پار ڪري
جڏهن شاهه حسن جي فوج ميدان تي نڪتي ته ڄام فيروز
جو لشڪر انهن کي ڏسي گهوڙن تان لٿو ۽ پنهنجا پٽڪا
لاهي هڪٻئي جي چيلهن سان ٻڌي قطار ۾ تلوارون سڌيون
ڪري بيهي رهيا. سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جي اها نشاني
ميدان مارڻ يا پاڻ مري نڪرڻ جي هوندي هئي.
مرزا شاهه حسن تير اندازن کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ ٻه
رڪعتون نفل پڙهي ڪاميابيءَ لاءِ الله کان دعا گهري
لشڪر سان گڏ دشمن تي بجلي وانگر ڪڙڪي پيو ۽ صبح
کان شام تائين ويهه هزار دشمن جا سپاهي ڪيري
وڌائين. ڄام فيروز گجرات ڏانهن دڙڪي هنئي ۽ سنڌ
مان سمن جي اها نالي ماتر حڪومت به پنهنجي پڄاڻي
تي پهتي. اهڙيءَ طرح سڄي سنڌ غلاميءَ جي زنجيرن ۾
جڪڙجي پيئي.
طاهر نسياني تاريخ طاهري ۾ لکيو آهي ته جڏهن شاهه حسن نصرپور ۾
بادشاهي جي پڳ پاتي ته سڀ سردار، امير وزير
مبارڪون ۽ بندگي بجا آڻڻ آيا پر ڄام سمو نه تعزيت
ڪرڻ آيو ۽ نه ئي تخت نشيني تي اطاعت ۽
فرمانبرداريءَ جو اظهار ڪيائين، جنهن تي شاهه حسن
لکيس ”توهان سان اسان جي ولي نعمت (شاهه بيگ)
ڪيتريون مهربانيون ڪيون پر ان جي وڇوڙي تي سڀئي
وفادار، دوست، سنگتي ساٿي ۽ تابعدار ڏک ونڊڻ آيا
پر ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته هن خاندان جا خير
خواهه انهيءَ موقعي جو وجهه وٺي اسان جي تلوار جي
زور تي ورتل ملڪ کي پنهنجي ملڪيت سمجهي اسان کي
کنگهن ئي نٿا. اها پهرين بزدلي ۽ ناداني واري
ڳالهه آهي جيڪا انهن نڀاڳن کان پهريون ڀيرو ٿي
آهي،. جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته جنهن جو پيءُ مري
ويو آهي، هو انهيءَ غم ۾ غلطان رهندو! منهنجي
پهرين ڪوشش اها هوندي ته انهن ماڻهن جو اهڙو حشر
ڪيان جو ٻين لاءِ اچرج جو سبب بڻجن. تنهن ڪري انهن
کي غافل نه رهڻ گهرجي. مان جلد ئي ايندس ۽ طوفان
وانگر اچي ڪڙڪندس.“
پر ڄام فيروز تي انهيءَ خط جو ڪو اثر نه ٿيو ۽ جنگ جون تياريون
ڪندو رهيو. نيٺ شاهه حسن به پنهنجي لشڪر سان
طوفان وانگر ٺٽي ۾ داخل ٿي ويو.
ٺٽي ۾ خونريزي:
ٺٽي ۾ داخل ٿي ڪري شاهه حسن جيڪا خونريزي ڪئي طاهر نسياني ان کي
هن طرح بيان ڪري ٿو:
ترجمو: ايستائين جو ارغونن شهر ٺٽي ۾ پهچي انهن نڀاڳن جي ڪري
ايتري مارا ماري ڪئي جو اميد وارين عورتن جي پيٽن
مان ٻار ڪڍي نيزن جي چهنبن تي لٽڪايا ويا ۽ نالي
جو به ڪوئي مرد ملين ته ان کي تلوار جي منهن ۾
ڏنائون. چنڊو فيروز پيرين اگهاڙي گجرات ڀڄي ويو ۽
سندس گهڻين عورتن ۽ ٻارن مغلن جي ڀئو کان درياءَ
۾ ٽپو ڏنو ۽ باقي بچلن سان جيڪا جٺ ٿي خدا ڪري
اهڙو ڏينهن نه ڪنهن ڪافر ۽ مسلمان کي نصيب ٿئي.
شهر سان گڏ سڄي ملڪ کي راڪاس گهمي ويو ۽ هر طرف
ويراني بربادي هئي. انهيءَ ڏينهن کان وٺي هن ملڪ
جو تاريخ ۾ نالو ”برباد سنڌ“ پئجي ويو.
ٺٽي ۾ شاهه حسن جي حڪومت:
شاهه حسن ٺٽي تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سمن کي اهڙي طرح ڪچليو جو
انهن جو نالو نشان ئي ميٽجي ويو. جنهن به هن جي
اطاعت کان منهن موڙيو ان جو سر ڌڙ تي نه رهيو. هن
سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ لاءِ هر اٽڪل اپنائي ۽
هتان جي وڏيرن، رئيسن، سردارن ۽ ويڙهاڪن کان وڏي
چالاڪي سان شجاعت، غيرت، خودداري ۽ فوجي جذبو کسي
ڪري انهن کي باغباني ۽ هارپي تي هيرايو. انهن جي
هٿن مان تلوار کسي ڪوڏر ڏئي ڇڏي ۽ نيزن جي جاءِ تي
ڏاٽو ۽ هر ڪلهن تي رکي ڇڏيو، گهوڙن تي سواري ڪرڻ
بجاءِ هو ڏاندن کي هڪلڻ لڳا. حڪومت ڪرڻ جو سوداءَ
انهن جي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو شاهه حسن پنهنجي تدبيرن
سان ڌرتي ڌڻين مان عزت نفس ۽ قومي احساس ختم ڪري
انهن کي غلامي جو ڳٽ پائي خوش رهڻ تي مجبور ڪيو.
مغلن هتي پنهنجي ظلمي ڪاررواين جو اهڙو ڏر ويهاريو
جو انهن جي خوف کان پيٽ وارين عورتن جا ٻار ڪري
پوندا هئا.
انتظام سڌارڻ:
ايتري خون وهائڻ کان پوءِ شاهه حسن انهن جي زخمي دلين تي پها
رکڻ واسطي کين رعايتون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ جلدي ۾
پنهنجو سخت رويو تبديل ڪري مهربان ٿي ويو، جنهن جي
ڪري انهن سک جو ساهه کڻن شروع ڪيو.
شاهه حسن جي سياست جون گهرجون:
هاڻي شاهه حسن ماڻهن جون دليون وٺڻ ۽ ملڪ جي انتظام ۾ ڪو خلل نه
پوڻ ڪري انهن تي مهربانيون ۽ نوازشون ڪرڻ شروع
ڪيون. ٺٽي ۽ ملتان وچ ۾ جيڪي ڳوٺ ۽ شهر هئا انهن
جو ڪڏهن خشڪي ته ڪڏهن دريائي رستي دورو ڪري ماڻهن
کي دلجاءِ ڏيڻ لڳو.
سياسي جهولي کي به پکيڙي انهن ماڻهن ڏانهن ڌيان ڌرڻ شروع ڪيائين
۽ سندن دليون کٽڻ چاهيائين جيڪي ساموئي تي قبضي
کان پوءِ شهر ڇڏي ڪڇ هليا ويا هئا، جيئن سندس
حڪومت لاءِ اهو خطرو به هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي.
پوءِ هڪڙو خط زميندار کنگهار سمي ڏانهن لکيائين ته
”توکي خبر آهي ته ڪيتري عرصي کان وٺي تنهنجي ڀائرن
جي هن ملڪ کي فتح ڪري ڪنڊن کان پاڪ صاف ڪري ڇڏيو
آهي. هاڻي تنهنجي لاءِ اهو سٺو موقعو آهي ته ڪڇ جا
سٺا گهوڙا جن جي تعريف ٻڌي آهي. اسان لاءِ ڪاهي اچ
۽ اسان جو قرب، منصب ۽ مرتبو حاصل ڪري هميشه وڃي
آرام سان رهه، باقي جيڪڏهن دل ۾ برابريءَ جو نشو
اٿئي ته اهو ڪڍي ڇڏ ۽ تحريري صورت ۾ پوين ڪوتاهين
۽ ڪرتوتن جي معافي وٺي اسان جي قدم بوسي جي سعادت
حاصل ڪر. هن ملڪ کي امن واري جڳهه ۽ پنهنجو موروثي
ملڪ سمجهه، نه ته اسان جو ارادو احمد آباد ۽ گجرات
تائين آهي، جنهن لاءِ اتان ئي گذرنداسين ۽ پوءِ
تنهنجي دماغ ۾ جيڪا هوا آهي، ڪڍي ڇڏينداسين.“
شاهه حسن جو اهڙو ڌمڪين ۽ داٻن وارو خط کنگهار کي پهتو ته هن به
اهڙو ئي سخت جواب لکيو ته ”اسان ڪوهستاني ماڻهو سر
وانگر سخت آهيون، جيڪي پنهنجي عزت ۽ آبرو جي حفاظت
ڪرڻ چڱي طرح ڄاڻيندا آهيون. اسان پنهنجي ٿوري رزق
تي قناعت ڪرڻ وارا آهيون ۽ اسان ۾ قيمتي گهوڙا ڏيڻ
جي سگهه ڪٿي آهي. اسان جو گذر سفر ان تي آهي ته
بکن اگهاڙن راجپوتن کي لٽ ڦر لاءِ سنڌ ۽ گجرت
ڏانهن موڪليندا آهيون، جيڪي تلوار جي زور تي ڪجهه
کڻي ايندا آهن، ان تي گذران ڪندا آهيون. ان کان
پوءِ به جيڪو ماڻهو پنهنجي عزت ۽ آبرو ان پٿر سان
چڪناچور ڪرڻ گهري ۽ ان شيشي تي پنهنجي رت وهائي.
سامان سڙي انهن جي حوالي ڪرڻ چاهي ته ان جي مرضي.
ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڳالهه هوندي جو الله سائين ڪنهن
جي روزي ان جي در تي پهچائي. اسان توهان جي اچڻ جو
انتظار ڪيون ٿا.“
شاهه حسن جي غيرت تي اهو جواب جبل وانگر ڪڙڪيو. لشڪر وٺي اڳتي
وڌيو. جيڪي راجپوت رستي ۾ ايندا ويا انهن کي موت
جي منهن ۾ موڪليندو ويو. راجپوتن به رات جي وڳڙي ۾
شاهه حسن جي لشڪر تي راتاها هنيا ۽ رستي وارن کوهن
۾ ڍونڍ ۽ ٿوهر وجهي زهريلو بڻائي ڇڏيو. شاهه حسن
وري بيلدارن کي گهرائي نوان کوهه کوٽائي پاڻي جي
پورائي ڪئي ۽ وڃي جرگ ۽ جرگي جي چشمن تائين پهتو
پر کنگهار وچ ۾ سفارشي آڻي ٺاهه ڪرائي ڇڏيو ۽
سالانو خرچ ڏيڻ جو واعدو ڪيو. اهڙي پڪ کان پوءِ
مرزا شاهه حسن ٺٽي موٽي آيو ۽ اتان ملتان کي ماڻڻ
جو ارادو ڪيائين.
ملتان جي فتح جو ارادو:
تاريخ معصومي ۾ آهي ته ملتان جي فتح کان اڳ شاهه حسن ارغون،
تڪدري ۽ هزاره قبيلن جي ماڻهن جو بندوبست ڪرڻ
واسطي هڪ هزار سپاهين سان گڏ سيوي پهتو ۽ اتي
پنهنجا اعتماد جوڳا ماڻهو مقرر ڪري روهڙي ۽ چتر جي
رستي سان موٽيو. واٽ تي ايندڙ بگٽي ۽ بلوچن کي
ماري مڃائي واعدا وٺي انهن جي وڏيرن کي کڻي بکر
آيو.
بابر جي هندستان تي چڙهائي:
ان زماني ۾ جڏهن مرزا شاهه حسن بکر ۾ هو ته بابر بادشاهه جي
هندستان تي چڙهائي جون خبرون مشهور ٿيون. شاهه حسن
جلد ايلچين هٿان قيمتي سوکڙيون پاکڙيون بادشاهه جي
خدمت ۾ موڪليون. جنهن وقت شاهه حسن، بابر جي خدمت
۾ رهندو هو تن ڏينهن ۾ شاهي وڪيل مير خليفي جي
ڌيءَ سان شاديءَ جون ڳالهيون چوريون هئائين ۽ بابر
اهو قبول به ڪري ورتو هو. هاڻي ان تعلق کي مضبوط
ڪرڻ خاطر عبدالباقي جي ڏاڏي مسمات شاهه سلطاني
جيڪا سيد جعفر جي اولاد مان هئي، کي بابر بادشاهه
جي خدمت ۾ انهيءَ مقصد لاءِ موڪليائين. بابر ولي
بڻجي ڪري مير خليفي جي نياڻي گلبرگ بيگم کي شاهه
حسن جي نڪاح ۾ ڏئي ڪري مير خليفي جي ننڍي پٽ مير
حسام الدين ميرڪ سان ساڻ ڪري بکر موڪليو. شاهه حسن
ان کي نڪاح ۾ وٺي پنهنجي حرم ۾ داخل ڪيو ۽ باغبان
۽ پاٽ پرڳڻو مهماني طور مير حسام کي ڏنو.
سيوراءِ قلعي جي سوڀ:
25 ـ 1524ع ۾ مرزا شاهه حسن ملتان فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو. تاريخ
طاهري ۾ آهي ته ان پنهنجو لشڪر خشڪي رستي موڪليو ۽
پاڻ ٻيڙيءَ تي روانو ٿيو. معصومي ۾ آهي ته ان سڀ
کان اڳ سيوراءِ قلعي تي حملو ڪري ان کي زمين جي
برابر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پوءِ قلعي مئو ڏانهن وڌيو
جتي ان دؤر جي نالي واري بزرگ شيخ روح الله جي پٽ
شيخ حماد حاضر ٿي قلعي ۾ وارن جي پريشاني بيان ڪري
انهن جي سفارش ڪئي. شاهه حسن مسڪين ترخان کي قلعي
کي ڏسڻ وائسڻ جو حڪم ڏئي چيائين ته لانگهآهن ۽
ٻروچن جو جيڪو ماڻهو هٿ اچي ان کي پاڻ سان گڏ وٺي
اچو پر جيڪو شيخ حماد جي خانقاه ۾ پناهه وٺي ان کي
ڪجهه نه چئو. مسڪين ترخان شيخ حماد جي خانقاهه
پناهه وٺندڙن کي ڇڏي ڪري باقي سپاهين کي پڪڙي آيو.
تن ڏينهن کان پوءِ شاهه حسن قلعي ۾ داخل ٿيو ۽
بزرگن ۽ صوفين جي قبن جي زيارت ڪري مئو جي مشائخن
کان واعدا ورتا ته اسان جي ماڻهن کي هتي بنا پڇا
ڳاڇا جي اچڻ ڏنو ويندو ۽ اسان جي دشمنن کي پناهه
نه ڏني ويندي. ان موقعي تي شيخ روح الله حاضر ٿي
ڪري رحمو ڏهر جي معافي جي سفارش ڪئي پر شاهه حسن
چيو ته ان جو واسطو سلطان محمود خان (شاهه حسن جو
وفادار وزير) سان آهي ۽ انجا ٻه ڀائر انهن ماريا
آهن، تنهنڪري اهو ئي معاف ڪري سگهي ٿو. جنهن کان
پوءِ سلطان محمود اڳيان رحمو ڏهر کي گهرايو ويو ۽
ان جي معافي گهرڻ تي سلطان کيس معاف ڪري ڇڏيو.
رحمو پنهنجي ڀائٽي حرم سراءِ ۾ ڪنيز رکڻ جي
درخواست ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي. ڄام جيوڻ ڏهر جي
ڀيڻ وري سلطان محمود جي حوالي ڪئي ويئي.
اُچ جي جنگ:
مئو کان نڪري ڪري مرزا شاهه حسن لاڙ جي سرحد تي پهتو ۽ اتان اچي
اُچ نڪتو. لانگاهه شاهه حسن جي فوج کان تمام گهڻا
هئا پر پوءِ به شاهه حسن جي لشڪر انهن کي قلعي
ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. شاهه حسن حملو ڪندو وڃي قلعي وٽ
پهتو، قلعي جو دروازو ڀڃي سڄي فوج جيئن ئي اندر
داخل ٿي ته لانگآهن جو جهڳٽو قلعي جي ڀت تي چڙهي
پٿر ۽ تير وسائڻ لڳو.
شاهه حسن سندن ماريل سردارن جا سر نيزي تي اڀا ڪري ڏيکاريا ته
لانگآهن ۾ ڀاڄ پئجي ويئي ۽ مغلن ماڻهن کي مارڻ ۽
جايون مسمار ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. اهڙي تباهي ڏسي
ڪري سيد زين العابدين بخاري، شيخ ابراهيم، شيخ
اسماعيل جمالي، قاضي ابو الخير ۽ قاضي عبدالرحمان
شاهه حسن اڳيان حاضر ٿي ڪري رحم جي اپيل ڪئي ۽ شهر
۾ خونريزي بند ٿي. اچ جو قلعو ڊاهي ڪري اتان جو
سمورو ڪاٺ ٻيڙين رستي بکر آندو ويو.
سلطان حسين لانگاهه ۽ شاهه حسن جو ٺاهه:
اُچ جي فتح جي خبر جڏهن ملتان جي حاڪم سلطان محمود لانگاهه کي
پئي ته هن جنگ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون ۽ مختلف
پاسن ڏانهن ماڻهو موڪلي جتن، ٻروچن، رندن، دودائن،
ڪورائن ۽ چانڊين جو اسي هزار لشڪر گهرائي ڪري شاهه
حسن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ملتان مان نڪتو.
شاهه حسن انهيءَ لشڪر جو ”گهارو واهه“ وٽ انتظار ڪرڻ لڳو پر
سلطان محمود لانگاهه اڃا رستي ۾ ئي هو ته سندس
ڄاٽي ۽ ملڪي ڪم ڪارين ۾ اهم حيثيت رکندڙ شيخ شجاع
جي مڪارين جي خبر پيس، جنهن تي هو ڏاڍو ڪاوڙجي پيو
۽ کيس سزا ڏيڻ لاءِ سوچڻ لڳو پر شيخ شجاع جي
همدردن ۽ ڀاڱي ڀائيوارن پنهنجي لاءِ به خطرو
سمجهيو ته سلطان محمود کي ڪنهن طريقي سان زهر
پيئاري ڇڏيو، جنهن سان هو اتي اڦٽ مري ويو. سڄي
لشڪر ۾ ٻائيتال مچي ويو، پر لانگآهن ڪنهن نه ڪنهن
طريقي سان ٺاپر آندي ۽ سلطان محمود جي پٽ سلطان
حسين لانگاهه کي تاج پارايو. سلطان حسين لاءِ هاڻي
ٺاهه ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوئي چارو نه هو سو شيخ
بهاءُ الدين زڪريا کي صلح لاءِ موڪليائين. شيخ
صاحب گهارو واهه جي ڪپ تي اچي شاهه حسن سان مليا ۽
ان سلطان حسين جي درخواست پيش ڪئي. شاهه حسن شيخ
صاحب جي تمام گهڻي عزت ۽ تعظيم ڪئي ۽ ڪن شرطن آڌار
سلطان حسين جي درخواست قبول ڪئي ۽ گهارو واهه کي
بکر ۽ ملتان جو دنگ مقرر ڪيو ويو.
مرزا شاهه حسن اُچ ۾ هڪ ٻيو قلعو جوڙايو.
دلاور قلعي تي ڪاهه:
انهن ئي ڏينهن ۾ سلطان محمود لانگاهه جو هڪڙو ملازم اقبال خان
اچي مرزا شاهه حسن سان مليو ۽ کيس دلاور قلعي ۾
دفن خزاني جي باري ۾ ٻڌايائينس. مرزا شاهه حسن
انهيءَ ئي مهل قلعي جي حاڪم غازي خان کي پنهنجي
ماڻهن سان گڏ اچي اطاعت ڪرڻ لاءِ چيائين، پر غازي
خان ان جي پرواهه نه ڪئي. شاهه حسن پنهنجي لشڪر کي
تياري پڪڙڻ لاءِ چيو ۽ هڪ مهيني جو ان ۽ گاهه ساڻ
کڻڻ جو حڪم ڏنو. قلعي ڀرسان اچي سنبل خان ۽
خاصخيلي سوارن کي مورچا ورهائي ڏنائين، جيڪي هڪ
مهيني تائين قلعي جو گهيراءُ ڪيون ويٺا رهيا، جنهن
جي ڪري قلعي وارا بک مرڻ لڳا ۽ چمڙو به چاڙهڻ لاءِ
نه ملين. ان وچ ۾ سنبل خان قلعي کي ٻن هنڌان کاٽ
هنيو ۽ ڀت ڀڃي ڪري لشڪر اندر داخل ڪيو، جنهن جي
ڪري هر طرف باهه مچي وئي ۽ قلعي وارا رت ۾ رنڱجي
ويا. ڪيترائي ماڻهو قيد به ڪيا ويا. مرزا شاهه حسن
خزاني جي ڳولها جو حڪم ڏنو. سپاهين جلدي خزانو هٿ
ڪري شاهه حسن جي خدمت ۾ آندو. ٻئي ڏينهن صبح جو
اهو خزانو سپاهين ۾ ورهايو ويو ۽ باقي بچيل قلعي ۾
محفوظ ڪيو ويو. شاهه حسن اتان بکر آيو ۽ خوشي ۾
وڏو جشن ملهايائين.
ملتان جي فتح:
هوڏانهن سلطان محمود لانگاهه جي موت کان پوءِ ملتان جو حڪومتي
ڪار وهنوار ڊانواڊول ٿي چڪو هو، هر ڪو پنهنجي منهن
سان هڪٻئي کي ڪيرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. الڙ جوان
سلطان حسين لانگاهه، شيخ شاهه شجاع ۽ عورتن جي هٿن
۾ کيڏي رهيو هو. عوام مان حڪومت جو روب ختم ٿي چڪو
هو ۽ بک، بدامني ۽ ظلم ۽ زيادتي وڌي ويئي هئي،
هاڻي امن پسند ماڻهو اهڙي شخص جي انتظار ۾ هئا
جيڪو انهن حالتن کي اچي سڌاري پوءِ کڻي ڌاريو ئي
ڇو نه هجي! لنگر خان، شاهه حسن جي خدمت ۾ اچي حاضر
ٿيو ۽ ملتان جو سڄو حال بيان ڪري ڪاهه ڪرڻ جو
مشورو ڏنائينس.
26 ــ 1525ع تي مرزا شاهه حسن آخر ملتان جي تياري ڪري اڳ ۾
مسڪين ترخان کي روانو ڪيو. لانگآهن کي شاهه حسن جي
اچڻ جي خبر پئي ته شيخ اسماعيل قريشي کي ٺاهه لاءِ
موڪليائون، مرزا شاهه حسن شيخ اسماعيل جي وڏي خدمت
چاڪري ڪئي پر صلح جون ڳالهيون ناڪام ويون ۽ مرزا
شاهه حسن ملتان ڏانهن وڌندو ويو. جڏهن ملتان وارن
شيخ اسماعيل جي موٽڻ جو ٻڌو ته سڀئي خوف ۾ وٺجي
ڪري قلعي اندر ويهي رهيا. لنگر خان ڳوٺ ڀٽي کلوان
تي حملو ڪري مال ۽ اناج مرزا وٽ کڻي آيو ۽ سڄي
لشڪر ملتان جي قلعي کي گهيرو ڪري ورتو. ملتان جي
حاڪم پنهنجو ڀاءُ شيخ شجاع بخاري سان موڪلي اطاعت
۽ فرمانبرداريءَ جي درخواست ڪئي. شاهه حسن چيس ته
هو قلعي کان ٻاهر اچي اسان جي اطاعت قبول ڪري جيئن
اسان کي پنهنجن مهربانين سان نوازي قلعو ان جي
حوالي ڪريون. هن ان پيغام کي ٿڏي ڪري لانگآهن کي
حملو ڪرڻ لاءِ چيو، جن اوچتو قلعي مان نڪري اچي
حملو ڪيو ۽ شاهه حسن جا ڪيترائي سپاهي ڪيري وڌا،
مرزا شاهه حسن کي ان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ قلعي جي
اوڀر واري دروازي ”شمس“ تي لشڪر وٺي وڃي ويهي رهيو
۽ قلعي وارن جو داڻو پاڻي بند ڪري ڇڏيائين.
طويل گهيري ڪري ماڻهو بک مرڻ لڳا ۽ ڪتو، ٻلي به پئي چاڙهي
کاڌائون. ماڻهو لانگآهن کي ڏينهن رات پٽڻ لڳا.
ڇاڪاڻ ته جاڙي ماڇي جنهن کي شيخ شجاع ٽن هزارن
سپاهين سان گڏ قلعي جي نگرانيءَ لاءِ رکيو هو، ان
گهرن ۾ گهڙي ماڻهن جو بچيل ان به ڦري ورتو.
سال جي گهيري کان پوءِ 11 ربيع الثاني 933 هه (1527ع) تي
ارغونن قلعي تي زبردست حملو ڪيو ۽ لوهاري دروازو
ڀڃي ڪري اندر گهڙيا. ان کان پوءِ ارغونن هٿان
ملتان جو جيڪو حشر ٿيو ان کي بيان ڪندي تاريخ
طاهري جو مؤلف طاهر محمد نسياني لکي ٿو ته ”ارغون
ملتان تي قيامت وانگر ڪڙڪيا، غريب، امير سڀ انهن
جي هٿان ماريا ۽ لٽيا ويا. پيءُ پٽ ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي
پاڇي کان بيزار هو ۽ پنهنجي جان بچائڻ به مشڪل
هئي. انهن عورتن جن جو چهرو ٻاهرين ڀتين ۽ آواز
ڌارين ڪنن نه ٻڌو هو. کي قيد ڪيو ويو، شهري توڙي
سپاهين سڀني کي زنجيرن ۾ ٽنگيو ويو.“
تاريخ معصومي ۾ آهي ته ستن سالن کان وٺي ستر سالن جي پوڙهن کي
به ٻڌو ويو. ارغونن خانقآهن ۾ پناهه وٺندڙن کي به
نه ڇڏيو ۽ لانگهآهن ۽ ملتانين جو پورو نسل ختم ڪري
ڇڏيو. مرزا شاهه حسن کي جڏهن ملتان جا موتي، هيرا
۽ ٻيو خزانو هٿ آيو تڏهن تلوار کي روڪيائين ۽ بچيل
ماڻهن کي پنهنجي پيارن کي پورڻ جي اجازت ڏنائين.
ان کان پوءِ شيخ بهاءُ الدين، سلطان محمود لانگهاهه جي پٽ ۽
ڌيءَ کي شاهه حسن جي خدمت ۾ پيش ڪيائين ۽ شاهه حسن
انهن کي مسڪين خان ترخان جي هٿ ۾ ڏنو. مسڪين خان
ڇوڪريءَ سان ته شادي ڪئي باقي ڇوڪر کي پنهنجو پٽ
بڻايائين.
پوءِ مرزا ملتان ۾ ٻه مهينا آرام ڪري اتي جي حڪومت دوست مير
اخور ۽ خواجا شمس الدين ماموئي جي حوالي ڪري پاڻ
بکر موٽي آيو. سلطان محمود خان به فاضل ڪوڪلتاش کي
وري بکر صوبي جي گورنري سونپيائين، جنهن جون حدون
سيوهڻ کان وٺي ملتان تائين ۽ سيوي ۽ گنجاوا تائين
هيون. دوست مير اخور، خواجا شمس الدين ۽ لنگر هڪ
سال تائين ملتان ۾ رهيا پر پوءِ لنگر خان الڳ ٿي
وڃي بابر سان مليو. اها خبر ملندي ئي شاهه حسن هڪ
خط بابر ڏي اماڻيو ۽ ملتان سندس حوالي ڪيائين،
جنهن تي بابر مرزا ڪامران کي رکيو. ملتان مان دوست
مير اخور ۽ خواجا شمس بکر هليا آيا.
راءِ کنگهار جو اٽڪڻ:
مرزا شاهه حسن بکر ۾ ئي هو ته ٺٽي جي سردارن طرفان هڪ عرضي پهتس
ته ڪڇ جو راجا کنگهار ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ چاهي ٿو. ان
مهل ئي لشڪر وٺي ٺٽي اچي نڪتو، جتي راجا کنگهار
جو ايلچي هي پيغام کڻي آيو ته توهان منهنجي ڀاءُ
آمر آمراني کي ماريو آهي ۽ ان جي بدلي لاءِ ماڻهو
منهنجي چوڌاري گڏ ٿي رهيا آهن، حملو ته اڳ ۾ ئي
ڪريان ها پر توهان جي ملتان وڃڻ ڪري گهرڀاتين مٿان
اهڙي چڙهائي مناسب نه هئي. هاڻي به ٺاهه ٿي سگهي
ٿو، جيڪڏن سنڌ جو ڪجهه حصو اسان کي ڏيو نه ته پوءِ
جنگ لاءِ تيار رهو. مرزا شاهه حسن جواب موڪليس ته
اسان جنگ کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه نٿا ڄاڻون، جنهن
ميدان کي تنهنجي ڀاءُ سان رنڱيو هو اڃا اهو وڌيڪ
رنڱ گهري ٿو. ان کان اڳ جو تون هيڏانهن اچين. مان
تو وٽ پهچان ٿو.
ان کان پوءِ شاهه حسن ڪجهه ماڻهو پنهنجي ٻارن جي حفاظت لاءِ ڇڏي
ڪڇ تي وڃي ڪڙڪيو، دشمن جي فوج جون شاهه حسن طرفان
سلطان محمود ۽ مرزا فرخ وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽
انهن ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيو، ارغونن ڳوٺن کي رت ۾
رنڱي ڇڏيو ۽ ڪيترائي اٺ، گهوڙا ۽ ٻيو سامان هٿ
ڪيو.
شاهه حسن جو پٽن تي حملو:
36 ــ 1535ع ۾ همايون چتور تي حملي جو ارادو ڪيو ته چتور جي
راجا جي ڀر کڻي گجرات جي حاڪم محمود گجراتي هڪ خط
همايون بادشاهه ڏانهن لکيو. خط جي تيز جملن تي
همايون ڳاڙهو ٿي ويو ۽ انهيءَ مهل ئي لشڪر وٺي اچي
گجرات نڪتو. محمود گجراتي کي خبر پئي ته وڃي قلعي
۾ گهڙي ويهي رهيو.
ان ڪاهه دوران همايون شاهه حسن کي خط لکي جلدي پنهنجي وفاداريءَ
جو ثبوت ڏيندي پٽن شهر پهچڻ جو چيو. مرزا حسن حڪم
ملندي ئي لشڪر سان گڏ نصرپور مان نڪري راڌنپور کان
ٿيندو پٽن پهتو. خضر خان جيڪو محمود گجراتي طرفان
پٽن جو گورنر هو وڃي قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو.
مرزا شاهه حسن سان گڏ سندس وزير سلطان محمود خان
به ڳوٺ ڦريندو اچي سندس ڀرسان پهتو. اتان جان علي
پيش قراق کي مرزا شاهه حسن ڏانهن حال احوال ڏيڻ
لاءِ موڪليائين ۽ جيئند جوڻيجي کي خضر خان ڏانهن
ان پيغام سان روانو ڪيائين ته شاهه حسن وڏو ڪٽڪ
وٺي آيو آهي، جنهن سان مقابلو ڪرڻ تنهنجي وس جي
ڳالهه ناهي. ان ڪري هٺ ڇڏي ڪري شاهه حسن جي خدمت ۾
حاضر ٿي ڪري قلعو ان جي حوالي ڪر ۽ ۽ تون پنهنجي
ٻارن ٻچن سوڌي جيڏانهن وڃڻ چاهين هليو وڃ. خضر خان
اهو پيغام ٻڌي جواب ڏنو ته اڄ سلطان بهادر ڪرنال ۾
ويٺو آهي، مان ان جي اجازت کانسواءِ قلعو ڪيئن ڇڏي
سگهان ٿو. قاصد وري خضر خان جي ماءُ ڏانهن ويو ۽
سمجهائيندي چيائينس ته جيڪڏهن هڪ لک مرزا شاهه حسن
۽ ٽيهه هزار سلطان محمود کي ڏنا وڃڻ ته انهن کي
هتان واپس وڃڻ تي راضي ڪري سگهون ٿا. خضر خان جي
ماءُ اها رقم پنهنجي ماڻهن ذريعي شاهه حسن جي خدمت
۾ موڪلي ۽ شاهه حسن اها وصول ڪري هڪ چٺي عبدالقدوس
ذريعي همايون بادشاهه ڏانهن پنهنجي اچڻ جي موڪلي ۽
پاڻ پندرهن ڏينهن تائين پتن جي پس گردائي ۾ ٽڪيو
پيو رهيو. انهيءَ عرصي ۾ سلطان محمود، خان بکري
محمود آباد تائين حملا ڪندو گجراتين کان خوب مال
متاع ڦريائين.
انهيءَ دوران مير فرخ شاهه حسن کي عرض ڪيو ته ”جيڪڏهن همايون
بادشاهه اوهان کي پنهنجي ڇانوڻيءَ ۾اچي رهڻ جو
حڪم ڏنو ۽ اوهان کي اهو ضرور ڪرڻو به پوندو ته
پوءِ توهان جا ارغون سپاهي همايون بادشاهه جي
عملدارن جو قيمتي سامان ۽ بادشاهه جيڪو گجرات جو
خزانو پنهنجي سپاهين کي انعام طور ڏيندو، اهو ڏسي
هرڪي پوندا ۽ حضور کي ڇڏي وڃي همايون بادشاهه جي
لشڪر ۾ شامل ٿيندا پوءِ توهان اڪيلا رهجي ويندا،
تنهن ڪري چڱو اهو آهي ته هتان ئي ڪو بهانو ڪري سنڌ
موٽي هلون. شاهه حسن کي اها ڳالهه دل سان لڳي ۽
وزيرن کي به وڻي. سو مرزا قاسم بيگلار جي هٿ هڪ خط
همايون کي موڪليو ته ”مان شاهي حڪم جي پورائي لاءِ
سڄو لشڪر هتي وٺي آيو آهيان. پويان خبر پئي آهي ته
ٺٽي ۾ بکر جا ڪلماتي. جتوئي ۽ ٻيا سردار لشڪر گڏ
ڪري ڦرلٽ مچائي ڏني اٿئون، تنهنڪري مان انهن جو
بلو ڪرڻ لاءِ واپس وڃان ٿو.“
ان کان پوءِ شاهه حسن 35 ــ 1534ع ۾ همايون جي احمد آباد پهچڻ
کان ويهه ڏينهن اڳ راڌنپور جي رستي کان ٺٽي موٽيو
۽ واٽ تي ايندڙ جاڙيجن ۽ سوڍن کي سيکت ڏيندو آيو.
همايون بادشاهه جو سنڌ اچڻ:
36 ــ 1535ع ۾ مرزا شاهه حسن ٺٽي پهچڻ کان پوءِ مير عليڪا ارغون
کي همايون بادشاهه جي خدمت ۾ گجرات ۽ بنگال جي فتح
جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ موڪليائين. مير عليڪا اتي پهتو
ته بادشاهه جي بي ڌياني ۽ اميرن وزيرن جي غرور ۽
وڏائي ڪري جلد بادشاهه جي اجازت بنا ٺٽي موٽي آيو
۽ شاهه حسن کي ٻڌايائين ته بادشاهه ۽ سندس اميرن
جي اهڙي ورتاءُ ڪري مبارڪ ڏيڻ کان پوءِ بنا اجازت
جي هليو آيس، منهنجي خيال ۾ اهو غرور ۽ تڪبر انهن
کي جلد ختم ڪرڻ وارو آهي.
ڪجهه ڏينهن ئي گذريا ته همايون جي شير شاهه سوري کان شڪست جي
خبر اچي پهتي. سڀ خبر عليڪا جي فهم ۽ فراست جي
ساراهه ڪرڻ لڳا. مرزا شاهه بيگ پنهنجي اميرن وزيرن
سان صلاح ڪري فيصلو ڪيو، جيئن ته همايون کان سندس
ڀائر مرزا ڪامران ۽ مرزا عسڪري ڦري ويا، تنهن ڪري
هن لاءِ سنڌ اچڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي بچيو. هاڻي
ضروري آهي ته اُچ ۽ بکر تائين وارا دريائي ڪپ فصل
ڀيڙي ويران ڪجن. جيئن ئي همايون جي اچڻ جي خبر
پئي، شاهه حسن ٻٻرلو ۾ چار باغ واري جاءِ کي جنهن
۾ هر قسم جي جنگي سهوليت هئي، ۽ بکر کان وٺي
سيوستان تائين سڀ ڳوٺ ويران ڪرائي ڇڏيا، جيئن
همايون بادشاهه هتان بک اُڃ مري موٽي وڃي. تاريخ
طاهري جي ليکڪ ان وقت سنڌ جي بدحاليءَ جو نقشو هن
طرح پيش ڪري ٿو ته ”شاهه حسن جي حڪم تي بکر جي
گورنر سلطان محمود بکري سڄو علائقو اجاڙي ڇڏيو ۽
جيڪڏهن ڪو ڪڙمي فصل پوکيندو هو ته ان جي کل لهرائي
ان ۾ بهه ڀرائي ڇڏيندو هو. سواءِ گاهه ۽ پاڻيءَ جي
ڪجهه به نه بچو هو ۽ ماڻهو ماني لاءِ سڪندا هئا“
اڳتي هلي هو لکي ٿو.
سنڌ ملڪ ۾ اهڙي ويراني ڦهلي هئي جو جتي ڪويلن جي ڳائڻ جو آواز
ايندو هو، اتي چٻرا چيخون ڪري رهيا هئا. هر طرف
بدامني ۽ جهيڙا جهڳڙا هئا. شاهه حسن زميندارن کي
فصل ڀيلڻ ۽ عمارتون ڊاهڻ جي لاءِ چيو جيئن ٻاهران
هتي پير نه کوڙي سگهن. ان طرح اهڙو عجيب ڏڪر پئجي
ويو جو روپئي وارو اَن حاصل ڪري وٺي پيو ۽ غريب
اوچتو موت جي منهن ۾ هلي وڃي پيو. (تاريخ طاهري. ص
77)
همايون شير شاهه کان هار کائي لاهور آييو ۽ شير شاهه به پويان
ڪڍ لڳو آيس. پنهنجي ڀائرن جي بي حيائي ڏسي همايون
1540ع ۾لشڪر سان گڏ اچي اُچ پهتو تڏهن ويجهو رهندڙ
وڏيري بخشو لانگاهه ڏانهن محمد بڪاول ۽ ڪچڪ بيگ
وسيلي هڪ قيمتي لباس موڪليائين، کيس نغارو ۽ ”خان
جهان“ جو خطاب به ڏنائينس. بخشو لانگاهه اناج سان
ڀريل ٻيڙيون ته موڪليون پر پاڻ خدمت ۾ حاضر نه
ٿيو. 1541 ۾ همايون روهڙيءَ ۾ پهتو.
|