پير الاهي بخش
پير الاهي بخش جو تعلق سيوهڻ جي پير ڳوٺ سان هو. سندن ڏاڏي جو
نالو پير غلام حسين هو. انهيءَ خاندان جا گهڻا
مريد رياست ڪاٺياواڙ ۾ رهن ٿا.
پير الاهي بخش 1897ع تي پير ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. 1919ع ۾ مئٽرڪ ڪري
علي ڳڙهه ڪاليج پڙهڻ ويو. مولانا جوهر جي حڪم تي
جن شاگردن 1920ع ۾ علي ڳڙهه ڪاليج ڇڏي انهن ۾ پير
الاهي بخش به هو. پير الاهي بخش جامعه مليه
اسلاميا ۾ داخلا ورتي، جنهن جو پرنسپل حڪيم اجمل
خان هو ۽ اهو ادارو شيخ الهند مولانا محمود الحسن
قائم ڪيو هو.
ڪجهه وقت کان پوءِ پير الاهي بخش سنڌ موٽي آيو.
خلافت تحريڪ:
خلافت تحريڪ وقت 1921ع تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ خلافت ڪانفرنس ۾ پير
الاهي بخش به شريڪ هو. انهيءَ ڪانفرنس جي ڪري
مولانا جوهر، مولانا شوڪت علي، ڊاڪٽر سيف الدين
ڪچلو. پير غلام مجدد سرهندي ۽ شري شنڪر اچاريه تي
مشهور ڪيس هليو ۽ کين ٻه ٻه سال قيد جي سزا ڏني
وئي.
ڪانگريس ۽ خلافت ڪاميٽيءَ جي ميمبري:
پير الاهي بخش ڪجهه وقت آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ۽ آل
انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو.
علي ڳڙهه ۾ ٻيهر علم پرائڻ:
خلافت تحريڪ ختم ٿيڻ کان پوءِ پير الاهي بخش ٻيهر علي ڳڙهه پڙهڻ
ويو ۽ اتان ايم اي ۽ ايل ايل بي جي ڊگري وٺي اچي
لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين.
سنڌ اسيمبلي جي ميمبري:
1937ع تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ پير الاهي بخش دادو جي خان بهادر يار
محمد جوڻيجي ۽ پاٽ جي هڪ بااثر وڪيل کي هارائي سنڌ
اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. سنڌ اتحاد پارٽيءَ
کي جڏهن سڀ ميمبر ڇڏي ويا ان وقت به هو پارٽيءَ
سان سلهاڙيل رهيو.
23 مارچ 1938ع ۾ الله بخش جي وزارت ۾ پير الاهي بخش به شامل هو.
مارچ 1941ع ۾ بنده علي خان جي وزارت مهل الڳ ٿي
ويو ۽ ان سال ئي الله بخش سومرو جي وزارت وقت هو
ٻيهر وزير بڻيو.
مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ:
1943ع ۾ جڏهن گورنر الله بخش سومري جي وزارت ختم ڪري سر غلام
حسين هدايت الله کي دعوت ڏني ته پير الاهي بخش
مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ:
آزاديءَ کان پوءِ سنڌ جو گورنر سر غلام حسين هدايت الله ۽ وزير
اعلى ايوب کهڙو ٿيو. ايوب کهڙي جڏهن ڪراچيءَ کي
مرڪزي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ کان کٿو جواب ڏئي ڇڏيو ته
مرڪز سندس حڪومت ختم ڪري ڇڏي ۽ ان جي جاءِ تي پير
الاهي بخش کي سنڌ جو وزير اعلى ڪيو ويو.
1950ع ۾ جي ايم سيد جي داخل ڪيل اپيل جي فيصلي ۾ پير الاهي بخش
کي نااهل قرار ڏنو ويو ۽ هو وزارت ۽ اسيمبليءَ کان
الڳ ٿي ويو.
پير الاهي بخش تمام ماٺيڻو، ملنسار ۽ نيڪ نمازي انسان هو. سندس
سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ وڏو ڪردار هو. سنڌ مسلم
ڪاليج، سنڌ يونيورسٽي، ٻارن جي تعليم ۽ مهاجر
ڪالونيء قائم ڪرڻ ۾ به پير الاهي بخش جو وڏو هٿ
هو.
جي ايم سيد
سيد غلام مرتضى شاهه جو تعلق مٽياري سيدن جي سنائي شاخ سان آهي.
سندن ڏاڏو سيد امير علي شاهه امير تيمور جي
هندستان تي حملي وقت ملتان آيو. انهن سيدن ۾ پنج
وڏا بزرگ سيد حيدر علي شاهه (وفات 1530ع)، شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (وفات 1620)، سخي هاشم شاهه
مٽياري (_وفات 1688ع) شاهه عبداللطيف ڀٽائي (وفات
1752ع) ۽ شاهه ڪبير لس ٻيلو وارا ٿي گذريا آهن.
جي ايم سيد، سيد حيدر شاهه رحه جو چوڏهون گادي نشين آهي.جي ايم
سيد 17 جنوري 1904ع تي دادو جي سن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو
۽ سندس پيءُ جو نالو سيد محمد شاهه آهي.
سماجي ڪردار:
جي ايم سيد سڀ کان پهريان هڪ انجمن ٺاهي سماجي ڪمن جي شروعات
ڪئي. 1922ع ۾ سيدن ۽ پيرن جي هڪ انجمن ٺاهي بدعتن
۽ براين جي خلاف آواز اٿاريو ۽ تعليم جي لاءِ
ڪوشسون ورتيون.
1926ع ۾ سيد حيدر شاهه جي عرس جي موقعي تي مسلمانن جي تعليم ۽
سماجي سڌاري لاءِ وري سنڌ ۾ ڪانفرنس قائم ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو ويو. 1930ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي
عرس واري موقعي تي ان جو نالو بدلائي سنڌ ڪلچر
مرڪز رکيو ويو.
1929ع تي جي ايم سيد ڪراچي ۾ عورتن جي اصلاح ۽ علم لاءِ هڪ
انجمن جوڙي.
سياسي ڪردار:
جي ايم سيد جي سياست جي شروعات 1920ع ۾ تڏهن ٿي جڏهن هن
نوجوانيءَ ۾ ئي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ خلافت ڪانفرنس ۾
شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ هو سنڌ جي مختلف شهرن ۾
ٿيندڙ خلافت تحريڪ جي جلسن ۾ ويندو رهيو.
1924ع کان لوڪل باڊيز ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. پهريان تعلقي لوڪل
بورڊ جو صدر ۽ پوءِ لوڪل بورڊ ڪراچي جو نائب صدر
چونڊيو ويو. ڪانگريس لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽
خالق ڏني هال ۽ نوجوان ڀارت سڀا جي پليٽ فارم تان
برطانيا حڪومت خلاف سخت تقرير ڪرڻ وارو نوجوان جي
ايم سيد هو.
سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جي جدوجهد:
1929ع کان هلندڙ انهيءَ تحريڪ ۾ جي ايم سيد ڀرپور حصو ورتو ۽
ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ شريڪ رهيو.
آخر اهو وقت اچي ويو جڏهن جي ايم سيد جا قائداعظم سان اختلاف
وڌي ويا ۽ هن استعيفا ڏئي نئين مسلم ليگ جو بنياد
وڌو. ان کان پوءِ سياست جي مختلف لاهن چاڙهن ۽
پيچرن کان ٿيندو جي ايم سيد صاحب ”جيئي سنڌ“ جو
نعرو ڏئي سنڌ جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش
ڪئي.
شيخ عبدالمجيد سنڌي
شيخ عبدالمجيد سنڌي 7 جولاءِ 1889ع تي ٺٽي جي هڪ هندو ليلا رام
جي گهر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو مال منشي هو. ليلا رام جي
چوٿين نمبر پٽ شيخ عبدالمجيد جي شروعاتي تعليم ٺٽي
۾ ٿي. 1896ع ۾ ليلا رام ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ اچي
نوڪري ڪئي ته شيخ عبدالمجيد بولٽن مارڪيٽ سامهون
قائم اسڪول ۾ پرائمري پڙهڻ لڳو.
شيخ صاحب کي شروع کان وٺي حق جي ڳولها رهي ۽ آخر ان کي ڳولهي
لڌائين. پاڻ ويهن سالن جي عمر ۾ ڊاڪٽر ضياالدين جي
پڙ ڏاڏي جناب عبدالرحيم جي هٿ تي ڪلمو پڙهي مسلمان
ٿيو ۽ سندس نالو جيٺانند مان مٽائي عبدالمجيد رکيو
ويو.
مئٽرڪ جي امتحان کان پوءِ هو ڪجهه وقت لڌياني (اوڀر پنجاب) ۾
پڙهڻ لاءِ به ويو. علامه اقبال ۽ احمديه جماعت جي
مولوي محمد علي ساڻن ڪچهريون ڪرڻ کان پوءِ شيخ
عبدالمجيد جي سياسي شعور ۾ واڌارو آيو.
1911ع ۾ هلال احمر ۾ شريڪ ٿي ترڪن لاءِچندو گڏ ڪيائين.
1914ع تي ڊي جي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. ”الحق“ جو ايڊيٽر ٿيو ۽
خدام ڪعبه تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. ڪانپور مسجد جو
مسئلو اٿيو ته ان لاءِ چندو گڏ ڪيائين ۽ مظهر الحق
ڏانهن خط پٽ لکندو رهيو.
1914ع ۾ ”الحق“ جي ايڊيٽري ڇڏي غريب هارين جي ٻارن لاءِ هڪ
مدرسو قائم ڪيائين. رام سوامي ڪواٽرز ۾ شيخ صاحب
هڪ ٻي مدرسي جو بنياد وڌو پر سياسي مصروفيتن ڪري
اهو پنهنجي پراڻي دوست مولانا تاج محمد امروٽي جي
سنڀال ۾ ڏئي ڇڏيائين.
1915ع ۾ رئيس غلام جي اخبار ”الامين“ جي زمينواري کيس سونپي
وئي.
1916ع ۾ شيخ صاحب شيخ عبدالرحيم سان هندستان جو دورو ڪيو. انهن
ئي ڏينهن ۾ سندس ملاقات مولانا عبيدالله سنڌي سان
ٿي.
ريشمي رومال پڪڙجڻ کان پوءِ شيخ عبدالرحيم روپوش ٿي هميشه لاءِ
غائب ٿي ويو. مولانا سنڌي افغانستان هليو ويو ۽
شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ڊفينس آف انڊيا تحت رتنا
گري جيل موڪليو ويو. نظربندي ته صرف ٽي سال هئي،
پر خلافت تحريڪ ۾ حصي وٺڻ ۽ سياسي پابنديءَ جي
خلاف ورزي ڪرڻ تي ٽي سال ٻيا کيس انگريزن جون
سختيون سهڻيون پيون.
1928ع تي مسلم ليگ جي دهلي واري اجلاس ۾ شيخ صاحب سنڌ کي بمبئي
کان الڳ ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو. ان کان اڳ 1927ع
۾ ڪانگريس جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي بمبئي واري اجلاس
۾ به سنڌ کي الڳ ڪرڻ واري مسئلي تي حاجي عبدالله
هارون سان ساڻ هو.
سماجي ڪردار:
شيخ عبدالمجيد سنڌي کي سڀئي ماڻهو ڏاڍو پسند ڪندا هئا. 1937ع
وارن ووٽن ۾ لاڙڪاڻي جي سيٽ تان سر شاهنواز ڀٽي کي
هارايائين.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ تعليم ۽ خزاني جو وزير رهيو. مطلب ته هن هر
تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.
آزادي کانپوءِ شيخ صاحب صاف ۽ شفاف سياست لاءِ آل پاڪستان عوامي
پارٽي ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، پر جيئن جيئن
جمهوريت ۽ سچي سياست جون پاڙون کوکليون ٿينديون
ويون هو سياست کان پري ٿيندو ويو ۽ نوي سالن جي
عمر ۾ 24 مئي 1978ع تي مسلمانن جو هي عظيم اڳواڻ
لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. وصيت مطابق
سندس مڙهه مشهور مڪلي جي قبرستان ۾ مرزا عيسى
ترخان جي مقبري ڀرسان رکيو ويو.
سرغلام حسين هدايت الله
سر غلام حسين هدايت الله پهريون سياستدان آهي، جيڪو پاڪستان ٺهڻ
کان پوءِ سڀ کان اڳ سنڌ صوبي جو گورنر بڻيو. جي
ايم سيد لکيو آهي ته سياستدان ٻن قسمن جا آهن.
”هڪ اهي جن عوامي تحريڪن ۾ حصو ورتو انهن سنڌي مسلمانن ۾ مرحوم
غلام محمد خان ڀرڳڙي، حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ
عبدالمجيد سنڌي شامل آهن. ٻيو قسم پارليامينٽري
سياستدانن جو آهي، جن ۾ سر غلام حسين هدايت الله،
سر شاهنواز ڀٽو، مرحوم الله بخش سومرو ۽ خان بهادر
کهڙي کي ڳڻي سگهجي ٿو.
پهريون گروهه وارن سياستدانن پنهنجي سياست جا بنيادي اصول مقرر
ڪري ڇڏيا آهن، جن مطابق ذاتي نفعي ۽ نتيجي کان بي
نياز ٿي ڪري ڪم ڪندا آهن. اهي نظرياتي سياستدان
آهن. نظرياتي سياستدانن کي پنهنجي عمل جو نتيجو
جلدي ناهي ملندو. انهن جي اقتدار حاصل ڪرڻ جو هڪ
خاص مقصد هوندو آهي.
ٻين قسمن جا سياستدان هر موقعي مان فائدو وٺڻ چاهيندا آهن. ڪنهن
موقعي مان فائدو نه وٺڻ انهن اڳيان بي وقوفي ۽
ناسمجهي آهي.“
سر غلام حسين هدايت الله عملي سياست ۽ سمجهداري ۾ ڪمال درجي جو
ماهر هو، کيس سياستدانن جو استاد چيو ويندو هو.
ڀاڳ کانسواءِ سندس ڪاميابيءَ ۾ هن جي سياڻپ ۽
عقلمندي جو به عمل دخل آهي.
سر غلام حسين کي پنهنجي سياسي تجربي سان معلوم ٿي ويو هو ته سنڌ
جي مسلمانن جي طاقت هيٺين ٽن طبقن ۾ ورهايل آهي.
(1) زميندار ۽ جاگيردار (2) پير، سيد ۽ عالم (3)
سرڪاري مشينري ۾ ڪم ڪندڙ.
هو سمجهي ويو هو ته اهي ٽئي طبقا سنڌ جي اصل طاقت آهن، جنهن جي
ڪري ٽنهي کي راضي رکندو آيو ۽ ڪاميابي ماڻيندو
رهيو.
سر غلام حسين هدايت الله 1878ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ مئٽرڪ سنڌ
مدرسي مان ڪيائين. گورنمينٽ لاءِ اسڪول بمبئي مان
وڪالت جو امتحان پاس ڪري 1905ع ۾ لوڪل بورڊ
حيدرآباد جو نائب صدر ٿيو ۽ عملي سياست ۾ 1912ع ۾
قددم رکيائين.
1930ع واري گول ميز ڪانفرنس ۾ بمبئي سرڪار طرفان شريڪ ٿيو ۽ سنڌ
کي الڳ صوبو بنائڻ جي حق ۾ زوردار تقرير ڪيائين.
1937ع واري اليڪشن ۾ هو مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَجي زميندارن واري
ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو.
يونائيٽڊ پارٽيءَ جي وزارت ۾ به نظر آيو. مسجد
منزل گاهه واري واقعي کان پوءِ بنده علي خان واري
وزارت کان سر غلام حسين هدايت الله ٻاهر رهيو.
1941ع ۾ الله بخش سومري جي وزارت ٻيهر آئي ته هن
کي وزير ڪيو ويو. 1942ع ۾ ڪانگريس ”هندستان ڇڏيو“
تحريڪ شروع ڪئي ۽ ڪانگريس جا اڪثر اڳواڻ جيل ۾ ويا
ته الله بخش سومري، سر غلام حسين کي به استعيفا
ڏيڻ لاءِ چيو. ڇاڪاڻ ته يونائيٽڊ پارٽيءَ ۾
ڪانگريسين جي اڪثريت هئي، ان کان پوءِ حڪومت الله
بخش جي وزارت به ختم ڪري ڇڏي.
1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ مهل سنڌ جي گورنر مودي کي پنجاب جو گورنر
ڪيو ويو ته سنڌ جو پهريون پاڪستاني گورنر سر غلام
حسين هدايت الله ٿيو. ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ واري
معاملي تي جڏهن ايوب کهڙو ضد ڪري بيٺو ته سندس
حڪومت ختم ڪئي ويئي.
سر غلام حسين هدايت الله 4 آڪٽوبر 1948ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽
سندس مڙهه پراڻي عيدگاهه ۾ پوريو ويو.
سيد ميران محمد شاهه
سيد ميران محمد شاهه مٽياريءَ جي سيدن مان هو ۽ ٽڪڙ جو رهاڪو
هو. سيد ميران محمد شاهه 19 مارچ 1898ع تي تعلقي
ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳوٺ ٽڪڙ ۾ ڄائو. شروعاتي
تعليم حافظ محمد يوسف ۽ حافظ هارون کان حاصل
ڪيائين. 1921ع ۾ سنڌ مدرسي کان مئٽرڪ ڪري سنڌ ڊي
جي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. اتان بي اي ۽ ايل ايل
بي جون ڊگريون وٺي حيدرآباد ۾ وڪالت سان لاڳاپجي
ويو.
مارچ 1924ع تي سن ۾ ٿيندڙ مٽياري سيدن جي ڪانفرنس ۾ حصو
ورتائين. حيدرآباد ۾ ڪوٺايل ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو
جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو.
1925ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽي جو ميمبر چونڊيو ويو. 1928ع ۾ کيس
سر غلام حسين هدايت الله جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾
کنيو ويو.
سائمن ڪميشن جي مدد لاءِ بمبئي صوبي جيڪا ڪميٽي جوڙي هئي، ان ۾
سيد ميران محمد شاهه به هو. 1936ع ۾ بمبئي ڪائونسل
جو ميمبر به رهيو.
1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ هو حيدرآباد مان ميمبر
چونڊجي آيو ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ سر غلام حسين جي
وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري رهيو.
اسپيڪر ديوان ڀوج سنگهه جي وفات کانپوءِ 1938ع ۾ سيد ميران شاهه
سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو ۽ 1946ع تائين انهيءَ
عهدي تي رهيو.
ان کانپوءِ هو سنڌ حڪومت جي مختلف عهدن تي مختلف وڏن وزيرن جي
دؤر ۾ رهيو.
1952ع ۾ پاڪستان جو سفير ٿي اسپين ۾ رهيو، جتان 1953ع ۾ موٽي
اچي ڪراچي، امپروومينٽ ٽرسٽ جي چيئرميني
سنڀاليائين ۽ 1957ع تائين ان عهدي تي ڪم ڪندو
رهيو.
ادبي خدمتون:
شاهه صاحب سنڌ جي علمي ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ۽
اعزازي سيڪريٽري رهيو، ڪجهه وقت ميمبر به هو. شاهه
لطيف ڪلچر ڪاميٽيءَ جو چيئرمين به ڪجهه وقت لاءِ
هو.
شاهه صاحب کي شاعري سان به شوق هوندو هو. ڪيتريون ئي قافيون ۽
غزل لکيائين. تخلص مير ۽ مهجور هيس. سندس ڪجهه
نثري مضمون به ملن ٿا، پر افسوس سندس ڪوئي ڪتاب
نٿو ملي. راڳ سان به ٿوري گهڻي دلچسپي رهندي هئي.
محبت، اخلاق، خوش خلقي ۽ خلوص جو اعليٰ نمونو بڻيل هي انسان 16
نومبر 1963ع تي اسان کان وڇڙي ويو.
حاجي محمد هاشم گزدر
حاجي محمد هاشم گزدر، ميان فيض محمد جي گهر ۾ 1890ع تي جيسلمير
(راجپوتاني) ۾ ڄائو. 1910ع ۾ سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ
ڪري ڊي جي ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان 12 ــ 1911ع ۾
انٽر ڏئي انجنيئرنگ پڙهڻ لڳو.
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ حاجي محمد هاشم گزدر انسٽيٽيوٽ آف
انجنيئرز جو ميمبر ٿيو ۽ بهاولپور جي ريگستان
چولستان جو سروي ڪرڻ واري شعبي ۾ نوڪري مليس، پوءِ
حيدرآباد دڪن ۾ عثمان ساگر ۽ حمايت ساگر وارن
منصوبن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.
1929ع کان 1933ع تائين ڪراچي لوڪل بورڊ ۾ انجنيئر رهيو ۽ خان
بهادر الله بخش گبول جي پريذيڊنٽي جي ڏينهن ۾
ڪراچي جي ڪليڪٽر مسٽر گبس کيس نوڪري تان لاهي
ڇڏيو.
1934ع ۾ حاجي محد هاشم گزدر بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر
چونڊيو ويو ۽ سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ تائين
ميمبر رهيو.
سياسي زندگي:
سنڌ اسيمبليءَ ۾ اتحاد پارٽيءَ طرفان چونڊجي آيو پر جڏهن اتحاد
پارٽي هندن سان ڳٽ جوڙ ٿي ۽ سر غلام حسين جي وزارت
ٽٽڻ بعد الله بخش جي وزارت قائم ٿي ته هاشم گزدر
اتحاد پارٽي ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو.
1942ع ۾ الله بخش جي وزارت به ختم ٿي ويئي پر هو هميشه مسلم ليگ
سان سلهاڙيل رهيو. 1946ع جي چونڊن ۾ گزدر صاحب سنڌ
اسيمبلي طرفان مرڪزي قانون ساز اسيمبلي لاءِ منتخب
ڪيو ويو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به هڪ ميمبر جي
حيثيت ۾ قانون ساز اسيمبليءَ ۾ ڪم ڪندو رهيو، ۽
پوءِ ڊپٽي اسپيڪر کنيو ويو.
1955ع ۾ محمد هاشم گزدر اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر
چونڊجي آيو. 1958ع ۾ جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳو ته
محمد هاشم گزدر کي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي
سازش جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. 1961ع ۾ صدر
پاڪستان کيس ان شرط تي معاف ڪري ڇڏيو ته آئنده هو
سياست ۾ حصو نه وٺندو.
هو نماز روزي ۽ شريعت جو سخت پابند هو. سندس وڏي خوبي اها هئي
ته هو آخر تائين مسلم ليگ سان واڳيل رهيو ۽ ڪڏهن
به سياسي مقصدن خاطر پنهنجي پارٽي نه بدليائين ۽
سياست کان ائين ئي رٽائر ٿي ويو. |