سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :52

 

 

سنڌ جي انقلابي تحريڪ

ريشمي رومال تحريڪ

شيخ الهند مولانا محمود الحسن رحه پنهنجي دؤر جي وڏي علمي، عملي، تقويٰ ۽ تقدس واري شخصيت هئي. سياسي بصيرت ۾ سندن ڪوئي ثاني نه هو. بلقان ۽ طرابلس واري جنگ کان پوءِ مسلمانن جي مظلوميت تي هو رت جا ڳوڙها ڳاڙيندو هو ۽ ان حقيقت کان چڱي طرح واقف هو ته انگريزن جي غلامي جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهڻ کانسواءِ مسلمانن کي سڪون نٿو ملي سگهي.

مولانا محمود الحسن آزاديءَ جي انهيءَ فرض جي ادائگيءَ لاءِ دهلي پنهنجي شاگرد مولانا عبيدالله سنڌي وٽ نظارة المعارف القرآنيه ۾ پهتو ۽ چيائينس ته اسان جي تهذييب ۽ تمدن، مذهب ۽ ملت جو پاڙون فرنگي پوليون ڪري رهيا آهن ۽ تون شاخن کي پيو وڌائين! مولانا محمود الحسن مولانا عبيدالله سنڌي جي اندر ۾ انقلاب جي جذبي کي جاڳائي جهاد لاءِ تيار ڪيو.

ان تحريڪ جو بنيادي مقصد جهاد هو، تنهن ڪري مجاهدن لاءِ هٿيارن ۽ سامان جي ضرورت هئي.

تحريڪ جون شاخون:

ان تحريڪ جون پنج شاخون قائم ڪيون يون:

دين پور

امروٽ

ڪراچي جو کڏي وارو پاڙو

دهلي

چڪوال

تحريڪ جا مک اڳواڻ:

(1) حاجي ترنگ زئي (2) مولانا سيف الرحمان (3) مولانا محمد ميان (منصور انصاري) الڀٽوي (4) مولانا عزيز گل (5) مولانا احمد الله پاني پتي (6) مولانا ظهور احمد خان سهارنپوري (7) شيخ عبدالرحيم سنڌي (8)  مولانا غلام محمد دينپوري (9) مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي (10) مولانا محمد صادق ڪراچوي (11) مولانا فضل ربي (12) ڊاڪٽر انصاري مرحوم (13) مولانا عبدالرحيم راءِ پوري.

حر تحريڪ ۾ عموميت:

هي تحريڪ عموميت جي رنگ ۾ رنگيل هئي. شيخ الهند جي ڪرائي واري گهر ۾ جيڪو ڪوٺي جي نالي سان مشهور هو. تحريڪ جا ڪارڪن اچي مولانا سان ملندا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. تحريڪ جو مرڪز باغستان هو. دهلي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي نظارت المعارف اداري ۾ سرگرميون جاري رکيون. انگريزن کي مٿس شڪ پئجي ويو ۽ پويان جاسوس لڳائي ڇڏيائونس، جنهن جي ڪري مولانا محمود الحسن کيس افغانستان وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ مولانا سنڌي ڪابل هجرت ڪري ويو.

سنڌ ڪواٽرلي ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لکي ٿو ته مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي استاد جي حڪم سان ڪابل وڃڻ پئي چاهيو پر ان وٽ پئسا نه هئا. مولانا ابو الڪلام آزاد سيٺ عبدالله هارون کان کيس پنج هزار وٺي ڏنا.

شيخ عبدالرحيم بلوچستان جي سرحد تائين مولانا سنڌي سان ساڻ ويو.

ريشمي رومال تحريڪ جو نالو ان تي ڇو پيو؟:

ان تحريڪ کي ريشمي رومال تحريڪ انهيءَ ڪري سڏيو ويو جو مولانا عبيدالله سنڌي ريشمي رومال تي لکيل ٽي خط شيخ عبدالحق جي هٿ حيدرآباد شي عبدالرحيم ڏانهن اماڻيا جن ۾ کيس چيو ويو هيو ته هو انهن کي پاڻ کڻي حجاز وڃي يا ڪنهن معتبر ماڻهوءَ جي هٿ شيخ الهند کي پهچائي. شيخ عبدالحق ان وقت افغانستان ۾ الله نواز خان جي ٻارن کي پڙهائيندو هو. خدا ڄاڻي ڇا جي ڪري هن اهي  خط عبدالرحيم بدران الله نواز جي پيءُ خان بهادر ربنواز کي ڏنا!؟ جنهن جي ذريعي اهي پنجاب جي گورنر مائيڪل اوڊائر تائين پهچي ويا ۽ انهيءَ  تحريڪ جي سڌ انگريز حڪومت کي پئجي ويئي، جيڪا شيخ الهند، مولانا سنڌي ۽  شيخ عبدالرحيم شروع ڪئي هئي.

خط پڪڙجڻ کان پوءِ شيخ عبدالرحيم جو پيڇو ڪيو ويو. شيخ الهند کي چئن سالن تائين مالٽا ۾ قيد رکيو ويو ۽ مٿس ظلم ڪيا ويا، جن کان مجبور ٿي نيٺ هو پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙائي ۽ روپ بدلائي پوليس کان ڀڄي نڪتو. شيخ عبدالرحيم سرهند هليو ويو ۽ اتي مزدوري ڪري پيٽ پالڻ لڳو ۽ گمنامي ۾ ئي سندس وفات ٿي.

سنڌ ۾ ريشمي رومال تحريڪ جا اهم اڳواڻ:

ريشمي رومال تحريڪ جو بنياد ته مولانا محمود الحسن وڌو هو، جڏهن ته سنڌ ۾ ان کي هٿي ڏيڻ وارو مولانا عبيدالله سنڌي هو، جنهن سنڌ جي تاريخ تي گهرا نقش ڇڏيا.

ان جي باري ۾ جمعيت العلماءِ هند جي ناظم مولانا سيد محمد ميان پنهنجي ڪتاب ”شيخ الهند ڪي تحريڪ“ ۾لکيو آهي ته ان تحريڪ جو مقصد اسلامي دنيا جو اتحاد قائم ڪرڻ هو. تحريڪ جي اڳواڻن جو خيال هو ته جهاد ۽ جهيڙي کانسواءِ انگريزن جو هندستان مان نڪرڻ مشڪل آهي ۽ ان لاءِ هٿيارن ۽ مجاهدن جو هجڻ لازمي آهي. تحريڪ جو مرڪز باغستان قائم ڪري مختلف شهرن ۾ ان جون شاخون کوليون ويون. مولانا عبيدالله سنڌي  تحريڪ جي اهم اڳواڻن ۾ هو. سنڌ جي جن بزرگن ان تحريڪ ۾ حصو ورتو انهن ۾ شيخ عبدالرحيم، عبدالقيوم، مولانا سنڌي، جو خادم عبدالله، مولوي محمد صادق کڏي وارو ۽ عبدالحق شاگرد جنهن جي ذريعي مولانا سنڌي اهي خط عبدالرحيم ڏانهن حيدرآباد اماڻيا هئا، شامل آهن.

مولانا سيد محمد ميان پنهنجي ڪتاب ”شيخ الهند ڪي تحريڪ“ جي صفحي 180 تي سي آءِ ڊي جي رپورٽن متعلق لکي ٿو.

14 آگسٽ 1916ع تي ملتان جي خان بهادر ربنواز خان ملتان ڊويزن جي ڪمشنر کي هيڊي ريشمي ڪپڙي جا ٽي ٽڪر ڏيکاريا ۽ چيو ته هي خط مون کي عبدالحق کان مليا آهن جيڪو منهنجي ٻارن جو استاد آهي. هي ڪابل کان موڪليا ويا ۽ حيدرآباد سنڌ ۾ شيخ عبدالرحيم کي ملڻا هئا.

انهن خطن جو مضون:

پهريون ريشمي خط شيخ عبدالرحيم جي نالي هيو، جنهن ۾ مولانا سنڌي کيس لکيو ته شيخ الهند کي (هي ٻيو خط) مديني پاڪ موڪلڻو آهي ۽ انهن کي خبردار ڪرڻو آهي ته هو ڪابل نه اچن. مولانا سنڌي شيخ عبدالرحيم کي اهو به لکيو ته هي خط پهچائڻ لاءِ هو پاني پت جي مولوي حمد الله کان به مدد وٺي سگهي ٿو. ٻيو خط شيخ الهند جي نالي هيو. ٽين خط ۾ مولانا سنڌي سان جدي کان اچڻ بعد پيش ايندڙ واقعن جو احوال هو.

چون ٿا ته عبدالحق پنهنجي محسن خانبهادر ربنواز خان سان ملڻ ويو  هو ۽ ربنواز خان اهڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪيون جو  عبدالحق مٿس اعتماد ڪري اهي خط هن کي ڏيکاريا. ربنواز خان خط هٿ ايندي ئي عبدالحق کي خطن سان گڏ ملتان جي ڪمشنر اڳيان پيش ڪيو.

شيخ عبدالرحيم:

شيخ عبدالرحيم جي باري ۾ مختصر لکي آيا آهيون. سي آءِ ڊي هن جي باري ۾ لکيو ته:

شيخ عبدالرحيم زميندار ڀڳوان داس جو پٽ آهي ۽ هندو مان مسلمان ٿيو آهي ۽ ٻين حيثيت وارن هندن کي به مسلمان بڻائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. ڌنڌو درزڪو اٿس ۽ حيدرآباد ۾ حڪيم عبدالڪريم جي گهر ڀرسان گاڏي کاتي ۾ رهي ٿو.

سر عبدالله هارون:

سي آءِ ڊي سر حاجي عبدالله هارون جي باري ۾ لکيو ته:

هي مولوي محمد صادق کڏي واري ڪراچي، ابوالڪلام آزاد ۽ اسلامي اتحاد جي ٻين ڪٽر اڳواڻن جو حامي آهي.

عبدالحق:

جيڪو ريشمي رومال پهچائڻ وارو هو، ان جي باري ۾ سي آءِ ڊي جي رپورٽ آهي ته:

(عبدالحق) هندو مان مسلمان ٿيو. سندس پراڻو نالو جيوڻ داس آهي. هي ڇوڪرو شاهه پور ضلعي جي ڳوٺ ورڇا  جنجيال ٿاڻي جو رهاڪو آهي. انٽرنس  تائين پڙهيو ۽ 1909ع ۾ اسڪول ڇڏيائين. 1912ع ۾ اسلام قبول ڪيائين. خان بهادر ربنواز خان کيس پنهنجي ٻنهي پٽن جو استاد مقرر ڪيو. انهن مان هڪ ڇوڪري الله نواز خان هن کي جهاد ڪرڻ وارن نوجوانن جي ٽولي ۾ شامل ٿيڻ جو شوق ڏياريو. فيبروري 1915ع ۾ هن سرحد پار ڪئي. جولاءِ 1916ع ۾ عبدالحق کي حيدرآباد شيخ عبدالرحيم ڏانهن (ٽي ريشمي خط ڏئي ڪري) موڪليو ويو. جنود رباني جي فهرست ۾ هو ميجر هو.

شيخ ابراهيم سنڌي:

شيخ ابراهيم سنڌي جي باري ۾ سي آءِ ڊي جي رپورٽ ۾ لکيل آهي:

شيخ ابراهيم سنڌي حبيبه ڪاليج جو اڳوڻو پروفيسر ۽ ”الحق“جي ايڊيٽر جو ساٿي آهي. هن مولانا سنڌي جي ڪابل جي سفر ۾ مدد ڏني. هو حجاز ۽ ڪابل جي هاڻوڪن سازشين جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪندو آهي ۽ اهم ڪارڪن آهي. جنود رباني جي فهرست ۾ ڪرنل آهي. سندس هاڻوڪي ڪرت جي باري ۾ معلوم ناهي.

مولانا محمد صادق کڏي وارو:

مولانا محمد صادق کڏي وارو به ريشمي رومال تحريڪ ۾ شامل هو. سي آءِ ڊي جي رپورٽ مان سندس ثابت قدمي ۽ عزم جي خبر پوي ٿي. رپورٽ ۾ لکيل آهي:

مولانا محمد صادق کڏي وارو جنود رباني جي فهرست ۾ شامل آهي ۽ جنگ کان پوءِ جهاد لاءِ پروپئگنڊا پيو ڪري. 1915ع ۽ 1916ع ۾ قلات جي شورش ۾ سندس هٿ آهي. هاڻي هو ڪاروار ۾ قيد آهي.

حڪيم عبدالقيوم:

سي آءِ ڊي رپورٽ ڏني ته عبدالقيوم حيدرآباد جو ميونسپل ڪمشنر آهي ۽ شيخ عبدالرحيم جو ساٿي آهي.(1)

مولانا سيد تاج محمد امروٽي:

سنڌ ڌرتيءَ جو سياسي ۽ روحاني پيشوا سيد تاج محمد امروٽي ريشمي رومال تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پاڻ حافظ محمد صديق ڀرچونڊي جا شاگرد ۽ خليفا هئا. مولانا عبيدالله سنڌي ذريعي شيخ الهند سان سڃاڻپ ٿي ۽ شيخ الهند سندن دعوت تي ٻه ڀيرا امروٽ شريف آيو. 1915ع ۾ جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ الهند جي حڪم سان ڪابل وڃڻ جو ارادو ڪيو ته مولانا امروٽي سندن هر قسم جي مدد ڪئي.

ريشمي خط جيڪي مختلف وقتن ۾ مختلف ماڻهن ڏانهن موڪليا ويا انهن مان هڪ خط مولانا امروٽي جي نالي فتح محمد کڻي آيو. اهو خط حڪومت کي ڪنهن طرح هٿ  اچي ويو ۽ کين ڪراچي ۾ نظربند ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي وئي پر ڪوئي ثبوت نه ملڻ تي ڇڏيو ويو.

اتان کان مولانا امروٽي جي سياسي زندگي جي شروعات ٿي ۽ پاڻ خلافت تحريڪ، سول نافرماني ۽ ڪابل ڏانهن هجرت واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائون، خلافت تحريڪ کان پوءِ هو جمعيت العلماءِ هند ۾ شامل ٿي ويا ۽ آخر وقت تائين ان سان سلهاڙيل رهيا. سندن سڀ کان وڏو ڪارنامو پنهنجي تبليغ سان غير مسلمانن کي مسلمان ڪرڻ آهي.

5 نومبر 1929ع تي مولانا تاج محمد امروٽي جي رات جي وڳڙي ۾ وفات ٿي.

مولانا عبيدالله سنڌي:

مولانا عبيدالله سنڌي ديوبند مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالمن مان هئا ۽ سنڌ ۾ سندن جدوجهد ۽ جاکوڙ کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي.

 پاڻ پنجاب ۾ سيالڪوٽ جي هڪ ڳوٺ (چيانوالي) ۾ 10 مارچ 1882ع تي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيا، جيڪو سونارپ جي ڌنڌي سان واڳيل هو. سندن پيءُ رام سنگهه مولانا جي ڄمڻ کان پنج مهينا اڳ ئي وفات ڪري چڪو هو. ٻه ماما ڄامپور ديري غازي خان ۾ تپيدار هئا، جتي اچي سندن خاندان رهيو ۽ شروعاتي تعليم به اتي جي مڊل اسڪول ۾ ئي ٿي.

اسلام کي پڙهڻ:

1884ع ۾ اسڪول جي هڪ هندو ڇوڪري مولانا سنڌي کي ”تحفة الهند“ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو، جنهن کي پڙهڻ سان ڪفر جي برف پگهرجڻ شروع ٿي ويئي. پوءِ مولانا اسماعيل شهيد جي ڪتاب ”تقويته الايمان“ انهيءَ ڪفر جي برف کي صفا ڳاري ڇڏيو. مولانا محمد صاحب لکوي جي ڪتاب ”ا‎حوال الاخرت“ مان نماز جو طريقو سکيائون ۽ پنهنجو نالو به عبيدالله چونڊيائون.

اسلام جو اظهار:

15 آگسٽ 1887ع ۾ مولانا سنڌي سچ ۽ حق لاءِ گهر ڇڏي پنهنجي دوست عبدالقادر سان گڏ مظفر ڳڙهه ضلعي جي ڳوٺ رحم شاهه ۾ اچي اسلام قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

مائٽ پويان ڪڍ لڳا  ته سنڌ ڏانهن آيو ۽ سفر ۾ عبدالقادر کان عربي ڪتاب پڙهندو رهيو.

مرشد:

سنڌ ۾ اچي مولانا سنڌي حافظ محمد صديق ڀرچونڊي جي مريدي ۽ شاگردي اختيار ڪئي. حافظ صاحب به کين استاد کان وڌيڪ پيءُ ماءُ جو پيار ڏنو ۽ چيائينس، ته عبيدالله، الله خاطر ماءُ پيءُ کي ڇڏيو آهي، ان ڪري اسان تنهنجا ابو  امان آهيون.

مولانا سنڌي جو چوڻ آهي ته انهن لفظن جي ٿڌڪار اڄ تائين مان دل ۾ محسوس ڪندو آهيان ۽ انهن کي پنهنجو ديني ابو امان سمجهندو آهيان. مان راشدي قادري سلسلي ۾ کانئن بيعت ورتي ۽ اهو انهن جي تعليم جو ئي اثر آهي ته مان وڏي کان وڏي انسان کان به تمام گهٽ متاثر ٿيندو آهيان.

مرشد جي دعا:

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مولانا سنڌي پڙهڻ جي لاءِ وڃڻ جي اجازت گهري ته سندس لاءِ مرشد دعا ڪندي چيو خدا ڪري تو کي ڪو ڪامل استاد ملي، مولانا سنڌي چيو ته انهيءَ دعا سان مون کي ديوبند ۾ شيخ الهند جي شاگردي نصيب ٿي.

ان کان اڳ مولانا سنڌي بهاولپور جي هڪ مسجد ۾ ابتدائي عربي ڪتاب پڙهي چڪو هو، دين پور ۾ وري مولانا ابو سراج غلام محمد ۽ ٻين استادن کان علم حاصل ڪري وڃي هندستان جي سڀ کان وڏي درسگاهه دارالعلوم ديوبند پهتو ۽ مولانا محمود الحسن کان 1889ع کان شرح عقائد، مسلم الثبوت، دور حديث ۽ جامع ترمذي جا سبق ورتائين، مولانا رشيد احمد گنگوهي کان وري سنن ابن داؤد پڙهيائين.

سنڌ ۾ ٻيهر اچڻ:

1890ع ۾ مولانا سنڌي سکر ڀرچونڊي شريف موٽيو ته ان کان اڳ سندس استاد حافظ محمد صديق گذاري چڪو هو.

مولانا سنڌي امروٽ ۾:

مولانا سنڌي حافظ محمد صديق جي  ٻي خليفي مولانا تاج محمد امروٽي وٽ آيو، جنهن کيس وڏي محبت ۽ خلوص ڏنو ۽ مولوي محمد عظيم جي ڌيءَ سان شادي ڪرائي.


 

 

مطالعي جو شوق:

پير جهنڊي وارن جو تمام سٺو ڪتب خانو هو، جنهن مان مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي علم جي اڃ پوري ڪئي.

سنڌجي بزرگن سان تعلق:

مولانا سنڌي مولانا رشيد الدين ۽ پير جهنڊي وارن جي باري ۾ لکيو آهي ته مان انهن جون ڪرامتون ڏٺيون ۽ کانئن ذڪر اسماءُ الحسنيٰ سکيو. مولانا ابو تراب راشد الله جي باري ۾ سندن چوڻ آهي ته هو حديث جي علم جا ماهر، جيد عالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ هئا.

فڪري لاڙو:

مولانا سنڌي جو اهو ساڳيو مڪتب فڪر آهي، جنهن جو سلسلو مولانا قاسم نانوتوي کان شروع ٿي حضرت شاهه وليءُ الله تائين پهچي ٿو. پاڻ لکن ٿا ته منهنجي علمي ۽ سياسي ترقي ۾ انهن بزرگن جو هٿ آهي. حديث جي سلسلي ۾ حجة الله البالغہ جو درس شيخ الهند ڪرايو هو ۽ مان پنهنجي شاگردن کي به پڙهايو.

سياسي مسلڪ:

مولانا سنڌي لکن ٿا:

مولانا اسماعيل شهيد جا حالات پڙهيا جن مون کي گهڻو متاثر ڪيو. ديوبند جي شاگردي وارن ڏينهن ۾ مولانا عبدالڪريم ديوبندي، دهلي واري حادثي جو اکين ڏٺو حال بيان ڪيو هو. ننڍپڻ ۾ مان پوڙهين مائين کان پنجاب جي انقلاب جا ڇرڪائيندڙ واقعا ٻڌا هئا.

مولانا اسماعيل شهيد منهنجي فڪر ۽ سوچ ۾ عظيم انقلاب برپا ڪيو ۽ ان جو سانچو ئي بدلائي ڇڏيو.

مولانا سنڌي جي تربيت جنهن انداز ۾ ٿي انهيءَ کيس انقلابي سوچ عطا ڪئي، هو وطن کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ سوچڻ لڳو ۽ شاگردن جي هڪ جماعت انهيءَ انقلابي مقصد لاءِ ٺاهڻ شروع ڪئي.

ديوبند موٽڻ:

1897ع ۾ مولانا سنڌي ٻيهر ديوبند پهتو ۽ پنهنجي استاد شيخ الهند سان جهاد ۽ جماعت جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. شيخ الهند مولانا سنڌي کي پنهنجي قيمتي مشورن سان نوازيو ۽ انهيءَ جماعت جي ساراهه ڪندي جهاد واري ڪم کي جاري رکڻ جي وصيت ڪئي.

دارالارشاد پير جهنڊو ڳوٺ:

مولانا امروٽ اچي هڪ مدرسو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. (2 ــ 1901ع) 1319هه ۾ مولانا راشد الله پير جهنڊي واري پنهنجي ڳوٺ ۾ اهڙو مدرسو قائم ڪري ورتو جهڙو مولانا سنڌي چاهيو پئي. مولانا سنڌي ئي انهيءَ مدرسي جو نالو رکيو ۽ ستن سالن تائين ان جو انتظام به پنهنجي مرضيءَ سان هلائيندو رهيو.

جمعيت الانصار ديوبند جي زمينواري:

1909ع ۾ شيخ الهند، مولانا سنڌي کي دارالعلوم ديوبند گهرائي جمعيت الانصار جون زمينداريون سونپيون، جيڪا ان وقت قائم ٿي چُڪي هئي.

نظارة المعارف دهلي:

13 ــ 1912ع تي دهلي ۾ نظارة المعارف قائم ٿيو ته شيخ الهند، مولانا سنڌي کي اداري جو انتظام سنڀالڻ لاءِ دهلي موڪليو. شيخ الهند پاڻ مولانا سنڌي جي ڪيترن مشهور اڳواڻن سان ملاقات ڪرائي.

ڪابل جي هجرت:

ان اداري ۾ اڃا ڏهه سيپارن جو درس مس مڪمل ٿيو ته پهرين مهاڀاري جنگ شروع ٿي وئي ۽  ترڪي کي ٽوڙڻ جون صلاحون ٿيڻ لڳيون، شيخ الهند مولانا سنڌي کي ڪابل هجرت ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مولانا سنڌي انهيءَ حڪم مطابق ڪابل هليو ويو ۽ اتي انگريزن خلاف اسلامي حڪومتن کي متحد ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳو. انهيءَ تحريڪ کي ”ريشمي رومال“ جي تحريڪ چيو ويو.

مولانا سنڌي جتي به رهيو قرآن پاڪ جي مطالعي ۾ مشغول رهيو. شاهه وليءُ الله کي پنهنجو رهبر سمجهندو هو، سندن ڪتاب حجة الله البالغة کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو.

وطن ورڻ:

1936ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ ٻين ادارن مولانا سنڌي جي وطن ورڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون، انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ 1938ع تي مولانا سنڌي ڪيترن سالن جي جلاوطني کان پوءِ هندستان موٽي آيو.

هندستان ۾ مولانا جو پروگرام:

”خطبات ۽ مقالات مولانا عبيدالله سنڌي“ ۾ واپسي کان پوءِ وري پروگرام جي باري ۾ مولانا سنڌي لکن ٿا:

مان انڊين نيشنل ڪانگريس جو ميمبر ته ضرور رهندس، جيئن عدم تشدد جي متعلق منهنجي زمينداري قومي قانون جي حدن اندر رهي، پر ڪانگريس جي ڪم ۾ عملي طور تي شريڪ نه ٿيندس.

منهنجو محبوب مشغلو شاهه وليءُ الله جي فلسفي کي پڙهڻ ۽ ڦهلائڻ هوندو.

جڏهن به حالتون سازگار ٿيون  ان نيشنل ڪانگريس ۾ امام شاهه ولي الله جي فلسفي جي روشنيءَ ۾ اقتصادي اصولن آڌار هڪ ٽولي جو بنياد رکندس.

مولانا عبيدالله سنڌي ستن سالن تائين ڪابل جي حڪومت ۾ شامل ٿي ڪري هندستان جي آزادي لاءِ جاکوڙيندو رهيو. 1916ع ۾ مير حبيب هندن سان ملي ڪري ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته هو انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو.

1922ع ۾ مير امان الله جي دؤر ۾ ڊاڪٽر انصاري جي چوڻ تي مولانا سنڌي ڪانگريس ڪاميٽيء ڪابل کي انڊين نيشنل ڪانگريس سان جوڙي ڇڏيو ۽ پاڻ پهريون صدر ٿيو.

1922ع ۾ مولانا ترڪي ويو ۽ اتان روس وڃي ماسڪو ۾ ست سال رهي اشتراڪيت جو مطالعو ڪيو، مولانا ترڪي ۽ روس ۾ رهي ڪري مسلمانن جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن تي گهري نظر رکندو رهيو ۽ پنهنجي مشاهدي مطالعي سان انهن تي غور ۽ فڪر ڪندو رهيو.

جيڪي ڪتاب سندن مطالعي هيٺ رهيا انهن ۾ حضرت شاهه ولي الله جا بدور بازغه، خير ڪثير، تفهيمات الهيه ۽ الطاف القدس ـــ مولانا رفيع الدين دهلوي جو تڪميل الاذهان، سيد اسماعيل شهيد جو عبقات، مولانا محمد قاسم نانوتوي جو قاسم العلوم، تقرير دلپذير ۽ آب حيات شامل آهن.

مولانا سنڌي جو وطن ورڻ:

مولانا سنڌي ۽ سندس ساٿي جيستائين ٻاهر رهيا هڪ اهڙي انقلابي پروگرام تحت ڪم ڪندا رهيا، جنهن جو مقصد دنيا جي سامراج مان جند ڇڏائڻ هو. انهيءَ پروگرام جو ڦل اڄ اسان آزاديءَ جي صورت ۾ کائون ٿا.

هندستان موٽڻ وقت مولانا سنڌي عمر جي آخري حصي ۾ پهچي چڪو هو. ان کانسواءِ ڊگهي جدوجهد ۽ جلاوطني کيس موت جي ڪنڌي تي وڃي رسايو، جنهن جي ڪري انهيءَ پروگرام کي عملي روپ نه ڏئي سگهيو.

سنڌ جو هي عظيم سپوت 22 آگسٽ 1944ع تي لاڏاڻو ڪري ويو ۽ دين پور جي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي حافظ محمد صديق ڀرچونڊي جو خليفو مولانا ابو السراج رهندو هو.


(1)  هي سموري معلومات ڪتاب ”شيخ الهند ڪي تحريڪ“ مصنف مولانا سيد محمد ميان کان ورتي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org