سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :25

 

مرزا محمد پاينده ترخان ۽ مرزا جاني بيگ ترخان

993هه (1585ع) کان 1009هه (1600ع)

تخت نشيني:

مرزا محمد باقي جي وفات کانپوءِ سندس درٻاري عملدارن خليل مهردار، ملا محمد فراخي، شمس الدين سلطان، ملا جمال الدين ۽ ٻين اميرن فيصلو ڪيو ته مرزا پاينده بيگ کي گادي تي ويهارجي پر اهو ٻاهر آهي، تنهن ڪري في الحال حڪومت جون واڳون بدين کان مرزا مظفر کي گهرائي ڏجن، پر جيئن ته ان جي ماءُ سمن مان هئي، تنهنڪري سمن جون هٺ ڌرميون اڳ ۾ ئي چوٽ چڙهيل آهن ۽ پوءِ ته حڪومتي معاملن ۾ به ٽنگ اڙائيندا. ان ڪري آخري فيصلو مرزا پاينده جي حق ۾ بيٺو پر ان جو دماغ درست نه هئڻ ڪري سڀئي ملڪي معاملا سندس پٽ مرزا جاني بيگ جي هٿ ۾ ڏنا ويا.

مرزا پاينده ۽ مرزا جاني بيگ کي سيوهڻ مان گهرايو ويو پر ان کان اڳ مرزا مظفر بيگ پهتو، جنهن کي سرڪاري ڪارندن شهر ۾ اندر اچڻ نه ڏنو.

مرزا پاينده ٺٽي پهچي بادشاهت جي پڳ مٿي تي رکي ۽ پنهنجي پٽ مرزا جاني بيگ کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪيائين.

ظلم:

مرزا جاني بيگ پيءُ جي ماتحتي ۾ اقتدار سنڀاليندي ئي مرزا باقي جي خون جي ڏوهه ۾ بي گناهن کي سزائون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون. دريائي آبدار کي تڏن ۾ ويڙهي ساڙائي ڇڏيائين، مارقدم قورچي کي آري سان چيرائي ۽ لاش جو قيمون ڪري گهٽين ۾ پيٽايائين. هندو ۽ ملڪ احمد جي کل لاهرائي ان جي جسم جا ٽڪرا ڪرائي ڪتن کي کارايائين.

مرزا مظفر ۽ علي خان بدين واپس وڃي جنگ جون تياريون ڪرڻ لڳا.

مرزا مظفر ۽ مرزا جاني بيگ ۾ جنگ:

مرزا جاني بيگ، مرزا مظفر جي جنگي تيارين کان خوفزده هو، تنهن ڪري ان خطري کي هميشه ختم ڪرڻ واسطي لشڪر وٺي بدين ڏانهن نڪتو. مرزا مظفر کي خبر پئي ته هو به هٿيارن پنهوارن سان گڏ تيار ٿي ويٺو. مرزا جاني بيگ هڪڙي اٽڪل اها ڪئي جو بدين جي مغلن ڏانهن ڳجهي نموني هڪ خط موڪليو ته توهان جا کوڙ سارا مٽ مائٽ ۽ ڀائر منهنجي لشڪر ۾ آهن ۽ توهان انهن سان جنگ ڪري پنهنجي خون ۾ پاڻ هٿ ٻوڙيندؤ. جيڪڏهن مرزا مظفر سوڀ ماڻي ته ضرور پنهنجي مائٽن کي توهان مٿان مڙهيندو، جيڪي اوهان جي زندگي زهر ڪري ڇڏيندا، پر جيڪڏهن توهان جي مدد سان فتح اسان جي ٿي ته پوءِ توهان جا وارا نيارا ٿي ويندا ۽ اسان اوهان کي عهدا ۽ جاگيرون عطا ڪنداسين. مغل ان کان ڏاڍا متاثر ٿيا ۽ چورائي موڪليائون ته جنگ شروع ٿيڻ وقت اسان مظفر بيگ کان الڳ ٿي وينداسين.

صبح جو  جڏهن جنگ شروع ٿي ته مغل ماٺ ڪري بيهي رهيا، مظفر بيگ گهڻو ئي انهن کي سمجهايو پر هو ميدان تي نه آيا ۽ مجبور تي ڪري جاڙيجن ۽ پنهنجن ماڻهن کي وٺي ميدان تي آيو پر مغلن جي بي وفائي ڪري مرزا جاني بيگ جي لشڪر سان منهن نه ڏئي سگهيو. مرزا جاني بيگ جا سپاهي تيزيءَ سان حملا ڪندا مٿان چڙهندا آيا، مرزا مظفر جڏهن اها حالت ڏٺي ته پنهنجي لشڪر کي چيائين توهان  اتي بهادري سان وڙهندا رهو مان پنهنجي والده ۽ ٻار ٻچن کي ٻاهر ڇڏي اجهو ٿو اچان. اهو چئي هو ”ڪڇ“ ڏانهن فرار ٿي ويو. مرزا جاني بيگ به پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو ته جيستائين هو ٻارن ٻچن سوڌي هتان هليو نٿو وڃي،  تيستائين ڪوئي بدين ۾ داخل نه ٿئي. ان جي وڃڻ کان پوءِ مرزا جاني بيگ جڏهن شهر ۾ گهڙيو ته مرزا مظفر جو ڇڏيل سامان ٻڌائي ان ڏانهن موڪليائين.

مرزا مظفر کانپوءِ:

بدين جو چڱي طرح بندوبست ڪري مرزا جاني بيگ ٺٽي آيو ۽ مرا باقي جي لٽيل مال کي غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهايائين، خزاني جون پيٽيون کولي پنهنجي سيوهڻ وارن ملازمن کي ڏنائين، سالن جو گڏ ٿيل اناج ضرورتمند ڳوڻيون ڀري کڻي ويا، لٽا ڪپڙا، چادرون ۽ ٻيو سامان اميرن ۽ حقدارن کي مليو. اهڙي طرح مرزا جاني بيگ، مرزا باقي جي پهچايل زخمن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙين بخششن ۽ فياضين تي ماڻهو ان ڏانهن مائل ٿيڻ لڳا. پنهنجي خاص ماڻهن عرب ڪوڪا، يعقوب علي ڪوڪا ۽ رستام بيگ کي بلند مرتبن سان نوازي ملا گدا علي ابن مهتر علي کي ”بائيخان“ خطاب ڏي پنهنجو وزير بڻايائين.

دار الضرب:

ٺٽي ۾ الڳ دارالضرب نه هو ۽ گهڻو ڪري پورچوگيزن جون مهر واريون اشرفيون هلنديون هيون، جن کي ”لاري“ ”بيڪي“ يو ويندو هو، مرزا عيسى پنهنجي زماني ۾ جيڪي ٽامي جا سڪا جاري ڪرايا انهن کي وري ”مهر عيسائي“ سڏيندا هئا، مرزا جاني بيگ تن جو وزن ۽ ماپو گهٽائي ”ميري“ نالو رکيو. اهڙي طرح اناج تورڻ وارين تارازين ۾ به تبديلي آندائين، ماڻهن سندس انهيءَ عمل کي نڀاڳ جي نشاني سمجهيو.

مغلن جو ٽنگ اڙائڻ، نواب صادق جو سنڌ ۾ اچڻ:

مرزا پاينده بيگ جي تخت تي ويهڻ ۽ سندس پٽ جاني بيگ جو مدارالمهام (وزير اعظم) ٿيڻ جون خبرون هندستان اڪبر بادشاهه کي پهتيون ته ان مرزا جاني بيگ نالي هڪ فرمان موڪليو ته ”توهان پراڻي وقت کان وٺي اسان جا فرمانبردار رهيا آهيو، ان ڪري هاڻي به اسان جو خطبو پڙهو ۽ سڪو جاري ڪري هر سال سوکڙيون پاکڙيون موڪليندا رهو.“

مرزا جاني انهيءَ فرمان کي وڏي عزت ۽ احترام سان پڙهيو ۽ جواب ڏنو ته ”اسان پراڻي وقت کان وٺي توهان جا غلام آهيون ۽ توهان جو خطبو پڙهڻ ۽ سڪو ملڪ ۾ هلائڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز ۽ فخر ٿا سمجهون، پر جيئن ته هي ملڪ ڪجهه عرصي کان وٺي غير آباد رهيو آهي، تنهن ڪري ڪجهه مهلت ملي وڃي ته سوکڙيون پاکڙيون ۽ سالاني ڍل پنهنجي ڀاءُ مرزا شاهه رخ هٿان حضور جي خدمت ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ اميد ته عزت افزائي جي لائق سمجهيو ويندو.

هوڏانهن اڪبر انهيءَ فرمان جي تعميل ڪرڻ لاءِ لشڪر سان گڏ نواب صادق محمد خان کي موڪليو، جنهن اچي سيوهڻ قلعي کي گهيرو ڪري ورتو.  قلعي جي سنڀاليندڙن دليل خان، گدا علي ”بائيخان“ ۽ سندس پٽن مهتي ۽ ڪربه نهانا سيوهڻ وارن سان گڏجي ڪري مقابلو ڪيو ۽ قلعي جي ويجهو اچڻ نه ڏنو. آخر سپاهين کي قلعي ۾ سرنگهه کوٽڻ لاءِ چيائين، پر جيستائين انهن سرنگهه کوٽي سيوهڻ وارن مهڙ ۾ هڪ ٻي مضبوط ڀت تيار ڪري ورتي، جنهن جي ڪري اهو حربو به ڪامياب نه ويو ۽ صادق محمد خان ڏاڍو پريشان ٿيڻ لڳو. ايتري ۾ مرزا جاني بيگ به پنهنجا فوجي جوان جنهن ۾ سنڌي، سما، سميجا، سومرا، شوره، گهور، نڪامرا، ۽ پليجا شامل هئا وٺي اچي سيوهڻ پهتو. هيڏانهن مرزا جاني بيگ جي پهچڻ تي قلعي وارا به همت ڪري رات جو صادق محمد خان جي فوج تي راتاها هڻي انهن جو سامان سري ۽ گهوڙا ڦرڻ لڳا. صادق محمد خان جڏهن پنهنجي هار يقيني سمجهي ته بکر ڏانهن ڀڳو.

اڪبر دؤر جو مؤرخ مير معصوم پنهنجي تاريخ معصومي ۾ لکي ٿو ته سيوهڻ گهيري ۾ هو ته مرزا جاني بيگ بري ۽ بحري فوج وٺي سيوهڻ کان ڇهه ڪوهه درياءَ جي ڪپ تي تنبو اڏيائين. محمد صادق خان گهيرو ڇڏي لڪي ٽڪرين سامهون اچي مرزا جاني بيگ سان مهاڏو اٽڪايو، مرزا جاني بيگ جي جهازن محمد صادق جي لشڪر مٿان گولا برسايا، چڱي وقت تائين اها جنگ هلندي رهي ۽ پوءِ محمد صادق جي نالي اچي اڪبر جو فرمان پهتو ته مرزا جاني بيگ پنهنجي عاجزي ڏيکاري سوکڙيون پاکڙيون موڪليون آهن، تنهن ڪري هاڻي تون واپسيءَ جو سامان ٻڌ. محمد صادق اتان بکر آيو ۽ پوءِ ڪجهه عرصو اتي رهي دهلي موٽ ڪيائين. (ص 49ــ 248)

مير علي شير قانع به تاريخ طاهري جي ليکڪ طاهر نسياني جي تائيد ڪئي آهي ۽ محمد صادق جي شڪست کي تفصيل سان لکيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته مير معصوم اڪبري درٻار جو هڪ امير هجڻ ڪري اهو داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. اهڙيءَ طرح مير علي شير ۽ طاهر نسياني متان ٺٽي جي نواب جا هروڀرو ڳيچ ڳايا هجن. گهڻا مؤرخ طاهر نسياني سان متفق آهن. بيگلار نامي مان به ان جي تائيد ٿئي ٿي. ان ۾ آهي ته:

مرزا مظفر بيگ جڏهن هار کائي ڪڇ ڀڳو ته مرزا جاني بيگ بدين تي قابض ٿي ويو ۽ اهو گهوڙو ۽ سروپاءَ جيڪا مظفر بيگ لاءِ تيار ڪرائي هئائين (پنهنجي هڪ امير) شاهه قاسم زمان کي ڏئي چيائين ته هي سوڀ تنهنجي نالي آهي.

انهيءَ زماني ۾ خبر پهتي ته صادق محمد اڪبر بادشاهه جي حڪم سان سيوهڻ جو اچي گهيرو ڪيو اٿائين. مرزا جاني بيگ نواب شاهه قاسم کي حڪم ڏنو ته تون سيوهڻ ۽ نصرپور جي وچ ۾ آباد احشامات جي ماڻهن کي وٺي سيوهڻ پهچ ته اهي دشمنن سان نه ملي وڃڻ، مان به تنهنجي پويان اچان ٿو.

شاهه قاسم ڳوٺ ستياري ۾اچي سڀني احشامين کي وٺي نصرپور ڏانهن وڌيو ته انهن کي ڇڏائڻ لاءِ محمد صادق هڪ جٿو موڪليو. شاهه قاسم هالا ڪنڊي ۾ مرزا جاني بيگ سان اچي مليو ۽ اتان ٻئي سيوستان پهچي هڪ کاهيء کوٽڻ جي تيارين ۾ لڳي ويا. مرزا جاني بيگ، خسرو خان کي ٻيڙين تي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار رکيائين ۽ مير ابوالقاسم کي درياءَ جي ڪناري سان رکيائين. ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا پر صادق محمد خان مقابلي جي همت نه ڪري سگهيو ۽ بکر ڀڄي ويو. امير خسرو خان سيوهڻ ۾ ئي رهي پيو ۽ ابوالقاسم ڳوٺ ريل کان ٿيندو مرزا جاني بيگ سان اچي مليو.

مرزا شاهه رخ جي اڪبري درٻار  ۾ حاضري:

هيڏانهن مرزا جاني بيگ جي سؤٽ مرزا شاهه رخ ترخان قيمتي سوکڙيون ۽ هڪ خط کڻي اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ حاضري ڀري.

مرزا جاني بيگ جون اخلاقي ڪمزوريون:

طاهر نسياني، تاريخ طاهري ۾ مرزا جاني بيگ جي اخلاقي ڪمزورين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته مرزا اڪبر جي درٻار ۾ تحفا ۽ خط موڪلي دلجاءِ سان ويهي رهيو ۽ سٺين عادتن کي ڇڏي خراب ڳالهين ۾ مبتلا ٿي ويٺو. هو کلي عام جنس پرستي جو مظاهرو ڪري حسين ڇوڪرين کي قيمتي لباس ڍڪائي گهر ۾ رکڻ لڳو. هن اهڙن اهڙن شريف گهراڻن جي ڇوڪرن کي کاريو جو خدا جي پناهه! نيڪ ماڻهو سندس اهڙن ڪڌن ڪمن تي الله کان پناهه گهرندا هئا ۽ چوندا هئا ته شل خدا بچائي هن ملڪ کي عذاب کان !!! (ص 175 ـ 174)

سنڌ جي فتح لاءِ خان خانان کي موڪلڻ:

جڏهن مرزا جاني بيگ جا اهڙا ڪڌا ڪرتوت حد کان وڌندا ويا ته ان جي زوال جو وقت به ويجهو اچي ويو. اڪبر صادق خان جي ناڪام موٽڻ کان پوءِ خان خانان عبدالرحيم بن بيرم کي 999هه (91 ــ 1590ع) سنڌ فتح ڪرڻ واسطي موڪليو.

مير معصومي اڪبر جي ڪاوڙجڻ جو سبب اهو به لکيو آهي ته جڏهن اڪبر لاهور ۾ هو ته مرزا جاني بيگ شاهه حسن جي نقش قدم تي هلندي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جون اهي شرطون پوريون نه ڪيون هيون ۽ خودمختياريءَ جو سوچڻ لڳو هو، جنهن جي ڪري اڪبر چڙ کائي نواب خان خانان کي ٺٽي ۾ بلوچن جي بلي ڪرڻ واسطي موڪليو.

مرزا جاني بيگ جا مشورا:

تاريخ طاهريءَ ۾ آهي ته خان خانان جي اچڻ جي خبر جڏهن مرزا جاني بيگ کي پئي ته هن پنهنجي اميرن ۽ وزيرن سان مشورو ڪيو، جن چيس ته اڪبر بادشاهه سان مهاڏو اٽڪائڻ صحيح ناهي، تنهن ڪري سٺو ان ۾ آهي ته اڪبر ڏانهن سوکڙيون پاکڙيون موڪلي، پراڻا واسطا وجهي ۽ مرزا باقي جو پنهنجي ڌيءَ سنڌي بيگم کي سندس خدمت ۾ موڪلي ڏيڻ واري قرباني جو حوالو ڏئي کانئس هن ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جو فرمان ورتو وڃي. (ص 78 ــ 177)

مرزا جاني بيگ جو فيصلو:

شخصي طور تي مرزا کڻي ڪهڙو به هو پر بهادري ۽ دليريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، ان ڪري مشيرن جي مٿئين مشوري کي ٿڏي ڪري چيائين ته عورتن وانگر زندگي گذارڻ مردن جي نشاني ناهي، صرف هڪ معمولي زمين جي ٽڪري لاءِ جيڪو ڪڏهن ڪنهن جو ناهي رهيو ۽ اهڙي جسم لاءِ آسائشون ڳولهڻ جيڪو هر حالت ۾ ختم ٿيڻ وارو آهي. وڏي بزدلي آهي. مان اهو بزدليءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ نٿو وجهڻ چاهيان، جيڪو فلاڻي ترخان وڌو هو، مان پنهنجي انهن وڏڙن جن عزت واري زندگي گذاري، جي جهولي کي داغدار نٿو ڪرڻ چاهيان. خدا جي پاسي کان جيتري زندگي هوندي اوتري ملندي، پر اها عزت سان گذاريندس، توهان مان جنهن کي پنهنجا ٻار ٻچا عزيز آهن، اهي وڃي سگهن ٿا. سڀني اميرن وزيرن هڪ ٿي جواب ڏنو ته ڀلا اسان ۾ ايڏي وڏي لشڪر سان مقابلي ڪرڻ جي سگهه ڪٿان آهي، جيڪو ڪڏهن به هارائي نٿو سگهي ۽ تون هٿيارن سان ليس آهين. اهو خزانو جيڪو شاهه حسن کان وٺي مرزا باقي تائين وڏڙن گڏ ڪيو هو اڄوڪي ڏينهن لاءِ انکي توهان بي وقت ۽ فضول ڪمن ۾ خرچ ڪري ڇڏيو پوءِ اڄ اسان ڪنهن جي ٽيڪ تي وڙهون!؟ تنهن ڪري ڀلائي ان ۾ آهي ته ملڪ بچائڻ واسطي ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

مرزا جاني بيگ وراڻيو ته اهو صحيح آهي ته ستن بادشاهتن مان ڪنهن کي به هن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي همت ناهي پر مفت ۾ پنهنجو ملڪ ڏيڻ ڪٿان جي عقلمدي آهي. اسان کان پويان ايندڙن جو وات ڪير بند ڪندو؟! اهي ڇا چوندا ته صرف جان جي ڀؤ کان پنهنجو موروثي ملڪ دشمن کي ڏيئي ڇڏيائون!

آخر طويل صلاح مشوري کانپوءِ جنگ جون تياريون ڪيون ويون ۽ مرزا جاني بيگ پنهنجي فوج نصرپور ۾ بوهري ڳوٺ وٽ وٺي اچي کاهي کوٽڻ شروع ڪيائين، ۽ دستام بيگ جي پيءُ رستم بيگ کي سيوهڻ قلعي جي حفاظت لاءِ موڪليائين، جنهن اتي پهچي قلعي جي ڀرسان وارا گهر پٽ ڪرائي خان خانان عبدالرحيم جو انتظار ڪرڻ لڳو.

خان خانان جو سنڌ ۾ پهچڻ:

خان خانان جڏهن بکر پهتو ته ان وقت موسم جهولي ۽ ٻوڏن جي هئي، تنهن ڪري ڪجهه ڏينهن بکر ۾ ئي ترسي پيو ۽ پوءِ لشڪر وٺي اچي قلعي سيوهڻ جو گهيرو ڪيائين. تاريخ معصومي ۾ آهي ته هن پنهنجي اميرن سان صلاح ڪئي ته پهريان سيوهڻ کي زير ڪجي يا ٺٽي کي؟ انهن عرض ڪيو جيئن ته سيوهڻ رستي ۾ آهي اتان ئي اسان جو سامان ايندو ويندو. ان ڪري پهريان سيوهڻ کي فتح ڪري پوءِ هلي ٺٽي تي ڪاهه ڪجي. ائين لشڪر ٺٽي جي چوڌاري محاصرو ڪري ويهي رهيو ته اوچتو خبر پهتي ته مرزا جاني بيگ وڏو ڪٽڪ وٺي هيڏانهن پيو اچي. خان خانان سيوهڻ جو گهيرو ڇڏي هيڏانهن مقابلي لاءِ نڪتو. مرزا جاني بيگ نصرپور ويجهو ڳوٺ بوهري ۾ ڪچو قلعو ٺاهي ويهي رهيو ۽ اتان خسرو خان کي به سڀ جنگي ٻيڙا ڏيئي حملي لاءِ موڪليو ۽ ڪجهه فوج درياءُ جي ٻنهي ڪپن تي بيهاري ڇڏيائين. خان خانان به لشڪر کان پري درياءُ جي ڪپ تي پنهنجن ڇهن جريبن تي هڪڙو قلعو ٺهرائي مرزا محمد مقيم بخشي، علي مردان ترمذي ۽ مير معصوم بکري کي اتي مقرر ڪيائين. هي قلعو انهيءَ لنگهه تي هو جتان ٻيڙين کي گذرڻو پوندو هو.

طبقات اڪبري ۾ آهي ته خان خانان پهريان سيوهڻ جو اچي گهيرو ڪيو ۽ پوءِ جاني بيگ جي فوجن جي هيڏانهن اچڻ جي خبر پيس ته سيوهڻ جو گهيرو ڇڏي مقابلي جا سانباهه ڪيائين ۽ نصرپور اچي نڪتو. مرزا جاني بيگ هڪ سؤ ٻيڙا، ٻه سؤ ٻيڙيون ۽ جنگي سامان جنگ لاءِ اماڻيو، جڏهن ته خان خانان وٽ صرف پنجويهه ٻيڙا هئا، ٻنهي فوجن ۾ جنگ لڳي ۽ شاهي لشڪر کي سوڀ نصيب ٿي، جاني بيگ جا 6 محرم 1000هه (1688ع) تي ٿيندڙ ان جنگ ۾ ٻه سؤ سپاهي مارجي ويا.

تاريخ طاهريءَ ۾ آهي ته خان خانان جي اها ڪوشش هئي ته هيڏانهن مرزا جاني بيگ کي مصروف رکي پوري سنڌ ۾ پنهنجا ماڻهو ڦهلائجن، ان ڪري شاهه ڳڙهه قلعي تي شاهه بيگ ۽ نيرون ڪوٽ تي به تجربيڪار ماڻهو رکيائين.

هيڏانهن مرزا جاني بيگ پنهنجي لشڪر ۾ اعلان ڪيو ته جيڪو به دشمن جو سر منهنجي خدمت ۾ آڻي پيش ڪندو ان کي پنج سؤڪبر (هڪ ڪبر ۾ پنج سؤ ميري هوندا هئا) ڏنا ويندا. سنڌ جي غريبن جڏهن اها خوشخبري ٻڌي ته روزانو سر ڏئي سر آڻيندا هئا ۽ ائين ڪيترا  ئي مهينا گذرندا ويا.

مرزا جاني بيگ جي خزانچي جڏهن ڏٺو ته خزانو خالي ٿيندو پيو وڃي ته اها رقم پنجاهه ڪبر ڪري ڇڏيائين، پر پوءِ به بکن جا ستايل ماڻهو پنهنجي جان جوکن ۾ وجهي اهو انعام حاصل ڪندا هئا.

انهيءَ اٽڪل سان مرزا جاني بيگ کي ڪجهه هڙ حاصل نه ٿي سگهيو ۽ سندس ڪيترائي سپاهي انعام جي لالچ ۾ مارجي به چُڪا هئا ۽ خزانو به خالي ٿي چڪو هو، ان ڪري هاڻي شاهه قاسم ارغون جي پٽ ابوالقاسم کي رات جي وڳڙي ۾ انهيءَ هنڌ تي ڇاپي هڻڻ لاءِ موڪليائين، جتان خان خانان ڏي شاهي خزانو پهچندو هو. ابوالقاسم اتي حملو ڪري خزانو ته هٿ ڪيو پر سندس ڪيترائي سپاهي مارجي ويا.

فيصلائتي جنگ:

آخر ٻنهي لشڪرن ۾ فيصلائتي جنگ شروع ٿي. خان خانان جي سپاهين پنهنجي سڃاڻپ لاءِ پڳن ۾ تير هنيا ۽ مرزا جاني بيگ جي سپاهين وري پنهنجي پٽڪن ۾ سايون ٽاميون ٻڌيون. باهه جا شعلا آسمان تائين اونچا ٿيڻ لڳا، تلوارن جي ٽڪرائجڻ جو آواز ڪنن جا پردا چيرڻ لڳو ۽ سپاهي سر جو سانگو لاهي ميدان ۾ ٽپي پيا. شروعاتي ويڙهه ۾ مرزا جاني بيگ کي سرسي هئي ۽ خان خانان دعائون گهري رهيو هو پر پوءِ اوچتو مرزا جاني بيگ جي هڪ بدمست هاٿي کڻي پوئتي منهن ڪيو ۽ پنهنجي لشڪر کي لتاڙيندو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳو، جنهن سان سڄي فوج ۾ ٽاٻرڪو مچي ويو ۽ مٽيءَ جي طوفان وڌيڪ انهن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو. سڄو لشڪر سامان هٿيار ميدان ۾ ڇڏي پوئتي ڀڄڻ لڳو. مرزا جاني بيگ ۽ سندس سردار شاهه قاسم ارغون، خسرو چرڪس، عرب ڪوڪا، ملا محمد فراحي، علي سلطان غزنوي ۽ تاريخ طاهري جي مؤلف جو پيءُ حسن پنهنجي سپاهين کي فارسي ۾ سنڌي ۾ همت ڏيارڻ لاءِ رڙيون ڪندا رهيا پر ڪنهن هڪ نه ٻڌي، مرزا جاني بيگ جان جوکي ۾ وجهي ميدان ۾ بيٺو رهيو ته شاهه قاسم ارغون  عرض ڪيس ته سڄو لشڪر وڃي چڪو آهي، پاڻ مارائڻ مان ڪهڙو فائدو، سر سلامت هوندو ته ٻيا لشڪر گڏ ڪري وڙهي سگهنداسين، مرزا جاني بيگ مجبور ٿي پوئتي هٽيو ۽ ٻيڙي تي سوار ٿي هليو ويو. خان خانان جو لشڪر اتي پهچي سامان ۽ هٿيار هٿ ڪيا ۽ زخمي سپاهين کي تلوار جو کاڄ بڻايو.

مرزا جاني بيگ انڙ پور ڳوٺ پهچي فوج گڏ ڪري ٻيهر مقابلي جو ارادو ڪيو، بيلدار ته ملي نه سگهيا، اتي موجود سڀني سپاهين تڏن کي سبي انهن ۾ واري وجهي قلعي نما ڪوٽ اڏي ڇڏيو، پر ڀڄندڙ سپاهين هيڏانهن منهن نه ڪيو ۽ ڀڄي وڃي ٺٽي مرزا پاينده ۽ مرزا جاني بيگ جي پٽن وٽ پهتا.

خان خانان مرزا جاني بيگ جو پيڇو ڪندي اچي ڪوٽ ڀرسان پهتو ۽ مرزا جي مٿان توپن ۽ بندوقن جو وسڪارو لائي ڏنائين. مرزا جاني بيگ همت هاري پنهنجي پيءُ پاينده بيگ ڏانهن لکيو ته، توهان ٺٽي مان ٻارن ٻچن ۽ ملازمن سان خزانو کڻي ڪلان ڪوٽ (تغرل آباد)  جي قلعي هليا وڃو، جيڪو مون اڄوڪي ڏينهن لاءِ ٺاهرايو هو، ۽ شهر مان ماڻهو ڪڍي سڀني گهٽين ۽ بازارن ۾ باهه ڏئي ڇڏيو. ان کانسواءِ سڄي ملڪ جي ڳوٺن ۽ ديهن کي ائين ويران ڪرائي ڇڏيو، جيئن سالن کان اتي چٻرن جو چرخو هجي.

مرزا پاينده جڏهن سڄي ڏيهه ۾ اهڙو پڙهو گهمرايو جو ماڻهو هر شيءِ ڇڏي ڀڄڻ لڳا، ڄڻ قيامت جو منظر هجي. سامان کڻائڻ جو ڪرايو چوٽ چڙهي ويو ۽ ماڻهن مجبور ٿي سامان گهرن ۾ کڏا کوٽي پوري ڇڏيو.

ٺٽي ۾ باهه جا ڀڙڪا:

ٺٽي کي خالي ڪرڻ کان پوءِ هتان جي رهاڪن ان کي هٿن سان باهه ڏني، جن سان ان کي ٺاهيو هو ۽ دنيا ۾ من موهڻو بڻايو هو. ڪاٺي جا گهر هجڻ ڪري هڪ مهيني تائين هي شهر سڙندو رهيو ۽ باقي جيڪو سامان بچو اهو لوفرن جي هٿ چڙهيو.

جيڪي ماڻهو قلعي ۾ داخل ٿي سگهيا، اهي بک ۽ اڃ جي مصيبت ۾ اچي ڦاٿا، هڪ هڪ گهر ۾ ڏهه ڏهه خاندان رهڻ لڳا. جيڪي قلعي کان ٻاهر رهجي ويا، انهن جو رستي مان ڦورن سامان ڦري ورتو ۽ کڏن ۽ کوهن ۾ پوريل سامان به ڪڍي ورتائون.

خان خانان جي حڪمت عملي:

خان خانان پنهنجي مقرر ڪيل ماڻهن کي مختلف صوبن ڏانهن ڪاهه ڪرڻ ۽ انهن جي سامان جو  رستو بند ڪرڻ لاءِ موڪليو.

نيرون ڪوٽ جو صوبيدار محمد زمان ترخان ته اڳ ۾ ئي مرزا جاني بيگ ڏانهن ايندي رستي ۾ ئي ٻيڙيءَ تان پير ترڪڻ ڪري درياءُ ۾ ٻڏي مري ويو ۽ سندس پٽ بهرام کان خان خانان جي ماڻهن قلعو کسي ورتو.

ٻئي طرف شاهه بيگ خان شاهه گهر (ساڪره) پهچي اتان جي صوبيدار ابوالقاسم ارغون جو گهيرو ڪيو ۽ ٻٽن ڏينهن جي اندر قلعي تي قبضو ڪري ورتو.

چاچڪان صوبي بدين جي صوبيدار ۽ اتان جي ماڻهن خان خانان جي اطاعت قبول  ڪري ورتي، مرزا جاني بيگ کي خان خانان جي اهڙين ڪاميابين جي خبرن سان گڏ هڪ نئين مصيبت پيءُ پاينده بيگ ۽ پٽ ابوالفتح اول جي وفات جي خبر به سن 1001هه ۾ اچي پهتي، جنهن سان کيس وڏو ڌچڪو لڳو. نواب خان خانان، مرزا جاني بيگ جو سخت گهيرو ڪري رکيو هو، جنهن سان سندس لشڪر بک ۽ اڃ مرڻ لڳو. طاهر نسياني ان گهيري جي تصوير هن طرح پيش ڪري ٿو.

والشکر نواب (خان خانان) محاصره بنوعي گرداگرد او داشتہ کہ راه آمد شد را نيز بر ايشان مسدود ساختند، خوردن، بجز خون جگر در لشکر چيز ديگر نبود، در آرزوي علف، علف، خوار، ليل و نهار تلف گريدن گرفت، بي مائيگي بجائي رسيد کہ آتش در ديگ دان آب گرديده و روزي دود کسي از روزن ديگ دان نمي ديد، مگر از دهان توپ و تفنگ پيدا و هويدا مي گشت، شعلہ بي آه آتش بار گرسنان عيان و آشکار نماند، نمڪ بنوعي ناپديد شد کہ نمکين لبان از آرزوي آن بے نمڪ گشتند، نان چون جان بلڪ از آن عزيز در چشم گرسنگان مير سيد، و روغن بنوعي و نهجي ناياب گشت کہ پهلو جريان نشان آن از لاعزي در پهلوي خويش نمي ديدند، خزانہ چنان از زرتهي شد کہ زر بي رخساره زر طلبان ديگر جا نشان نمي داد. . .. الخ.

مرزا جاني بيگ جي شجاعت ۽ بهادري:

ايترين سارين مصيبتن، ڏکين حالتن ۽ بد نصيبي جي باوجود به مرزا جاني بيگ جي، مضبوط ارادن کي ڪوئي لوڏي نه سگهيو ۽ خان خانان سان مقابلو ڪندو رهيو. ٻنهي لشڪرن جا مورچا ايترا ويجها هئا جو هڪٻئي تي پٿر وسائي سگهندا هئا. ان ويڙهه کي چڱو عرصو گذري چڪو هو ۽ ٻنهي پاسن جا سپاهي بيزار ٿي چُڪا هئا.

صلح:

نواب خان خانان پنهنجو هڪ قاصد مرزا جاني بيگ ڏانهن موڪلي پيغام اماڻيو ته: تون ۽ اسان اڄ کان نه پر آڳاٽي وقت کان وٺي هڪڙي ئي خاندان ”صاحب قرآن“ جا غلام آهيون ۽ پوءِ به هڪٻئي جا دشمن آهيون!؟“ الله جي فضل سان ٻنهي لشڪرن بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ جهان ڏٺو آهي ته ٻئي هڪٻئي کان گهٽ ناهن. اها تنهنجي ئي همت،بهادري ۽ مردانگي هئي جو شاهي فوج سان هن وقت تائين منهن ڏنو اٿئي، پر آخر ڪيستائين؟ دنيا جا ڪيترائي بادشاهه هندستان جي هن بادشاهه جي چائنٺ تي مٿو رڳڙيندا آهن ۽ جيڪو منهن موڙيندو آهي، ان کي سخت تڪليفون ڏسڻيون پونديون آهن! هاڻي به وقت نه ويو آهي، پنهنجي ۽ پنهنجي بزرگن جي نالي کي بچائي وٺ ۽ آئنده لاءِ شهنشاهه اڪبر جي اطاعت ڪري پنهنجي جان ۽ ملڪ  جي بخشش حاصل ڪري وٺ، مان تنهنجي وقار ۽ اعتماد جو ضامن آهيان.

مٿيون پيغام اسان تاريخ طاهري ۽ تحفة الڪرام مان ورتو آهي پر ”تاريخ معصومي“ ۾ مير معصوم جيڪو پاڻ جنگ ۾ به شريڪ هو جو چوڻ آهي ته:

”جاني بيگ شڪست کائي انڙ پور آيو ۽ اتي هڪ مضبوط قلعو ٺهرايائين. نواب خان خانان به لشڪر سان گڏ اچي اتي پهتو. ٻنهي طرفن کان روزانو جنگ ٿيندي رهي ۽ ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيندا رهيا. اسان مٽي کوٽي ڍير ٺاهيندا ۽ ان جي آڙ ۾ اڳتي وڌندا رهياسين ۽ سندس خندقن ويجهو وڃي پهتاسين. نيٺ مرزا جاني بيگ مجبور ٿي صلح جو پيغام موڪليو ته ”مان ٽيهه ٻيڙا ۽ سيوهڻ جو قلعو اوهان جي حوالي ڪريان ٿو ۽ ٺٽي پهچڻ تي اوهان سان اچي ملندس.“

خان خانان پنهنجي اميرن کان مشورو ورتو جن چيس ته جڏهن اسان منزل جي ويجهو پهچي چڪا آهيون ۽ اڄ نه سڀاڻي سوڀ اسان جي ٿيندي، ٿي سگهي ٿو ته مرزا جاني بيگ ٺٽي پهچي انهن ڳالهين تان ڦري وڃي.

خان خانان چيو جيڪڏهن اسان قلعي کي چنبڙيل رهياسي ته پوءِ ٻنهي پاسن جا بيشمار ماڻهو مرندا ۽ انهن جا ٻار ٻچا لچن لوفرن هٿان ذليل ٿيندا، تنهن ڪري صلح ڪرڻ بهتر آهي ۽ مرزا جاني بيگ کي پاڻ جهڙو بادشاهه طرفان ”پنج هزاري“ عهدو ڏيارينداسي.  بيشڪ انهيءَ (خان خانان جي راءِ صحيح هئي، جاني بيگ جي ايلچين اچي اهي واعدا ڏنا ۽ ٻيڙا به حوالي ڪيا. سيوهڻ جو قلعو ڏيڻ لاءِ مرزا جاني بيگ اتان پنهنجا ماڻهو موڪليا ۽ پاڻ ٺٽي ڏانهن وڌيو.“ (ص 56 ــ 255)

مير معصوم مطابق مرزا جاني بيگ مجبور ٿي ڪري صلح جي آڇ ڪئي هئي پر اسان تاريخ طاهري ۽ تحفة الڪرام جي بيان کي ان ڪري اهميت ڏني آهي جو مير معصوم اڪبري دربار جي اميرن مان هو ۽ خان خانان ۽ شاهي لشڪر جي حمايت ۾ متان اهو بيان درج ڪري ڇڏيو هجي.

صلح جا شرط:

سڀ کان پهريان ٻنهي فريقن ۾ اهو معاهدو ٿيو ته ٻنهي پاسن جا سپاهي هڪٻئي جي بازار ۾ خريداري ڪرڻ لاءِ ويندا جيئن ميل ميلاپ وڌي ۽ نفرت ختم ٿي محبت پيدا ٿئي. ڪجهه ڏينهن جي اچ وڃ کانپوءِ واقعي ائين ٿيو ۽ خان خانان جا ماڻهو بنا ڊپ جي هر صوبي ۾ آرام سان گهمڻ  لڳا.

پوءِ مرزا جاني بيگ پنهنجي صوبيدارن کي لکيو ته هر قلعي جي ڪنجي خان خانان جي ماڻهن حوالي ڪري هيڏانهن هليا اچو.

سڀ کان اڳ ۾ سيوهڻ جو قلعو خان خانان جي ماڻهن حوالي ڪيو ويو. ان کان بعد مرزا جاني بيگ ٺٽي روانو ٿيو ۽ پويان ئي خان خانان به هلندو آيو. ٻئي جڏهن ان واهه وٽ پهتا جيڪو وچ سنڌ ۾ هو ته گهوڙي تان لهي ڪري ڀاڪر پاتائون ۽ ويهي ڪري هڪٻئي سان ڳالهيون ڪيائون، پوءِ مرزا جاني بيگ بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ تغلق آباد روانو ٿيو ۽ خان خانان عوام جي آٿت لاءِ ٺٽي لاءِ ئي ترسي پيو.

تاريخ معصومي ۾ آهي ته صلح کانپوءِ مرزا جاني بيگ ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو ۽ خان خانان مينهن جي موسم سن ۾ رهي پيو ۽ سياري جي شروعات ۾ اتان ٺٽي لاءِ نڪتو. جڏهن فتح باغ وٽ پهتو ته مرزا سندس آڌرڀاءُ ڪيو، ٻنهي ۾ حال احوال ۽ ڊگهيون ڪچهريون ٿيون.

ترخان نامي ۾ آهي ته ٺٽي ۾ ملاقاتن  ۽ ڪچهرين بعد  ٻئي تغلق آباد ويا ۽ اتان لاهري بندر ڏسڻ نڪتا ته رستي ۾ منهوڙي ٻيٽ گهمڻ جو خيال آين، جيڪو لاهري کان ويهه ڪوهه پري هو. اتان روانا ٿيا ته واٽ تي تيز طوفان جي ڪري الٽيون ٿيڻ لڳن، خان خانان کي اچي وهم ورايو  ته مرزا ڄاڻي واڻي ته اهو سفر نه ڪرايو آهي! هيڏانهن مرزا جاني بيگ جا ماڻهو کيس چوڻ لڳا ته هي موقعو تمام سٺو آهي، حڪم ڪيو ته خان خانان جي ٻيڙين کي سمنڊ ۾ ٻوڙيون؟ مرزا چيو استغفرالله! اسان پنهنجو واعدو پاڻ ٽوڙيون، ائين نٿو ٿي سگهي، پوءِ مرزا جي ٻيڙي خان خانان جي ٻيڙي ڀرسان آندي وئي، جنهن جي ڪري هو خوفزده ٿيو پر مرزا، خان خانان جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪري کيس دلچسپ ڳالهيون ۽ شعر شاعري ٻڌائي ڪري دل وندرائڻ لڳو. ايتري ۾ ڇوليون به ڍريون ٿيون، ۽ ٻيڙيون ڪناري تي پهتيون، ٻنهي رات جي وڳڙي جي منظر جو مزو ورتو ۽ صبح سان لاهري بندر کان ٿيندي ٺٽي پهتا. (ص ــ 80)

تحفة الڪرام ۾ آهي ته هڪڙي ڏينهن خان خانان، مرزا کي چيو ته ”ڏٺئي، تو کي ڪيئن نه حيلي سان هٿ ڪيم؟“ مرزا وراڻيو ته ”بيشڪ پنهنجي حيلي جا پاڻ اقراري ٿيا آهيو. الحمدلله جو اسان جي طرفان ڪو حيلو نه ٿيو.“ خان خانان چوندو هو ته مان مرزا جي جواب کان جيترو شرمسار ٿيس، تهڙي شرمندگي ڪڏهن نه ٿي. (اردو ترجمو ص ــ 247)

اهڙي طرح مرزا جاني بيگ جي حڪومت پنهنجي پيءُ پاينده بيگ جي مرڻ کان يارهين ڏينهن پوءِ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ هاڻي 1591ع کانپوءِ جيڪي به ترخان سردار ٺٽي جا حاڪم ٿيا اهي دهلي جي شهنشاهه اڪبر اعظم جا نواب سمجهڻ گهرجن. ٺٽي جي حاڪمن استاد يار محمد معمار ۽ جاني بيگ کي ٺٽي ۾ هڪ وڏو جشن ملهائڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ رات جو شهر ۾ چراغان ڪرڻ لاِءِ چيو ويو، جشن ۾ خان خانان چوڏهن سؤ هندي ۽ مغل بهادر سپاهين ۾ انعام ورهايا ۽ ايتري سخاوت ڏيکاري جو ماڻهن حاتم طائي ۽ آل برمڪ کي  وساري ڇڏيو. انهيءَ جشن ۾ خان خانان جي درٻاري شاعرن ملا شڪيبي اصفهاني، نظير نيشاپوري، عرفي شيرازي، بونقلي بيگ بقائي، غيوري شوشتري، محمد شريف وقوعي، مير مغيث محوي، حياتي گيلاني، ڪامي خراساني ۽ ٻين عراق ۽ خراسان جي شاعرن تعريفي قصيدا پڙهيا.

تاريخ طاهريءَ ۾ آهي ته ملا شڪيبي بکر کان جيڪو ساقي نامو خان خانان کي موڪليو هو، ان ۾ هي شعر مرزا جاني بيگ جي جان بخشي لاءِ هو.

 

همائي کہ بر چرخ کر دِ خرام،

گرفتي و آزهد کردي زدام.

خان خانان ان ساقي نامي تي ملاشڪيبي کي ٻارهن سؤ روپيا نعام موڪليو.

شيخ فريد بکري ”ذخيره الخوانين“ ۾ لکيو آهي ته مرزا جاني بيگ به ان شعر تي هڪ هزار اشرفيون ملا شڪيبي کي انعام طور ڏنيون ۽ چيو ته خدا جي رحمت هجي شڪيبي تي جنهن  مون کي ان شعر ۾ هما چيوآهي، جيڪڏهن هو گدڙ لکي ها ته کيس ڇا ڪري سگهان ها.

مرزا جاني بيگ جي اڪبر جي درٻار ۾ حاضري:

انهيءَ زماني ۾ شاهي فرمان پهتو ته خان خانان ملڪ جون واڳون دولت خان لوڌي ۽ خواجا مقيم جي حوالي ڪري مرزا جاني بيگ کي وٺي دهلي پهچي. خان خانان، مرزا جاني بيگ کي ساڻ ڪري 23 جمادي الثاني 1001هه (1593ع) تي اڪبر جي درٻار ۾ پهتو. اڪبر بادشاهه جاني بيگ سان تمام عزت سان پيش آيو ۽ مٿس بيشمار مهربانيون ڪري ”پنج هزاري“ خطاب سان گڏ جهانگير جي پٽ خسرو جو سهرو بڻايو. گڏوگڏ لاهري بندر، سيوستان ۽ اڳوڻو سڄو ملڪ کيس جاگير طور ڏنو. ان بعد دولت خان لوڌي ڏانهن مرزا جاني بيگ جي ٻارن ٻچن کي عزت سان دهلي اماڻن لاءِ ماڻهو موڪليو، جيئن نوروز جو خوشيون مرزا جاني بيگ به ٻين اميرن وانگر پنهنجي گهر وارن سان ملهائي سگهي. مرزا جاني بيگ انهيءَ رسم تي حيران ٿيو ۽ خان خانان کي چيائين ته مون کان پنهنجي ٻچڙن جو ايڏو سفر ۽ هتي گڏجي ڪري جشن ملهائڻ برداشت نه ٿيندو. خان خانان اڪبر کي عرض ڪيو ته سائين نوروز ۾ اچي ٻٽي ڏينهن بچيا آهن ۽ مرزا جاني جو خاندان ايترن ڏينهن ۾ ايڏو وڏو سفر ڪري نه اچي سگهندو، تنهن ڪري في الحال رهڻ ڏيو. اڪبر، خان خانان جي ڳالهه مڃي ورتي ۽ حڪم ڏنو ته مرزا جاني بيگ ملڪي ڪاروبار ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پٽن ڏانهن هڪ وڪيل موڪلي.

راشدي صاحب تحفة الڪرام جي نئين ايڊيشن جي حاشين ۾ لکيو آهي ته شاهه حسن سنڌ جي حڪومت کي ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايو هو، بکر، سيوهڻ، نصرپور، چاچڪان، ٺٽو، چاڪر هالا ۽ جوڻ. سڀ کان اڳ بکر اڪبر جي قبضي ۾ آيو هو، ان کانپوءِ لاهري بندر، سيوهڻ ۽ ٺٽو هيو.اڪبر آخري ٻن حڪومتن جو قبضو پنهنجي هٿ ۾ رکيو ۽ باقي چار مرزا جاني بيگ کي جاگير طور ڏنيون.

وڪيلن جي روانگي ۽ هدايتون:

انهيءَ فرمان بعد مرزا جاني بيگ وڪيل ۽ مددگار طور شاهه ارغون، خسرو خان چرڪس، ملا گدا علي، علي ڀائي خان، عرب ڪوڪه ۽ جمال الدين ديوان کي لشڪر سان گڏ پنهنجي پٽ مرزا غازي بيگ جيڪو اڃا ننڍو هو، ڏانهن اهي هدايتون ڏئي موڪليو ته هو ان جي هڪ ڪامل استاد وانگر اهڙيءَ طرح تربيت ڪن جو فجر جي نماز پڙهي تخت تي اچي ويهي ۽ ڀرسان ويهڻ وارن اميرن وزيرن کي ويجهو ويهاري باقي اڳي وانگر پنهنجي جاءِ تي ئي بيٺل  رهن. منجهند کانپوءِ ڪجهه وقت تير اندازي ڪري ۽ ڪجهه وقت بزرگن جي ٻارن سان صحبت ۾ گذاري. اڌ ڪلاڪ آرام ڪرڻ بعد اچي چوگان کيڏي ۽ پوءِ وري گهوڙي سواري ۽ تير اندازيءَ جو شوق پورو ڪري. هر اڱاري تي لشڪر سان گڏ شڪار تي وڃي ۽ هر صبح جو پنهنجي ماءُ کي وڃي منهن ڏيکاري دعائن جي  برڪت وٺي ۽ پوءِ ظهر جي نماز پڙهي غريبن کي نوازي، جيئن انهن جي دعائن سان ملڪ جي موجوده ويراني رونق ۾ بدلجي ۽ ملڪ خوشحال ٿئي. خدا ڪري ته خلق کانئس ناراض نه ٿئي ۽ انهنجي دلين مان پٽ پاراتا نه نڪرن، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن تي شرمسار آهيان، جيڪڏهن مان پنهنجي بزرگن جي عزت، آبرو ۽ پنهنجي نيڪ نامي لاءِ ڪوشش نه ڪيان ها ته خبر ناهي ته مون تي پنهنجي غلط عملن جي ڪري اڃا الاهي ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون اچن ها. خدا جو شڪر آهي ته اسان جي خانداني عزت ۽ وقار باقي آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جو رخنو ناهي پيو.

جڏهن هي وڪيل ۽ مددگار بکر پهتا  ته مرزا جاني بيگ جا  گهر وار به اتي اچي ملي، جن کي دولت خان لوڌي اڪبر جي حڪم مطابق روانو ڪيو هو. هوڏانهن کي وٺي ٺٽي آيا ۽ دولت خان کي اڪبر جي درٻار ڏانهن روانو ڪيائون.

مرزا جاني بيگ جي وفات:

مرزا جاني بيگ اٺ سال اڪبر جي خدمت ۾ رهيو ۽ ان سان گڏ دڪن، احمد نگر ۽ اسير جي مهمن ۾ ويو ۽ اتي ئي 27 رجب  1009هه (1600ع) تي سردي لڳڻ ڪري برهانپور ۾ وفات ڪري ويو.

تاريخ طاهري ۾ سندس موت جو ڪارڻ گهڻو شراب واپرائڻ ٻڌايو ويو آهي. طبقات اڪبري ۾ آهي ته هو ننڍ پڻ کان ئي شراب جو عادي هو. گهڻي واپرائڻ ڪري بيمار ٿيو ۽ انهيءَ بيماريءَ ۾ ئي وفات ڪيائين. ذخيرة الخوانين مطابق اڪبر اسير قلعي تي ڪاهه ڪرڻ ويو پر بهادر خان سندس اطاعت قبول ڪئي. مرزا جاني بيگ کي جڏهن اها خبر پئي ته چيائين ”خدا جو قسم جيڪڏهن اهڙو مضبوط قلعو منهنجي هٿ ۾ هجي ها ته مان اڪبر جي اڳيان ڪڏهن ڪنڌ نه جهڪايان ها ۽ سؤ سال تائين مهاڏو اٽڪايان ها، بهادر وڏو بي غيرت هو جو ڪنڌ نمايائين.“ “ مرزا جاني بيگ جي اها ڳالهه ڪنهن اڪبر جي ڪنن تائين پهچائي، ان ڏينهن کان پوءِ هو اڪبر جي نظرن کان ڪري پيو ۽  پوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ گذاري ويو.

اڪبر جي فرمان مطابق مرزا جاني بيگ جي ميت کي خواجا محمد قور بيگي ٺٽي پهچايو جتي مڪلي جي قبرستان ۾ مٽي حوالي ڪيو ويو. اهو مقبرو اڄ به اتي موجود آهي ۽ ان تي چٽساليءَ جو نهايت اعليٰ پائي جو ڪم ٿيل آهي. ان مقبري ۾ ٽي ٻيون قبرون جنهن ۾ مرزا غازي بيگ ۽ مرزا شاهه رخ جون آهن. مقبري جي آڳر واري ڀت واري محراب ۾ هي آيت ۽ عبارت لکيل آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org