سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :3

 

چندر

40 هه (61. 660ع) کان 48 هه (69 . 668ع)

 

ٻڌ مذهب جي پوئلڳ چچ جي وڏي ڀاءُ چندر پڳ سنڀاليندي ئي زوريءَ ماڻهن کي ٻڌ مذهب اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو پر پوءِ به عوام کانئس خوش هو.

جنهن وقت چچ گذاري ويو  ان وقت متو (سيوستان جو راجا) جيڪو اڳ ۾ ئي ڀڄي وڃي هندستان ويٺو هو، قنوج جي راجا سيهرس بن راسل ڏانهن ويو ۽ چيائينس ته سنڌ جو راجا هاڻي دنيا ۾ نه رهيو آهي ۽ تخت تي سندس ناتجربيڪار راهب ڀاءُ چندر ويٺو آهي، جيڪو سڄو ڏينهن عبادت ۽ مطالعي ۾ مصروف آهي. جيڪڏهن هاڻي حملو ڪري اهو ملڪ منهنجي حوالي ڪيو ته ڍل طور ڍير دولت جو اوهان جي خزاني ۾ جمع ڪندو رهندس. سيهرس پنهنجي ڀاءُ برهاس بن ڪسائس کي سپهه سالار بڻائي متي سان گڏ هڪ وڏو لشڪر ڏئي روانو ڪيو. چچ جو ڏوهٽو جيڪو  ڪشمير جي سرحد تي حڪمران هو. اهو به برهاس ۽ متي سان ملي ويو. ٻنهي پنهنجي لشڪر کي چندر جي حد ۾  هاسي ندي جي ڪپ تي اچي گڏ ڪيو ۽ ڀرسان واري قلعي ديوهپور (ديبالپور) تي قبضو ڪيو جتان اڳتي وڌي بندڪاهويا پهچي مهينو ترسيا ۽ پوڄا پاٽ ڪئي. اتان چندر ڏانهن اطاعت ڪرڻ جي ڌمڪي موڪليائون. چندر همت هارڻ بدران فوجي تياريون شروع ڪري ڏنيون ۽ چچ جي پٽ ڏهرسينا کي برهمڻ آباد فوج کي تڪڙو ڪرڻ لاءِ موڪليو. هيڏانهن چچ جي ننڍي پٽ ڏاهر کي وري الور جي حفاظت جي ذمينداري سونپيائين. انهن سڀني تدبيرن دشمن جي ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ چندر ڪاميابيءَ سان ست سال حڪومت ڪندو رهيو ۽ نيٺ 48هه (668ع) ۾ پنهنجي موت مري ويو.

 

راجا ڏاهر

18 هه (700ع) 94هه (712ع)

چندر جي مرڻ کان پوءِ سلطنت ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويئي الور ۾ چچ جو ننڍو پٽ ڏاهر گادي تي ويٺو ۽ برهمڻ آباد چندر جي پٽ راج سنڀاليو. پر ستت ئي الله کي پيارو ٿي ويو ۽ برهمڻ تي چچ جي وڏي پٽ ڏهرسين قبضو ڪري ورتو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڏهرسين، اگهم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ پنج سال گذرڻ کان پوءِ وڃي راوڙ ۾ رهيو. جنهن جو بنياد چچ رکيو هو . ۽ ڏهرسين ان کي مڪمل ڪرايو ۽ پوءِ راوڙ ۾ شهر جي معزز ماڻهن کي مقرر ڪري پاڻ برهمڻ آباد ۾ اچي ملڪي وهنوار هلائڻ لڳو.

هوڏانهن ڏاهر ملڪ جون واڳون سنڀاليندي ئي سڀني قومن جي ڀلائيءَ لاءِ جوڳا قدم  کنيا، جنهن سان سڀ سندس سڄڻ ٿي ويا ۽ پوءِ پورو ملڪ گهمڻ لاءِ نڪتو. سنڌ جي اڀرندي ۽ اولهندي سرحد جي حفاظت جا پختا انتظام ڪري برهمڻ آباد پهتو ۽ پنهنجي ڀاءُ ڏهرسين تي اعتماد ۽ کيس برهمڻ آباد جو حاڪم مڃيائين. ڪجهه ڏهاڙا اتي گذاري ڪري مڪران ڏانهن منهن ڪيائين. مڪران ۽ ڪرمان جنهن جي سرحد سنڌ سان ملندي هئي، جي راجا سان مضبوط لاڳاپا جوڙي الور واپس  پهتو ته سندس عوام وڏي ڌوم ڌام سان آڌرڀاءُ ڪيو.

 

نجومين جي اڳڪٿي:

الور پهچڻ تي نجومين  ۽ برهمڻن جو هڪڙو وفد راجا ڏاهر سان مليو ۽ مبارڪباد ڏيڻ کان پوءِ سندس خاندان جي قسمت جو زائچو (رمل) ڪڍيو ۽ ٻڌايو ته توهان ٻئي ڀائر نيڪ بخت آهيو پر توهان جي ڀيڻ ٻائي جي زائچي مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪو ان سان شادي ڪندو اهو ئي هن ملڪ جو والي ٿيندو. ڏاهر اهو ٻڌي وڏي صدمي ۽ مونجهاري ۾ پئجي ويو. . . . ڀيڻ راڻي مايين (ٻائي) ان وقت ڏهرسين وٽ برهمڻ آباد ۾ رهندي هئي، جنهن ڏانهن رامل جي راجا سوهن پيغام موڪلي ٻائي جو سڱ گهريو. ڏهرسين کي اهو رشتو وڻيو ست سؤ گهوڙن ۽ پنج سؤ ٺاڪرن سميت ٻائي کي ڏاهر ڏانهن انهيءَ پيغام سان موڪليائين ته تون به ڏاج ۾ هڪ قلعو ڏئي ڪري سوهن سان نڪاح ڪرائيس.

مصيبت راجا ڏاهر جي مٿان اچي پيئي. مڇي وانگر ڦٿڪڻ لڳو، رات جي ننڊ ۽ ڏينهن جو آرام ڦٽي ويس، آخر پنهنجي ويجهي وزير ٻڌ يمن کي گهرائي سڄو حال اوريائينس ته هيڏي وڏي سلطنت نجومين مطابق منهنجي ڀيڻيئوئي جي هٿ اچي ويندي ۽ اسان امير مان فقير ۽ راجا مان غلام بڻجي وينداسين. تون ٻڌاءِ آخر ڇا ڪجي؟

ٻڌ يمن وزير چيو، مهاراج اها اوهان جي وڏي بدنصيبي هوندي جو اهڙي سلطنت جهڙي نعمت اوهان جي هٿن مان هلي وڃي. پنج شيون اهڙيون آهن، جيڪي پنهنجي هنڌ کان هٽي ڪري ڏاڍيون خراب لڳنديون آهن. (1) بادشاهه پنهنجي تخت کان (2) وزير پنهنجي وزارت کان (3) پير پنهنجي مريد کان (4) ڏند ۽ وار پنهنجي جڳهه کان ۽ (5) نوجوان عورت جا پستان پنهنجي جاءِ تان. ان ڪري توهان سلطنت کانسواءِ ڏاڍا خراب ۽ خوار ٿيندؤ، پوءِ ضروري آهي ته پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪري ان خطري کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.

ٻڌيمن جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ڏاهر وزيرن ۽ صلاحڪارن کي گهرائي چوڻ لڳو، مون کي توهان جي بهادري ۽ وفاداريءَ تي پورو پورو ڀروسو آهي، مان توهان جي مشوري کانسواءِ ڪو به ڪم نه ڪندو آهيان، نجومين مون کي ڀيڻ ٻائي جي باري ۾ ٻڌايو آهي، ان ڪري مان ساڻس شادي ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن تي سڀني جواب ڏنو مهاراج اهڙو قهر جو ڪم ته نه ڪريو. ان سان سڄو ملڪ بدنام ٿيندو.

ڀاءُ ڀيڻ جي شادي:

ٻڌ يمن وزير راجا ڏاهر کي سمجهائڻ خاطر هڪ رڍ جو ٻچو وٺي ان جي پشم ۾ مٽي ۽ گاهه وجهي ٻن ٽن ڏينهن تائين پاڻي ڏيندو رهيو. جڏهن گونچ ڦٽا. ته ان کي شهر ۾ ڇڏي ڏنائين، جتان گهيٽو گذري پيو ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿي وڃن پيا. ٻه ٽي ڏينهن اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ پوءِ هر ڪنهن جو ڌيان هٽي ويو. ٻڌ يمن. راجا ڏاهر کي ان گهيٽي جو مثال ڏيندي عرض ڪيو، مهاراج ڏٺؤ! توهان جي شاديءَ جو چرچو به چار ڏينهن ئي رهندو ۽ پوءِ سڀئي ماٺ ڪري ويهي رهندا. ڏاهر ٻڌ يمن جي راءِ کان متاثر ٿي ڪري سندس مرضي مطابق پنجن ئي وڏن سردارن کي گهرائي پنڊت سڏرائي ڀيڻ ٻائي سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو. رسم مطابق پنهنجي ڌوتي جو پلئه ڪنوار جي پوتيءَ سان ٻڌي باهه جي چوگرد چوڦيرا ڏنائين پر همبستري کان هميشه پري رهيو.

ڏهرسين جو حملو:

شادي جي خبر جلد ئي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي، ڏهرسين ته ٻڌڻ سان ئي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ تڪڙو ڏاهر ڏانهن خط لکيائين ته، اها وڏي شرم جي ڳالهه آهي، اسان تي پورو پرڳڻو آڱريون پيو کڻي، تو کي اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪرڻ گهرجي ها. هاڻي به وقت نه ويو آهي، توبهه تائب ٿي ڇو ته تقدير جي فيصلي کي پوءِ به تبديل نه ڪري سگهندي. ڏاهر جواب ڏنائينس ته مان مجبور هيس، اهو سڀ ڪجهه نجومين جي چوڻ تي ڪيو آهي. نه ته هي بادشاهت اسان کان هميشه لاءِ کسجي وڃي ها. مان هاڻي ڪجهه به نٿو ڪري سگهان ۽ پنهنجي ڀيڻ سان صرف رسمي تعلق ئي رکيو آهي نه ڪي ازدواجي. (معصومي_ 20، 19)

ڏهرسين ڏاهر جي ان جواب تي مڇرجي پيو ۽ وڏو لشڪر وٺي الور تي ڪاهه لاءِ نڪتو. ڏاهر ان وقت شڪار تي ويل هو جيئن ئي خبر پيس ته الور پهتو.

چچ نامي ۾ آهي ته ڏاهر شادي کان پوءِ ڀاءُ ڏانهن خط لکيو ته مان اها شادي فلاڻي مجبوري ڪري ڪئي آهي ۽ هونئن به هوءَ جتن جي ڌيءَ آهي.

ڏهرسين جيئن ئي الور ۾ اندر گهڙيو ته قلعي وارن شهر جا  دروازا بند ڪري ڇڏيا، پاڻ ڏاهر ڏانهن پيغام موڪليائين ته مان تو سان وڙهڻ ناهيان آيو. جيئن ته هي قلعو منهنجي پيءُ جي جاگير آهي ۽ تون منهنجي طرفان هتي گورنر مقرر آهين، ان ڪري قلعو منهنجي ماڻهن حوالي ڪري ڇڏ. ڏاهر چورائي موڪليو ته تون پري وڃي خيما هڻ ۽ اتان اعتماد وارا ماڻهو موڪل جن جي قلعو مان حوالي ڪيان.

ڏاهر جي ٻڌيمن سان صلاح:

ان کان پوءِ ڏاهر پنهنجي وزير  ٻڌيمن کي گهرائي ساڻس صلاح ڪئي ته وڏو ڀاءُ آهي ۽ مون کي ان تي پورو ڀروسو آهي، مون سان بيوفائي نه ڪندو ۽ ان ڪري قلعو سندس حوالي ڪرڻ گهرجي. ٻڌ يمن وراڻيو! سائين توهان کي سندس ڳالهين تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي. معاف ڪجو اهو سڀ مڪر ۽ فريب آهي. پر ڏاهر کي وزير جي ڳالهه دل سان نه لڳي.

ڀائرن ۾ اتفاق:

آخر ٻنهي ڀائرن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ڏهرسين لشڪر ٻاهر بيهاري اڪيلو قلعي ۾ ايندو. صبح ٿي ۽ ڏهرسين اڪيلو قلعي جي دروازي وٽ پهتو ته راجا ڏاهر سندس ڀليڪار لاءِ پاڻ دروازي وٽ آيو. ملڻ کان پوءِ ڏهرسين چيس، پنهنجو هاٿي گهراءِ ته ڪٿي ٻاهر هلي ڳالهيون ڪيون، جنهن سان سڀني جو شڪ ختم ٿي ويندو ۽ اسان جي محبت جو هر ڪنهن کي يقين اچي ويندو. راجا ڏاهر پنهنجي ڀاءُ جي ڳالهه کي پٺي نه پئي ڏئي سگهيو ۽ هاڻي ٻيو ڪو رستو به نظر نه آيس پر دل ۾ خوف طاري هيس. پنهنجي وزير ٻڌيمن کان پرڀرو ٿي ڪري مشورو وٺڻ لڳو، جنهن تي وزير چيو مهاراج! هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي، ها هڪڙو رستو آهي ته توهان جنهن وقت هاٿي تي سوار ٿيو ۽ هاٿي قلعي جي دروازي کان ٻاهر نڪري ته اوهان دروازي جي اندرئين پاسي تي لڙڪي پئجو ۽ اسان جلدي ۾ قلعي جو دروازو بند ڪري وٺنداسين. ڏاهر کي وزير جو مشورو وڻيو ۽ ان تي عمل ڪيائين. ۽ ڏهرسين جي اها ٽڪ به ڪامياب نه ٿي سگهي.

ڏهرسين جي وفات:

هيڏانهن ڏهرسين کي اوچتو تيز گرمي ۾ ڏينهن لڳڻ ڪري بخار ٿي پيو ۽ جسم تي ڦلوسڻا نڪري پيس. بخار جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ چوٿين ڏينهن 52 هه (672ع) تي ٽيهن سالن جي عمر ۾ گذاري ويو.

ڏاهر کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پيئي ته پڪ لاءِ پنهنجو هڪ جاسوس موڪليائين. يقين ٿيڻ تي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي، پڳ لاهي پار ڪڍي روئڻ لڳو ۽ پوءِ کيس چکيا چاڙهي سڀئي مذهبي رسمون  وڏي اهتمام سان ادا ڪيائين. ان کان پوءِ برهمڻ آباد جو سڄو انتظام سنڀالي اروڙ موٽي آيو ۽ هڪ مهيني کان پوءِ ڀاءُ جي بيوه لوهاڻي جي راجا اگهم جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين.

ڏاهر برهمڻ آباد ۾:

ڪجهه ڏينهن جي وقفي بعد ڏاهر وري برهمڻ آباد پهتو ۽ سڀني وزيرن ۽ صلاحڪارن کان وفاداريءَ جو قسم ورتائين.  هڪ سال تائين ملڪي معاملن ۾ سڌارا آڻيندو رهيو، ۽ ڏهرسين جي پٽ چچ سان به تمام سهڻو سلوڪ ڪندو رهيو.

هتان جي انتظامن کان فارغ ٿي ڪري سيوستان ۽ پوءِ راوڙ پهتو ۽ راوڙ جي قلعي جي تعمير مڪمل ڪرايائين، جنهن کي سندس پيءُ اڌورو ڇڏي ويو هو. ڏاهر گرمين جا چار مهينا هميشه راوڙ ۾ گذاريندو هو، ڇو ته هتان جي موسم ڏاڍي وڻندڙ ۽ من موهيندڙ هئي. اٺن سالن تائين سندس اهو معمول رهيو ۽ سنڌ پرڳڻي جي هاڪ ۽ دولت جو چرچو هر هنڌ ٿيڻ لڳو.

رمل جي راجا جي ڪاهه:

راجا ڏاهر وڏي آرام  ۽ سڪون سان حڪومت ڪري رهيو هو ته اوچتو رمل جي راجا 59هه (79_ 678ع) ۾ وڏي لشڪر ۽ هاٿين سان ٻڌيا ڏانهن اچي راوڙ تي حملو ڪيو. ڏاهر وزير ٻڌيمن کي گهرائي ساڻس صلاح ڪئي. وزير چيو، سرڪار جيڪڏهن مقابلي جي پاڻ ۾ همت سمجهو ٿا ته پوءِ ميدان ۾ اچو نه ته پوءِ خزاني مان دولت ڏئي صلح ڪري جان ڇڏايو. مان اهڙي خواري نه کڻندس ۽ اهڙي زندگيءَ کان موت کي وڌيڪ ترجيح ڏيندس، ڏاهر چيو. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ وزير ٻيهر عرض ڪيو ته مهاراج! هڪڙو ٻيو رستو اهو آهي ته اسان کي هتي رهيل عربن کان مشورو وٺڻ گهرجي. جيڪي وڏا دلير ۽ جنگين جو تجربو رکندڙ آهن. راجا ڏاهر کي وزير جو اهو مشورو ڏاڍو وڻيو.

هڪ عرب علافي جي ڪارگذاري:

سنڌ ۾ ان وقت اسامه قبيلي جو عرب سردار محمد علافي اسلامي حڪومت سان بغاوت ڪري ڀڄي آيو هو. ۽ ڏاهر کيس هتي پناهه ڏئي ڪري ڪافي رعايتن سان نوازيو هو. ٻڌ يمن وزير جي چوڻ تي راجا ڏاهر علافي کي گهرايو ۽ کانئس ان معاملي ۾ مشورو ورتو. علافي چيو اوهان فڪر نه ڪريو گهٻرائڻ جي ڪائي ضرورت ناهي، مان انهن کي اهڙو سبق سيکاريندس جو سڄي عمر ياد رکندا. اوهان هتان کان ٽي ميل پري خندق کوٽرايو ۽ مون کي پنج سؤ سپاهين جو جٿو ڏيو. راجا ڏاهر محمد علافي کي پنج سؤ سوار ڏنا، جن کي هو وٺي ڪري رات جي انڌيري ۾ جڏهن دشمن اگهوٽ ننڊ پيا هئا مٿن ڪڙڪي پيو ۽ اهڙو راتاهو هنيو جو اسي هزار سپاهين مان ڪي موت جو کاڄ بڻيا ۽ ڪي ڀڄي نڪتا. عربن کي دشمن جو گهڻو سامان ۽ پنجاهه هاٿي هٿ لڳا. راجا ڏاهر خوشيءَ ۾ وڏو جشن ملهايو ۽ علافي کي انعام سان نوازي عربن کي مڪران ۾ رهڻ لاءِ محل ۽ نوڪر چاڪر عطا ڪيائين. ٻئي ڏينهن پنهنجي محل ۾ گرفتار قيدين کي ڏاهر سزا لاءِ گهرايو پر ٻڌيمن جي چوڻ تي سڀني کي معاف ڪري ڇڏيائين. ڏاهر ٻڌيمن جي انهيءَ صلاح تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کانئس ڪنهن اڻپوري خواهش جو پڇيائين، جنهن تي وزير عرض ڪيو، ”مهاراج! منهنجي ٻي ڪا خواهش ناهي، صرف اهو عرض آهي ته منهنجي ڪائي اولاد ناهي، مرڻ کان پوءِ ڪوئي نالو وٺڻ وارو نه هوندو. مان چاهيان ٿو ته ملڪ جي چاندي جي سڪن تي هڪڙي پاسي کان اوهان جو نالو هجي ۽ ٻئي کان منهنجو، جيئن ماڻهو مرڻ کان پوءِ به سنڌ سان گڏ مون کي ياد رکن. راجا ڏاهر پنهنجي وزير جي خواهش پوري ڪرڻ جو جلد حڪم ڏنو.

 

باب ٽيون:

هندستان ۾ اسلام جو پهريون ڳڙهه

ان کان اڳ جو سنڌ ۾ محمد بن قاسم جي ڪاهه جو قصو ڇيڙجي، ضروري آهي ته اسلام جي پهرين ڳڙهه ملابار جو ذڪر ڪجي. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جي نبوت وقت ملابار ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهايل هو ۽ ٻڌ، برهمڻ ۽ عيسائي، اتي امن سان رهندا هئا. يمن ۽ حجاز کان واپاري هتي واپار ڪرڻ ايندا هئا، ان ڪري جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم نبوت جو اعلان ڪيو ته اها خبر هتي به پئجي ويئي. ملابار جي راجا زمورن يا سامري شق القمر جو معجزو پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ روزنامچي ۾ درج ڪرايائين، ڪجهه وقت کان پوءِ عربن کان پڇيائين، جن کيس ٻڌايو ته عرب ۾ هڪ رسول صلي الله عليہ وسلم پيدا ٿيو آهي، جنهن اهو معجزو  ڏيکاريو آهي. راجا سامري ان مهل ئي اسلام قبول ڪيو ۽ سلطنت پٽ جي حوالي ڪري ٻيڙيءَ ۾ پيغمبر جي زيارت لاءِ نڪتو، پر رستي ۾ ئي گذاري ويو ۽ يمن جي ڪپ تي کيس پوريو ويو.

انهيءَ زماني ۾ ڪجهه مسلمان واپاري سرانديپ ٻيٽ ۾ آيا ۽ تبليغ شروع ڪيائون، جنهن سان اڳ ۾ آيل عرب، ڪجهه اصلوڪا رهاڪو ۽ پوءِ راجا به اسلام قبول ڪري ورتو. بهرحال اها ڳالهه تحقيق طلب آهي ته سرانديب جو راجا خلافت راشده جي زماني ۾ مسلمان ٿي چڪو هو يا خلافت بنو اميه جي ابتدائي زماني ۾ گهڻو ڪري ته بنو اميه جي زماني ۾ مسلمان هو. تاريخ فرشته ۾ آهي.

”بر آئينہ حاکم سرانديپ پيشتر از رايان ديگر مواضع  هندوستان برحقيقت اسلام مطلع شده _ در عهد صحابہ کرام مقلد قلائد شريعت مصطفوي کرديده بود_“

ابن بطوطا جڏهن سرانديپ آيو ته شيخ عبدالله بن حنيف، شيخ عثمان ۽ بابا طاهر جا مقبرا ڏٺائين. راجا جا اسلامي خلافت سان واسطا هئا، جنهن ڪري اڳتي هلي لگاديپ ۽ مالديپ جا ماڻهو به مسلمان ٿيندا رهيا. ان جو مطلب آهي ته محمد بن قاسم کان اڳ ۾ ئي اسلام تبليغ ذريعي سنڌ ۾ اچي چڪو هو ۽ تاجرن، درويشن ۽ صوفين جي اچڻ جو سلسلو مسلسل جاري رهيو. حالتون ڪجهه اهڙيون ٿيون جو عربن کي سنڌ تي حملو ڪرڻو پيو.

سنڌ تي مسلمانن جي حملي جا ڪارڻ:

سنڌ جي ڀرسان ايراني حڪومت قائم هئي ۽ ان جو ايران سان ڪڏهن ٺاهه ته ڪڏهن جهيڙو رهندو هو. هڪ ڀيري ايرانين ٻيڙيءَ ذريعي سنڌ جي ٻيٽ تي ڪاهه ڪري جاٽ قوم کي قيد ڪري ورتو. جڏهن ايرانين ۽ مسلمانن جون جنگيون شروع ٿيون ته ايراني بادشاهه هرمز انهن جاٽن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏئي پنهنجي فوج ۾ ڀرتي ڪري مسلمانن سان وڙهڻ لاءِ راضي ڪري ورتو.

هرمز وڏو بهادر ۽ جنگجو سردار هيو. سندس دليري جو ڌاڪو، عراق، عرب ۽ هندستان تي ڄميل هو. کيس ڪيترين ئي بري ۽ بحري جنگين جو تجربو هو. 12 هه ۾ هرمز انهن سنڌي جاٽن کي جنگ ذات السلاسل ۾ حضرت خالد بن وليد جي مقابلي ۾ استعمال ڪيو. جاٽ پاڻ کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيندا هئا، ان ڪري جنگ جو نالو به زنجيرن واري جنگ پئجي ويو. ان جنگ ۾ هرمز ماريو ويو ۽ جاٽ زنجير ٽوڙائي ڀڄڻ لڳا ته مسلمانن کين گرفتار ڪري ورتو. پوءِ مسلمانن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيائون ۽ آزادي سان زندگي گذارڻ لڳا.

جنگ قادسيه:

جنگ ذات السلاسل کان ٻه سال پوءِ 14 هه (635ع) ۾ ايراني بادشاهه يزدجرد سنڌ جي راجا کان هاٿي وٺي پوري طاقت سان مسلمانن سان جنگ قادسيه ۾ وڙهڻ آيو پر کيس ناڪامي نصيب ٿي. سنڌ جي هاٿين مسلمانن کي وڏو نقصان پهچايو، پر ايراني سپهه سالار رستم جي مرڻ کان پوءِ مسلمانن کي سوڀ نصيب ٿي.

ان کانسواءِ مسلمانن جو سنڌ تي حملي ڪرڻ جو سبب اهو به هو ته حضرت عمر رضه جي دؤر ۾ مسلمانن  جو مڪران تائين قبضو ٿي چڪو هو ۽ سنڌي ايرانين سان گڏجي وڙهڻ آيا. ان کان علاوه جنگ ذات السلاسل ۽ قادسيه ۾ به سنڌين ايرانين جو مسلمانن خلاف ساٿ ڏنو، جنهن جي ڪري انهن سان وڙهڻ واجب  ٿي چڪو هو.

پهريون بحري حملو:

13 هه (35 _ 634ع) حضرت عمر رضه خليفو ٿيو. 15هه (636ع) تي عثمان بن ابي عاص ثقفي کي بحرين ۽ عمان جو گورنر مقرر ڪيائون. مسلمان جيئن ته تجارت لاءِ هندستان ايندا هئا ۽ بحري حملن کان هميشه خوفزده رهندا هئا، ان ڪري بندرگاهن تي قبضي جي ضرورت پئي. عثمان بن ابي عاص هڪ بحري ٻيڙو تيار ڪري 636ع ۾ بمبئي ويجهو تانه (ٿاني) بندرگاهه تي حملو ڪري ڪاميابي ماڻي. جڏهن حضرت عمر رضه کي اها خوشخبري ٻڌايائين ته هو ڪاوڙجي پيا ۽ لکي موڪليائون ”برادر ثقفي اهو ڏاڍو خطرناڪ قدم آهي، جيئن هڪ ماڪوڙي کي ڪاٺي تي ويهاري سمنڊ ۾ ڇڏي  ڏنئي. خدا جو قسم جيڪڏهن انهن ماڻهن کي ڪجهه ٿئي ها ته پوءِ تنهنجي قوم مان ايترائي ماڻهو عيوضو ڀرايان ها.“

سنڌ تي پهريون بحري حملو:

ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ سنڌ ۾ راجا چچ جي حڪومت جي ڏينهن ۾ حضرت عثمان ابن ابي عاص پنهنجي ڀاءُ مغيره جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ بحري ٻيڙو ديبل جي بندرگاهه ڏانهن اماڻيو. چچ نامي ۾ ان جو احوال هن طرح آهي.

”مغيره جڏهن ديبل تي حملو ڪيو ان وقت ديبل تي چچ طرفان ساميو بن ڏيوائچ والي هو. ساميو لشڪر سان گڏ قلعي کان نڪري مغيره سان مقابلو ڪيو. مغيره تلوار ڪڍي الله اڪبر چئي لشڪر ۾ گهڙي پيو ۽ شهيد ٿي ويو.“

سنڌ تي اهو مسلمانن جو پهريون باقاعده حملو هو.

 

مڪران تي حملو:

حضرت عمر رضه جي خلافت جي زماني ۾ جڏهن عراق جو گورنر حضرت ابو موسيٰ اشعري رحه ٿيو ته پاڻ ربيع بن زياد حارثي کي مڪران ڏانهن موڪليائون. مسلمانن سوڀ ته ماڻي پر پورو قبضو ٿيڻ کان  اڳ  ئي واپس موٽي آيا.

22 هه (43_ 642ع) ۾ جڏهن مسلمان ايران فتح ڪيو ان وقت عبدالله بن عامر ڪرمان تي قبضو ڪري سيستان طرف وڌيو ته اتان جي والي مرزبان اطاعت قبول ڪئي. سيستان کان پوءِ مسلمان راجا راسل جي پرڳڻي مڪران تي ڪاهه ڪئي، راسل سنڌ جي راجا کان مدد وٺي هلمذ درياءَ جي ڪپ تي مسلمانن سان وڙهيو پر کيس شڪست آئي. ان ويڙهه ۾ مسلمانن جو سپهه سالار حڪم تغلبي هو. سنڌين مسلمانن جي دشمنن جي مدد ڪري وڏو ڪسو ڪم ڪيو.

حڪم مڪران جي خوشخبري ۽ غنيمت جومال صحار عبدي ذريعي حضرت عمر رضه جي خدمت ۾ موڪليو ته حضرت عمر رضه صحار کان مڪران جو حال پڇيو؟ عرض ڪيائين ”اتي پاڻي ڪونهي ميوو بيڪار (1) آهي، ماڻهو ڦورو آهن. ٿوري فوج کي لٽي وٺندا ۽ گهڻي فوج بک مري ويندي“ حضرت عمر رضه اهو ٻڌي مسڪرائڻ لڳا ۽ چيائون ”تون مڪران جو حال ٿو ٻڌائين يا شاعري ٿو ڪرين“ صحار چيو حضور اهو سؤ فيصد سچ آهي. ان کان پوءِ حضرت عمر رضه مسلمان فوجن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو.

حضرت عمر رضه کان پوءِ حضرت عثمان رضه 45_644ع ۾ خلافت جي مسند تي ويٺا ته سنڌ جو راجا چچ مڪران جي سرحد تي فوج گڏ ڪري مسلمانن کي تنگ ڪرڻ لڳو. حضرت عثمان رضه جي حڪم تي مڪران جي والي عبدالرحمان بن  سمره مڪران جي سرحد وٽان سنڌي فوج کي تڙي ڪڍيو ۽ ڪيڪانان تائين قبضو ڪري ورتو، جنهن تي چچ ڪجهه سال اڳ ئي قبضو ڪيو هو. ايراني حملو ڪري هميشه چچ وٽ ڀڄي ايندا هئا، تنهن ڪري به ان علائقي تي قبضي جي ضرورت هئي.

حضرت عثمان رضه جي ئي دؤر ۾ عبيدالله بن معمر مڪران جو حاڪم مقرر ٿيو ۽ فتحون ڪندو وڃي هندستان تائين پهتو.

حضرت عثمان رضه جي دؤر ۾ ابو موسيٰ اشعري سڀني اڀرندي ملڪن جو گورنر جنرل مقرر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ بصري جي والي ابن عامر سيستان ربيع بن زياد حارثي جي حوالي ڪيو، جنهن اتي پهچي وڌيڪ  علائقا جنهن ۾ زالق، ڪرڪويا، راشت، ناشروذ ۽ شرواز فتح ڪيا. زرنج جو راجا وڙهڻ آيو پر جلد ئي آڻ مڃي اطاعت قبول ڪيائين.

هڪ سال کان پوءِ ربيع، ابن عامر سان ملڻ ويو ته پويان سندس نائب سان باغي جنگ جوٽڻ لڳا. ابن عامر صحابي حضرت سمره بن حبيب کي موڪليو، جنهن زرنج ۽ ڪيچ جي وچ وارن علائقن تي قبضو ڪيو، جيڪي ان وقت هندستان ۾ شامل هئا ۽ هاڻي بلوچستان ۾ آهن، هندستان تي خشڪي رستي اهو پهريون حملو هو.

حضرت علي رضه جي خلافت:

حضرت عثمان رضه جي شهادت کان پوءِ حضرت علي رضه خلافت جي مسند تي ويهندي ئي 38 هه (59_658ع) ۾ ثاغر بن دعورا کي سپهه سالار ڪري هندستان موڪليو، ساڻ حارث بن مره جهڙو تجربيڪار شخص ڏنو. مختلف علائقا زير ڪندو اچي ڪيڪان (موجوده قلات) پهتو، سخت ويڙهه کان پوءِ مسلمانن انت  ميدان ماري ورتو ۽ ڪيترائي قيقاني گرفتار ڪري ورتا. هو اڃا قيقان ۾ ئي هو ته حضرت علي رضه جي شهادت جي خبر ٻڌائين ۽ مڪران ۾ موٽي آيو. اتي پهتو ته حضرت امير معاويه خليفا بڻجي چُڪا هئا.


(1)  عبدالحليم شرر ۽ ٻين مؤرخن ان جملي کي هن طرح ڄاڻايو آهي ته ”پاڻي خراب آهي باقي وڻ ميون سان ڀريل آهن. (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org