مرزا معز اصفهاني:
مرزا معز اصفهاني 1166هه ۾ جڏهن ٺٽي پهتو ته سندس علم ۽ ذهانت
جو چرچو ٿيڻ لڳو ۽ ميان محمد مرادياب خان کيس محمد
جعفر شيرازيءَ کان به وڌيڪ ڀانئڻ لڳو. ڪجهه عرصو
اتي رهي پوءِ مرزا بمبئي ۽ بمبئي کان دڪن هليو
ويو.
ڪلهوڙن جو دؤر علم ۽ ادب جي لحاظ کان تمام گهڻو شاهوڪار آهي،
اسان هتي صرف ڪجهه عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو ذڪر
ڏنو آهي اختصار خاطر.
ڪلهوڙن جي زماني جا شهر ۽ عمارتون
ڪلهوڙن جي دؤر جي عمارتن ۽ شهرن جو احوال مولانا غلام رسول مهر
پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ جلد ٻئي ۾ ڏنو آهي، اسان
هتي ان کي اختصار سان پيش ڪيون ٿا.
خدا آباد:
خدا آباد کي يار محمد خان ڪلهوڙي پنهنجي حڪومت جو تختگاهه
بڻايو. ڪن روايتن مطابق ان جو پراڻو نالو شڪارپور
پنهواري هو. خدا آباد کي ڪلهوڙن وڏي ترقي ڏني، اڄ
به پنجاهه ايڪڙن تي ڦٽل شهر موجود آهي. ٻه
عمارتون، هڪ جامع مسجد ۽ ٻيو ميان يار محمد ڪلهوڙي
جو مقبرو صحيح صلامت آهن، جيڪو ميان غلام شاهه
جوڙايو هو.
سنڌ جي هڪ شاعر ۽ مؤرخ باغ علي هاتف پنهنجي ڪتاب ”نامه نغز“ ۾
ان شهر جي ساوڪ، خوبصورتي، رونق ۽ وڻندڙ آبهوا جو
ذڪر ڪندي چوي ٿو:
هوا خوش دل و باغبان دل پذير،
”خدا باد“ شهر است جنت نظير.
مير علي شاهه شائق، ميان عبدالنبي جي ڏينهن واري خدا آباد جي
خوبصورتيءَ کي هن طرح ٻڌائي ٿو:
وين خدا بادي کہ اندر وي خدا آباد کرد،
هم چو نام خود خدا باد است شهر جان فزا،
باد خود آباد چون در سينہ اقليم سند،
راهت دلهاي پيچان چون دم روح خدا.
خان هايش چون جنان، جانان، هايش جان ستا،
دلبرانش دل رها دل دادگانش در عزا،
گل عذرانش بہ زيبا چهره چون لالہ زار،
خوش مقال و رمز فهم و نکتہ دان و آشنا،
قصر سلطان درميان و درميانش گلستان،
دست قدرت را نگار و پاي قدرت را حنا.
محمد آباد:
محمد آباد جي پيڙهه ميان نور محمد رکي هئي ۽ هي هڪ خوبصورت شهر
هو.
مراد آباد:
مراد آباد نصرپور سامهون درياءَ جي هن پار آباد هو ۽ مرادياب
خان جي فرمانروائي جي رسم اتي ئي ادا ڪئي وئي،
جنهن کان پوءِ ان جو نالو مراد آباد رکيو ويو.
درياءُ جي ٻوڏ ۾ هي شهر برباد ٿي ويو ۽ اڄ سندس
ڪوئي نشان ناهي بچيو.
الهه آباد:
مراد آباد جي برباد ٿيڻ کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي الهه
آباد اڏايو پر شاهپور جي نالي سان مشهور ٿيو. الهه
آباد ڪجهه ڏينهن ئي ڪلهوڙن جي مرڪز رهيو. هاڻي هي
ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آهي.
شاهه ڳڙهه ۽ شاهه بندر:
عطر خان ۽ غلام شاهه جي ويڙهه ۾ ميان عطر عطائي خان سان گڏ سنڌ
تي ڪاهه ڪئي ته ميان غلام شاهه ڪڇ وڃي ان جو نالو
شاهه ڳڙهه رکي کيس پنهنجو مرڪز بڻايائين ۽ ڀرسان
هڪ بندرگاهه ”شاهه بندر“ ٺهرايائين، جهيڙو ختم ٿيڻ
کان پوءِ هو هيڏانهن هليو آيو.
حيدرآباد:
ميان غلام شاهه جي جوڙايل شهرن مان سڀ کان وڌيڪ شهرت حيدرآباد
کي ملي. سنڌ جو تخت گاهه ٿيو ۽ ٽالپرن به ان جي
ساڳي حيثيت برقرار رکي. ميان غلام شاهه ان کي
نيرون ڪوٽ جي جاءِ تي آباد ڪيو. اڄ به حيدرآباد
پاڪستان جي وڏن شهرن مان هڪ آهي.
خدا آباد نئون:
هي شهر هالا ڀرسان هو ۽ ميان سرفراز خان جي ڏينهن ۾ ان جو بنياد
پيو. بعد ۾ بلوچن ان کي پنهنجو تختگاهه بڻايو. مير
فتح علي خان هن شهر ۾ رهيو.
عمارتون
شاهه بهاري جو مقبرو:
شاهه بهاريءَ جو مقبرو لاڙڪاڻي ۾ آهي، جنهن کي غلام شاهه ٺهرايو
هو. شاهه بهارو ڪيتري عرصي تائين لاڙڪاڻي جو والي
رهيو.
ميان آدم شاهه جو مقبرو:
ميان آدم شاهه جو مقبرو سکر ۾ آهي، جنهن کي ميان غلام شاهه
ٺهرايو.
شاهل محمد جو مقبرو:
قمبر کان 6 ميل پري شاهل محمد جو مقبرو آهي، جنهن کي ميان غلام
شاهه ئي اڏايو.
ميان نصير محمد خان جو مقبرو:
اهو مقبرو ميان يار محمد جوڙايو.
لاڙڪاڻي جو قلعو:
ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ٺهيو پر هاڻي ان جي ڪائي نشاني موجود ناهي.
بدين جو قلعو:
1750ع ۾ ٺهيو پر مدد خان برباد ڪري ڇڏيو.
شاهه لطيف جو مقبرو:
ميان غلام شاهه تعمير ڪرايو.
ميان نور محمد جو مقبرو:
هي مقبرو گهڻو ڪري مرادياب جي ڏينهن ۾ ٺهيو.
درگاهه پير رڪن شاهه:
اڏاوت 1179هه
درگاهه پير شهنشاهه:
اڏاوت 1185هه.
ٽالپرن جو زمانو
1199هه (1784ع) 1259هه (1843ع)
ٽالپرن جي حقيقت:
ٽالپر بلوچن جي هڪڙي شاخ آهي. بلوچ پاڻ کي رسول ڪريم صلي الله
عليہ وسلم جي چاچي حضرت حمزه رضه جي اولاد مان
سمجهن ٿا. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو پنجين صدي
هجري (ڏهين صدي عيسوي) ۾ ڪرمان ۽ مڪران (موجوده
ايراني بلوچستان) مان بلوچستان آيا جنهن جي ڪري ان
تي بلوچستان نالو پيو ۽ اڄ به سڀ کان گهڻا بلوچ
اتي آباد آهن. آهستي آهستي هو ٻين هنڌن ڏانهن لڏي
ويا ۽ مختلف ڌنڌن سان لاڳاپجي ويا.
اصل ۾ ”ٽالو“ انهن بلوچن جي بزرگ جو نالو هو ۽ ”پور“ فارسي ۾
اولاد کي چيو ويندو آهي. اهڙي طرح ٽالپر سڏجڻ لڳا،
جن جون هونئن ته گهڻيون ئي شاخون آهن، پر اسان
حيدرآباد، خيرپور ۽ ميرپور تي حڪمراني ڪندڙ ٽالپرن
جو ذڪر ڪنداسين، جن جو وڏو ڪوڪو خان عرف سليمان
خان هو.
ڪوڪو خان کي اٺ پٽ هئا، پر ان جي ٻن پٽن جي اولاد مٿين رياستن
تي مير رهيا، اهي ٻه پٽ هوتڪ خان ۽ ماڻڪ خان هئا.
حيدرآباد جا مير:
هوتڪ خان جي اولاد مان حيدرآباد ۽ خيرپور جا مير هئا.هوتڪ خان
جو هڪ پٽ شهداد خان هو، جنهن سنڌ جو مشهور شهر
شهدادپور اڏايو. شهداد خان 1147هه (1734ع) ۾ وفات
ڪئي ۽ شهدادپور کان ٻارهن ميل پري شاهه پور ڀرسان
هڪ شاهي قبرستان ۾ دفنايو ويو، جنهن کي اڄ به مير
شهداد جو قبو چيو وڃي ٿو.
شهداد خان جي ٻن پٽن مير چاڪر خان ۽ مير بهرام خان مان، خيرپور
وارو خاندان چاڪر خان جي اولاد مان هو، جيڪو
پهريون شهداداڻي ۽ پوءِ چاڪراڻي سڏرائڻ لڳا. چاڪر
خان پاڻ وڏو زميندار هو ۽ هاڻي به ان جي نالي تي
شهدادور ۾ ”شاهپور چاڪر“ شهر مشهور آهي.
باقي بهرام خان جو ذڪر ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ڪري آيا آهيون، جيڪو 76
ــ 1775ع ۾ ميان سرفراز جي هٿان شهيد ٿيو.
حيدرآباد جا مير انهيءَ بهرام خان جي اولاد مان
هئا. مير بهرام کي به ڪيترائي پٽ هئا،پر سندس
ناليوارو پٽ مير صوبدار هو، جيڪو ساڻس گڏ 76 ــ
1775ع ۾ شهيد ٿيو.
مير صوبدار جا چار پٽ هئا. مير فتح علي خان، مير ڪرم علي خان،
مير غلام علي خان ۽ مير مراد علي خان، مير فتح علي
اهو ئي آهي، جنهن کي ”فاتح سنڌ“ سڏيو ويندو آهي.
خيرپور جا مير:
مير چاڪر خان جا به ڪيترائي پٽ هئا، پر مير سهراب جيڪو فاتح سنڌ
مير فتح علي جو به گهاٽو دوست هو، جي اولاد مان
خيرپور جا مير ساماڻا.
ميرپور جا مير:
ميرپور جا مير ڪوڪو خان جي پٽ ماڻڪ خان جي ڪري پاڻ کي ماڻڪاڻي
سڏائيندا آهن، ماڻڪ جي پٽن مان مير الله يار خان
کي هڪ پٽ مسو خان هو، مسو خان کي کوڙ ٻار هئا، پر
وڏي پٽ مير فتح خان جي اولاد مان مير ٺارو ٻي
نمبر تي هو، جنهن سنڌ جي فتح ۾ حصو ورتو، ۽ انهيءَ
جي اولاد مان ميرپور جا مير هئا.
فاتح سنڌ مير فتح علي خان:
هاڻي اسان پنهنجي اصل موضوع ڏانهن اچون ٿا. گذريل ورقن ۾ اچي
چڪو ته ميان عبدالنبي فرار ٿي جوڌپور هليو ويو ۽
پوءِ راجن پور ضلعي ديرا غازي خان ۾ وفات ڪئي. اڄ
به ان جي اولاد اتي موجود آهي، جيڪي ”سنڌ جا
صاحبزاده“ سڏبا آهن.
ڪلهوڙن کان پوءِ مير فتح علي ٽالپر سنڌ تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ۽
ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿي. ٽالپرن وچ ۾ اختلافن جي
ڪري مير فتح علي 1784ع ۾ سنڌ کي ستن ڀاڱن ۾ ورهائي
چار ڀاڱا پاڻ ۽ پنهنجي ڀائرن لاءِ رکيا جنهن جو
راچڌاني حيدرآباد کي ڪيو، ٻه حصا مير سهراب ۽ هڪ
حصو مير ٺاري خان کي ڏنو. مير سهراب خان ٽالپر
پنهنجو مرڪز خيرپور ۽ مير ٺاري خان ٽالپر وري
ميرپور کي ڪيو. مولانا مهر صاحب مطابق هو ٽئي الڳ
الڳ ڍل ڪابل جي درٻار ۾ موڪليندا هئا، پر ”لب
تاريخ سنڌ“ ۾ آهي ته حيدرآباد ۽ خيرپور جا مير گڏي
ڍل جي رقم موڪليندا هئا، جڏهن ته ميرپور جا مير
پنهنجي الڳ اماڻيندا هئا. آخر گهڻي وقت کان پوءِ
شاهه خراسان ۽ اميرن وچ ۾ اختلاف جي ڪري سنڌ جا
هي ٽئي ٽالپر خاندان خود مختيار ٿي حڪومت ڪرڻ لڳا.
سنڌ جي اها ورهاست انتظامي هئي ۽ ٻنهي مير فتح علي کي مرڪزي
حيثيت ڏني هئي ۽ ٻئي ان جي اشاري تي هلندا هئا، بس
صرف پنهنجي رياست کي چارئي ڀائر مير فتح علي خان،
مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي
خان هلائيندا هئا. تنهن ڪري ان حڪومت کي
”چوياري“چيو ويندو هو. انهن چئني مان جڏهن ڪنهن جي
وفات ٿي ته وري ان جي پٽ سنڀالي.
ٽنهي جو حڪومت هلائڻ جو طريقو:
اهي ٽئي حڪومتون گڏجي ڪري دشمن سان وڙهنديون هيون ۽ جيڪڏه ڪنهن
ملڪ جو ڪو ٽڪرو هٿ ڪنديون هيون ته پاڻ ۾ ورهائي
کڻنديون هيون.
ٽالپرن طاقت سان سنڌ جا اهي سڀ علائقا واپس ورتا، جيڪي غلام
شاهه جي راڄ ۾ سنڌ جو حصو هئا پر پوءِ ٻين جي قبضي
۾ هليا ويا هئا، جنهن ۾ سبزل ڪوٽ نواب بهاولپور
کان،ڪراچي خان قلات کان، شڪارپور ۽ اوسي پاسي وارا
افغانن کان، لکپت ۽ بست راجا ڀوڄ کان، عمرڪوٽ ۽
ريگستان راجا جوڌپور کان واپس ورتا. ان کانسواءِ
ٻيا ڳوٺ ۽ شهر به جيڪي ڪلهوڙن جي هٿ کان نڪري ويا
هئا، وڙهي ڪري موٽائي ورتائون.
فتح نامي ۾ مير عظيم الدين قلات جي والي مير محمد نصير الدين
کان ڪورو (ڪراچي) ضلعو واپس وٺڻ بابت لکيو آهي ته:
هي ضلعو اهڙو آهي، جتي فصل ائين پيدا ٿيندو آهي،
جيئن لوڻ کاڻ ۾. سالاڻي ڍل ٽي لک آهي ۽ هميشه اهو
سنڌ جو حصو رهيو آهي. جڏهن ميان عبدالنبي قلات جي
والي کان بروهين جو لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته
ٽالپرن انهن کي شڪست ڏني ۽ ان جنگ ۾ قلات جي والي
بروهين جو لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ٽالپرن
انهن کي شڪست ڏني ۽ ان جنگ ۾ قلات جي والي بروهين
جو لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ٽالپرن انهن کي
شڪست ڏني ۽ ان جنگ ۾ قلات جي والي جو ڄاٽو به
مارجي ويو، جنهن جي خون جو ڏنڊ ميان عبدالنبي کان
گهريو ويو ته هن ڪورو ضلعو ڏنو، ۽ اهڙيءَ طرح
ڪراچي سنڌ کان ڇڄي قلات جو حصو ٿي ويو. مير فتح
علي خان سنڌ جي حڪومت سنڀالي ته چيائين، هن جي وڏن
جا هڏا به ڳري ويا، تڏهن به اڃا تائين انهن جي خون
جو ڏنڊ کائي رهيو آهي!
مير غلام علي چيو ته ان حرام خور جو ڪو بلو ضرور ڪرڻ گهرجي، پر
وري نه نئين خون جو بدلو گهري، تنهن ڪري بهتر اهو
آهي ته افغانستان لکجي. پوءِ مير فتح علي افغاني
درٻار ۾ ڪراچي واپس ڏيارڻ لاءِ لکيو. تيمور شاهه
قلات جي والي محمد نصيرالدين کي چيو ته تون هاڻي
گهڻو کاڌو. اهو علائقو جلدي مير فتح علي جي حوالي
ڪر نه ته دنيا تنهنجو تماشو ڏسندي. محمد نصير
تيمور شاهه کي وڏا ايلاز ڪيا پر ڪجهه به نه وريس
۽ ڪراچي مير فتح علي جي حوالي ڪرڻو پيس. ان واقعي
کان پوءِ تيمور شاهه گذاري ويو ۽ سندس پٽ زمان
شاهه تخت تي ويٺو ته محمد نصير الدين انهن چئني
ڀائرن ڏانهن سهڻي سروپاءُ موڪلي جنهن جي تاريخ
”بگو خلعت آباد باز“ (1208هه) سان نڪري ٿي.
حيدرآباد جا مير
(پهرين چوياري)
فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر:
مير فتح علي 18 سالن تائين آرام ۽ سڪون سان حڪومت ڪري 9 محرم
1217هه (1802ع) ۾ وفات ڪري ويو. سنڌ جي مشهور
شاعرن مائل ٺٽوي ۽ ثابت ٺٽوي سندس وفات جي تاريخ
هن طرح ڪڍي آهي:
مائل ٺٽوي:
گشت چون مير واصل شهدا،
جابش اندر بهشت بنمودند،
سال فوتش بهشتيان بخطاب،
”رضي الله عنڪ“ فرمودند.
1217هه
ثابت علي ثابت جي چيل هي تاريخ مير جي مزار واري دروازي تي لکيل
آهي.
شب شهادت شاهه شهيد رحلت کرد،
امير فتح علي خان خديو صاحب عمر،
بگفت ثابت زوار سال تاريخش،
مکين قصر بهشت و مکان بهشتي قصر.
مير فتح علي خان جي ميت کي خدا آباد آڻي سندس وڏڙن جي ڀر ۾ دفن
ڪيو ويو.
اولاد:
مير فتح علي جي وڇوڙي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن کي
ٻئي ڏينهن گادي تي ويهاريو ويو. ان جو نالو مير
صوبدار خان هو.
مير فتح عليوفات کان اڳ حڪومت جون واڳون پنهنجي ڀاءُ مير غلام
علي خان جي حوالي ڪيون.
مير فتح علي جي حڪومت:
مير فتح علي هڪ اعليٰ قسم جو مدبر، بهادر ۽ دور انديش حڪمران
هو. سترهن سالن جي عمر ۾ سنڌ فتح ڪيائين ۽ ڏاڍي
ڏاهپ ۽ بردباري سان حڪومت هلايائين. هو جنگ کان
پري ڀڄندو هو پر جڏهن ڪو منهن سامهون پوندو هو ته
ان کي بخشيندو نه هو، سندس بهادريءَ جا ڪارناما
گذريل صفحن ۾ اچي چُڪا آهن. پاڻ تمام گهڻو قناعت
پسند هو، وفات وقت پنجٽيهه لک روڪ شاهي خزاني ۾
ڇڏيائين. سياست جي اصولن ۾ به درڪ حاصل هيس، هر هڪ
سردار کي پنهنجي حيثيت آهر عهدو ۽ زمينواري ڏيندو
هو، شڪار جو گهڻو شوقين هو ۽ حيدرآباد کان سيوهڻ
تائين ڪيترائي شڪارگاهه ٺهرايا هئائين. مير صاحب
کي علم ۽ ادب سان به کيس ڏاڍو چاهه هو. سفر هجي
توڙي حضر عالم ۽ اديب هن سان گڏ هوندا هئا، هن جي
شعري ذوق جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سسئي
پنهون جو قصو يوسف زليخا وانگر مولانا جامي کان
نظم ۾ لکرايائين.
مير فتح علي جي درٻار جو ملڪ الشعراءِ شاعر:
مير فتح علي جي درٻاري شاعرن ۾ سڀ کان وڌيڪ مڃتا مير عظيم الدين
عظيم بن سيد يار محمد (ڀاءُ مير علي شير قانع مصنف
مقالات الشعراءِ) کي ملي. مير عظيم 1163هه تي ٺٽي
۾ پيدا ٿيو. زبدةالمعاصرين جو مؤلف مير حسن
الحسيني سندس فني خوبيون ڳڻائيندي چوي ٿو.
سندي اصلش از ديول (تتہ) بباشد، و در کمال فصاحت و بلاغت و سخن
پردازي عديل و نذيرنداشتہ.
مير فتح علي عظيم الدين کي پنهنجي درٻار ۾ رکي ”ملڪ الشعراءِ“
جو خطاب ڏنو. هن جي درٻار ۾ تمام گهڻي عزت ڪئي
ويندي هئي. پاڻ 1229هه ۾ وفات ڪيائين ۽ مڪلي ۾
پوريو ويو. مائل ٺٽوي هن شعر سان سندس وفات جي
تاريخ ڪڍي آهي:
روح القدس بسال وفاتش زغيب بود،
گفتا بجا ”محب علي العظيم“ بود.
(1) فتح نامو:
عظيم جو ”فتح نامو“ مشهور ڪتاب آهي، جيڪو 1199هه ۾ مثنوي جي
صورت ۾ لکيائين. اها مثنوي عظيم، مير فتح علي جي
چوڻ تي شاهنامي وانگر بحر رزميه ۾ لکي ۽ اها پهرين
منظوم تاريخ آهي، جنهن ۾ ڪلهوڙن جي زوال ۾ ٽالپرن
جي اڀرڻ جو احوال ملي ٿو.
مير عظيم فتحنامي لکڻ جو سبب ۽ سال هن شعر ۾ ڄاڻايو آهي:
بفرمود آن هاتف نيڪ فال،
فهي نامہ بتاريخ سال ـــــــــــ 1199هه
سنڌي ادبي بورڊ شير محمد نظاماڻي کان اهو ڪتاب ايڊٽ ڪرائي 1927ع
۾ ڇپرايو.
(2) مثنوي سيردل:
هي مثنوي عظيم 1206هه ۾لکي ۽ ان ۾ 316 شعر آهن.
(3) ديوان عظيم:
اهو ديوان عظيم چاليهن سالن جي عمر ۾ 1210هه ۾ ترتيب ڏنو ۽ ان
جا ٻه نسخا هڪ مير فتح علي ۽ هڪ مير غلام علي لاءِ
پنهنجي هٿن سان لکيا، جن مان هڪ راشدي صاحب وٽ ۽
هڪ مير نور محمد خان ٽالپر جي لائبريري ۾ محفوظ
آهي.
(4) ديوان عظيم اردو:
عظيم جو هڪ ديوان اردو ۾ به آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ
آهي.
(5) مثنوي هير رانجهو:
عظيم اها مثنوي 1214هه ۾ لکي. 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ اها مثنوي
ڇپرائي هئي.
(6) انشاءِ عظيم:
ان ۾ عظيم جا خط آهن ۽ سنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ آهن.
مير غلام علي خان ٽالپر
16 محرم1207هه (1802ع) کان 6 جمادي الثاني 1227هه (1811ع)
مير فتح علي کان پوءِ سڀني اميرن مير غلام علي کي 1802ع ۾ گادي
تي ويهاريو. هو تمام نيڪ ۽ سلجهيل انسان هو ۽
حڪومت هلائڻ جي طور طريقن کي چڱي طرح ڄاڻيندو هو،
جنهن جي ڪري سنڌ جلد خوشحال ۽ سکي ستابي بڻجي
ويئي. عظيم انهيءَ دؤر جي ساراهه ڪندي چوي ٿو:
عروس جهان را خدا داد نو،
بصد عز و اقبال داماد نو،
زر و سيم در ملڪ بسيار شد،
زهر قسم اموال انبار شد،
گدايان سراسر تونگر شدند،
ثنا خوان درگاه داور شدند،
درين ملڪ يکسر گدائي نماند،
ز دريوزه صورت و صدائي نماند،
چنان کشور سند آباد شد،
کہ هر خاطر غمزده شاد شد،
ستمگر کہ بکشار دست ستم،
شده دست او از سياست قلم.
مير غلام علي پنهنجي وقت ۾ مذهبي اصولن ۽ اخلاقي قدرن کي وڏي
اهميت ڏني.عظيم لکي ٿو:
زبد کاران در دهر نامي نماند،
نشاني زنوع حرامي نماند،
بدلها نمانده خيال زنا،
زنا را نمانده بجاي هنا،
شده هر مکان شغل صوم و صلوٰت،
بذکر خدا شد بسي التفات،
چنان بر زمين کوس تقوى و زهد،
کہ آوازه اش گوش گردون شنيد،
ملائڪ بگفتند با اتحاد،
کہ صدا آفرين بر چنين شاه باد.
روپيو ڪورو جنهن جو وزن تيمور شاهه جي سڪي جيترو هو انهيءَ جي
دور ۾ نڪتو.
مير ٺاري سان جنگ:
1803ع ۾ ميرپور جي والي مير ٺاري ۽ مير غلام علي (والي
حيدرآباد) ۾ ڪنهن ڳالهه تي جنگ لڳي. مير غلام علي
پنهنجي طرفان مير محمود کي لشڪر سان گڏ موڪليو،
جنهن بهادريءَ سان وڙهي ڪري مير ٺاري کي زخمي ڪري
وڌو ۽ کيس ٻيڙيءَ ۾ مير غلام علي وٽ کڻي آيو.
مهينو کن مير غلام علي هن جي مرهم پٽي ڪرائيندو
رهيو ۽ جڏهن ٺيڪ ٿي ويو ته کيس وڏي عزت ۽ احترام
سان سروپاءِ ڏئي رخصت ڪيو.
انگريزن سان پهريون عهدنامو:
اڳي اچي چڪو آهي ته انگريزن سان تعلقات ميان نور محمد جي ڏينهن
۾ 1758ع ۾ قائم ٿيا هئا ۽ انگريزن ٺٽي ۽ شاهه بندر
۾ تجارتي ڪوٺيون قائم ڪيون. ٽالپر به انهيءَ رشتي
کي قائم رکيون آيا. شاهه زمان جي دؤر ۾ ڪجهه واسطا
گهٽيا پر 1803ع ۾ مير غلام علي جي چوڻ تي ڪپتان
ڊيوٽ سٽن بمبئي کان حيدرآباد آيو ۽ مير غلام علي
سان هيٺيون عهد نامو ڪيائين.
ٻئي حڪومتون هڪٻئي جون دوست رهنديون ۽ هڪٻئي جي مخالفن کي دشمن
سمجهنديون ۽ ان عهد نامي جون هميشه ۽ هر حالت ۾
پابند رهنديون.
ضرورت وقت هڪٻئي کي فوجي مدد ڏينديون.
هڪ حڪومت جو دشمن ٻي حڪومت وٽ پناهه نه وٺي سگهندو.
جيڪڏهن سنڌ جا سرڪاري ماڻهو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪنهن
بندرگاهه وٽان سامان وٺندا ته ڪمپني انهن جي مدد
ڪندي، پر شرط اهو ته هٿيارن جي قيمت روڪ ادا ڪئي
ويندي.
ڪمپنيءَ جو هڪ وڪيل لاڳاپن کي سگهارو رکڻ لاءِ
هميشه سنڌ جي درٻار ۾ رهندو.
پراڻي رهيل سامان جي نقصان واري ڏنڊ کي ختم ڪيو وڃي ٿو.
صرف ٺٽي ۾ انگريزن جي هڪ تجارتي ڪوٺي ڪلهوڙن جي زماني وانگر
هوندي. (24 جولاءِ 1808ع).
ٽالپر راڄ ۾ اهو پهريون انگريزن جي غلاميءَ جو ڳٽ
سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پيو ۽ آهستي آهستي مضبوط ٿيندو
ويو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.
مير غلام علي جو وڇوڙو:
مير غلام علي خان جڏهن شڪار تي ويو ۽ هرڻ ماري ان کي ڪهي پيو ته
هرڻ جو سڱ پير ۾ لڳس ۽ ناسور ٿي پيس. گهڻو علاج
ڪرايائين، پر فائدو نه پيس ۽ 6 جمادي الثاني
1227هه (1811ع) تي پنهنجي پيارن کان وڇڙي نئين خدا
آباد جي اباڻي قبرستان ۾ وڃي سمهيو. پاڻ عالمن،
اديبن ۽ شاعرن جو وڏو قدر ڪرڻ وارو هو.
حيدرآباد جو والي مير ڪرم علي خان
1227هه (1811ع) کان 1244هه (1828ع)
مير غلام علي کان پوءِ سندس ڀاءُ مير ڪرم علي خان 6 جمادي
الثاني 1227هه تي پڳ ٻڌي ۽ پاڻ کي سرڪار عظمت مدار
جي لقب سان سڏرائڻ لڳو.هو سڀ ڪم ڪاريون مير مراد
علي جي مشوري سان ڪندو هو.
ٻيو ٺاهه:
انگريز حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ دوستي وڌائڻ لاءِ 9 نومبر 1820ع
۾ ٻيو ٺاهه هيٺين شرطن تي ٿيو.
انگريز سرڪاري مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي وچ ۾ دوتي جو ٻنڌڻ
هميشه مضبوط رهندو.
پراڻي ٺاهه تحت ٻنهي حڪومتن جا وڪيل هڪٻئي وٽ رهندا.
سنڌ جا مير پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪنهن به يورپي ۽ آمريڪي کي اچڻ نه
ڏيندا. هڪٻئي جا ماڻهو امن سان ٻنهي ملڪن ۾ رهي
سگهندا پر جيڪڏهن ڪنهن ڪروڌ ڪرڻ ۽ رخنو وجهڻ جي
ڪوشش ڪئي ته ان کي ٻئي ملڪ جوڳي سزا ڏيڻ ۾ آزاد
هوندا.
مير کوسن کي پنهنجي قابو ۾ رکندا ۽ انگريزن جي حدن سان ڇيڙ ڇاڙ
ڪرڻ نه ڏيندا.
اهو معاهدو مير ڪرم علي ۽ مراد علي طرفان سندن وڪيل اسماعيل
شاهه ۽ گورنر بمبئي مسٽر الفنسٽن جي مهرن سان ٿيو.
هند حڪومت 10 فيبروري 1821ع تي ان جي تصديق ڪئي.
مير ڪرم علي شاعريءَ جو شوقين ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ هو،
جنهن جي ڪري ايران ۽ خراسان جا عالم حيدرآباد ۾
اچي رهيا ۽ ٺٽي کان پوءِ حيدرآباد کي اهو عروج عطا
ٿيو.
اڳ ۾ اسان لکي آيا آهيون ته افغاني اميرن جي پاڻ ۾ جهيڙي ڪري
مير فتح علي جي زماني کان وٺي سنڌ ڍل موڪلڻ بند
ڪئي هئي پر جڏهن 1221هه ۾ شجاع الملڪ تخت تي ويٺو
ته وزير شير محمد خان سان گڏجي ڍل وٺڻ شڪارپور
آيو ۽ ميرن کان تاريخ عروج بارڪ زائي مطابق سترهن
لک وصول ڪيائين. شهزادي جو بيان آهي ته اها ڍل
ٽيهن لکن تائين پهچي چڪي هئي ۽ مير ويهه لک کڻي
آيا پر شاهه شجاع ڏهه لک ورتا. ميرن شاهه شجاع کي
”شهزادي باغ“ ۾ قيمتي سوکڙيون به پيش ڪيون.
مير چئن سالن تائين ته پابندي سان ڍل قابل موڪليندا رهيا، پر
پوءِ جڏهن دير ڪيائون ته شاهه شجاع 1225هه (11ــ
1810ع) ۾ وري ٻيهر پشاور کان شڪارپور آيو ۽ ميرن
کان اڌ رقم وٺي سندن صلاحڪار نواب ولي محمد خان
لغاريءَ کي پاڻ سان ضامن کنيائين، جڏهن ڊيرا غازي
خان وٽ پهتو ته ويهه لک پورا وصول ٿيڻ تي ان کي
سروپاءَ عطا ڪري عزت سان ڇڏيائين.
هوڏانهن وزير شير محمد خان جنهن کي شاهه شجاع ڪشمير جي مهم تي
موڪليو هو، ڪابل پهتو ته ان وقت ملڪ جو وڏو عالم
مير واعظ شيعا سني جهيڙي ۾ قتل ٿي چڪو هو پر شير
محمد خان ان کي شاهه شجاع جي سازش سمجهيو ۽ ڪابل
کان لشڪر وٺي ان سان وڙهڻ لاءِ نڪتو.پشاور وٽ
تهڪال ۾ انهن ٻنهي جو ٽڪر ٿيو پر وزير شير محمد
خان مارجي ويو. انهيءَ وچ ۾ اميرن وزيرن فتح خان
محمود شاهه کي ٻيهر ڪابل جي تخت تي ويهاريو ۽ هو
ڪثير ڪٽڪ سان شاهه شجاع جي مقابلي لاءِ نڪتو. نملي
۾ ٻئي هڪٻئي سامهون ٿيا پر شاهه شجاع پنهنجي اهم
وزيرن اڪرم خان ۽ غفور خان فوخلزئي جي مارجڻ کان
پوءِ هار کائي وڃي لاهور ۾ رنجيت سنگهه وٽ ٻارن
ٻچن سوڌي پناهه ورتي. رنجيت سنگهه سندس چڱي خدمت
چاڪري ڪئي.
شاهه شجاع اتان حڪومت حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ جڏهن پشاور ويو ته
اتان گرفتار ٿي وڃي ڪشمير جي ڪوٽ ۾ پهتو. ڪجهه
ڏهاڙن بعد کيس آزادي ملي ۽ لاهور رنجيت سنگهه وٽ
آيو ته هن ڪوهه نور هيري جي لالچ ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽
مٿس سختيون ڪري کانئس هيرو هٿ ڪيو پر پوءِ به شاهه
شجاع کي آزادي نه ملي سگهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
هو ڪنهن طريقي سان قيد گهر مان فرار ٿي لڌياني
پنهنجي ٻارن ٻچن وٽ اچي پهتو، لڌيانه جيئن ته
انگريزن جي قبضي ۾ هو ۽ انگريز افغانستان لاءِ هن
کي استعمال ڪرڻ واسطي اتي کيس ماهوار وظيفو ۽ ٻيون
سهولتون ڏيندا رهيا.
رنجيت سنگهه ۽ خيرپور جا مير:
سکن جي حڪومت جو بنياد وجهندڙ رنجيت سنگهه 1839 ــ 1780ع) سردار
مهن سنگهه جي گهر ۾ 2 نومبر 1780ع تي پيدا ٿيو،
1792ع ۾ پنهنجي پيءُ جي جڳهه تي سکن جي هڪ ٽولي
چڪيا جو سردار ٿيو. ننڍپڻ ۾ ماتا جي ڪري هڪ اک
خراب ٿي وئي هئس، سترهن سالن جو ٿيو ته ماءُ کي
زهر ڏيئي ڪري پاڻ حڪومت تي قبضو ڪري ويٺو. جڏهن
افغانستان جي حڪومت شاهه زمان پٽ تيمور شاهه
سنڀالي ۽ هو پنجاب آيو ته رنجيت سنگهه سندس درٻار
۾ آيو ۽ 1799ع ۾ شاهه زمان رنجيت کي لاهور جي
حڪومت ڏني. 1802ع ۾ هن امرتسر تي ڪاهه ڪري ان کي
پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو، 1805ع ۾ جڏهن جسونت
راءِ هوڪلر هن وٽ پناهه ورتي ته ڪمپني سان معاهدو
ڪري کيس پنجاب مان ڪڍي ڇڏيو. رنجيت ان کان پوءِ
لڌياني ۽ ٻين رياستن تي قبضو ڪيو. 25 اپريل 1809ع
۾ برطانوي هند جي سرڪار سر مٽڪاف کي موڪلي رنجيت
سنگهه سان ٺاهه ڪيو ته هو ستلج درياءُ کان اڳي نه
وڌي ۽ اها ئي برطانيا ۽ سکن جي حڪومت جي حد هوندي.
10 ــ 1809ع ۾ رنجيت ملتان تي ڪاهه ڪئي ۽ ان کي فتح ڪري مٿان ڏن
رکيو.
1810ع ۾ پاڻ پنجاب جو راجا سڏرائڻ کانپوءِ هاڻي درياءَ ستلج ۽
سنڌو درياءَ جي وچ وارو سڄو علائقو ۽ 1823ع ۾
ڪشمير به انجي هٿ هيٺ اچي ويو. سندس وفات 27 جون
1839ع ۾ ٿي.
رنجيت سنگهه انگريزن سان ڳٽ جوڙ هو. جنهن جي ذريعي هو اتر
اولهندي ۾ پنهنجي مخالفن کي ڪچليندا هئا، جيڪڏهن
رنجيت سنگهه انگريزن کي افغانستان جي پهرين جنگ
1839ع ۾ مدد نه ڪري ها ۽ انهن کي پاڻ وٽان وڃڻ
جو رستو نه ڏئي ها ته افغانستان ۽ سنڌ جي مسلمانن
تي اها آفت نه ڪڙڪي ها ۽ مير مجبور ٿي ڪري انگريزن
سان اهي ٺاهه نه ڪن ها ۽ نه ئي غلاميءَ جوڳٽ سندن
جي ڳچيءَ ۾ پوي ها!
اصل ۾ رنجيت سنگهه جو وڌندڙ اثر ڏسي سنڌ جي ميرن ان ڏانهن
دوستي رکڻ لاءِ قيمتي سوکڙيون موڪلڻ شروع ڪيون پر
رنجيت چاهيو ته مير اهي ٻارهن لک ڍل مون کي ڏين،
جيڪا افغان درٻار موڪليندا آهن، ان لاءِ هن ميرن
کي ڊيڄارڻ واسطي ملتان ۾ پنهنجي نائب ديوان سانومل
۽ ڪنور نونهال سنگهه کي مٺڻ ڪوٽ ۾ توپخاني جي
نمائش ڪرڻ لاءِ به چيو. سنڌ جي ميرن جڏهن ڏٺو ته
رنجيت جي طاقت اڳيان ملتان جو نواب ۽ ديرن جا بلوچ
ڪنڌ جهڪايون ويٺا آهن ته پوءِ جنگ ڪرڻ مان ڇا
حاصل سو مير ڪرم علي سڀني سان صلاح ڪري انگريزن
سان ٺاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي وزير آغا
اسماعيل شاهه کي ٽن هزار بلوچن جي حفاظت ۽
توپخاني سان گڏ بمبئي جي گورنر ڏانهن موڪليو. آغا
اسماعيل اتي پهتو ته بمبئي جي گورنر مائونٽ سٽيورٽ
ايلفنسٽن وڏي گرمجوشيءَ سان سندس ڀليڪار ڪيو. آغا
اسماعيل سڄي صورتحال مسٽر ايلفنسٽن کي ٻڌائي ۽ هن
اها رپورٽ ڪلڪتي گورنر جنرل کي موڪلي، گورنر جنرل
وري اها لڌياني جي برٽش پوليٽيڪل ايجنٽ ڪپتان ويڊ
ڏانهن ان حڪم سان اماڻي ته هو ملتان سرڪار کي لکي
ته جيڪڏهن انهن سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان
کان اڳ ملتان تي اسان چڙهائي ڪنداسين. انگريزن جي
دٻاءُ کان پوءِ رنجيت سنڌ تي حملي کان مڙي ويو.
انهن ئي ڏينهن ۾ شاهه شجاع الملڪ سردار محمد عظيم خان کان هار
کائي شڪارپور آيو ۽ جڏهن ڏٺائين ته فوج لاءِ
شڪارپور جي پيداوار شاهي خرچ لاءِ گهٽ آهي ته پوءِ
ميرن کي پنهنجو ڪرڻ واسطي کين خط لکيائين ۽ ان کان
پوءِ قلندر شهباز جي زيارت جي بهاني سان ميرن سان
ملاقات لاءِ نڪتو. دوهي پهتو ته خيرپور جي ميرن
مير سهراب، مير رستم، مير مبارڪ ۽ ٻين سندس شاندار
آڌرڀاءُ ڪيو ۽ خدمت چاڪري ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. شاهه
شجاع کين اڪيلائي ۾ گهرائي پنهنجي امداد ڪرڻ لاءِ
راضي ڪيو. ان کان پوءِ هو حيدرآباد پهتو پر مير
ڪرم علي ۽ مراد علي شڪار تي ويا هئا، جيئن ئي اتي
خبر پين ته شڪار ڇڏي هليا آيا ۽ اچي ڪارندن کي
اڳواٽ اطلاع نه ڏيڻ تي ڏاڍو دٻايائون. شاهه شجاع
کين شاهي نوازشن ۽ عنايتن جو اميدوار ڪري عهد نامي
ڪرڻ لاءِ اڪسايو، ميرن گهڻو ئي لنوايو پر شاهه
شجاع اتي ئي رهيو پيو ۽ ڪيترن ڏينهن جي ڳالهه
ٻولهه کانپوءِ حيدرآباد جي ميرن ۽ شاهه شجاع جي وچ
۾ هيٺين شرطن تي ٺاهه ٿيو.
معاهدو:
قسم کڻي ميرن اهو معاهدو ڪيو ته شاهه شجاع جو دشمن اسان جو دشمن
هوندو ۽ اسان جو دشمن شاهه شجاع جو هوندو. ٻئي ملڪ
هڪٻئي جي نفعي نقصان، عزت ۽ ذلت کي پنهنجو نفعو
نقصان ۽ عزت ذلت سمجهندا ۽ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ کان
نه ڪيٻائيندا.
شاهه شجاع کي وڃڻ مهل ميرن پنجويهه هزار روڪ، قيمتي تحفا ۽ ڪجهه
علائقا محال گوسڙجي، ڪرن جو قلعو، ڳڙهي ياسين ۽
محال روپا جو ٽيون حصو شاهه شجاع جي خرچ پکي لاءِ
مقرر ڪيائون ۽ خيرپور جي ميرن کي لکيائون ته جيڪي
ڳوٺ شڪارپور وارا ان لاءِ رکيا ويا آهن، انهن جي
هر مهيني ڍل شاهه شجاع جي خدمت ۾ پيش ڪئي وڃي.
شاهه شجاع حيدرآباد کان خيرپور پهتو ۽ خيرپور جي
ميرن سان به ساڳيو ٺاهه ڪرڻ چاهيائين، پر مير
سهراب تمام سياڻو ۽ سياسي داءُ پيچن کان واقف هو،
شاهه شجاع کي چيائين ته بس اهو ئي حيدرآباد جي
ميرن جو ٺاهه ڪافي آهي، نئين جدا معاهدي ڪرڻ جي
ضرورت ناهي. شاهه شجاع گهڻائي وس ڪيا پر مير سهراب
اصل نه مڃيو. مير سهراب حيدرآباد جي ميرن جي اهڙي
فيصلي تي تعجب جو اظهار ڪندي چوندو هو ته انهن
شاهه شجاع سان اهو عهدنامو ڪري پاڻ کي ڏچي ۾ وجهي
ڇڏيو، ان تي پورا نه لهي سگهندا ۽ واعدو ٽوڙي آزار
۾ اچي ويندا. |