سول نافرماني ۽ گرفتاريون:
ان تي انگريز حڪومت حُرن جون گرفتاريون تيز ڪري ڇڏيون. پير صاحب
به پنهنجي خاص خاص مريدن کي پردي پويان هليو وڃڻ
لاءِ چيو. انگريزن جو ڏاڍ ۽ جبر ڏينهون ڏينهن
وڌندو ويو. سرعام گوليون هلڻ لڳيون ۽ انگريز آفيسر
حُرن خلاف مٿي رپورٽون موڪلڻ لڳا. ڪي ماڻهو پير
صاحب کي انگريزن جو وفادر ٿيڻ ۽ کانئن جهجو انعام
حاصل ڪرڻ جون صلاحون ڏيڻ لڳا پر انهن کٿو جواب ڏئي
ڇڏيو.
ڪراچي ۾ نظربندي:
آخر پير صاحب کي ڪراچي ۾ نظربند ڪيو ويو، جنهن تي انهن مطالبو
ڪيو ته جيڪڏهن منهنجو ڪو ڏوهه آهي ته اهو عدالت ۾
پيش ڪيو وڃي. پر حڪومت ان جو ڪو جواب نه ڏنو. پير
صاحب ان وقت جي وزيراعليٰ سنڌ سر غلام حسين هدايت
الله کي به اهڙي غير قانوني عمل جي باري ۾ لکيو پر
ان به جواب ڏنو ته مان مٿين حڪمن تي عمل ڪرڻ جو
پابند آهيان ۽ توهان جي ڪائي مدد نٿو ڪري سگهان.
پير صاحب نظربندي ٽوڙي گڙنگ بنگلي پهتا:
پير صاحب نظربندي ٽوڙي راتو رات ڪار ۾ گڙنگ بنگلي پهتا ۽
پنهنجي مريدن کي چيائون ته حڪومت منهنجي خلاف وٺ
پڪڙ تيز ڪري ڇڏي آهي، پر هو بنا گهٻرائڻ جي پنهنجي
جدوجهد جاري رکن. ان کان پوءِ پير ڳوٺ پهچي اتي به
ساڳيا حڪم ڏنائون.
بغاوت جو ڪيس:
انگريز حڪومت کي پير صاحب جي فرار ٿيڻ کان پوءِ مٿن بغاوت جو
ڪيس ڪرڻ ۽ حُرن خلاف رڻ ٻاري ڏيڻ جو موقعو ملي
ويو.
بنگلي جو گهيراءُ، بمباري ۽ مارشل لا مڙهڻ:
انگريزن پير صاحب جي بنگلي جو گهيراءُ ڪري مشينن سان بمباري ڪرڻ
شروع ڪئي. درگاهه شريف، حويلين ۽ سڄي ڳوٺ کي بارود
سان اڏايو ويو ۽ وڏي مشڪل سان پير صاحب کي گرفتار
ڪيو ويو. پر اهي سڀ ڪارروايون حُرن جي آزاديءَ
واري جذبي کي ٿڌو نه ڪري سگهيون.
سنڌ ۾ مارشل لا لڳايو ويو پر پوءِ حر، فوج ۽ پوليس سان مقابلو
ڪندا رهيا. عورتن به انهيءَ جهاد ۾ اهڙا ڪارناما
ڪري ڏيکاريا جيڪي اچرج ۾ وجهي ڇڏين ٿا.
انگريزن حُرن کي بيدرديءَ سان ڪچلڻ شروع ڪري ڏنو. پير ڳوٺ ۽
گڙنگ ۾ سندن گهرن کي باهه ڏني ويئي، ڪن کي قيد ڪيو
ويو ته ڪن کي شهيد ڪري هزارين عورتن ۽ ٻارن جو
سهارو کسيو ويو. اهڙي ظلم تي سنڌ جا وڏا وڏا
زميندار ۽ وڏيرا چپ چاپ تماشو ڏسندا رهيا.
سولي جو سڏ:
انگريز حڪومت پير صاحب تي بغاوت جو ڪيس هلائي سولي تي چاڙهڻ جو
حڪم ڏنو جيڪو آزاديءَ جي پانڌيئڙن جو مرڪ آهي.
بنا کردند خوش رسمي بخاک و خون غلطيدن،
خدا رحمت کند اين عاشقان پاڪ طينت را.
فيصلي ٻڌڻ کان پوءِ پير صاحب کي معمولي قسم جي به پريشاني نه ٿي
۽ مسڪرائيندا رهيا. هڪ انگريز آفيسر جو چوڻ آهي ته
مان آخري رات انهن سان گڏ هيس. هو پهريان وانگر
پرسڪون هئا. مون کي اچرج ۾ ڏسي چوڻ لڳا ڇا ڳالهه
آهي؟ حق جي رستي ۾ شهادت ماڻڻ اسان جي ابن ڏاڏن جي
سنت آهي ۽ کلي ڪري سولي تي پهچڻ اسان جي عبادت
آهي. هو ان رات معمول مطابق گهري ننڊ سمهيا.
شهادت:
آخر 20 مارچ 1943ع تي سولي کي سجائي ڪري آزاديءَ جي انهيءَ ڏيئي
کي اجهايو ويو. انهيءَ ڏيئي جي گرمائش سان هزارين
پروانا پيدا ٿي چُڪا هئا، جن چئن سالن جي اندر
اندر انگريزن کي تڙي ڪري 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان
جو وجود مڃرايو ۽ حضرت شاهه ولي الله، شاهه
اسماعيل شهيد، مولانا محمد علي جوهر ۽ علامه اقبال
جي خواب کي حقيقت ڪري ڏيکاريو.
هزارين انسانن جون قربانيون ۽ مائرن ڀينرن جون دعائون رائگان نه
ويون ۽ پاڪستان جو تحفو انهن جي ايندڙ نسل کي ملي
ويو.
اخلاق ۽ جرئت:
پير صاحب اخلاق جي اعليٰ مرتبي تي فائز هئا، سندن اٿڻي ويهڻي ۾
شائستگي پري کان پڌري هئي. الله کانسواءِ هو ڪنهن
کان به نه ڊڄندا هئا ۽ ظالم کان شديد نفرت ڪندا
هئا.
هڪ ڀيري گڙنگ واري بنگلي ۾ انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر کانئن پڇيو ته
توهان انگريز آفيسرن جي عزت ڇو نه ڪندا آهيو؟ پاڻ
جواب ڏنائون ته انهن جي طور طريقن ۽ اٿڻي ويهڻي
ڏسڻ کان پوءِ ٿورو به انگريز آفيسرن جي عزت جو
خيال ايندو آهي ته پوءِ پنهنجي شرافت ۾ شڪ ٿيڻ
لڳندو آهي، ڇاڪاڻ ته مان حسيني آهيان. ان جواب مان
پير صاحب جو مقصد هو ته مان چڱن ماڻهن جي عزت ڪندو
آهيان ۽ حسيني آهيان، فاسقن کي عزت ناهيان ڏيندو.
پاڻ پيغمبر پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن جا سچا عاشق هئا، هر ڪم
پنهنجي هٿن سان ڪندا هئا. صبح جو اٿي ورزش ۽ نماز
کان واندا ٿي مريدن سان ڪم ڪارين ۾ لڳي ويندا هئا،
فصل ڪٽيندا ۽ گودامن ۾ رکائيندا هئا.
پير صاحب سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ڏکيا ڏينهن ڏٺا.
1930ع کان 1938ع تائين کين رتناگري، مدنا پور،
ڍاڪا ۽ راج شاهي جيل ۾ هٿيارن رکڻ جي جرم ۾ قيد
رکيو ويو ۽ 1940ع کان 1943ع تائين وري ناگپور جيل
۾ قيد ڪري ڊفينس آف انڊيا تحت ڪيس هلائي ڦاسي ڏني
ويئي. ڦاسي جي وقت عبادت ڪري پاڻ سپرنٽِنڊنٽ کي
هلڻ لاءِ چيائون، سپرنٽينڊنٽ جو بيان آهي ته مان
پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ موت کي اهڙي بهادريءَ سان
ڀليڪار چوڻ وارو مرد ناهي ڏٺو.
نشان مرد مومن با تو گويم،
چون موت آيد تبسم برلب اوست.
20 مارچ 1943ع واري ڏينهن سنڌ جي هن عظيم سپوت کي شهادت جو جام
پياريو ويو پر افسوس جو اڄ تائين اها خبر نه پئجي
سگهي آهي ته پير صاحب کي ڪٿي پوريو ويو.
پير صاحب جي ڪتابن ۾ صرف بياض ملن ٿا، جنهن ۾ سلوڪ ۽ معرفت جا
نڪتا بيان ٿيل آهن. سؤ صفحن واري بياض ۾ ان صرف هي
نوٽ ڏنو اٿئون ته:
مان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، رتنا گري جيل ۾ لکيو آهي. مدنا پور
واري جيل ۾ ڪجهه ناهي لکيو، ڇاڪاڻ ته سرڪار ان کي
عوام تائين پهچڻ نٿي ڏئي ۽ ڪتاب لکڻ ۾ سخت مشڪلاتن
سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيڪڏهن زندگي رهي ته جيل
کان ٻاهر اچي لکندس. جيل ۾ مطالعو جاري آهي ۽ نشان
لڳائيندو وڃان پيو.
سيد تراب علي شاهه راشدي:
پير پاڳاري جي خاندان جي هڪ بزرگ سيد تراب علي شاهه راشدي جو
ذڪر ڪرڻ هتي ضروري سمجهان ٿو، جنهن وطن جي آزاديءَ
لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ تحريڪ خلافت ۽ تحريڪ هجرت ۾ اهم
ڪردار ادا ڪيو.
1920ع ۾ سنڌ اهو اڪيلو صوبو هو، جتي سڀ کان اڳ ۾ افغانستان هجرت
ڪرڻ جي تحريڪ کي سگهارو سڏ مليو. جيئن ته ان تحريڪ
جو مک محرڪ مولانا ابوالڪلام آزاد هو ۽ ان سنڌ ۾
پير تراب علي شاهه کي اهم ذمينواريون سونپيون.
سنڌ ۾ باقاعده هجرت ڪاميٽي جوڙي ويئي، جنهنجو صدر پير تراب
شاهه ۽ سيڪريٽري رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي
کي ڪيو ويو. 1920ع کان 1938ع جي وچ ۾ هلندڙ سنڌ جي
سڀني تحريڪن ۾ پير تراب علي شاهه اڳيان اڳيان
رهيا.
پاڻ لاڙڪاڻي ضلعي جي قنبر ڀرسان علي خان ڳوٺ ۾ رهندا هئا ۽
انگريزن کان شديد نفرت ڪندا هئا.
پير علي محمد راشدي صاحب جو بيان آهي ته انهن مٿان بلوچن ۾ داخل
ٿيڻ تي پابندي هئي، هڪ ڀيري اوڏانهن وڃڻ ضروري ٿي
پين ته منهنجي ڏاڏي مرحوم سندن سفارش سنڌ جي ڪمشنر
کي ڪئي، جنهن چيو ته پابندي ختم ٿي سگهي ٿي پر هو
پاڻ اچي مون سان ملن. ڪمشنر جي اهڙي خواهش جو
اظهار ڏاڏا سائين پير تراب علي شاهه سان ڪيو ته
انهن جواب ڏنو اهو ڪم مون کان ٿي سگهي ها ته پوءِ
پابندي ڇو پوي ها!
پير تراب علي شاهه وطن جي آزاديءَ لاءِ هر جدوجهد ۾ اڳيان هوندا
هئا ۽ سنڌ جي سڀني تحريڪن ۾ هڪ سرواڻ جي حيثيت ۾
ڪم ڪيائون.
1938ع ۾ هو لاڏاڻو ڪري علي خان ڳوٺ۾ ابدي ننڊ سمهي پيا.
پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي انهيءَ خاندان جا
فرد آهن.
پير پاڳارو خاندان، پير جهنڊي وارو خاندان ۽ راشدي صاحب جو
خاندان هڪ ئي خاندان آهي يا هڪ ئي خاندان جون
مختلف شاخون آهن. پير محمد راشد (روضي ڌڻي) انهيءَ
خاندان جا جداعليٰ آهن، جن کي هيٺيان چار پٽ هئا:
(1) پير محمد شاهه (2) پير محمد ياسين (پير جهنڊي خاندان جو
ڏاڏو) (3) پير صبغة الله شاهه اول (حر تحريڪ جو
باني ۽ پير پاڳارو اول) (4) پير هدايت الله.
پير صبغة الله شاهه اول کي ڇهه پٽ هئا. سندن وفات کان پوءِ
پنجين پٽ پير علي گوهر اول گادي سنڀالي ۽ ٻيون
نمبر پير پاڳارا ٿيا. هن مهل تائين ڇهه پير پاڳارا
انهيءَ گاديءَ کي رونق بخشي چُڪا آهن ۽ هاڻي ستان
(7) نمبر گادي نشين پير سڪندر شاهه المعروف مردان
شاهه ثاني فيض ورهائڻ ۾ مصروف آهن ۽ اسلام جي
ڀلائي لاءِ اٿندڙ هر ڪوشش ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا
آهن، سندن ننڍو ڀاءُ پير نادر شاهه آهي.
ان خاندانجي پير علي گوهر اول واري شاخ يعني اولاد ”پير پاڳاري“
جي لقب سان سڃاتي ويندي آهي.
جهنڊي وارو پير محمد ياسين جي اولاد جو لقب آهي.
پير پاڳاري جو خاندان راشدي پنهنجي ڏاڏي پير محمد راشدي (روضي
ڌڻي) وارن جي نسبت سان سڏجي ٿو. پير علي محمد ۽
پير حسام الدين ۽ پير احمد شاهه راشدي صاحب جي
والد جو نالو پير حامد شاهه آهي.
سڀ کان پهريان ڪنهن پنهنجي نالي سان راشدي استعمال ڪيو:
عام طور تي چيو وڃي ٿو ته پير علي محمد شاهه راشدي سڀ کان اڳ
پنهنجي نالي سان راشدي لڳايو، پر اسان جي نظر ۾
اها ڳالهه صحيح ناهي.
سڀ کان اڳ راشدي سيد صبغة الله شاهه ثاني پنهنجي نالي سان
استعمال ڪيو. هو پنهنجي بياض جي صفحي نمبر (122)
تي حافظ ۽ اردو جا ڪجهه شعر ڏيندي هيٺيان پنهنجي
صحيح هن طرح ڪن ٿا.
”سيد پير محمد صبغة الله شاهه جلالي راشدي“
ان بياض مان برڪت خاطر هڪ ٽڪرو هت ڏجي ٿو:
”هن ڪتاب ۾ اسان نصيحت ڀريون ڳالهيون لکندا آهيون، جيئن ماڻهو
بڇڙن ڪمن کان مڙي وڃن ۽ الله کي ياد ڪن، خدا ۽ خدا
جي رسول صلي الله عليہ وسلم جي حڪم کان منهن نه
ڦيرين.
گردن از حکم خدايت بر متاب،
تانماني روز محشر در عذاب.
رتناگري جيل ۾ پير روضي ڌڻي جي ملفوظات جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ
لکن ٿا:
”مان فارسي جا هي سڀ شعر حضرت روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات مان ورتا
آهن. شعر پڙهندڙن کي گذارش آهي ته اهي انهن شعرن
مان ڪجهه ضرور ياد ڪن. ڇو ته هي شعر عجيب معنيٰ ۽
چاهه رکن ٿا. مان 5 جمادي الاخر 1350هه مطابق 17
آڪٽوبر 1931ع ۾ ان بياض کي پورو ڪيو.“
(سيد پير محمد صبغة الله شاهه هاشمي، جلالي، راشدي)
انهيءَ بياض ۾ ٻي جاءِ تي لکن ٿا.
هن ڪتاب ۾ ديوان حافظ مان ڪل اٺٺ رباعيون چونڊي لکيل آهن، جيڪي
سڀ ڇنڇر ڏينهن رتنا جيل ۾ جمادي الاول 1350هه
مطابق 11 آڪٽوبر 1931ع تي لکي ختم ڪيون.
(سيد محمد صبغة الله هاشمي، جلالي، وقت ساڍا نو)
اسان سنڌ جي ان تحرريڪ کي هاڻي ختم ڪيون ٿا، جنهن جو بنياد سيد
احمد شهيد سنڌ مان گذرڻ وقت رکيو هو ۽ ان کي
پنهنجي مقصد تائين سيد صبغة الله شاهه اول ۽ پير
صبغة الله ثاني رسايو. الله مٿن ڪرم ڪري ۽ رحمتون
نازل فرمائي.
خلافت تحريڪ
1911ع ۾ طرابلس ۽ 1912ع ۾ بلقان جي جنگ لڳي. پهرين عالمي جنگ
1914ع ۾ شروع ٿي ته ان ۾ ترڪي کي به شامل ڪيو ويو،
جنهن جي ڪري ننڍي کنڊ ۾ بي چيني پکڙجي وئي، ڇاڪاڻ
ته ترڪي ان وقت خلافت جو مرڪز هو ۽ اسلامي دنيا جي
اتحاد جو سبب پڻ. انهن حالتن ۾ 1919ع تي خلافت
ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن جو هڪڙو وفد مولانا محمد
علي جوهر جي اڳواڻيءَ ۾ ان مقصد لاءِ موڪليو ويو
ته جيئن يورپ ۽ خاص طور برطانيا کي خلافت جي اهميت
کان آگاهه ڪري. پر اهو وفد 1920ع ۾ ناڪام موٽي
آيو.
مسلمانن سان ناانصافي ڏسي هندن به ساٿ ڏنو ۽ تحريڪ ۾ شامل ٿي
ويا.
1920ع ۾ بنا مت ڀيد ۽ ملت جي سڄو ملڪ خلافت تحريڪ ۾ ٽپي پيو.
انگريزن جي شين جو بائيڪاٽ ٿيڻ لڳو. ماڻهن
انگريزن جي نوڪري ڇڏي ڏني، وڪيلن عدالتن ۾ وڃڻ ڇڏي
ڏنو، سرڪاري خطاب موٽايا ويا ۽ مظلومن سان جيل گهر
ڀرجي ويا. هندن جي شڌي ۽ سنگهٺن تحريڪ هندو مسلم
اتحاد کي ٽوڙي وڌو ۽ 1928ع ۾ نهرو رپورٽ وڌيڪ ويڇا
وڌايا. مسلمانن ان جي سخت مخالفت ڪئي.
خلافت تحريڪ ترڪ موالات تحريڪ کي وڏو ڏڍ ڏنو، ۽ اها تيزي سان
پکڙجي ويئي.
خلافت تحريڪ ۽ سنڌ:
جولاءِ 1921ع ۾ خلافت ڪانفرنس ڪراچيءَ واري اجلاس ۾ 471 علمائن
جي ڏنل فتويٰ موجب هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي، جنهن
۾ مسلمانن کي انگريز فوج ۾ ڀرتي ۽ هر قسم جي مدد
ڪرڻ کان روڪيو ويو.
ان ڏوهه ۾ مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، مولانا حسين
احمد مدني، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، پير غلام مجدد
مٽياري وارو، مولانا نثار احمد ڪانپوري، تيرٿ جي
عرف وينڪٽ رامن شور ۽ شنڪر اچاريه تي مشهور تاريخي
مقدمو خالق ڏني هال ڪراچي ۾ هلايو ويو. 28 سيپٽمبر
1921ع تي ان سلسلي ۾ مولانا جوهر جو ڏنل بيان
تاريخ جي ڪتابن ۾ هميشه سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو.
جوڊيشنل ڪمشنر ڪراچي بي سي ڪينيڊي جج اهو ڪيس
هلايو ۽ اچاريه کانسواءِ باقي سڀني آزاديءَ جي
علمبردارن کي ٻه ٻه سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا
ڏني ويئي.
مولانا جوهر ڪراچي جيل ۾ جنهن قرآن پاڪ مان ڪيس جي تياري ڪئي
هئي، اهو مون کي ڏسڻ جو شرف حاصل ٿي چڪو آهي، اهو
سيل جو انگريزي ترجمو آهي ۽ مون کي پنهنجي پياري
دوست، مشهور سياسي رهنما ۽ اڳوڻي سنڌ اسيمبلي جي
اسپيڪر آغا بدرالدين مرحوم ڏيکاريو هو ۽ ٻڌايو
هئائين ته ”منهنجي دوست مشهور قانوندان اي ـــ ڪي
بروهي کي هي بندر روڊ تي هڪ پراڻي ڪتابن جي ريڙهي
وٽان مليو. مولانا جوهر جي صحيح ڏسي بروهي صاحب
اهو جلدي ۾ خريد ڪري ورتو ۽ پوءِ مون کي پنهنجي
لائبريري لاءِ تحفي طور پيش ڪيائين.“
قرآن پاڪ جو اهو قيمتي نسخو ڪجهه سال اڳ آغا بدرالدين دراني
مرحوم جي لائبريري ۾ موجود هو ۽ يقيناً اڄ به اتي
هوندو، ڇاڪاڻ ته سندن ڀاءُ آغا صدرالدين پنهنجي
ڀاءُ جي لائبريري کي ڏاڍي سٺي حالت ۾ رکيو آهي.
آغا بدرالدين صاحب ان زماني ۾ ڪراچي واري ڪيس تي وڏي تحقيق ۽
جاکوڙ سان هڪ انگريزي اخبار ۾ مضمون لکيو هو ۽
سڀني شخصيتن جون تصويرون به ڏنيون هيون.
هلال احمر سنڌ:
1911ع تي اٽلي، طرابلس واري جنگ ۾ ترڪن کي وڏو نقصان رسايو. ترڪ
مسلمانن جي مدد لاءِ پوري هندستان ۾ چندي گڏ ڪرڻ
لاءِ ”هلال احمر“ جي نالي سان انجمنون ٺاهيون
ويون. سنڌ ۾ ان جو صدر مير ايوب خان ۽ سيڪريٽري
سيٺ عبدالله هارون هو.
خلافت ڪانفرنس جو سنڌ ۾ پهريون جلسو:
خلافت ڪانفرنس جو سنڌ ۾ پهريون جلسو 7 ـــ 8 ـــ 9 فيبروري
1920ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڪرايو ويو، جنهن ۾ اهم انقلابي
اڳواڻن جهڙوڪ علي برادران، مولانا ابوالڪلام آزاد،
مولانا عبدالباري ۽ مسٽر گانڌي وغيره شرڪت ڪئي.
مولانا رشد الله پير جهنڊي وارن صدارتي خطبو
پڙهيو. سنڌ جي اڳواڻن مان مولانا تاج محمد امروٽي،
پير تراب راشدي، جي ايم سيد، مخدوم معين الدين
ڪنڊياري ۽ سيد اسد الله ٺڪرائي ان جلسي ۾ شرڪت
ڪئي.
ان ڪانفرنس کان پوءِ عملي قدم کڻڻ لاءِ سن شهر ۾ خلافت ڪاميٽيءَ
جو اجلاس مولانا فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت ۾ ٿيو،
جنهن ۾ اهم اڳواڻن شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر نور
محمد شيخ، شيخ عبدالعزيز (سکر) ۽ مولوي محمد
سليمان وغيره شريڪ ٿيا.
سنڌ ۾ ٻين ۽ ٽين خلافت ڪانفرنس:
سنڌ جي ٻين خلافت ڪانفرنس سکر ۽ ٽين جيڪب آباد ۾ ڪئي ويئي. ۽
گڏيل راءِ سان هجرت جي قرارداد منظور ڪئي وئي. ان
قرارداد جي تائيد مولانا امروٽي صاحب مذهبي ٽولي
سان گڏ انگريز تعليم يافته طبقي کان به ڪرائي.
سنڌ جي مسلم سياسي ۽ مذهبي تحريڪن ۾ پير جهنڊي
واري، مولانا امروٽي، مولانا رشدالله ۽ پير تراب
علي شاهه جو وڏو اهم ڪردار آهي. خاص طور تي خلافت
تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ ۾ انهن بزرگن جو وڏو هٿ آهي.
هجرت ڪابل جي تحريڪ
اپريل 1920ع تي سيوهڻ ۾ مولانا عبدالڪريم درس جي صدارت هيٺ
صوبائي خلافت ڪاميٽيءَ جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ رئيس
غلام محمد ڀرڳڙي وڏي زوردار تقرير ڪئي. آخر ۾ هجرت
جي قرارداد منظور ڪئي ويئي. قديم روايتن جي رکوالن
مان مولانا محمد هاشم، مولانا عبدالڪريم حسيني،
مولانا دين محمد وفائي ۽ انگريزي دانن مان رئيس
جان محمد جوڻيجي، بيئريسٽر غلام محمد نانا ۽ محمد
امين کوسي جهڙا ليڊر ان تحريڪ ۾ اڳيان اڳيان هئا.
رئيس جان محمد جوڻيجي پنهنجي سڄي ملڪيت وڪڻي
افغانستان هجرت ڪئي.
هيڏانهن انگريزن جون نوڪريون ڇڏڻ واري سڏ کي به سنڌ ۾ وڏي موٽ
ملي، جيڪب آباد خلافت ڪانفرنس ۾ رئيس غلام محمد
ڀرڳڙي جي تقرير کان پوءِ مسلمانن سڀ سرڪاري عهدا،
ميونسپل ڪمشنري ۽ لوڪل بورڊ کان الڳ ٿيڻ ۽ انگريزن
سان هر قسم جو تعلق ختم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
هجرت ڪاميٽي:
هجرت ڪاميٽي ٺاهڻ جو مقصد مسلمانن کي منظم ۽ متحد طريقي سان
هجرت ڪرائڻ هو.
مولانا آزاد چيو ته ”هندستان کان هجرت ائين نه ٿيندي ته هڪ هڪ
ماڻهو الڳ الڳ پنهنجي طور نڪري پئي پر اها هڪ
جماعت ۽ ٽولن جي صورت ۾ ٿيندي ۽ ان جو فيصلو جماعت
جو سرواڻ ڪندو ته ڪنهن کي هجرت ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن
کي هت رهي ڪري خدمتون انجام ڏيڻيون آهن.“
وري فرمايائون ”حجرت کان اڳ بيعت ضروري آهي.“
هجرت جي معاملي ۾ مولانا آزاد کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي ۽ اهو ئي
مختلف صوبن ۾ مجاز مقرر هو. سنڌ ۾ پاڻ پير تراب
علي شاهه کي زمينداريون سونپيون هئائين.
هجرت واري تحريڪ ۾ سنڌ جو ڪردار:
سنڌ ۾ هجرت ڪميٽيءَ جي صدر پير سيد تراب علي شاهه ۽ سيڪريٽري
جان محمد جوڻيجي وڏي منظم طريقي سان ڪيمپين هلائي،
جنهن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ سنڌ مان ماڻهو هجرت ڪئي.
ڪاميٽي ماڻهن جون حالتون ڏسي انهن کي صلاح ۽ صحيح
آگاهي ڏيندي هئي.
سنڌ جي مهاجرن جو پهريون قافلو:
سنڌ جي ست سؤ مهاجرن جو پهريون قافلو جولاءِ 1920ع ۾ ٽرين ذريعي
لاڙڪاڻي کان افغانستان ويو ۽ ان جي اڳواڻي جان
محمد جوڻيجي ڪئي، جنهن جي ڪري کيس رئيس المهاجرين
چيو ويو. سيد پير تراب علي راشدي ۽ علي انور شاهه
راشدي مهاجرن کي خدا حافظ چوڻ لاءِ پشاور تائين
ويا. هر اسٽيشن تي ماڻهن جا انبوهه انهن جي
استقبال لاءِ گڏ ٿيل هئا.
19 جولاءِ 1920ع تي اهو قافلو جلال آباد پهتو. افغانستان حڪومت
جيتوڻيڪ مهاجرن کي سهوليتون پهچايون پر پوءِ به
بدنظمي ڪري شڪايتون ٿيڻ لڳيون، آڪٽوبر ۾ رئيس
المهاجرين، مولانا جوهر سان ملڻ لاءِ نڪتو،
هو اجمير خلافت ڪانفرنس ۾ مولانا جوهر سان گڏ شرڪت ڪرڻ آيو هو
پر اوچتو بخار ٿيڻ ڪري فارسي ۾ تقرير لکي
موڪليائين. اهو بخار ايترو وڌي ويو جو 16 اپريل
1921ع جي صبح جو رئيس المهاجرين الله کي پيارو ٿي
ويو ۽ سندن جنازي نماز خواجا بزرگ رحه جي درگاهه ۾
مولانا حڪيم معين الدين پڙهائي.
جن بزرگن آزاديءَ جي جدوجهد لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ ڪابل
جي هجرت لاءِ ڪارائتيون ڪوششون ورتيون انهن ۾ رئيس
المهاجرين جان محمد جوڻيجو خاص طور تي قابل ذڪر
آهي.
ڪابل جي هجرت واري تحريڪ جو اهم اڳواڻ رئيس المهاجرين جان محمد
جوڻيجو:
جان محمد جوڻيجو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڌامراهه ۾ ڄائو هو. سندس والد
حاجي ڪريم بخش هڪ زميندار هو. فارسي ۽ سنڌي جي
تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. 1912ع ۾ هو سنڌ
جي مسلمانن مان ٻيون نوجوان هو، جنهن بئريسٽريءَ
جي ڊگري حاصل ڪئي. ماڻهو يورپ وڃي پنهنجا طور
طريقا بدلائي ڇڏيندا آهن پر جان محمد جوڻيجي
انگلينڊ ۾ رهي اچڻ کان پوءِ به پنهنجو ساڳيو رک
رکاءُ قائم رکيو. شروعات ۾ ڪراچي ترسيو ۽ پوءِ
لاڙڪاڻي ۾ اچي وڪالت ڪيائين.
ڪجهه ڏينهن ۾ سندس والد وفات ڪري ويو ۽ زمينداريءَ جو بار به
سندس مٿان پيو.
مسلم ليگ جي ميمبري:
1917ع تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي ڪوششن سان سنڌ ۾ مسلم ليگ
جي شاخ کلي ته ان جي شروعاتي ميمبرن ۾ جان محمد
جوڻيجو به هو.
عربي انگريزي اسڪول ۾ حصو:
1918ع ۾ شيخ عبدالعزيز سکر ۾ ڪانفرنس گهرائي ۽ عربي انگريزي
اسڪول جو منصوبو جوڙيو ته جان محمد جوڻيجي سخاوت
جو سڏ ڏيندي ٻن شاگردن جو وظيفو منظور ڪيو. پر
افسوس خلافت تحريڪ جي سرگرمين ڪري انهيءَ منصوبي
کي عملي روپ نه ملي سگهيو.
خلافت تحريڪ حيدرآباد:
17 آڪٽوبر 1919ع تي لکنؤ ۾ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس گهرائي وئي،
جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ترڪي جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ
واري انگريز حڪومت جي 13 کان 16 نومبر واري رٿيل
جشن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ سڄي هندستان ۾
دعائون گهري يوم خلافت ملهايو وڃي. رئيس المهاجرين
پير نواب علي جي مدد سان پنهنجو بنگلي سامهون جلسو
ڪري انهيءَ احتجاج کي ڪامياب بڻايو.
آل انڊيا خلافت ڪانفرنس دهلي:
نومبر 1919ع ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جو دهلي ۾ اجلاس ڪوٺايو
ويو، جنهن ۾ اها قرارداد پاس ڪئي وئي ته حڪومت
نومبر ۾ جيڪو جشن ملهائي پئي ان جو پوري طرح
بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ان جي تائيد جمعيت الهند ۽ سنڌي
ليڊرن جي وفد به ڪئي، جنهن ۾ رئيس المهاجرين شامل
هو.
لاڙڪاڻي ۾ ان ڏينهن تي پير تراب علي شاهه راشدي سان گڏجي رئيس
المهاجرين ڪارين جهنڊين جو جلوس ڪڍيو ۽ هڙتال ڪئي.
خلافت ڪانفرنس حيدرآباد:
4 جنوري 1920ع تي حيدرآباد ۾ پهريون عظيم الشان جلسو ٿيو، جنهن
۾ رئيس المهاجرين انگريزن خلاف وڏي زوردار ۽
جذباتي تقرير ڪئي.
خلافت ڪانفرنس لاڙڪاڻو:
6 ــ 7 ـــ 8 جون 1920ع ۾ رئيس المهاجرين جي ڪوششن سان پير
جهنڊي وارن جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۾ خلافت ڪانفرنس
ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾ هندستان جا نالي وارا اڳواڻ
مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي جوهر، مولانا
عبدالجبار لکنوي، مولانا آزاد، رئيس غلام محمد
ڀرڳڙي، سيٺ عبدالله هارون، مولانا امروٽي، گانڌي ۽
ڊاڪٽر ڪچلو شريڪ ٿيا. ان ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو
ته هڪ وفد پير جهنڊي، مولانا دين محمد وفائي، رئيس
غلام محمد ڀرڳڙي ۽ ٻين جي صورت ۾ بمبئي موڪلي
گورنر کي سنڌ ۾ انگريز آفيسرن جي ڏاڍاين کان آگاهه
ڪيو ويندو. رئيس غلام محمد جي صدارت ۾ اهو وفد
بمبئي پهتو پر ڏهه ڏينهن اتي ٽڪڻ کان پوءِ به کيس
گورنر سان ملڻ جو موقعو نه ملي سگهيو.
سيوهڻ خلافت ڪانفرنس:
اپريل 1920ع ۾ مولانا عبدالڪريم درس جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس
جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ رئيس المهاجرين جي جذباتي
تقرير جلسي کي گرمائي ڇڏيو.
هجرت ڪابل جي تحريڪ:
جيڪب آباد جي جلسي ۾ جان محمد جوڻيجي اعلان ڪيو ته مان سرداري
ڪرسي، ميونسپل ڪمشنري، لوڪل بورڊ جي ميمبري ۽
بئريسٽري به ڇڏيان ٿو، ان کان سواءِ ڍل به نه
ڏيندس.
سنڌ ۾ سول نافرماني تحريڪ جو اهو پهريون بنياد رئيس المهاجرين
وڌو.
هجرت ڪاميٽي:
ان کان پوءِ باقاعده هجرت ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن جو صدر راشدي
صاحب ۽ سيڪريٽري جان محمد جوڻيجو ٿيو ۽ سندس بنگلو
هجرت ڪاميٽيءَ جو دفتر ڪيو ويو.
برٽش
گورنمينٽ جون ڏاڍايون:
جان محمد جوڻيجي جي اهڙين سرگرمين تي برٽش گورنمينٽ ڏمرجي پئي ۽
سندس زمين جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو، پر رئيس
المهاجرين ان جي ڪا پرواهه نه ڪئي ۽ هجرت جي
تيارين ۾ لڳو پيو رهيو. هو پوري هندستان مان
پهريون سنڌي مجاهد هو، جنهن هجرت ڪئي.
هجرت جو منظر:
هجرت جون سڀ تياريون ٿي ويون، سامان ٻڌجي ويو ۽ لاڙڪاڻي مان 700
ماڻهن جو قافلو جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻيءَ ۾
نڪتو ته انگريز حڪومت ٿرٿلي ۾ اچي ويئي، لاڙڪاڻي
کان روهڙيءَ تائين هڪ عجيب منظر هو، هزارين
مسلمانن ان قافلي کي الوداع ڪيو. 19 جولاءِ 1920ع
۾ اهو قافلو جلال آباد پهتو. گهڻن مهاجرن ڪري اتي
ڪجهه بدنظمي پيدا ٿي، جنهن جي باري ۾ ڳالهائڻ لاءِ
رئيس المهاجرين مولانا جوهر سان ملڻ ويو ۽ گفتگو
ٿيڻ کان پوءِ مولانا سان گڏ سول نافرماني واري
تحريڪ جي سلسلي ۾ ڪجهه دورا ڪيائين.
لاڙڪاڻي جي جوڊيشنل ڪمشنر جو نوٽس:
نومبر جي آخري ڏهارن ۾ اله آباد ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ
بعد رئيس المهاجرين لاڙڪاڻي پهتو ته کيس سنڌ جي
جوڊيشنل مئجسٽريٽ طرفان هڪ نوٽس مليو، جنهن ۾
ڪراچي ۽ جيڪب آباد وارين تقريرن جي وضاحت ڪرڻ لاءِ
لکيو ويو. رئيس المهاجرين جواب ڏنو ته مان
افغانستان جي بادشاهه جي رعيت آهيان ۽ انجمن
مهاجرين هند طرفان آيو آهيان. جيڪڏهن سنڌ گورنمينٽ
مون کان جواب وٺڻ چاهي ٿي ته ان کي گهرجي ته هو
بمبئي جي حڪومت طرفان افغانستان کي لکي.
مختصر طور ته بمبئي خلافت ڪاميٽي مهاجرن جي امداد لاءِ پنجاهه
لک روپيا ڏنا، جيڪي رئيس المهاجرين هڪدم ڪابل
موڪليا. پجن لکن جو وڌيڪ واعدو ڪيو ويو.
انکان پوءِ هو مولانا جوهر سان خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
اجمير ويو.
وفات:
اجمير ۾ رئيس المهاجرين کي تيز بخار ٿي پيو، جنهن جي ڪري 16
اپريل 1921ع ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائون. |