سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :49

 

ڪمشنر نائون

ايف ڊي ميلول (F. D. Melvill) قائم مقام ڪمشنر

مير ويدر کان پوءِ 1877ع ۾ ايف ڊي ميلول قائم مقام ڪمشنر ٿي آيو، جڏهن ته مسٽر ڊبليو بي وارنر سندس ماتحت هو. ميلول ان کان اڳ ۾ سنڌ جو جوڊيشنل ڪمشنر ۽ عدالت جو جج به  رهيو هو، تنهن ڪري پنهنجي عارضي عرصي ۾ سنڌ جي عدالتي معاملن ۾ سڌارا آندائين ۽ ڪمشنريءَ جو وقت پورو ڪري هليو ويو.

 

ڪمشنر ڏهون

ايڇ اين بي ارسڪين (Henr Napier Bruce Erskine)

مسٽر ارسڪين 1879ع ۾ ميلول جي جاءِ تي سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر ٿي آيو. سنڌ ۾ هو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪراچي جي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تي رهي چڪو هو. ارسڪين جو پهريون اسسٽنٽ، ڪمشنر الرونت پوءِ ڊاڪٽر جان پالن ۽ آخر ۾ مسٽر ايچرلي رهيو.

زميني قاعدا:

ارسڪين پنهنجي دؤر ۾ مختلف قسمن جي زمينن لاءِ جدا جدا قانون ۽ قاعدا جوڙيا جيڪي گهڻي وقت تائين جاري رهيا.

خدا داد خان جي  لکيل ”تاريخ جاگيرات“ به لڳي ٿو ته هن ئي ڪمشنر جي حڪم تي لکي وئي، جنهن جي ڪري سندس ماتحت ڊاڪٽر جان پالن خداداد خان جا ٿورا مڃيا.

سنڌ مدرسي ۽ ديا رام ڪاليج جو بنياد پوڻ:

1885ع تي ارسڪين جي زماني ۾ سنڌ مدرسي ۽ ديا رام ڪاليج جو بنياد پيو.

1887ع ۾ خداداد خان کي انگريزن طرفان سندس وفادارين تي خان صاحب جو خطاب ڏنو ويو.

ارسڪين جو لنڊن وڃڻ:

1887ع ۾ ارسڪين پنهنجي زمينوارين کان آجو ٿي پنهنجي وطن هليو ويو. سندس يادگار طور بندر ارسڪين ۽ ارسڪين باغ ڪراچي ۾ قائم ڪيو ويو. خداداد خان لب تاريخ سنڌ جي آخر ۾ ارسڪين کي ساراهيو آهي.

ڪمشنر يارهون

مسٽر ٽريور (Mr. Traiver)

 

مسٽر ٽريور 1887ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو ۽ پنهنجو نائب پهريان مسٽر مور ۽ بعد ۾ جيڪسن کي رکيائين، ٽريور ٿورا ڏينهن سنڌ جو ڪمشنر رهيو.

جاگيرن جا مالڪي حق:

ٽريور جي ڏينهن ۾ متفرق جاگيردارن يعني سنڌ جي سرحد وارن بلوچن ۽ لاڙڪاڻي جي جاگيردارن کي سندون ڏئي مالڪي جا حق ڏنا ويا، ٽريو ڪلڪتي ڪائونسل جو ميمبر ٿي هليو ويو.

ڪمشنر ٻارهون

سر چارلس پرچرڊ (Sir Charles Purchard)

1888ع ۾ سر چارلس پرچرڊ سنڌ جي  ڪمشنريءَ جو انتظام سنڀاليو ۽ وقت به وقت ڊاڪٽر جان پالن، ميولس ۽ ايچرلي سندس نائب مقرر ٿيندا رهيا.

سنڌ مدرسي ۽ ديا رام ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر:

1888ع تي گورنر جنرل هندستان لارڊ ڊفرن ڪراچي اچي سنڌ مدرسي ۽ ديا رام ڪاليج  جي پيڙهه جو پٿر رکيو.

پارو مل خوب چند سيوستاني تي مقدمو:

1888ع ۾ سنڌ سرحد جي ڊپٽي ڪليڪٽر پارومل تي رشوت وٺن جو مقدمو هليو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. انهيءَ رسوائيءَ جي رنج ۾ هو مري ويو.

مير علي مراد لاءِ 19 توپن جي سلامي:

مير علي مراد خان لاءِ ٻن توپن جي سلامي وڌائي ڪل 19 توپون ڪيون ويون ۽ 19 توپن جي سلامي کيس سڄي عمر ايندي رهي.

آبڪاري نظام:

آبڪاري نظام ۾ وڌيڪ سڌارا آندا ويا.

چارلس پرچرڊ جي موڪلاڻي:

1889ع ۾ هو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي هتان هليو ويو.

 

ڪمشنر تيرهون

ايڇ اي ايم جيمس (H.E.M James)

اسٽار آف انڊيا

 

1889ع ۾ جيمس سنڌ جي ڪمشنري تي مقرر ٿي بمبئي کان ڪراچي آيو، جيڪسن ليوڪس ۽ سليڊن سندس نائب رهيا.

هو انهيءَ عهدي کان اڳ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ 1872ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ رهي چڪو هو.

خيرپور جي والي کي خطاب:

جيمس جي ڏينهن ۾ انگلستان جي راڻي مير علي مراد کي جي ـــ سي ــــ آءِ ــــ اي (گرانڊ نائيٽ آف ڪراس آف دي  انڊين امپرر) جو خطاب ڏنو. بمبئي جي گورنر لارڊ هيرس شڪارپور اچي انهيءَ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ مير صاحب کي شاهي لباس پارايو. ان سان گڏ 19 توپن جي سلامي به کيس ڏني ويئي. هن تقريب ۾ فوجي ۽ سول سرڪاري آفيسرن سان گڏ علائقي جي زميندارن ۽ وڏيرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

لب تاريخ سنڌ جي ليکڪ کي خطاب:

1893ع تي جيڪب آباد ۾ گهوڙن جو ميلو ٿيو، جنهن ۾ خداداد خان کي ”خان بهادر“ جو خطاب ۽ قادر داد خان کي ”سي ــــ آءِ ــــ اي“ جو ٻلو ڏنو ويو.

سنڌ جي ميرن جو وظيفو وڌائڻ:

1893ع ۾ جيمس سکر اچي هڪ مهيني تائين ترسي پيو. ان وچ ۾ خيرپور جي پينشن وٺندڙ (وظيفي خوار) ميرن کي گهرائي جيمس کانئن مسئلا ٻڌا ۽ انهن  سان گڏ  حيدرآباد ۽ ميرپور جي ميرن جي حق ۾ هڪ تفصيلي رپورٽ ٺاهي بمبئي جي حڪومت ڏانهن اماڻي، جتان ميرن لاءِ تاحيات وظيفي سان گڏ ان ۾ واڌاري جو حڪم آيو. ان کانسواءِ پندرهن سالن جي عمر وارن مير  حڪمرانن کي سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪرائڻ ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ ۽ پوشاڪ جو ذمو حڪومت کنيو.

ڪمشنر چوڏهون

سر چارلس اوليونٽ (Sir Charles Ollivant) قائم مقام ڪمشنر

چارلس اوليونٽ 1895ع ۾ ڪاٺياواڙ جي پوليٽيڪل ايجنسي کان سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر ٿي آيو هو. 81 ــ 1880ع ۾ سنڌ جو نائب ڪمشنر رهڻ ڪري حالتن کان چڱي طرح واقف هو. مسٽر جي سليڊن سندس نائب هو.

مسٽر پينٽن جو اسلام قبول ڪرڻ:

1895ع ۾ سرحد پوليس جي عهديدار مسٽر پينٽن عيسائيت ڇڏي اسلام قبول ڪري ورتو، جنهن تي ظاهري طرح ته ڪنهن آڱر نه کنئي پر انگريز حڪومت ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پنهنجي اصليت ڏيکاري ۽ سندس بدلي ڪري دڪن موڪليو ويو.

خداداد خان جو ڪتاب ”لب تاريخ سنڌۡ:

خداداد خان پنهنجي ان ڪتاب ۾ انگريزن جي نثر ۾ قصيده خواني ڪئي آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ هو انگريزن جي ساراهه ڪندي ٿڪجي نٿو ۽ بار بار انهن انعامن ۽ خطابن جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي انگريزن کان کيس مليا.

حر مجاهدن جي باري ۾ خداداد خان جي غلط بياني:

خداداد خان ”لب تاريخ سنڌ“ ۾ اوليونٽ جا حالات لکندي حُرن جي باري ۾ غلط بياني ڪئي اٿئين. انهن جي آزادي لاءِ جدوجهد کي شورش ۽ فساد سڏيندي پير صاحب پاڳاري جي عقيدن کي غلط رنگ ڏيندي چوي ٿو ته انهن جا مريد ڪنگري درگاهه جي وارثن کي نعوذ باالله خدائي صفتن جهڙو سمجهندا آهن.

اسان حر تحريڪ ۽ مجاهدن جي جذبي ۽ قربانيءَ کي ايندڙ صفحن ۾ بيان ڪنداسين. ته ڪيئن ماڻهو پري پري کان اچي انهيءَ جماعت ۾ شريڪ ٿيا. هتي صرف ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ”لب تاريخ سنڌ“ جي صفحي نمبر 256 جي حاشيي ۾ ڏنل بيان پيش ڪنداسين، هو لکي ٿو ته: قاضي عثمان سنڌي جيڪو شوڪاني جو شاگرد هو ۽ محمد بن عبدالوهاب موحد جي تعليم کان متاثر هو، پنهنجي وطن سنڌ اچي حر مجاهدن جي هڪ ٽولي ۾ شامل ٿيو. ان عالم جي هٿيارن ۾ اڄ به هڪ خنجر سندس اولاد وٽ محفوظ آهي، جڏهن ته ڪتابن ۾ امام تيميه جي رسالن تي مشتمل قلمي نسخو ۽ ٻيا رسالا جيڪي شايع ناهن ٿيا ۽ جن جي املا عبدالوهاب صاحب ڪرائي هئي، سنڌ يويورسٽيءَ جي لائبريريءَ ۾ موجود آهي.

حضرت سيد صبغت الله شاهه اول جي نالي سيد احمد شهيد جو هڪ خط:

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان حاشيي جي آخر ۾ سيد احمد شهيد جو هڪ خط ڏنو آهي، جيڪو انهن جهاد جي ميدان مان پير صاحب ڏانهن لکيو هو، جنهن ۾ حُر تحريڪ جي اهميت ۽ عظمت سان گڏ اها حقيقت به آڏو اچي ٿي ته سيد صاحب ان تحريڪ جي باني جي ڪيتري عزت ۽ احتام ڪن ٿا. خط ۾ دعا سلام کانپوءِ لکن ٿا ته:

اوهان جو خط جيڪو سنت جي احياءَ، جهاد جي شوق ۽ ڪفر جي قوتن کي ڪچلڻ جي باري ۾ هو مليو، اوهان جو مقصد ان خط مان ۽ اچڻ وڃڻ وارن کان معلوم ٿيندو رهندو آهي. سچ پڇو ته اوهان ۾ جهاد جو جيڪو جذبو آهي، اهو ٻي ڪنهن ۾ نٿو ٿي سگهي.

”اين کار از تو آيد مردان چنين کنند.“

جيتوڻيڪ هاڻي اهو ممڪن ناهي ته توهان جي ڪوهستان ۽ ريگستان جون ايڏيون مشڪل منزلون طئي ڪري اچو. ان ڪري وقت جي ضرورت اها آهي ته پنهنجي سچن ساٿين ۽ دين جو درد رکندڙ سچن مومنن ۽ ملڪ جي مشهور ماڻهن ۾ جهاد جو جذبو جاڳايو. بلڪه هڪ جماعت وٺي ڪنهن محفوظ هنڌ وڃي ويهو، جيڪو سکن جي ويجهو ۽ دشمن جي خطري کان محفوظ هجي. پنهنجي ۽ هن فقير جي گهر ڀاتين کي انهيءَ محفوظ جاءِ تي ترسايو ۽ پنهنجي جهاد واري جماعت کي اهڙيءَ طرح تيار ڪيو جو انهيءَ جو ڪفر کي ڪچلڻ وارو آواز هر هنڌ پهچي.

چارلس ايونٽ جي ڏينهن ۾ حُرن جي تحريڪ کي خدا داد خان فساد ۽ شورش جو نالو ڏئي ٿو ۽ حق ۽ سچ جي رکوالن کي لر يعني  بي بنياد ۽ بدڪار سڏي ٿو.هو لکي ٿو:

”سرڪار، فوج، پوليس، جاسوسن ۽ پير علي گوهر شاهه جي مدد سان ان شورش کي دٻائي حُرن کي گرفتار ڪيو ته ڪن کي سولي تي چاڙهيو ۽ حڪومت جي مدد ڪرڻ وارن کي انعام سان نوازيو.

اصل ۾ انگريزن ان تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ حُرن مٿان وڏا ظلم ڪرڻ شروع ڪيا ۽ پير علي گوهر شاهه (پير سائين پاڳاري) تي سخت دٻاءُ وڌو ان ڪري پير صاحب مصلحت ان ۾ سمجهي ته تحريڪ جي ختم ٿيڻ بدران بهتر  ائين آهي ته ان جو زور گهٽايو وڃي. جنهن کي خدا داد خان پير علي گوهر جي انگريزن جي مدد ڪرڻ سڏيو آهي، جيڪو نسورو ڪوڙ ۽ الزام آهي.

1896ع جي وچ ڌاري چارلس ايونٽ بمبئي جو وزيراعظم ۽ پوءِ ڪائونسلر مقرر ٿي هليو ويو.

 

مسٽر ايڇ اي ايم جيمس (Mr, H. E. M james)

ٻيون ڀيرو سنڌ جي ڪمشنري تي

1896ع ۾ مسٽر ايڇ اي ايم جيمس ٻيهر سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو ته بقول خداداد خان حُرن جي شورش ختم ٿي چڪي هئي ۽ هو ان جو اطلاع بمبئي حڪومت کي به ڏئي چڪو هو. حُرن جڏهن بچو موچي جي اڳواڻيءَ ۾ لڪي ڪري انگريزن مٿان حملا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ گوريلا ويڙهه تيز ڪري ڇڏي ته ان وقت انگريزن پنهنجي ڇاڙتن کي حُر بڻائي انهن جي ٺڪاڻن تي موڪليو جن حُرن جي هر سرگرميءَ جي خبر انگريزن تائين پهچائي. پوءِ انگريز فوج انهن ٺڪاڻن تي چڙهائي ڪري مورچن کي بمن سان اڏائي ڇڏيو ۽ ٻيلا تباهه ڪري ڇڏيا. پير پاڳاري کي سخت پريشان ڪري جدوجهد روڪڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. اهڙيءَ طرح حرن تي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم ڪري تحريڪ کي ٿڌو ڪيو ويو. انگريزن جي ظلمن جا مثال 44 ــ 1943ع ۾ شهيد صبغة الله ثاني جي دؤر ۾ به ملن ٿا.

انگريزن 1857ع جي ڏاڍاين کي ورجايو:

انگريز 1857ع وارين ڏاڍاين کي وري هاڻي 1896ع ۾ ورجائي رهيا هئا ۽ وري ساڳيو ڪمال پروپئگنڊا ۾ به ڪيائون. حُرن جي انهيءَ آزاديءَ واري جدوجهد کي انگريزن جي مؤرخن ۽ پٺن ڌاڙاگردي ۽ ڦرمار جو نالو ڏئي پير علي گوهر شاهه ۽ پير صبغة الله ثاني کي بدنام ڪيو، سنڌ جي انهيءَ عظيم تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ حقيقتون لڪائي ڪوڙ کي سچ جي روپ ۾ پيش ڪيو.

بچو فقير جي ڪهاڻي خداداد خان جي زباني:

لب تاريخ سنڌ جو ليکڪ خداداد خان حُرن جو ذڪر وڏي نفرت ۽ حقارت سان ڪري ٿو. جهڙوڪ بچو (حُر) جي متعلق سنڌ جي ڪمشنر جيمس جي دؤر ۾ لکي ٿو:

1896ع ۾ بچو موچي جيڪو مشهور حُر هو، بلڪه انهن جو اڳواڻ هو، کي سانگهڙ شهر ضلعي ٿرپارڪر ۾ گرفتار ڪيو ويو. ان جي گرفتاريءَ کان پوءِ شادي پلي ڳوٺ ۾ جيمس درٻار ڪوٺائي پنهنجي وفادارن ۽ حُرن کي ڪچلڻ ۾ مدد ڪندڙن کي تلوارون ۽ لنگيون ڏئي انعام سان نوازيو. پير علي گوهر شاهه کي شمس العلماءِ ۽ خان بهادر محمد يعقوب خان کي سرداريءَ جو لقب عطا ڪيائين.

ڊاڪٽر بلوچ جي وضاحت:

لب تاريخ سنڌکي ايڊٽ ڪندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”بچو موچي“ تي وضاحتي نوٽ ڏيندي لکي ٿو ته ”لب تاريخ سنڌ“ جي ليکڪ کان بچو  جي باري ۾ غلطي ٿي آهي، ۽ هو ان کي خاصخيلي جي بدران موچي لکي ٿو، جڏهن ته موچي ان جو ٻيو ساٿي ”گلو“ هو، حُرن جي انگريزن خلاف هلندڙ 96 ــ 1895ع ۾ ٻي مهم جا ٻارهن اڳواڻ هئا، جيڪي ”ٻارهن باغي“ جي نالي سان مشهور  هئا ۽ هڪ ڪائونسل جوڙي هئائون. انهن مان تحقيق مطابق اٺن جا نالا ۽ ڪن جا لقب هيٺيان آهن (1) بچو خان خاصخيلي(بادشاهه)، (2) پير بخش وساڻ وزير (3) گلو ڪفن دوز (4) تگيو چانگ (5) ڀلو گاهو (6) خميسو وساڻ (7) ختلو قاضي (8) فلاڻو قصائي.

جيمس جو وڃڻ:

انهن ئي ڏينهن ۾ جيمس ٽيون ڀيرو ڏڪار جي سلسلي ۾ ڪلڪتي ويو.

 

ڪمشنر پندرهون

مسٽر ونگيٽ (Mr, Wingate) قائم مقام ڪمشنر

1897ع ۾ مسٽر ونگيٽ سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو ۽ سندس نائب جي سليڊن ۽ پوءِ مسٽر لارنس ٿيو.

ڪراچيءَ ۾ طاعون جي وبا:

مسٽر ونگيٽ جي ڏينهن ۾ ڪراچي طاعون جي مرض ۾ وڪوڙجي ويو. انگريزن جو سنگتي خداداد خان پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته طاعون جي بياري ٺٽي، حيدرآباد، ڪوٽڙي، سکر، شڪارپور ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پکڙجي وئي ۽ پنج هزار انسان موت جو کاڄ بڻيا. انگريز ڊاڪٽرن مختلف طريقن سان ان مرض تي قابو پاتو ۽ آهستي آهستي سڀني شهرن مان اها بلا ٽري وئي.

ڊاڪٽر بلوچ جي وضاحت:

سنڌ جي ناليواري محقق ڊاڪٽر نبي بخش صاحب خداداد خان جي ڏنل مئلن جي انگ اکرن کي غلط قرار ڏئي ٿو ۽  لکي ٿو ته جن ماڻهن پنهنجي اکين سان ان مرض کي ڏٺو انهن جو چوڻ آهي ته پوري سنڌ ۾ ٻه لک ماڻهو مئا ۽ انگريز حڪومت ان جي تدارڪ لاءِ پري وارن ضلعن ۽ خاص طور تي ڳوٺن ۾ ڪو جوڳو بندوبست نه ڪيو هو.

مسٽر ونگيٽ جو وڃڻ:

مزي جي ڳالهه اها آهي ته ان  غافل ۽ لاپرواهه ڪمشنر کي انهيءَ بيماريءَ جي تدارڪ ۾ بي مثال ڪارڪردگيءَ  تي ترقي ڏئي بمبئي حڪومت جو چيف سيڪريٽري ڪيو ويو ۽ سنڌ جي عارضي چارج ڪراچي جي ڪليڪٽر مسٽر آرجائلس کي ڏني ويئي ۽ جيمس جي موٽڻ تائين اهو ئي ڪم ڪار هلائيندو رهيو.

 

مسٽر آرجائيلس (Mr. R. Giles)

سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر

1898ع ۾ مسٽر آرجائيلس کي چارج ملي جيڪو پهريان ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ پوءِ شڪارپور ۽ ڪراچي جو ڪليڪٽر رهي چڪو هو. مسٽر جي سيلڊن سندس مددگار هو.

آزاديءَ لاءِ حُرن جو جذبو:

انهن ئي ڏينهن ۾ حُرن آزاديءَ لاءِ وري ڪوششون ڪرڻ شروع ڪيون پر انگريز شاهه مردان تي پريشر وجهي ٿيندڙ ڪوششن کي دٻائي ڇڏيو.

مسٽر جيمس ٻيهر سنڌ جي ڪمشنري تي:

1898ع ۾ جيمس ڪلڪتي مان فارغ ٿي سنڌ پهتو ۽ پنهنجون ذمينواريون ٻيهر نڀائڻ لڳو. ڪجهه وقت ڪم ڪري 1898ع ۾ ئي ڪمشنريءَ کي الوداع چئي بمبئي هليو ويو. ڪياماڙيءَ تي سندس الوداعي پارٽي ٿي.

مسٽر آر جائيلس (Mr. R Giles)

جو ٽيون ڀيرو سنڌ جي ڪمشنري تي اچڻ

1898ع ۾ مسٽ آر جائيلس سنڌ جو ٽيون ڀيرو قائم مقام ڪمشنر ٿي آيو ۽ هن جي نائبي جو فرض پهريان مسٽر ڪينڊل ۽ وان ۽ پوءِ مسٽر ريو نڀائيو.

مسٽر آر جائيلس سڄي سنڌ جو دورو ڪري ٻوڏ ۽ کوهن وارن زمينن تي به ڍل رکي ڇڏي.

مسٽر جيمس ٽيون ڀيرو سنڌ جي ڪمشنري تي:

1899ع ۾ جيمس بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ کان سنڌ جي ڪمشنري تي آيو.

ڊسمبر 1899ع ۾ شاهه مردان جي مقدمي ۾ ڪاميابيءَ جي خبر ڦهلي، سر مظفر علي شاهه فيصلي خلاف اپيل وڌي پر 23 ڊسمبر 1899ع تي اها خارج ڪئي وئي.

انگريز جي چاپڙوسي جو بدلو:

مارچ 1900ع تي سکر جي هڪ جلسي ۾ انگريزن جي چاپڙوسي ڪرڻ تي ”لب تاريخ سنڌ“ جي ليکڪ کي جيمس سؤ ايڪڙ زمين ڏني ۽ تقرير ڪندي چيائين:

مسٽر خداداد خان 1853ع ۾ برطانيا حڪومت جي نوڪري ۾ گهڙيو. 1855ع ۾ فريڊرڪ سان گڏ ملڪيتن جي محڪمي ۾ رهيو. هو غدر جي زماني ۾ انگريزن سان ريگستان ۽ ويرانن ۾ ويو. ڳجهن مقصدن لاءِ جيڪي اڄ تائين ڳجها آهن، کيس جيسلمير ۽ مارواڙ موڪليو ويو. 1861ع ۾ به اهڙي ئي ڳجهي مشن تي بلوچستان جي پوليٽيڪل ايجنٽ سر  هنري گرين سان گڏ گوادر ۽ مڪران اماڻيو ويو. 1862ع تي هن لس ٻيلي جي ڄام ۽ قلات جي خان واري علائقي ۾ تار برقي جي سلسلي ۾ مدد ڪئي. سنڌ جو ڪمشنر سر وليم ميري ويدر مٿس ڏاڍو ڀروسو ڪندو هو ۽ کيس نازڪ معاملا  هن جي هٿ ڏئي ڇڏيندو هو. ميري ويدر سندس صلاحيتن مان وڏو فائدو ورتو. پنجيتاليهه سال خدا داد خان نوڪري ڪري هاڻي رٽائر ٿي رهيو آهي.

پوءِ مسلسل انگريز ڪمشنر ايندا رهيا ۽ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري خودمختيار صوبي جي حيثيت ڏني وئي. سر ليسي لارڊ گراهم اپريل 1936ع ۾ سنڌ جو گورنر ٿي آيو ۽ 1941ع تائين رهيو. اپريل 1941ع ۾ سر هوچ ڊو انهيءَ عهدي تي آيو ۽ 1942ع تائين زمينداريون نڀائيندو رهيو. جنوري 1942ع ۾ سر فرانسس مودي کي اهاچارج ملي ۽ 14 آگسٽ 1974ع ۾ پاڪستان جو بنياد پيو سر غلام حسين هدايت الله کي سنڌ جو پهريون گورنر ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org