سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :42

 

سنڌ جي سنڀال ايميل جي هٿ ۾:

سنڌ جي انتظام سنڀالڻ لاءِ پهريون وليم ايسٽويڪ کي رکيو ويو پر ان جي وڃڻ کانپوءِ اها زمينداري ڪپتان ايميل کي ڏني ويئي. ڪپتان ايميل افغان، بلوچ، کوسن ۽ ٻين مقامي ماڻهن کي سوار ۽ جمعدار جي نوڪري ڏئي پندرهن، ويهه ۽ جمعدار جي پنجاهه رپيا پگهار مقرر ڪئي، الف خان ترين به پنهنجي پنجاهه سوارن سان گڏ انگريزن جو ملازم اچي ٿيو ۽ پنهنجي خدمتن جي عيوض خان بهادر جو خطاب ماڻيائين. ڪپتان ايميل ان نئين جٿي کي وٺي شڪارپور کان شاهپور پهتو ۽ سرڪش سردارن کي ماري  مڃائڻ چاهيائين، پر سنڌ جي ڪوهستاني بلوچن کيس ٽوٽا چٻايا ۽ سندس ناڪامي جو چرچو عام ٿيڻ لڳو.

سنڌ جي ميرن جي پريشاني ۽ سنڌ ۾ انگريزن جي ڇانوڻي ٺهڻ:

جيستائين مير ڪرم علي، مير مراد علي (حيدرآباد) مير سهراب خان(خيرپور) ۽ انهن جا صلاحڪار نواب ولي محمد لغاري ۽ سيد ميان گولو شاهه زندهه رهيا، ايستائين انگريزن کي سنڌ ۾ ڇانوڻي قائم ڪرڻ جي جرئت نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هو سياست جي لاهن چاڙهن ۽ داءُ پيچن کان چڱي طرح واقف هئا ۽ انگريزن جي ڏاڍائي وقت خراسان جي اميرن کي پنهنجو ڪري وٺندا هئا. پر جڏهن  حيدرآباد ۾ مير نور محمد ۽ مير نصير خان ۽ خيرپور ۾ مير سهراب جي پٽ مير رستم، مير مبارڪ ۽ مير علي مراد خان حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته ٻنهي رياستن ۾ پڳ ٻڌڻ واري معاملي تي اختلاف شروع ٿيو ۽ اهڙن اختلافن جو فائدو وٺندي انگريز دوستيءَ جي آڙ ۾ مختلف طريقن سان هتي آيا ۽ مختلف معاهدن سان ميرن کي جڪڙيندا ويا. حيدرآباد جي والي مير نور محمد خان کي هٿ ڪري درياءَ جي ڪپ تي ڪوٽلي وٽ هڪ ڇانوڻي قائم ڪرڻ جي اجازت ان بهاني سان ورتائون ته اها سنڌ جي حفاظت لاءِ هوندي، پر اهڙن طريقن سان هو سنڌ جي ڳچيءَ ۾ غلامي جو ڳٽ سوڙهو ڪندا ويا.

ميرن جو خراسان تي حملي لاءِ انگرزن کي رستو ڏيڻ:

ميرن کي عهدنامن سان جڪڙي پوءِ انگريزن خراسان تي ڪاهه ڪرڻ واسطي رستو گهريو  ۽ مير رستو ڏيڻ لاءِ عهد نامن جي ڪري پابند هئا.

امير دوست محمد جو ميرن ڏانهن هڪ بصيرت افروز خط:

رستي ڏيڻ جي خبر  جڏهن خراسان جي حاڪم امير دوست محمد کي پئي ته هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽  سنڌ جي ميرن کي لکيائين ته: پاڻ هڪٻئي جا هميشه سڄڻ رهيا آهيون ۽ توهان مالگذاري به ادا ڪندا رهندا آهيو، پر ڪجهه وقت کان اهو ڏيڻ بند ڪيو اٿؤ ۽ اسان جي ڪجهه علائقن تي ڏاڍائي ڪري قبضو به ڪيو اٿئو. پنهنجو خزانو ڀري انگريزن کي رستو ڏيڻ، عيسائين جي مدد ڪرڻ پنهنجي لاءِ کڏ کوٽڻ برابر آهي ۽ انهن وانگر ٿيڻ آهي.

خلاف پيمبر کسي ره گزيد،

کہ هرگز بمنزل نخواهد رسيد.

اسان کي انگريزن جي حملي جي پرواهه ناهي، اسان ته پاڻ جهاد جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ خدا کان دعاگو آهيون ۽ شڪار پاڻ در تي اچي ته ٻيو ڇا کپي! ۽ توهان به انهن جو حشر  جلد ڏسندؤ. ڇا توهان اها حديث ناهي ٻڌي ته جيڪو ڪنهن ظالم جي مدد ڪندو آهي الله ان تي ئي اهو ظلم مسلط ڪندو آهي.

افسوس! سنڌ جي ٽالپرن اهڙي نصيحت ڀري خط ڏانهن ڪو ڌيان نه ڌريو ۽ الٽو ان تي ٽوڪ ۽ مذاق ڪندا رهيا.

هيڏانهن انگريز فيروز پور مان درياءُ رستي ميرن جي موڪل جو فائدو وٺندي تيزيءَ سان جنگي سامان بکر جي قلعي ۾ گڏ ڪري رهيا هئا ڇپري ۽ شڪارپور ۾ به ڇانوڻي قائم ڪري چُڪا هئا. سنڌي، بلوچي، افغاني ۽ فارسي ڪتابن جا ترجما ڪري انگريز هن علائقي جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي پاسن کي به پرکي چُڪا هئا، پر مير اڃا تائين غفلت جي ننڊ ۾ ستل هئا.

مير نور محمد جي وفات:

جمادي الثاني 1255هه (40ــ1839ع) ۾ حيدرآباد جو والي مير نور محمد ٽالپر به لاڏاڻو ڪري ويو ۽ هاڻي صرف انگريزن جي اکين جو ڪنڊو مير علي مراد خان رهيو، جنهن کي به دم دلاسا ڏئي اهڙو انڌو ڪري ڇڏيائون جو هو ٻين ميرن کي به انگريزن سان وفاداريءَ جو سبق سيکارڻ لڳو، پر ٻيا مير انهيءَ سبق کي دشمني تصور ڪرڻ لڳا ۽ ميرعلي مراد کي کٿو جواب ڏئي ڇڏيائون.

خراسان مان هار کائي موٽندڙ انگريزن جون سنڌ ۾ نيون سازشون:

1258هه (43ــ1842ع) ۾ انگريز خرراسان مان هار کائي سنڌ موٽيا ته سکر ۽ شڪارپور جي ڇانوڻين وارا بنگلا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون، جيئن ماڻهو سمجهن ته هاڻي انگريز هتان ڪوچ ڪري رهيا آهن. پر اها انهن جي اٽڪل هئي، ٿوري وقت کان پوءِ ميرن کان وري مطالبو ڪيائون ته ڪراچي بندر، بکر جو قلعو ۽ ڪيٽي  اسان کي ڏيو. ميرن هن ڀيري مڙسيءَ کان ڪم ورتو ۽ خراسان جي سوڀ ڏسي دل وڏي ڪري کٿو جواب ڏئي ڇڏيائون. انگريز به اندر ۾ رت جا ڍڪ ڀريندا رهيا ۽ ميرن کي سبق سيکارڻ جو سوچيندا رهيا. هوڏانهن ڪوهستاني بلوچن جي رات جي ڇاپن کان هر هنڌ فوج پکيڙي ڇڏيائون.

انگريزن جو نئون ٺاهه:

آخر 24 نومبر 1842ع ۾ بمبئي جي گورنر سنڌ جي انگريز عملدارن ڏانهن نئين ٺاهه جو مسودو موڪليو ۽ حڪم ڏنو ته سنڌ جي ميرن کان صحيحون ڪرائي جلد واپس موڪليو وڃي. ان معاهدي جا هيٺيان شرط هئا.

حيدرآباد جي اميرن کي پراڻو ڏنڊ معاف ڪري آئنده لاءِ به آجو ڪيو ٿو وڃي.

پهرين جنوري 1845ع کان حيدرآبادي ميرن جي سڄي علائقي ۾ صرف ڪمپنيءَ جو سڪو جاري ٿيندو.

انگريز سرڪار ميرن لاءِ جيڪي سڪا ٺاهيندي ان جي هڪ پاسي کان شاهه انگلستان جي تصوير يا ٻيو ڪجهه ۽ ٻئي کان ميرن جي مرضيءَ مطابق مواد هوندو.

انهن سڪن جيڪي وزن، قيمت ۽ چاندي ۾ ڪمپني جي سڪن برابر هوندا،  تي ايندڙ خرچ حيدراباد حڪومت ڀريندي ۽ چئن مهينن کان پوءِ سڪن تي ايندڙ خرچ جي زمينوار ڪمپني هوندي.

ان معاهدي کان پوءِ مير پنهنجو سڪو ٺاهڻ ۾ مجاز نه هوندا.

سنڌو درياءُ جي ٻنهي ڪپن تي هڪ سؤ يارڊن تائين انگريزن کي ڪاٺ ڪٽڻ جو حق هوندو پر ڪنهن خاص جڳهه کان مير ڪاٺيون ڪپڻ کان روڪي سگهن ٿا.

ڪراچي ۽ ٺٽو انگريز حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو ۽ وچ واري سرحد ۾ انگريز جتي  چاهن گشت ڪري سگهن ٿا ۽ اهي سڀ سرحدون جن کي انگريز حڪومت ۽ ميرن وچ ۾ ميجر جنرل چارلس نيپئر مقرر ڪندو. اوستائين انگريز عملدارن کي حڪمراني ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.

سبزل ڪوٽ ۽ بهاولپور جي موجوده دنگ ۽ روهڙيءَ تائين  وارو علائقو اسان جي سڄڻ نواب بهاولپور کي ڏنو ويندو.

انگريزن جي خير خواهه مير صوبدار کي ڪراچي ۾ پنجن هزارن جي جاگير ڏني ويندي.

ان معاهدي جي پورائي لاءِ ميجر نيپئر طرفان جيڪو ڪمشنر مقرر ٿيندو اهو ان جاگير جو  تعين ڪندو.

ان معاهدي تحت جيڪا ايراضي ميرن کي ڏني ويئي آهي، ان جو ۽ مالگزاري جو وڌيڪ فيصلو ڪمشنر ڪندو.

جيڪڏهن زمين جي مالگزاري ان زمين سان ٺهڪندڙ نه هوندي ته حڪومت انگريز ان جو به حل ڳولهيندي ۽ ان ۾ پنهنجي فائدي لاءِ ڪوشش نه ڪندي. (شملا 1842)

اهڙي قسم جو هڪ عهدنامو ببئي جي گورنر خيرپوري ميرن لاءِ به موڪليو، جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪنداسين.

ميجر جنرل چارلس نيپئر جيڪو ان وقت سنڌ جو گورنر ۽ انگريز فوج جو سنڌ ۾ سردار هو، ميرن کي انهيءَ ٺاهه تي صحيح ڪرڻ لاءِ ڏاڍو سمجهايو ۽ مٿي ماري ڪئي پر مير ڪن لاٽار ڪندا رهيا ۽ چوندا رهيا ته اسان انگريزن سان دوستي رکي کين هتان خراسان وڃڻ جو رستو ڏنو ۽ هاڻي سٺو ان ۾ آهي ته هو جنهن رستي کان هتي آيا هئا، انهيءَ رستي سان موٽي وڃن.

تنهن هوندي به پوليٽيڪل ايجنٽ نيپئر کين ڌمڪائيندو ۽ دٻائيندو رهيو ۽ هاڻي ميرن جي سنگتي ميجر اٽرام کي اهو ڪم سونپيائين.

ميجر اٽرام جو حيدرآباد جي ميرن ۾ ٻيائي جو ٻچ ڇٽڻ:

ميجر اٽرام هاڻي حيدرآباد جي ميرن ۾ ڦوٽ وجهي ڪم ڪڍڻ جو رستو اختيار ڪيو ۽ مير صوبدار کي سرداريءَ جي آڇ ڪري ٺاهه تي صحيح ڪرائڻ جو شرط وڌو. اهڙيءَ طرح ميرن ۾ ويڇا  وڌڻ لڳا.

هوڏانهن سکر پهچي خيرپور جي والي مير علي مراد سان مليو ۽ ان کي به سرداريءَ جو دلاسو ڏنائين. علي مراد سندس استقبال لاءِ نونار ۾ ٽن توپن جي سلامي به ڏنس.

خيرپوري ميرن مان مير رستم، مير نصير، مير محمد حسن ۽ مير محمد علي کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته ڏاڍا ڪاوڙيا پر مير رستم نونار ۾ پهچي معاملي کي ختم ڪيو. ان کان پوءِ مير علي مراد جو رويو ڪهڙو رهيو ان جو احوال اڳتي ڏينداسين، پر هن وقت حيدرآبادي ميرن جي باري ۾ لکون ٿا.

مير علي مراد کان ڪاوڙجي مير رستم ۽ مير نصير خان حيدرآبادي ميرن کان مدد گهرڻ ويا پر اتفاق سان ان وقت مير شهداد خان ۽ مير محمد نصير خان شڪار تي ويل هئا ۽ قلعي ۾ صرف مير صوبدار، مير محمد خان ۽ مير حسن علي هئا،  جن خيرپور جي ميرن سان منهن ڏئي نه ڳالهايو، پر ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ مير نصير ۽ مير شهداد خان شڪار کان موٽيا ته سندن ڏاڍي خدمت چاڪري ڪئي ۽ چئني  ۾ انگريزن واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جيتوڻيڪ حيدرآباد جي ميرن جو انگريزن سان جنگ ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو ڇاڪاڻ ته ميجر اٽرام ان ٺاهه تي کانئن صحيح ڪرائي چڪو هو.

بختيار خان لغاريءَ جي انگريزن سان بغاوت:

بختيارخان لغاري جيڪو آفيم جو عادي هو، کي مير محمد رستم جي در بدريءَ جي سڌ پئي ته غيرت ۾ اچي غلام محمد لغاري کنبڙي واري کي وٺي پهريان پنهنجي قبيلي کي راضي ڪيو ۽ پوءِ جان محمد ولد ٻڍي خان ۽ لغاري قبيلي جي ٻين ماڻهن ۾ هلندڙ تڪرار کي ختم ڪري سڄي لغاري قوم کي ڪٺو ڪيو ۽ سڀني قرآن پاڪ جو قسم کني انگريزن سان جنگ جوٽڻ جو وچن ڪيو. اهي هي نعرو هڻندا هئا.

اين  ملڪ سنده بمنزلہ مادر ما بلوچان است،

کہ از پستان شير پيدائش آن پشت بہ پشت،

پرورش يافتہ ايم حقوق مادر و پدر پر،

اولا بسيار است، نهايت جان را نثار،

راه خدمت اين والده خواهيم نمود.

ترجمو: سنڌ اسان بلوچن لاءِ ماءُ مثل آهي ۽ ان جي ڇاتين مان ٿڃ پي ڪري اسان ننڍا ٿي وڏا ٿيا آهيون. ماءُ پيءُ جا اولاد تي حق هوندا آهن، اسان اهو حق پنهنجي جان ڏئي به ادا ڪنداسين.

انهن واعدن ۽ وچنن کانپوءِ غلام محمد خان لغاري حيدرآباد جي والي مير محمد نصير خان وٽ ويو ۽ چيائينس ته ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته مير رستم ريگستان ۾ رلندو ۽ ڌڪا کائيندو پيو وتي ۽ اسان جي  دروازي تي مدد لاءِ واجهايو اٿائين. اسان کي پنهنجي ملڪ سنڌ جيڪو ماءُ مثل آهي، مان ڌارين (انگريزن) کي گڏجي ڪري تڙڻ گهرجي. فاتح ٿياسين ته اسان جي عظمت جا ڳيچ ڳايا ويندا ۽ مئاسين ته منصور.

مير محمد نصير، غلام محمد لغاري کي سمجهايو ته جنگ ڪرڻ صحيح ناهي. انگريزن کان کٽڻ کانپوءِ به جنگ جي ڪري ملڪ بربادي کان نه بچي سگهندو ۽ هونئن به هڪ ڪک سان به دشمني سٺي ناهي.

غلام محمد جو مير محمد نصير کي غيرت ڏيارڻ:

انهن نصيحتن جو غلام محمد تي ڪو اثر نه ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن ڇا ڪيائين جو ڪجهه بلوچن کي وٺي، ڪلام پاڪ مٿي تي رکي ۽ زناني پوشاڪ رئي سوڌي کڻي اچي مير محمد نصير خان وٽ پهتو ۽ کيس چيائين ته هن قرآن پاڪ جي صدقي هاڻي ئي اسان سان اٿي انگريزن سان جنگ جوٽڻ هلو نه ته پوءِ هي زائفاڻي پوشاڪ ڍڪي گهر ۾ ويهي رهو ۽ رياست کي ڇڏي ڏيو.

مير محمد نصير خان ان وقت وڏي مشڪل ۾ ڦاسي ويو ۽ انڪار ڪرڻ سان بلوچن ۾ ئي وڏي رتوڇاڻ ٿيڻ جو انديشو هو، نيٺ مير صوبدار کي جيڪو انگريزن سان دوستي رکڻ ۾ مصروف هو. ڪاوڙ کان نظرانداز ڪري انگريزن سان جنگ جوٽڻ ۾ بلوچن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو.

مياڻيءَ جي جنگ:

مير نصير نيٺ بلوچن سان گڏ لشڪر  وٺي حيدرآباد کان باغ مير فتح علي وٽ پهتو ته خبر مليس ته وڏيري حيات خان مري ۽ فهيم خان مريءَ کي حيدرآباد ايندي رستي مان انگريزن گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ کين نٿا ڇڏين، جنهن تي بلوچ مڇرجي پيا ۽ هڪ ٽولي وڃي ڇانوڻيءَ تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ۽ مار ڌاڙ ڪئي.

ميجر اٽرام جيڪو ميرن جو خيرخواهه هو کي اهو معلوم ٿيو ته هڪ ٻيڙيءَ تي ان ڇانوڻي طرف نڪتو.

هوڏانهن هالن ۾ موجود چارلس نيپئر کي بلوچن جي ان ڪارروائي جي خبر پئي ته لشڪر سان گڏ انهن ٻيلن ۾ اچي خيما کوڙيائين، جيڪي ميرن جي شڪار لاءِ هئا.

حيدرآباد جا مير، مير محمد نصير، مير شهداد، مير رستم ۽ مير صوبدار جو پٽ ٻارهن هزار سپاهين ۽ ڪجهه توپن سان گڏ حيدرآباد کان ٽي ڪوهه پري مياڻي اچي پهتا. 17 فيبروري 1843ع تي انگريز لشڪر صبح سويري گرجندو نظر آيو. مير جان محمد سڀني بلوچن کي جوش ڏياريندي چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي پنهنجي ڌرتي ماتا لاءِ سر ڏيڻ جو، جنهن جو توهان قسم کنيو هو. پر ان آواز تي ڪنهن به ڌيان نه ڌريو، صرف سردارن ۾ حاجي خدا بخش، مراد علي چانگ، نصير خان چانگ حاجي غلام محمد خان ٽالپر، مبارڪ خان ٽالپر، مير  غلام شاهه ۽  مير جان محمد خان پنهنجي جٿي سان جنگ ۾ ٽپي پيا ۽ وڏي بهادري ۽ همت سان وڙهندا رهيا، پر انهن وٽ تلوارون هيون ۽ انگريزن وٽ بندوقون ۽ توپون. ڪي بلوچ بندوقن کان بچي ڪري وڃي انگريزن کي تلوارن جو کاڄ بڻايو. عبدالله نظاماڻي ۽ مرزا خان نظاماڻي به پنهنجي قبيلي سان آخر تائين وڙهندا رهيا ۽ جان قربان ڪيائون، محمد علي لغاري، دريا خان لغاري، غلام حيدر ۽ ٻين شينهن جوان لغارين جنگ ۾ شهادت ماڻي.

جنگ مياڻي جو مال غنيمت:

مياڻي مان مير هار کائي حيدرآباد قلعي ۾ موٽيا. انگريزن مياڻي جي ميدان مان توپخانو، تنبو ۽ بلوچن جو ٻيو سامان هٿ ڪيو.

هار کانپوءِ ميرن جي ڪوشش:

هار کائڻ کانپوءِ حيدرآباد جي ميرن کي ڀئو ٿيڻ لڳو ته ڪٿي مير صوبدار انگريزن کان اسان کي گرفتار نه ڪرائي وٺي، سو صلاح ڪري چارلس نيپئر کي صلح ڪرڻ ۽ پنهنجي غلطي تي پڇتاءُ هجڻ جو خط لکيائون ۽ ملاقات جي خواهش ڏيکاريائون.

حيدرآباد جي ميرن جي گرفتاري:

چارلس چالاڪيءَ سان ان خط جو جواب ڏاڍو تسلي بخش ۽ ملاقات جو وقت به ڏنو پر مير ان جي  مڪاريءَ کان بي خبر هئا.

ٻئي ڏينهن مير سهڻي پوشاڪ ڍڪي، تلوارون مياڻين ۾ وجهي ۽ گهوڙن تي سوار ٿي نيپئر سان ملڻ لاءِ پهتا، پر هن مير محمد نصير کانسواءِ ڪنهن کي به گاهه نه وڌو ۽ ڪجهه گهڙين کانپوءِ سپاهين کي، ميرن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.

انگريزن جو حيدرآباد قلعي ۾ داخل ٿيڻ:

ميرن جي گرفتاريءَ کان پوءِ چارلس نيپئر پنهنجي پلٽن سان بنا ڪنهن ٽڪر جي حيدرآباد قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ برجن تي جهنڊا چاڙهي خوشي ملهايائين.

سنڌ تي قبضي جو اعلان:

ان کانپوءِ سڄي شهر ۾ پڙهو گهمايو ويو ته انگريزن حيدرآباد تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ هن رياست کي پنهنجي وفادار مير صوبدار جي هٿ ۾ ڏنو آهي، جيڪو آئنده سڀني بلوچن جو سردار هوندو.

حيدرآباد ۾ انگريزن جي لٽ ڦر:

انگريزن قلعي تي قبضي کانپوءِ ميرن جو سمورو خزانو لٽي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. سڄو شهر سڪتي ۾ اچي ويو ۽ هر ماڻهو ڏکيارو ۽ غمگين هو.

مير صوبدار جو انجام:

مير صوبدار کي انگريزن سان وفاداريءَ جي ڪري جيڪا سرداري ملي هئي ان تي ڏاڍو خوش هو پر کيس پنهنجي انجام جي خبر نه هئي.

ٻي ڏينهن هو درٻار ۾ وڏي شان سان ويٺو ڪنهن انگريز آفيسر جو انتظار ڪري رهيو هو، جڏهن اهو آيو ته مير صوبدار اٿي بيهي ڪري سندس استقبال ڪيو پر ان ايندي ئي مير صوبدار جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ۽ سپاهي کيس ٻڌي هاٿيءَ تي کڻي ويا.

سڀ ماڻهو مير صوبدار جي گرفتاريءَ تي تعجب ۾ پئجي ويا پر حقيقت ۾ اها قدرت طرفان سندس سزا هئي.

ان کانپوءِ انگريزن ميرن جا هٿيار، خراساني ۽ مير خاني بندوقون، ولايتي گهوڙا، اٺ، پالتو جانور، بيگمن جا قيمتي وڳا، زيور، ٻيو سامان ۽ ٻه ڪروڙ ٽيهه  لک روڪ پيسا قلعي مان پنهنجي قبضي ۾ڪيا.

ميرن جي اها دولت  به جيڪا اعتماد جوڳن نوڪرن وٽ محفوظ هئي.انگريزن پڇا  ڳاڇا ڪري ڦري ورتي.

انهيءَ واقعي کان پوءِ ٻن مهينن تائين سنڌ ۾ شديد بي چيني ۽ افراتفري رهي جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. انگريزن وري مير علي مراد سان نئون ٺاهه ڪري خيرپور جا علائقا ان جي حوالي ڪيا ۽ قلات جو مير محمد نصير کي ئي حاڪم برقرار رکيو.

مير علي مراد کي پڳ ٻڌائي انگريزن چالاڪي سان سڀني بلوچ سردارن کي پنهنجو فرمانبردار بڻايو ۽ هيڏانهن حيدرآباد جي ميرن کي اتيئي قيد  گهر ۾ واڙي رکيو.

8 جمادي الاول 1259هه (1843ع) تي نيپئر شير سنڌ مير شير محمد خان کي شڪست ڏئي حيدرآباد آيو، مير شير محمد جو احوال اڳتي ايندو.

حيدرآباد ۽ خيرپوري ميرن جي نظربندي:

نيپئر حيدرآباد موٽندي ئي مير محمد نصير ۽ سندس پٽن مير محمد خان، مير صوبدار، مير شهداد خان ۽ خيرپور جي ميرن مان مير رستم ۽ مير نصير خان کي جهاز ۾ بمبئي موڪليو.

ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ:

جنهن وقت مير جهاز ۾ جلاوطن ٿيڻ لاءِ وڃڻ وارا هئا ته انگريزن سڄي شهر ۾ پڙو گهمرايو ته مير تفريح لاءِ ٻاهر وڃي رهيا آهن، جنهن کي موڪلائڻو آهي، اچي ميرن سان ملي. اهو ٻڌي سڄو شهر اٿلي پيو، پر ميرن جي حالت ڏسي هر اک آلي هئي ۽ مير به پنهنجي ٻارن ٻچن کي ڇڏيندي دل ۾ خون جا ڳوڙها وهائيندي روانا ٿي ويا.

جڏهن مير  بمبئي پهتا ته سندن استقبال لاءِ حڪومت طرفان ڪپتان بروس، ڪپتان اوليور لحب، ماجسٽريس ۽ سيڪريٽري آيا ۽ سڀني کي اتان وٺي مير نصير کي پهريان گورنر هائوس ۾ ۽ پوءِ ڪلڪتي ڀرسان دمدمي ۾، مير شهداد کي سورت قلعي ۾ ۽ مير رستم کي پونا ڀرسان ساسور ۾ نظر بند ڪري ماهوار سندن پندرهن هزار مشاهرو مقرر ڪيو.

ڪجهه ڏينهن آرام سان رهڻ کانپوءِ ميرن کي وطن جي ياد ستائڻ لڳي ۽ انهن وطن واپس ڏيڻ ۽ ملڪ موڪلڻ لاءِ انگريز گورنمينٽ کي خط لکيا ۽ لنڊن جي ڪورٽ ۾ انگريز وڪيلن جي معرفت ڪيس وجهي چارلس نيپئر جي الزامن جا جواب ڏنا. انگريز عدالت مير نصير کي حيدرآباد حڪومت جي ڪرسيءَ تي ٻيهر ويهارڻ واري هئي ته خبر پهتي ته شير سنڌ مير شير محمد خان قنڌار جي سردارن کان مدد وٺڻ لاءِ اتي پهتو آهي، جنهن جي ڪري عدالت کي فيصلو محفوظ رکڻو پيو.

انهن ئي ڏينهن ۾ 1261هه (14 اپريل 1845ع) تي صحتمند هوندي به مير محمد نصير خان کي اوچتو نماز ۾ دورو پيو ۽ ڪلڪتي جي نظربندي ۾ ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.

ڪن جو چوڻ آهي ته مير نصير وطن وڃڻ جي صدمي ۾ زهر پيتو.

مير صاحب جي نالي جو مصرعو جيڪو ايران کان درست ٿي آيو هو، هن طرح هو:

سزد گر نهد بر ثريا سرير،

کسي را کہ باشد محمد نصير.

ٻيو وري هن طرح هو:

علي و حسين و حسن دستگير،

خدا يار و ياور محمد نصير.

مير محمد نصير جي مزار مير نور محمد ڀرسان حيدرآباد ۾ ٽالپرن جي قبرستان ۾ آهي، جنهن تي هي ڪتبو لکيل آهي:

وفات حضرت مير محمد صاحب مغفرت رضوان مير نصير خان عليہ رحمة والغفران بتاريخ هفتم ماه ربيع الثاني 1261هه.

انگريزن جا ظلم:

انگريزن جي ظلم جو اندازو ان خط مان به لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو ميرن جي گهر وارين بيگم مير ڪرم علي، بيگم مير نور محمد، بيگم مير محمد نصير، بيگم مير صوبدار ۽ بيگم مير  محمد خان راڻي وڪٽوريا ڏانهن لکيو. جنهن جو تت هي آهي ته:

پورا ٻه سال گذري چُڪا آهن، جڏهن سر چارلس نيپئر وڏي ڪٽڪ ۽ هٿيارن سان گڏ اچي حيدرآباد سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ اسان جا ڪپڙا زيور، سامان سڙي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه لٽي اميرن ۽ ٻارن کي جدا ڪري ويو. اها ڪهڙي شرافت چئجي جو هو اسان جي گهرن ۾ گهڙي هر شيءِ کان محروم ڪري ويو ۽ جيئڻ جو ڪو سامان نه ڇڏيائين. اڄ پورا ٻه ورهيهه ٿي چُڪا آهن، اسان کي محلن مان  نڪتي. در در ڌڪا کائيندي ۽ خانه بدوشن وانگر زندگي گذاريندي، کائڻ ۽ پائڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچيو، اميراڻي زندگي کانپوءِ هي اذيت ۽ ايذاءُ برداشت نٿو ٿئي. خدا طرفان اچڻ وارو موت هڪ ڀيرو ايندو پر اسان ته هر ڏينهن موت جيتري تڪليف ۽ ڪرب ۾ گذاريون پيا.

اميد ڪريون ٿا ته هڪ راڻي ۽ ملڪه جي حيثيت ۾ اسان مظلومن جي انگريز سرڪار داد فرياد ڪندي ۽ کسيل حق واپس ڏياري پنهنجي ٻارن ۽ اميرن جي جدائي واري مايوسي کان ڇوٽڪارو ڏياريندي، نه ته اسان لاءِ بهتر اهو هوندو ته پنهنجي زندگي جو پاڻ انت آڻيون.

(اخبار ”حريت“ 12 فيبروري 1968ع جو هڪ مضمون)

 

حيدرآبادي ميرن جي سيرت ۽ ڪردار

 

مير نصير خان ٽالپر:

مير محمد نصير خان پٽ مراد علي خان، ڀاءُ مير نور محمد کانپوءِ گادي تي ويٺو. پاڻ 14 محرم 1219هه (1803ع) ۾  حيدرآباد قلعي ۾ ڄائو ۽ ديني  دنيوي تعليم آخوند محمد بچل کان حاصل ڪيائين. پاڻ ضبط وارو، بردبار ۽ سخي انسان هو. شاعريءَ ۾ ”جعفري“ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس ڪتابن ۾ هيٺين جو ڏس ملي ٿو:

1. ديوان فارسي (1232هه) 2. ديوان اردو (1261هه) 3. سفرنامه جعفري (1260هه) 4. مڪاتيب جعفري مرتب: مير حسن علي خان 5. مثنوي مرزا صاحبان 6. مثنوي مختارنامه 1241هه.

مير محمد نصير جي منڊين جا ٻه نگ مليا آهن، جن تي لکيل آهي.

بنده آل علي مير محمد نصير 1235هه.

امام علي و محمد نصير 1357هه.

مير حسن علي خان:

سرڪار رقعت مدار مير حسن علي خان پٽ مير نصير خان 24 ذوالقعد 1240هه (1825ع) تي حيدرآباد ۾ ڄائو. حيدرآباد حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪلڪتي ۾ انگريزن جي قيد ۾ رهيو ۽ 1863ع ۾ اتان آزاد ٿي حيدرآباد پهتو. 15 ذوالحج 1324هه (1906ع) حيدرآباد ۾ ئي هو لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ڇهن سالن کانپوءِ 1912ع ۾ سندس لاش حيدرآباد مان ڪڍي ڪربلا ۾ پوريو ويو، پاڻ وڏي علم ۽  عقل وارو انسان هو، جنهن جي ڪري گهڻائي ڪتاب هن جي نالي تي آهن:

لسان الحق في ميزان الصدق در جواب ميزان الحق پادري فنڊر 2. مختارمو (منظوم سنڌي) ٻه جلد 3. روياءِ صادقه (نثر ۽ نظم ــ فارسي) نهر البڪا (سنڌي سلام ۽ مرثيا) 4. مثنوي فتح نامو سنڌ (سنڌي) ترجمو 5. احسن البيان (اردو نثر) 6. رد خوارج (سنڌي) 7. مجموعه خطوط (فارسي) 8. حالات شڪار (مير حسن شڪار جو ڏاڍو شوقين هو، پنهنجا تجربا ٻن جلدن ۾ لکيا اٿائين) 9 شهنشاهه نامو (سنڌي) 10. ديوان مناجات ۽ منقبت 11. ديوان قصائد 12. مرثيا.

سندس منڊيءَ تي هي نالي وارو مصرعو لکيل هو:

آسوده بر سرير امارت بہ خوشدلي،

فخر ملوڪ ظل الــٰــهي حسين علي.

مير عباس علي خان مومن:

سرڪار شوڪت مدار مير عباس علي خان پٽ مير نصير مومن جي تخلص سان شاعري ڪندو هو. هن جو هڪ فارسي ديوان هو، پر پٽ مير عبدالحسين جي وڇوڙي کانپوءِ اهو ضايع ٿي ويس. هڪڙي مثنوي جو ڏس راشدي صاحب ڏنو آهي.

مير عباس جو لاڏاڻو 28 سالن جي عمر ۾ 8 رجب 1273هه (1857ع) ڪلڪتي ۾ ٿيو.

مير حسين علي خان:

سرڪار دولت مدار مير حسين علي خان نور محمد خان جو پٽ هو. شاعريءَ ۾ حسين تخلص استعمال ڪندو هو ۽ نظم نثر، فارسي توڙي سنڌي ۽ اردو تي دسترس رکندو هو. سندس ڪتاب هي آهن:

1. مناقب علوي (فارسي نثر)  2. شاهد الامامت (فارسي)  3. لب لباب (فارسي نثر)   4. ديوان حسين (فارسي ۽ اردو)   5. ديوان حسين (اردو)

هي ٽي شعر سندس نالي جا نڪتل آهن:

1_ کرد روشن ز فيض لم يزلي،

آفتاب جهان حسين علي.

2_ بروز حشر مددگار او علي ولي،

ز فيض نور محمد زهي حسين علي.

3_ زنور محمد بود منجلي،

چراغ مراد حسين علي.

26 ربيع الاول 1295هه 1878ع تي مير حسين علي جي وفات ٿي ۽ ميرڪرم علي جي ڀرسان کيس رکيو ويو.

مير صوبدار خان:

سرڪار حشمت مدار مير صوبدار خان پٽ مير فتح علي فاتح سنڌ مذهبي طور تي سني هو. پاڻ خوش مزاج ۽ سٺو شاعر هو. مير تخلص استعمال ڪندو هو. مير صوبدار جو سياسي ڪردار ته گذريل صفحن ۾ اچي چڪو آهي. ڪلڪتي قيد ٿيڻ کان پوءِ 14 رجب 1262هه (1849ع) ۾ اتي ئي گذاري ويو، لاش ڪلڪتي مان آڻي پيءُ جي ڀرسان خدا آباد (هالن ڀرسان) ۾ پوريو ويو. سندس قبر تي هي ڪتبو لکيل آهي:

وفات حضرت جنت مکان مير صوبدار خان عليہ رحمة ــــ تاريخ چهار دهم ماه رجب 1262هه.

مير صوبدار جا لکيل ڪتاب هيٺيان آهن:

1. مثنوي سيف الملوڪ (1247هه)    2. مثنوي فتح نامه (1244هه)

3. مثنوي خسرو شيرين (1251هه) 4. مثنوي ماه و مشتري (1255هه)

5. جدائي نامه (1260هه)      6. خلاصة التداوي

7. ديوان مير (1240هه) ان کان اڳ مير صوبدر جا ٽي ديوان گم ٿي چُڪا هئا.

هنن بيتن ۾ سندس نالو نڪتل آهي:

ظل احمد تاج فرق صوبدار.

صوبدار جهان ز فتح علي.

مير صاحب جي منڊي تي هي لکيل هو:

صوبدارم من از نبي و ولي 1258هه.

مير محمد علي خان:

سرڪار ذوالاقتدار مير محمد علي خان پٽ مير صوبدار 14 صفر 1243هه (1827ع) ۾ ڄائو. پاڻ هرور جي تخلص سان شاعري ڪندو هو ۽ ٻه مثنويون داستان رزم نادر شاهه ۽ قصه رزم نامه شير لکيائين. مير محمد پهرين رجب 1278هه (62ــ 1861ع) تي ڪلڪتي ۾ گذاري ويو.

مير شهداد خان حيدري:

مير شهداد خان پٽ مير نور محمد پنهنجي پيءُ کانپوءِ چوياري حڪومت ۾ شامل ٿيو ۽ انگريزن جي قبضي کانپوءِ سورت ۾ قيد ڪيو ويو. مير شهداد تي ڪيپٽن انس جي خون ۽ ڪيمپ ۾ باهه لڳائڻ جو الزام هو پر لارڊ ڊلهوزي جي تحقيقات ۾ بي قصور ثابت ٿيو ۽ ڪلڪتي وڃڻ جي اجازت مليس ۽ اتي ئي 7 محرم 1274هه تي وفات ڪيائين. سندس لاش کي حيدرآباد آڻي پيءُ ڀرسان پوريو ويو، مير شهداد جي قبر تي هي ڪتبو لکيل آهي.

تاريخ وصال مرحوم  مير صاحب مير شهداد خان ٽالپر عليہ رحمة ـــ هفتم ماه محرم 1274هه.

هن جي منڊين تي هي فقرا لکيل هئا:

خاک پائي مرتضيٰ شهداد خان 1249هه.

خاک پائي مصطفيٰ و مرتضيٰ شهداد خان سر بلند از افضل حق پيوستہ باشد درجهان.

57ــــ 1256هه

مير شهداد سٺو شاعر هو ۽ حيدري تخلص استعمال ڪندو هو. سندس ديوان ”ديوان حيدري“ ميان نور محمد انور بن ميان عبدالقادر ”جوهري“ سيوستاني مير حسين علي خان ٽالپر جي فرمائش تي سهڻن اکرن ۾ 1274هه تي لکيو جيڪو ٽالپرن جي لائبريري ۾ موجود آهي.

مير يار محمد خان:

مير يار محمد خان پٽ مير مراد فارسي نثر لکڻ ۾ پنهنجو  مٽ پاڻ هو. مير يار محمد، ڪمشنر سنڌ مسٽر فريئر جي فرمائش تي ”فريئر نامه“ جي نالي سان سنڌ جي تاريخ تي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ٽالپر حڪومت جا حالات تحقيق سان ڏنل آهن.

مير يار محمد خان 21 رمضان 1279هه (1862ع) تي لاڏاڻو ڪري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org