بسم الله الرحمان الرحيم
خادم محمد بن قاسم طرفان بعد سلام کان پوءِ عرض آهي ته خدا جي
فضل ۽ ڪرم سان اوهان جو هي مخلص سڀني اميرن،
غلامن، خادمن ۽ سپاهه سميت خيريت سان آهي ۽ سڀئي
پنهنجو فرض ايمانداريءَ سان انجام ڏئي رهيا آهن.
حضور ڄاڻن ٿا ته اسان جهنگ جو لتاڙي اچي پهتاسين ۽
هاڻي سنڌو درياءَ (مهراڻ) جي ڪپ تي بيٺا آهيون ۽
بغرور جي قلعي سامهون ٻڌيا طرف جي اها ايراضي جيڪا
مهراڻ جي ڪناري تي آهي، فتح ٿي چُڪي آهي پر اهو
قلعو الور جي حدن ۾ آهي ۽ اڃان تائين راجا ڏاهر جي
قبضي ۾ آهي. باقي سندس شهر نيرون کي فتح ڪري ورتو
آهي. ۽ سيسم ۽ سيوستان تي به خدا جي فضل ۽ ڪرم سان
اسان جو قبضو آهي ۽ اتي مسجدون جوڙايون ويون آهن،
جتي پنج وقت اذان ۽ نماز پابندي سان ادا ٿي رهي
آهي. هاڻي اوهان جي حڪم مطابق نيرون موٽي آيا
آهيون ۽ اتي هڪ قلعي جيڪو سڪندر جي ڀتين کان به
مضبوط آهي ۾ ترسيل آهيون.
اسان طاقت ۽ پناهه جو ڪارڻ الله کي سمجهندا آهيون. حضور کي اها
خبر هجي ته ڏاهر جي گورنرن مان هڪ مهراڻ جي اڀرندي
پاسي انهيءَ ماٿريءَ ۾ جيڪا ڪشها (ڪڇ) سمنڊ جو ٻيٽ
آهي، جي قلعي جو گورنر آهي، جنهن کي بسامي بن راسل
چيو وڃي ٿو ۽ ان جو پٽ سنڌ ۽ هند ۾ وڏي هلندي
پڄندي وارو آهي ۽ کيس ڏاهر جو به خاص قرب حاصل
آهي، ڪي ئي والي سندس تابعدار آهن. ديبل وارن ان
جي باري ۾ ٻڌايو آهي ته هو اسان جو وڏو خير خواهه
آهي ۽ اسان سان لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن الله
جي حڪم سان هو اسان سان ٻڌجي ويو ته پوءِ درياءُ
پار ڪرڻ ۾ ڪائي تڪليف نه ٿيندي. (چچنامو ـــ ص 125
کان 126)
حجاج، محمد بن قاسم جو خط ملندي ئي قبضي هيٺ آيل علائقن متعلق
نيون هدايتون ۽ تدبيرون روانا ڪيون.
حجاج جون هدايتون:
بسم الله الرحمان الرحيم
پيارا پٽ قاسم! تنهنجو خط مختلف تعظيمات ۽ تڪليفات سان سينگاريل
مليو ۽ حالتن جي پرک پئي. منهنجا فرزند آخر تو کي
ڇا ٿي ويو آهي جو سوچ ۽ سمجهه کان ڪم نٿو وٺين!
ڪاش تون سڀني اوڀر وارن راجائن کي مغلوب ڪرين ۽
سڀني ڪافرن جي شهرن کي برباد ڪرين، تون انهيءَ ڪم
۾ اڃان حاوي ڇو نه ٿي سگهيو آهين؟ ۽ دشمنن کي
پنهنجي برائي جو بدلو ڇو نه ڏنو اٿئي؟ اميد ته
دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام ٿيندا. تون دل
مضبوط رک ۽ دشمنن جي مخالفن تي جيترو وڻئي مال خرچ
ڪر ۽ پڪن معاهدن سان کين پنهنجو مطيع بڻاءِ، ڇو ته
سلطنت حاصل ڪرڻ جا چار طريقا آهن.پهريون صلح،
همدردي، چشم پوشي ۽ مائٽي. ٻيو دولت خرچ ڪرڻ،
انعام ۽ عطيو ڏيڻ. ٽيون دشمن جي مخالفت کي پوري
طرح سمجهڻ ۽ مزاج معلوم ڪرڻ. چوٿون دليري، دٻدٻو ۽
قوت ـــ تو کي هر طرح سان دشمنن کي هيسائڻ جي ڪوشش
ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪي اطاعت قبول ڪن انهن کي پڪي پناهه
عطا ڪر ۽ جيڪي تنهنجي اڳيان حاضر ٿي ڪري پنهنجي
مٿان ڍل رکن پوءِ جيڪا نقدي ۽ سامان ڏين اهو توکي
قبول ڪرڻ گهرجي. جڏهن تون قاصد ڪنهن طرف موڪلين ته
عقلمند، ذهين، امانتدار، دور انديش ۽ خوش گفتار
هجڻ گهرجي، جيئن ڪو نقصان نه پهچي. پاڻ کي دشمنن
جي ڌوڪي، مڪر ۽ فريب کان پري رک ۽ ضروري ڪمن کي
حڪمت ۽ حوصلي سان سرانجام ڏي ۽ ڏاهر کان هوشيار
رههُ. پنهنجو قاصد ڪيڏانهن موڪلڻ وقت کيس تاڪيد ڪر
ته هو دشمن جي محبت ۽ سنگت کان پري رهي. ۽ انهن
اڳيان پنهنجو پيغام اعتماد، بهادري ۽ بنا ڊپ جي
پيش ڪري ۽ پوءِ جواب ڌيان سان ٻڌي ـــ ان کانسواءِ
پنهنجي قاصدن جي وڻندڙ واعدن سان دل وڏي ڪر ۽ کين
اهو باور ڪراءِ ته هو سموري اسلامي لشڪر جو مهندار
آهي ۽ سڀئي هن جي انتظار ۾ اکيون وڇائي ويٺا آهن.
مسلمانن جو قاصد پاڪ ۽ پوتر هجڻ گهرجي ۽ ان کي
پنهنجو پيغام بغير ڪنهن گهٽ وڌاءَ جي پهچائڻ
گهرجي. مخالفن کي ٻڌاءِ ته جيڪڏهن اهي الله جي
وحدانيت تي ايمان آڻيندا ته کين زمين، دولت ۽ شهر
عطا ڪيا ويندا ۽ جيڪڏهن اسلام جي اطاعت نه ڪندا ته
پوءِ مقابلي لاءِ تيار رهن. ڏاهر کي مهراڻ ندي ٽپڻ
نه ڏج ۽ چويس ته جيڪڏهن تيار آهي ته پوءِ ڪا روڪ
ناهي پر جيئن ته اسان هيڏو رستو لتاڙي آيا آهيون،
تنهن ڪري اسان کي ئي مهراڻ پار ڪري مقابلو ڪرڻو
آهي، جيئن ٻنهي پاسي شڪ شبهو نه رهي.
دشمنن جو مقابلو کليل ميدان ۾ڪرڻ گهرجي جيئن مرد مرد جي ۽ سوار
سوار سامهون ٿئي. انهيءَ سڀ ڪجهه هوندي الله تي
ڀروسو ڪرڻ گهرجي ۽ غيب جي حڪم تي نظر رکڻ گهرجي،
ته ڪهڙي بادشاهه جو انت اچي ٿو.
عرب جي جيڪا جماعت تو سان ساڻ آهي، اها ڪڏهن به تو کان منهن نه
موڙيندي ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي جان قربان ڪري
ڇڏيندي. درياءُ اُتان پار ڪجانءِ جتي پير کوڙي
سگهين ۽ سنئون سڌو لنگهه هجي ۽ لنگهڻ وقت لشڪر جو
ساڄو، کاٻو، اڳ، پڇ ۽ وچ سڌو رکج، پيادن ۽ اڪيلن
کي اڳواٽ موڪلج ۽ ڪنهن به برگستواني (گهوڙي جي
زرهه) کي وچ ۾ نه رکجانءِ.
حجاج جو اهو خط پهچڻ کان پوءِ محمد بن قاسم درياءَ پار ڪرڻ جون
تدبيرون سوچي رهيو هو. نيرون کان اڃا ٿورو اڳتي
وڌيو ته شمني راسل جي بزرگن ۽ ڀٽي قوم جي سردارن
اچي امان طلب ڪئي ۽ حجاج جي حڪم سان سندن درخواست
قبول ڪئي ويئي ۽ مسلمان لشڪر اشبهار قلعي تي ڪاهه
لاءِ نعرا هڻندو اڳتي وڌيو.
اشبهار قلعي تي ڪاهه:
اشبهار وارن محمد بن قاسم جي اچڻ کان اڳ جنگ جي پوري تياري ڪري
ڇڏي هئي. ويجهن ڳوٺن جي ماڻهن ۽ جتن کي وڙهڻ لاءِ
قلعي ۾ وٺي آيا. محمد بن قاسم اتي پهچڻ شرط ئي
ٻاهران خندق کوٽائي قلعي جو گهيراءُ ڪري ويهي
رهيو. هفتو پورو وقفي وقفي سان جنگ هلندي رهي پر
شهر وارن جڏهن ڏٺو ته مسلمانن سان مقابلو ڪرڻ مشڪل
آهي ته اچي پيش پيا ۽ امان عيوض سالاني ڍل ڏيڻي
ڪيائون. محمد بن قاسم اتي پنهنجو حاڪم مقرر ڪري
راوڙ جي حد ۾ مهراڻ جي اولهندي ڪپ تي اچي لٿو، جتي
سندس مقابلو ٻيٽ جي حاڪم جاهين سان ٿيو ـــ
راجا راسل جي جواب جو انتظار:
سنڌو درياءُ جي ڪنار تي پهچي محمد بن قاسم خط جي جواب جو انتظار
ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ راجا راسل کي لکيو هئائين ته ڪڇ ۽
وجورتا صوبي جي حڪومت توکي ڏني وڃي ٿي ۽ انهن تي
تنهنجي حڪومت تسليم ڪئي وڃي ٿي، پر جڏهن راسل جو
جواب نه آيو ته ساڳي آڇ وسائي جي پٽ موڪو کي
ڪيائين. جنهن جلدي ۾ قبول ڪري ورتي ۽ چيائين، مان
ان مهربانيءَ تي اوهان جو شُڪر گذار آهيان ۽ توهان
جي اطاعت کي دل سان قبول ڪريان ٿو ۽ پنهنجي پر ۾
بهتر ڀانئيان ٿو. توهان جو هر حڪم منهنجي اکين تي
هوندو، ان جي پورائي لاءِ پاڻ پتوڙيندس، مان
انهيءَ واعدي کي هميشه پاڻي ڏيندو رهندس.
اهو ٺيڪ آهي ته هي اسان جي ابن ڏاڏن جو ديس آهي ۽ ڏاهر اسان جو
مائٽ آهي، ان جي ڏک سک ۾ اسان کي ساڻ هجڻ گهرجي پر
ان حقيقت کان منهن موڙي نٿو سگهجي ته هي ملڪ اسان
جي هٿن مان نڪري چڪو آهي، ان ڪري عقلمند انسان
اهو آهي، جيڪو هن موقعي مان فائدو وٺي.
توهان مون تي ڀروسو ڪيو ۽ عزت سان پيش آيئو تنهن ڪري اوهان جو
ساٿ ڏيڻ مون تي فرض آهي ۽ اهو ساٿ جنگ کان سواءِ
مون لاءِ مٽن وٽ بي عزتي جو باعث هوندو. ان ڪري
مون سوچيو آهي ته پنهنجي ڌيءَ جي شادي جي بهاني
ساڪري وڃان ۽ توهان اتي هڪ هزار سپاهي موڪلي
مونکي گرفتار ڪرائي وٺو.
موڪو سردارن سميت ساڪري پهتو. محمد بن قاسم نبانه بن خنظله کي
پويان هڪ فوجي جٿي سميت موڪليو، جنهن موڪو کي
گرفتار ڪري اچي ابن قاسم اڳيان پيش ڪيو. گرفتار
ٿيلن ۾ سندس خاندان جا ويهه ٺاڪر به شامل هئا.
راجا موڪو جي عزت افزائي:
جڏهن موڪو ۽ سندس سردارن کي محمد بن قاسم اڳيان آندو ويو ته هو
انهن سان وڏي عزت ۽ احترام سان پيش آيو ۽ کين سهڻي
سروپاءَ ۽ هڪ سائي ڇٽي جنهن جي مٿان مور ٺهيل هو،
عطا ڪيائين. ان کان علاوه هڪ لک درهم انعام طور
ڏئي ٻيٽ جي حڪومت هميشه لاءِ موڪو جي حوالي ڪري
ڇڏي.
تاريخدانن مطابق موڪو کي ڏنل انعام پنهنجي قسم جو پهريون عطيو
هو، جيڪو عربن هتي ڏنو.
محمد بن قاسم واعدي مطابق وجورتا به سندس حوالي ڪيو ۽ کيس
ٻيڙيون ڏيڻ لاءِ چيو.
راجا ڏاهر جون تياريون:
راجا ڏاهر کي جڏهن اها خبر پئي ته موڪو بغاوت ڪري مسلمانن سان
ملي ويو آهي ته کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ انهيءَ مهل
هڪڙو لشڪر مسلمانن جي مقابلي لاءِ موڪليو، جيڪو
درياءُ پار ڪري اچي مسلمانن سان سامهون ٿيو.
مسلمان وڏي بهادري ۽ همت سان وڙهيا ۽ کين کٽو ڪري
ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.
مولانا اسلامي راجا ڏاهر جي درٻار ۾:
جنگ کان اڳ محمد بن قاسم چاهيو ته ڳالهين سان ڪو حل ڪڍجي، ان
ڪري هڪ شامي ۽ ٻيو مولانا اسلامي جيڪو ديبل جو
رهاڪو هو ۽ محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام قبول ڪري
مولانا اسلامي جي خطاب سان سرفراز ٿيو هو، کي راجا
ڏاهر جي درٻار ۾ سفارتي وفد طور موڪليو، مولانا
اسلامي ۽ شامي جڏهن درٻار ۾ پهتا ته درٻاري ريت
مطابق راجا ڏاهر اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايائون ۽
نه ئي سجدو ڪيائون. راجا ڏاهر ان ڳالهه تي ڏمرجي
پيو ۽ مولانا اسلامي کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو، جنهن کي
هو اڳ ۾ ئي سڃاڻندو هو. تون شاهي آداب پورا ڇو نه
ڪيا؟ جڏهن ته تون هتان جو آهين ۽ توکي چڱيءَ طرح
ريتن رسمن جي خبر آهي. مولانا اسلامي جواب ڏنو ته
جڏهن مان توهان جي دين تي هئس ته اهي رسمون
پوريون ڪندو هئس پر جيئن ته هاڻي مان مسلمان ٿي
چُڪو آهيان ۽ اسلام ۾ خدا کانسواءِ ڪنهن جي اڳيان
جهڪڻ جائز ناهي. ڏاهر اهو ٻڌي وڌيڪ ڪاوڙجي پيو ۽
چوڻ لڳو جيڪڏهن تون قاصد طور نه اچين ها ته تنهنجو
هتان لاش وڃي ها. مولانا اسلامي وراڻيو، منهنجي
مرڻ سان عربن کي ڪوئي نقصان نه ٿيندو، ها پر انجو
توهان کي وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو!
ان کان پوءِ شامي اڳتي وڌيو ۽ چيائين اسان توهان ڏانهن مسلمانن
جي سردار محمد بن قاسم جو پيغام کڻي آيا آهيون،
انهن اوهان کي ٻه رستا ڏنا آهن، هڪڙو درياءُ ٽپي
ڪري اسان ڏانهن اچو ته اسان توهان جي رستي روڪ نه
ڪنداسين، جيڏانهن توهان جي مرضي پئي وڃو. ٻيو اسان
جو رستو صاف ڪيو جيئن درياءُ پار ڪري اچي توهان
سان دوبدو مقابلو ڪريون.
ڏاهر جي سيساڪر سان صلاح:
ڏاهر پنهنجي وزير سيساڪر کي گهرائي پڇيو ته اسان کي ڇا ڪرڻ
گهرجي؟ وزير چيو، حضور منهنجي خيال ۾ مسلمانن کي
مهراڻ پار ڪرڻ ڏجي، جيئن اهي درياءَ جي هن ڀر اسان
جي علائقي ۾ اچي وڃن ۽ پوءِ پويان درياءَ هجڻ ڪري
سندن رسد بند ٿي ويندي ته اسان کين آسانيءَ سان
شڪست ڏيئي سگهنداسين.
علافي جو مشورو:
راجا ڏاهر سياڪر سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ علافي سردار جيڪو اسلامي
حڪومت جو باغي هو، ۽ ڏاهر وٽ پناهه ورتي هئائين،
کي گهرائي سيساڪر جي صلاح ٻڌائي پنهنجي راءِ ڏيڻ
لاءِ چيو. علافي چيو حضور! سيساڪر جي صلاح صحيح
ناهي. مان انهن کي سڃاڻان ٿو، پهريان ته محمد بن
قاسم پاڻ سان گڏ وڏي فوج وٺي آيو آهي ۽ انهن ۾ وڏا
بهادر ۽ جنگجو سپاهي شامل آهن، ٻيو ته مسلمان جڏهن
گهران نڪرندا آهن ته شهادت جي يا وري ميدان ماري
نڪرڻ جي دعا گهري نڪرندا آهن. ان ڪري ميدان مان
مرڻ مارائڻ کانسواءِ هو واپس نه ويندا. تنهن ڪري
انهن کي درياءُ ٽپڻ نه ڏنو وڃي ۽ جهنگ جي جتن،
ٻيڙين جي ملاحن ۽ ڀرسان وارن ماڻهن کي حڪم ڪيو ته
گاهه، اناج، ڪاٺيون ۽ ٻيو سامان کين نه پهچائن ۽
تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته جيئن پاڻ ئي ڀڄي وڃن.
ڏاهر جو جواب:
ڏاهر سڀني صلاحڪارن سان مشورو ڪري محمد بن قاسم جي ماڻهن کي
جواب ڏنو ته کيس وڃي چئو مونکي تنهنجي ڪائي ڳالهه
منظور ناهي ۽ تنهنجو منهنجو فيصلو تلوار ڪندي.
درياءُ پار ڪر يا نه ڪر تنهنجي مرضي، اسان هر وقت
وڙهڻ لاءِ تيار ويٺا آهيون.
شامي شخص ۽ مولانا اسلامي ڏاهر جو جواب اچي محمد بن قاسم کي
ٻڌايو. محمد بن قاسم پنهنجو لشڪر وٺي سنڌو درياءُ
جي اولهندي ڪناري راوڙ قلعي جي سامهون اچي خيما
هنيا ۽ هوڏانهن ڏاهر تياري ڪري درياءُ ويجهو پهتو.
محمد بن قاسم. حجاج جي حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳو.
حجاج جو خط:
ڪجهه ئي ڏينهن مس گذريا هئا ته حجاج جو خط اچي پهتو ته ”تون
درياءُ پار ڪرڻ ۽ ڏاهر سان جنگ جوٽڻ بابت لکيو
آهي، الله جي حڪم سان تون ضرور ڪامياب ٿيندين، هتي
هر گهڙي هر نماز ۾ تنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون
گهريون پيون وڃن. مان اڪيلائيءَ ۾ لڙڪ هاري ڌڻي در
ٻاجهائيندو آهيان ته اي رب پاڪ! توکان سواءِ ڪوئي
وڏو بادشاهه ناهي، مسلمانن کي ڀلي مراد موٽاءِ.
توکي درياءُ ضرور پار ڪرڻ گهرجي ۽ مولا کان هر وقت
مدد گهرڻ گهرجي. جڏهن دشمن سامهون اچي ته الله تي
ڀروسو ڪري بهادري ۽ همت سان حملو ڪر، الله پاڪ
تنهنجي فرشتن وسيلي تلوار کي تيزي عطا ڪندو ۽ سندن
جسمن کي ان جي خوراڪ بڻائيندو. عذاب الاهي جو هو
عبرتناڪ نتيجو ڏسندا.
درياءُ اوررانگهڻ کان اڳ هن ملڪ جي ملاحن کي واعدن وفائن سان
پنهنجو بڻائي پوءِ پار ڪر جيئن پويان ڪوئي خوف ۽
خطرو نه رهي. ۽ پوءِ تون دشمن تي حملو ڪندين ته هو
ڪٿان به مدد نه ماڻي سگهندا ۽ تنهنجي تلوار جو خوف
سندن حوصلا خطا ڪري ڇڏيندو، جنهن جي ڪري ڪوئي
هٿيار ڪم نه ايندن. جيڪڏهن هو ڀاڄ کائن ته سامان
سري ۽ خزاني تي جلدي قبضو ڪري وٺ ۽ انهن جي ڪنهن
به فريب ۾ نه ڦاس. هر هڪ کي دين جي دعوت ڏي ۽ دل
سان اچڻ تي سندن اهڙي تربيت ڪر جو وري دين جو ڪوئي
اهڙو دشمن نه رهي، جنهن جو خون توهان جي تلوارن
لاءِ مباح هجي.
هي دعا جنهن جو مان ورد ڪندو آهين تون به هر وقت ٻاڏائيندو رهه.
ترجمو: ”اي اسان جا رب! هي اسان تو کان ان ڪري گهرون ٿا جو تون
هميشه سدا حيات ۽ سدا قائم رهندڙ آهين، جنهن کي
ڪوئي جهوٽو ۽ ننڊ نٿي اچي. آسمان ۽ زمين ۾ سڀ ڪجهه
تنهنجو آهي ۽ ڪير آهي اهڙو جيڪو تنهنجي اجازت
کانسواءِ تو وٽ سفارش ڪري. جيڪو به اسان جي اڳيان
۽ پويان آهي اهو تون ڄاڻين ٿو، ۽ تنهنجي مرضيءَ
کانسواءِ تنهنجي علم مان ڪنهن به شيءِ کي پروڙي
نٿا سگهون.تنهنجي حڪومت زمين ۽ آسمان تي پکڙيل آهي
۽ انهن جي حفاظت تنهنجي لاءِ ڪنهن تڪليف جو ڪارڻ
ناهي. تون عظيم ۽ غالب آهين ۽ ان ڪري جو تون واحد
۽ بي نياز آهين، جنهن نه ڪنهن کي ڄڻيو آهي نه ڪنهن
کان ڄائو آهي. ۽ نه ڪوئي سندس مٽ آهي. (اسان توکان
گهرون ٿا) تنهنجي سڳوري ذات جي صدقي جا سڀني ذاتين
جي رب ۽ سڀني ذاتين تي غالب ۽ سڀني ذاتين جي
خلقيندڙ ۽ هر ذات تي قادر آهي. ڀلائي، احسان ۽
مڪمل ڪلما تنهنجي هٿ ۾ آهن. (انهن سان گڏ) اسان کي
پنهنجي نعمت جو شڪر، پنهنجي حق جي معرفت ۽ پنهنجي
رضامنديءَ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.
توکي الله جي رحمت، سلامتي ۽ برڪت حاصل ٿئي. (حمران ڪاتب 93هه ۾
لکيو).
حجاج جو خط پڙهڻ کان پوءِ محمد بن قاسم پنهنجي ساٿين کي هڪ
تقرير ڪئي ۽ ڏاهر سان جنگ جا سانباه ڪيا ته هڪ ٻيو
خط حجاج جو اچي پهتو. ”تنهنجو دشمن مغرور آهي، پر
تون بي خوف رَههُ، جيڪڏهن صلح ڪري ۽ ڍل سرڪاري
خزاني ۾ پهچائي ته ٺيڪ آهي.تو کي درياءُ اتان پار
ڪرڻ گهرجي جتان گپ چڪ نه هجي، جيئن لشڪر کي تڪليف
نه ٿئي. درياءُ جي ٻارهن ميلن جو مٿان کان هيٺ
تائين پاڻي جي ويڪر ۽ ڊيگهه جو نقشو ٺاهي ۽ ان ۾
گهٽن گهيڙن تي نشان لڳائي موڪل ته جيئن تو کي پار
ڪرڻ جو مناسب رستو ٻڌايون.“
ان خط کان پوءِ محمد بن قاسم موڪو کي گهرائي درياءُ ٽپڻ جي صلاح
پڇي.
ڏاهر جو سامهون اچڻ:
ڏاهر کي جڏهن خبر پيئي ته محمد بن قاسم جيور جي سامهون اچي لشڪر
سان لٿو آهي ته پاڻ هاٿي تي سوار ٿي مسلمانن جي
سامهون مهراڻ ڪناري پهتو.
هڪ شامي جي شهادت:
مسلمانن جي لشڪر ۾ موجود هڪ شامي ڏاهر کي ڏسي مٿس تير اڇلائڻ
لاءِ گهوڙي کي پاڻيءَ ۾ گهيريو ته ان ٽاهه کاڌو،
هوڏانهن ڏاهر جلدي ۾ نشانو وٺي تير اڇلايو، جيڪو
شامي جي سيني ۾ کپجي ويو ۽ هو شهيد ٿي ويو.
ڏاهر اتان واپس ٿيو ۽ جاهين کي حڪم ڏنائين ته مسلمانن جو اڳ وٺي
بيهي رهي ۽ ٻيٽ واري قلعي جي گهيڙ کان گذرڻ نه ڏي،
جيئن مسلمان اهڙي جاءِ وٽان گذرن جتان گپ ۽ اونهو
پاڻي هجي. ان کانسواءِ ٻيڙيون تيار رک جيئن درياءُ
ٽپڻ وقت مٿن حملو ڪيو وڃي. ان حڪم کان پوءِ جاهين
مهراڻ جي ڪپ تي بيهي رهيو.
سيوستان جي بغاوت:
ان وچ ۾ اسلامي لشڪر جي سوارن جيڪي سيوستان ۾ مقرر هئا اچي
اطلاع ڏنائون ته سيوستان جو والي چندرام (چندر
رام) هالا ڪجهه ٺاڪرن سان گڏجي بغاوت ڪئي آهي ۽
عرب سپاهين کي اتان تڙي ڪڍيو اٿائين. محمد بن
قاسم، محمد بن مصعب کي ٻن هزار پيادل ۽ هڪ هزار
سوارن سميت روانو ڪيو. چندر رام قلعي کان ٻاهر
نڪري مسلمانن سان مقابلو ڪيو پر مسلمانن جي تلوارن
آڏو نه بيهي سگهيو ۽ واپس قلعي ڏانهن ڀڄڻ لڳو ته
قلعي وارن اندران دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ رام مجبور
ٿي جهم طرف ڀڄي ويو.
محمد بن مصعب ٻئي ڏينهن شهر ۾ داخل ٿيو. چڱن مڙسن، واپارين ۽
هنرمندن ابن مصعب اڳيان معذرت ڪئي ته ان ۾ اسان جو
ڪو قصور ناهي، هو زوريءَ زبردستي قلعي تي قابض ٿي
ويو هو.
محمد بن مصعب جي ڪاميابي ٻڌي محمد بن قاسم ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس
پيغام موڪليو ته تو کي قلعي جي حفاظت لاءِ اعتماد
جوڳا ماڻهو رکڻ گهرجن ۽ اتان جي معززن ۽ ڪاروباري
ماڻهن کان مناسب ضمانتون ۽ چار هزار جنگجو سپاهي
پاڻ سان گڏ وٺي اچ.
محمد بن مصعب چار هزار سپاهي سيوستان مان وٺي محمد بن قاسم وٽ
پهتو. انهن ڏينهن موڪو پٽ وسايو به ٻيٽ قلعي ويجهو
اچي محمد بن قام سان مليو.
محمد بن قاسم جي مقابلي لاءِ جيسينا جي چونڊ:
راجا ڏاهر کي موڪو جي مسلمانن سان ملي وڃڻ جي خبر پيئي ته
پنهنجي پٽ جيسينا کي گهرائي محمد بن قاسم جي
مقابلي لاءِ ٻيٽ قلعي طرف روانو ڪيائين، جيئن
مسلمان درياءُ پار نه ڪري سگهن، جيسينا سڄي فوج
تيار ڪري هٿيارن پنوهارن سوڌو ڪوتڪه ندي رستي
ڪناري تي پهتو. هوڏانهن محمد بن قاسم لشڪر سان گڏ
جهم ۽ ڪوهل جي علائقي ۾ اچي لٿو ۽ اٽڪل پنجاهه
ڏينهن اتي ترسڻو پيس، جنهن جي ڪري سندس لشڪر ۾
ڏڪار منهن ڪڍيو، اناج ۽ گاهه کٽي پيو ۽ گهوڙا
بيمار ٿيڻ لڳا. ڏاهر کي جڏهن اها خبر پيئي ته ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ محمد بن قاسم ڏانهن پيغام موڪليائين.
ڏاهر جو پيغام:
ڪنهن ڪم جي پويان پئجي وڃڻ نڀاڳ جي نشاني آهي. تون پاڻ کي ۽
اسان کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هاڻي به وقت ناهي
ويو جيڪڏهن ٺاهه ڪري واپس وڃين ته پوءِ تو ڏانهن
کاڌو موڪليان، جيئين تنهنجا ساٿي بک ۽ بدحاليءَ
کان بچي وڃن. توکي پاڻ به سوچڻ گهرجي ته تو وٽ
ڪهڙو جوڌو جوان آهي، جيڪو اسان جي سامهون اچي
سگهندو. نه ته ٻي صورت ۾ جنگ لاءِ تيار ٿي.
محمد بن قاسم جو جواب:
مان انهن سپهه سالارن مان ناهيان، جيڪي معمولي ڳالهه تي مايوس
ٿي موٽي وڃن. تون ايترا ڏينهن جيڪا سرڪشي ڪئي،
انهن ڏينهن جو ڏنڊ جيڪڏهن دارالخلافت ۾ جمع
ڪرائيندين ته تو سان ٺاهه ٿي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾
الله جي مدد سان تنهنجو سر عراق ضرور کڻي ويندس.
حجاج بن يوسف کي اطلاع:
محمد بن قاسم تازين حالتن جي ڄاڻ حجاج ڏانهن رواني ڪئي. حجاج
پوري معلومات وٺڻ لاءِ پنهنجو ماڻهو طيار نالي سنڌ
موڪليو، طيار مڪران پهتو ته اتي سنڌ کان ايندڙ هڪ
شخص مليو، جنهن کيس مسلمانن جي لشڪر ۾ ڏڪار ۽
گهوڙن ۾ بيماري پکڙجڻ جو اطلاع ڏنو. طيار ان شخص
کي وٺي عراق حجاج وٽ آيو ۽ سڄي ڳالهه ڪري
ٻڌايائين. حجاج ڏاڍو رنجيده ٿيو ۽ سڀني عالمن،
عابدن ۽ صالحن کي دعا جي اپيل ڪيائين ۽ پوءِ ان
ماڻهوءَ کي دارالخلافت اماڻيائين، جيئن امير کي
آگاهي ملي.
ان کان پوءِ حجاج بن يوسف ٻه هزار گهوڙا محمد بن قاسم ڏانهن
موڪليا ۽ لکيو ته تنهنجي گهوڙن جي مرڻ جي خبر پئي
ان ڪري هي ٻه هزار گهوڙا اٿئي، پنهنجي لشڪر کي
منظم رک ۽ درياءُ تي ٻيڙين جي پل ٺاهي پار ڪرڻ جي
ڪوشش ڪر.
محمد بن قاسم ان خط جو جواب ڏيندي چيو ته مزاج مخالف ۽ بي وقت
کاڌن کائڻ ڪري طبيعت ۾ خرابي آئي آهي، ان ڪري سرڪو
عنايت ڪيو وڃي، جنهن جي لشڪر کي سخت ضرورت آهي.
حجاج جو سرڪو موڪلڻ:
حجاج پڃيل ڪپهه کي ڪيئي دفعا سرڪي ۾ ٻوڙائي سڪايو ۽ پوءِ ان
ڪپهه جون ڳٺريون ٻڌي محمد بن قاسم ڏانهن موڪليون،
محمد بن قاسم جي گورنري:
محمد بن قاسم کي جڏهن مهراڻ جي اولهندي ڪناري تي گهڻو عرصو
ترسڻو پيو ته اتي حجاج طرفان کيس سنڌ تي گورنري جو
پروانو موڪلي آزاديءَ سان حڪومت ڪرڻ جو اختيار ڏنو
۽ لکيائين ته تنهنجو هر دشمن سان هڪجهڙو سلوڪ
جڳائي نٿو. امتحان ۽ آزمائش کان پوءِ جنهن به دشمن
جي عداوت ۽ مخالفت ظاهر ٿئي ان کي سزا ڏيڻ گهرجي،
نيڪ ۽ بد جي تميز هجڻ گهرجي نه ته دشمن کي ڇوٽ
ملندي. پنهنجي عقل کان ڪم وٺي سڀني کي پناهه جو
حقدار نه سمجهه. انهن ڪمن ۾ وقت وڃائڻ کان پاسو ڪر
نه ته جنگ جو خرچو پورو ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو
اختيار ڪرڻو پوندو ۽ اها ڊگهي بيوقوفي ختم ڪئي
ويندي.
توکي حڪومت ۽ سياست جا راز معلوم هجڻ گهرجن. توکي لشڪر جي عزم ۽
ارادن کي وڌائڻ ۽ همت ڏيارڻ گهرجي، مضبوط ۽ ثابت
قدم هئڻ گهرجي، غفلت ڇڏي ڪري خدا جي ذڪر ۾ دل ۽
جان سان مصروف ٿي وڃ.
تو جيڪو درياءُ جي وهڪري متعلق لکيو آهي، ان صورت ۾ تو کي ٻيٽ
وٽان گذرڻ گهرجي، جتان درياءُ جو پيٽ سوڙهو آهي ۽
ان کان سواءِ اتي دو آبو به آهي، ٻيڙين جي پل
ٺاهجان ۽ الله جي مدد کي نه وسارجانءِ. جڏهن تون
طاقت ۽ حشمت کان ڪم وٺندين ته دشمن جي فوج ۽ عوام
پنهنجي جان بچائڻ ۽ پيٽ پالڻ خاطر تنهنجي پيش
پوندا ۽ اطاعت ڪري تنهنجا ٿيندا.
سليمان جو جنگ تي وڃڻ:
محمد بن قاسم مهراڻ پار ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري سليمان بن نبهان
قريشي کي حڪم ڏنائين ته هڪ فوجي جٿو وٺي راوڙ
سامهون پهچ جيئن ڏاهر جو پٽ گوپي پنهنجي پيءُ جي
مدد لاءِ نه پهچي سگهي. سليمان ڇهه سؤسپاهي ساڻ
ڪري هلي پيو. ان کان پوءِ ابن قاسم، عطيه طفلي کي
پنج سؤ سپاهين سميت اگهم جو رستو روڪڻ لاءِ مقرر
ڪيو، جيئن ڪندراه واري علائقي جي چوڪسي ڪري.
هوڏانهن قلعي نيرون جي سردار شمني ميگهڌنيا کي
چيائين ته رستي ۾ لشڪر کي کاڌ خوراڪ پهچائي. محمد
بن مصعب کي وري لشڪر جي مهڙ وارن رستن جي نگراني ۽
حفاظت حوالي ڪيائين.
انهيءَ وچ ۾ ذڪوان بن علوان البڪري پندرهن سؤ سوارن، ٻيٽ جي
حاڪم موڪو، ڀٽي ٺاڪرن ۽ مهراڻ جي اولهندي ڪپ تي
آباد جتن کي ساڻ ڪري اچي حاضر ٿيو. ساڪري جا وڏيرا
به ٻيٽ جي حد ۾ تيار ٿي بيٺا.
ٻيڙين جي پل:
محمد بن قاسم وسائي جي پٽ موڪو کي ٻيڙين گڏ ڪرڻ لاءِ چيو. جڏهن
ٻيڙيون گڏ ٿي ويون ته انهن کي هڪ ٻئي سان رسين سان
جوڙي درياءُ جي پيٽ جيتري ڊگهي قطار ٺاهي اولهندي
پاسي کان درياءُ ۾ لاٿيون ويون، تيز وهڪري ڪري
ٻيڙين جو ٻيو سرو پنهنجو پاڻ وڃي اڀرندي پاسي
لڳو.جتي هڪ ٻيڙيءَ ۾ موجود سپاهين قطار جي انهيءَ
ڇيڙي کي وٺي ڪناري سان قابو ٻڌي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح
اها ٻيڙين جي پل تيار ٿي ويئي ۽ محمد بن قاسم جي
فوج صحيح سلامت درياءُ ٽپي اوڀر طرف اچي لٿي، صرف
هڪ سپاهي تراب نالي پير ترڪڻ ڪري مهراڻ ۾ ڪري شهيد
ٿي ويو.
مهراڻ ٽپي محمد بن قاسم پنهنجي لشڪر کي خطاب ڪندي چيو ”مجاهدو
سنڌو درياءُ توهان جي پٺيان آهي، ۽ دشمن اڳيان،
جنهن سان جلد جهيڙو ٿيڻ وارو آهي، ان ڪري جنهن کي
به واپس وڃڻو هجي هاڻي وڃي، جنگ وچ مان وڃڻ بزدلن
جو ڪم آهي ۽ ان سان لشڪر به هيڻو ٿيندو.“
ان تقرير کان پوءِ ٽن ڄڻن واپس وڃڻ جو عرض ڪيو. هڪ چيو منهنجي
هڪ ڌيءَ آهي، جنهن جو مون کان سواءِ پالڻ وارو
ڪوئي ڪونهي، ٻي چيو منهنجي ماءُ سخت بيمار آهي ۽
مان ان جو اڪيلو پٽ آهيان، ٽين پنهنجي مٿان قرض جو
ٻڌايو، جيڪو ڪوئي لاهڻ وارو ناهي. محمد بن قاسم
انهن ٽنهي ڄڻن کي واپس وڃڻ جي اجزت ڏني.
راوڙ ڏانهن روانگي:
محمد بن قاسم پنهنجو لشڪر وٺي راوڙ ڏانهن وڌيو، رستي ۾ ايندڙ
ڳوٺ جيور تي قبضو ڪيائين. هوڏانهن ڏاهر کي اسلامي
لشڪر جي درياءُ پار ڪرڻ جي خبر پئي ته پنهنجي فوج
سان گڏ مسلمانن سان مقابلي لاءِ نڪتو. ٻنهي فوجن
جي وچ ۾ هڪ ڍنڍ حائل ٿي جتي ڏاهر پنهنجي فوج جو
هڪ جٿو بيهاري ڇڏيو. محمد بن قاسم سمجهي ويو ته
هو وجهه وٺي اسان جي آڏو ٿيندا، تنهن ڪري محرزبن
ثابت قيسي کي ٻن هزار سپاهين سان ڍنڍ جي ٻئي طرف
اماڻيو ۽ محمد بن زياد العبدي کي هڪ هزار سوار ڏئي
اتي ئي ڏاهر جي لشڪر جي چرپر ۽ سرگرمي ڏسڻ لاءِ
مقرر ڪيو.
ڏاهر جو علافي کي گهرائڻ:
راجا ڏاهر عرب سردار محمد علافي کي گهرائي چيو ته ڏس اسان توکي
مشڪل وقت ۾ پناهه ڏني هئي، تون فوج جو هڪڙو جٿو
وٺي مسلمانن سان مقابلو ڪر، ڇاڪاڻ ته تون مسلمان
هجڻ ناتي انهن جي جنگ ڪرڻ جي هر حربي کي ڄاڻين ٿو.
محمد علافي عرض ڪيو، توهانجا مون تي احسان برابر
آهن، پر مسلمان هجڻ ڪري اسلامي لشڪر سان جنگ ڪرڻ
منهنجي مذهب ۾ حرام ۽ ڪنهن کي ماريان ته نتيجو
دوزخ آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي هٿان مان مري ويس ته
منهنجو حرام موت هوندو. ڏاهر اهڙي جواب کان پوءِ
ڏمرجي پيو ۽ کيس وطن کان نڪري وڃڻ لاءِ چيائين.
چچنامي جي مٿئين روايت سندس پنهنجن اڳين ايندڙ بيانن جي خلاف
آهي، فارسي نسخي جي صفحي نمبر 37 ــ 236 تي لکيل
آهي. ڏاهر جڏهن ابن قاسم جي مقابلي لاءِ پنهنجي پٽ
جيسينا کي موڪليو ته سندس مشوري لاءِ علافي گڏ هو.
ڏاهر جي مارجڻ کان پوءِ به علافي سندس پٽ سان مشير
جي حيثيت ۾ ساڻ رهيو (ص 70 ــ 269) جڏهن جيسينا
نااميد ٿي ڪري برهمڻ آباد مان نڪري چترور پهتو ته
علافي کانئس موڪلائي پهريون تاڪيا آيو ۽ پوءِ
ڪشمير جي راجا وٽ آخر تائين رهيو.
چچ نامي جي هڪ ٻي روايت به آهي، جنهن مطابق جنگ کان انڪار ڪرڻ
تي راجا ڏاهر هن کي پاڻ سان گڏ صلاح مصلحت لاءِ
رکيو. هو جاسوسن جي هڪ جماعت جو سالار بڻجي ڪري
مسلمانن جي لشڪر ۾ آيو ته انهن کيس سڃاڻي ورتو ۽
گهڻي ملامت کان پوءِ شرمسار ٿي اتان ڀڄي نڪتو.
حجاج جو خط:
محمد بن قاسم جنگ جي تيارين ۾ مصروف هو ته کيس حجاج بن يوسف جو
هڪ خط مليو.
”عزيز فرزند محمد بن قاسم!
تنهنجي خط مان حالتن جي خبر پئي انهيءَ ڪم ۾ ڪاميابي تڏهن ٿيندي
جڏهن تون سڀ کان وڌيڪ ترجيح پنج وقت نمازن کي
ڏيندين. خدا کان ڳوڙها ڳاڙي دعا گهر ۽ ذڪر جاري
رک. ۽ ياد رک ته الله جي رضا کانسواءِ عزت ۽ طاقت
حاصل ناهي ٿيندي، جڏهن تون ان کي پنهنجو وسيلو
بڻائيندين ته اهو تنهنجي ضرور مدد ڪندو ۽ ڪاميابي
جا دروازا کوليندو.“ (حمران جو لکيل)
جيسينا سان جنگ:
چچنامي مطابق جڏهن محمد علافي جاسوسي ڪندي مسلمانن جي ملامت
ٻڌي ڏاهر وٽ موٽي آيو ته ڏاهر پنهنجي پٽ جيسينا کي
سوارن ۽ هاٿين سان گڏ مسلمانن جي مقابلي لاءِ
موڪليو. دوبدو مقابلو ٿيو، ڪيترائي ڪافر مسلمانن
جي تلوارن جو کاڄ بڻيا. جيسينا هاٿي تي سوار ٿي
پيادل مسلمانن تي حملو ڪندو رهيو پر جڏهن گهيرو
تنگ ڏٺائين ته وڏي مشڪل سان ڀڄي وڃي پنهنجي پيءُ
وٽ پهتو. ڏاهر پٽ جي بچي اچڻ تي شڪر ادا ڪيو.
ان کان پوءِ مسلمانن ۽ ڏاهر جي وچ ۾ راوڙ ويجهو 1 رمضان، 93هه،
(12 ـــ 711ع) تي فيصلائتي جنگ شروع ٿي، جنهن سان
سڄي سنڌ اسلام جي نور سان هميشه لاءِ روشن ٿي
ويئي.
ان جنگ ۾ راجا ڏاهر ڏهه هزار سوارن ٽن هزار پيادن، جهجهي جنگي
سامان ۽ سؤ هاٿين سان جنگ ۾ لٿو. راجا ڏاهر پاڻ
به وڏو بهادر هو ۽ کيس هڪ اهڙو ڪمان هو جنهن جي
رسي ۾ لوهي تيز ڌار لڳل هوندي هئي، جيڪا ڪنهن تي
اڇليندو هو ته ان جو ڳلو ڪپي ڇڏيندي هئي. چڱو ڀلو
ان جي رسي کي نه ڇڪي سگهندو هو.
هيڏانهن سترهن سالن جو محمد بن قاسم ٻارنهن هزار مجاهدن سان
پنهنجي ديس کان هزارين ميل پري الله جي ڀروسي تي
9000 تير اندازن سان اچي سامهون ٿيو.
نون ڏينهن تائين ٻنهي فوجن وچ ۾ تيز جنگ هلندي رهي. 9 رمضان
93هه (12 ــ711) واري ڏينهن مسلمانن جي ترتيب ڪجهه
هن طرح هئي، محمد بن قاسم ۽ محرز بن ثابت لشڪر جي
وچ ۾، جهم بن زهر الجعفي ساڄي پاسي کان، زڪوان بن
علوان بڪري کاٻي کان، نبانه بن حنظله پويان ۽
عطائن مالڪي کي مهڙ تي مقرر ڪيو ويو.
تنهن کانپوءِ محمد بن قاسم پنهنجي فوج کي مخاطب ٿيندي چيو، اي
دلير عربو! جيڪڏهن مان جنگ ۾ ماريو وڃان ته منهنجي
جاءِ تي محرز بن ثابت سپهه سالار هوندو ۽ جيڪڏهن
هو به نه رهي ته پوءِ سعيد کي پنهنجو سردار
بڻائجو. سڀ کان اڳ ۾ محرز حملو ڪيو ۽ وڙهندي
وڙهندي شهيد ٿي ويو، ان کان پوءِ سعيد حملي لاءِ
اڳيان وڌيو ۽ دشمن کي چڱو نقصان پهچايائين، حسن بن
مجته بڪري جو وڙهندي آڱوٺو ڪٽجي پيو پر مسلمان
پنهنجي جاءِ تي ڀت وانگر بيٺا رهيا. راجا ڏاهر
جڏهن ڏٺو ته مسلمان پنهنجي جاءِ تي ڄميا بيٺا آهن،
کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ مست هاٿين کي موڪليو. مسلمان
ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ورهائجي ويا ۽ هاٿين مٿان حملو
ڪري انهن کي ڀڄائي ڪڍيو. پوءِ سڄي اسلامي لشڪر
ملي ڪري دشمن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. شام جي انڌيري
ٻنهي فوجن کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڃڻ لاءِ
مجبور ڪيو.
آخري جنگ:
10 رمضان تي جنگ پنهنجي عروج تي پهچي چُڪي هئي. ٻنهي فوجن جا
سپهه سالار ميدان تي اچي چُڪا هئا. راجا ڏاهر سان
گڏ سندس پٽ جيسينا به 10 هزار سپاهين سوڌو موجود
هو. جيڪي سر کان پيرن تائين لوهه ۾ غرق، تلوارن،
ڍالن ۽ زرهن سان سينگاريل، ڊگهن کليل وارن سان ته
ڪي ٻڌل وارن سان هئا.
معصومي مطابق ڏاهر جي فوج جا 10 هزار سپاهي زرهن سان ويڙهيل ۽
ٽيهه هزار پيادل هئا. سندن اڳيان هاٿين وارا
قطارون ٺاهي هلي رهيا هئا. راجا ڏاهر لشڪر جي وچ ۾
اڇي هاٿيءَ تي سوار هو ۽ سندس چوڌاري سردار ساڻ
هئا. ڏاهر سان گڏ ٻالڪي ۾ ٻه خوبصورت ڪنيزون هيون،
جنهن مان هڪ شراب جو پيالو پياري رهي هئي ۽ ٻي پان
کارائي رهي هئي.
مسلمان فوج جي تياري:
محمد بن قاسم به دشمن کي ڏسي لشڪر ترتيب ڏيڻ لڳو، ساڄي هٿ کان
نبانه بن حنظله ڪلابي، کاٻي کان ذڪوان۽ ابو صابر
حمداني کي جهنڊو هٿ ۾ ڏئي هاٿين سامهون مقرر
ڪيائين. هذيل بن سليمان ازدي، زياد بن جليدي ازدي
۽ ٻين سوار جهڙوڪ نميله، مسعود بن الشعري ڪلبي،
مخارق بن ڪعب راسي کي فوج جي قلب ۾ آڏو کڙو
ڪيائين.
سڀ کان پهريان مقدمه (مهڙ) ورا حرڪت ۾ آيا. محمد بن زياد عبدي ۽
بشر بن عطيه پنهنجي ساٿين سوڌو هڪ پاسي کان مصعب
بن عبدالرحمان ثقفي ۽ خريم بن عروه مدني ٻئي پاسي
ڏاهر سامهون ٿيا. پوءِ محمد بن قاسم تير اندازن کي
ٽن ٽولن ۾ ورهائي هر وقت تيار رهڻ جو حڪم ڏنو،
اهڙيءَ طرح فجر جي نماز کان پوءِ پورو لشڪر پنجن
ٽولن ۾ ورهائجي پوزيشنون سنڀالي ورتيون، تير
اندازن تير ڪمان تيار ڪري باهه جون مشعلون ٻاريون.
پهريون ٽولو عاليه قبيلي جو، ٻيو بنو تميم، ٽيون
بڪر وائل، چوٿون عبدالقيس ۽ پنجون ازدي قبيلي جو
هيو.
محمد بن قاسم جي تقرير:
”اي عربو! ڪافر جنگ لاءِ پهچي ويا آهن. هو پنهنجي ٻچن ٻارن، مال
ملڪيت ۽ زمين خاطر ڇتي جنگ ڪندا. همت ڪريو ۽ الله
جي مدد سان انهن تي پنهنجي خونخوار تلوارن سان
حملو ڪري کين ذليل ۽ رسوا ڪيو ۽ سندن مال ملڪيت تي
قبضو ڪيو. هر وقت پنهنجي جاءِ تي تيار رهو ۽ ڪوئي
به پنهنجي جاءِ کان اڳتي پوئتي ۽ ڪنهن پاسي نه وڃي
پر پنهنجي جاءِ تي ڄميل رهي. اهو ياد رکو ته خدا
جي فتح ۽ نصرت نيڪن ۽ پرهيزگارن کي حاصل ٿيندي
آهي. هر وقت قرآن جي تلاوت ڪندا رهو ۽ لاحول ولا
قوة الا بالله العلي العظيم پڙهندا رهو.
پوءِ محمد بن قاسم پخالين کي حڪم ڏنو ته مشقون پاڻيءَ سان ڀري
ڇڏيو ۽ هر ٽولي کي پاڻي پهچايو، جيئن اهي پاڻي
لاءِ ٻاهر نه اچن. ايتري ۾ بڪر بن وائل ۽ بنو تميم
قبيلي جا ڪجهه ماڻهو محمد بن قاسم وٽ آيا ۽ عرض
ڪيائون ته ڪافرن جو لشڪر وڏي مصيبت آهي، اهي
پنهنجي جنگي سامان، دولت۽ حشمت تي خوشيون ڪري
رهيا آهن، ان ڪري اسان سندن خوشيون ماتم ۾ تبديل
ڪرڻ لاءِ بي چين آهيون.
محمد بن قاسم انهن کي مخاطب ٿيندي چيو: اي بنو تميم، اي عزيزو!
جيتوڻيڪ دشمن وڏين تيارين سان مقابلو ڪرڻ آيو آهي
پر توهان پنهنجي پوري قوت ۽ طاقت سان وڙهو. انشاءُ
الله فتح توهان جي آهي. ابن قاسم جي تقرير کان
پوءِ لشڪر ۾ الله اڪبر جا نعرا گونجڻ لڳا ۽ جنگ
جاري ٿي ويئي. ان وچ ۾ هڪ دفعو ٻيهر محمد بن قاسم
پنهنجي بهادرن کي تقرير ڪندي چيو”
محمد بن قاسم جي جنگ وقت تقرير:
مسلمانو! پنهنجي گناهن جي مولا کان معافي وٺو، استغفار پڙهو.
الله تعاليٰ مسلمانن کي ٻه عظيم نعمتون عطا ڪيون
آهن، هڪ رسول الله صلي الله عليہ وسلم تي درود
پڙهڻ ۽ ٻيو استغفار ڪرڻ، جيڪڏهن توهان مضبوط دل
وارا آهيو ته الله توهان کي دشمن تي غالب ڪندو.
ان کان پوءِ محمد بن قاسم، سليمان بن نبهان ۽ ابو فضا قشيري کي
حڪم ڏنو ته چاليهه ناليوارن سوارن سان گڏ لشڪر
اڳيان ٿي حملو ڪري. ابو فضا سوارن سان اڳتي وڌيو.
هوڏانهن ٺاڪرن جو ٽولو مقابلي لاءِ آيو پر مسلمانن
تيزيءَ سان وار ڪري گهڻن کي ئي ڪيري وڌو، باقي ڀڄي
وڃي پنهنجي لشڪر سان گڏ ٿيا. راجا ڏاهر ٻيهر هڪڙو
جٿو اماڻيو پر اهو به ابو فضا جي بهادرن جي تلوارن
جو کاڄ بڻجي ويو، وري ٽيون ٽولو وڙهڻ لاءِ آيو پر
سوارن گهوڙن کي تيزيءَ سان ڊوڙايو ۽ دشمن جي
انهيءَ جٿي کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو، سندن سسيون
لاهيندا پوئتي ڌڪيندا ويا.
هاڻي ٻنهي فوجن ۾ قهر جي جنگ شروع ٿي ويئي. مسلمان الله اڪبر جا
نعرا هڻندا ڏاهر جي لشڪر ۾ ڪاهي پيا ۽ سندن صفون
ٽوڙي ڇڏيون، مسلمان نيزا سڌا ڪري ڪافرن جا جسم
چيريندا رهيا، پويان وري ڪي بهادر ڍال بڻجي بيهي
رهيا. راجا ڏاهر پنهنجي اڇي هاٿي تي سوار ٿي چار
سؤ سوارن سان گڏ جن وٽ بڻڇون، ڀالا، تلوارون ۽
ڍالون هيون، اڳتي وڌيو ۽ پنهنجو چڪر جنهن ۾ تيز
چاقو لڳل هئا ۽ گهمائڻ سان سپاهين جون سسيون ڌڙ
کان ڌار ٿي وينديون هيون، ڦيرائڻ لڳو.
شجاع جي شهادت:
جنگجو اهو رنگ ڏسي هڪ سپاهي شجاع حبشي محمد بن قاسم وٽ آيو ۽
قسم کنيائين ته مان ان وقت تائين نه کائيندس، نه
پيئندس، جيستائين راجا ڏاهر جي هاٿيءَ کي زخمي ڪري
ڏاهر جي منڍي لاهي توهان جي قدمن ۾ اچي نه رکان يا
وري اتي ئي شهيد ٿي وڃان.
شجاع اهو چئي دشمن جي لشڪر کي چيريندو وڃي ڏاهر جي ويجهو پهتو،
ڏاهر کيس ڏٺو ته هو به حملي لاءِ اڳتي وڌيو. شجاع
هاٿي جي سامهون ٿيو ته سندس گهوڙو ٽهڻ لڳو، پنهنجي
پڳ لاهي گهوڙي جي اکين تي ٻڌي اڳتي وڌيو، هاٿي جي
ڀرسان پهچندي ئي سونڊ تي تلوار وهائي ڪڍيائين ۽
هاٿي زخمي ٿي پيو. راجا ڏاهر ان وچ ۾ تير اڇلايو،
جيڪو شجاع جي ڳچيءَ ۾ اچي لڳو ۽ هو اتي ئي شهيد ٿي
ويو.
جنگ باهه وانگر ڀڙڪي اُٿي:
شجاع جي شهادت کان پوءِ راجا ڏاهر جي فوج ۾ نئون جوش ۽ جذبو اچي
ويو ۽ چئني طرفن کان مسلمانن تي ڪڙڪي پيا، جنهن جي
ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيائون. ڏاهر جي فوج سمجهيو
مسلمان مات کائي چڪا آهن. محمد بن قاسم پريشانيءَ
واري حالت ۾ پاڻي پيار جي جاءِ تي کاراءِ چئي رهيو
هو، زوردار آواز ۾ پنهنجي لشڪر کي سڏيندي چيائين،
”اي مسلمانو! مان توهان جو سردار محمد بن قاسم
موجود آهيان، توهان ڪيڏانهن پيا وڃو، کڻو ڍالون ۽
دشمن تي چڙهائي ڪري کين برباد ڪريو.“
محمد بن قاسم جي اهڙن جذباتي جملن کان پوءِ لشڪر ۾ نئون روح
ڦوڪجي ويو، موڪو بن وسايو پنهنجي جٿي سان ابن قاسم
اڳيان اچي حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳو. محمد بن قاسم
وري بجليءَ وانگر برسي پڪاري چوڻ لڳو ”خريم بن
عمرو مدني، ڪحلي ذهلي، محمد بن مصعب بن عبدلرحمان،
نباته بن حنظله ڪلابي ۽ دارس بن ايوب ڪٿي آهن؟ ابو
فضته، محمد بن زياد عبدي ۽ تميم ڪيڏانهن ويا؟
منهنجا ساٿيو، مائٽو، محافظو، تيرزنو ۽ شمشيرزنو
همت نه هاريو ۽ مڙس ٿي مقابلو ڪريو ۽ لشڪر کي
سنڀاليو.“
محمد بن قاسم الله اڪبر جو نعرو هڻي سڄي لشڪر کي حملي جو حڪم
ڏنو. ٻنهي فوجن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو، تلوارن
۽ نيزن جي باهه جا ڀڙڪا آسمان تائين اٿي رهيا هئا،
مسلمان جهاد جي جذبي سان سرشار ۽ شهادت جي شوق سان
ٽٻٽار ٿي دشمن مٿان هڪ ٻئي پويان حملا ڪري رهيا
هئا. ڏاهر جي فوج به سڄو ڏينهن وڙهي وڙهي ٿڪجي چور
ٿي چڪي هئي، ڏينهن جا پساهه پورا ٿيڻ وارا هئا،
راجا ڏاهر پنهنجو هاٿي اسلامي فوج طرف ڊوڙايو،
محمد بن قاسم منجنيقون هلائڻ ۽ باهه جو پچڪاريون ۽
تير اڇلائڻ جو حڪم ڏنو. هڪ باهه جو تير وڃي راجا
ڏاهر جي پالڪي ۾ ڪريو، پالڪي کي باهه وڪوڙڻ سان
هاٿي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو، ڀرسان
بيٺل سپاهين ڍنڍ ۾ کڻي ٽپو ڏنو. ڪجهه دير کان پوءِ
هاٿي اٿيو، راجا ڏاهر قلعي طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر
مسلمانن تيرن جو مينهن وسائي ڇڏيو، جنهن سان راجا
ڏاهر ۽ سندس ساٿي زخمي ٿي پيا. هو هاٿي تان لٿو ۽
ڏٺائين ته سندس سڀ مٽ مائٽ ۽ مهان سردار مارجي
چُڪا آهن، تلوار کڻي وڏي جوش، جذبي ۽ ولولي سان
وڙهڻ لڳو. شام ٿيڻ واري هئي جو هڪ عرب تلوار سان
سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي.
مدائني جي روايت مطابق ڏاهر جو قتل ڪندڙ بني ڪلاب قبيلي جو هڪ
شخص هو، جڏهن ته ابن ڪلبي طي قبيلي جي قاسم بن
ثعلبه بن عبدالله بن حصن کي ٻڌايو آهي.
ڏاهر جي مارجڻ کانپوءِ سندس لاش برهمڻن گپ ۾ لڪائي ڇڏيو. مسلمان
نعرا هڻندا 10 رمضان 93هه (712ع) تي خميس ڏينهن
قلعي ۾ داخل ٿيا.
راجا ڏاهر جي ڳولها:
راوڙ قلعي جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم حڪم ڏنو ته راجا ڏاهر
جي باري ۾ معلوم ڪيو وڃي ته آخر انجام ڇا ٿيس. سڀ
ڳولها ۾ لڳي ويا، اوچتو هڪ برهمڻ ابن قاسم اڳيان
حاضر ٿي عرض ڪرڻ لڳو، اي عادل بادشاهه! مون کي
جيڪڏهن ٻارن ٻچن سميت پناهه ملي ته پوءِ ڏاهر جي
باري ۾ ٻڌائي سگهان ٿو. محمد بن قاسم کيس پناهه
ڏني ۽ سپاهي ساڻ ڏنا جن کي هو وٺي ڪري ان ڍنڍ تي
آيو، جتي راجا ڏاهر جو لاش گپ ۾ پوريل هو. لاش
ڪڍيو ويو ۽ پوءِ محمد بن قاسم اڳيان آندو ويو.
محمد بن قاسم سڀني کان پڇا ڪئي ته ڪوئي ڏاهر کي
سڃاڻي ٿو؟ پوءِ انهن ڪنيزن کي آڻڻ لاءِ چيائين
جيڪي پالڪي ۾ ساڻس گڏ هيون. ڪنيزون حاضر ٿيون ۽
چيائون، برابر هي راجا ڏاهر جي ئي منڍي آهي. محمد
بن قاسم ٻه رڪعتون شڪراني جا نفل ادا ڪيا ۽ ڏاهر
جو سر صارم همداني بن ابي صارم جي هٿ عراق اماڻيو.
راوڙ کي فتح ڪرڻ بعد محمد بن قاسم حڪمت کان ڪم وٺندي سڀني باغين
کي مارائي ڇڏيو باقي امن پسند شهرين، واپارين ۽
هنرمندن کان ڪائي پڇا نه ڪئي ۽ وڏي عزت سان شهر ۾
آباد ڪيو.
راجا ڏاهر جو پٽ جيسينا جان بچائي برهمڻ آباد ڀڄي ويو ۽ آس پاس
جي سردارن کان مدد گهريائين. پنهنجي ڀاءُ الور جي
والي راجا گوپي، ڀائٽي چچ (پٽ ڏهر سينا) جيڪو
ڀاٽيا قلعي جو مالڪ هو ۽ ٻڌيا ۽ ڪيڪانان جي راجا
سؤڍول (پٽ چندر) کي ڏاهر جي مرڻ جو اطلاع ڏئي
کانئن مدد گهريائين. راوڙ جي فتح بعد ڪيترائي
ننڍا ننڍا سردار محمد بن قاسم سان ملي ويا. |