باب چوٿون:
بنو اميه جو زمانو
41هه (62_661ع) کان 60هه (80_679ع)
سنڌ ۾ اموي دؤر جا گورنر
عبدالله بن سوار:
حضرت امير معاويه خلافت سنڀالڻ کان پوءِ حضرت عبدالله بن سوار
عبدي کي 44 هه ۾ اهو ئي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ته
اتان جا ماڻهو وڏا سرڪش ۽ باغي اٿئي، جيڪي ڪيڪانان
(قلات) جبل پويان لڪي وڙهندا آهن. ان ڪري ڏاهپ سان
وڙهڻو پوندو. اتان جا گهوڙا تمام قدآور ۽ خوبصورت
آهن.
عبدالله بن سوار، چار هزار لشڪر ۽ وڏو سامان ساڻ کڻي اچي
ڪيڪانان پهتو. شهر وارن کي خبر پئي ته چؤڌاري
گهيرو ڪري ورتائون. سوار پنهنجي لشڪر کي مخاطب
ٿيندي چيو.
”اي انصار ۽ مهاجرن جا وارثو! اڳتي وڌو ۽ بهادريءَ جو مظاهرو
ڪري شهادت جو شرف ماڻيو“
عبدالله بن سوار جي تقرير کان پوءِ لشڪر ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو.
هر طرف الله اڪبر جا نعرا گونجڻ لڳا. هيڏانهن ياسر
بن سوار ۽ قبيلي بني قيس جو هڪ نوجوان نڪتو ۽ دشمن
جي سردار جي سسي لاهي ڇڏيائين. جڏهن دشمنن اهو ڏٺو
ته غلط افواهون ڦهلائڻ شروع ڪيون، جنهن سان اسلامي
لشڪر جا پير اکڙي ويا ۽ شڪست کائي مڪران موٽي آيا،
چچنامي مطابق عبدالله بن سوار ان جنگ ۾ شهيد ٿي
ويو.
خيبر ۾ مسلمانن جو اچڻ:
41 هه ۾ حضرت امير معاويه رضه عبدالله بن عامر کي بصري جو گورنر
مقرر ڪيو، جنهن سيستان جي زمينداري عبدالرحمان بن
سمره جي حوالي ڪئي. هو پهريون به ان عهدي تي رهي
چڪو هو. زمينداري سنڀاليندي ئي پنهنجي هڪ بهادر
سردار مهلب بن ابي صفره کي 44 هه (65_664ع) ۾
هندستان موڪليو، هو خيبر وٽان هندستان ۾ داخل ٿيو
۽ پشاور ۽ قابل جي گهاٽن ٻيلن مان گذرندو اچي ان
علائقي ۾ پهتو جيڪو ان وقت سنڌ ۾ شامل هيو، ان کي
فتح ڪندو قندابيل کان موٽندي مقابلو ٿيو، دشمنن کي
سبق سيکاريندي مال غنيمت سميٽندي ڪيڪانان (قلات)
وٽ پهتو، 18 ترڪي سوار سندس سامهون آيا، جيڪي
ٿورا هوندي به وڏي دليريءَ سان وڙهيا پر ماريا
ويا، سندن گهوڙن جا پڇ ڪٽيل هئا. مهلب کي اهو
طريقو ڏاڍو پسند آيو ۽ پنهنجي گهوڙن جا پڇ به
ڪترڻ جو حڪم ڏنائين.
مهلب پهريون مسلمان هو جنهن خيبر کان هندستان تي حملو ڪيو.
سنان بن سلمه:
هيڏانهن جڏهن عبدالله بن سوار جي شهادت جي خبر پهتي ته خراسان
جي گرنر زياد، وڏي عالم، فاضل ۽ نيڪ انسان سنان کي
جنهن فوجين کي ثابت قدم رکڻ لاءِ طلاق جي قسم جو
رواج وڌو، مڪران جو والي بڻائي موڪليو. سنان اچڻ
سان ئي باغين جي پاڙ پٽي ۽ ملڪ جو انتظام سڌاريو.
راشد بن عمرو جديدي:
پر پوءِ ڪنهن سبب ڪري زياد راشد بن عمرو جديدي کي مڪران جو والي
بڻائي ڪري موڪليو. راشد وڏي اخلاق ۽ عزت وارو شخص
هو. مڪران وڃڻ کان اڳ حضرت امير معاويه کيس گهرايو
۽ درٻارين کي چيائون ”راشد هڪ شريف، نيڪ ۽ وڏيون
خوبيون رکندڙ شخص آهي، توهان سندس عزت ڪريو ۽
هميشه وفادار رهو.“
راشد مڪران پهتو ته سنان سندس گرمجوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽
مڪران جي باري ۾ حالتن کان آگاهه ڪري پنهنجن قيمتي
مشورن سان نوازيو، راشد سندس اهڙي برتاءَ کان ڏاڍو
متاثر ٿيو.
راشد انتظام سنڀالي فوج تيار ڪري سنڌ تي چڙهائي ڪئي ۽ ڪيڪانان
وارن کان ٻن سالن جي ڍل اوڳاڙي پنهنجو مطيع بڻايو.
راشد هڪ سال اتي رهي موٽي رهيو هو ته مندر ڀرج جي
جبلن وٽ پهچڻ وقت پنجاهه هزار ميدن (جابلو قوم)
مٿس حملو ڪيو. صبح کان شام تائين جنگ جاري رهي،
نيٺ آخر راشد وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو ۽ سندس
جاءِ تي سنان بن سلمه وڏي بهادريءَ سان ڪوهستاني
قوم ميد سان مقابلو ڪيو. زياد هڪ ڀيرو ٻيهر وري
سنان کي مڪران جو والي بڻايو. سنان ڪيترائي علائقا
فتح ڪيا ۽ آخر ٻڌيا ۾ جنگ ڪندي شهيد ٿي ويو.
منذر بن جارود:
زياد کان پوءِ جڏهن اڀرندي ملڪن جي ذمينداري گورنر جنرل طور
عبيدالله بن زياد جي حوالي ٿي ته پاڻ 16هه ۾ منذر
بن جارود بن بشر کي شاهاڻو لباس ڏئي مڪران جو والي
بڻائي موڪليو. رواني ٿيڻ وقت جڏهن هڪڙي ڪاٺي سندس
خلعت خاص کي ڦاڙي وڌو ته عبيدالله بن زياد روئي
پيو ۽ منذر جي وڃڻ کان پوءِ غمگين ٿي ماڻهن کي چوڻ
لڳو ”منذر شايد صحيح سلامت واپس نه موٽي“ ٿيو به
ائين منذر ويندي رستي ۾ ئي بيمار ٿي پيو ۽ پورالي
وٽ الله کي پيارو ٿي ويو.
حڪم بن منذر:
منذر جي مرڻ جي خبر سندس پٽ حڪم کي پئي، جيڪو ان وقت ڪرمان جو
والي هو. هوڏانهن سندس چاچي منذر جي ڀاءُ
عبدالعزيز حجاج کي اذان اچڻ وقت مڪران جي حڪومت
ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ته حجاج چيس، جيڪڏهن هن وقت
اذان جو آواز منهنجي ڪنن ۾ نه اچي ها ته تو کي
ضرور مارائي ڇڏيان ها. وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته
هڪڙي نيڪ ماڻهوءَ جو وارث موجود آهي ۽ تون ان جي
حق ۾ دعويٰ ڪرين ٿو.
عبيدالله بن زياد حڪم کي گهرائي هڪ ئي وقت ڪرمان ۽ مڪران جو
گورنر بڻائي ٽي هزار درهم سندس حوالي ڪيا، حڪم ڇهه
مهينا کن گورنر رهيو پر ڪنهن سبب ڪري واپس گهرايو
ويو.
ابن حري باهلي:
حڪم کان پوءِ باهلي کي مڪران جي گورنري تي رکيو ويو، جنهن
ڪيترائي علائقا فتح ڪري جهجهو غنيمتي مال اسلامي
حڪومت جي خزاني ۾ داخل ڪيو.
22 رجب جمعرات 60 هه حضرت امير معاويه 70 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو
ڪري ويو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ يزيد ٽي سال اٺ
مهينا حڪومت ڪئي. يزيد جي پڄاڻي تي سندس پٽ معاويه
جانشين بڻيو پر چاليهن ڏينهن اندر دم ڌڻي تعاليٰ
جي حوالي ڪيائين. خلافت مروان کي ملي، جيڪو صرف
نوَ مهينا هلائي سگهيو. پوين ٽنهي خليفن سنڌ ۽ هند
طرف ڪوئي ماڻهو نه موڪليو، ان ڪري تاريخ ۾ ڪنهن به
فتح جو ڏس نٿو ملي.
عبدالملڪ بن مروان
65هه (85_ 684ع) کان 68هه (6_705ع)
مروان بن حڪم مرڻ وقت پنهنجي پٽ عبدالملڪ کي پنهنجو جانشين ڪيو.
سندس ڪنيت ابوالوليد هئي پر مشهور ابوالملوڪ سان
آهي، ڇو جو سندس وفات کان پوءِ ڪيترائي پٽ خلافت
تي ويٺا.
عبدالملڪ وڏو عالم ۽ فاضل انسان هو، پاڻ مديني جي ناليوارن
بزرگن کان تعليم پرائي هئائين. وقت جا وڏا فقيهه
سندس علمي مرتبي جا معترف هئا. علامه شعبي جو چوڻ
آهي ته مان جنهن به عالم ۽ اڪابر وٽ ويٺس اهو
منهنجو معتقد بڻجي ويو پر عبدالملڪ بن مروان جو
مڃيندڙ مان آهيان. منهنجي اڳيان هن ڪيتريون ئي اهم
حديثون ۽ موضوع مطابق شعر بيان ڪيا.
قدرت طرفان عبدالملڪ کي ڪيتريون ئي خوبيون مليل هيون. هو وڏو
مستقل مزاج، بهادر ۽ مضبوط ارادن وارو انسان هو،
جنهن جي ڪري اموي حڪومت جي لهندڙ سج کي سهارو
ڏنائين پر زندگي سندس وفا نه ڪئي ۽ شوال 86هه
(6_705ع) ۾ وفات ڪري ويو.
سنڌ جي فتح جي تاريخ به عبدالملڪ جي دؤر کان ئي شروع ٿئي ٿي.
حجاج بن يوسف:
75هه (95_694ع) ۾ عبدالملڪ بن مروان اوڀر وارن ملڪن جو گورنر
جنرل حجاج بن يوسف ثقفي کي مقرر ڪيو (_هتي اهو
ٻڌائيندو هلان ته ان وقت اڀرندي ملڪن جا والي بصره
جو حاڪم ۽ اولهه جي پرڳڻن جا والي مصر جو حاڪم
مقرر ڪندو هو. اڄ جي زبان ۾ انهن کي گورنر جنرل
چئجي ته غلط نه ٿيندو. ان ڪري سنڌ جا والي به بصري
طرفان مقرر ٿي ايندا هئا.)
حجاج پنهنجو عهدو سنڀاليندي ئي عراق (خاص طور تي ڪوفي جي سرڪش ۽
ڏنگن سردارن کي سيکت ڏني ۽ پوءِ بصري جو اچي
انتظام درست ڪيو. مڪران، بلوچستان خراسان ۽ سنڌ جي
سرحد تائين حجاج جي حد هئي.
مڪران ۾ عبدلملڪ جي دؤر جو گورنر سعيد بن اسلم ڪلابي:
حجاج بن يوسف بصري مان سعيد بن اسلم ڪلابي کي مڪران جو گورنر
بڻائي موڪليو. سعيد مڪران پهچي علافي خاندان جي هڪ
شخص سفهوي بن لام الحمامي کي پنهنجي بيعت ڪرڻ لاءِ
چيو پر هن جواب ڏنو ته خدا جو قسم مان تنهجي بيعت
ڪرڻ کي پنهنجي شان ۾ گهٽتائي سمجهان ٿو، مون کي
تون ۽ تنهنجي خليفي جي ڪائي پرواهه ناهي. سعيد
اهڙي جواب تي کيس قتل ڪري انجي کل لهرائي حجاج
ڏانهن اماڻي. علافي خاندان (جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي
چڪو آهي ته اسلامي حڪومت سان بغاوت ڪري اچي سنڌ ۾
چچ وٽ پناهه ورتي هئي) کي سفهوي جي قتل جي خبر پئي
ته سڀ سعيد تي ڏمرجي پيا ۽ سڀني گڏجي هٿيار پنهوار
هٿ ڪري سعيد جڏهن مڪران مان ڍل وصول ڪري موٽي رهيو
هو ته مٿس حملو ڪري ماري وڌو. بلاذري مطابق حارث
علافي جي پُٽن معاويي ۽ محمد کيس قتل ڪري سرحد تي
قبضو ڪري ويٺا.
سعيد جي موت جي خبر جڏهن حجاج کي پئي ته ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽
عرب ۾ موجود علافي خاندان جي سردار سليمان کي قتل
ڪري سندس منڍي سعيد جي گهر وارن ڏانهن موڪلي، جيئن
سندن اندرجي باهه اجهامي. حجاج سعيد جي مٽن مائٽن
کي خوب نوازيو.
مجاعه بن سعر تميمي:
حجاج سعيد کان پوءِ مجاعه کي مڪران ۽ سنڌ جو گورنر بڻائي
موڪليو، ان وقت علافي خاندان جا ماڻهو مڪران مان
ڀڄي چُڪا هئا. مجاعه کين گرفتار ڪرڻ لاءِ هڪ فوجي
جٿو روانو ڪيو پر هو راجا ڏاهر وٽ سنڌ ۾ وڃي لڪيا.
مجاعه مڪران ۾ هڪ سال تائين رهي ڪري قندابيل جا
اوسي پاسي وارا علائقا فتح ڪيا، پر پوءِ 76 هه
(96_695ع) ۾ وفات ڪري ويو. ڪنهن شاعر سندس شان ۾
چيو ”اي مجاعه تون جيترين جنگين ۾ شريڪ ٿين، انهن
جي خوبصورتي تنهنجي ياد جي دم سان آهي.“
وليد بن عبدالملڪ
86 هه (706ع) کان 96هه (15_714ع)
شوال 86هه تي عبدالملڪ جي وفات کانپوءِ ان جو پٽ وليد تخت جو
وارث بڻيو. وليد علم ۽ ادب کان ڪورو ته هو پر
حڪمرانيءَ جي حوالي سان سندس دؤر يادگار ليکيو وڇي
ٿو. انجي دؤر ۾ قتيبه بن مسلم فاتح چين، موسيٰ بن
نصير فاتح اندلس ۽ محمد بن قاسم فاتح سنڌ جهڙا
ناليوارا بهادر سپه سالار ٿي گذريا آهن ۽ اسلامي
حڪومت جون حدون چين کان وٺي يورپ تائين پهچي ويون.
محمد بن هارون بن زراع النمري:
مجاعه کانپوءِ حجاج محمد بن هارون کي مڪران ۽ سنڌ جي سرحد جي
گورنري حوالي ڪئي ۽ تاڪيد ڪيائينس ته ڪيئن به ڪري
علافين کان سعيد جو بدلو ۽ ڍل وصول ڪر. 68 هجري ۾
هو مڪران پهچندي علافين جي پويان هٿ ڌوئي ڪري ڪڍ
لڳي پيو ۽ هڪ علافي کي پڪڙي ورتائين. ان جي سسي
حجاج ڏانهن اماڻي گڏ پيغام موڪليائين ته جيڪڏهن
زندگي وفا ڪئي ته پوءِ سڀني علافين سان اها ئي جٺ
ڪبي. ان کان پوءِ محمد پنجن سالن تائين اتي رهي
ڪري مختلف بري ۽ بحري ڪاميابيون ماڻيون.
سنڌ تي ڪاهه جو اصل ڪارڻ:
اسان پهريون ٻڌائي چُڪا آهيون ته سنڌ جون سرحدون عراق ۽ خاص طور
تي سنڌ جي ويجهو هيون. مسلمانن جون جڏهن ايرانين
سان جنگيون جاري رهيون ته سنڌ جو راجا ايرانين جي
مدد ڪندو رهيو ۽ ايرانين کي پناهه ڏيندو رهيو.
جنهن وقت مسلمانن ايران تي چڙهائي ڪري ان کي فتح
ڪيو ته سنڌ جي راجا سرحدي ايراني صوبا بلوچستان ۽
ڪرمان پنهنجي قبضي هيٺ رکي ڇڏيا ۽ ايرانين به اهي
راجا ڏاهر جي حوالي ڪري ڇڏيا، جيئن مسلمانن جي
قبضي کان بچيل رهن. پر ڏاهر ان کان وڌيڪ هڪ
بدترين چڙ ڏياريندڙ واقعو ڪري مسلمانن کي هن ملڪ
تي حملي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو.
وليد بن عبدالملڪ جي دؤر ۾ فتحن ڪري اسلامي حڪومت جي هاڪ هر طرف
ڦهلجڻ لڳي. سڀ ملڪ ۽ اتان جا بادشاهه وليد سان
دوستي وڌائڻ لاءِ سوکڙيون پاکڙيون موڪلڻ لڳا.
سرانديپ (سيلون) جي راجا وليد سان دوستي وڌائڻ
لاءِ بواقيت ٻيٽ تان اَٺ جهازن تي هيرا موتي، حبشي
غلام، ڪنيزون ۽ قيمتي تحفا اماڻيا. ان جهاز ۾ ڪجهه
مسلمان عورتون به ڪعبي جي زيارت خاطر اچي رهيون
هيون. جڏهن اهو قازرون ويجهو آيو ته تيز هوائن ڇڪي
اچي سنڌ جي ديبل بندرگاهه تي پهچايو. ان وقت ديبل
راجا ڏاهر جي ملڪ سنڌ جو مشهور بندرگاهه هو ۽ اتي
ڏاهر جو هڪ گورنر ۽ سپه سالار رهندو هو، ديبل وٽ
دريائي ڌاڙيلن جن کي نڪامرا يا ميد چيو ويندو هو،
قافلي کي ڦري عورتن ۽ مردن کي قيدي ڪيو. سرانديپ
راجا جي محافظن کين گهڻو ئي سمجهايو ته اسان وقت
جي خليفي وليد ڏانهن سوکڙيون کنيون پيا وڃون، پر
سندن هڪ نه ٻڌي ويئي، جنهن تي قبيلي يربوع جي هڪ
عورت دانهون ڪري پڪارڻ لڳي ”اي حجاج، اي حجاج!
اسان جي مدد ڪر“
انهن جهازن مان ڪجهه ماڻهو ڀڄي ڪري وڃي عراق پهتا ۽ حجاج کي
مسافرن جي مظلوميت ۽ يربوع قبيل جي عورت جي ڏک
ڀري داستان بيان ڪئي. حجاج کي انهيءَ واقعي باهه
وانگر ڀڙڪائي ڇڏيو ۽ گجگوڙ ڪري چوڻ لڳو ”لبيڪ،
لبيڪ“.
ان مهل ئي هڪ خط راجا ڏاهر جي نالي گورنر هارون ڏانهن موڪليائين
۽ چيائينس ته منهنجو قاصد تو ڏانهن اچي ٿو ان سان
گڏ پنهنجو اعتماد وارو آفيسر راجا ڏاهر ڏانهن
اماڻ. حجاج راجا ڏاهر کي لکيو.
”اسان جا ماڻهو جيڪي توهان جي علائقي ۾ لٽيا ۽ قيد ڪيا ويا آهن،
انهن کي مال ۽ سوکڙين سميت واپس ڪريو.“
هي خط جنهن مهذب طريقي سان لکيو ويو هو ان جو جواب به اهڙو ئي
مناسب هجڻ گهرجي ها پر ڏاهر وڏي لاپرواهي ۽ فريب
سان جواب ڏنو ته ”اهو دريائي ڌاڙيلن جو ڪم آهي،
جيڪي اسان جي وس کان ٻاهر آهن.“
راجا ڏاهر جي مڪاريءَ جو اندازو ان مان ٿئي ٿو ته جڏهن محمد بن
قاسم اروڙ فتح ڪيو ته انهن جهازن جا مسافر الور جي
جيل مان مليا، جنهن جي وضاحت اڳتي ايندي، جيڪڏهن
ڏاهر جي وس جي ڳالهه نه هئي ته اهي سرڪاري جيل مان
ڪيئن هٿ آيا. فرشتي ان واقعي کي هيٺين لفظن ۾ نقل
ڪيو آهي:
حاکم سر انديپ چو بسلاطين اسلام اعتقاد فراوان داشت، از دريا
کشتي مملو از تحائف و هدايا و غلامان و کنيزان جهت
وليد روانہ دار الخلافہ ساخت _ چو بحوالي باب عجم
رسيدند مردم لوملڪ کہ حکم حاکم ديبل بر روے
دريا متردد بودند سر راه بر آن کشتي گرفتہ باهفت
کشتي ديگر بتصرف در آوردند، واموال واشياۓ کہ در آنها بود از خود گرفتہ_ چندزن مسلمان کہ از
سرانديپ روانہ حج بودند آنها را اسير ساختند،
وجمعيکہ از دست آن کفار توفيق گريخت يافتہ بودند
نزد حجاج رفتہ داد خواه شدند_حجاج مڪتوبے
بحاکم سندهه داهر اين صعصہ نوشتہ نزد محمد هارون
فرستاد تا بدست معتمدان خود نزد داهر فرستد _ داهر
بعد ورود نامہ و اطلاع بر مضمون آن در جواب نوشت
کہ اين عمل از قومے
بوقوع آمده کہ در کمال شوڪت وقوت اند _ وبدستياري
سعي دفع آن گروه پر شکوه متصور نيست_
فرشتي جي ان بيان جو جيڪو مطلب نڪري ٿو ته جنهن قوم انهن جهازن
کي ڦريو آهي اها ايتري طاقتور آهي جنهن کي تون
ڪجهه نٿو ڪري سگهين. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته
بيشڪ اسان تنهنجا جهاز لٽيا آهن ۽ تون اسان جو وار
به ونگو نٿو ڪري سگهين،
حجاج کي جڏهن ڏاهر جو اهو جواب مليو ته وليد بن عبدالملڪ جي
درٻار ۾ سنڌ تي ڪاهه لاءِ عرضنامو اماڻيائين، پر
وليد طرفان اجازت نه ملي، جنهن تي حجاج هڪ دفعو
ٻيهر لکي موڪليو ته ”منهنجي خيال ۾ امير المؤمنين
شايد خرچ جي ڪري روڪيو آهي، پر مان واعدو ٿو ڪريان
ته هن مهم تي جيترو خرچ ايندو ان کان ٻيڻو سرڪاري
خزاني ۾ جمع ڪرائيندس.“
حجاج جي ان جواب تي وليد راضي ٿي ويو ۽ سنڌ تي ڪاهه جي اجازت
ڏنائين.
حجاج طرفان پهرين ڪاهه:
وليد طرفان اجازت ملڻ کان پوءِ حجاج، عبيدالله بن بنهان کي سپه
سالار بڻائي ديبل ڏانهن موڪليو. ديبل ۾ هو وڙهندي
وڙهندي شهيد ٿي ويو.
بديل جو حملو:
عبيدالله جي شهادت کان پوءِ حجاج، بديل بن طهفه کي عمان مان
ديبل تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو ۽ مڪران جي گورنر
محمد بن هارون جي نالي فرمان جاري ڪيائين ته بديل
جيئن ئي تو وٽ پهچي ته سندس مدد لاءِ ٽي هزار
فوجي ساڻس روانو ڪر. بديل مڪران پهچي اتان فوجي
ساڻ ڪري ديبل ڏانهن وڌيو ته ديبل وارن الور پهچي
راجا ڏاهر کي ان جو اطلاع ڏنو. ڏاهر پنهنجي پٽ
جيسينا کي چار هزار سوارن سان گڏ جيڪي اٺ گهوڙن ۽
هاٿين تي سوار هئا ديبل ڏانهن موڪليو. جنگ جو
نغارو وڳو، اسلامي لشڪر سفر جي ٿڪ هوندي به وڏي
بهادريءَ سان وڙهيو، پر اوچتو بديل جو گهوڙو
ٿاٻڙجي ڪري پيو ۽ بديل کي سنڌي لشڪر چئني طرفن کان
گهيري ورتو ۽ گرفتار ڪري شهيد ڪري وڌو. حجاج کي
بديل جي شهادت جي خبر پيئي ته کيس ڏاڍو صدمو
رسيو. پاڻ مؤذن کي چئي ڇڏيائين ته هر اذان کان
پوءِ مون کي بديل جو نالو ياد ڏياريندو ڪر، جيئن
مان ان لاءِ ايستائين دعا گهرندو رهان، جيستائين
ان جو بدلو نه وٺان.
ان زماني ۾ بديل سان گڏ وڙهڻ وارو هڪ شخص ڀڄي اچي جڏهن حجاج وٽ
پهتو ته حجاج کيس بزدلي جي سزا ڏياري.
نيرون جو وفد:
بديل جي شهادت کان پوءِ نيرون وارا ڊڄڻ لڳا ته عرب پهريون حملو
اسان تي ڪندا ۽ شهر برباد ٿيندو. نيرون جي والي
سندر جيڪو ٻڌهه هو، هڪڙو وفد حجاج جي خدمت ۾ موڪلي
ڍل ڏئي امان طلب ڪئي. جنهن کي حجاج قبول ڪري ورتو.
عامر بن عبدالله جو جذبو:
بديل جي شهادت کان پوءِ عامر حجاج اڳيان هند ۽ سنڌ ڏانهن وڃڻ جي
خواهش ڏيکاري ته حجاج چيس ”تون هرص نه ڪر، منهنجي
خيال مطابق سنڌ امير عماد الدين محمد بن قاسم ثقفي
جي هٿان فتح ٿيندي.
محمد بن قاسم:
حجاج سنڌ جي محاذ لاءِ پنهنجي ننڍي عمر واري سؤٽ محمد بن قاسم
کي چونڊيو، جيڪو سندس نياڻو به هو. محمد بن قاسم
کي بهار البر جو گل پسند هئڻ ڪري ابوالبهار جي
ڪنيت سان مشهور ٿيو سندس نسبي سلسلو هن طرح آهي.
”محمد بن قاسم بن محمد بن حڪم بن ابي عقيل رضه“ 75هه (95_694ع)
تي طائف ۾ ڄائو حجاج بن يوسف عراق جو گورنر ٿيڻ
وقت ثقفي خاندان جي خاص ماڻهن کي وڏن عهدن تي
ويهاريو. محمد بن قاسم کي بصري جو گورنر بڻايائين.
محمد بن قاسم ننڍپڻ ۾ ئي وڏو ذهين هو پر غربت ڪري
اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو ۽ دمشق جي فوج ۾
ڀرتي ٿي ويو، جتي سندس صلاحيتن ڪري اعليٰ عهدن تي
مقرر ڪيو ويو. 90هه ۾ حجاج کيس ڪردن جي مقابلي
لاءِ ايران موڪليو، جنهن وقت سندس عمر پندرهن سال
هئي. ڪردن کي شڪست ڏيندو ۽ اصطخر فتح ڪندو جرجان
طرف وڌڻ لڳو. شيراز شهر جي بنياد وڌائين، جيڪو اڳ
هڪ ننڍي ڇانوڻي جي صورت ۾ هو.
جنت السنڌ ۾ مولائي شيدائي ابن قاسم جي باري ۾ لکي ٿو ته
”سترهن سالن جي عمر ۾ جڏهن شيراز جو گورنر مقرر
ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ امن، انصاف ۽ رواداري قائم
ڪيائين، سندس تقرير هر ننڍو، وڏو، عالم، فاضل
دلچسپي سان ٻڌندو هو“ مولائي شيدائي جسماني ساخت ۽
چهري جي مهانڊن جي باري ۾ لکي ٿو ”هو تمام خوبصورت
نوجوان هو. اکيون وڏيون وڏيون، نرڙ ويڪرو، هٿ
کليل، ڀريل بدن، گلابي رنگ، رعبدار آواز، مضبوط
ارادن وارو، اعليٰ اخلاق سان سينگاريل، مٺي زبان
وارو ۽ نهايت ٻاجهارو هو.“ (ص 96_ 97)
جڏهن حجاج بن يوسف سنڌ تي ڪاهه جو پڪو ارادو ڪري چڪو هو، ان وقت
محمد بن قاسم حجاج جي حڪم سان ئي ري تي چڙهائي
ڪرڻ لاءِ ويل هو. اتي حجاج جو حڪم مليس ته سنڌ
ڏانهن وڃ ۽ ان فوج جو انتظار ڪر جيڪا خشڪي رستي
موڪلي رهيو آهيان، حجاج سنڌ تي حملي جي پوري پوري
تياري ڪري ڇڏي هئي. سندس جذبات جو اندازو هن خطبي
۾ ٿئي ٿو جيڪو جمعي ڏينهن عوام آڏو پڙهيائين.
”مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته وقت تلوار جي ڌار وانگر هوندو
آهي، ڪڏهن مخالف ته ڪڏهن موافق _ اهو وقت جڏهن
اسان جي پاسي هجي ته پنهنجي فوج جي تربيت ڪرڻ
گهرجي پر مخالف پاسي هجي ته مصيبتن تي صبر ۽ الله
جي عنايتن تي ڀروسو رکڻ گهرجي. بديل جي غم مون کي
جهوري وڌو آهي ۽ مان ان جو بدلو وٺڻ لاءِ پوري طرح
تيار آهيان ۽ اهو داڳ ڌوئڻ کانسواءِ چپ ڪري نه
ويهندس.“
سنڌ لاءِ فوجي تياري:
حجاج ڇهه هزار شامي فوجن سان گڏ ڪيترائي نوجوان چونڊيا ۽ لشڪر
لاءِ اوتريون ئي اٺڙيون ساڻ ڏنيون، ان کان علاوه
سامان کڻڻ لاءِ اٺ الڳ. لشڪر جي آرام، سڪون جو
جوڳو بندوبست ڪرڻ سان گڏ ننڍي کان ننڍي ضرورت مثال
طور سئي ڌاڳو به ساڻ ڏنو. عرب جيئن ته سرڪي جا
شوقين هئا ان ڪري ڪپهه سرڪي ۾ ڀڄائي ۽ اس تي سڪائي
موڪليائين، جيئن وقت پوڻ تي پاڻيءَ ۾ ڇاڻي ڪري
پيئن. ان کان علاوه فوجي ضرورتن جو سامان منجنيقون
وغيره جهازن تي چاڙهي بحري رستي ديبل ڏانهن
اماڻيائين. انهن منجنيقن ۾ هڪ ”عروس“ نالي سان
هئي، جنهن کي پنج سؤ جوان هلائيندا هئا.
محمد بن قاسم مڪران ۾:
جهم بن زحر سان گڏ لشڪر شيراز پهتو ۽ پوءِ اتان محمد بن قاسم جي
اڳواڻيءَ ۾ خشڪي رستي اچي مڪران نڪتو، جتي سندن
مڪران جي گورنر محمد بن هارون آڌرڀاءُ ڪيو. لشڪر
اتي مهينو ترسي سفر جو ٿڪ لاٿو.
قنزپور تي ڪاهه:
مڪران کان نڪري محمد بن قاسم قنزپور تي اچي حملو ڪيو. محمد بن
هارون بيمار هجڻ جي باوجود به شرڪت ڪئي. ڪجهه
مهينن کان پوءِ مسلمانن شهر فتح ڪري ورتو.
ارمابيل جي فتح:
قنزپور جي ڪاميابيءَ کان پوءِ محمد بن قاسم ارمابيل جلدي فتح
ڪري ورتو ۽ اتي ئي ڪجهه ڏينهن فوج جي آرام لاءِ
ترسي پيو، بلاذري مطابق محمد بن هارون ارمابيل
ويجهو وفات ڪئي ۽ اتي ئي قنبل (قنبلي) ۾ پوريو
ويو.
محمد بن قاسم ارمابيل ۾ ئي هو ته حجاج بن يوسف جو هيٺيون هدايتي
خط مليس.
”جڏهن توهان سنڌ جي حدن اندر ديبل ويجهو پهچو ته ڪٿي ترسڻ وقت
چوڌاري کاهي کوٽي پوءِ پڙاءُ ڪيو. رات جو گهڻو وقت
جاڳي الله جي عبادت ۽ قرآن جي تلاوت ۾ گذاريو ۽ هر
وقت ذڪر ۽ لاحول ولا قوة الا باالله العلي العظيم
زبان تي جاري هجي. دشمن جي ڀڙڪائڻ تي تڪڙ نه ڪجو
جيستائين مان اجازت نه ڏيان. انشاءُ الله تعاليٰ
اهي صلاحون تنهنجي ڪاميابيءَ ۾ مددگار ثابت
ٿينديون.
محمد بن قاسم ديبل ۾:
ارمابيل مان محمد بن قاسم روانو ٿيو ۽ جمعو 92 هه تي ديبل پهچي
جمعي نماز ادا ڪئي ۽ خطبو پڙهيو. اتفاق سان
هيڏانهن حجاج جو موڪليل سامان به جهازن رستي اچي
ديبل پهتو.
ديبل شهر جو نالو ديول مندر ڪري پيو هو جنهن جا منارا زمين کان
چاليهه گز مٿي هئا ۽ انهن مان هڪ مناري تي ڳاڙهو
جهنڊو اهڙيءَ طرح لڳل هيو جو چوڌاري ڦڙڪندو هو ۽
شهر وارن ۾ اهو اعتقاد هو ته جيستائين جهنڊو
ڦڙڪندو رهندو ڪوئي اسان کي جهڪائي نه سگهندو. مندر
جي خدمت لاءِ 700 پڄاري هر وقت موجود رهندا هئا.
ديبل شهر تمام وڏو ۽ سندس حفاظت لاءِ چوڌاري ڀت قائم هئي. محمد
بن قاسم جي اچڻ جي خبر ديبل وارن کي پئي ته شهر جا
ڦاٽڪ (دروازا) بند ڪري ڇڏيائون. محمد بن قاسم شهر
جو گهيراءُ ڪري منجنيقون کوڙي، چوڌاري خندقون کوٽڻ
شروع ڪيون. سنڌي سپاهي قلعي جو دروازو کولي وقفي
وقفي سان حملو ڪري وري اندر هليا ويندا هئا ۽ قلعي
جو دروازو بند ڪري ڇڏيندا هئا. حجاج طرفان اڃان
حملي جو حڪم نه پهتو هو ۽ اٺين ڏينهن جڏهن حڪمنامو
آيو ته مسلمانن ڪاهه ڪرڻ شروع ڪئي. ٻنهي طرفن کان
تيرن جي ڏي وٺ شروع ٿي پر مسلمانن جي حق ۾ اڃان
تائين ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو.
هڪ برهمڻ جي صلاح:
مسلمان اڃان انهيءَ ٻڏتر ۾ هئا ته ديبل کي ڪيئن فتح ڪجي، شهر
مان هڪ برهمڻ مسلمانن جي لشڪر اندر گهڙي آيو ۽
محمد بن قاسم اڳيان حاضر ٿي عرض ڪرڻ لڳو. اي
مسلمانن جا سردار! جان جي امان ملي ته ڪجهه عرض
ڪيان؟ محمد بن قاسم طرفان اجازت ملڻ تي چوڻ لڳو.
اسان پنهنجي ڪتابن ۾ اوهان جي اچڻ جي خوشخبري پڙهي
آهي پر هي شهر تيستائين فتح نه ٿيندو جيستائين هي
بتخانو برقرار آهي ۽ جهنڊو ڦڙڪندو رهي ٿو.
محمد بن قاسم جو حڪم:
محمد بن قاسم ماهر نشاني باز جعونا سلمي کي گهرايو ۽ گنبذ
ڪيرائڻ جي صورت ۾ ڏهه هزار درهم ڏيڻ جو واعدو
ڪيائينس، جعونا چيو منهنجو نشانو ڪڏهن خطا نه ويو
آهي، جيڪڏهن وڃي ته منهنجون ٻانهون جسم کان ڌار
ڪجو.
هيڏانهن محمد بن قاسم سڄي صورتحال حجاج کي لکي. حجاج کي هن جنگ
سان گهڻي دلچسپي هئي ان ڪري خط ۽ چٺي پهچڻ جو جوڳو
بندوبست ڪري ڇڏيو هئائين. خط هڪڙي هفتي اندر
پهچندو هو ته ٻئي هفتي وڃي جواب ملندو هو.
محمد بن قاسم کي حجاج حملي جي اجازت ڏيڻ وقت لکيو ته ”حملو پرهه
ڦٽيءَ مهل ڪندو ڪر ۽ ان وقت سج تنهنجي پٺيان هجڻ
گهرجي، جيئن دشمن کي چڱي طرح ڏسي سگهين. عروس
منجنيق کي اوڀر کان رکي ڪري اڳ ۾ مناري کي ڪيراءِ
ته ڪاميابي ضرور تنهنجا قدم چمندي.“ جيئن صبح ٿي
محمد بن قاسم حملي جو حڪم ڏنو. مندر تي سنگباري
شروع ڪئي ويئي، عروس منجنيق جو هڪڙو پٿر وڃي اهڙو
مندر جي گنبذ کي لڳو جو گنبذ جهڊي سوڌو وڃي هيٺ
ڪريو. سڄي شهر ۾ ٻائيتال مچي ويو. شهر وارن جا
حوصلا خطا ٿي ويا ۽ شهر جا دروازا کولي وڙهڻ لاءِ
ٻاهر نڪري آيا. مسلمان ته اڳ ۾ ئي ان موقعي جي تاڙ
۾ ويٺا هئا، جيئن سنڌ جي سپاهين کي ڏٺائون مٿان
ڪڙڪي پيا. ڪجهه قلعي جي ڀتين تي وڙهڻ لڳا. پهريون
قلعو پار ڪرڻ وارو شخص ڪوفي جو بهادر سپاهي صعدي
بن خزيمه ۽ ٻيو بصري جو نوجوان عجل بن عبدالملڪ
هو. شهر وارن ڏٺو ته مسلمان قلعو پار ڪن ٿا ته
شهر جا دروازا کولي ڇڏيائون. ٽن ڏينهن تائين محمد
بن قاسم وڙهندو رهيو ۽ ويڙهاڪن کي ماريندو رهيو.
شهر فتح ٿيندي ئي ديبل جو گورنر فرار ٿي ويو، ۽
پوءِ شهر ۾ امن قائم ٿيو. محمد بن قاسم مسلمان
لشڪر ۾ زمين ورهائي.
ديبل جي جيل گهر مان مسلمان قيدين جو هٿ اچڻ:
ديبل ۾ داخل ٿي ڪري مسلمانن کي هڪ قيد گهر مان اهي ماڻهو هٿ آيا
جن جي باري ۾ حجاج بن يوسف راجا ڏاهر کي لکيو هو ۽
راجا ڏاهر جواب ڏنو هو ته ”اهي ماڻهو منهنجي وس ۾
ناهن. “ محمد بن قاسم قيد گهر جي چوڪيدار قبلا کي
جڏهن قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته هن عرض ڪيو، ”حضور!
مون کي مارڻ کان اڳ توهان قيدين کي منهنجي ورتاءَ
جي باري ۾ معلوم ڪيو پوءِ مون کي سزا ڏيو.“ قيدين
کي گهرائي ڪري محمد بن قاسم کانئن معلومات ورتي ته
انهن قبلي جي سهڻي سلوڪ جي تعريف ڪئي. سندس تعريف
ٻڌي ڪري محمد بن قاسم کيس اسلام جي دعوت ڏني. هن
دل خوشي سان اسلام قبول ڪري ورتو. ان بعد مسلمانن
جي سپه سالار ديبل جو حاڪم حميد بن وداع نجدي کي
بڻائي تاڪيد ڪيائين ته سڀني مسلمانن ۾ قبلي جو
مشورو لازمي آهي. جنهن کان پوءِ محمد بن قاسم جي
حڪم سان غنيمت واري مال جو پنجون حصو سرڪاري خزاني
لاءِ حجاج ڏانهن روانو ڪيو ويو ۽ باقي بچيل ۽
ارمابيل مان حاصل ٿيندڙ مال کي مسلمان لشڪر ۾
حيثيت مطابق ورهايو ويو. گهوڙي سوارن کي پيادل ۽
اٺ سوارن کي ٻيڻ تي ڏنو ويو، سنڌ ۾ پهرين مسجد
محمد بن قاسم هتي جوڙائي.
راجا ڏاهر جو خط:
راجا ڏاهر کي ديبل جي فتح ۽ مسلمانن جي بهادريءَ جي خبر پهتي ته
نيرون ڪوٽ (هاڻوڪو حيدرآباد) جي والي جيسينا جنهن
وٽ ديبل جي گورنر به ڀڄي وڃي پناهه ورتي هئي، کي
چورائي موڪليائين ته درياءَ پار ڪري برهمڻ آباد
پهچ ۽ نيرون ڪوٽ شمني کي سونپي ان جي حفاظت لاءِ
تاڪيد ڪريس.
سڀ انتظام ڪري پوءِ محمد بن قاسم ڏانهن ڏاهر خط لکيو ته، ”هي خط
سنڌ جي بادشاهه ۽ هند جي راجا بر ۽ بحر جي مالڪ
ڏاهر بن چچ طرفان مغرور ۽ ٺڳيل ۽ انسانن کي مارڻ ۾
بي رحم محمد بن قاسم ڏانهن آهي، جيڪو بي وقوفي سان
پنهنجي لشڪر کي برباديءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلائي رهيو
آهي.
تو کان اڳ به ڪن ماڻهن کي سنڌ ۽ هند فتح ڪرڻ جو خبط ٿيو هو پر
ديبل وارن سندن دماغ درست ڪري ڇڏيو. تون ننڍڙي ۽
ڪمزور قلعي واري ڳوٺ ديبل جتي صرف واپاري رهن ٿا،
کي فتح ڪري فخر نه ڪر. اهو اسان جو فوجي ڳڙهه ناهي
۽ نه ئي ڪو اتي نالي وارو سپه سالار هو، جيڪو تو
کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ها ۽ تنهنجو ڪوئي همدرد
هتان جيئرو واپس نه وڃي ها. هاڻي به تنهنجي حق ۾
آهي ته خير سان موٽي وڃ نه ته منهنجي پٽ سنڌ،
مڪران ۽ توران جي والي جيسينا جي ور چڙهي ويندين،
جنهن اڳيان وڏا وڏا راجا مٿو رڳڙيندا آهن ۽ سؤ
مست هاٿي سندس حڪم جا منتظر هوندا آهن ۽ پاڻ اڇي
هاٿي تي سوار ٿيندو آهي. تون مڙي وڃ نه ته تنهنجو
حشر به بديل جهڙو ٿيندو.“
محمد بن قاسم جو جواب:
ڏاهر جو خط محمد بن قاسم کي مليو ته مترجم گهرائي مضمون ٻڌي
هيٺيون جواب لکرايائين.
”هي خط محمد بن قاسم ثقفي طرفان جيڪو مغرورن ۽ سرڪشن کان
مسلمانن جو بدلو وٺندڙ آهي. ڪافر، جاهل ۽ هٺيلي
ڏاهر بن چچ برهمڻ غدار ڏانهن جيڪو پنهنجي چريائپ
ڪري بي وفا زماني تي ڀروسو ڪري ٿو.
تنهنجي جهالت ۽ تڪبر واري تحرير ملي، تنهنجي حيثيت، حشمت،
هٿيارن، هاٿين، طاقت ۽ قوت جو اندازو ٿيو، پر توکي
ڪهڙي خبر ته انهن سڀني جي ڀيٽ ۾ الله جي مدد
مٿانهين آهي، جنهن تي اسان جو مدار آهي. ولا حول
ولا قوة الا بالله العظيم، فيکيدوا لک کيدا. . .
.(وڏي ۽ زبردست الله کانسواءِ ٻي ڪا امداد ۽ قوت
ڪانهي. هو تنهنجي لاءِ رٿون رٿن ٿا پر انهن کي
مهلت نه ڏني ويندي. مون الله تعاليٰ تي توڪل ڪئي
آهي، جو منهنجو ۽ توهان جو رب آهي. هنن رٿون
رٿيون، هوڏانهن (الله) به رٿ رٿي ۽ الله تعاليٰ
سڀني کان سٺو رٿيندڙ آهي، بري رٿ، رٿيندڙ کي ئي
گهيرو ڪندي آهي. ڪيتريون ٿوريون ٽوليون الله جي
حڪم سان وڏين ٽولين تي غالب پون ٿيون ۽ الله
تعاليٰ صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.)
اڙي عاجز! سوار، هاٿي ۽ لشڪر تي ڪهڙو ناز ڪرين ٿو! تو کي اهڙي
هاٿي جهڙي ڪمتر شيءِ تي ڀروسو آهي، جيڪو عمولي مڇر
کي به پنهنجي جسم تان هٽائي نٿو سگهي ۽ جن گهوڙن ۽
سوارن کي ڏسي حيران ٿيو آهين اهي الله جا سپاهي
اٿئي (قوله تعاليٰ) الا ان حزب الله هم الغالبون و
خيل الله وفرسانها هم المنصورون.
(1)
تنهنجي ڪڌن ڪمن ۽ ڪرتوتن ڪري اسان کي تو تي چڙهائي ڪرڻي پئي.
تون اسرانديپ جا ٻيڙا روڪي مسلمانن کي قيد ڪيو.
جيتوڻيڪ دنيا جا سڀ ملڪ خليفي جا اطاعت گذار آهن.
نبوت جو نائب آهي، پر تون ئي صرف ارڏو آهين ۽ عناد
رکين ٿو. تون کان پهريان سڀ راجا بيت المال ۾
پابندي سان ڍل جمع ڪرائيندا هئا پر تون اها روڪي
ڇڏي. پر جڏهن تون اهڙيون اڻوڻندڙ حرڪتون ڪيون،
براين ۾ حد کان ٽپي وئين ته توکي سيکت ڏيڻ ضروري
ٿي ويئي. مون کي يقين آهي ته تنهنجو ۽ منهنجو
مقابلو جتي به ٿيندو، مان الله جي مدد سان جيڪو
ظالمن کي مغلوب ڪرڻ وارو آهي تو کي ضرور مغلوب ۽
ذليل ڪندس، تنهنجي منڍي لاهي عراق موڪليندس ۽ مان
الله جي راهه ۾ قربان ٿي ويندس. هي جهاد الله
تعاليٰ جي حڪم سان جاهد الڪفار والمنافقين مطابق
مان پاڻ تي واجب سمجهي خدا پاڪ جي رضامندي لاءِ
قبول ڪيو آهي ۽ ان جي احسان جو اميدوار آهيان ته
هو اسان کي ڪاميابي عطا ڪري.
ٺٺي ۽ ديبل جي ڀيٽ:
سنڌ جي ٻن تاريخي شهرن ٺٽي ۽ ديبل جي تاريخ ڏاڍي الجهيل آهي.
ديبل جو هنڌ، آبادي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي حقيقتون هن
شهر جون تاريخ جي طالبعلم لاءِ منجهيل سٽ وانگر
آهن. علم ۽ ادب جي هڪ ٻئي ڳڙهه ٺٺي جي اڏيندڙ ۽
اهو دؤر هڪ ڳجهارت بڻيل آهن، ۽ ڇا ٺٺو ديبل واري
جاءِ تي آباد ٿيو يا وري ٻئي هڪ ئي وقت آباد هئا؟
تاريخ ۾ ٻنهي جو هڪ ئي هنڌ درج آهي ۽ پڙهڻ واري کي
ائين محسوس ٿئي ٿو ته اهي ٻئي نالا هڪ ئي شهر جا
آهن.
جناب حسام الدين راشدي صاحب ”مڪلي نامه، جي حاشين ۾ انهن شهرن
متعلق تمام قيمتي معلومات ڏني آهي، گڏوگڏ ٻيو اهم
تاريخي مواد به موجود آهي. مڪلي نامو سنڌ جي مشهور
مؤرخ مير علي شير قانع ٺٺوي جو منظوم فارسي رسالو
آهي. جنهن ۾ ٺٺي جي مشهور عمارتن ۽ مشهور مڪلي
قبرستان ۾ مدفون عالمن ۽ عظيم انسانن جي حالات
زندگي تي ٻڌل آهي. اهي حاشيا پنج ڇهه سؤصفحا آهن
يعني پڳ ننڍي ۽ طرو وڏو، پر اهي ٺٺي ۽ سنڌ جي
تاريخ تي ڪنهن سند کان گهٽ ناهن ۽ سنڌ جي
انسائيڪلوپيڊيا چئجي ته غلط نه ٿيندو. راشدي صاحب
ان ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ديبل ۽ ٺٺو ٻه
مختلف شهر هئا ۽ ٺٺو ديبل جي برباديءَ کان پوءِ
آباد ناهي ٿيو پر ان کان ڪافي اڳ آباد هو.
اهي حاشيا مڪلي نامه جي صفحي نمبر 11 کان 40 ترائين ڏنل آهن،
جيڪي اسان پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي پيش ڪيون
ٿا. اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان منظر عام تي
اچڻ وارو آهي.
(1)
(1) تاريخ طاهريءَ جي مصنف لکيو آهي ته: ڄام نظام الدين تخت تي
ويهڻ (25 ربيع الاول 886) کان پوءِ ٺٽي جو شهر
آباد ڪيو:
_ ”بخاطرش رسيد کہ شهر نو، بوقت اسعد بنا بايد ساخت کہ آنجا،
خرمي و خوشدلي هميشہ وهمہ وقت بوده بادشاهه“
برهمنان و منجمان اختر شناس ساعت سعيد ديده، در اطراف و پيرامون
ساموئي گرديده، جائي کہ شهرتتہ است، ان زمين را
پسند طبيعت داشتہ بعرض جام بعرض نموده، بناءِ شهر
تتہ نهادند _ _ _ الخ“
ليڪن اهو قول صحيح نه آهي، ڄام نظام الدين جي زماني کان ڪم و
بيش ٻه سو ورهه اڳ ٺٽي جو شهر آباد ۽ سنڌ جو
دارالسلام بڻجي چُڪو هيو.
لوور سنڌ ۾ جيڪي تاريخي شهر آهن، انهن مان اول ديبل ۽ ٺٽي کي
خاص اهميت ۽ شهرت حاصل رهي آهي.انهن ٻنهي شهرن جي
سلسلي ۾ محققن جي درميان ڪئين مسئلا تصفيه طلب
آهن، جنجو قطعي طرح اڄ سوڌو ڪو به فيصلو ٿي نه
سگهيو آهي. ان جو وڏو ڪارڻ هي آهي جو ڪنهن به ڪڍ
پئي انهن مسئلن جو حل تلاش ڪونه ڪيو آهي، اهي
منجهيل مسئلا هن ريت آهن:
الف ــ ديبل انهن متعدد جاين مان واقعتاً ڪهڙي هنڌ آباد هيو؟ جن
ڏانهن قياس جي بناءِ تي سنڌيالوجيءَ جي انگريز
محققن اشارو ڪيو آهي.
ب_ ديبل ڪڏهن برباد ٿيو؟
ج_ ٺٽو ڪهڙي زماني ۾ آباد ٿيو. ۽ ڪير ان جو باني هيو؟
د_ ٺٽو جدا هنڌ تي آباد ٿيو يا ديبل جي ڊٺل ڍيرن مٿان اڏيو ويو؟
هه_ تاريخن ۾ ”ديول ٺٽو“ گڏ نظر اچي ٿو، ان جو مطلب ڇا آهي؟
اهي سوال طئي ٿي سگهن بشرطيڪه، تحقيقات جا سمورا جديد ذريعا
انهيءَ ڏس ۾ استعمال ڪيا وڃن. هيٺ اسان سال وار
اهي ماخذ پيش ڪيون ٿا جن ۾، ديبل خواه ٺٽي جو ذڪر
آيو آهي.تاڪه، پڙهندڙن کي معلوم ٿئي ته مسلمانن جي
ڪُتابن ۾ ــــــــــ ديبل جو ذڪر ڪڏهن کان شروع
ٿيو ـــــــــ ڪهڙي زماني ۾ ان جو نالو تاريخ جي
صفحن تان گم ٿيو ـــــــــ ٺٽي جو نالو سڀ کان
پهريون ڪڏهن تاريخ ۾ آيو ۽ ديبل جي ختم ٿيڻ ۽ ٺٽي
جي نروار ٿيڻ ۾ ڪيترن سالن جو وقفو پيو.
ديبل:
150 هه: طرائف الادبيه: ــ (مرتبه مولانا عبدالعزيز الميمني
مطبوعه قاهره 1937 ص 102) خالد قناص جو نائون
نونيه قصيدو جنهن کي ”عروس“ سڏيو وڃي ٿو، ان جي
پهرين ٻن شعرن ۾ ديبل جو ذڪر هن طرح آيل آهي:
عو جو اعليٰ طلل بالقفص خلاني،
اقوي فقطانہ ارآل هيقان،
کالديبليات او اجل قراهية،
کالديبليات او اجل قراهية،
من بين احمد يرعاها ويثران.
قفص (عراق جي تفريحي شهر) ڏانهن هلو! اي منهنجا دوستو! جيڪو
ويران ٿي رهيو آهي، ۽ هاڻي منجهس شتر مرغ جا ٻچا
رهن ٿا. ديبل جي نيل گاين، جيان، يا جنگلي نيل
گاين وانگر، جيڪي لال رتيليون آهن. پاڻ جهڙن ڍڳن
جي درميان ـــ شايد ان دور ۾ ديبل جي آس پاس نيل
گايون رهنديون هيون، جن کي ديبل جي نسبت سبب
”ديبليات“ سڏيو ويو آهي. اهو شاعر ٻيءَ صدي هجريءَ
جي وچ ڌاري هيو.
231 هه المعجم ما استعجم: جي جي مصنف ابي عبيد عبدالله بن
عبدالعزيز المتوفي 487هه ، ديبل جي تحت هڪ شعر
آندو آهي (3/569) جنهن ۾ ديبل جو ذڪر آهي، اهو شعر
ابن الاعرابي (محمد ابن زياد 150 ــــ 231هه ـــ
زرکلي 6/ 365) کان ثعلب ٻڌو، جنهن کان ابو عمر
(زاهد) ٻڌو، جنهن کان ڪتاب جي مصنف ٻڌي لکيو. شعر
آهي:
کان زراعہ المشکول منہ
سليب من رجال الديبلان.
¶انهيءَ
مٽڪي جي منهن جي گرنو ٻڌي وئي آهي، گويا ديبل جو
ڪو (ڪارو) ماڻهو آهي، جنهن جا ڪپڙا لاٿا ويا هجن
ــــ معلوم ٿو ٿئي ته ديبل جا ماڻهو ڪارا هئا، جن
جي ڪارپ کي، شراب جي پراڻي مٽ جي اودي پڻ کي
نمايان ڪرڻ لاءِ، بطور تشبيهه جي ڪم آندو ويو آهي.
مصنف وڌيڪ لکي ٿو: ”اهو شعر هڪ مٽ جي تعريف ۾ آهي، مشڪول بمعني
مشدود، ديبلان کاڻ آهي ڪارن جي.“
618هه: جلال الدين خوارزم شاه، چنگيز خان جي چڙهائيءَ سبب ملڪ
ڇڏي 8 شوال 618هه جو سنڌ ۾ داخل ٿيو، ۽ 619هه جو
هتان واپس ويو. صاحب طبقات ناصري (تاليف 658هه)
سندس ذڪر ڪندي لکيو آهي:
”جلال الدين خوارزم شاه بزمين سند آمد، و بر طرف ديول و مکران
رفت . . . . . “ (492)
618هه: جهانکشائي جويني: (تاليف 659هه) ۾ ساڳيو مذڪور هن ريت
آهي: . . . . . و بر جانب ديول و دمريله ـــــ
(مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي جي قياس مطابق دمريله
مڪران جي سرحد تي هيو) ـــــ نهضت کرد. و چنيسر که
حاکم آن ولايت بود، بگريخت ودر کشتي بدريا رفت.
سلطان نزديک ديول و دمريله فرود آمد . . . . . و
سلطان در ديول، مسجد جامعي بنا فرمود، در موضعي که
بتخانه بود ـــــــ“ (تاريخ معصومي صه 286 بحواله
جهان کشائي ج 2 ـــ ص 146_ 148 ترجمه انگريزي
Boyle vol II B416-17
آثار الوزراءَ عقيلي مطبوعه طهران 1337 ش ـــ ص
271.“
625هه: طبقات ناصري جو مصنف، قباچه جي مرڻ بعد سلطان شمس الدين
التمش (607 ــــ 633هه) جي قبضي جو ذڪر ڪندي لکي
ٿو: . . . . . آن بلاد تا آب محيط فتح شد، و ملک
سنان الدين جنيسر (چنيسر) که والي ديول و سند بود
بخدمت درگاه شمس الدين پيوست . . . . (523)
626هه: معجم البلدان: ياقوت حموي متوفي 626هه .
634هه: سلطان رضيه، (634 ـــ 637هه) جو ذڪر ڪندي طبقات ناصريءَ
جو مؤلف لکي ٿو ته: ـــ ”از ممالڪ لکهنو تي تا
ديول همه ملوک و امراءِ انقياد نمودند . . . . “
(537)
از امام صاغاني (متوفي 29 شعبان 650هه جمع جي رات) امام صاغاني
ڪيترن سالن تائين سنڌ ۽ هند جي مختلف شهرن جو سفر
ڪيو. هن ديبل جو شهر پاڻ ڏٺو. پهريون سفر 590هه
کان 595هه تائين ڪيائين، 505هه ۾ سنڌ مان ٿيندو
عراق هليو ويو. 606هه ۾ وري هندوستان آيو ۽ 610هه
۾ موٽي حج تي هليو ويو. 613هه ۾ حج کان فارغ ٿي
هندوستان پهتو ۽ 615هه ۾ بغداد واپس ٿيو. وري
616هه ۾ خليفه الناصر الدين جو سفير ٿي التتمش جي
دربار ۾ آيو. هو ڪتاب العباب لکندي لفظ (يکم) تي
پهتو جو 650هه ۾ اوچتو انتقال ڪيائين ۽ ڪتاب
نامڪمل رهجي ويو، جيڪي شهر هن ڏٺا تن جو ڪتاب ۾
جا بجا ذڪر ٿيل آهي. چنانچه ديبل جي سلسلي ۾
هيٺين عبارت لکي ٿو، جنهن مان معلوم پيو ٿئي ته
650هه ۾ جنهن وقت ڪتاب هٿ ۾ هيس. ديبل موجود هيو.
”ديبل سنڌ جي شهرن مان هڪ قصبو آهي، جتي بندرگاهه
آهي ۽ ٻيڙا پگهه ڪن ٿا. هتان جا عام رهاڪو نيڪ
طينت آهن، پر قديم امير ۽ حاڪم، خواه هاڻوڪا حاڪم
۽ امير بد باطن آهن. بحري ڌاڙيلن سان سندن تعلق
آهي، ۽ لٽ ڦر جي مال مان پنهنجو حصو اوڳاڙين ٿا“
(عربي عبارت ڏسو معارف نمبر 3 جلد 83 ص 223 ــــ
ڪتاب جو روٽو گراف سينٽرل اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ
ڪراچيءَ ۾ موجود آهي. تاج العروس ۾ زبيديءَ (ماده
دبل) ۾ مٿئين عبارت کي نقل ڪيو آهي. صاحب تاج
العروس قصبي جي بجاءِ ديبل کي سنڌ جو پايه تخت
ڄاڻايو آهي.)
658هــ: طبقات ناصري: قاضي منهاج سراج جزجانيءَ 658هه ۾ مرتب
ڪئي. پاڻ ڪيترو وقت قباچه وٽ، اچ ۾ رهيو. هن ديبل
جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو مٿي ڏنو ويو آهي. (اسن جي
سامهون آقائي حبيبيءَ جو پهريون ايڊيشن آهي.)
659هه: جهانکشائي جويني: ــ از عطا ملڪ جويني. تاليف 659هه ــ
هن ۾ جلال الدين خوارزم شاه جي آمد جو ذڪر ٿيل
آهي، جيڪو مٿي ڏئي چُڪا آهيون.
682 هه: آثار البلاد: قزويني متوفي 682هه. هن جو ماخذ اصطخري
آهي.
734هه: رحله ابن بطوطه: ــ از صفي الدين بغدادي (متوفي 749هه)
هي ڪتاب معجم البلدان ياقوت جو اختصار آهي.
821هه: صبح الاعشيٰ : قلقشندي متوفي 821هه. چوٿين جلد ۾ امام
صاغاني جي ڪتاب العباب الذاخر جي حوالي سان ديبل
جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
پويان چار ڪتاب قديم ڪتابن تان ورتل مواد تي انحصار رکن ٿا،
انهن ۾ ذڪر اچڻ سبب اهو نه سمجهڻ کپي ته، ديبل
انهيءَ زماني تائين موجود هيو.
مٿين سوالوار نقشي مطابق امام صاغانيءَ ۽ منهاج سراج جي قول مان
ثابت ٿئي ٿو ته، ديبل 650 هه ــ 658هه تائين
موجود ۽ آباد هيو. البته دارالسلطنت جي بجاءِ قصبو
بڻجي چڪو هيو، جيئن امام صاغانيءَ ڄاڻايو آهي.
734هه ۾ جڏهن ابن بطوطه آيو تڏهن ديبل يا ته صفا
برباد ٿي چُڪو هيو يا ان جي بندرگاهه واري حيثيت ۽
اهميت ختم ٿي وئي هئي، جنهن ڪري ابن بطوطه لاهري
بندر تان لهي سڌو سيوهڻ آيو. گويا منهاج سراج کان
پوءِ ابن بطوطه تائين جو جيڪو منيءَ صديءَ جو عرصو
گذريو، ديبل جو وجود انهيءَ عرصه اندر ختم ٿيو.
ديبل جي سلسلي ۾ سلسليوار حوالا مٿي نظر مان گذري چُڪا. هيٺ
ساڳي ترتيب سان ٺٺي جا حوالا ڏجن ٿا، جنهن مان ٺٽي
جي قدامت، ۽ ديبل ۽ ٺٽي جي درميان جيڪو سالن جو
وقفو آهي، اهو ظاهر ٿي ويندو.
|