باب چوڏهون
سنڌ تي سومرن جي حڪومت
700 هه (1 ــ 1300ع) 843 هه (40 ــ 1439ع)
سنڌ ۾ جن ٻن خودمختيار ديسي قبيلن حڪومت ڪئي اهي سومرزا ۽ سما
آهن، غزنوين جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ جنهن
هتان جي حڪومت هٿ ۾ ورتي اهي سومرزا آهن. سلطان
محمد شاهه جي دؤر ۾ سمن به قبضو ڄمايو ۽ حڪومت
ڪئي.
مٿين ٻنهي قومن جي باري ۾ مؤرخ ۽ محقق ٻڏتر جو شڪار آهن ۽ انهن
جي مذهب ۽ اصليت جي باري ۾ ڪا آخري راءِ قائم نه
ڪري سگهيا آهن.
سنڌ جي ناليواري مؤرخ مير معصوم تاريخ معصومي ۾ لکيو آهي ته
سلطان محمود غازي ملتان ۽ سنڌ فتح ڪري اتي پنهنجا
عامل مقرر ڪيا پر جڏهن سلطان جي وفات کان پوءِ
گادي تي سندس اولاد ويٺي ۽ تاج عبدالرشيد بن سلطان
مسعود (44 ـ 441هه) جي هٿن ۾ پهتو ته هن جي عيش
عشرت ۽ آرام طلبي ڪري سرحدي علائقن وارا ماڻهو
خودمختيار بڻجي ويهي رهيا.
انهيءَ زماني ۾ سومرزا قوم ٿري شهر ڀرسان گڏ ٿي ۽ سومره نالي هڪ
همرزاهه کي پنهنجو سردار ڪري آزاد رياست قائم ڪئي
۽ انهيءَ سردار سومره ڀرسان رهندڙ هڪ زميندار صاد
(سعد) جي نينگري سان نڪاح ڪيو، جنهن مان کيس هڪ پٽ
ڀونگر ڄائو.
ان کان پوءِ مير معصوم سومره جي اولاد ۽ ان جي پيڙهي بابت ٻڌايو
آهي جنهن ۾ گهڻا عربي ۽ هندي نالا آهن.
مير معصوم کان پوءِ سنڌ جي هڪ ٻي مؤرخ طاهر نيساني پنهنجي ڪتاب
”تاريخ طاهري“ ۾ عمر سومري ۽ ماروي جي عشقيه
داستان ۾ لکي ٿو ته سومرزا اصل هندو هئا ۽ 1 ــ
1300ع کان 40 ــ 1339ع تائين حڪومت ڪيائون، سندن
گادي جو هنڌ محمد طور هو.
سنڌ جي ٽين مؤرخ امير سيد قاسم خان بن سيد قاسم ترفدي پنهنجي
ڪتاب ”بيگلار نامي“ ۾ لکي ٿو.
سنڌ جي فتح کان پوءِ عرب جي هڪ قبيلي تميم حڪومت ڪئي، تميمي
عربن کان پوءِ سومرن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ پنج سؤ
ورهين تائين ديرو ڄمايون ويٺا رهيا. سندن گاديءَ
جو هنڌ مهاتم پور هو.
عجيب ڳالهه ته اها آهي جو جيئن سندن قوم جي ماڻهن جا نالا عربي
۽ هندي ۾ آهن، ائين انهن جي گاديءَ جي هنڌ جو نالو
به عربي ۽ هندي ۾ آهي. ڪٿي سندن تخت جو نالو محمد
تور ۽ ڪٿي مهاتم پور ملي ٿو.
سنڌ جي چوٿين تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي مشهور
ڪتاب ”تحفته الڪرام“ ۾ محمد يوسف جي ڪتاب منتخب
التواريخ مان حوالو ڏيندي لکي ٿو:
”جڏهن (غزنوي خاندان جي بادشاهه) سلطان عبدالرشيد بن سلطان گادي
تي ويٺو ته سنڌ جي ماڻهن سندس ڪمزوري جو فائدو
وٺندي (445هه) 1053ع ۾ سومرن ٿري ۾ گڏ ٿي سومره
نالي سردار کي پنهنجو بادشاهه بڻايو. ان جو هڪ پٽ
ڀونگر زميندار صاد جي ڌيءَ مان ڄائو. ڀونگر پنج
ورهيه حڪومت ڪري 461 هه ۾ مري ويو.“
ان باري ۾ تحفة الڪرام جو ليکڪ پاڻ لکي ٿو:
سومره قوم سامره جي عربن مان نڪتي آهي ۽ اهي عربن جي تميم قبيلي
سان گڏ سنڌ ۾ آيا ۽ هتي ئي رهي پيا. ڪافي عرصي
کان پوءِ ”سامره“ مان هڪ نئين قوم ”سومرزا“ جو
وجود پيو. يورپي مؤرخن سومرن کي نو مسلم راجپوت
لکيو آهي، پر ان جي ثبوت ۾ ڪوئي مضبوط دليل پيش نه
ڪري سگهيا آهن.
مولانا عبدالحليم شرر پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ جي پهرين ڀاڱي ۾
سومرن جي باري ۾ هڪ نئين ڳالهه لکي آهي ته هو نو
مسلم يهودي آهن. مولانا صاحب کي شايد اهو خيال ان
ڪري هجي جو يهودين جي هڪ فرقي جو نالو ”سامري“ هو،
جيڪي شام جي ڪوه شمرون سان منسوب هئا. پر صرف نالي
جي هڪجهڙائي حقيقت ڏانهن نٿي وٺي وڃي سگهي.
ڪن ليکڪن سومرن کي سامره (سرمن راءِ) جو عرب رهاڪو سمجهيو،
جيڪي سنڌ جي والي تميم سان گڏ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا.
اها ڳالهه به حقيقت کان عاري آهي، ڇو ته تميم عهد بنو اميه 111
هه ۾ سنڌ جو گورنر ٿي آيو ۽ سامره شهر عباسي خليفي
معتصم باالله آباد ڪيو هو.
سومرن جو مذهب:
”عرب اور هند ڪي تعلقات“ ۾ سيد سليمان ندوي سومرن جي مذهب متعلق
لکي ٿو جنهن جو تت هي آهي ته سومرزا شروع ۾
اسماعيلي هئا، ان حوالي سان سڀ کان اهم شيءِ
دروزوين جي پاڪ ڪتاب جو هڪ ٽڪرو آهي. مصر جي
اسماعيلي خليفي الحاڪم بامر الله (386 هه ــ
411هه) مصر ۽ شام ۾ پنهنجو هڪ خاص فرقو دروزي پيدا
ڪيو، جيڪو اڄ به شام ۾ ۽ لبان ۾ آباد آهي. سندن
پاڪ ڪتاب جي اها تحرير هڪ خط آهي، جيڪا دروزين جي
امام ملان ۽ هندستان جي موحدن ڏانهن ۽ خاص طور تي
شيخ ابن سومره راجا بل ڏانهن لکيو هو، جنهن جا
ڪجهه جملا هي آهن:
”اي عزت ورا راجا پنهنجي خاندان کي جاڳاءِ، موحدن ۽ داؤد اصغر
کي پنهنجي سچي دين ۾ واپس آڻ، مسعود تازو ئي ان کي
قيد مان آزاد ڪيو آهي، اهو ان ڪري جيئن تون اهو
فرض پورو ڪري سگهين، جو تو کي ان جي ڀاڻيجي
عبدالله ۽ ملتان جي سڀني ماڻهن جي برخلاف انجام
ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جيئن تقديس ۽ توحيد
پرست، جهالت، ضد، سرڪشي ۽ بغاوت واري جماعت کان
ممتاز ٿي وڃڻ.“
ان خط ۾ دروزين جي امام، ملتان وارن ۽ هندستان جي هم مذهب
اسماعيلين ۽ سومرن کي جوش ڏياري اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، جيئن ملتان ۽ سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت ٻيهر قائم
ٿئي. ان خط مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا.
سومر سنڌ جو اصلوڪو رهاڪو هو، ان کان پوءِ جيڪي سومرو خاندان جا
باني ٿيا سي اسماعيلي هئا.
ملتان جو حاڪم ابو الفتح داؤد سومرو وانگر اسماعيلي مذهب جو
پوئلڳ هو.
انهن جا نالا هندڪا ۽ عربي قسم جا ڏسي ڪري اندازو ٿئي ٿو ته ان
خاندان ۾ عرب ۽ هند جو ميلاپ هو.
سومر شايد سنڌ جي اسماعيلين جو شيخ ۽ امام هو، ڇاڪاڻ ته
اسماعيلي پنهنجي مذهبي سردارن لاءِ شيخ جو لفظ ڪتب
آڻيندا هئا.
عبدالله ۽ ابو الفتح، داؤد اڪبر جو ڏوهٽو ۽ داؤد اصغر جو ڀاڻيجو
هو، جنهن کي ملتان وارن پنهنجو امير بڻائڻ چاهيو
هو.
ان خط جي ڪاتب جو مقصد هي هو ته ابن سومر راجا بل کي سلطان
مسعود، عبدالله ۽ ملتان وارن جي خلاف پنهنجي قبيلي
کي جنگ لاءِ اڀاري ۽ قرمطي اسماعيلين جي جيڪا طاقت
ختم ٿي چُڪي آهي، ان کي ٻيهر زور وٺرائي، تنهن ڪري
ملتان ۾ ان جي گهڻائي ڀيرا ڪوشش ڪئي ويئي پر
لاڀائتي نه وئي.
ان خط مان اها به خبر پئي ٿي ته سومره ڪوئي زور وارو انسان نه
هو، جڏهن هن جو پٽ سلطان مسعود جو هم عصر ٿيو ته
پوءِ پاڻ ضرور سلطان مسعود جي ويجهو هوندو.
انهن سومرن ان خط جي ويهن سالن کان پوءِ سلطان عبدالرشيد (وفات
444هه) جي ڪمزور حڪومت جي ڏينهن ۾ غزنوين کي ٿڏي
سنڌ تي قبضو ڪري ورتو ۽ سومره نالي شخص کي پنهنجو
سردار بڻايو ۽ انهيءَ شخص کان سنڌ ۾ سومرو خاندان
جي حڪومت جو مستقل بنياد پيو.
انهن شاهدين ۽ حقيقتن مان ثابت ٿئي ٿو ته سومرزا نه هندو هئا نه
راجپوت پر اهي عرب هئا، جيڪي هندستان ۾ آباد ٿي
ويا هئا ۽ پشت در پشت هتان جا رهاڪو ڳڻيا ٿي ويا.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تاريخ طاهري جي وضاحتن ۾ سومرن جي مذهب ۽
حڪومت جي عرصي تي تبصرو ڪندي لکي ٿو.
تاريخ طاهري جي ليکڪ جو بيان آهي ته ستين، اٺين صدي عيسوي ۽
ٽيتاليهه سالن تائين سومرن حڪومت ڪئي جيڪي هندو
مذهب جا هئا. سنڌ جي حڪمرزانن متعلق ان جون ڪجهه
روايتون ڪمزور ۽ غير حقيقي آهن، جيڪي قصن ۽ ڪهاڻين
تي ٻڌل آهن. اسان جو خيال آهي ته سومره قبيلو ٻين
قبيلن وانگر اصل هندو مذهب جا هئا، جيستائين محمد
بن قاسم 93 هه ۾ سنڌ آيو ۽ اسلام سنڌ جي سڀني شهرن
۾ پکڙيو ۽ سما، سهتا ۽ لوهاڻا عرب حڪمرزانن جي اثر
ڪري چوٿين صدي هجريءَ تائين اسلام جي دائري ۾ داخل
ٿي ويا. سومره پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ کان گهڻو اڳ
اسلام قبول ڪري چُڪا هئا ۽ انهن پنهنجي حڪومت جي
دؤر ۾ شاهان اسلام جا لقب اختيار ڪيا. مثال طور
عصام الدين ڀونگر، سنان الدين چنيسر وغيره، تنهن
ڪري تاريخ طاهري جو سومره قبيلي کي هندو سڏڻ صحيح
ناهي.
اهڙيءَ طرح تاريخ طاهري ۾ سومرن جي هڪ سؤ ٽيتاليهه سال حڪومت
ڪرڻ به شڪ کان خالي ناهي. سومرن چوٿين صدي جي وچ ۾
سياسي اقتدار عربن جي گادي جي هنڌ منصوره تي قبضو
ڪري ورتو. 416 هه ۾ جڏهن محمود غزنوي سومناٿ فتح
ڪري سنڌ آيو ته هتان جو حاڪم خفيف سومرو هو. اهو
نالو اڄ به سومرن ۾ عام آهي. سومرن آهستي آهستي
پنهنجو ڌاڪو ڄمائي پهريان هيٺين علائقي ۽ پوءِ سڄي
سنڌ کي پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو.
مير معصوم سومرن جو شروعاتي دؤر سلطان عبدالرشيد (441 ــ 444هه)
وارو قرار ڏنو آهي، جڏهن انهن ٿري شهر ۾ گڏ ٿي
سومره نالي شخص کي پنهنجو سردار ڪيو. اهڙي طرح
اسان سومرن جو زمانو پنجين صدي جي وچ کان وٺي اٺين
صدي هجري جي چوٿين ڏهاڪي تائين چئي سگهون ٿا.
سومرن جي زوال جو سبب دهلي جي بادشاهن جو اثر ۽
سمن جو اڀرڻ آهي، محمد تغلق جي دؤر ۾ اتر سنڌ، سنڌ
کان جدا ٿي دهلي جي اثر هيٺ ٿي ويو ۽ 734 هه ۾
ملڪ رتن دهلي طرفان سيوستان جو عامل هو ۽ انهيءَ
سال هو قيصر رومي ۽ ۽ ڄام انڙ سمي طرفان مارجي
ويو. هي ٻئي ان وقت دهلي جي بادشاهه جي خدمت ۾
هئا. ان واقعي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ابن بطوطا
سيوهڻ پهتو. هن جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ ٻڌو ان جو ذڪر
پنهنجي سفر نامي ۾ ڪيو اٿائين.
752 هه (52 ــ 1351ع) سلطان محمد تغلق باغي طغي جو پيڇو ڪندي
گجرات کان ٺٽو، هيٺائين سنڌ تائين يلغار ڪندو آيو،
طغي کي سومرن پنهنجي پناهه ۾ رکيو هو. تاريخ فيروز
شاهي ۾ ضياءُ الدين برني سومرن سان گڏ سمن جو ذڪر
به ڪيو آهي. ان جو مطلب آهي ٻئي قبيلا طعني جا
وفادار هئا، ۽ سما به ان وقت سومرن کان طاقت ۾ گهٽ
نه هئا ۽ سومرن جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ انهن ئي ٺٽي
۽ سيوستان ۾ اقتدار ماڻيو. 752 هه کان پوءِ سومرن
جو آخري بادشاهه همير بن دودو هو، جيڪو دهلي جي
بادشاهن جي عاملن جو فرمانبردار هو. سلطان فيروز
شاهه (88 ــ 1351ع) طرفان ملتان تي مقرر ڪيل گورنر
عين الملڪ ماهرو جي خط مان ان دؤر جي حالتن تي
ڪجهه روشني پوي ٿي، جيڪو هن 1352ع يا 1365ع ۾
لکيو. هو لکي ٿو همير دودي جي حڪومت جيڪا مخالف
هوا جي زور ڪري اکڙي رهي هئي، هاڻي الله جي
مهربانيءَ سان ٻيهر پاڙون پختيون ڪري رهي آهي، پر
بابينا فساد جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي ۽ حضور کان
ڪنڌ نٽائي پيو ۽ مغلن جي پٺي ٺپي سنڌ ۾ انهن کي
آڻي رڻ ٻاري ڏنو اٿائين، تنهن ڪري ضروري آهي ته
اهڙي بڇڙي انسان جو انت آڻي همير دودي جي پٺڀرائي
ڪجي.
همير بن دودا کي عين الملڪ جي پٺ هوندي به سمن هڪڙي ئي ويڙهه ۾
مارائي قتل ڪري ڇڏيو ۽ 1365ع ۾ بابيني کي سردار
ڪري سنڌ تي قبضو ڪري ويٺا. هي بابينو ڄام انڙ سمي
جو پٽ هو جنهن 744 هه (34 ـ 1333ع) ۾ ملڪ رتن کي
سيوستان ۾ قتل ڪيو هو انهيءَ سال سلطان فيروز شاهه
دهلي کان اچي ٺٽي تي حملو ڪيو پر ڄام کي شڪست نه
ڏئي سگهيو ۽ ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ٿيو.
مٿين حقيقتن مان اندازو ٿئي ٿو ته سومرن جي حڪومت پنجين صدي
هجريءَ جي اڌ کان اٺين صدي هجري جي وچ تائين هئي.
تنهن ڪري انهن جي حڪومت تقريباً ساڍا ٽي سال رهي.
سومره:
سومرن جي باري ۾ تاريخي حقيقتون ڏاڍيون منجهيل آهن پر انهن کي
سمجهي ڪري اسان هيٺيون اندازو لڳائي سگهون ٿا ته:
جڏهن غزنوي سلطنت اندروني ويڙهه ڪري ڪمزور ٿي چُڪي هئي ۽ سلطان
عبدالرشيد جي عياشين ۽ آرام طلبي ڪري سرحدي علائقا
آزاد ٿي رهيا هئا ته 444هه ۾ سنڌ ۾ سومرن جي مستقل
حڪومت قائم ٿي ۽ ٿري ۾ گڏ ٿي انهن پنهنجو سردار
سومره کي بڻايو، جنهن وڏي طمطراق سان سنڌ تي حڪومت
ڪئي. ان سومري ڀر واري هڪ طاقتور سردار سعد جي
ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان هڪ پٽ ڀونگر ڄائو،
جيڪو سومره کان پوءِ گاديءَ تي ويٺو. سومري 1054ع
۾ وفات ڪئي.
جنت السنڌ جي مصنف جو بيان آهي ته سومره پهريون ماڻهو هو، جيڪو
اچ جي بزرگن جي هٿ تي اسماعيليت کان تائب ٿي سني
ٿيو.
ڀونگر:
سومري جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ڀونگر گادي تي ويٺو ۽ پندرهن
سال حڪومت ڪري 62 ــ 461هه (1068ع) ۾ وفات ڪيائين.
دودو:
ڀونگر جي وڃڻ کان پوءِ سندس پٽ دودي تخت سنڀاليو ۽ تقريباً
چوويهه سال حڪومت ڪئي ۽ نصر پور تائين جو علائقو
پنهنجي هٿ هيٺ ڪيائين. دودو 1092ع ۾ گذاري ويو. ان
وقت سندس هڪ ڌيءَ تارا ٻائي ۽ هڪ پٽ سنگهار هو.
سنگهار:
سنگهار جيئن ته ان وقت ننڍو هو تنهن ڪري حڪومت جون واڳون ڀيڻس
تارا ٻائي کي ڏنيون ويون پر جڏهن وڏو ٿيو ته حڪومت
هٿ ۾ ڪري پنهنجي سلطنت مڪران جي اولهه ۾ نانڪني
تائين وڌايائين ۽ باغين کي ماري مڃايائين.
سنگهار 1106ع تائين حڪومت ڪري بي اولاد مري ويو.
همون:
سنگهار کي اولاد نه هجڻ ڪري سندس زال همون ٻائي حڪومت جون
واڳون سنڀالي واهڪا کي پهنجو تختگاهه بڻايائين ۽
پنهنجي ٻنهي ڀائرن کي محمد طور ۽ ٿري کي ۾ مدد
لاءِ لکيائين، جن کي دودي جي ڀائرن ماري ڇڏيو.
(1)
ڦتو (فتح خان):
انهيءَ زماني ۾ دودي جي اولاد مان هڪ شخص ڦتو ماڻهن کي برغلائي
پنهنجو ڪيو ۽ همون ٻائي جو تختو اونڌو ڪري پاڻ ڪي
ئي سال حڪومت ڪيائين.
خيرو (کينئڙو):
ڦتو کان پوءِ خيرو (کينئڙو) حڪومت سنڀالي. خيرو نيڪ انسان هو ۽
ماڻهن جي ڀلائي لاءِ چڱا ڪم ڪيائين. سندس حڪومت
ڪجهه سال هئي.
ارميل:
خيري کان پوءِ ارميل (همير) حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ ڪيون
۽ ملڪ ۾ ظلم جو رڻ ٻاري ڏنائين، ماڻهو سندس ظلم
کان تنگ ٿي کيس قتل ڪرڻ جو رٿيو.
جيئن ته سومرن جي ويجهو سمو قبيلو به رهندو هو ۽ انهن جي پاڻ ۾
نه ٺهندي هئي. ارميل جي ظلمن ڪري سومرن ۽ سمن ۾
وڌيڪ ويڇا ٿي ويا. سمن پاڻ ۾ اتحاد ڪيو ۽ ڏينهون
ڏينهن طاقتور ٿيندا ويا، جنهن جي ڪري اقتدار
سومرن کان کسجي انهن جي هٿن ۾ اچي ويو. ”لب تاريخ
سنڌ“ ۾ آهي ته هڪڙي ڏينهن ڪنهن سومري ڪنهن سمي جي
گهر مان سندس غير موجودگيءَ ۾ ان جو پاڏو ڪاهي آيو
۽ ان کي ذبح ڪري ڪبابن سان پنهنجي شراب نوشيءَ جي
محفل کي رونق بخشيائين. پاڏي جو مالڪ جڏهن گهر آيو
ته سندس زال طعنو ڏيندي چيائينس ته سومرا هاڻي
ايڏا زوراور ٿي ويا آهن جو گهرن مان پاڏو به ڇوڙي
وڃڻ ٿا ۽ اوهان ڪجهه نٿا ڪيو، سڀاڻي پوءِ اسان کي
به کڻي ويندا! سمي کي ان تي ڏاڍي غيرت آئي ۽
پنهنجي ماڻهن کي ساڻ وٺي وڃي سومرن سردارن تي حملو
ڪري ٻٽن کي موت جي ننڊ سمهاري جهنگ ڏانهن منهن
ڪيائين. سومرا پويان ڪڍ لڳا پر کيس پڪڙي نه سگهيا.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سما پنهنجي سردار انڙ وٽ گڏ
ٿيا ۽ تياري ڪري سومرن مٿان حملو ڪيائون، جنهن ۾
سومرن جو سردار ارميل مارجي ويو ۽ ان جي سسي شهر
جي دروازي تي لٽڪائي ڇڏيائون.
سومرا دهلي سلطنت جي ماتحت حڪومت ڪندا هئا:
سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت سلطان عبدالرشيد (53 ــ 1052ع) جي دؤر ۾
قائم ٿي ۽ (52 ــ 1351ع) تائين اقتدار ۾ رهيا. ابن
بطوطا جي بيان مطابق هو دهلي جي حڪم هيٺ هوندا هئا
۽ انهن مٿان دهلي طرفان هڪ امير يا نگران مقرر هو.
ابن بطوطا پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو.
ٻن ڏينهن جي سفر کان پوءِ ٻيڙيءَ تي جناني پهتاسي، جيڪو سنڌو جي
ڪپ تي ڏاڍو سهڻو شهر آهي ۽ سندس بازارون وڻندڙ
آهن. هتان جي رهاڪن کي سامره چيو وڃي ٿو، سندن
وڏڙا حجاج جي دؤر ۾ اچي هتي رهيا، جيئن مؤرخن
لکيو.
شيخ رڪن الدين ابن شيخ شمس الدين بن شيخ بهاءُ الدين زڪريا
قريشي مون کي ٻڌايو ته انهن جا وڏڙا محمد بن قاسم
قرشي جي سنڌ فتح ڪرڻ ساڻ هئا، جن کي حجاج پنهنجي
حڪومت جي دور ۾ ان مقصد خاطر موڪليو هو.
سيوستان جي ذڪر ڪندي ابن بطوطا لکي ٿو ته،
هن شهر ۾ سامري امير ونار، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي ۽ قيصر
رومي رهن ٿا، هي ٻئي دهلي جا حاڪم مڃيندڙ آهن ۽
ٻنهي سان اٺارهن سؤ سوار آهن.هتي هڪڙو حسابن ڪتابن
جو ماهر رتن رهي ٿو، هو ڪن سردارن سان گڏ سلطان جي
درٻار ۾ ويو ۽ سندس خوبين ڪري سلطان (سنڌ جو راجا)
جو خطاب ڏئي وڏي مرتبي سان سنڌ موڪليو ۽ اها جاگير
سندس نالي ڪيائين. ونار ۽ قيصر کي هڪ هندو کي
سلطان طرفان ايڏو مرتبو ڏيڻ نه وڻيو ۽ کيس قتل ڪري
ڇڏيائونس. سڀني ماڻهن ونار کي ملڪ فيروز جو خطاب
ڏئي پنهنجو بادشاهه بڻايو پر ونار پنهنجي قبيلي
وارن ڏانهن هليو ۽ قيصر ڪرسي تي ويٺو. جڏهن ملتان
جي نائب کي سڌ پئي ته فوج موڪلي کيس سخت سزا
ڏنائين.
ابن بطوطا جي انهن مٿين حوالن مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا.
سومرن جا وڏڙا حجاج بن يوسف ثقفي جي زماني ۾ سنڌ ۾ اچي آباد
ٿيا.
جيڪڏهن اهو محمد بن قاسم قرشي، فاتح سنڌ محمد بن قاسم ثقفي هجي
۽ اهو ثابت به ٿئي ته پوءِ سومرن جو نسب وڃي ابن
قاسم سان ملندو.
سومرزا مذهبي حوالي سان هندو نه هئا ۽ نه هندن جا تابعدار رهڻ
پسند ڪندا هئا.
سنڌ دهلي جي ماتحت ان طرح هئي جو انهن جو هڪ ماڻهو نگران طور
هتي رهندو هو.
سنڌ ملتان جي ماتحت هئي ۽ ملتان دهلي جي
ڊاڪٽر دائود پوٽي هڪ قياسي فهرست جوڙي آهي، جنهن
کي اسان تاريخ معصومي جي وضاحتن ۽ حوالن سان ۽
وفات جي سنن سان هيٺ ڏيون ٿا:
تاريخ معصومي |
تحفة الڪرام |
دولت علويہ |
1. سومرو
|
1. سومرو (445هه ــ 446هه) |
1. سومرو (وفات 448هه) |
2. ڀونگر |
2. ڀونگر (وفات 461هه) |
2. عصام الدين ڀونگر (وفات 466هه) |
3. دودو |
3. دودو (وفات 485هه) |
3. عصام الدولا دودو (481هه ۾ خلوت اختيار ڪيائين) |
4. تاري |
4. سنگهار (وفات 500هه) |
4. زينب تاري (491هه ۾ تخت ڇڏيائين) |
5 سنگهار |
5. خفيف (وفات 536 هه) |
5. شهاب الدين سنگهار(وفات 503هه) |
6. هيمون |
6. عمر (وفات 576هه) |
6. فخرالملڪ همون جو ڀاءَ جنهن هڪ سال حڪومت ڪئي.
|
7. ڦتو |
7. دودو (وفات 590هه) |
7. سراج الدين فتح خان (ڦتو) (وفات 511هه) |
8. خيرو |
8. ڦتو (وفات 623هه) |
8. عماد الدين خفيف (وفات 536هه) |
9. ارميل |
9. کينئڙو (وفات 639هه) |
9. جلال الدين عمر (وفات 556هه) |
|
10. محمد طور(وفات 654هه) |
10. صلاح الدين هجو(وفات 570هه) |
|
11. کينئڙو (وفات 665هه) |
11. غياث الدين داؤد (وفات 600هه) |
|
12. طائي (وفات 682هه) |
12. علاءُ الدين خيرو(کينئڙو) (وفات 619هه) |
|
13. چنيسر(وفات 700هه) |
13. سيف الدين طائي (وفات 638هه) |
|
14. ڀونگر (وفات 715هه) |
14. شمس الدين ڀونگر (678هه) |
|
15. خفيف(وفات 733هه) |
15. ڪمال الدين چنيسر (جنهن کان 696هه ۾ ڪرسي کسي وئي)
|
|
16. دودو(وفات 708هه) |
16. اسد الملت دودو (وفات 700هه) |
|
17. عمر(وفات 793هه) |
17. ظهير الدين ڀونگر(وفات 740هه) |
|
18. ڀونگر(وفات 803هه) |
18. فخرالدين عمر(جنهن 750 هه ۾ خلوت اختيار ڪئي) |
|
19. همير (جنهن کي سمن تخت تان لاهي ڇڏيو) |
19. قمرزالدين طاهر(813هه) |
|
|
20. معين الدين ارميل (وفات 822هه) |
|
|
21. بهاءُ الدين شعامير عرف همير(وفات 843هه) |
سومرن بادشاهن جو شجرو
(تحفته الڪرام کان ورتل / حوالو ڪتاب منتخب التواريخ ــ محمد يوسف)
حسام الدين راشدي صاحب هن شجري جي باري ۾ لکي ٿو ته سومرن جي
بادشاهن متعلق مون وٽ ڪا اعتبار جوڳي سند ناهي.
ڊاڪٽر دائود پوٽي جي تاريخ معصومي جي سلسلي ۾ ڏنل
فهرست به شڪ کان خالي ناهي، ان ڪري هن فهرست کي به
آخري نتيجو نه سمجهيو وڃي پر اسان انهيءَ سلسلي کي
واضح ڪرڻ واسطي منتخطب التواريخ مان شجرو ڏيون
ٿا(تحفة الڪرام ــ راشدي ص 86 ــ 484)
نوٽ: منتخب التواريخ جي ليکڪ سومرن جي حڪومت 435 هه کان 680هه
تائين لکي آهي پر جيڪو عرصو بيان ڪيو اٿائين، ان
حساب سان سندن حڪومت 820هه تائين بيهي ٿي. هن
صرف 22 حڪمران ڳڻايا آهن، پر راشدي صاحب واري
نسخي ۾ 20 حڪمرزان ملن ٿا. ڊاڪٽر داؤد پوٽو اڳي
هلي لکيو آهي ته مير معصوم سومرن حڪمرانن جا سن
ناهن ڏنا، مان تحفة الڪرام ۽ دولت علويه جي
مصنفن جي ڏنل سنن کي درج ڪيان ٿو.
سومرن جو تختگاهه:
شروعات ۾ سومرن جو تختگاهه ٿري هو پر پوءِ سنگهار جي زال همون
ٻائي وجيهه ڪوٽ يا ويگهيه ڪوٽ کي پنهنجي گاديءَ
جو هنڌ بڻايو. انهن ٻنهي شهرن کان پوءِ ستين صدي
هجريءَ ۾ محمد طور شهر تخت بڻيو. ڊاڪٽر داؤد
پوٽو وري ٿري کان پوءِ محمد طور جو نالو کڻي ٿو
۽ سندس چوڻ مطابق ان جا ڦٽل کنڊر اڄ تائين مير
بٺورو جي ڀرسان شاهه ڪپور ۾ گونگرو واهه جي ڪپ
تي موجود آهن. تاريخ طاهري جي مؤلف سيد محمد
طاهر نسياني (وفات 1051هه) جو چوڻ آهي ته هن ۽
ٻين ڪيترن ماڻهن انهيءَ شهر کي ڦٽندي ڏٺو آهي ۽
ان شهر جي رهاڪن جي پونئرن ساڪره جيڪو سمن جي
دؤر ۾ آباد ٿيو، ۾ هڪ ڳوٺ محمد طور جي نالي سان
قائم ڪيائون.
بيگلار نامي ۾ آهي ته سنڌ ۾ اسلام اچڻ کان پوءِ عرب قبيلي تميم
حڪومت ڪئي، ٿورن ڏينهن بعد سومرن اها حڪومت
پنهنجي هٿ ۾ ڪري مهاتم تور يا مهتم پور ۾ پنج سؤ
ورهين تائين ويٺا رهيا.
مهاتم طور ڪهڙو شهر هو ڪا خبر ڪونهي، پر تاريخدانن جو خيال آهي
ته بيگلار نامي واري محمد طور کي مهاتم طور يا
مهاتم پور لکي ڇڏيو آهي.
سومرا دؤر جون عشقيه آکاڻيون:
جيتوڻيڪ انهن آکاڻين جو تاريخ سان گهٽ تعلق آهي، پر جيئن ته
سنڌي ادب ۽ ثقافت تي انهن جو گهرو اثر آهي ۽ ان
دؤر جي معاشرت ۽ تهذيب تمدن کي چڱي طرح پيش ڪن
ٿيون، تنهن ڪري هتي بيان ڪيون پيون وڃڻ.
سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال:
دلو راءِ تمام ظالم بادشاهه هو. دلو راءِ جي باري ۾ تحفته
الڪرام ۾ گهٽ معلومات آهي ۽ نه ئي سندس سومرن
بادشاهن جي فهرست ۾ نالو ۽ دؤر جي ڄاڻ ڏنل آهي،
پر اندازي مطابق عمر کان پهريان هو ۽ ان جي
حڪومت اتر ۾ ديرا غازي خان ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد سنڌ
ويجهو هئي. دلو راءِ الور ۾ حڪومت ڪندو هو ۽
واقعن مان شڪ ٿئي ٿو ته ڀونگر ٻين يا خفيف ٻين
جي زماني ۾ ان علائقي تي قبضو ڪيائين.
دلو راءِ جي ملڪ مان جيڪڏهن ڪوئي گذرندو هو ته اڌ مال ان کي
ڏيندو هو ۽ خوبصورت عورت ته سندس ڪمزوري هوندي
هيس. گذرڻ واري سان جيڪڏهن ڪائي عورت هوندي هئي
ته ان کي قيد ڪري ڇڏيندو هو. هڪ ڀيري شهزادو سيف
الملوڪ پنهنجي راڻي بديع الجمال سان گڏ حج تي
نڪتو، راجا دلو راءِ جي ملڪ مان گذريو ته هن
سندس زال بديع الجمال کي کسڻ چاهيو پر شهزادي
سيف الملوڪ ايلاز منٿون ڪري ٽن ڏينهن جي مهلت
ورتائينس، انهن ٽن ڏينهن ۾ شهزادي مزدورن کي
الاهي ناڻو ڏيئي جيل مان سرنگهه کوٽرائي اتان
ٻيڙي ذريعي پنهنجي راڻي سان گڏ فرار ٿي ويو ۽
ويندي ويندي دلو راءِ کي سزا اها ڏنائين جو ندي
اڳيان پشتو اڏي ان جو رخ الور کان ٻئي طرف موڙي
ڇڏيائين، جنهن جي ڪري سڀ زمينون سڪي ويون ۽
ماڻهو شهر ڇڏي هليا ويا ۽ ويران شهر ۾ دلو راءِ
اڪيلو رهجي ويو ان کان پوءِ هو لڏي برهمڻ آباد
هليو ويو.
ليلان چنيسر:
چنيسر سومري 652 هه ۾ سنڌ تي حڪمرزاني ڪئي، هو ڏاڍو سهڻو ۽ صحت
مند جوان هو ۽ شادي به من موهڻي ليلان سان ٿيس،
جنهن کان پوءِ ٻنهي جي محبت جو چرچو هر هنڌ ٿيڻ
لڳو. انهن ٻنهي جي محبت ۾ اچي راجا کنگهار جي
ڌيءَ راڻي ڪونرو پير اٽڪايو جيڪا پنهنجي سؤٽ سان
اڳ ۾ ئي مڱيل هئي.
ڪونرو سهڻي ۽ ناز نخرن واري هئي. هڪ ڏينهن پنهنجي ساهيڙين سان
کيچل ۾ مشغول هئي ته چمني طعنو ڏيندي چيس ته
اهڙا ناز نخرا ڪرين ٿي ڄڻ چنيسر جي راڻي هجين!
ڪونرو دل ئي دل ۾ چنيسر سان نينهن اڙائي ويٺي ۽
ساڻس شادي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيائين. ڪونرو ۽
ماڻس مرکئين واپار بهاني ڪجهه سامان کڻي واپارين
وارو ويس ڍڪي اچي چنيسر جي راجڄڌاني ديبل ۾
پهتيون. ان بعد چنيسر جي وزير جکري سان واقفيت
پيدا ڪري اچڻ جو مقصد بيان ڪيائون. وزير کي سندن
حال ٻڌي همدردي پيدا ٿي ۽ چنيسر اڳيان وڃي ڪونرو
جي حسن جي هاڪ ڪرڻ لڳو، پر چنيسر ليلان جي حسن
کانسواءِ ڪنهن تي ٿو ڌيان ڌري، جکري اچي ڪونرو ۽
ماڻس کي اها مايوسي جي خبر ٻڌائي پر انهن جو
ارادو به اٽل هو.
هاڻي ماءُ ڌيئرن نئين سٽ سٽي ۽ پنهنجو سڄو سامان سڙو اوڻي پوڻي
۾ وڪڻي ڦاٽل ڪپڙا پهري اچي محل ۾ ليلان اڳيان
پنهنجي غريبيءَ جو پٽڻو پٽڻ لڳيون، ليلان ته اڳي
ئي دل جي نرم هئي، کڻي انهن کي پنهنجي نوڪرياڻي
رکيائين. ڪونرو کي ته چنيسر جي ڪمري جي صفائي جي
زمينداري ڏنائين.
هڪ ڏينهن جڏهن چنيسر ۽ ليلان ٻئي ڪمري ۾ موجود هئا ته ڪونرو
پنهنجي وطن کي ياد ڪري روئڻ لڳي. چنيسر سبب پڇا
ڪيس ته چوڻ لڳي، سائين ڪا ڳالهه ناهي بس اکين ۾
تيل وارا هٿ لڳي ويا، جنهن جي ڪري ڳوڙها وهي
آيا. چنيسر ته هليو ويو پر ليلان کي دل ۾ خيال
ٿيو ۽ پڇيائينس ته آخر ڇا ڳالهه هئي؟ ڪونرو به
ان حال کان تنگ ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري سڄو
معاملو ٻڌايائينس. ليلان کي هن جي راجا جي ڌيءَ
هجڻ تي يقين نه آيو، آخر ڪونرو هڪ نو لکو هار
ڪڍي ڏيکاريائينس، جنهن تي ليلان هرکي پيئي ۽
ڏيڻ لاءِ زور ڀريائينس. ڪونرو کي ته موقعو ملي
ويو ۽ شرط رکيائينس ته چنيسر کي هڪ رات لاءِ
منهنجي حوالي ڪر. ليلان کي ته چنيسر جي محبت تي
ويساهه هو، کڻي ها ڪيائين، چنيسر کي جڏهن ان
ڳالهه جي سڌ پئي ته ليلان هڪ هار جي بدلي مون کي
وڪڻي ڇڏيو آهي ته ڏاڍو ڏک ٿيس ۽ ليلان کان نفرت
ڪرڻ لڳو ۽ ويو ڪونرو جي ويجهو ٿيندو. ليلان اها
حالت ڏسي پنهنجي پيڪن جي ڳوٺ هلي ويئي ۽ اندر ئي
اندر ۾ ڳرندي رهي. ان ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري سان چنيسر
جي وزير جکري جي شادي رٿيل هئي، جنهن وقت هي
واقعو ٿيو ته انهن جکري کي ڇوڪري ڏيڻ کان نابري
واري ته چنيسر جي زال ليلان اڄ اچي پنهنجي گهر
ويٺي آهي، سڀاڻي اسان جي ڇوڪري سان به اهو حشر
ٿيندو. ليلان جکري وزير ڏانهن نياپو موڪليو ته
تون ڪهڙي به طرح چنيسر کي اسان جي ڳوٺ وٺي اچ ته
پوءِ تو کي اها ڇوڪري پرڻائي ڏيون. جکري منٿ
ميڙون ڪري چنيسر کي راضي ڪري ڳوٺ وٺي آيو.
هوڏانهن ليلان به ويس مٽائي اچي چنيسر اڳيان
حاضر ٿي ۽ اهڙيون مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون
ڪيائينس، جو چنيسر جو من موهي وڌائين ۽ چنيسر
مٿس عاشق ٿي پيو، پر ليلان چيس، تو جهڙي بيوفا
سڄڻ سان ڪير محبت ڪندو جو ليلان جهڙي پيار ڪندڙ
۽ شريف عورت کي دوکو ڏنو اٿئي. ليلان کي ڇڏ تون
پنهنجي ڳالهه ڪر، تنهنجي محبت مون کي ماري ڇڏيو
آهي، چنيسر وراڻيو، چنيسر ديدار جي گهڻي آرزو
ڏيکاري پر ليلان پنهنجي منهن تان نقاب نه هٽايو،
آخر چنيسر مجبور ٿي پنهنجي هٿن سان نقاب جو مٿي
ڪيو ته اها ئي نازنين سندس زال هئي. عشق ۽ حسن
جي اهڙي تجربي جي سٽ چنيسر نه سهي سگهيو ۽ ڦهڪو
ڏيئي ڪري جان تان هٿ ڌوئي ويٺو. ليلان اهڙو حشر
ڏٺو ته رڙ ڪندي چنيسر مٿان ڪري پئي ۽ هي ٻئي
عاشق معشوق عشق ۾ قربان ٿي ويا. پونئرن رسم ۽
رواج مطابق سندن لاش کي ساڙيو.
سنڌي شاعرن ان آکاڻيءَ کي سنڌي ۾ ۽ ادراڪي بيگلاري فارسي ۾
”چنيسر نامه، جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي.
عمر مارئي:
تاريخ معصومي ۾ سومرن سردارن ۾ دودي چوٿين کانپوءِ عمر سومري جو
ذڪر ملي ٿو. تحفة الڪرام ۾ عمر انار جو نالو
موجود آهي، عمر انار علاءُ الدين خلجي جو هم عصر
هو ۽ ان جي حڪم هيٺ حڪومت ڪندو هو.
792 هه (90 ــ 1389ع) ۾ سنڌ جي ڏاکڻي حصي تي عمر سومري جي حڪومت
هئي ۽ ان جو راڄڌاني عمر ڪوٽ هو، جيڪو ٿرپارڪر
۾ هيو. ٿرپارڪر ٻن لفظن جو مرڪب آهي، هڪڙو ٿر ۽
ٻيو پاريڪر، ٿر اهو حصو آهي، جتي واري جا وڏا
دڙا آهن ۽ مينهن وسڻ سان اتي ساوڪ ئي ساوڪ ٿي
ويندي آهي ۽ اتي گهڻا مالوند مارو رهندا آهن،
جنهن دؤر جو هي قصو آهي، انوقت ٿر ۾ ”ڀالوي جو
تڙ“ هڪ ڳوٺ هو، جتي پالنا ۽ ان جي زال ماڏوئي
رهندا هئا. ان ڪٽنب ۾ هڪ وڏي حسين ڇوڪري مارئي
هئي، جنهن جي ننڍپڻ ۾ ئي ڦوڳ سان مڱڻي ڪري ڇڏي
هئائون پر جوان ٿيڻ تي وري شادي کيت سان ٿيس،
جنهن جي ڪري ڦوڳ جي اندر ۾ آڳ جو ڀنڀڙ ڀڙڪي
رهيو هو. ڦوڳ مارئي تي مرندو هو ۽ ان جي ٻي جو
ٿيڻ تي صفا چريو ٿي پيو ۽ ساڙ ۾ پنهنجي ڳوٺ کان
نڪري اچي عمر ڪوٽ پهتو ۽ ڪنهن طرح عمر سومري جي
درٻار ۾ اچي مارئي جي حسن جي هاڪ ۾ زمين آسمان
هڪ ڪري ڏيائين. عمر سومري کي مارئي سان ملڻ جي
شوق بي چين ڪري ڇڏيو. عمر ڦوڳ کي وٺي اسي ميل جو
سفر اٺڙين تي طئي ڪري اچي ٻئي ڀالوي جي تڙ پهتا
جتي مارئي ساهيڙين سان پاڻي ڀري رهي هئي. عمر
مارئي کي ڏسندي ئي موهجي پيو، ڀرسان وڃي چوڻ لڳو
مسافر آهيان، ڏاڍي اُڃ لڳي آهي، مارئي جيئن ئي
دلو هيٺ رکيو عمر کڻي پنهنجي اٺڙي تي ويهاريس ۽
اچي سڌو عمر ڪوٽ پهتو. عمر مارئي کي محل ۾ رهائي
ويس وڳا ۽ سون سڳا ڏيئي هر قسم جي مهرباني
ڪيائينس ۽ شاديءَ جو عرض اڳيان رکيائينس، پر
مارئي کان ڪٿان ٿو پنهنجو مڙس، مارو ۽ اباڻا ڪک،
وسرن! چوڻ لڳي، ڇوڪري جي شادي هڪ ڀيرو ٿيندي آهي
۽ منهنجي شادي کيت سان ٿي چُڪي آهي.
مارئي کي انهيءَ قيد ۾ هڪ سال گذري چڪو پر ايتري آرام ۽ سامان
هجڻ جي باوجود به پنهنجي ور ۽ ديس لاءِ تڙپندي
رهي ۽ نيٺ عمر مجبور ٿي ڪري کيت کي گهرايو ۽
مارئي کي ان جي حوالي ڪيائين. جڏهن ڳوٺ پهتا ته
مٽن مائٽن ۽ سندس ور طعنا ڏئي مارئي جو جيئڻ
جنجال ڪري ڇڏيو. عمر کي ان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽
ڳوٺ تي ڪاهه ڪرڻ جو ارادو ڪيائين؟ مارو ڏاڍا
پريشان ٿيڻ لڳا. آخر مارئي مارن سان گڏ عمر وٽ
پهتي ۽ چوڻ لڳي ته ان ۾ مارن جو ڪهڙو قصور آهي؟
ڏوهدار ته توهان آهيو جو سندن ننگ کي سال پاڻ وٽ
قيد ۾ رکيو، اهڙي صورت ۾ ڪير مون تي يقين ڪندو.
عمر قسمن ۽ ويساهن سان مارئي جي لڄ ۽ عزت جي
خاطري ڏني، پر مارئي پنهنجي پاڪ ۽ پوتر هجڻ جي
پرک ان طرح ڏني جو هڪ وڏي باهه جي مچ مان تتل
لوهي لٺ هٿ ۾ کڻي ٽي دفعا گذري پر ذرو به سيڪ نه
آيس ۽ سڀني اڳيان سرخرو ٿي پنهنجي مڙس سان هلي
وئي.
سنڌ جي عظيم شاعر لاکيڻي لطيف به پنهنجي شاعريءَ ۾ ان قصي کي
چٽيو آهي. ٻين سنڌي شاعرن به ساراهيو آهي. سيد
محمد طاهر نسياني فارسي ۾ منظوم قصو ”راز و
نياز“ جي نالي سان ڏنو آهي.
مومل راڻو:
سنڌ تي سومرن جي آخري بادشاهه همير يا ارمائيل 8 ــ 1207ع ۾
حڪومت ڪئي ۽ ان وقت سنڌ ۾ هڪ ننڍي رياست ڪاڪ
هئي، جنهن تي راجا نند گوجر جو حڪم هلندو هو.
راجا نند کي ٻه سهڻيون من موهڻيون ڌيئرون سومل ۽
مومل هيون. پيءُ جي وڇوڙي کان پوءِ وڏي مومل تخت
تي ويٺي ته سندس حسن جي هاڪ هيڪاندي وڌي ويئي.
مومل هڪڙو طلسماتي محل تيار ڪرائي اعلان ڪيو ته
جيڪو اهو پار ڪري اچي مون سان ملندو مان ان جي
ڪنوار بڻجندس. ڪيترن ئي ماڻهن مومل کي ماڻن لاءِ
جان جي بازي لڳائي پر سوڀارا نه ٿي سگهيا.
هڪ ڏينهن همير (ارمائيل) پنهنجي ٻن وزيرن ۽ ماٽيلي ڀاءُ مينڌري
سان شڪار ڪندي اچي مومل جي محل ويجهو پهتو. همير
کي جڏهن مومل جي سهڻي صورت ۽ شرطن جي خبر پيئي
ته محل اندر وڃڻ جو ارادو ڪيائين، پر هڪ ٻن
منزلن کان پوءِ ئي موٽي آيو. ٻئي ڏينهن هڪ وزير
ويو پر همت هاري اهو به ڀڄي آيو، آخر راڻو
مينڌرو اهو مقصد ماڻڻ لاءِ ٽپي پيو ۽ سڀئي
منزلون مڙسيءَ سان پار ڪري وڃي مومل سان مليو ۽
ٻئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا. همير کي جڏه
مينڌري جي مومل ماڻڻ جي خبر پئي ته سڙي ڀڄي پيو
۽ مينڌري کي کڻي قيد ڪيائين، پر راڻو مينڌرو
ڪنهن طريقي سان هر رات تيز اٺڙيءَ تي سوار ٿي
اچي مومل سان ملندو ۽ ڏينهن ٿيڻ کان اڳ ۾ واپس
هليو ويندو هو. هڪ رات مينڌري کي اچڻ ۾ دير ٿي
ويئي ته سومل مرداڻا ڪپڙا ڍڪي ڀيڻ مومل سان سمهي
پيئي. مينڌرو آيو ۽ پري کان ڏٺائين ته مومل ڪنهن
پرائي مرد سان سمهي پيئي آهي، ڪاوڙجي پنهنجي ڳوٺ
ڍٽ هليو ويو. مومل کي جڏهن ان جي خبر پئي ته محل
ڇڏي وڃي ڍٽ ڀرسان جهوپڙي اڏيائين، جيئن راڻو
مينڌرو محل کان ٻاهر نڪري ته حقيقت حال ٻڌايانس،
پر مينڌري جو روح هاڻي دنيا کان کڄي چڪو هو ۽
محل مان نڪرڻ ڇڏي ڏنو هئائين. مومل انهيءَ
انتظار ۾ پساهه پورا ڪيا. مينڌري کي سڄو معاملو
معلوم ٿيو ته صدمو نه سهي سگهيو ۽ روح پرواز ٿي
ويس. اهڙيءَ طرح ٻئي هميشه لاءِ امر ٿي ويا.
سنڌ جي شاعر ملا مقيم فارسي ۾ ”ترنم عشق“ جي نالي سان ان قصي تي
مثنويي لکي آهي.
ان کان علاوه سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال ۽ سسئي پنهون به سومرن
جي دؤر جون عشقيه آکاڻيون آهن، جيڪي فارسي ۽
سنڌي شاعريءَ جون مرڪز آهن.
|