سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :33

 

نادر شاهه جي وفات:

16 رجب 1153هه (1740ع) تي نادر شاهه لزگي قبيلن کان پنهنجي ڀاءُ ابراهيم شاهه جو بدلو وٺن لاءِ خوار  زخم ۽ پوءِ مشهد پهتو، ان مهم لاءِ احمد شاهه ابدالي جي چونڊ ڪيائين ۽ پاڻ 28 صفر 1154هه (1742ع) تي جڏهن اولاد قلعي ڀرسان هو ته ڪنهن شخص اوچتو جهنگ مان نڪري نادر شاهه مٿان فائر ڪيو ۽ کيس سخت زخمي ڪري وڌو.

مهدي خان جي مطابق اهو دلاور خان تيمني جي پٽن جي غلامن مان هو.

مهر صاحب جي تاريخ سنڌ مطابق نادر شاهه تي فائر ڪرڻ وارو پڪڙيو ويو ۽ چيائين ته مون کي سندس پٽ رضا قلي بڇ ڏني هئي.

قصو ائين آهي ته جون 1741ع ۾ نادر شاهه داغستان پهتو ته پٽ رضا قلي کان ڏاڍو بدگمان ٿيو ۽ ان جون اکيون ڪڍرائي ڇڏيائين، رضا قلي درٻار ۾ سڀني سامهون  چيس ته توهان منهنجون اکيون ناهن ڪڍيون پر ايراني سلطنت کي انڌو ڪيو آهي.

نادر شاهه جو آخري وقت ۾ دماغ درست نه رهيو ۽ هر ڪنهن کي ايذائڻ ۽ تڪليفون رسائڻ لڳو، پنهنجا ۽ پراوا سندس ظلم کان تنگ ٿي چُڪا هئا. سيستان وارا به بغاوت ڪرڻ لڳا ۽ انهن جو اڳواڻ وري سندس ڀائٽيو علي قلي خان ٿي بيٺو، نادر شاهه جو سڄڻ طهماسپ خان جلائر به ان جي خلاف ٿي  بيٺو، خراسان ۾ به بغاوت جو لڙ ٿيڻ لڳو، رادڪان ۾ خبوش قبيلي جي ڪردن شاهي گهوڙا کسي ورتا.

نادر شاهه انهن کي ڪچلڻ لاءِ 11 جمادي الاول 1160هه (20  جون 1747ع) تي فتح باغ ۾ پهتو ته محمد خان قجر، موسيٰ خان افشار، خواجا بيگ افشار ۽ صالح قرتلوي ملي ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، پوءِ سڄي ملڪ ۾ ٻائيتال مچي ويو ۽ سمورو خزانو برباد ٿي ويو. خراسان جي ڪن سردارن 5 جولاءِ 1747ع تي نادر شاهه جي ڀائٽيي علي  قلي مرزا کي هرات مان گهرائي تخت تي ويهاريو ۽ ٻين سڀني نادري شهزادن کي تلوار سان ڪهي ڇڏيو.

سنڌ ۾ نادر شاهه جي مرڻ جون تاريخون:

سنڌ ۾ به نادر شاهه جي قتل جون تاريخون ڪڍيون ويون. مقالات الشعراءِ ۾ آهي ته جڏهن نادر  تخت تي ويٺو ته مخدوم روح الله ان جي تاريخ ”الخير في ماوقع“ (1148هه) مان ڪڍي هئي، مقالات الشعرا جي مؤلف مير علي شير قانع ٺٽوي جڏهن اها تاريخ ٻڌي ته نادر شاهه جي وفات جي تاريخ ”لا خبر في ما وقع“ مان ڪڍي.

قاضي عبدالقادر ٺٽوي نادر شاهه جي وفات تي هيٺيون قطعو لکي تاريخ ڪڍي.

فتنہ نادر چو برون شد زميان،

راحت آمد بهمہ عالميان،

خوش خبر هاتف فرمود ز غيب،

”محو شد آفت نادر ز جهان.“

احمد شاهه ابدالي:

نادر شاهه جي سپهه سالارن مان احمد خان بن زمان خان به هڪ هو، جيڪو نادر کانپوءِ ان جي اڀرندي ميراث جو وارث بڻيو. هو سڙبن قبيلي سدوزائي ابدالي يا دراني مان هو، جيڪو 1135هه ۾ زرعونه قوم الڪوزائي افغان جي جهولي ۾ ملتان ۾ ڄائو، سندس پيءُ ۽ ٻيا مائٽ افغانن طرفان هرات قنڌار ۽ ملتان جا حاڪم هئا، تنهن ڪري انهن ئي شهرن ۾ احمد خان جو ننڍپڻ گذريو ۽ تعليم پرايائين. 1150هه ۾ احمد خان پنهنجي ڀاءُ ذوالفقار خان سان گڏ قنڌار جي بادشاهه حسين هوتڪ جي حڪم سان قيد هو. 1151هه ۾ نادر شاهه قنڌار تي قبضو ڪيو ته احمد خان کي آزاد ڪري اتر ايران مازندران شهر ۾ جاگير ڏني. 1154هه ۾ اتان پنهنجي درٻار ۾ گهرائي مختلف مهمن ۾ کيس ساڻ کنيو ۽ داغستان ۽ ايران ۾ هن اهڙا ڪارناما ڏيکاريا جو بادشاهه کيس خوشخبري ٻڌائي ته مون کان پوءِ تون ئي تخت تي ويهندين.

جڏهن نادر شاهه کي فتح آباد ۾ ماريو ويو ته احمد خان سندس گهر ڀاتين کي بچائي ورتو. انهيءَ قرباني تي انهن مشهور ”ڪوه نور“ هيرو احمد شاهه ابدالي کي انعام ۾ ڏنو. اتان احمد شاهه قنڌار آيو ۽ قنڌار جي مختلف قبيلن جي سردارن نور محمد خان خلجي، محبت خان پوپلزئي، موسيٰ سهاڪزئي، نصرالله خان نورزئي ۽ حاجي جمال بارڪزئي گڏجي ڪري 1160هه (1747ع) تي پنجويهه سالن جي بهادر ڳڀرو جوان احمد شاهه ابدالي کي افغانين جو بادشاهه بڻايو.

بادشاهه ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي دراني سڏرائڻ لڳو ۽ پنهنجي سڪي تي هڪ پاسي کان الحکم الله يا فتاح، احمد  شاهه دراني ”لکرايائين ۽ ٻئي پاسي کان.

حکم شد از قادر بيچون بہ احمد پاد شاه،

سکہ زن بر سيم و زر ازپشت ماهي تابماه.

احمد شاهه بادشهه بڻجڻ کانپوءِ شاهه ولي خان کي پنهنجو وزير اعظم ڪيائين ۽ 1760ع تي ڪنوني، قنڌار شهر جو ”احمد شاهي“ جي نالي سان بنياد رکيائين ۽ ملڪ جنهن کي افغانستان يا خراسان چيو ويو، لاءِ هڪ لک فوج تيار ڪيائين.1160هه (1747ع) ۾ احمد شاهه ڪابل ۽ پشاور کي فتح ڪيو، 1749ع ۾ ٽيهه هزار سپاهين سان گڏ اٽڪ ۽ جهلم اچي پهتو. لاهور جي حاڪم شاهنواز، احمد شاهه سان مهاڏو اٽڪايو پر هار کاڌائين ۽ احمد شاهه لاهور کي زير ڪندو محمد شاهي لشڪر کي 1161هه ۾ ڏينهن جا تارا ڏيکاريندو سرهند ۾ گهڙيو ۽ پوءِ دهلي سلطنت سان صلح ڪري سنڌو درياءَ کي ٻنهي حڪومت جو دنگ رکيو.

احمد شاهه جي هندستان مان موٽڻ کان پوءِ پنجاب ۾ نوان فتنا اڀريا، پنجاب ۾ سکن ۽ مرهٽن هر هنڌ باهه ٻاري ڏني پر ان باهه کي شهزادو تيمور ۽ جهان خان سپهه سالار به نه وسائي سگهيا، جنهن جي ڪري هندستان جي سڀني عالمن ۽ بزرگن احمد شاهه ابدالي کي هندستان اچڻ جي ڪوٺ ڏني. انهيءَ ڪوٺ تي 1172هه ۾ احمد شاهه پشاور ۽ پوءِ لاهور کان ٿيندو سهارنپور پهتو. سردار نجيب الدوله، سعدالله روهيلو، حافظ الملڪ رحمت خان ۽ سندس پٽ عنايت خان، دوندي خان ۽ قطب خان ڏهه هزار لشڪر وٺي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ انهيءَ سٺ هزار جي لشڪر احمد شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ هندن ۽ سکن سان ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون، آخر فيصلائتي جنگ پاني پت جي ميدان ۾ ٿي جتي ڏهه لک هندو ۽ سک مقابلي لاءِ آيا پر احمد شاهه جهڙي بهادر جنرل اڳيان بيهڻ انهن جي وس جي ڳالهه نه هئي، نيٺ دشمن پنهنجا ٻه لک سپاهي ضايع ڪرايا. 6 جمادي الثاني 1174هه (1760ع) تي مسلمانن کي سوڀ نصيب ٿي.

احمد شاهه ان فتح کان پوءِ شاهه عالم بن عالمگير ثاني کي دهلي ۾ بادشاهت جي ڪرسي تي ۽ سندس پٽ مرزا جوان بخت کي نائب جڏهن ته نواب شجاع الدوله کي فرزند خان ۽ رستم هند جي خطاب سان نوازي وزيراعظم ۽ نواب نجيب الدوله کي نائب وزيراعظم، زين خان مهمند کي وري پنجاب جي حڪومت ڏئي قنڌار موٽي آيو.

پنجاب ۾ سکن جيسا سنگهه جي اڳواڻيءَ ۾ وري بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو، جنهن ۾ رنجيت سنگهه جو ڏاڏو چهرت سنگهه به شامل هو ۽ پنجاب جي نائب حڪومت زين خان جو وڃي گهيرو ڪيائون، احمد شاهه کين ڪچلڻ لاءِ 1763ع ۾ وري لاهور پهتو ۽ روهي وٽ 11 رجب 1175هه تي ويهه هزار سکن کي ماري مات ڏنائين، پوءِ پٽيالا ۽ سرهند جي حڪومت، امير سنگهه جي حوالي ڪري 7 شعبان 1175هه تي لاهور موٽي آيو.

احمد شاهه ابدالي ۽ سنڌ:

سنڌ نادر شاهه مان جان ڇڏائي ته احمد شاهه جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پيس. 1161هه (1748ع) ۾ احمد شاهه هندستان اچڻ وقت ميان نور محمد کي شاهنواز خان خطاب ڏئي واعدو ورتائين ته نادر شاهه جي وقت ۾ جيترو خراج هر سال قنڌار جي درٻار موڪليو ويندو هو هاڻي به اوترو ئي موڪليو وڃي. ميان نور محمد کان خراج موڪلڻ ۾ دير ٿي ته احمد شاهه فرمان موڪلي ياد ڏياريس، جنهن کي باغ علي نغز نامي ۾ هن طرح بيان ڪري ٿو.

رسانيدي توگر گنج در باج ما،

شدي ايمن از تاب تاراج ما.

احمد شاهه جي فرمان ملڻ شرط ميان نور محمد ڀائي خان هٿ هڪ خط سان گڏ قيمتي سوکڙيون پاکڙيون موڪليون، انهيءَ خط جو مواد باغ علي خائف هن طرح ٻڌائي ٿو.

سلامي رسانس بعجز و نياز،

کہ اي شاه افغان گردون فراز،

منم بنده تاجدار تو ام،

بہ فرمانبري نامدار تو ام،

من از لطف تو چشم دارم بهي،

بر شاهه من ميکنم آگهي.

انهيءَ خط پهچڻ کان پوءِ احمد شاهه ڏاڍو خوش ٿيو.

قنڌار جي درٻار ۾ سنڌ جو وڪيل:

ميان نور محمد شيخ محمد محفوظ سرخوش کي قنڌار ۽ ڪابل ۾ پنهنجو وڪيل ڪري رکيو ۽ هو 1168هه تائين اتي رهيو.

واعدي مطابق ميان نور محمد خراج قنڌار نه موڪلي سگهيو ۽ احمد شاهه  سردار جهان کي لشڪر سان گڏ هندستان وڃڻ لاءِ تيار ڪيو. 1166هه ۾ ان جي اچڻ جو چرچو  سنڌ ۾ زور سان ٿيڻ لڳو پر انهيءَ سال جي آخر ۾ خبر پئي ته بادشاهه پاڻ سنڌ اچي پيو.

گدو مل جي سفارت:

4 محرم 1167هه (1753ع) تي احمد شاهه ابدالي جڏهن محمد آباد جي ريگستان پهتو ته ميان نور محمد پنهنجي فرمانبرداريءَ جو بادشاهه کي يقين ڏيارڻ لاءِ ديوان گدومل کي موڪليو. ديوان گدومل وڏو سياڻو ۽ عقلمند انسان هو، بادشاهه جي وڏڙن جي تاريخ کان به چڱي طرح واقف هو ان ڪري پاڻ سان گڏ  ٻه ٽي مٽيءَ جون ڳوڻيون کڻي نوشهري ۾ اچي بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ٿيو ۽ ميان نور محمد جي فرمانبرداريءَ جو ڏاڍن لطيف لفظن ۾ ذڪر ڪري سوکڙين سان گڏ اهي مٽيءَ جون ڳوڻيون به پيش ڪيائين. احمد شاهه پڇيو ته هي ڇاهي؟ ديوان جواب ڏنو ته سائين! هي سنڌ جي سڀ کان قيمتي سوکڙي يعني هتان جي بزرگن جي مزارن جي مٽي آهي. انهيءَ تحفي تي احمد شاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سنڌ جي ماڻهن سان سٺو ورتاءُ ڪيائين.

ميان نور محمد جي پٽن جي واپسي:

گذريل ورقن ۾ اسان لکي آيا آهيون ته نادر شاهه ضامن طور ميان  صاحب جا  ٻه پٽ پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو ۽ هڪڙو پٽ وري طهماسپ جلائر جڏهن دائود پوٽن کي سيکت ڏيڻ آيو وٺي ويو.

نادر شاهه کان پوءِ ايران ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي هئي، جنهن ۾ سندس پٽ ۽ پوٽا مارجي ويا هئا ۽ صرف هڪ  پوٽو شاهه رخ، مشهد ۾ تخت تي ويٺو پر پوءِ اهو به انڌو ڪري تخت تان لاٿو ويو.

نادر شاهه جو هڪ ڀائٽيو ابراهيم، طهران ۾ حڪومت جو وارث بڻيو ۽ ميان صاحب جا پٽ به انهيءَ وٽ هئا. انهيءَ هلچل واري دؤر ۾ ميان صاحب جي پٽن صلاح ڪري پنهنجي ڀاءُ محمد مراد کي هڪ هزار سنڌي سپاهين سان گڏ سنڌ روانو ڪيو جيئن ٻڍڙائپ ۾ والد صاحب جو سهارو ٿي سگهي. محمد مراد سان گڏ هڪ امير شيخ غلام محمد به هو جيڪو هتان گڏ ويو هو.

غلام شاهه ۽ عطر خان جو موٽڻ:

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ابراهيم به شڪست کاڌي ته افرا تفريح اڃا وڌي وئي ۽ ميان صاحب جا ٻه پٽ غلام شاهه ۽ عطر خان خزاني مان ڪجهه پيسا کڻي سنڌ لاءِ نڪتا. ڪاشان، ڪرمان کان ٿيندا قرة داغ پهتا ته ڪي جوڌا جنگ لاءِ آيا جن کي وڏي بهادريءَ سان وڙهي مات ڏنائون، اتان مڪران جي مشهور شهر ڪيچ پهچي والد صاحب ڏانهن اچڻ جو اطلاع موڪليائون ۽ نيٺ چئن سالن جي وڇوڙي کان پوءِ 1162هه تي هي ٻئي پٽ پنهنجي پيءُ سان اچي مليا، جڏهن ته محمد مراد اڃا سنڌ نه پهچي سگهيو هو ۽ نه ڪائي ان جي باري ۾ خبر پئجي سگهي هئي. ان جي ڏک ۽ رنج جو ميان صاحب پنهنجي وصيت نامي ۾ هن طرح اظهار ڪيو آهي: هي گنهگار پنهنجي پٽ جي وڇوڙي ۾  حضرت يعقوب وانگر روئندو رڙندو رهي ٿو، خدا، رسول الله جي صدقي ان ڀٽڪندڙ کي خيريت سان گهر پهچائي.

تحفة الڪرام ۾ آهي ته: 1163هه ۾ گل محمد ٺٽي جو  ناظم ٿيو ته انهيءَ سال مراد ياب خان جي مسقطه پهچڻ ۽ شيخ غلام محمد جي وفات جي خبر آئي، جنهن تي ميان صاحب شيخ شڪر الله کي پٽ کي آڻن لاءِ 1164هه جهاز تي موڪليو پر هو سفر ۾ ئي گذاري ويو ۽ ميان محمد مراد خيريت سان اچي پنهنجي پيءُ سان مليو.

محمد مراد ياب جو گادي تي ويهڻ:

ميان نور محمد پٽ جي پهچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو، دفتر ۽ وزارت ان جي حوالي ڪري پاڻ نئين اڏايل شهر محمد آباد ۾ وڃي رهيو.

خدا داد خان جو ڪاوڙجڻ:

خدا داد خان کي وليعهدي کسجڻ تي ڏاڍو صدمو رسيو، ڪاوڙجي هندستان هليو ويو ۽ وري واپس نه آيو.

محمد مرادياب جو لهڻ:

محمد مرادياب کي ميان صاحب جنهن اميد ۽ اتساهه سان وليعهدي ڏني هئي پر هو انهيءَ تي پورو نه لهي سگهيو ۽ کانئس عهدو واپس ورتو ويو.

ميان نور محمد جو وڇوڙو:

1166هه تي جڏهن احمد شاهه ابدالي جي سنڌ کان لنگهي هندستان وڃڻ جي خبر ڦهلي ته 4 محرم 1167هه تي ميان نور محمد، محمد آباد کان تلهار پهتو ۽ اتان ديوان گدومل کي احمد شاهه جي خدمت ۾ موڪلي پاڻ جيسلمير ڏانهن وڌيو ته رستي ۾ ڪورهره جي گهٽ ڀرسان ڳلي جي بيماريءَ ۾ وٺجي 12 صفر 1167هه (9 ڊسمبر 1753ع) ۾ گذاري ويو ۽ سندس لاش کي محمد آباد ۾ آڻي دفن ڪيو ويو.

ميان نور محمد جي اولاد:

ميان نور محمد کي ست پٽ هئا.

ميان محمد مراد ياب خان (سر بلند خان) جيڪو ٽن سالن جي حڪومت کان پوءِ لاٿو ويو.

ميان عطر خان: ٿورا ڏينهن سنڌ جي هڪ حصي تي حڪومت ڪيائين.

ميان خدا داد خان: محمد مراد ياب جي غير موجودگيءَ ۾ ولي عهد رهيو.

ميان احمد يار خان:

ميان غلام شاهه: سترهن سال سنڌ جو حڪمران رهيو.

ميان غلام نبي: هڪ سال جي حڪومت کان پوءِ شهيد ڪيو ويو.

ميان عبدالنبي: ان جي ڏينهن ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي.

ميان نور محمد جي حڪومت ڪيئن رهي:

ميان نور محمد جو سنڌ  ۾ دؤر سنهري لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ تاريخ ۾ سندس شخصيت اهم جڳهه والاري ٿي. ميان نور محمد سنڌ لاءِ جيڪي ڪم ڪيا انهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ميان نور محمد سنڌ جي داخلي  سازشن ۽ شورشن کي ختم ڪري امن بحال ڪيو.

نادر شاهه ۽  احمد شاهه ابدالي جي آفتن جو مڙسي سان مقابلو ڪيائين ۽ ڳري ڏن باوجود به سنڌ کي زراعت ذريعي سکيو ستابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. هر اعتبار سان هو سنڌ جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.

علم ۽ ادب جي اهميت کي به چڱي طرح ڄاڻيندو هو، ان ڪري سندس دؤر ۾ عالم ۽ اديب خوشحال زندگي گذاريندا هئا. سندس دؤر ۾ هيٺين عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي ڄاڻ ملي ٿي.

سليمان بيگ اسلم ايراني، ابوالحسن ايراني، ابو تراب منعم، تراب ابن ابو احمد، جعفر شيرازي (جنهن ميان نور محمد جي چوڻ تي ”جفر“ جامع، ڪتاب لکيو) دائود خان، زڪي ڪرماني، محمد زمان، محمد محفوظ سرخوش، مير عبدالجليل بلگرامي، مير محمد بلگرامي، مير غلام علي آزاد، عاشق اصفهاني، منشي عبدالرؤف بکري (”نورس بهار“ جو ليکڪ) شيوڪ رام عطارد (منشات عطارو) مير قمرالدين عطارد لاهوري، مرزا علي مدد ايراني، علي گازروني، اسدالله غالب، فنا جالندهري، مير علي شير قانع ٺٽوي، قانع سيوستاني، قوي فاروقي، محسن ٺٽوي، شيخ مزمل، مستمند ڪاشاني، حڪيم عبدالرزاق اصفهاني مشرب، نجم الدين، مير نسيم امروهوي، محمد وفا سيوستاني جامع (نورس بهار) مخدوم معين بيراگي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شاهه عبداللطيف).

ايترن وڏن نالن کڻڻ کان پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هو علم ۽ ادب جو وڏو پارکو هو جنهن جي ڪري ايترا سارا عالم ۽ شاعر سندس دؤر ۾ پيدا ٿيا.

ميان نور محمد جو وصيت نامو (منشور الوصيت):

ميان نور محمد جو اهو وصيت نامو جيڪو پنهنجي پٽن لاءِ منشور الوصيت جي نالي سان لکيائين، سندس اعليٰ آدرشن، اسلامي ۽ سياسي سوچ، شخصيت جي بلندي ۽ ڪردار جي پاڪ ۽ صاف هجڻ جو اهڃاڻ آهي. اهو وصيت نامو سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي چڪو آهي، جنهن مان ڪجهه ٽڪرا هتي پيش ڪيون ٿا. سڀ کان پهريان ان جي لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي ميان صاحب لکي ٿو ته:

وصيت نامو لکڻ جو سبب:

هن گنهگار ۽ ڏوهدار انسان جي دل ۾ پيءُ پٽ جي محبت ۽ زماني جي گردش ڪري ڪجهه خيال اندر ۾ اٿيا جن کي موت اچڻ کان اڳ پنهنجي پيارن کي ٻڌائي ڇڏيان، زماني جا  لاها چاڙها سمجهائي ڇڏيان جيئن هن ذليل دنيا سان دل نه لڳائن ۽ پنهنجي رب سان پريت رکن.

عبادت لاءِ تنبيهه:

منهنجا ڀاڳڀريئو! هر وقت ۽ هر حال ۾ پنهجي رب جي اڳيان جهڪڻ گهرجي، اڌ رات جو اٿڻ جي عادت وجهو ۽ ڪا گهڙي پنهنجي پالڻهار کي نه وساريو.

قرآن پاڪ جي تلاوت جي باري ۾:

قرآن پاڪ جي تلاوت جيتري ٿي سگهي ڪيو ان کان وڌيڪ ٻي ڪا شيءِ ناهي. نه ته هڪڙو ختم ته توهان مان هر  ڪنهن کي مهيني ۾ ضرور ڪڍڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سڀني ذڪرن مان افصل ۽ اعليٰ الله جو ذڪر (قرآن پڙهڻ) ۽ انجي رسول کي ياد ڪرڻ (درود پڙهڻ) آهي، جيڪو توهان کي پابندي سان ڪرڻ گهرجي.

اهل بيت جي باري ۾:

اهل بيت جي محبت هر وقت ۽ هڪ جهڙي هجڻ گهرجي ۽ ذوالقربى جي محبت فرض عين ۽ عين فرض آهي.

مقدمن جي باري ۾:

جيڪڏهن مقدمو مسلمانن جو هجي ته عالمن ڏانهن واجهايو ۽ جيڪا شريعت مطابق فتويٰ ڏين ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي، پر جيڪڏهن مسلمانن کانسواءِ ٻين جو معاملو اچي ۽ ان جي سزا طور هٿ ۽ ڪن ڪٽڻ ۾ جلدي نه ڪرڻ گهرجي، متان سچائي ظاهر ٿيڻ ۾ ٿوري دير ٿئي.

عالمن ۽ صالحن جي صحبت جي باري ۾:

جڏهن دنيا جي ڪمن کان فرصت ملي ته عالمن ۽ صالحن جي صحبت کي معمول بڻايو ۽ هر وقت عوام سان ويهڻ جي عادت پاڻ ۾ نه وجهو. ۽ نه ئي اڪيلائي سان عشق رکو، ڇاڪاڻ ته نه هر وقت جي ڳالهه ٻولهه سٺي آهي ۽ نه ئي هر وقت جي خاموشي. هر وقت عوام سان ويهڻ بازارين جو طريقو آهي ۽ هر وقت خلوت ۾ گذارڻ درويشن جي صفت آهي.

نيڪ ۽ شريفن جي رضامندي جي باري ۾:

نيڪ ۽ شريف انسانن جي راضپي کي پاڻ لاءِ ضروري بڻايو.

پاڻ کي گهٽ سمجهڻ جي باري ۾:

الله جي سموري مخلوق کي بهتر ڄاڻو ۽ پاڻ کي مٽيءَ کان به ڪمتر، جڏهن ڪنهن کان تڪليف پهچي ته ثابت قدمي سان رهو.

حقن جي باري ۾:

سڀ کان پهريون بادشاهه جي ڪنڌ تي غريبن، مسڪينن ۽ مظلومن جو حق هوندو آهي ۽ ڏينهن رات ان کي ملڪ جي حفاظت ۽ دوست، دشمن جو فڪر هوندو آهي.

موت جي ياد جي باري ۾:

موت ۽ حساب ڪتاب واري ڏينهن کي وسارڻ نه گهرجي ۽ هميشه دل ۾ سانڍڻ گهرجي.

پنهنجي حالت جي باري ۾:

مون گنهگار جو اهو حال آهي ته خدا جو قسم جيڪڏهن ڪنهن حلال خور کي ڏسان ٿو ته پاڻ کان هزار درجا ان کي چڱو ڄاڻان ٿو، جو ان مون وانگر گناهه نه ڪيا هوندا.

عيش عشرت جي باري ۾:

عيش عشرت سان دل نه لڳايو، آرام انسان کي غافل ۽ عيش الله جي ياد کان پري ڪري ٿو. ملڪ جي ڀلائي ۽ ترقيءَ لاءِ سوچڻ هر ماڻهو تي فرض آهي.

نماز ۽ روزي جي باري ۾:

نماز، روزي ۽ زڪوات جي پابندي ڪريو. اهوئي فرق ته آهي مسلمانن ۽ ڪافرن جي وچ ۾.

چئن صفتن جي باري ۾:

چئني مذهبن (حنفي، شافعي، مالڪي، حنبلي) کي حق سمجهو. پر جيئن ته اسان جا بزرگ امام بو حنيفه جا پوئلڳ هئا، ان ڪري توهان به ساڳيو ئي مذهب رکو.

طريقت جي سلسلي جي باري ۾:

چوڏهن (تصوف) جي گهراڻن مان اسانجا بزرگ سهروردي سلسلي سان سلهاڙيل آهن. سيد ميران محمد جونپوري جيڪو اسان جو پير مرشد هو، پڻ انهيءَ سلسلي تي ڪاربند هو.

حڪومتي وهنوار جي باري ۾:

حڪومتي وهنوار ۽ نظام جي باري ۾ ميان صاحب پنهنجي پٽن کي هيٺيون وصيتون ڪيون.

وليعهدي:

منهنجي سڄڻن تي فرض آهي ته پنهنجي وڏڙن جي طريقي تي هلندي قانون موجب نور چشم محمد مراد جي سرداريءَ کي قبول  ڪن.

جيڪڏهن الله تعاليٰ هن گنهگار جي زندگيءَ ۾ ان کي آندو ته مان سڀني ڀائرن کي ويهاري جيڪو ڪجهه چوڻو هوندو چوندس ۽ جيڪڏهن منهنجي حياتي  کانپوءِ رب پاڪ محمد مراد کي آندو ته ان جي ڪنهن به حڪم کان منهن نه موڙيو وڃي.

سنڌ جي زميندارن جي باري ۾ وصيت:

جيڪي سنڌ جا زميندار آهن، سندن ملڪ کي الله پاڪ رسول الله صلي الله عليہ وَسَلَم جي صدقي اسان گنهگارن تي رحم فرمائي (ان جي حڪومت) اسان جي حوالي ڪئي آهي، انهن جا جيڪي فرض رکيا ويا آهن تن کي چڱي طرح نڀائن ۽ ڪن لاٽار نه ڪن، ڇاڪاڻ ته حقدارن ۽ مظلومن جي پٽ ضرور لڳندي آهي ۽ انهن جي دعا جلدي قبول ٿيندي آهي.

جاگير جي باري ۾:

محمد مرادياب جي وليعهدي سان گڏ ميان صاحب ٻين پٽن جي گذاري لاءِ به الڳ الڳ جاگيرون رکيون، جيئن بعد ۾ سندن وچ ۾ ڪا ويڙهاند نه ٿئي. تنهنڪري پنهنجي وصيت نامي ۾ لکيو ته: مونکي الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم ۽ نبي پاڪ جي وسيلي جيڪو زمين جو ٽڪرو عطا ڪيو آهي، ان کي توهان ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، جيئن هر ڪنهن کي پنهنجو حق ملي.

سيوستان سرڪار جو پرڳڻو لاکاوٽ ۽ روهڙي لڳ لدوگاگن نور چشم خداداد خان جي نالي ڪيان ٿو.

بکر سرڪار ۾ پرڳڻو گاگري ۽ الور نور نظر لخت جگر عطر خان کي عطا ڪيان ٿو.

نصرپور سرڪار جو ضلعو شهدادپور ۽ بکر سرڪار جو ماٿيلو پرڳڻو نور  نظر احمد يار خان کي ڏجي ٿو.

ذڪر ڪيل پرڳڻن کانسواءِ جيڪي هن گنهگار جي قبضي ۾ آهي، انهن جو مالڪ منهنجي زندگيءَ ۾ ۽ زندگيءَ کان پوءِ نور چشم محمد مراد هوندو.

ڪنڊيارو، راڻيپور ۽ باغبان پرڳڻي جو اڌ، جڏهن ته ڏهون حصو ڪاڇ، چوٿون  حصو فتح پور جو جيڪي منهنجي ڀاءُ مرحوم ۽ مغفور محمد خان وٽ هئا، فضل علي فرزند محمد خان کي ڏنا ويا.

عبدالنبي ۽ غلام نبي ننڍا آهن ۽ توهان جا ڀاءُ ۽ پٽن وانگر آهن، پرڳڻو جوڻيجو ۽ وچولو انهن ٻنهي کي سونپيان ٿو.

غلام شاهه کي مختلف پرڳڻن جا حصا ڏنا ويا.

جيڪو ماهوار ۽ فصل آهر توهان جي مائرن لاءِ مقرر آهي ان ۾ ڪائي گهٽتائي نه اچي.

جيڪي حصو مرحوم غلام حسين جي حياتيءَ ۾ سندس پٽن کي ڏنو ويندو هو، اهو ساڳي طرح ادا ڪيو وڃي.

هندو منشين جي باري ۾:

هندو منشي بلڪل نه رکو ڇاڪاڻ ته لکڻ وقت ڪن جاين تي آيتون ۽ حديثون اچن ٿيون، جنهن ۾ هو مسلمانن جيترو احتياط نه ڪري سگهندا، باقي ٻيو لکڻ پڙهڻ جو ڪم انهن کان وٺي سگهجي ٿو.

آخري تنبيهه:

ان وصيت نامي کي ميان نور محمد هيٺين تنبيهه سان ختم ڪيو آهي:

الله وارن سان ملڻ ۾ سستي ۽ غفلت نه ڪريو ڇو ته اها ملاقات سون جهڙي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org