باب نائون
غزنوي دؤر
350هه (62 ــ 961ع) کان 591هه (96ـ1194ع)
ساماني حڪومت جي زماني 350 هه ۾ جڏهن ابو صالح منصور بن نوح تخت
سنڀاليو ته عزنوي خاندان جو پڙڏاڏو الپتگين جيڪو
ان وقت خراسان جو گورنر هو ۽ منصور جي مسند تي
ويهڻ خلاف ووٽ به ڏئي چڪو هو، غزني هليو آيو ۽ خود
مختار رياست قائم ڪري حڪومت ڪرڻ لڳو. غزني ان مهل
هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو.
367هه ۾ الپتگين گذاري ويو ۽ غزني جي گادي تي سندس پٽ اسحاق
ويٺو پر نااهل ثابت ٿيو ۽ فوجي سردارن کيس لاهي
ڪري ان جي جاءِ تي سبڪتگين جيڪو الپتگين جو ڄاٽو ۽
سپهه سالار هو، کي غزني جو امير بڻايو. سبڪتگين
لاءِ چيو ويندو آهي ته هو الپتگين جو غلام هو.
سندس نسب جو سلسلو ايران جي بادشاهه يزدجرد سان
ملي ٿو، ڪن مؤرخن کيس پيءُ طرفان ترڪ ۽ ماءُ
طرفان ايراني ٻڌايو آهي.
سلطان سبڪتگين تقريباً ويهه سال غزني تي حڪومت ڪئي ۽ غزني کان
ڪيترا سؤ ميل پري اڏيل شهر يست ۽ قصدار کي به فتح
ڪيو.
ابو صالح منصور جي وفات کان پوءِ ان جو پٽ ابوالقاسم نوح بن
منصور ثاني ساساني تخت تي ويٺو. ان وقت نيشاپور ۽
هرات جا عامل باغي ٿي ويا، نيشاپور جي عامل ابو
علي وري هرات جي عامل فائق کي هارائي اتان تڙي
ڪڍيو ۽ پاڻ سڄي خراسان تي قبضو ڪري الڳ حڪومت قائم
ڪري ويٺو. فائق شڪست ملڻ کان پوءِ ديلمين وٽ ڀڄي
ويو ۽ فخرالدوله ديلمي کيس لشڪر ڏئي ڪري وري بخارا
تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ موڪليو، جيڪو سامانين جو تخت
گاهه هو. هوڏانهن ترڪستان جو حاڪم بغرا خان به
بخارا تي حملي ڪرڻ لاءِ آيو، اهڙيءَ طرح نوح بن
منصور ٽن پاسن کان گهيري ۾ وڪوڙجي ويو ۽ آخر مجبور
ٿي ڪري سبڪتگين کي مدد لاءِ خط لکيائين، پر هو ته
اڳ ۾ ئي نوح کان ڊنو ويٺو هو ته ڪٿي اچي غزني تي
حملو نه ڪري، تنهن ڪري فوج وٺي بخارا ڏانهن وڌيو.
اڃا سبڪتگين رستي ۾ ئي هو ته ترڪستان جو شاهه بغرا خان گذاري
ويو ۽ سندس لشڪر واپس موٽي ويو. سبڪتگين هرات ۾
نوح بن منصور سان ملي ڪري ابو علي، فائق، ۽ فخر
الدوله کي شڪست ڏني. ان جنگ ۾ ابو علي مارجي ويو ۽
فائق ترڪستان جي نئين بادشاهه ابلڪ خان وٽ هليو
ويو. انهيءَ ويڙهه ۾ سبڪتگين سان سندس پٽ محمود
غزنوي به ساڻ هو.
نوح بن منصور انهيءَ سوڀ کان پوءِ سبڪتگين کي ناصر الدين ۽ پٽس
محمود کي سيف الدوله جو خطاب ڏئي ڪري غزني سان گڏ
خراسان به انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو. هي اهو وقت هو
جڏهن قرامطي تمام گهڻو زور وٺي ويا هئا ۽ سبڪتگين
انهن جو تدارڪ ڪرڻ جي فڪر ۾ هو. ملتان جو امير ان
وقت شيخ حميد هو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي.
368هه (79 ــ 978ع) ۾ سلطان سبڪتگين ڪابل فتح ڪري هندستان جي
سرحد وٽ سخت حفاظتي انتظام ڪيا، ڇاڪاڻ ته غزني ۽
ڪابل جي سرحد لاهور ۽ ملتان سان مليل هئي. لاهور
جي راجا جئپال بن ستپال طاقت جي نشي ۾ هڪ وڏو فوجي
ڪٽڪ وٺي پشاور ۽ جمرود کان ٿيندو اچي غزني جي سرحد
تي حملو ڪيو. ان وقت سبڪتگين پنهنجي پٽ محمود جي
مدد لاءِ نيشاپور ويل هو، جتي ديلمي ۽ ٻيا باغي
اڪيلو سمجهي مٿس حملو ڪيائون. سبڪتگين طوس ويجهو
جنگ ۾ مصروف هو ته غزني تي جئپال جي حملي جي خبر
پيس، جنگ جو پاسو پلٽي جلدي اچي غزني پهتو ۽ جئپال
تي بجليءَ وانگر ڪڙڪي پيو، جئپال حملي جي سٽ نه
سهي مجبور ٿي ڪري سبڪتگين اڳيان اطاعت جو ڪنڌ
جهڪايو ۽ واعدو ڪيائين ته پنجاب پهچي ڏنڊ ۾ جهجو
سون ۽ چاندي موڪليندس. اها جنگ غزني جي هڪ ڍنڍ
ڀرسان ٿي. راجا جئپال مهراڻ ٽپي واعدي خلافي ڪري
ڇڏي ۽ هندستان جي ٻين راجائن کي به جنگ لاءِ
ڀڙڪايو ۽ سلطان سبڪتگين جي ماڻهن کي قيد ڪرڻ شروع
ڪيو.
381 هه تي جئپال ۽ سبڪتگين جي وچ ۾ ٻي جنگ ٿي. ان وقت ملتان جو
حاڪم شيخ حميد هو جيڪو اسماعيلي هجڻ ڪري فاطمي
حڪومت جو فرمانبردار هو. ان وقت فاطمي ۽ عباسي
حڪومت جي اثر هجڻ ڪري چئي سگهجي ٿو ته شيخ حميد
هندو راجائن جو ساٿ ڏنو هوندو يا وري احتياط طور
غير جانبدار رهيو هوندو.
381هه (92 ــ 991ع) سلطان سبڪتگين شيخ حميد کان پڇاڻو ڪيو. شيخ
حميد سلطان جي طاقت ڏسي اطاعت ڪرڻ تي مجبور ٿيو ۽
سالاڻو خراج ڏيڻ جو واعدو ڪيو. 98 ــ 997ع ۾
سبڪتگين گذاري ويو ۽ سندس پٽ محمود حڪومت جون
واڳون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون.
شيخ نصر:
اها ڳالهه ته ثابت ٿي چُڪي آهي ته شيخ حميد جو پٽ شيخ نصر هو پر
خبر نٿي پوي ته ان حڪومت ڪئي يا نه.
محمود غزنوي
شيخ ابوالفتوح داؤد بن نصر:
5 ــ 1004ع ۾ ملتان جي سرحد ويجهو باطيا يا ڀاٽيا رياست هئي،
جنهن جو راجا بجيراءِ هو. بجيراءِ اقتدار جي نشي ۾
مست ٿي ڪري ڪنهن معاملي تي غزني جي سرحدي سردارن
سان ڳنڍجي پيو. محمود کي جڏهن خبر پئي ته هو وڏي
ڪٽڪ سان ملتان کان ٿيندو اچي ڀاٽيا تي حملو ڪيو،
سخت مقابلي کان پوءِ راجا هارجي بدناميءَ کان
آپگهات ڪري ڇڏيو. محمود فتح بعد غزني موٽي آيو.
ملتان تي جيئن ته ان وقت شيخ حميد جي پوٽي شيخ ابوالفتح جي
حڪومت هئي ۽ ان کي محمود غزنوي جي مدد ڪرڻ گهرجي
ها پر هن الٽو اهڙيون حرڪتون ڪيون جيڪي وفاداريءَ
جي خلاف هيون.
محمود ان مهل ته صبر ڪري هليو ويو پر غزني پهچي ملتان تي ڪاهه
جون تياريون ڪرڻ لڳو. 6 ــ 1005ع ۾ بولان لڪ ڇڏي
ڪري محمود خيبر پاس کان ملتان تي حملي لاءِ پشاور
پهتو ته جيئن شيخ ابوالفتوح کي شڪ نه پوي. محمود
لاهور جي راجا جئپال جي پٽ انندپال کي اطلاع
موڪليو ته مان تنهنجي علائقي مان لنگهي ملتان تي
ڪاهه ڪندس، پر انند پال انڪار ڪيو، جيتوڻيڪ هو
ملتان جي امير وانگر محمود جو اطاعت گذار به هو.
تاريخدانن مطابق انندپال، پاڙيسري شيخ ابوالفتوح
جي چوڻ ۽ سياسي مصلحت خاطر اهو قدم کنيو ۽ محمود
سان وڙهن لاءِ نڪري آيو. پر محمود جي تلوار اڳيان
ڪير ٿو بيهي سگهي!، هار کائي ڀڳو ۽ غزنوي جي لشڪر
چناب درياءَ تائين سندس پيڇو ڪيو پر هو ڪشمير جي
ٽڪرين ۾ لڪي ويو. ان کان پوءِ محمود سڌو ملتان
آيو. شيخ ابوالفتوح راجا انندپال جي انجام کان
واقف ٿي چڪو هو، تنهن ڪري قلعي جا دروازا بند ڪري
ويهي رهيو. محمود قلعي جو گهيرو ڪيون ويٺو رهيو ۽
انهيءَ گهيري کي ست ڏينهن گذري ويا. آخر شيخ
ابوالفتوح صلح جي درخواست ڪئي ۽ ٻه لک درهم سالاڻي
ڍل ڏيڻ جو واعدو ڪيائين، گڏ ملتان جو اهو علائقو
جيڪو سنڌو درياءَ سان ڳنڍيل هو محمود جي حوالي
ڪيائين.
9 ــ 1008ع ۾ راجا انندپال هندستان جي سڀني سردارن کان فوجي مدد
وٺي محمود جي مقابلي لاءِ اچي پشاور ۾ تنبو لڳايا.
انهيءَ لشڪر جي مدد لاءِ ملتاني فوج به اچي پهتي،
پر محمود جو ستارو ان وقت عروج تي هو، تنهن ڪري
متحد فوج به سندس اڳيان بيهي نه سگهي ۽ هار جو بار
کڻي هلي وئي. محمود ملتاني امير جي اهڙي منافقي
واري عمل تي ڏاڍو ڪاوڙيو پر ڪنهن مصلحت آڌار چپ
رهيو.
11 ــ 1010ع تي محمود غورين کي مات ڏئي ڪري ملتان تي اچي تيزيءَ
سان ڪاهه ڪئي، ملتان وارن کي سنڀلڻ جو موقعو ئي نه
مليو، باغين کي سخت سزائون ڏنيون ويون ۽ شيخ
ابوالفتوح کي جڪڙي ڪري محمود پاڻ سان غزني وٺي ويو
۽ اتي غورڪ قلعي ۾ قيد ڪيائينس. شيخ ابوالفتوح
انهيءَ قيد ۾ ئي گذاري ويو. محمود ملتان ۾ پنهنجو
حاڪم رکيو ۽ محمد بن قاسم جي زماني واري مسجد کي
کولرايو، جنهن کي جلم بن شيبان بند ڪرائي ڇڏيو هو
۽ جلم واري مسجد کي تالا لڳرائي ڇڏيا.
منصوره جي اسماعيلي حڪومت تي قبضو:
پهريان اچي چڪو آهي ته 375 هه (86 ــ 985ع) تائين منصوره تي
هباري حڪومت ڪندا هئا ۽ اهي ابوداؤد ظاهر محدث جا
پوئلڳ هئا پر 416 هه ۾ ابن اثير جڏهن هتي آيو ته
ان جو چوڻ آهي ته هتان جا ماڻهو اسماعيلي قرامطي
هئا.
اسماعيل قرامطين جي منصوره ۾ حڪومت ڪيئن قائم ٿي تاريخ ان باري
۾ ڪجهه نٿي ٻڌائي پر اندازي مطابق چئي سگهجي ٿو ته
376 هه کان 396 هه جي وچ واري وقت ۾ اسماعيلين
پنهنجو اثر وڌائي قبضو ڪري ورتو هجي. ٻي صورت ۾
اهو به چئي سگهجي ٿو ته ابوالفتوح جي گرفتاريءَ
کان پوءِ گڏ ٿي ڪري منصوره تي قبضو ڪيو هجن پر
پهرين ڳالهه وڌيڪ وزنائتي لڳي ٿي.
بهرحال اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته 416 (26 ــ1025ع) ۾ منصوره
۾ اسماعيلين جي آزاد حڪومت قائم هئي. انهيءَ دؤر ۾
محمود جڏهن گجرات تي حملو ڪيو ته اتان جو راجا
ڪاٺياواڙ ڀڄي ويو، محمود به سندس پويان آيو پر هو
جبلن ۾ لڪي ويو. محمود اتان سرخرو ٿي ڪري ڪڇ جي
ننڍي رڻ مان ٿيندو سنڌ موٽي آيو پر ان رستي ۾ اڃ
محمود جي لشڪر کي ساڻو ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري هاڻي
ملتان، درياءَ جي ڪڙ سان وڃڻ چاهيائين پر وچ ۾
ايندڙ منصوره جي اسماعيلي حڪومت کي اها ڳالهه نه
وڻي ۽ درياءَ جي ڪپن تي رهندڙ جاٽن ۽ ميدن کي
محمود مٿان ڇاپن هڻڻ جي چرچ ڏني. انهن محمود غزنوي
تي راتاها هڻي سندس ڪيترائي ماڻهو ۽ جانور ماري
وڌا. محمود سمجهي ويو ته اها منصوره جي حاڪم جي ئي
چرچ آهي، تنهن ڪري منصوره پهچندي ئي شهر تي حملو
ڪري ڏنائين. شهري اوچتي حملي جي سٽ نه سهي سگهيا ۽
ڪي مارجي ويا ته ڪن درياءَ ۾ ٽپو ڏيئي ان جو کاڄ
بڻجي ويا. منصوره جو حاڪم خفيف جهنگ ۾ ڀڄي ويو ۽
محمود پيڇو ڪندو وڃي اتي پهتس. انهيءَ سلسلي ۾ ابن
اثير لکي ٿو ته:
”۽ محمود منصوره جو ارادو ڪيو، هتان جو حاڪم اسلام کان منهن
موڙي چڪو هو. محمود شهر ۾ گهڙيو ته هن جهنگ جو
رستو ورتو. انهيءَ حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو مري ويا ۽
ڪيترا درياءُ ۾ ٻڏي ويا. اتان سلطان ڀاٽيا کان ٿي
ڪري غزنين هليو ويو.“
سلطان محمود جو درٻاري شاعر حڪيم فرخي سيستاني جيڪو ان سفر ۾
ساڻس گڏ هو، انهيءَ سفر جو احوال هن طرح لکي ٿو
ته:
”سلطان سومنات کان پوءِ ڪنده (ڪنٿ ڪوٽ) جي قلعي تي حملو ڪري ان
جا بنياد لوڏائي ڇڏيائين ۽ پوءِ منصوره پهتو جنهن
جو امير خفيف هٿيارن پنهوارن هوندي به جهنگ ڏانهن
ڀڄي ويو. ”(ديوان فرخي ـ ص 74)
خفيف نالي مان خبر پوي ٿي ته منصوره جا اسماعيلي سنڌي هئا، جيڪي
عرب ۽ سنڌ جي مخلوط نسل چئي سگهجن ٿا ۽ گهڻي عرصي
کان وٺي هتي آباد هئا، جڏهن ته ملتان جا اسماعيلي
خالص عرب هئا.
سنڌي جاٽن جي پاڙ پٽڻ:
منصوره فتح ڪري محمود ملتان کان ٿيندو غزنين پهتو پر دل ۾ جاٽن
کي سبق سيکارڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هئائين. ان
ڪري 28 ــ 1027ع ۾ هڪ وڏو فوجي ڪٽڪ وٺي اچي ملتان
پهتو ۽ حڪم ڏنائين ته چوڏهن سؤ کن ٻيڙيون اهڙيون
تيار ڪيون وڃڻ ، جن جي ساڄي، کاٻي ۽ اڳيان کان تيز
لوهي آريون لڳل هجن جيڪي سخت کان سخت شيءِ کي
چيري ڇڏين. ٻيڙيون جڏهن تيار ٿي ويون ته محمود
انهن مان هر هڪ تي ويهه ويهه سپاهي ويهاري کين تير
ڪمان، ڍالون ۽ نفط اندازي جي سڄي سامان سان ليس
ڪري 28 هزار لشڪر کي درياءُ ۾ لاٿو ۽ باقي فوج کي
درياءُ جي ٻنهي ڪپن کان هلڻ لاءِ چيو.
سنڌي جاٽن کي جڏهن اها خبر پئي ته پنهنجي ٻارن ٻچن کي وٺي هڪ
محفوظ هنڌ تي ڇڏي آيا ۽ پاڻ چئن هزارن يا اٺن
هزارن ٻيڙين ۾ سوار ٿي محمود جي مقابلي لاءِ آيا.
محمود جي سپاهين جيئن ئي جاٽن جي ٻيڙين کي ڏٺو
مٿن تيرن جو مينهن وسائڻ شروع ڪري ڏنو، باهه وارن
تيرن ته جاٽن ۾ ٻائيتال مچائي ڇڏيو ۽ اڪثر ٻيڙيون
سڙي رک ٿي ويون، باقي جيڪي بچيون محمود جي ٻيڙين
جي آرين اڳيان اچي چيرجي ويون ۽ ڪجهه جاٽ خشڪي تي
وڙهندي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا. محمود جو لشڪر جاٽن کي
ماريندي وڃي انهن جي ٻارن ٻچن وٽ پهتو جن کي لٽي
ڦري وڏو سامان هٿ ڪيو. اتان محمود 28 ــ 1027ع ۾
ملتان کان ٿيندو غزنين موٽي آيو.
اهڙيءَ طرح سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ عربي سمنڊ کان وٺي هماليا
تائين ۽ اوڀر ۾ قنوج کان غزنين تائين محمود جي هٿ
هيٺ علائقو اچي ويو.
421 هه (31 ــ 1030ع) ۾ سلطان محمود غزنوي لاڏاڻو ڪري ويو.
سلطان مسعود:
سلطان محمود جي وفات وقت سندس هڪ پٽ مسعود اصفهان ۾ ۽ ٻيو محمد،
گرگان ۾ هو. پيءُ جي مرڻ جي خبر ٻڌي اڳ ۾ محمد اچي
غزنين پهتو ۽ تخت تي ويٺو پر درٻاري وزير ڪبير کيس
ناپسند ڪندا هئا. ڏيڍ مهيني کان پوءِ محمود جو خاص
امير اياز جيڪو لاهور کان غزني آيو هو شاهي غلامن
کي پنهنجو بڻائي ۽ انهن کان قسمون وٺي امير
ابوالحسن علي بن عبدالله المعروف علي دايا جون
همدرديون حاصل ڪري، طنبيلي مان گهوڙا ڪڍرائي هڪ
لشڪر امير مسعود کي وٺڻ لاءِ موڪليو. سلطان محمود
کي جڏهن ان جي خبر پئي ته هڪ هندو سردار سوندي
راءِ کي لشڪر جي ڪڍ موڪليو. امير مسعود هڪ وڏي ڪٽڪ
سان اچي غزني ۾ لٿو ۽ امير محمد کي جڪڙي قلعي ۾
بند ڪري پاڻ تخت جو وارث بڻجي ويهي رهيو.
غزني سلطنت ۾ ڪيچ ۽ مڪران جو شامل ٿيڻ:
سلطان مسعود جي زماني ۾ 422 هه (31 ــ 1030ع) تي ڪيچ ۽ مڪران
جو صوبو غزني سلطنت ۾ شامل ٿيو ۽ اتي سلطان مسعود
جو سڪو ۽ خطبو جاري ٿيو.
35 ـ 1034ع ۾ لاهور جي گورنر احمد نيالتگفين تي بغاوت جو الزام
لڳو. سلطان مسعود صحيح معاملو معلوم ڪرڻ لاءِ هندو
سپهه سالار ناٿ کي موڪليو، جنهن پنجاب پهچندي ئي
نيالتگين تي حملو ڪيو ۽ نيالتگين حملي جو منهن ٽوڙ
جواب ڏئي ڪري ناٿ کي ماري وڌو. سلطان مسعود کي
جڏهن خبر پئي ته نيالتگين کي سبق سيکارڻ لاءِ هڪ
ٻي هندو سردار تلڪ کي موڪليو، جنهن هندستان پهچي
نيالتگين کي ماري ڇڏيو. 38 ـ 1037ع ۾ سلطان مسعود
هانسي ۽ سوني پت کي فتح ڪرڻ کان پوءِ لاهور جي
گورنري پنهنجي پٽ مجدود جي هٿ ۾ ڏئي ڪري اياز کي
سندس استاد ۽ صلاحڪار بڻايو.
40 ــ 1039ع سرخس جي رڻ ۾ سلطان مسعود سلجوقين کان ڏاڍي بري
شڪست کائي غزني موٽيو ۽ لاهور کي پنهنجو تخت گاهه
ٺاهڻ جو ارادو ڪيائين. سردارن گهڻو روڪيس پر غزني
مان سڄو خزانو کڻي پنهنجي قيد ڪيل نابين ڀاءُ محمد
کي ساڻ وٺي هندو لشڪر جي نگراني ۾ هندستان ڏانهن
نڪري پيو. اڃا جهلم درياءُ وٽ مس پهتو ته انهيءَ
هندو لشڪر بغاوت ڪري سندس سڄو خزانو ڦري ورتو ۽
سلطان مسعود کي قيد ڪري تخت تي سندس ڀاءُ محمد کي
ويهاريو. سلطان مسعود قيد ۾ ئي هو ته محمد جي پٽ
پنهنجي پيءُ جي اجازت کانسواءِ کيس قتل ڪري وڌو.
سلطان مسعود جي پٽ مودود جيڪو ان وقت غزني ۾ هو کي
جڏهن اها خبر پئي ته پيءُ جي بدلي لاءِ اتان لشڪر
سوڌي نڪتو، هيڏانهن سلطان محمد ۽ سندس پٽ به جنگ
جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. آخر ٻنهي جون تلوارون
هڪٻئي سان ٽڪرجڻ شروع ٿيون ۽ محمد ۽ سندس پٽ،
مودود کان شڪست کائي سندس تلوارن جو کاڄ بڻيا.
مودود لاهور تي قبضو ڪرڻ چاهيو پر اتي موجود اياز
۽ مجدود مقابلي جا سانباهه ڪرڻ لڳا تنهن ڪري مودود
حملي جي سگهه نه ساري غزني موٽي آيو.
42 ــ 1041ع ۾ مودود هڪ وڏي ڪٽڪ سان اچي لاهور تي ڪڙڪيو. ٻنهي
لشڪرن هڪٻئي کي للڪاريو ۽ جنگ جو ميدان گرم ٿيڻ
شروع ٿيو. جنگ هلندي مجدود پنهنجي تنبو ۾ ڳجهي
طريقي سان مئل مليو. اياز به ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
دنيا کي الوداع چيو، اهڙيءَ طرح سلطان مودود پوري
پنجاب تي قبضو ڄمايو.
سنڌ ۾ غزنوي عهد جا گورنر
سرهنگ خطيبي:
سرهنگ خطيبي سلطان مسعود جي سردارن مان هيو، هو سٺو شاعر ۽ ادب
دوست هو. مسعود سعد هڪ قصيدو به خطيبي جي جواب ۾
لکيو آهي، سنائي به سندس ساراهه ڪئي آهي، مختيار
غزنوي 2 ــ 1101ع کان 5 ــ 1104ع جيڪي قصيدا چيا
آهن، انهن ۾ خطيبي جي بهادري جي ڏاڍي تعريف ڪئي
اٿائين. سندس شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته خطيبي سنڌ
جو گورنر رهي چڪو آهي. جڏهن هو گورنر ٿيو ته
مختيار کيس مبارڪون ڏيندي چوي ٿو:
ترا بحاکمي سند تهنيت چہ کنم،
همہ ممالڪ مشرق سپرده گير بتو،
کہ گشت از هنرت هند در زمانہ سمر،
چوهند بر تو نو شتند، مند راچہ نظر.
ان قصيدي ۾ مٿين شعرن کان اڳ ۾ به هڪ شعر ملي ٿو:
بهند و سند بهرتافتن چو ابر بهار،
بجاي آب، همي خون براني اندر جر.
ابو نصر بن محمد:
41 ــ 1040ع کان 50 ــ 1049ع ۾ سلطان مسعود جي پٽ شهزادي مودود
غزني تي قبضو ڪري ابو نصر بن محمد بن احمد کي
لاهور جي گورنريءَ تي ويهاري سنڌ ۽ ملتان جو صوبو
به ان جي حوالي ڪري ڇڏيو. ابو نصر سنڌ جي دوري تي
نڪتو ۽ هانسي کان وٺي ٿانيسر تائين گهمي ڦري حڪومت
جا انتظام سڌاريا ۽ پوءِ غزني موٽي آيو پر پٺيان
سنڌ ۽ ملتان ۾ بغاوت برپا ٿي، دهلي جي راجا، هانسي
کان وٺي ٿانيسر ۽ ننگر ڪوٽ تي قبضو ڪري ورتو.
ابو القاسم محمود:
49 ــ 1048ع ۾ سلطان مودود پنهنجي پٽ ابوالقاسم محمود کي سنڌ جو
گورنر بڻائي لاهور روانو ڪيو. ساڳي سال سلطان
مودود جو ڪوتوال (پوليس جو بالا آفيسر) ابو علي
سنڌ، ملتان، پشاور ۽ ڪشمير جي باغين کي سيکت ڏئي
غزني موٽيو.
24 رجب 441 هه (50 ــ 1049ع) ۾ سلطان مودود الله کي پيارو ٿي
ويو ۽ ان جي جاءِ تي سندس ٽن سالن جي صغير پٽ کي
تخت تي ويهاريو ويو پر پوءِ سلطان علي بن مسعود کي
پڳ پارائي ويئي، جنهن پشاور کان وٺي ديبل واري
علائقي تائين قبضو ڪري ورتو.
نوشنگين:
انهيءَ زماني ۾ عبدالرزاق بن مهمندي جنهن کي سلطان مودود سيستان
جو گورنر ڪيو هو، عبدالرشيد بن محمود کي جيڪو بست
قلعي ۾ قيد هو. آزاد ڪري غزني جي تخت تي ويهاريو.
52 ـ 1051ع ۾ سلطان عبدالرشيد هندستان ۽ سنڌ جي
حڪومت نوشتگين ڪرخي جي حوالي ڪري ڇڏي.
طفاتگين:
عبدالرشيد بن محمود غزني تي چار سال حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ فرخ
زاد ابن مسعود ڇهن سالن تائين انهيءَ ڪرسيءَ تي
ويٺو رهيو. ۽ 89 ــ 1088ع ۾ وفات ڪرڻ کان پوءِ
سندس پٽ مسعود بن ابراهيم حڪومت جون واڳون
سنڀاليون. سلطان مسعود طفاتگين کي پنجاب ۽ سنڌ جي
ذمينواري سونپي، جنهن گنگا کان هن پار حملو ڪري
تمام گهڻو سامان هٿ ڪيو. 1114ع ۾ سلطان مسعود بن
ابراهيم لاڏاڻو ڪري ويو.
محمد باهليم:
سلطان مسعود جي وڃڻ بعد سندس پٽ ارسلان شاهه حڪومت جو تاج
پنهنجي سر تي رکيو ۽ محمد باهليم کي سنڌ ۽ پنجاب
جي گورنري ڏني. ارسلان جي تخت تي ويهڻ وقت هن جو
ڀاءُ بهرام شاهه مدد لاءِ سلطان سنجر سلجوقي وٽ
ويو. سلطان سنجر فوج ڪاهي اچي غزني تي حملو ڪيو،
جنهن ۾ ارسلان هار کائي هندستان ڀڄي ويو. سلطان
سنجر غزني جي تخت تي بهرام شاهه کي ويهاري پاڻ
خراسان موٽي آيو، ارسلان هندستان مان وڏو لشڪر وٺي
غزني تي چڙهائي ڪئي پر بهرام شاهه هٿان مارجي ويو.
بعد ۾ بهرام شاهه هندستان تي ڪيترائي حملا ڪيا ۽
هتان جي سردارن کي پنهنجو فرمانبردار بڻايو. بهرام
شاهه جي زماني ۾ محمد باهليم ٻيهر بغاوت ڪئي پر
ملتان ويجهو هڪ معرڪي ۾ مارجي ويو.
حسين بن ابراهيم:
ان کان پوءِ بهرام شاهه، حسين بن ابراهيم کي سنڌ جو گورنر ڪري
پاڻ غزني موٽي آيو ۽ 53 ــ 1152ع ۾ وفات ڪيائين.
تخت جو وارث سندس پٽ خسرو شاهه بڻيو ۽ علاؤالدين
غوري سان مهاڏو اٽڪايائين، پر منهن نه ڏئي سگهيو ۽
لاهور هليو آيو جتي 16 ــ 1160ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
خسرو شاهه کان پوءِ سندس پٽ خسرو ملڪ غزنوي خاندان جو آخري
حڪمران لاهور جي تخت تي ويٺو، جنهن ستاويهه سال
حڪومت ڪئي ۽ سلطان شهاب الدين غوري هٿان گرفتار ٿي
غزني پهتو،
اهڙيءَ طرح غزنوي خاندان جي حڪومت پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي. چيو
وڃي ٿو ته انهن جو خاتمو سلجوقين جي حملن ۽ هندن
تي انڌي اعتماد ڪري ٿيو.
سنڌ ۾ اردو زبان جي ابتدا:
سنڌ ۾ عربن جي اچڻ ڪري ڪيترائي عربي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿي
ويا. ازانسواءِ آبله، سيراف ۽ شيراز کان جيڪي
ايراني سوداگر سنڌ ۾ آيا تن جي مڪران ۽ منصوره ۾
واپاري سرگرمين ڪري فارسي زبان جو واهپو به عام
ٿيو. عربن وٽ اهو دستور هو ته جتي به ويندا هئا
اتان جي ٻوليءَ کي عربي حرفن ۾ لکندا هئا، غزنوي
فوجن جو سنڌ تي 87 ــ 1186ع تائين قبضو رهيو ۽
انهن فوجن ۾ افغان، ترڪ، بلوچ، ايراني ۽ هندي
سپاهي هجڻ ڪري سندن ميل جول ۽ ڪچهري هڪ نئين
ٻوليءَ کي جنم ڏنو، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته
اها اردو هئي.ان کان سواءِ غزنوي دؤر جي شاعرن
حڪيم سنائي ۽ مسعود سعد سلمان جي شعرن ۾ به هندي
لفظ موجود آهن. محمود غزنوي پنهنجي سلطنت ۾ جن
هندن سردارن جون رياستون قائم رکيون، انهن رياستن
۾ سلطان جيڪي سڪا جاري ڪيا تن جي عبارت هندي آهي.
413 هه (23 ــ 1022ع) ۾ جڏهن سلطان محمود قلعي ڪالنجر جو گهيرو
ڪيو ته اتان جي راجا سؤ هاٿي ۽ هڪڙو هندي زبان ۾
قصيدو لکي ڪري سلطان جي خدمت ۾ پيش ڪيو ته درٻاري
عالمن قصيدي جي ڏاڍي ساراهه ڪئي ۽ سلطان محمود
خوش ٿي راجا جو سمورو علائقو کيس واپس ڪري ڇڏيو.
مٿين شاهدين مان خبر پوي ٿي ته سنڌ ۽ هند ۾ ان وقت ڪا نئين زبان
اسري رهي هئي، جنهن کي اصلڪا رهاڪو ۽ ٻاهران ايندڙ
ماڻهو پنهنجين ٻولين سان نئون وجود ڏئي رهيا هئا،
جيڪا ضرور اردو هوندي.
غزنوي دؤر ۾ علمي، فني ترقي ۽ اسلامي تبليغ جو مرڪز:
غزنوي حڪمرانن هندستان جي قبضي ڪيل پرڳڻن جو تخت لاهور کي ڪيو،
جيڪو ان وقت غزني ۽ نيشاپور وانگر اسلامي تبليغ جو
مرڪز ۽ علم ۽ فن جو آماجگاهه هو. سڀکان اڳ شيخ
اسماعيل 6 ــ 1005ع تي لاهور ۾ پنهنجو واعظ شروع
ڪيو. جمعي ڏينهن ٿيندڙ ان واعظ ۾ هزارين هندو
اسلام قبول ڪندا هئا. شيخ اسماعيل کان پوءِ غزنوي
عهد جي آخر ۾ سلطان مسعود جي زماني ۾ شيخ علي بن
عثمان هجويري (داتا گنج بخش) پنهنجا پاڪ قدم هن
ڌرتيءَ تي رکيا ۽ هر طرف نور پکيڙي ڇڏيو. آب ڪوثر
۾ آهي ته جڏهن داتا صاحب لاهور آيا ته سڀ کان
پهريان هڪ مسجد جي مزدوري ڪيائون، ان کانپوءِ درس
۽ علم پروري ۾ لڳي ويا، بعد ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم
به شروع ڪيائون. سندن محنت سان ڪيترائي ماڻهو
مسلمان ٿيا، جن مان هڪ راءِ راجو به هو جيڪو سلطان
مودود بن مسعود غزنوي طرفان لاهور جو نائب هو. ان
مسلمان ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو نالو شيخ هندي رکيو ۽
سندس اولاد، داتا صاحب جي مزار جي خدمت گذار رهي.
|