شاهه شجاع جا ظلم:
آخر ائين ئي ٿيو، شاهه شجاع ٻن سالن کانپوءِ شڪارپور موٽي آيو ۽
هتي رهي ڪري خراسان کي حاصل ڪرڻ جون تياريون ڪرڻ
لڳو. هفتي ۾ هڪ ڀيرو هزاريدر ٻاهر (شڪارپور) ان
سندس فوجون جنگي مشقون وڃي ڪنديون هيون ۽ توپن جو
آواز جڏهن ميرن جي ڪنن تي پوندو هو ته چوندا هئا،
هي ڪهڙي مصيبت پنهنجي سر تي کنئي آهي، جيترو جلد
ٿي سگهي شاهه شجاع کي خراسان واپس روانو ڪجي.
شاهه شجاع دولت ۽ هٿيار پنهوار ميڙڻ لاءِ ماڻهن تي وڏا ظلم ڪيا
۽ پنهنجي مرضيءَ موجب هر خواهش جي پورائي ڪندو
رهيو. منشي عطا محمد شڪارپوري سندس ظلمن جو داستان
ٻڌائيندي لکي ٿو ته:
”پاڻ انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي ڇتڪتائي ۾ اچي نوان ڪلور ڪري ظلم
جون حدون ٽپي ويو. جتي به کيس ڪنهن مال ملڪيت جو
پتو ٿي پيس اتي پهچي لٽ مار لائي ٿي ڏنائين. جيئرا
ته ٺهيو مئن کي به ڪونه ٿي ڇڏيائين.“
خان الڪوزئي جي موت جي خبر پيس ته وڃي انجي سڄي ڌن دولت
ڦٻايائين ۽ سندس ٻارن ٻچن کي قيد ايتريون تڪليفون
پهچائيندو هو جو پراڻيون ناڪاره بندوقون انهن جي
ڪلهن تي رکي سڄو سڄو ڏينهن کين اُس تي بيهاري
ڇڏيندو هو.
هڪ ڀيري جمعي خان نوفلزئي جا ٻار ٻچا سندس ڊپ کان شهر ڇڏي
بيچانجيءَ ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيا هئا، کيس خبر پئي ته
هڪدم نيڪو خان کي حڪم ڏنائين ته وڃي ڪري ڪا ڪنواري
ڇوڪري کڻي اچ جيڪا شاهي حرم جي لائق هجي. نيڪو
جيئن اتي پهتو ۽ جمعي خان جي ڪنواري ڌيءَ کي کڻڻ
لڳو ته زائفن ۾ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويو. مردن ۽ عورتن
گهڻو ئي چيو ته ان جو مڱڻو ٿيل آهي، پر هو نه مڙيو
۽ زبردستي ڇوڪري کي شڪارپور کڻي آيو ۽ شاهه شجاع
ان سان نڪاح ڪري پنهنجي حرم ۾ داخل ڪيو. اهڙي طرح
شڪارپور جي شاهوڪارن ۽ غريبن سان هن اهڙيون جٺيون
ڪيون جو انهن تنگ ٿي ميرن کي کانئس جان ڇڏائڻ جي
درخواست ڪئي.
سنڌ جي ميرن جي ڪوشش:
آخر سنڌ جي ميرن شاهه شجاع کان جند آجي ڪرائڻ لاءِ افغان
بادشاهه سردار محمد عظيم سان لاڳاپا رکڻ جو فيصلو
ڪيو. ان لاءِ محمد ڪاظم شاهه کي اهو نياپو ڏئي
ڪابل اماڻيو ويو ته شاهه شجاع اوهان جي خلاف
شڪارپور ۾ تيزيءَ سان جنگي تياريون ڪري رهيو آهي،
توهان جيڪڏهن پنهنجا برڪت ڀريا قدم هتي کڻي اچو ته
پوءِ کيس شڪارپور مان تڙي ڪڍون ۽ جيڪو خرچ ان تي
ايندو اهو توهان جي خدمت ۾ رکيو ويندو.
سردار محمد عظيم کي جيئن ئي اهو نياپو مليو ته پنهنجي ڀائرن،
سردارن جنهن ۾ دوست محمد خان ۽ شير دل خان شامل
هئا ۽ پنجاهه هزار لشڪر کي ساڻ ڪري قلات جي سرحد
ڍاڍر وٽ اچي نڪتو.
انهيءَ جو اطلاع شاهه شجاع کي مليو ته ڳجهي نموني سردار محمد
عظيم جي ڪن اهم ساٿين کي خط لکي هي چيائين ته هاڻي
عظيم اسان جي ڄار ۾ پاڻ اچي ڦاسڻ وارو آهي، پوءِ
توهان جي ڇا مرضي آهي؟
سردارن جواب ڏنو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون. جيئن سردار عظيم
جنگ جي ميدان ۾ نڪرندو ته اسان کيس گرفتار ڪري
توهان جي خدمت ۾ پيش ڪنداسين. اهڙي جواب کانپوءِ
شاهه شجاع سنڌ جي ميرن کي چيو ته سردار عظيم وڙهڻ
لاءِ اچي چڪو آهي.
هاڻي ڏسون ٿا ته توهان ڇا ٿا ڪريو!؟ مير ته سردار محمد عظيم سن
گڏ هئا سو حيدرآباد مان مير ڪرم علي، مير مراد ۽
ٻيا مير، خيرپور مان مير سهراب، مير رستم لشڪر ۽
جنگي سامان سان گڏ اچي لاڙڪاڻي نڪتا ۽ اتان مرحوم
شاهل عباسيءَ جي قبي ڀرسان گڏ ٿيا.
شاهه شجاع جو وڃڻ:
سردار محمد عظيم 21 ــ 1820ع تي اچي ڀاڳ ناڙي ۾ وارد ٿيو ۽ اچڻ
سٽ ميرن کان هڪ لک خرچ گهريائين. ميرن جي نظر ۾
اهي تمام گهڻا پئسا هئا، ان ڪري ڪجهه گهٽ رقم ڏيڻ
چاهي ته سردار عظيم ميرن سان جنگ ڪرڻ جي سنبت ڪرڻ
لڳو. سنڌ جي ميرن هن جي اهڙي روش ڏٺي ته پنهنجو
وڪيل شاهه شجاع ڏانهن هن خط سان گڏ موڪليائون ته
سردار محمد عظيم جو حرص دنيا جهان جي خزاني سان به
پورو نه ٿيندو ۽ لالچ ۾ منهن وڌيون ويٺو آهي، هو
ڪشمير جي دولت ۽ خراسان جي لشڪر تي پيو ڪڏي پر
اسان کي اوهان جهڙي بادشاهه جي هوندي فڪر ڪرڻ جي
ڪهڙي ضرورت. چوندا آهن ته جڏهن ڪنهن جي زندگيءَ جا
ڏينهن کٽندا آهن ته شينهن سان جنگ جوٽيندو آهي، هن
به اوهان سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجي موت کي ڪوٺ ڏني
آهي، توهان شاهل عباسيءَ جي قبي وٽ هليا اچو اسان
توهان مٿان پنهنجي جان قربان ڪنداسين.
شاهه شجاع سنڌ جي ميرن طرفان اهڙو خط ملڻ تي بنا سوچڻ سمجهڻ جي
پهريان پنهنجي حرم کي سامان سوڌي درياءُ رستي سنڌ
اماڻيو ۽ انهن جي عزت جي حفاظت لاءِ سخت تاڪيد ڪيو
۽ پوءِ پنهنجي پٽ تيمور کي موڪلڻ وقت لکيو ته:
اولاً حرم محترم، دوماً شاهزاده کامگار روانہ نموده شد اين همہ
بار ناموس بر گردن آن عاليجاهان است.
پر ميرن انهن خطن کي ڪا اهميت نه ڏني.
شاهه شجاع شڪارپور مان هلي ڪري ڳڙهي ياسين پهتو ته ميرن جي وڪيل
اچي ڪري کيس هي پيغام ڏنو ته: سردار محمد عظيم پير
ميان غلام محي الدين سرهندي ۽ سيد اسماعيل شاهه هٿ
پنهنجا مطالبا رکيا آهن ۽ ٺاهه جون ڪوششون ڪري
رهيو آهي، جيڪڏهن ان اوهان جي اطاعت قبول ڪئي ته
فبها نه ته پوءِ اسان اوهان لاءِ سر تريءَ تي
رکيون ويٺا آهيون، في الحال اوهان اتي ئي ترسو،
جيڪا ڳنڍ نهن سان کلي ان کي ڏندن سان کولڻ جي ڪهڙي
ضرورت!
شجاع الملڪ وٽ ميرن جو اهو پيغام پهتو ته سردارن سان صلاح ڪري
اڳتي وڌيو ۽ وڃي ميرن کان ٿورو اوري ترسيو. ميرن
محمد خان لغاري ۽ سيد محمد ڪاظم شاهه کي سندس
آڌرڀاءُ لاءِ موڪليو، ٻي ڏينهن مير ڪرم علي ۽ مير
مراد پاڻ اچي شجاع الملڪ سان مليا ۽ پنهنجي خلوص
۽ محبت جو اظهار ڪيائون.
مير موٽڻ مهل منشي خوشي رام هٿ شجاع الملڪ ڏانهن وري اهو نياپو
اماڻيو ته اوهان جيڪڏهن سردار محمد عظيم جي انهن
اميرن جا خط ڏيکاريندؤ جيڪي توهان جا وفادر آهن ته
اسان کي سندن وفاداريءَ جو اندازو ٿي ويندو. شجاع
الملڪ اهي خط خوشي رام جي حوالي ڪيا، جنهن اچي
ميرن جي خدمت ۾ پيش ڪيا. ميرن پنهنجي معتبر
ماڻهوءَ جي هٿ اهي خط سردار محمد عظيم ڏانهن ان
پيغام سان روانا ڪيا ته: هي آهي توهان جي اميرن ۽
سردارن جي وفاداري! پر اسان پوءِ به اوهان جا سڄڻ
آهيون ۽ پراڻي اتحاد ۽ خلوص واري رشتي کي قائم رکڻ
چاهيون ٿا پر جيڪڏهن انهيءَ خرچ جي گهر اسان کان
نه ڪئي وڃي ته:
مير، سردار محمد عظيم جي جواب جي انتظار ۾ هئا ته خان الڪوزئي
جو مامو چار سؤ سوارن سان گڏ سردار عظيم کان الڳ
ٿي شجاع الملڪ سان اچي مليو. اهڙيءَ طرح ٻيا سردار
به اتان ڀڄي شجاع الملڪ سان ملندا رهيا ۽ انعامن ۽
ٻين نوازشن سان سرفراز ٿيندا رهيا. سردار محمد
عظيم جڏهن اهو ڏٺو ته سڀ خط کڻي اچي پنهنجي اميرن
اڳيان رکيائين ۽ اٽڪل سان چوڻ لڳو ته لڳي ٿو ته
شاهه شجاع اتي رهي مهرون ٺاهڻ سکي ويو آهي، جو
توهان جي نالن جهڙيون ڪوڙيون مهرون هڻي توهان کي
ئي بدنام ڪرڻ پيو چاهي.
سڀني سردارن جا منهن لهي ويا ۽ دل ۾ سر جو سانگو ٿيڻ لڳن، پر
سردار محمد عظيم وري به مٿن مهربان ئي رهيو.
سنڌ جي ميرن سردار عظيم کي پنهنجو ڪري ورتو ۽ کانئس ان خرچ جو
اڌ به معاف ڪرائي ڇڏيو، انهن سردار عظيم جي صلاح
سان دڳ دڳ تي اهڙيون چوڪيون قائم ڪري ڇڏيون جتان
سردار محمد عظيم جو ڪو به ماڻهو ڀڄي شاهه شجاع سان
ملڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته قتل ٿي ويندو هو.
شاهه شجاع ميرن کي اها ميار موڪلي ته انهن سياڻپ سان جواب ڏنو
ته، چوڪين تي روز نوان ماڻهو بدلجن ٿا، جن کي
پنهنجي پرائي جي خبر نٿي پوي. آئنده ائين نه
ٿيندو.
مطلب ته مير پنهنجي مفاد لاءِ ٻاهران ته شاهه شجاع سان گڏ هئا،
پر اندران سردار محمد عظيم جي پر کنيون بيٺا هئا ۽
ان کي خرچ ڏيڻ ۽ ساڻس ملڻ جي گذارش به ڪيائون پر
سردار عظيم چيو ته اڳ ۾ شاهه شجاع درياءَ جي پرين
ڀر هليو وڃي ته پوءِ مان ملندس.
ميرن سردار عظيم جي ان مطالبي کانپوءِ شاهه شجاع ڏانهن پنهنجي
وڪيل جي هٿ لکي موڪليو ته: تعزيت ڪرڻ دنيا جي رسم
آهي ۽ اسان اها رسم نڀائڻ واسطي سردار محمد عظيم
سان سندس وزير فتح خان جي وفات تي ملاقات ڪرڻ
چاهيون ٿا پر هو اوهان جي درياءُ پار وڃن جو شرط
رکيون ويٺو آهي، جيڪڏهن هو مليو ته اسان توهان
ٻنهي جو ٺاهه توهان جي مرضيءَ مطابق ڪرائينداسين ۽
ڪنهن تدبير سان کيس توهان جو فرمانبردار
بڻائينداسين.
شاهه شجاع ميرن جي ارادي کي سمجهي ويو هو، سو ميان شاهل جي قبي
کان اڳتي وڌي لاڙڪاڻي پهتو پر اتي به ميرن نه ڇڏيس
۽ نياپي مٿان نياپو موڪليندا رهيس. آخر شاهه شجاع
ڪاوڙ ۾ درياءُ ٽپي وڃي ڪناري تي تنبو هنيائين.
سنڌ جي ميرن ۽ سردارر عظيم جو ملڻ:
مير، سردار عظيم سان ملي پهريان وزير فتح خان جي عذر خواهي ڪئي
۽ پوءِ هڪٻئي جي خوشامد ۾ لڳي ويا. سردار عظيم
ميرن جي ريگستان ۾ شانائتي دعوت ڪئي ۽ اهڙا کاڌا
کين کارايا جيڪي اڳ انهن ڪڏهن ڏٺا ئي نه هئا، محفل
۾ هر قسم جو مزو موجود هو. ان کانپوءِ ميرن جو
وارو آيو ته انهن به وسان ڪو نه گهٽايو ۽ سردار
محمد عظيم جي مهماني پلي مڇي ۽ ٻين طعامن سان ڪئي،
کوڙ ساريون سوکڙيون جن جي قيمت لک کن هئي، سندس
خدمت ۾ پيش ڪيون ۽ ٻارهن لک ڏيڻا به ڪيا. سردار
عظيم به ميرن کي قيمتي پوشاڪ پهرائي. واعدا پختا
ٿيڻ کان پوءِ ميرن ٻيڙين تي موٽ ڪئي.
شاهه شجاع غمگين ۽ پريشان ڪناري تي ويٺو رهيو. حضرت ميان قبول
محمد سان ملاقات ڪيائين ۽ لشڪر ۾ موٽيو ته پگهارون
نه ملڻ ڪري سڀ سپاهي ۽ سردار باغي ٿيڻ لڳس، خيرپور
جي والي مير رستم وٽ توپ بردار ٻيڙيون امانت رکي
لڌياني ڏانهن نڪتو، رستي ۾ ريگستان
جي ڪري پاڻي جي ڏاڍي تڪليف پهتس پر پوءِ به لڌياني
پهچي ويو.
ميرن سان ملڻ کانپوءِ سردار عظيم شڪارپور آيو ۽ شاهي باغ ۾ ترسي
ميرن کان واعدي مطابق خرچ اوڳاڙي ۽ شڪارپور کي شير
دل خان جي نگراني ۾ ڏئي پاڻ ڪڇي رستي خراسان
(افغانستان) اسهيو. شير دل خان پنهنجو نائب مومن
خان غلزئي کي مقرر ڪيو، جنهن انصاف ۽ عقلمندي سان
ست، اٺ مهينا حڪومت هلائي.
شڪارپور تي ميرن جو قبضو:
ملا مؤمن کانپوءِ سردار رحمدل خان قنڌار کان شڪارپور جو ناظم ٿي
آيو ۽ 1826ع ۾ وري عبدالمنصور کي موڪليو ويو، جنهن
کي اڃا چار مهينا مس گذريا ته رنجيت سنگهه جي
شڪارپور اچڻ ۽ جنرل وينتوري جنهن رنجيت جي فوجن
جي جديد گهرجن پٽاندر تربيت ڪئي هئي، جي ديري غازي
۾ پهچڻ جون افواهون ڦهلجڻ لڳيون. ميرن کي جڏهن
معلوم ٿيو ته پنهنجي اهم ڪمانڊر نواب ولي محمد خان
لغاريءَ کي شڪارپور تي قبضي ڪرڻ ۽ افغانين کي اتان
تڙڻ لاءِ موڪليائون، ڇاڪاڻ ته هو سمجهن پيا سک
جيڪڏهن اتي پهتا ته پوءِ هو به حڪمراني نه ڪري
سگهندا.
نواب ولي محمد خان لغاريءَ جو خط:
نواب ولي محمد خان لاڙڪاڻي پهچي شڪارپور جي ناظم عبدالمنصور کي
پهريان خط لکيو ته رنجيت جو زبردست خالصي لشڪر
شڪارپور تي قبضي ڪرڻ لاءِ اجهو پيو اچي، جيڪڏهن
سکن هتي ديرو ڄمايو ته اسان به ڀرسان هجڻ ڪري نه
بچنداسين، تنهن ڪري ان جو اڳ ۾ ئي ڪو جوڳو بندوبست
ڪرڻ گهرجي. جيتري تائين مان سمجهان ٿو ته خراسان
وارن ۾ سکن سان مقابلي جي طاقت ناهي، خراساني
سردار اتي ويهي ناصري ٻڪرن جو گوشت، پشاوري چانور،
ڪشمش انگور، ڏاڙهون، فالودو ۽ ٿڌا هنداڻا کائي
ايترا ٿڌا ٿي چُڪا آهن جو اسلامي غيرت به سندن
خون کي گردش ۾ نٿي آڻي، جيڪڏهن اهو مڃون به ته
اتان لشڪر اوهان جي مدد لاءِ ايندو، پر ايترو پري
کان پهچڻ تائين شڪارپور ته هٿن مان نڪري ويندو،
تنهن ڪري اهو اسان جي حوالي ڪري توهان به خراسان
وڃي مزا ماڻيو، آخر اسان به ته مسلمان آهيون! نه
ته پوءِ ”همي ميدان و همي گو“ پاڻ کي ۽ اسان کي
تڪليف ۾ نه وجهو.
نواب عبدالمنصور کي اهو خط مليو ته پريشاني ۾ پئجي ويو ۽ ڪو دڳ
نظر نه آيس. نيٺ جواب موڪليائين ته خالصن جو مختصر
لشڪر ديري غازي ۾ صرف پنهنجي علائقن جي سنڀال لاءِ
آيو آهي، شڪارپور تي ڪاهه ڪري خراسان وارن سان نه
ڦٽائيندا، ڇاڪاڻ ته شڪارپور جا ڪي ڳوٺ اڳ ۾ ئي
انهن جي قبضي ۾ آهن.
ميرن ته خالصن جي اچڻ کي بهانو بڻايو، تنهن ڪري ان جواب جي نواب
ولي محمد پرواهه ئي نه ڪئي ۽ اچي شڪارپور جي شاهي
باغ ۾ 1826ع تي خيما کوڙيا. نواب ولي محمد جمعي
خان بارڪزائي کي گهرائي چيو ته هو عبدالمنصور کي
هتان جلدي خراسان روانو ڪري ۽ شڪارپور جي آمدني
اسان جي حوالي ڪري، ٻي صورت ۾ ان لاءِ سٺو نه
ٿيندو.
جمعو خان، عبدالمنصور وٽ ويو ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس، پر هن
ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري. ان وچ ۾ نواب ولي محمد
جو خدمتگار دلاور پنهنجي ساٿين سان شهر ۾ گهڙي سيٺ
ميان رام جي محل ۾ وڃي رهيو ۽ سڄي شهر ۾ ميرن جي
حڪومت جو پڙو ڏياريو ۽ پنهنجا ڪوتوال رکيائين ۽
شهر جون ڪنجيون به پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين، ٻئي
ڏينهن دلاور تلوار کڻي ٺهي سنبري شهر جي نظاري
لاءِ نڪتو ته سڀني ماڻهن جي ڏندين آڱريون اچي ويون
۽ افسوس ڪندي چوڻ لڳا ته جيڪو شهر خراساني اميرن ۽
سلطانن جو مرڪزهو اڄ اهو خدمتگارن جي هٿ اچي ويو.
عبدالمنصور ۽ نواب لغاريءَ جي ملاقات:
ٽين ڏينهن عبدالمنصور، نواب لغاري سان ملڻ شاهي باغ آيو ته نواب
ڏاڍي عزت ڪيس، ان کانپوءِ عبدالمنصور سامان سڙي
ٻڌي ڪري پهريان ڳڙهي ياسين ۽ پوءِ خراسان هليو
ويو.
نواب ولي محمد شڪارپور جو بنا جنگ جي هٿ اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو.
شڪارپور جو ميرن ۾ ورهائجڻ:
نواب ولي محمد ڪجهه ڏينهن ته خيرپور جي فتح محمد خان گوري ۽
رئيس احمد گهور سان شڪارپور جو انتظام هلائيندو
رهيو پر پوءِ شڪارپور کي ستن حصن ۾ ورهائي چار حصا
حيدرآباد جي ميرن کي ۽ ٽي خيرپوري ميرن کي ڏنا.
ٻنهي طرفن کان ماڻهو مقرر ڪيا ويا، جيڪي منشي عطا
محمد شڪارپوري مطابق ڏاڍا نااهل ۽ نڪما هئا، جنهن
جي ڪري هي شهر ڏينهون ڏينهن زوال ڏانهن وڌندو ويو،
پر پوءِ حيدرآباد طرفان محمد ڪاظم شاهه ۽ خيرپور
جي ميرن طرفان فقير عالم خان مري کي رکي ويو.
انهن ٻنهي ۾ محمد ڪاظم تمام نيڪ، شريف ۽ عالمن جو قدر ڪندڙ
انسان هو. پاڻ جيترو وقت رهيو، تمام سهڻي طريقي
سان حڪومت هلايائين. هر ماڻهو سندس اخلاق ۽ مروت
کان متاثر هو. جڏهن ته فقير عالم مري شرابي ۽ ٻين
گهڻين خراب عادتن جو عادي انسان هو، جنهن کي بيان
ڪرڻ فضول آهي.
حضرت سيد احمد شهيد:
انهن ڏينهن ۾ 1242هه (27 ــ 1826ع) تي حضرت سيد احمد شاهه
مجاهدن سان گڏ سکن سان جهاد ڪرڻ واسطي سنڌ کان
ٿيندو سرحد وڃي رهيو هو. سنڌ ۾ پهچي سيد صاحب
ميرن، پيرن، سيدن، عالمن ۽ عام خاص ماڻهن کي جهاد
۾ حصي وٺڻ جي دعوت ڏني پر ”تازه نواءِ معارڪ“ جي
مؤلف منشي عطا محمد جو چوڻ آهي ته سنڌ جي هڪ ماڻهو
به هلڻ جي حامي نه ڀري، الٽو مجاهدن جي خالي هٿن
۽ ننڍڙي جماعت تي چپ چوريندا رهيا ۽ کين فريبي ۽
وهابي ڪوٺيندا رهيا. عطا محمد صاحب جي انهيءَ
ڳالهه ۾ وزن نٿو نظر اچي، ڇاڪاڻ ته ميرن ئي سيد
احمد شهيد جي خدمت چاڪري ۽ مهمان نوازي ۾ ڪا
گهٽتائي نه ڇڏي، اصل ۾ جڏهن سيد احمد شهيد جوڌپور
رستي سنڌ ۾ آيو ۽ ميرپور پهتو ته اتان جي حاڪم مير
علي مراد کي سيد چورن شاهه وڃي ٻڌايو ته هي غازي
جهاد لاءِ نڪتو آهي، پر علي مراد جي دل ۾ اڃا کٽڪو
هو سو پاڻ ته نه آيو پر نذر ۽ ٻه سؤ سوار رستي
ٻڌائڻ واسطي موڪليائين.
ميرپور کانپوءِ سيد صاحب ٽنڊوالهيار، ڄام هالا ۽ پوءِ حيدرآباد
پهتو ته مير ڪرم علي خان سندن آڌرڀاءُ لاءِ سيد
صبغت الله ولايتي کي موڪليو جيڪو مڪي پاڪ ۾ انهن
جي هٿ تي بيعت ڪري چڪو هو. حيدرآباد جي ٻاهران
لشڪر کي ترسائڻ جا سڀ بندوبست ڪيا ويا ۽ ميرن
طرفان مٺايون، کائڻ پيئڻ جو سامان ۽ هنداڻا سيد
صاحب جي لشڪر ۾ پهچايا ويا.
ٽين ڏينهن ميرن سيد صاحب ڏانهن چورائي موڪليو ته جمعي جي نماز
اسان سان قلعي ۾ گڏ ادا ڪيو، جنهن تي سيد احمد
شهيد اٺن ماڻهن سان گڏجي قلعي ۾ آيو ۽ ميرن سان
ملي ڪري کين جهاد جي دعوت ڏني. مير سيد صاحب سان
ملي ڪري ڏاڍا خوش ٿيا ۽ کين ڪجهه ڏينهن اتي رهڻ
لاءِ عرض ڪيو پر سيد صاحب چيو ته برف باري شروع
ٿيڻ واري آهي ۽ اسان کي پوءِ ڏاڍي تڪليف ٿيندي،
جنهن تي ميرن هڪ هزار روپيا نذرانو، بندوق ۽ ٻيو
سوکڙيون خدمت ۾ پيش ڪيون. حيدرآباد ۾ ڪيترن ئي
ماڻهن سيد صاحب جي هٿ تي بيعت ڪئي پر انهن مان
ڪجهه هي آهن مير اسماعيل شاهه نائب وزير مير ڪرم
علي، حافظ محمد يوسف بمبئي جي گورنر جو سنڌ ۾ وڪيل
هو، جنهن سيد صاحب جي ڪيترائي ڀيرا دعوت ڪئي، ان
کان علاوه امير محمد يوسف خان.
جڏهن جهاد ڏانهن حيدرآباد جا مير مائل نه هئا ته سيد صاحب
حيدرآباد ۾ رهي ڪري ڇا ڪري ها، سو 1826ع ۾ اتان
ڪرائي جي ٻن ٻيڙين ۾ مجاهدن سان پير جي ڳوٺ ڏانهن
اسهيا ۽ باقي مجاهد اٺن ۽ گهوڙن تي خشڪي رستي
نڪتا. ان وقت سيد صبغته الله اول پنهنجي پيءُ پير
محمد راشد روضي وارن جي جاءِ تي گادي سنڀالي چُڪا
هئا ۽ پير پاڳارو جي لقب سان سڃاڻجڻ لڳا هئا، جڏهن
ته سندن ٻيو ڀاءُ پير محمد يامين جهنڊو کڻي علم
جي ڳولها ۾ نڪري پيو جنهن جي ڪري هو جهنڊي وارا جي
لقب سان مشهور ٿيا.
جڏهن سيد احمد شهيد جو قافلو راڻيپور پهتو ته اتان جي هڪ بزرگ
سيد صالح شاهه بغدادي سڀني مجاهدن کي ماني کارائي.
اتي ئي سيد صبغة الله شاهه ۽ سيد صاحب جي ملاقات
ٿي. سيد صبغت الله شاهه به ان وقت سکن ۽ انگريزن
خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ هر هنڌ واعظ ۽ تقريرون ڪري
رهيا هئا ۽ مجاهدن جو هڪ ٽولو ”حرن“ جي نالي سان
تيار ڪري رهيا هئا، ان وقت هو به انهيءَ سلسلي ۾
راڻيپور ۾ آيل هئا. ٻئي بزرگ ملي ڪري ڏاڍا خوش ٿيا
۽ سيد احمد شهيد پير پاڳاري جي دعوت تي 1826ع تي
پير ڳوٺ پهتا ته پاڻ پير صاحب تيرهن ڏينهن سندن
لشڪر جي مهمان نوازي ڪندا رهيا ۽ پنهنجي هٿن سان
مجاهدن ۾ ماني ۽ ٻيو سامان ورهائيندا رهيا. آخر ۾
سيد احمد شهيد ٻار ٻچا اتي ڇڏي شڪارپور ويا.
ان ملاقات ۾ سيد صاحب ۽ پير صاحب پاڳاري ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿي وڙهڻ
جو اتفاق به ٿيو ۽ پوءِ وقت اچڻ مهل پير صاحب سيد
احمد کي اچڻ جو اطلاع به ڪيو هو پر اوچتو
افغانستان ۽ پشاور جو رستو ايراني سردارن جي ساڙ
ڪري بند ٿي ويو ۽ پير صاحب اتي پهچي نه سگهيا.
انهن بزرگن ۾ محبت ۽ عقيدت وارو جيڪو رشتو قائم هو ان جو اندازو
هنن خطن مان لڳائي سگهجي ٿو. سيد احمد شهيد جهاد
جي ميدان مان پير صاحب پاڳاري ڏانهن لکن ٿا ته:
”توهان سڀني مسلمانن کي دعوت ڏيو ۽ سچن مجاهدن جي جماعت ٺاهي
سکن سان ڪنهن محفوظ هنڌان ويهي مهاڏو اٽڪايو ۽
پنهنجي ۽ اسان جي ٻارن ٻچن کي دشمن جي پهچ کان پري
رهايو.“
سرحد مان محمد قاسم مجاهد کي سنڌ موڪلڻ وقت پير صاحب ڏانهن خط ۾
لکيائون:
”سنڌ ۾ منهنجي طرفان بيعت وٺڻ لاءِ اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪير لائق
ٿي سگهي ٿو! پر توهان جي ڀائرن جي دشمني ڪري ان
نيڪ ڪم ۾ رخنو پوڻ جو انديشو آهي. جنهن جي ڪري مون
هڪ ٻي ماڻهو کي مصلحت خاطر ان ڪم لاءِ موڪليو.“
جڏهن پنج تاري کان راج دواري اسهڻ لڳا ته پير صاحب
پاڳاري کي لکيائون ته:
”جيڪڏهن اسان جي زندگي جهاد ۾ پوري ٿي وڃي ته اسان جي ٻارن ٻچن
کي ڀلي پار پهچائجو.“
حيدرآباد کان سيد احمد شهيد شڪارپور پهتا. تازه نواءِ معارڪ جي
صفحي 46 ــ 245 تي آهي ته جنهن وقت سيد صاحب
شڪارپور پهتا ته ان وقت سيد محمد ڪاظم شاهه حسيني
جي حڪومت هئي، پاڻ ڪاظم شاهه کي قرآن ۽ حديث جي
روشني ۾ جهاد جي تلقين ڪئي ۽ هن سيد صاحب سان
واعدو به ڪيو ته وقت اچڻ تي هو پنهنجي لشڪر سان گڏ
ضرور شرڪت ڪندو، پر جڏهن وقت آيو ۽ سيد صاحب کيس
دعوت به موڪلي پر هو حڪومت جي حوس ۾ ويٺو رهيو.
14 ذوالحج 1241هه (20 جولاءِ 1826ع) تي سيد احمد شهيد شڪارپور
کان خراسان ڏانهن نڪتا ته شڪارپور جي عالمن ۽
بزرگن کين چئن ڪوهن تائين ٻاهر اچي موڪلايو.
سيد احمد شهيد جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ مولانا غلام رسول مهر ۽
سيد علي ندوي جو سيد صاحب تي ڪتاب پڙهي سگهجي ٿو.
جنهن مان مٿئين معلومات ورتي وئي.
مير ڪرم علي جي وفات:
12 جمادي الثاني 1244هه (1828ع) ۾ مير ڪرم علي جي وفات ٿي ۽ اها
تاريخ باغ ارم ۽ ”باد بهشتش بارگاهه“ سان نڪري ٿي.
مير ڪرم علي خان کي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ پوريو
ويو. سندس قبر تي هي ڪتبو لکيل آهي:
”تاريخ: وفات مرحوم ــ جنت آرام گاهه مير ڪرم علي خان، ٽالپر
ـــ عليہ الرحمة دوازدهم جمادي الثاني 1244هه.
مير ڪرم عالمن ۽ شاعرن جو وڏو قدردان هو ۽ پاڻ به سٺي شاعري
ڪندو هو. سندس ”ديوان ڪرم“ اڃا تائين اڻ ڇپيل حالت
۾ آهي، ٻيو ڪتاب ”مجموعه دلڪشا“ اٿس، جنهن ۾
پنهنجي پسند جي شاعري سهيڙي اٿئين.
مير ڪرم علي ٽالپر جي ڏينهن ۾ علمي ادبي ترقي:
مير ڪرم علي جي سرپرستي ڪري سندس دؤر ۾ علم ادب کي چڱي هٿي ملي
۽ کوڙ سارا اديب ۽ عالم سندس درٻار سان سلهاڙيل
رهيا، جن ۾ ٻن جو احوال هتي ڏيون ٿا.
مير غلام علي مائل:
مير غلام علي پٽ مير علي شير قانع 1767ع ۾ پيدا ٿيو. شروع ۾ مير
غلام علي سان لاڳاپيل هو پر پوءِ مير ڪرم علي جي
پڳ پائڻ کانپوءِ ان جي درٻار سان واڳيل رهيو. 19
ذوالحج 1251هه (1836ع) ۾ مائل وفات ڪري ويو. سندس
ڪليات ”ڪليات مائل“ محمد احمد عباسي ۽ محمد حبيب
الله رشدي سهيڙي 1959ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران
ڇپرايو، جنهن ۾ غزل، قصيدا، قطعات، تقريباً هر صنف
موجود آهي. مائل کي خاص ملڪو تاريخ چوڻ ۾ هو. ٽن
سون کان وڌيڪ تاريخي واقعن جي تاريخ شعرن ۾ چئي
اٿئين. مخدوم محمد ابراهيم خليل سندس ساراهه ۾ لکي
ٿو:
مائل تخلص، رموز شناس کلام خفي و جلي مير سيد غلام علي بن مير
علي شير قانع تخلص است. در تاريخ گوئي بسيار روان
طبع است.
مائل جا ڪجهه شعر هتي پيش ڪجن ٿا:
سير گلشن بہ گل عذار خوش است،
باده خوردن بہ ميگسار خوش است.
¶
دل زارم ز درد پر داغ است،
سير اين تازه لالہ زار خوش است.
¶
در خم دام زلف پر پيچش،
مرغ جانم شکار خواهد شد،
آخر اين دل بفيض سوز و گداز،
شمع بزم وقار خواهد شد.
مير صابر علي صابر:
صابر علي صابر مائل جو پٽ هو ۽ نظم ۽ نثر ٻنهي ۾ لکندو هو. گهڻي
طبع آزمائي مرثيي تي ڪيائين پر سندس پورو ڪلام
محفوظ نه ٿي سگهيو. 1869ع ۾ مير صابر جي وفات ٿي.
ڊاڪٽر سدا رنگاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ هن جا ڪجهه شعر
ڏنا آهن، جنهن مان ٻه مثال طور هتي پيش ڪيون ٿا.
ترڪ اسباب تعلق هرکہ کرد آزاد شد،
خانہ اش را حاجت فرش و در درگاهه نيست.
¶
مجنون نيم کہ شکوه کنم از جفاي يار،
من ”صابرم“ کہ صبر بجور و جفا کنم.
انهن کان علاوه مخدوم محمد بوبڪائي، آخوند نور محمد هالائي،
مرزا خسرو بيگ چرڪس، مير ڪاظم شاهه سرخوش، سليمان
صباحي، عبدالمجيد جوکيو، ”تاريخ بلوچي“ جو ليکڪ
منشي صاحب راءِ آزاد، مير هوتڪ افغان ، آقا محمد
عاشق، مرزا مظهر، سيد طباطبائي، منشي دولارام ذڪر
جوڳا آهن. |