”بهادري، نرم دلي ۽ سخاوت محمد بن قاسم جي حصي ۾ هيون. جيڪو
سترهن سالن جي عمر ۾ ئي فوجن جو سردار بڻيو. اها
سرداري سندس ولادت جي ڪيترو ويجهو هئي (يعني
ڪيترو جلد سردار بڻيو).
هڪ ٻيو شاعر چوي ٿو:
ساس الرجال سبع عشرتہ حجة والدتہ عن ذاڪ في اشغال.
”سترهن سالن جي عمر ۾ ئي جنگ جي ميدانن ۾ سرداري ڪيائين جنهن
وقت سندس همعمر راندين ۾ مشعول هئا.“
محمد بن قاسم جي محبت:
محمد بن قاسم جي لاڏاڻي تي سنڌي ڏاڍا غمگين ٿيا ۽ هن جي
مهربانين کي ياد ڪندا روئيندا رهيا. ڪيرج وارن
سندس ياد ۾ مورت ٺاهي شهر جي مک چوڪ تي هڻي ڇڏي.
محمد بن قاسم جي معزولي مُتعلق چچنامي جي هٿ ٺوڪي روايت:
چچنامي ۾ صفحي نمبر 365 کان 368 تي آهي ته محمد بن قاسم جڏهن
اوڌيپور ۾ هندستان تي ڪاهه ڪرڻ جون تياريون ڪري
رهيو هو ته خليفي طرفان معزولي جو حڪم اچي پهتو.
جنهن جو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته جنهن وقت راجا
ڏاهر ماريو ويو هو ان وقت اسلامي لشڪر کي سندس
ٻه ڌيئرون هٿ آيون، جن کي محمد بن قاسم هڪ حبشي
غلام جي هٿ خليفي ڏانهن بغداد موڪليو. جڏهن اهي
بغداد پهتيون ته خليفي انهن کي پنهنجي حرم ۾
داخل ڪرڻ کان اڳ شاهي آداب سيکارڻ خاطر محل ۾
رکيو. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن انهن کي خليفي وليد
بن عبدالملڪ اڳيان آندو ويو ته خليفي کانئن پڇا
ڪئي ته توهان مان وڏي ڪير آهي؟ سورج ديوي چيو
”آءٌ وڏي آهيان ۽ هي (پرمل ديوي) مون کان ننڍي
آهي، ٻي ڏينهن خليفي وڏي ڀيڻ سورج ديوي جيڪا
ڏاڍي حسين ۽ ذهين هئي، کي پاڻ وٽ گهرايو، سندس
گهونگهٽ کوليائينس ته هن جي نظرن کيس گهايل ڪري
وڌو ۽ دل ۾ عشق جا تير کپي ويس. خليفي بي تابيءَ
سان سورج ديوي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ته هوءَ بيهي
رهي ۽ ادب سان عرض ڪرڻ لڳي ”آءٌ بادشاهه جي
بستري لائق ناهيان، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم اسان
ٻنهي ڀيڻن کي ٽي ڏينهن پاڻ وٽ رهائي پوءِ
بادشاهه سلامت جي خدمت ۾ موڪليو آهي، شايد هتي
اهڙو دستور هجي پر بادشاهن کي ته اهڙي رسوائي
برداشت نه ڪرڻ گهرجي.“
خليفو ته سورج ديوي جي سونهن جو ديوانو ٿي پيو هو ۽ پنهنجا هوش
۽ حواس وڃائي چڪو هو ان ڪري بنا ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي
قلم ۽ مس گهرائي حڪم جاري ڪيائين ته محمد بن
قاسم جتي به هجي پاڻ کي ڍڳي جي کل ۾ سبرائي
دارالخلافت پهچائي. ان وقت محمد بن قاسم اوڌيپور
۾ هو. جڏهن فرمان پهتس محمد بن قاسم خليفي جي
حڪم جي بجا آوري ڪندي پاڻ کي ڍڳي جي کل ۾ سبرائي
هڪ پيتيءَ ۾ بند ڪرائي پنهنجي ماڻهن کي خليفي
وٽ پهچائڻ لاءِ چيو.
سڀئي عهديدارن جيڪي مختلف عهدن تي مقرر ڪيل هئا، پنهنجي پنهنجي
ٺڪاڻن تي قائم رهيا ۽ محمد بن قاسم جو پارسل
خليفي جي درٻار ۾ پهتو ته هن پڇا ڪئي، ڇا هو
اڃا جيئرو آهي؟ محمد بن قاسم جي ماڻهن عرض ڪيو
ته حضور! هو ٻئي ڏينهن تي ئي الله کي پيارو ٿي
چڪو هو، باقي سڄي ملڪ ۾ خليفي سڳوري جو خطبو
پڙهيو پيو وڃي. ان کان پوءِ خليفي ٻنهي ڇوڪرين
کي گهرايو ۽ هٿ ۾ پڪڙيل ياقوت جي سائي ڇڙي محمد
بن قاسم جي ڏندن تي رکي چيائين، ”ڏسو! سڀئي
سردار منهنجي حڪم جي تعميل ڪيئن ڪن ٿا، منهنجو
حڪم قنوج پهچندي ئي هن پنهنجي جان ڪيئن قربان
ڪري ڇڏي!“
ايترو ٻڌندي ئي سورج ديوي پنهنجي منهن تان نقاب لاٿو ۽ تعظيم
طور ڌرتيءَ تي مٿو ٽيڪي چوڻ لڳي، خدا بادشاهه
سلامت کي وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ عقل ۾ واڌارو اچي
۽ کيس اها سرت ڏئي ته هو دوست، دشمن واتان جيڪي
ڪجهه ٻڌي ان کي پهريان پرکي پروڙي ۽ پوءِ عمل
ڪري. سچ اهو آهي ته محمد بن قاسم اسان لاءِ ڀاءُ
۽ پيءُ وانگر هو، هن ڪڏهن به اسان جي عزت کي نه
ڇهيو، هٿان ان جي حفاظت ڪئي، پر جيئن ته هن سنڌ
جي راجا کي قتل ڪيو ۽ اسان جو خانداني راڄ اجاڙي
اسان کي غلام بڻايو. هي سڄو ڊرامو انهيءَ جو
بدلو وٺڻ لاءِ رچايو ويو. توهان کي گهرجي ها ته
ان معاملي جي چڱي طرح ڇنڊڇاڻ ڪريو ها ۽ محمد بن
قاسم کي به تڪڻ ڪرڻ کانسواءِ ئي خليفي ڏانهن
هليو اچي ها ۽ دارالخلافت جي ويجهو پهچي پاڻ کي
کل ۾ سبرائي خليفي اڳيان پيش ڪري ها ته سندس جان
بچي وڃي ها. خليفي جو اهو ٻڌندي ئي هانءُ ڏري
پيو ۽ پڇتاءَ وچان ڏندن سان پنهنجو هٿ ڪٽڻ لڳو.
سورج ديوي وري چوڻ لڳي، خليفي وڏي غلطي ڪئي آهي،
رڳو ٻن ڇوڪرين خاطر اهڙي انسان کي مارايو جنهن
اسان جهڙيون لکين خوبصورت ناريون گرفتار ڪيون.
هن سنڌ جي ستر بادشاهن کي تخت کان قبر جي تختي
تائين پهچايو، مندرن ۽ بتخانن جي جڳهه تي مسجدون
جوڙايون، جيڪڏهن فرض ڪيو هن کان ڪا غلطي ٿي به
هجي ها ته به صرف ڪنهن دشمن جي چوڻ تي اهو اهڙي
سزا جو حقدار نه هو!
خليفي پنهنجا ڏند ڀڪوڙيندي حڪم ڏنو ته انهن ٻنهي ڇوڪرين کي ڀت ۾
چونڊرايو.
تاريخ معصومي مطابق انهن ڇوڪرين کي جيئرو گهوڙي جي پڇ ۾ ٻڌي
ڊوڙايو ويو، جنهن جي ڪري ساهه نڪري وين ۽ سندن
لاشن جا ڳڀا ڳڀا ڪري درياءُ ۾ اڇلايا ويا ۽ محمد
بن قاسم جو لاش دمشق ۾ آڻي دفن ڪيو ويو.
تحفة الڪرام ۾ آهي ته انهن کي هاٿي جي پيرن سان ٻڌو ويو ۽ پوءِ
شهر ۾ ننگو رلائڻ بعد ساڙيو ويو. هي آهي اهو
چچنامي جو پنهنجو گهڙيل محمد بن قاسم جي معزولي
۽ مرڻ جو قصو، جيڪو هيٺين تاريخ حقيقتن سان وئکو
ٿي وڃي ٿو.
(1) چچنامي جي ان روايت جا راوي محمد بن علي ۽ ابوالحسن مدائني
آهن، جنهن مان پهريون شخص گمنام آهي.
(2) ان روايت مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي ٻئي ناريون ڏاهر جي مارجڻ
وقت راوڙ جي قلعي مان گرفتار ٿيون پر چچنامي جي
ص 186 تي راوڙ جي فتح وقت صرف ڏاهر جي گهر واري
لاڏي جي گرفتاريءَ جو ذڪر ملي ٿو. جڏهن ته انهن
ٻنهي ڇوڪرين جو ڪوئي بيان ناهي، باقي صفحي نمبر
207 تي برهمڻ آباد جي فتح وقت سندن جي گرفتاري
ظاهر آهي. تنهن ڪري اهو تضاد مٿين واقعي کي
مشڪوڪ بڻائي ٿو.
(3) چچنامي مطابق محمد بن قاسم انهن ڇوڪرين کي حبشي غلامن ذريعي
بغداد اماڻيو، جڏهن ته ابن قاسم جي ڪاميابين
واري دؤر ۾ بغداد ته هيو ئي نه، ان وقت دمشق
گادي جو هنڌ هو، اهڙي وڏي غلطي ڇا ٿي ظاهر ڪري؟
(4) عربي تاريخدان محمد بن قاسم جو پاڻ کي کل ۾ ويڙهي موڪلڻ
واري واقعي کي ڪوڙو قرار ڏين ٿا.
(5) ڏاهر جي ڌيئرن جو خليفي اڳيان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ کيس دوکو ڏيڻ
به عجيب آهي، جنهن جو ذڪر ڪنهن به عربي تاريخ ۾
نٿو ملي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته چچنامي جي ان
روايت ۾ ڪا سچائي ناهي ۽ صرف خاناپوري ڪرڻ لاءِ
اهو واقعو گهڙيو ويو آهي.
محمد بن قاسم جو زمانو:
محمد بن قاسم سترهن ورهين جي عمر ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ ساڍن ٽن سالن جي
مختصر عرصي ۾ سڄي سنڌ کي فتح ڪري اهڙو انصاف
ڀريو نظام قائم ڪيو جو هر طرف امن، انصاف ۽
خوشحالي پکڙجي ويئي، دوست ۽ دشمن سندس حڪمت،
ڏاهپ ۽ اخلاق جا عاشق بڻجي ويا.
محمد بن قاسم جي اها خاصيت به هئي جو هو هر موقعي تي پنهنجي
محسن حجاج بن يوسف جي هدايتن تي هلندو رهيو.
حجاج جو ڳاڻيٽو توڙي جو زماني جي ظالم ماڻهن ۾
ٿئي ٿو پر پوءِ به سنڌ متعلق سندس مشورن مان
دانائي، حڪمت عملي ۽ اعليٰ سياسي سوچ جي پروڙ
پئي ٿي. جيئن محمد بن قاسم کي ديبل فتح ڪرڻ کان
پوءِ لکيائين:
”جڏهن ديبل فتح ڪري وٺين ته قلعي جي مضبوطي ۽ سپاهين جي سار
سنڀال کانپوءِ مال دولت ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ
خرچ ڪر، ڇو ته ڪاريگرن، واپارين ۽ ڪڙمين جي سکئي
ستابي ٿيڻ سان ملڪ ۾ رونق وڌندي ۽ ملڪ ترقي
ڪندو. اتان جي ماڻهن سان نرمي ۽ سهڻو سلوڪ رک
جيئن سندن دلين ۾ تنهنجي محبت ۽ عزت وڌي.“
جڏهن محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ پهتو ته حجاج خط لکيس ته ”تون
نيرون جي ماڻهن سان مهربان رهه ۽ چڱائي ڪر ۽
اسان جي واهر جو کين يقين ڏيار. ڪوئي جيڪڏهن امن
چاهي ته ان کي امن ڏي ۽ چڱا مڙس ۽ عزتدار تنهنجي
خدمت ۾ حاضر ٿين ته انهن کي سوکڙيون پاکڙين سان
نواز. عقل ۽ حڪمت کان ڪم وٺ، جنهن سان جيڪو
واعدو ڪرين اهو نڀاءِ، جيئن سڀ وڏيرا ۽ سردار
تنهنجي ڳالهه تي اعتبار رکن.“
سيوستان جي فتح وقت حجاج، محمد بن قاسم ڏانهن لکيو ته: ”تون
سنڌين کي جيڪو گهرن ڏي،ملڪيتن، حفاظت ۽ امن سان
انهن کي پنهنجو ڪر. سلطنت چار طريقن سان حاصل
ڪبي آهي، پهريون احسان، درگذر ۽ نرمي. ٻيو سخاوت
۽ انعام. ٽيون دشمنن جي طبيعتن جو اندازو لڳائڻ
۽ سندن دشمني وقت صحيح فيصلو ڪرڻ. چوٿون دشمنن
کي روڪڻ ۽ پوئتي ڌڪڻ لاءِ قوت، طاقت ۽ شان ۽
شوڪت جو مظاهرو ڪرڻ. راجا جڏهن خراج ڏيڻ جو
واعدو ڪن ته پوءِ جيڪي خوشي سان کڻي اچن، اهو
قبول ڪر ۽ مٿن مهربان رههُ. جڏهن ڪنهن کي قاصد
ڪري موڪلين ته اڳ ۾ سندس سچائي، ايمان، عقل کي
پرک. جيڪو شخص ايمان آڻي ۽ تنهنجي اطاعت قبول
ڪري ان جي ملڪيت قائم رک ۽ جيڪو نه مڃي ان کي
تڪليفون رسائي فرمانبردار بڻاءِ ۽ باغي کي سخت
سزا ڏي.“
ڏاهر جي فوجن سان جڏهن محمد بن قاسم جو مقابلو ٿيو ته حجاج کيس
لکيو:
”ان جنگ ۾ تو کي الله جي حڪم سان تڏهن ڪاميابي ٿيندي، جڏهن پنج
وقت نماز کي ترجيح ڏيندين. تڪبير، قيام، رڪوع ۽
سجدن ۾ جڏهن الله کي روئي ڪري ٻاڏائيندين ۽ ان
کان مدد گهرندين. هر وقت زبان سان الله جو ذڪر
جاري رک ڇو ته ڪنهن کي به سگهه ناهي الله جي
رحمت ۽ طاقت کانسواءِ. جڏهن تنهنجي توڪل الله تي
هوندي ته ڪاميابي ضرور تنهنجا قدم چمندي.“
راوڙ جي فتح واري خبر ملڻ تي محمد بن قاسم کي لکيائين ته:
”تنهنجي خط مان حالتن جي خبر پئي تنهنجا قائم ڪيل اصول ۽ قاعدا
شريعت پٽاندڙ آهن، پر معاف ڪرڻ وارو طريقو مختلف
آهي، ڇو ته هر شخص ننڍي وڏي بري، ڀلي، دوست،
دشمن کي معاف ڪرڻ مناسب ناهي. تون ايترو مهربان
نه ٿيءُ جو اها مهرباني تو کي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي
۽ رحم جي حڪمت ختم ٿي وڃي. آئنده دشمنن کي معافي
نه ڏي جو اها تنهنجي ڪمزوري سمجهي سرڪشي نه ڪرڻ
لڳن.“
برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم اتان جي ماڻهن سان
جيڪي مهربانيون ڪيون ان متعلق حجاج لکيس ته ”تون
ماڻهن جي ڀلائي لاءِ جيڪي ڪوشش ورتيون آهن، اهي
ساراهه جوڳيون آهن.“
اي منهنجا پيارا سؤٽ !! اهڙا ڪم ڪر جنهن سان قاسم جو نالو روشن
ٿئي ۽ تنهنجا ويري خوار ۽ خراب ٿين ٿا.
حجاج بن يوسف جي انهن خطن مان جتي سندس خوبين ۽ صلاحيتن جو
اندازو ٿئي ٿو اتي اها حقيقت به آڏو اچي ٿي ته
هو سنڌ ۾ ڪهڙي قسم جي حڪومت جو خواهشمند هو ۽ هن
پرڳڻيءَ جي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪهڙيون نه
ڪارائتيون صلاحون محمد بن قاسم کي موڪليون.
محمد بن قاسم سنڌ ۾ جيڪا حڪومت قائم ڪئي اها امن اتحاد ۽
رواداريءَ جو اعليٰ مثال هئي.سندس رواداريءَ جو
اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جيئن مسجدن
لاءِ اوقاف مقرر ڪيائين، ائين مندرن کي به
ملڪيتون ۽ جاگيرون ڏنائين. برهمڻ آباد جي فتح
کان پوءِ جڏهن هندو مسلمانن جي خوف کان مندرن ۾
اچڻ ڇڏي ڏنو ۽ پڄاري بک مرڻ لڳا، سڀ مندر ويران
ٿي ويا ته پڄارين جي دانهن تي محمد بن قاسم،
حجاج کي لکيو ۽ حجاج جواب ڏنس ته ”تنهنجي خط مان
خبر پئي ته تون برهمڻ آباد جي مندرن کي سڌارڻ ۽
سنوارڻ چاهين ٿو. جڏهن انهن اسان جي اطاعت ڪئي
آهي ته پوءِ کين عبادت ڪرڻ ۾ آزادي هجڻ گهرجي ۽
مٿن ڪوئي ڏاڍ ۽ زور نه هجڻ گهرجي.“
ان خط کان پوءِ محمد بن قاسم شهر جي چڱن مڙسن کي گهرائي ڪري
پڄارين کي ڏاهر جي دؤر ۾ مليل مراعتن جي باري ۾
پڇيو ۽ کين يقين ڏياريو ته هر ماڻهو کي پنهنجي
مذهب تي رهي ڪري آزادي سان عبادت ڪرڻ جو حق آهي
۽ هندو بيخوف ٿي ڪري پوڄا ڪرڻ مندرن ۾ وڃن ۽
ساڳيءَ طرح پڄارين کي خير خيراتون ڏين. محمد بن
قاسم مالگذاريءَ مان ٽيون حصو برهمڻن لاءِ مقرر
ڪيو ۽ مندرن جي مرمت لاءِ خزاني ۾ هڪ خاص رقم
رکي. هڪڙي پنڊت کي راڻا جو خطاب ڏئي مندرن جي
ذمينواري سونپي. فوج ۾ به ڪيترائي هندو ڀرتي ڪيا
ويا.
محمد بن قاسم سنڌ جا جيڪي به علائقا فتح ڪيا اتان جي سردارن ۽
والين کان واعدا وٺي پنهنجي عهدن تي بحال
رکيو،صرف انتظامي معاملن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ
لاءِ پنهنجو هڪ ماڻهو انهن سان ساڻ رکيائين.
اتان جي فوج ۽ انتظامي عهدن تي هندو ۽ نون ٿيندڙ
مسلمانن کي مقرر ڪيائين، جيڪي ننڍيون ننڍيون
رياستون هندو راجائن ۽ سردارن جي حوالي هيون،
انهن کان صرف جزيو ورتو ويندو هو، جيڪو به ملڪ
جي خوشحاليءَ تي خرچ ڪيو ويندو هو.
محمد بن قاسم کي جڏهن برهمڻن جي قابليت جي خبر پئي ته انهن کي
اعليٰ عهدا ڏنائين، جنهن ۾ مالگذاري ۽ خزاني جي
حفاظت به شامل هئي. حڪومت عام ماڻهن جي زندگي ۾
بهتري آندي ۽ انهن کي پنهنجن ڌنڌن ۽ ٻني ٻارن ۾
سهولتون ڏنيون. واپارين ۽ ڪاروبار ڪندڙن جي
ڀلائيءَ لاءِ به جوڳا اپاءَ ورتا ويا. هر جڳهه
تي امن، انصاف، آزادي ۽ ڀائيچارو قائم ڪيو ويو،
جيئن ڪنهن به طبقي کي ڪوئي نقصان نه پهچي.
جنگ ۾ جنهن به ڪڙمي، ڪاسبي، واپاري ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ واري کي ڪو
نقصان پهتو هو ته ان لاءِ محمد بن قاسم حڪم ڏنو
ته کيس ٻارهن درهم وزن چاندي ڏني وڃي ۽ جنهن جو
وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، ان کان ڍل وصول ڪرڻ ۾ سختي
نه ڪئي وڃي. هارين کي سهولتون ڏنيون ويون، جنهن
هاريءَ جو فصل گهٽ ٿيندو هو ان کان ڍل نه ورتي
ويندي هئي.
اهڙن عملن ڪري هر طرف سرهائي ڦهلجي وئي ۽ هر ڪو ماڻهو محمد بن
قاسم ۽ اسلامي حڪومت جو وفادار بڻجي ويو. ماڻهو
خوشحال ٿيڻ لڳا، ملڪ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪرڻ لڳو
۽ هندن ۾ اسلام جي چاهت وڌندي وئي. جڏهن محمد بن
قاسم هتان وڃي رهيو هو ته سڄي سنڌ جي ماڻهن ۾
ڏک ڇانئجي ويو، ان جي وفات جو ٻڌي ڪيرج جي هندن
۽ ٻڌن محمد بن قاسم جو هڪ وڏو بت ٺاهي پنهنجي
محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو.
محمد بن قاسم کان پوءِ جا گورنر:
يزيد بن ابي ڪبشه:
محمد بن قاسم جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ ۾ يزيد بن ابي ڪبشه پهتو هو،
جنهن کي هتي ايندي اڃا اٺارهن ڏينهن مس گذريا ته
لاڏاڻو ڪري ويو. ملڪ ۾ وري وڌيڪ بي چيني تڏهن
پکڙي جڏهن هتان مجاهد لڏي پنهنجي گهرن ڏانهن
هليا ويا. انهيءَ انتشار جو فائدو وٺندي ڏاهر جي
پٽ جيسينا برهمڻ آباد تي قبضو ڪري ورتو ۽ باقي
بچيل ملڪ مسلمانن جي هٿ هيٺ رهيو.
يزيد کان پوءِ عارضي طور تي عامر بن عبدالله سنڌ جو گورنر ٿي
ڪري آيو ۽ اڃا انتظام درست ڪرڻ لڳو ته زندگي
سندس ساٿ ڇڏي وئي ۽ هن جي وڃڻ کان پوءِ جيسينا
کي حڪومت ڪرڻ جو ڪجهه وڌيڪ وقت ملي ويو.
حبيب بن مهلب:
ان کان پوءِ سليمان بن عبدالملڪ حبيب ٻن مهلب کي سنڌ جو گورنر
ڪري موڪليو. حبيب سنڌ ۾ پهچڻ شرط ڪيترن ئي باغين
کي سزائون ڏئي پنهنجو فرمانبردار بڻايو ۽ اروڙ
وارن سندس اطاعت قبول ڪئي ان وقت جيسينا جي ڪري
ٻيا سردار به باغي ٿي چُڪا هئا. تنهن ڪري حبيب
برهمڻ آباد تي اڃا ڪاهه ڪرڻ جو سوچي رهيو هو ته
20 سفر 99هه (18 ــ 717ع) ۾ سليمان بن عبدالملڪ
وفات ڪري ويو. حضرت عمر بن عبدالعزيز نئون خليفو
مقرر ٿيو، جنهن حبيب جي ڀاءُ يزيد بن مهلب کي
عراق ۽ خراسان جي گورنري ۽ حبيب کي سنڌ جي
گورنري تان خيانت جي ڏوهه ۾ هٽائي ڪري جيل اماڻي
ڇڏيو.
حضرت عمر بن عبدالعزيز
99هه (18 ــ 717ع) کان 101 هه (20ــ 719ع)
حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه خلافت جو واڳون سنڀاليندي ئي سنڌ جي
سردارن ۽ زميندارن ڏانهن خط لکي انهن کي اسلام
جي دعوت ڏني.
”توهان اسلام قبول ڪريو. اسلام قبول ڪرڻ سان توهان جون جاگيرون
۽ زمينون جيئن جو تيئن قائم رهنديون، توهان جون
خطائون معاف ڪيون وينديون ۽ توهان سان ٻين
مسلمانن جهڙو سلوڪ ڪيو ويندو ۽ انهن جهڙا اوهان
جا فرض سمجهيا ويندا ۽ توهان اسان جا ڀائر
هوندؤ.“
عمر بن مسلم باهلي:
حضرت عمر بن عبدالعزيز سنڌ جو والي عمر بن مسلم باهلي کي بڻايو،
هيڏانهن خليفي جي خطبن جي ڪري جيسينا ۽ سندس
مائٽ مسلمان ٿي چُڪا هئا ۽ پنهنجا اسلامي نالا
رکڻ لڳا. عوام ۾ به هڪ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي
ويئي. اهي راجا اسلامي حڪومت جا تابعدار بڻجي
پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ حڪومت ڪرڻ لڳا ۽ سنڌ جي
گورنر عمر بن مسلم باهلي جي حڪم هيٺ رهيا. عمر
باهلي سنڌ ۾ ڪافي سڌارا آندا ۽ هندستان جي ڪن
علائقن تي ڪاهه به ڪئي. جالنڌر سان لاڳاپيل
علائقي (ڪڇ) تي به حملو ڪيو جتان جو راجا ولڀ
راءِ (ملهر) هو. 101هه (20 ــ719ع) ۾ حضرت عمر
بن عبدالعزيز لاڏاڻو ڪري ويو. سندس دؤر ۾ جيترو
اسلام سنڌ ۾ ڦهليو ايترو ڪنهن ٻئي دؤر ۾ مثال
نٿو ملي.
يزيد بن عبدالملڪ
101هه (719ع) کان 105هه (725ع)
هلال بن احوز تميمي:
حضرت عمر بن عبدالعزيز جي وڇوڙي کانپوءِ يزيد بن عبدالملڪ خلافت
سنڀالي. ان جي زماني ۾ يزيد بن مهلب جنهن کي
حضرت عمر بن عبدالعزيز خيانت جي ڏوهه ۾ جيل ۾
واڙيو هو، اتان ڀڄي نڪتو ۽ پنهنجي مائٽن کي ساڻ
ڪري اچي سنڌ پهتو. خليفي، بلال کي سندس پيڇو ڪرڻ
لاءِ چيو جنهن قندابيل وٽ پهچي يزيد جي پٽن
مفضل، عبدالملڪ، زياد، مروان ۽ معاويه کي پڪڙي
ختم ڪري ڇڏيو. انهن ۾ معاويه بن يزيد اهو هو
جنهن واسطه جي جيل ۾ محمد بن قاسم کي تڪليفون ۽
اذيتون ڏنيون هيون.
25 شعبان 105هه (24 ـــ 723ع) تي يزيد بن عبدالملڪ لاڏاڻو ڪري
ويو ۽ ايستائين بلال بن احوز تميم سنڌ جو گورنر
رهيو.
هشام بن عبدالملڪ
105هه (25 ــ 724ع) کان 125هه (43 ــ 742ع)
يزيد بن عبدالملڪ جي وفات کان پوءِ ان جو ڀاءُ هشام بن عبدالملڪ
گادي تي ويٺو. تخت سنڀاليندي ئي هن عمر بن هبيره
کي عراق جي گورنري تان هٽائي خالد بن عبدالله
قسريءَ کي گورنر جنرل بڻايو.
جنيد بن عبدالرحمان مري:
خالد قسري، جنيد بن عبدالرحمان المري کي سنڌ جو گورنر ڪري روانو
ڪيو. هن ديبل پهچي سنڌ جي حالتن جي ڄاڻ ورتي ۽
پوءِ اڳتي برهمڻ آباد ڏانهن وڌيو. برهمڻ آباد تي
ان وقت جيسينا جو قبضو هو. جڏهن جنيد درياءَ
اورانگهڻ لڳو ته جيسينا روڪيس ۽ چورائي
موڪليائينس ته مان اسلام آڻي چڪو آهيان ۽ مون کي
صالح مرد (حضرت عمر بن عبدالعزيز) هن ملڪ جو
مالڪ بڻايو آهي ۽ تو کي هتي پير کوڙڻ جو ڪوئي حق
ناهي. جنيد کي اهڙي جواب تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي پر
صبر کان ڪم وٺي جيسينا ڏانهن نياپو موڪليائين ته
مان توکان رياست کسڻ نه آيو آهيان. جيسينا جواب
ڏنو ته مون کي تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ناهي، ۽
اهو ڊپ آهي ته تون مون کي لاهي ڇڏيندين، جنيد
چيس مان ان جي ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر ان
شرط تي ته تون اطاعت قبول ڪري ڍل ڏيڻ جو واعدو
ڪندين. ٻنهي جو ضمانتن آڌار ٺاهه ته ٿي ويو پر
وقت سان ٻنهي وچ م ڇڪتاڻ وڌندي ويئي ۽ معاملو
وڃي ويڙهه تي پهتو. آخر جنيد مهراڻ اورانگهڻ
لاءِ ٻيڙيون هيٺ لاٿيون ته جيسينا سامهون ٿي
بيهي رهيو، ٻنهي فوجن وچ ۾ ٺاهوڪي ويڙهه ٿي پر
جيسينا جي لشڪر هار کاڌي ۽ پاڻ جنيد هٿان ماريو
ويو، ان بعد جنيد درياءَ ٽپي ويو.
ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي ته جيسينا مرتد ٿي ويو هو پر ان جي ڪائي
ساک ناهي ملي سگهي.
جيسينا جي مارجڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ چچ اتان جان بچائي دمشق ۾
خليفي کي وڃي دانهن ڏيڻ چاهي، پر جڏهن جنيد کي
خبر پيئي ته ماڻهو موڪلي ۽ چچ کي دم دلاسا ڏيئي
واپس گهرائي مارائي ڇڏيو. جنيد جي سنڌ ۾ اها
پهرين واعدي خلافي هئي توڙي جو اهو قدم انفرادي
۽ ملڪ جي ڀلائيءَ خاطر هو.
ان کان پوءِ جنيد ڪيرج تي ڪاهه ڪئي، جتان جو راجا باغي بڻجي
چُڪو هو. پهريان ته هو خوب وڙهيو پر پوءِ ڀاڄ
کاڌائين. جنيد ڀت ۾ ڪبش ۽ نطافه نالي اوزارن سان
کاٽ هنيو ۽ اتان لشڪر کي قلعي ۾ داخل ڪيو.
ڪيترائي دشمن جا سپاهي ماريا ويا ۽ جهجو غنيمت
جو مال هٿ آيو. جنيد هن علائقي ۾ مرمد (مارواڙ)،
دهنج ۽ ڀڙوچ وارن هنڌن تي پنهنجا عامل مقرر ڪيا.
ڪيرج جي فتح ماڻڻ کان پوءِ جنيد حبيب بن مره جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ
لشڪر مالوهه موڪليو ۽ پاڻ بيلمان ۽ گجرات تي
چڙهائي ڪيائين. اتان ميدان ماري وري پوئتي موٽي
آيو ۽ بياس درياءُ جي اولهندي پاسي طرف وڌڻ لڳو.
انهيءَ پاسي چينا پيٺ جي مشهور رياست هئي، جنهن
کي عرب شاهه چين چوندا هئا. هن رياست جي حڪم
هيٺ ڪيترائي قلعا هئا. جنيد رياست جي ويجهو پهچي
هتان جي راجا کي اسلام جي ڪوٺ ڏني پر هن دعوت
ٿڏائي مقابلي جا سانباها ڪيا. ٻئي لشڪر مختلف
هنڌن تي هڪٻئي سامهون ٿيا ۽ هڪٻئي جا جوان
ڪيرايائون، راجا وڏي مڙسي سان مقابلو ڪندو رهيو
پر جنيد مٿس ڳرا حملا ڪندو کيس پوئتي پنهنجي
قلعي ڏانهن ڌڪيندو ويو، انت راجا فوج سوڌو قلعي
۾ ڀڄي ويو.جنيد قلعي جو گهيراءُ ڪري باهه جا تير
اڇلائيندو رهيو پر اندر ڪنهن باهه نه ڀڙڪڻ ۽
تيرن جي اجهامي وڃڻ تي کيس ڏاڍو اچرج لڳو. جنيد
چيو قلعي اندر ضرور ڪو عرب موجود آهي، ڇاڪاڻ ته
انهن تيرن کي وسائڻ جي ترڪيب عربن کان سواءِ
ڪنهن ٻي کي نه ايندي آهي. جنيد گهيرو اڃا تنگ
ڪيو ۽ قلعي وارا مجبوراً آڻ مڃڻ لاءِ تيار ٿيا ۽
صلح جي درخواست اماڻيائون. جنيد سندن درخواست
قبول ڪئي ۽ وڏي شان ۽ مان سان قلعي ۾ داخل ٿيو.
جنيد قلعي ۾ اچي ڪري انهيءَ تير اجهائيندڙ عرب
جي ڳولها ڪئي. جڏهن اهو گرفتار ٿيو ته کيس قتل
ڪرائي ڇڏيائينس.
جنيد وڏو بهادر ۽ مضبوط ارادن وارو انسان هو. سندس ڪوشش سان
باغين جو ڪنڌ ڀڳو ۽ هر هنڌ اسلام جو ڌاڪو ڄميو.
جنيد جي طاقت ۽ حشمت ڪري هتان جا راجا اطاعت تي
مجبور ٿيا ۽ ڍل ڏيڻ جا پابند بڻيا. اسلامي
حڪومت جون حدون اتر کان ڪشمير تائين، اوڀر ۾
بياس ۽ راوي درياءَ تائين اولهه ۾ عرب ۽ ڏکڻ ۾
مالوه تائين وڌي ويون.سندس مشهور چوڻي آهي ته
”مردن وانگر مارجي وڃڻ کڙيون گسائيندي مرڻ کان
وڌيڪ چڱو آهي.“
جنيد وڏي دٻدٻي ۽ روب وارو هو، سنڌ ۾ سندس ڪاميابيون يادگار
آهن، انڪري هڪ ڀيري خليفي کيس لکيو ته روم جي
جنگ ۾ تمام گهڻا جانور ۽ قيدي مسلمانن جي هٿ آيا
آهن. جنيد جواب لکيو مون پنهنجي ملازمن کان
معلومات ورتي آهي ته مان هن وقت تائين ساڍا ڇهه
لک قيدي واڙي چڪو آهيان ۽ اٺ ڪروڙ درهم (ٻه ڪروڙ
روپيا) شاهي خزاني ۾ موڪلي چڪو آهيان ۽ ايترائي
پيسا لشڪر ۾ ورهايا آهن.
جنيد ڏاڍو سخي ۽ عوام جو خيال رکندڙ حڪمران هو، فتوح البلدان ۾
آهي ته هن جي درٻار ۾ هر وقت مسڪينن جي اچ وڃ
هوندي هئي ۽ ڪڏهن ڪوئي خالي هٿين نه ويو. ايتري
سخاوت هوندي به چار ڪروڙ درهم (هڪ ڪروڙ) هن وٽ
بچيل رهيا.
جنيد جي سخاوت جي باري ۾ عرب جو مشهور شاعر جرير چوي ٿو:
اصبح زوار الجنيد و صحبہ يحيون صلت الوجہ جمامواهبہ
”جنيد جي سنگتين ساٿين جا منهن ڏينهن ٿيڻ سان ئي ان جي عنايت
سان ٻهڪڻ لڳندا هئا.“
ابوالجويريہ شاعر سندس تعريف ڪندي چوي ٿو: