مير مراد علي خان ٽالپر
1244هه (1828ع) 1249هه (1833ع)
حيدرآباد جي والي مير ڪرم علي کي ڪو پٽ نه هو ان ڪري سندس ڀاءُ
مير مراد علي کي پڳ پارائي وئي ۽ پاڻ کي ”سرڪار
بلند اقتدار“ جي لقب سان سڏرائڻ لڳو ۽ پوءِ وري
”سرڪار جهان مدار“ لقب اختيار ڪيائين. سندس نالو
هيئن نظم ٿيل اٿس:
بحق حضرت نبي ولي يافت از حق بمع مراد علي
بنده مصطفيٰ مراد علي
مير مراد جي منڊي تي هي لکيل هوندو هو،
از تقاضاي حکمت ازلي ـــ گشت مير جهان مراد علي .
مير ڪرم علي جي شخصيت گهڻين خوبين جي مالڪ هئي. سندس دانائي ۽
حڪمت جي ملڪ ۾ مير ڪرم جي وڃڻ کان پوءِ ڪا بغاوت
برپا نه ٿي. سندس سهڻي سلوڪ ڪري پنهنجا پراوا هن
جا همدرد ٿي ويا پر جنهن عيب کيس داغدار بڻايو هو
اهو بخل ۽ ڪنجوسي هو، جنهن جي باري ۾ منشي عطا
محمد پنهنجي ڪتاب ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ جي
صفحي 274 تي لکي ٿو:
عالي جاه مير مراد علي خان والي حيدرآباد باوجود اين همہ خزاين
و دفائن کہ از تعدد شمار بيرون بود، نهايت سخت دل
و دست تنگ بود.
انگريزن سان عهد نامو:
20 اپريل 1832ع تي مير مراد علي ۽ انگريزن طرفان ليفٽيننٽ ڪرنل
پائنجر وچ ۾ هيٺيون تحريري ٺاهه ٿيو، جنهن جي
تصديق 19 جون 1832ع ۾ گورنر جنرل هند لارڊ پنتڪ
ڪئي.
(1) ٻنهي حڪومتن وچ ۾ گذريل ٺاهن واري محبت، خلوص ۽ لاڳاپا
بدستور جاري رهندا. هاڻي ليفٽيننٽ ڪرنل پائنجر
ذريعي ان ۾ وڌيڪ مواد شامل ڪيو وڃي ٿو جيئن ٻنهي
حڪومتن جا واسطا وڌيڪ مضبوط ٿين ۽ اهو تعلق مير
ڪرم علي جي خاندان ۾ هلندو اچي.
(2) ٻئي حڪومتون هڪٻئي کي حقارت جي نظر سان نه ڏسنديون.
(3) انگريز حڪومت جي خواهش آهي ته هندستان جي واپارين کي سنڌ جي
بري ۽ بحري رستي تان مال آڻن ۽ نيڻ جي اجازت ڏيندي
ته جيئن ٻنهي پاسن جا ماڻهو هڪٻئي ڏانهن اچي وڃي
سگهن. حيرآباد حڪومت ان کي ٽن شرطن سان قبول ڪري
ٿي.
(الف) ڪو به سوداگر پاڻ سان جنگي سامان نه آڻيندو نه کڻي ويندو.
(ب) ڪو جنگي جهاز يا ٻيڙو ذڪر ڪيل رستن کان نه گذرندو.
(ج) ڪنهن به انگريز واپاريءَ کي سنڌ ۾ گهر جوڙي ويهڻ جو حق نه
هوندو. ڪم ڪرڻ کان پوءِ جلدي هليو ويندو.
(4) جيڪڏهن ڪو واپاري سنڌ ايندو ته اڳ ۾ انگريز حڪومت کي اطلاع
ڪندو ۽ هندستان حڪومت وري حيدرآباد درٻار ۾ اها
خبر ڪڇ جي انگريز ناظم اعليٰ وسيلي پهچائيندي.
(5) واپار جي شين تي حيدرآباد حڪومت جيڪو محصول لڳايو آهي، ان ۾
ڪائي گهٽتائي نه ايندي ۽ انهن جي اگهن جي فهرست
اڳواٽ هند حڪومت کي موڪلي ويندي.
(6) گذريل عهد نامن تي هن ٺاهه جو ڪو اثر نه وڌو ويندو.
(7) ٻنهي طرفن کان دوستي لاءِ وڪيلن جا رابطا مسلسل جاري رهندا.
(مهر ڪمپني، صحيح ۽ مهر ڊبليو سي، پنتڪ گورنر جنرل)
انگريز اهڙا ٺاهه ڪري سنڌ ۾ پنهنجو اثر وڌائيندا وڃن پيا ۽ سنڌ
جا ٽالپر بنا سوچڻ سمجهڻ جي غلامي جو ڳٽ پنهنجي
ڳچيءَ ۾ سوڙهو ڪندا وڃن پيا.
نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي وفات:
نواب ولي محمد ميرن جو وفادار ۽ دلير وزير هو ۽ چانڊڪا پرڳڻيءَ
جو انتظام به اهو ئي سنڀاليندو هو. 1831ع ۾ نواب
صاحب جي وفات کان پوءِ ميرن ۾ ڏڦيڙ پوڻ شروع ٿي
ويو. نواب جيئري ميرن کي پاڻ ۾ گڏ رکڻ سان گڏ، سنڌ
جا واسطا ٻين ملڪن سان قائم رکڻ لاءِ وقت به وقت
ايلچي اوڏانهن اماڻيندو رهندو هو، خرچ ته ان تي
گهڻو ايندو هو پر فائدو به گهڻو رسندو هو، پر اها
ڳالهه مير مراد کي ڪنجوس هئڻ ڪري نه وڻندي هئي ۽
نواب جڏهن وفات ڪئي ته مير مراد جلد سمندر خان
دراني بامزئي کي چانڊڪي ۽ شڪارپور جي حڪومت ڏني.
شڪارپور کان سيد ڪاظم کي لاٿو ويو.
هڪ حيرت جوڳو واقعو:
جنهن رات سيد ڪاظم شاهه شڪارپور کان وڃي پيو ان رات ماڻهن ڏٺو
ته هڪ فيروزي رنگ جو تارو آسمان کان زمين طرف اچي
ڪريو ۽ انهن سمجهيو ته ضرور ڪو حادثو ٿيڻ وارو
آهي.
شاهه شجاع جو وري شڪارپور ۾ اچڻ:
ان واقعي کان ڪجهه مهينا پوءِ (33 ــ 1832ع) ۾ شاهه شجاع مير
مراد جي دعوت تي لڌياني کان ٿيندو شڪارپور پهتو ۽
مير مراد طرفان سيد ڪاظم شاهه ۽ خيرپور جي ميرن
پاران فتح محمد خان غوري سندس سبز قلعي وٽ استقبال
ڪيو. خيرپور جا مير شاهه شجاع جي اچڻ تي خوش نه
هئا پر پوءِ به حيدرآباد جي والي مير مراد جي ڪري
ڪجهه نه ڪڇيائون.
شاهه شجاع جي شڪارپور اچڻ وقت لکيدر وٽ ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿي
ويا. ميڙ ۾ ڪن اميرن جا پٽڪا ۽ ڪي پاڻ ڪري پيا ته
ماڻهن ان کي نڀاڳ جي نشاني سمجهيو. ميرن شڪارپور
جي ماڻهن کي آٿت ڏيڻ ۽ ڊپ نه ڪرڻ لاءِ زنگي خان ۽
جهان خان کي موڪليو.
شاهه شجاع اچڻ کان اڳ ميرن سان اهو طئي ڪيو هو ته هو چاليهن
ڏينهن جي اندر چاليهه هزار روپيا وصول ڪري هليو
ويندو پر اها رقم ملڻ کان پوءِ به گرمين جي بهاني
سان هو هتي رهي پيو ۽ جنگي تياريون ڪندو رهيو،
مير زنگي خان ۽ جهان خان به تنگ ٿي موڪلائي هليا
ويا، هاڻي شڪارپور جو ناظم سيد محمد ڪاظم سان هن
جي خدمت چاڪري ۾ لڳو پيو هو ۽ سوچي رهيو هو ته
ڪنهن اٽڪل سان شاهه شجاع کي واپس خراسان موڪلجي.
نيٺ ڪنهن طريقي سان هو راضي ٿي ويو پر سامان کڻائي
وڃڻ لاءِ اٺ گهريائين، مير مراد جواب موڪليو ته
اسان وٽ اهڙا اٺ ناهن جيڪي خراسان تائين سامان کڻي
وڃڻ، باقي گاڏيون اوهان کي ڏيون ٿا. ڏيڍ مهيني
تائين مير مراد ۽ شاهه شجاع وچ ۾ ان مسئلي تي
ڳالهه ٻولهه هلندي رهي.
مير مراد جو وڇوڙو:
انهن ئي ڏينهن ۾ اوچتو حيدرآباد جي حاڪم مير مراد علي خان ٽالپر
جي 6 جمادي الثاني 1249هه (1833ع) تي وفات ٿي ۽
پنهنجي ڀاءُ مير ڪرم علي ڀرسان پوريو ويو. سندس
قبر تي هي ڪتبو لکيل آهي:
تاريخ وصال مرحوم و مغفور مير مراد علي خان عليہ الرحمة ششم
جمادي الثاني 1249هه.
شاهه شجاع جو ردعمل:
مير مراد جي وڇوڙي تي شاهه شجاع ڏاڍو غمگين ۽ ڏکيارو ٿيو. چوڻ
لڳو ته هو تمام تجربيڪار ۽ وقت شناس انسان هو، هر
ڪم سوچي سمجهي ڪندو هو، هاڻي ڏسون ته سندس جوان پٽ
اسان سان ڪيئن واسطا وڌائن ٿا.
مير مراد جي شخصيت:
مير مراد علم، ادب پرور ۽ سخن شناس شخص هو، لکڻ پڙهڻ ۽ عالمن
اديبن سان ويهڻ ۾ گهڻو لطف ايندو هوس، مير مراد جي
هيٺين ڪتابن جي خبر پئجي سگهي آهي.
ديوان فارسي (ان جو هڪ نسخو ٽالپرن جي لائبريري ۾ موجود آهي)
محڪ خسروي (گذريل شاعرن جا جنگ جي باري ۾ چيل شعر ۽ پنهنجي دؤر
جي سنڌي شاعرن جا چونڊ غزل گڏ ڪيل آهن)
طب مراد (1246هه)
مير مراد جي مهربانين کي ڏسي ان دؤر جي ڪن ليکڪن پنهنجا ڪتاب ان
جي نالي ڪيا، جيئن مير حسن الحسيني جو ڪتاب ”زبدة
المعاصرين.“
مير نور محمد خان ۽ محمد نصير خان
1249هه (1833ع) کان 1255هه (1840ع)
مير مراد کان پوءِ سندس وڏي پٽ ۽ ولي عهد مير نور محمد ”سرڪار
عالي مدار“ تخت سنڀاليو ۽ پنهنجي ڀاءُ مير نصير
خان لقب ”سرڪار فيض آثار“ کي مختلف زمينواريون
ڏنائين، جڏهن ته مير محمد خان پٽ مير غلام علي
”سرڪار ذوالاقتدار، ۽ مير صوبيدار ”سرڪار حشمت
مدار“ پنهنجي پنهنجي حصي تي قابض هئا پر مجموعي
طور تي ملڪ جو والي مير نور محمد هو.
پيءُ جي وفات کان پوءِ ٻئي ڀاءُ مير نور محمد ۽ مير نصير دولت
۽ جوانيءَ جي نشي ۾ پنهنجي زمينوارين کان بي
پرواهه ٿي ويٺا ۽ سندن چوگرد رنگريز، مزدور ۽ عام
ماڻهو گڏ ٿيڻ لڳا.
شاهه شجاع جي اميرن پهريون ته حيدرآباد جي ميرن کي شاهه شجاع
طرفان هڪ تعزيت نامو لکيو ۽ پوءِ قاضي محمد حسن کي
سيد محمد ڪاظم شاهه جي مرضيءَ سان گڏ ميرن ڏانهن
اٺ ۽ خرچ ڏيڻ لاءِ موڪليو پر ميرن مشيرن جي مشوري
سان کٿو جواب ڏئي ڇڏيو. شاهه شجاع جي اميرن پوءِ
به بردباريءَ کان ڪم ورتو ۽ بنا جهيڙي جهڳڙي
کانسواءِ ڪم ٿيڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا پر ميرن جا
بيوقوف صلاحڪار کين ڀڙڪائيندا رهيا ته ”شروع ۾ ئي
توهان پنهنجو روب ۽ دٻدٻو اهڙو رکندؤ ته اڳتي ڇا
ٿيندو!؟ هنن بکين اگهاڙن هندستانين ۽ افغانين کي
خرچ پکو ڏيندؤ ته سڀاڻي هر ڪو اچي توهان کان پيسن
جي گهر ڪندو.“
ميرن اهڙن مشورن تي عمل ڪندي شاهه شجاع سان جنگ جوٽڻ جون
تياريون شروع ڪري ڏنيون. شاهه شجاع گهڻائي خط لکيا
پر مير پنهنجي ضد کان نه مڙيا ۽ کين چوندا رهيا ته
هو هتان بنا ڪنهن ڏي وٺ جي هليو وڃي. شاهه شجاع
جڏهن ڪجهه عرصو اڃا شڪارپور ۾ رهڻ جو لکيو ته ميرن
مٿس حملو ڪري هتان ڪڍڻ جا سانباهه ڪرڻ لڳا.
هوڏانهن شاهه شجاع کي خبر پئي ته ان به جنگ جون
تياريون شروع ڪري ڏنيون.
سيد ڪاظم شاهه جيڪو حيدرآباد جي ميرن جو وڪيل هو. خيرپور ۾ پهتو
ته شاهه شجاع کيس خط لکي چيو ته هو منهنجي پٽن
وانگر آهي، جڏهن شڪارپور منهنجي قبضي ۾ آيو ته مان
کيس اتان جي نظامت ڏيندس. پر سيد ڪاظم شاهه انهن
خطن جو ڪو جواب نه ڏنو ۽ شڪارپور مان پنهنجي ڀاءُ
سيد محمد تقي کي به گهرائي ورتائين.
ميرن جي عملدارن جو شڪارپور مان ڀڄڻ:
خوف جي ڪري شڪارپور ۾ ميرن جا رکيل ماڻهو ڀڄي ويا ۽ عوام وڃي
شاهه شجاع وٽ پيش ٿيو ته ميرن جا ماڻهو هوندي به
اسان ڦورن ۽ چورن کان لٽبا هئاسين ۽ هاڻي به اهو
ئي حشر آهي، جو ڏينهن ڏٺي جو بلوچ اسان کي ڦريون
هليا وڃن ٿا. شهرين جي اهڙي درخواست تي شاهه شجاع
سڄي شهر ۾ پنهنجا ماڻهو رکيا جن عوام کي دلجاءِ
ڏني.
سنڌ جي ميرن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ:
شڪارپور مان پنهنجا ماڻهو نڪرڻ تي مير ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ جوش ۾ اچي
خيرپور جي ميرن مبارڪ خان ۽ زنگي خان کي ننڍڙي
لشڪر سان گڏ سکر موڪليو، جتي شڪارپور جو پراڻو
ناظم فقير عالم خان مري به پنهنجي پٽ جهان خان سان
گڏ لشڪر وٺي اچي مليو، فقير عالم اتان آباد اچي لٽ
ڦر ڪئي.
گوسڙجي ۾ ڍلن لاءِ رکيل شاهه شجاع جي عملدار حاجي هدايت الله
خان کي خبر پئي ته هو ڪجهه سوارن کي ساڻ ڪري مري
جي مقابلي لاءِ نڪتو. ٻنهي پاسن جا سوار هڪٻئي
سامهون ٿيا، جنگ جو ميدان گرم ٿيو ۽ حاجي هدايت
جا ٿورا ماڻهو به وڏي مڙسي ۽ ثابت قدمي سان وڙهندا
رهيا. جنگ هلندي اوچتو هڪڙي گولي اچي فقير عالم
جو انت آندو ۽ پٽس جهان خان پيءُ جي صدمي ۾ گهوڙو
ڀڄائيندي وڃي حاجي هدايت جي مٿان ڪڙڪيو ۽ ماري ڪري
منڍي جهنڊي تي لڙڪايائين ۽ سندس ڏاڙهي تي ٿڪڻ لڳو.
شجاع الملڪ جو غضبناڪ ٿيڻ:
1248هه (33 ــ 1832ع) ۾ حاجي هدايت جي اهڙي موت تي شاهه شجاع ۽
سندس سڀ سردار غضبناڪ ٿي ويا. سمندر خان کي ٽن
هزار سوارن، پيادل فوج ۽ ستن توپ بردار ٻيڙين سان
گڏ خيرپوري ميرن جي فوج سان مقابلي لاءِ موڪليو.
هوڏانهن فقير عالم مري جي موت تي خيرپور جي ميرن
جي ڪاوڙ به گهٽ نه هئي، بلوچ سردارن محبت خان مري،
ڌڱاڻو خان مري، جلال مري، جلباڻي ۽ باڪراڻي قبيلن
جا ماڻهو وٺي اچي درياءُ ٽپي سکر پهتا. ٽالپوري
ٽوپيون پاتل انهيءَ لشڪر سکر جي ماڻهن سان وڏيون
جٺيون ڪيون، جيڪي بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن، ايستائين
جو مشهور بزرگ حضرت شاهه خير الدين جي درگاهه به
انهن جي بي ادبي کان نه بچي سگهي. اهو بيان ”تاريخ
تازه نواءِ معارڪ“ جي مصنف منشي عطا محد شڪارپوري
جو آهي، جيڪو شاهه شجاع جو منشي هو، پر اسان ان کي
وڌاءُ ٿا سمجهون، ڇاڪاڻ ته مير پاڻ پيرن فقيرن جا
مڃيندڙ هئا. ٿي سگهي ٿو ته منشي عطا محمد سکر ۾
ظلمن سان گڏ اهو به منسوب ڪري ڇڏيو هجي.
ان ڪتاب جي مؤلف آقاءِ حبيبي جو چوڻ آهي ته منشي عطا محمد تاريخ
لکڻ ۾ سچو ۽ خرو لڳي ٿو، جيتوڻيڪ هن اهو ڪتاب هڪ
انگريز استويڪ جي چوڻ تي لکيو پر پوءِ به انگريزي
فوج جي تعريف ۽ طرفداري نه ڪئي ۽ اهو ئي ورتاءُ
سنڌ ۽ افغانستان جي ماڻهن سان به رکيائين.
سيد محمد ڪاظم شاهه، جيڪو ان وقت خيرپور ۾ رهيل هو ميرن ۽ شاهه
شجاع جي وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه
هڙ حاصل نه ٿيو. سيد ڪاظم ڏانهن حيدرآباد طرفان
پيغام آيو ته شايد تو کي خيرپور جا کاڌا اتان نڪرڻ
نٿا ڏين، تو کي جلدي لاڙڪاڻي وڃي بهادر خان کوکر
سان ملڻ گهرجي. مير ڪاظم کي اهو حڪم پسند ته نه
آيو پر مجبور ٿي اوڏانهن سهڙيو ۽ پهرين منزل ٽنڊو
لقمان ۾ وڃي ڪيائين. انهيءَ رات کيس عالم خان مري
جي موت جي خبر پهتي ته هو خيرپور موٽي اچي مير
سهراب خان سان مليو ۽ اتان پنهنجي ڀاءُ سيد محمد
تقي کي وٺي سکر اسهيو. منشي عطا محمد شڪارپوري جو
چوڻ آهي ته هن مون کي به هلڻ جي صلاح ڪئي پر درزي
هر وڳو ان جي جسم مطابق سبيو آهي، هر هنر جي منڊي
ان جي مزاج مطابق ٺهرائبي آهي، جيئن باز جو ڪم بدڪ
نٿي ڪري سگهي ۽ طوطي جو مٺڙو آواز ڪانو نٿو ڪڍي
سگهي ته مان قلم هلائڻ وارو تلوار ڪيئن هلائيندس!
منهنجي نظر ۾ اهو جهاد نه پر ناحق مسلمانن جو خون
وهائڻ آهي. مان کيس اهو چئي پنهنجي وطن شڪارپور
ورڻ لڳس. (تاريخ تازه نواءِ معارڪ ــ ص 96 ــ 295)
منشي عطا محمد جو چوڻ آهي ته ميرن جو اهو لشڪر ميدان ۾ ڪڏهن نه
لٿو هو ۽ پنهنجون تلوارون ٻلي، ٻڪري، ڪڪڙ ۽ ڪتي جي
جهڳڙن ۾ استعمال ڪيون هيون. هو طاقت جي نشي ۾ مست
ٿي نعرا هڻندا چون پيا ته اسان انهن بکين ۽ پيرين
اگهاڙن افغانين کي شڪارپور کان ذليل ڪري ڪڍنداسين
۽ مال ۽ دولت هٿ ڪنداسين، پر قسمت سندن انهيءَ
خيال تي کلي رهي هئي.
کرڙي جي جنگ:
شاهه شجاع سمندر خان کي ميرن جي مقابلي لاءِ موڪليو. سمندر خان
ميرن جي لشڪر جي ويجهو پهچي اڌ ڪوهه اوري ئي
پنهنجا خيما کوڙيا ۽ اتي هڪ جهنڊو وڻ جي چوٽيءَ تي
لٽڪائي جنگ جو بغل وڄائڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته ٻه
توپون ڪجهه سپاهين سان گڏجي ڳجهي طريقي سان آدم
شاهه جي ٽڪري تي چڙهائي ڇڏيون. ميرن جو لشڪر
درياءُ جي ڪپ تي غافل پيو هو. جنگ جو بغل وڄندي
ٻڌائون ته اوڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳا پر اوچتو آدم شاهه
ٽڪريءَ طرفان جتان ڪو انتظام نه ڪيو هئائون، گولا
وسڻ لڳا ته پريشانيءَ ۾ اوڏانهن ڀڄڻ لڳا.
غلام مرتضيٰ شاهه ۽ سيد محمد ڪاظم شاهه جي شهادت:
ميرن جي ڪٽڪ ۾ مرتضيٰ شاهه وڏو بهادر انسان هو، پنهنجو فوجي جٿو
وٺي اهو چئي وڙهڻ لاءِ نڪتو ته اچان ٿو انهن
ٽڪريءَ تي گڏ ٿيل جهرڪين کي اڏائي.
سيد محمد ڪاظم شاهه جڏهن ڏٺو ته ان جو دلي دوست ۽ پراڻو ساٿي
مرتضيٰ شاهه بنا سوچڻ سمجهڻ جي جنگ جي ميدان ڏانهن
وڃي پيو، شايد شجاع الملڪ جي لشڪر جي قوت کان بي
خبر آهي، روڪڻ چاهيندي به لشڪر سامهون نه روڪي
سگهيس ۽ پاڻ به ان سان گڏ هي شعر چوندو هلڻ لڳو:
سخن درست بگويم، نمي تواند ديد،
کہ مہ خورند حريفان و من نظاره کنم.
ٻئي دوست گهوڙي تي سوار ٿي ميدان طرف نڪتا. سيد غلام مرتضيٰ
اڳتي وڌي پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريندي شاهه
شجاع جي ڪيترن ئي سپاهين کي موت جي منهن ۾ موڪلي
پاڻ به گولي جو نشانو بڻجي ويو.
ان کان پوءِ سيد ڪاظم اگهاڙي تلوار کڻي ميدان ڏانهن وڌيو ته
اوچتو هڪ گولي اچي موت جي ننڊ سمهاريس ۽ آخري سڏڪن
۾ چوندو رهيو ته مان مري ويس ۽ هڪ غدار سان ٽڪر به
نه ٿي سگهيو.
دشمن مان هڪ سپاهي اڳتي وڌي سيد ڪاظم جي قيمتي پوشاڪ لاٿي ۽
هٿيار ڦري ورتا. ان کانپوءِ ميرن طرفان دريا خان
نظاماڻي وڙهڻ لاءِ آيو، جنهن جو سمندر خان تلوار
جي هڪ ئي ڌڪ سان ڪم پورو ڪري ڇڏيو ۽ سندس سٺي
تلوار کڻي ورتي. هاڻي جهان خان مري بلوچن جي روايت
مطابق وڏي شان سان پنهنجي ماڻهن کي وٺي نڪتو ۽
شاهه شجاع جي کوڙ سارن سپاهين کي رت ۾ رنڱي ڇڏيو.
اهو ڏسي جهان خان جي پويان ٻيا ساٿي به گهوڙن کان
لهي پيادا ڀڄندا آيا ته ٽڪري تي ويٺل شاهه شجاع جي
ماڻهن مٿن تيرن ۽ گولين جو مينهن وسائي ڏنو ۽ گهڻا
بلوچ ٿڏي تي ئي مري ويا. لال واهه تي لڪي ويٺل
وزير فتح محمد خان غوري، مير رستم خان ۽ محبت خان
مري مٿي ڪنڌ کڻي پنهنجي ساٿين جي خبر چار به نه
لڌائون.
شجاع الملڪ جي خراساني لشڪر ميرن کي سون ۽ چاندي ۾ ٻڏل ڏسي کين
خوب لٽيو ۽ پوءِ بي درديءَ سان ماري ڪري زمين تي
ڦٽي ڪيو.
بلوچن جڏهن پنهنجي سردار ميرن جا زمين تي ڦٿڪندڙ لاش ڏٺا ته
درياءُ ۾ ٻيڙيون لاهي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا پر
روهڙيءَ ۾ ويٺل مير مبارڪ خان ۽ مير جنگي خان جڏهن
ٻڌو ته اسان جو لشڪر شڪست کائي موٽيو پيو اچي ته
انهن حڪم ڏنو ته ڪنهن به بلوچ کي درياءُ پار ڪري
موٽڻ جو رستو نه ڏنو وڃي. هاڻي بلوچن جي لاءِ هڪ
پاسي کان باهه (يعني سمندر خان پويان پيڇو ڪندو
پيو اچي) ۽ ٻئي کان پاڻي (مير مبارڪ ۽ جنگي خان)
هو، سمجهه ۾ نه پيو اچين ته ڪاڏي وڃون! سڀني جا
هوش حواس خطا ٿي چُڪا هئا، پاڻيءَ ۾ بيهي به
پاڻيءَ لاءِ پڪاري رهيا هئا، ڪن درياءُ پار ڪرائڻ
لاءِ مهاڻن جي خوشامد پئي ڪئي ۽ ڪن گهوڙي جي پڇ کي
وٺي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پار نه ڪري سگهيا ۽
درياءَ ۾ ٻڏي ويا، ڪن پنهنجو پاڻ کي تلوارن ۽
گولين جو کاڄ ٿيڻ کان درياءَ جي حوالي ڪري
ڇڏيائون.
جڏهن مير مبارڪ ۽ جنگي خان کي اندازو ٿي ويو ته هاڻي اسان جو
لشڪر وڙهڻ کان لاچار آهي ته مهاڻن کي باقي بچيل
بلوچن کي ڪپ تي آڻڻ جو حڪم ڏنو. سڄو لشڪر نواب
احمد خان لغاري جيڪو ميان غلام مرتضيٰ ۽ سيد ڪاظم
جو گهاٽو دوست هو، سان بکر جي قلعي هيٺان کرڙي ۾
اچي گڏ ٿيو. لال واهه وٽ لڪيل فتح محمد غوري ۽
محبت مري به اتان نڪري هيڏانهن هوڏانهن تڪيندا،
لڪندا سهڪندا ٻيڙي وسيلي اچي روهڙي پهتا ۽ جان بچڻ
تي وڏو شڪر ادا ڪيائون.
سمندر خان زور زور سان نعرا هڻندو للڪاريندو رهيو ته آهي ڪو
جوان جيڪو ميدان ۾ اچي پر ڪنهن کي به ميدان ۾ وڃڻ
جي همت نه ٿي.
سمندر خان جو شڪارپور پهچڻ:
سمندر ڪاميابي جا نقارا وڄائيندي شڪارپور پهتو ۽ غنيمت جو مال
شاهه شجاع اڳيان رکيائين شاهه شجاع کيس انعام ۽
سهڻي پوشاڪ ڍڪايس.
شاهه شجاع جي لشڪر کي ٽالپرن وٽان خوب مال هٿ آيو هو ۽ هو انهن
جون موتين جڙيل ٽوپيون مٿي تي رکي، چادرون ۽ لاڙ
جون رنگين لوئيون ڪلهن تي سجائي، سينگاريل تلوارون
هٿن ۾ کڻي دف وڄائي بلوچن تي ٺٺوليون ڪندا هئا.
سنڌ جي ميرن جو وڙهڻ واسطي مديجي ۾ پهچڻ:
صفر 1249هه (1833ع) تي خيرپور جي ميرن جي شڪست جو حال ٻڌي
حيدرآباد جا مير وڏين جنگي تيارين سان گڏ لشڪر وٺي
لاڙڪاڻي پهتا ۽ اتي خيرپوري مير به پنهنجي فوج سان
گڏ اچي سهڙيا.
شجاع الملڪ کي معلوم ٿيو ته چار هزار سپاهين ۽ اٺ توپ بردار
ٻيڙين سان گڏ شهر ٻاهران شاهي باغ ۾ لٿو.
مير درياءُ جي ڪپ سان سفر ڪندا مديجي ۾ لٿا. مديجي مان ميرن پاڻ
۾ صلاح ڪري پير ميان نظام الدين ۽ پير محي الدين
سرهندي کي شاهه شجاع وٽ صلح لاءِ موڪليو. شاهه
شجاع پيرن جي ڳالهه مڃي ۽ سندن صلاح سان شريف خان
۽ قاضي محمد حسن کي ميرن سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ
موڪليو. ٻئي جڏهن اتي پهتا ته ميرن شڪوه شڪايتون
ڪري نيٺ پنهنجي محبت ۽ خلوص جو اظهار ڪيو. ميرن
امير ڪبير کوکر خان جيڪو سمندر خان جو دوست هو، کي
وري موڪليو ۽ هن سمندر خان ذريعي شجاع الملڪ کي ان
تي راضي ڪري ورتو ته مير مال برداريءَ لاءِ پنج سؤ
۽ پنج لک خرچ پکي جو ڏيندا.
شاهه شجاع جو خراسان وڃڻ ۽ وري سنڌ اچڻ:
انهن ڳالهين ۽ واعدن کان پوءِ شاهه شجاع 1833ع ۾ اٺ ۽ پيسا ميرن
کان وٺي خراسان هليو ويو ۽ مير به پنهنجي پنهنجي
ماڳن ڏانهن موٽي آيا.
شاهه شجاع قنڌار پهچي اتان جي سردارن ۽ امير دوست محمد کان شڪست
کائي لڌياني وڃڻ جي ارادي سان گنجابي موٽيو، جتي
سمندر خان به اچي مليس. ٻئي ڄڻا فوجون ڪٺيون ڪرڻ
لڳا. پر سمندر خان سخت بيمار ٿي پيو ۽ سيوي ۾ وڃي
وفات ڪيائين. شاهه شجاع کي خبر پئي ته ڏاڍو غمگين
ٿيو ۽ دل هاري لشڪر گڏ ڪرڻ جو پروگرام ترڪ ڪري سنڌ
اسهيو ۽ روجهاڻ ۾ اچي منزل ڪيائين.
شڪارپور جي ناظم سيد محمد تقي کي شجاع جي روجهاڻ ۾ پهچڻ جي خبر
ملي ته سندس دل ۾ ڀاءُ سيد ڪاظم جي موت جو بدلو
وٺڻ جو جذبو جاڳيو. ترڪ ۽ افغان سوار وٺي وڙهڻ
لاءِ نڪتو ۽ جاڳڻ ۾ پهچي پهرين منزل ڪيائين، پر
اتي شاهه شجاع جي لاڙڪاڻي وڃڻ جو اطلاع مليس، ته
سڌو لاڙڪاڻي روانو ٿيو. تيز سيءُ ۽ سيد محمد تقي
جي بخل ڪري لشڪر سفر ۾ ئي اڌ مئو ٿي پيو ۽ لاڙڪاڻي
پهچڻ تائين صفا بي حال ٿي ويو. نيٺ محمد تقي کي
مجبور ٿي موٽڻو پيو.
شجاع الملڪ سان لاڙڪاڻي جي مختيارڪار جو ورتاءُ:
جنهن وقت شاهه شجاع لاڙڪاڻي پهتو ته ان وقت لاڙڪاڻي جو
مختيارڪار سيد ڪاظم شاهه جو پيءُ سيد اسماعيل شاهه
هو. پٽ جي موت جي ڪري سيد اسماعيل شاهه شجاع کي
ڪنهن به قسم جي موٽ نه ڏني. شاهه شجاع جي سردارن
سيد اسماعيل کي چيو ته اسان جو امير ته سيد ڪاظم
کي پنهنجي پٽن وانگر سمجهندو هو ۽ کيس ميرن کي ڇڏي
اچي ملڻ لاءِ به چيو هئائينس، پر هن ميرن کي نه
ڇڏيو ۽ مارجي ويو. سيد اسماعيل تمام سياڻو ماڻهو
هو ان وضاحت کان پوءِ هن شاهه شجاع جي اچڻ جو
اطلاع خط ذريعي حيدرآباد جي ميرن کي ڏنو.
حيدرآباد جي ميرن کي خط مليو ته لاڙڪاڻي جي مختيارڪار کي حڪم
ڏنائون ته هو شاهه شجاع جي خدمت چاڪريءَ ۾ ڪا ڪسر
نه ڇڏي ۽ کيس اسان وٽ اچڻ جي دعوت ڏي ۽ هو به ان
سان ساڻ اچي.
شاهه شجاع جو حيدرآباد پهچڻ:
شاهه شجاع حيدرآباد پهتو ته ميرن سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ۽ خوب
مهمان نوازي ڪئي. شاهه شجاع جي سردارن ميرن کي
صلاح ڏيندي چيو ته شاهه شجاع کي شڪارپور ۽ بکر جو
قلعو عطا ڪيو ته هو اوهان جي لاءِ آئينده لاءِ
وڏو ڀرجهلو ثابت ٿيندو. ميرن چيو ته حالتن پٽاندڙ
في الحال شاهه شجاع ڪجهه وقت لاءِ لڌيانه هليو وڃي
پوءِ ان تي سوچي ڪري ٻڌائينداسين.
شاهه شجاع به ان تي راضي ٿي ويو ۽ ميرن کيس سوکڙيون پاکڙيون،
خيما، هڪ هاٿي ۽ روڪ پيسا ڏئي مانائتي طريقي سان
الوداع ڪيو. هو جيسلمير کان ٿيندو 1250هه (1834ع)
تي لڌياني پهتو.
شجاع الملڪ جو سنڌ جي ميرن ڏانهن خط:
ٻن ٽن سالن کان پوءِ (36ــ1835ع) ۾ شاهه شجاع پنهنجي خاص صحيحن
سان گڏ هڪ خط ميرن ڏانهن موڪليو، جنهن ۾ لکيو ته،
توهان واعدو ڪيو هو ته صلاح ڪري ٻن ٽن مهينن اندر
ٻڌايئندؤ پر ان کي اڄ ٽي سال گذري چُڪا آهن۽ توهان
جي اڃا صلاح پوري نه ٿي سگهي آهي! اسان هر حالت ۾
توهان جو ڀلو چاهيون ٿا، توهان جي ڀرسان هجڻ سان
ڪوئي ميري اک کڻي اوهان ڏانهن نه ڏسندؤ، نه ته سنڌ
تي ڪهڙي مهل به مصيبت اچي نازل ٿيندي ۽ توهان ويهي
هٿڙا هڻندؤ. اسان ته توهان کان بکر قلعو ۽ شڪارپور
گهريو آهي، بکر ۾ اسان جا ٻار رهندا ۽ شڪارپور جي
آمدني خرچ پکي لاءِ، جيتوڻيڪ اهي ٻئي علائقا گهڻا
زرخيز به ناهن. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته توهان
معاملي جي اهميت کي سمجهو ڇو نٿا ۽ ان ناسمجهي تي
اڳتي هلي ڏاڍو پڇتائيندؤ.
پر حيدرآباد جي ميرن تي ان خط جو ڪو اثر نه ٿيو ۽ خط کڻي ايندڙ
وڪيل کي هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري ٽاري
ڇڏيائون.
انگريزن جون ڏاڍايون:
شاهه شجاع قنڌار جي جنگ ۾ هار کائي ڪيترائي ماڻهو مارائي چڪو هو
پر پوءِ به هن جي ذهن مان خراسان جو نشو نه ويو.
ميرن کان مايوس ٿي هاڻي انگريزن ڏانهن واجهائڻ لڳو
۽ انگريز به پنهنجي مفاد خاطر ان جي مدد لاءِ تيار
ٿي ويا. تنهن ڪري گورنر جنرل هند آڪلينڊ نومبر
1836ع ۾ برنس جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ وفد جنهن ۾
ليفٽيننٽ رابرٽ ليچ، بمبئي لشڪر جو انجنيئر،
ليفٽيننٽ جان وڊ، بحريه هند جو هڪ عملدار ۽ ڊاڪٽر
پرسيول شامل هئا، هند، سنڌ، افغانستان، بخارا ۽
ايران جي ظاهري طرح تجارتي ۽ سياحتي دوري تي
موڪليو پر حقيقت ۾ ان پويان هي سياسي مقصد هئا ته
فوجي رستن کي چڱي طرح جاچيو وڃي.
اهو وفد (37 ــ 1836ع) ۾ شڪارپور سنڌ ۾ لٿو ۽ سنڌ جي سر بستي
احوال کان هڪدم واقف ٿي ويا ته سنڌ جي حڪومت لوڏن
۾ آهي ۽ هڪ ئي هوا جي جهٽڪي ۾ هلي ويندي.
انگريزن کي ڏسڻ لاءِ سنڌين جو وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو ۽ برنس تنبو
کان ٻاهر اچي انهن کي ڏٺو ته چوڻ لڳو ”اچو بابا
اچو! اسان جو پڇ ۽ اسان جا سڱ اچي ڏسو!!!“
ماڻهن کيس کلندي چيو ته توهان جو پڇ ولايت (انگلينڊ) تائين ڊگهو
آهي ۽ سڱ خراسان تائين پيا پهچن، اهو ٻڌي ڊاڪٽر
برنس ڦڪائي مان تنبو ۾ هليو ويو.
ڪجهه ڏينهن قافلو اتي ترسي پوءِ دريائي رستي کان سامونڊي رستي
جو جائزو وٺندي ديري غازي خان کان باغبان ۽ اتان
کان پشاور رستي ڪابل پهچي امير دوست محمد خان سان
ملاقات ڪئي، انهن ملاقاتن ۾ برنس، شاهه شجاع ۽
رنجيت سنگهه جو امير دوست محمد سان وير ختم ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي پر دوست محمد ان طرف ڪو ڌيان نه ڏنو.
انگريزن جي جڏهن امير دوست محمد وٽ دال نه ڳري ته
اندرين خاني ڪابل جي رئيسن ۽ خانن کي وڏيون لالچون
ڏئي شاهه شجاع جي حق ۾ ڪيو.
سڀ ڪم ٺاهي وفد پشاور رستي لڌياني هليو ويو، هيڏانهن رابرٽ ليچ
ساڳي ئي مقصد سان ڪابل کان قنڌار پهتو ۽ قنڌار جي
خانن مان حاجي خان ڪاڪڙي کي دولت جي دلبي سان
پنهنجو ڪري قلات واپس آيو ۽ اتان جي امير محراب
خان بروهي کي وڏيون لالچون آڇي انگريز فوج جي ڪڇ،
ڍاڍر ۽ شال ڪوٽ مان گذرڻ جي اجازت ورتائين.
سنڌ جي ميرن کي مڃائڻ:
پاٽنجر حيدرآباد پهچي ميرن کي وڏي چالاڪي ۽ دم دلاسن سان ان
ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته انگريز فوج ۽ سندن جنگي
سامان کي سنڌ مان گذرڻ ڏنو ويندو. امير محراب خان
۽ سنڌ جا مير پنهنجي کڏ پاڻ کوٽي رهيا هئا، جنهن
کان هو اڻ ڄاڻ هئا.
انگريز فوج جي چرپر:
سڪندر برنس لڌياني پهچي خراسان جي ڪارگذاري شاهه شجاع کي ٻڌائي
۽ هو سڀ جنگي سامان ۽ فوج ڪٺي ڪرڻ ۾ لڳي ويا.
3 نومبر 1839ع انگريز فوج شاهجهان آباد کان نڪتي ۽ ٿورو ئي اڳتي
هلي ته سندن سپاهين ۾ دستن ۽ طاعون جي بيماري
ڦهلجي، جنهن جي ڪري پنج سؤ ماڻهو مري وين، تڏهن به
فيروز پور ۾ داخل ٿي ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ لارڊ
آڪلينڊ ستين، سورهين ريجمينٽ، گورن سوارن جو ٽيون
ٽولو، ڪارن جو ٻيو ٽولو، ٻاويهين پلٽن، چار
توبخانا، هٿياربند گهوڙي سوار رسالا ڪمانڊر جنرل
فيز جي ڪمان هيٺ فيروز پور پهتا.
لاهور جي والي رنجيت سنگهه ۽ سندس پٽ کڙڪ سنگهه ٽيهه هزار فوجن
سان گڏ اچي لارڊ آڪيلنڊ سان مليو ۽ هر هڪ سپاهيءَ
۾ هڪ روپيو ورهائي لارڊ کي ست سينگاريل گهوڙا ۽ هڪ
هاٿي سون ۽ چاندين جي سنجن سان سلهاڙيل ڏنو. لارڊ
پاڻ به کيس ٻه گنگا جمني توپون پيش ڪيون.
ان کان پوءِ چيف ڪمانڊر چوٿين پلٽن ۽ توپخانو فيروزپور ۾ ڇڏي
باقي سموري فوج وٺي شاهه شجاع سان گڏ بهاولپور
پهتو ۽ سرڪلوديڊ شهزادي محمد تيمور سان گڏجي
انگريز فوج ۽ رنجيت سنگهه جون اٺ پلٽنون وٺي خيبر
پاس ڏانهن اسهيا.
انگريز فوج بهاولپور ۾:
جڏهن لارڊ آڪلينڊ انگريز فوج ۽ شاهه شجاع سان گڏ 29 ڊسمبر
1838ع تي بهاولپور ۾ داخل ٿيا ته بهاولپور جي والي
اڳ ۾ ئي رستا صاف ڪرائي ڇڏيا هئا ۽ چورن ڦورن کي
تڙي ماحول سانت ڪري ڇڏيو هئائين.
منشي عطا محمد شڪارپوري لکي ٿو ته بهاولپور جي والي لشڪر لاءِ
اڳ ۾ ئي اناج، کنڊ، ڳڙ،ديسي گيهه، چانور، ڇيلا،
رڍون، ڪڪڙ، بيدا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه تمام جهجي مقدار
۾ گڏ ڪري ڇڏيو هو. فوج جيڪا شيءِ گهرندي هئي اها
انهن کي ملندي هئي، انگريز فوج جي آڌرڀاءُ لاءِ
نواب جو پٽ رستي ۾ وڃي بيٺو ۽ چيف ڪمانڊر تي هڪ سؤ
اشرفيون گهوريائين. انگريز فوج ٻه ڏينهن بهاولپور
۾ رهي پوءِ احمد پور آئي. (تاريخ تازه نواءِ معارڪ
ــ ص 370)
انگريز فوج جو روهڙيءَ ۾ اچڻ:
24 جنوري 1839ع تي اها فوج احمدپور کان نڪري روهڙي پهتي ۽ سنڌو
درياءُ جي ڪناري تي خيما کوڙي ويهي رهي.
اليگزينڊر برنس جي خيرپور جي والي سان ملاقات:
انگريز فوج جي خيرپور پهچڻ کان اڳ اليگزينڊر برنس خيرپور جي
والي مير رستم خان ٽالپر سان وڃي مليو ۽ کيس خلوص
سان پنهنجو ڪري بکر جي قلعي کان گذرڻ ۽ درياءُ تي
پل ٺاهڻ جي اجازت ورتائين.
ان پل جو مقصد بکر تي قبضو ڪرڻ ۽ ٻين علائقن تي جلدي تصرف حاصل
ڪرڻ هو ۽ ان کانسواءِ خراسان تائين پنهنجي فوج جو
ڌاڪو ويهارڻ هو.
عروج بارڪ زئي ۾ آهي ته ان پل کي ڪپتان ٽامسن ۽ بنگال جي
انجنيئرن ٺاهيو، ۽ انگريز فوج اتان 1839ع ۾ گذري.
ٻئي طرف ليچ شڪارپور پهچي فوج جي سامان ڪجاون ۽ پيتين ٺاهرائڻ ۾
لڳي ويو، فوج جي ترسڻ لاءِ هاٿيدر ۽ هزاريدر جي
اوڀارين پاسي کان رئيس واهه وٽان جهنگ جهر ڪٽرائي
ٻن ڪوهن جو علائقو صاف ڪرائي ڇڏيو ۽ ايترا ڏوڪڙ
خرچ پئي ڪيائين جو هر ڪو ماڻهو حيرت ۾ هو.
بکر جي قلعي تي انگريزن جو قبضو:
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ويلم مڪنائن فوج ۽ توپخاني سان گڏ خيرپور
جي حدن ۾ داخل ٿيو ته ميرن طرفان مير زنگي خان ۽
فتح محمد سندس استقبال ڪيو ۽ تحفا پيش ڪيا. چيف
ڪمانڊر انگريزي لشڪر سان گڏ روهڙيءَ ۾ ئي رهيل هو،
باقي لارڊ برنس ٻن سردارن ۽ پنجاهه سوارن سان گڏ
ٻٻرلوءِ ۾ اچي مير رستم خان سان مليو ۽ کيس پنهنجي
دلفريب ڳالهين سان پنهنجي لشڪر ۾ وڄي آيو. مير کي
انگريزن جي فوجي تيارين مان اندازو ٿي چڪو هو پر
يقين وري چيف ڪمانڊر سان هڪ ڪلاڪ جي طويل ملاقات
مان ٿيس. مير رستم مجبور ٿي ڪري بکر جي قلعي کي
پنهنجي ماڻهن کان خالي ڪرايو ۽ انگريزن ان تي قبضو
ڪري پنهنجو جهنڊو ڦڙڪايو ۽ قلعي ۾ ٻه توپون، چار
ٻيڙيون، فوجي ۽ کاڌي پيتي جو سامان گڏ ڪري رکيو.
خيرپور جا مير اندر ۾ ته رت جا ڳوڙها روئن پيا پر ٻاهر ٻڙڪ نه
ڪڍيائون. انگريزن مير رستم جي وزير فتح محمد خان
غوري کي هڪ لک ڏيئي راضي ڪري ورتو ته هو خيرپوري
ميرن کي ٿڌو رکي ۽ خراسن جي مهم تائين ڪا چڙنگ نه
ٻرڻ ئي
انگريز فوج جو بمبئي کان ڪراچي اچڻ:
1255هه (40 ــ 1839ع) ۾ انگريز فوج سرجان ڪين، جنرل ويلشائر ۽
اوٽرام جي اڳواڻيءَ ۾ لشڪر، پلٽن ۽ توپخاني سميت
ڪراچي بندرگاهه تي لهي سڌو وڃي ٺٽي پهتي. خيرپور
جي والي مير شير محمد خان کي خبر پئي ته بلوچن جو
لشڪر ڪٺو ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ تمام وڏو ڪٽڪ جمع ٿي
ويو، سواءِ مير نور محمد خان جي ـــ حيدرآباد جا
حڪمران مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان به ساڻس گڏ
هئا. بلوچن جي ان لشڪر 15 فيبروري 1843ع تي
حيدرآباد کان ٽي ميل پري انگريزن جي قائم ڪيل
ڇانوڻيءَ جو گودام ڦري ورتو.
انهيءَ وڳوڙ کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ باهه ٻري وئي، شڪارپور ۾ رهيل
وليم مڪنائن ميرن جي شڪارپور ۾ ناظم ديوان جيٺمل
کي چيو ته هن وقت انگريز سرڪار کي خراسان جو مسئلو
منهن ۾ آهي. تنهن ڪري ٽالپرن کي اهڙي گڙٻڙ ڪرڻ نٿي
سونهين، جيڪڏهن هو انهيءَ حرڪت کان نه مڙيا ته
پوءِ خراسان کان اڳ ۾ انهن کي سبق سيکارينداسين ۽
پوءِ اوڏانهن وينداسين. پوءِ هن روهڙيءَ ۾ درياءَ
جي ڪپ تي ترسيل چيف ڪمانڊر ۽ برنس کي به حڪم ڏنو
ته هو جلدي حيدرآباد وڃن. هيڏانهن ديوان ججيٺمل به
وليم مڪنائن واريون ڳالهيون هڪ خط ۾ لکي پنهنجي
ماڻهو هٿ ٻيڙيءَ تي حيدرآباد موڪليو.
مير نور محمد خان جي انگريزن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش:
مير نور محمد خان کي جيڪو شروع کان ئي ان معاملي کان الڳ هو،
اهو خط مليو ته پنهنجي ڀاءُ شير محمد کي انگريزن
سان وڙهڻ کان روڪيائين ۽ انگريزن کي چوويهه لک
ڇانوڻي جي نقصان جا ڀري ڏنائين ۽ کين راضي ڪري
ورتو.
هوڏانهن ڪمانڊر روهڙيءَ کان هالن پهتو ته صلح جي خبر پيس ۽ اتان
ئي روهڙي ۽ پوءِ پل ٽپي شڪارپور آيو. جڏهن ته
جنرل ويلشائر، سرجان ڪين ۽ اوٽرام هٿيارن پنهوارن
سان گڏ سيوستان کان لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيا ۽ اتان جهل
مگسي ۽ تنبو کان ٿيندا خراسان ڏانهن وڌيا.
شجاع الملڪ، وليم مڪنائن، سپهه سالار چيف ڪمانڊر ۽ برنس به فوج
۽ سامان سوڌي شڪارپور کان خراسان ڏانهن اسهيا.
جيڪب آباد قلعي تي انگريزن جو قبضو:
جڏهن انگريز فوج جيڪب آباد (خان ڳڙهه) ڀرسان پهتي ته قلعي مان
گوليون ۽ توپن جا گولا برسڻ لڳا، جنهن ۾ ٻين ڪمپني
جو ڪمانڊر مري ويو، انگريز پوسٽن قلعي مٿان
بمباريءَ جو حڪم ڏنو ۽ پنجاهه گولا اڇلائي قلعي تي
قبضو ڪري ورتو. انهيءَ ويڙهه ۾ ڇهه انگريز ۽ اٺ
بلوچ مارجي ويا. انگريز لشڪر رات قلعي ۾ رهي صبح
سان ڪابل ۽ قنڌار ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ حاجي خان ڪاڪڙ
جي بي وفائي ڪري انگريز بنا جنگ جي قنڌار تي قابض
ٿي ويا. قنڌار کان پوءِ غزني فتح ڪري امير دوست
محمد جي پٽ غلام حيدر کي گرفتار ڪيو ويو ۽ آخر
خانن ۽ سردارن جي دغابازين ڪري ڪابل به انگريزن
1839ع ۾ هٿ ڪري ورتو، جنهن جي ڪري ڪابل جي حاڪم
امير دوست محمد خان کي بلخ ۽ بخارا ڀڄڻو پيو.
انگريزن شهر ٻاهران ڇانوڻي ٺاهي ۽ برنس نواب امين
الملڪ جي حويلي ۾ رهيو.
هڪ مهينو جيڪب آباد ۾ رهڻ کان پوءِ مٿان جي حڪم سان جنرل
ويلشائر حاجي ڪاڪڙ خان کي پاڻ سان گڏ وٺي پشاور
موٽ ڪئي، رستي ۾ قلات تي حملو ڪري حاڪم محراب خان
کي شهيد ۽ ملا رحيم داد ۽ محسن حسن کي گرفتار ڪري
ورتو. ستن ڏينهن تائين انگريز قلات کي لٽيندا رهيا
۽ شاهي خزاني مان ٻارهن لک روڪ ۽ هيرا موتي هٿ
ڪيا. اهڙيءَ طرح قلات تي به انگريزن جو قبضو ٿي
ويو.
راس بيل سنڌ جو ايجنٽ ۽ ٿامس پوسٽن جو شڪارپور جو ڪليڪٽر ٿيڻ:
انهن ڏينهن ۾ راس بيل کي انگريزن جو سنڌ ۾ ايجنٽ (وڪيل) ۽ وليم
ايسٽويڪ جي جاءِ تي ٽامس پوسٽن کي شڪارپور جو
ڪليڪٽر ۽ ايسٽويڪ خورد کي خزاني تي رکيو ويو. اهي
سڀئي ڏاڍا ذهين هوشيار ۽ تجربيڪار عملدار هئا.
انهن هتان جون ٻوليون افغاني، بلوچي، سنڌي، فارسي
۽ عربي سکي انهن ٻولين جا ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو
ڪيا، آباد ۽ غير آباد زمين کي ماپيو، گهر شماري ۽
مردم شماري ڪئي، سنڌ جا مختلف حيثيتن سان نقشا
تيار ڪيا، گودام ۽ بنگلا ٺهرايا ۽ ٻين ڪمن تي پاڻي
وانگي پيسو وهايو. جنهن تي سنڌي ماڻهو تعجب ۾ پئجي
ويا، پر پوءِ به سنڌي ماڻهو انهن کان نفرت ڪندا
هئا. منشي عطا محمد تاريخ تازه نواءِ معارڪ جي
صفحي 418 تي لکي ٿو ته مان ڪن سنڌين کي اهو چوندي
ٻڌو ته هڪ انگريز هزارن شيطانن جي برابر آهي، پوءِ
هتي ته ڪيترائي انگريز اچي چڪا آهن، جيڪا سنڌ جي
جلد برباد ٿيڻ جي نشاني آهي. |