مير عبدالله جو ڏمرجڻ:
مير عبدالله کي عمرڪوٽ ۾ انهن ظلمن جي خبر پئي ته ڏاڍو غمگين
ٿيو ۽ پنهنجي سردارن کي چوڻ لڳو. ڏٺئو فتح خان جي
مشوري غريبن جو ڪهڙو حشر ڪرايو! اي خدا! تون ڄاڻين
ٿو ته مان انهيءَ معاملي ۾ مجبور هيس، مدد خان جي
ظلمن ۽ پنهنجي ساٿين جي مشورن تو اڳيان شرمسار ڪيو
آهي، منهنجي روح کي زخمي ڪري وڌو آهي. ماڻهو سڄاڻ
بي وقوفن کان نقصان کائيندا آهن، مون کي انهن
عقلمندن کان ندامت نصيب ٿي آهي.
ان کانپوءِ مير عبدالله جنگ جي تيارين ۾ ڏينهن رات جنبجي ويو.
مدد خان جون تياريون:
مدد خان کي مير عبدالله جي تيارين جي سڌ پئي ته سنگتين سان صلاح
ڪري خدا آباد مان مقابلي جي لاءِ ٻاهر نڪتو.
هوڏانهن مير عبدالله به لشڪر ساڻ ڪري اڳتي وڌيو ۽
جڏهن ويجهو پهتو ته هڪ خط الهداد ذريعي مدد خان
ڏانهن اماڻيائين.
مير عبدالله جو خط:
اي اڏول سردار! مان توتي اعتماد ڪيو پر تون پنهنجي واعدي کان
ڦري وئين، تنهنجي فوج هن ملڪ جي ماڻهن سان ڪهڙا
ڪهڙا نه هاڃا ڪيا آهن! جيڪڏهن الله تعاليٰ ڪنهن کي
قوت ۽ اقتدار عطا ڪري ته اهو ماڻهن تي مهربان رهي.
ڏاڍي کي ڪمزور سان ظلم نه ڪرڻ گهرجي، ڇا تون حضرت
سليمان عه جو هڪ سهڻو قول نه ٻڌو آهي!؟ سڀئي ماڻهو
هڪ الله جا محتاج آهن ۽ انسان کي ان کان ڊڄڻ
گهرجي.
مدد خان جو جواب:
اهو خط پڙهڻ سان مدد خان جو ڪنڌ پنهنجي گريبان ۾ هليو ويو ۽ مير
عبدالله ڏانهن جواب موڪليائين ته:
اي هوشمند نوجوان! تنهنجي خط کي مان دل ۾ سانڍي ڇڏيو آهي، تون
دليري ۽ هوشمنديءَ ۾ سڀني کان اڳڀرو آهين، مونکي
به خدا جي مخلوق تي ظلم پسند ناهي پر جڏهن ميان
عبدالنبي پنهنجي واعدي مطابق خزانو نه ڏنو ته لشڪر
۾ بغاوت ڦهلجي وئي جنهن جي پڇا انهن کان الله وٽ
ضرور ٿيندي. مون کي پنهنجي واعدي جو ڀرم آهي ۽ مون
بادشاهه کي ڪيترا ڀيرا لکيو به آهي ته سنڌ جي لاءِ
توهان کان بهتر ٻيو ڪو حڪمران ناهي ۽ اتان مون کي
حاڪم مقرر ڪرڻ جو اختيار مليو آهي، پر خراج
پابنديءَ سان ادا ڪرڻ جي صورت ۾. جيڪڏهن لشڪر کي
روانو ڪري توهان چارئي تون، مير فتح علي خان، مير
سهراب خان ۽ فتح خان اچي مون سان ملاقات ڪريو ته
توهان جي دلي مراد پوري ٿيندي ۽ بادشاهه وٽ اوهان
جو مان وڌندو.
مدد خان جي اهڙي جواب کان پوءِ مير عبدالله ساٿين کي چيو ته
ٺاهه ۽ محبت جي اهڙن دعون کانپوءِ فوج کي واپس
موڪلڻ جو مقصد ڇا؟ پوءِ مدد خان کي جواب موڪليائين
ته منهنجي فوج پنهنجي برادري آهي، جن کي پاڻ کان
الڳ نٿو ڪري سگهان، ان سان هو سڀ ڪاوڙجي ويندا،
اهڙي جواب تي مير فتح خان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته
مدد خان اسان جي قوم جو اڳواڻ آهي، ان جي حڪم کي
پٺي نه ڏيڻ گهرجي. مير عبدالله وراڻيو جيڪڏهن
توهان کي ان سان ايڏي همدردي آهي ته پوءِ وڃي ساڻس
ملو، ڏسون ٿا ته توهان کي ڪهڙو فائدو ٿو رسي!
مدد خان کي جڏهن ٽالپرن ۾ اهڙي اختلاف جي خبر پئي ته ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ مير فتح خان جي استقبال لاءِ ماڻهو موڪلي
چيائين ته اي مير دانشور! ٽالپرن ۾ توهان ئي ته
سڀني کان عظيم ۽ عقلمند آهيو، توهان جي اچڻ کي
پنهنجي وڏي خوشنصيبي ڀانئيان ٿو ۽ توهان جي شان
وٽان هت مرتبو عطا ڪيو ويندو.
مير فتح خان جڏهن مدد خان وٽ پهتو ته وڏو مان ۽ مرتبو ڏنو ويو
۽ مدد خان کيس ڀاءُ ڪري سڏ ڪرڻ لڳو. مدد خان مير
فتح خان کي وٺي روهڙي روانو ٿيو ۽ رستي ۾ رنگ بدلي
مير فتح کي چوڻ لڳو ته تون باغي آهين ۽ توکي ائين
نه ڇڏيندس، جيستائين ٻه لک ۽ پنهنجي ٻين ساٿين کي
خط لکي نه گهرائيندين. هاڻي مير فتح خان کي ڏاڍو
پڇتائڻو پيو ۽ مجبور ٿي خط لکيائين.
فتح خان جو فرار ٿيڻ:
مدد خان، مير فتح خان جي نگرانيءَ لاءِ ڪيترائي سپاهي رکي ڇڏيا
هئا پر مير فتح هڪڙي سپاهي جي پوشاڪ پائي سڀني کي
دوکو ڏئي گهوڙي تي چڙهي ڀڄي آيو ۽ اچي مير عبدالله
سان مليو.
مدد خان جون ڪوششون:
مدد خان کي جڏهن مير فتح جي فرار ٿيڻ جو معلوم ٿيو ته چيائين
هاڻي مير جنگ لاءِ ضرور جلدي ڪندا، سو روهڙيءَ کان
اٻاوڙي پهتو ۽ اتان مير عبدالله ڏانهن قاصد ذريعي
پيغام موڪليائين ته مير فتح خان ضرور اسان جي
شڪايت ڪئي هوندي پر هو اسان کي سمجهي نه سگهيو،
مان ته هاڻي به توهان سان ملڻ چاهيان ٿو ۽
عبدالنبي کي اوهان جي حوالي ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن
توهان کي منهنجي ڳالهين تي يقين ناهي ته پوءِ هي
قرآن پاڪ موڪلي رهيو آهيان، جيئن اهو فساد هميشه
لاءِ ختم ٿي وڃي ۽ مان بادشاهه وٽ سرخرو ٿي سگهان.
مير عبدالله کي اهو پيغام مليو ته جواب ۾ مدد خان ڏانهن لکيائين
ته: سردارن کي اهڙيون ڳالهيون سونهن نٿيون ۽ بار
بار اهي ڳالهيون ورجائڻ مان ڪهڙو فائدو! جيڪڏهن
اوهانکي ملاقات جو ايترو اشتياق آهي ته پوءِ
انتظار ڪريو مان اچان ٿو.
فرير نامي ۾ آهي ته مدد خان کي اهو پيغام مليو ته ميان عبدالنبي
کي اڪيلو ڇڏي درياءَ ٽپي افغانستان هليو ويو ۽ پاڻ
سان گڏ ان جي سنگتين ۽ ساٿين کي به وٺي ويو، جنهن
تي عبدالنبي ڏاڍو حيران ٿيڻ لڳو.
ميان عدالنبي جون قلابازيون:
ميان عبدالنبي جڏهن اڪيلو رهجي ويو ته بهاولپور نواب بهاول خان
ڏانهن ماڻهو موڪلي مير عبدالله سان ٺاه ڪرڻ لاءِ
چيائين. نواب بهاول پنهنجي ڀاءَ سردار خان ۽ فضل
علي کي مير عبدالله ڏانهن موڪليو. ان وچ ۾ ميان
عبدالنبي باغي فقير جي هٿ قرآن موڪلي ٺاهه جون
منٿون ڪيون.
جڏهن قران مجيد مير عبدالله وٽ پهتو ته ان کي چمي پنهنجي مٿي تي
رکي مير فتح علي خان کي چيائين ته مان پنهنجي ابن
ڏاڏن جي نقش قدم تي هلندي جان نڇاور ڪندس. مون کان
پوءِ منهنجي پٽن بهرام خان ۽ غلام حسين خان جي
پارت اٿئي. اهو چئي وڃي ميان عبدالنبي سان مليو ۽
ميان عبدالنبي وڏي ادب ۽ احترام سان مليس. ان کان
پوءِ ٻئي خدا آباد وڃي ملڪي ڪم ڪاريون هلائڻ لڳا.
ميان عبدالنبي دل جي باهه ڪڍڻ لاءِ وجهه ڳولهڻ ۾ هو پر مير
عبدالله هميشه جانثارن سان گڏ درٻار ۾ ايندو هو.
نيٺ هڪ رات ميان عبدالنبي فقيرن جا ڪپڙا پائي مير
عبدالله جي حويليءَ ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو ته مون کي
لڳي ٿو ته قرآن پاڪ کانپوءِ به اوهان مون تي شڪ
ڪريو ٿا، تنهن ڪري مان اڪيلو آيو آهيان، جهڙي وڻئو
مون کي سزا ڏيو، جڏهن ته توهان مون وٽ اچڻ وقت ڊپ
کان پنهنجا جانثار وٺي ايندا آهيو، تنهن جو مطلب
ته اڃا اوهان جي دل ۾ مير آهي.
مير عبدالله تمام صاف دل ۽ نيڪ انسان هو ۽ ميان عبدالنبي جي
مڪاري ۽ فريب کي سمجهي نه سگهيو سو چوڻ لڳو، اوهان
جي قران موڪلڻ کان پوءِ مان سڀ ڳالهيون دل مان ڪڍي
ڇڏيون آهن ۽ هاڻي جڏهن به توهان وٽ آيس اڪيلو
ايندس.
ٻئي ڏينهن مير عبدالله پنهنجي سموري لشڪر مير فتح علي، غلام
علي، مير سهراب ۽ الهيار کي خدا آباد کان پري
موڪليو ۽ پاڻ وٽ صرف مير فتح خان، مرزا ۽ ڪجهه
بلوچن کي ترسايائين. هاڻي مير عبدالله ميان
عبدالنبي وٽ وڃڻ وقت صرف ٻه ماڻهو ساڻ کڻندو هو.
مير عبدالله ۽ مير فتح خان جي گرفتاري:
ميان عبدالنبي اهڙو سازگار ماحول ٺاهڻ کانپوءِ هڪ صبح جو سپاهين
کي مير عبدالله ۽ مير فتح خان کي گرفتار ڪرڻ جو
حڪم ڏئي هليو ويو، مير عبدالله ۽ مير فتح خان جڏهن
درٻار ۾ پهتا ته سپاهين تلوار حوالي ڪرڻ لاءِ چيو.
مير عبدالله تلوار ۾ هٿ وڌو ته فتح خان فرمايو
ائين لڳي ٿو ته ميان عبدالنبي اسان جو امتحان وٺڻ
چاهي ٿو. مير عبدالله وراڻيو مون کي ان امتحان جي
خبر پئجي وئي آهي پر ميان قرآن تي هٿ رکي چڪو
آهيان ۽ مان مظلومي جو اجر هٿان نٿو وڃائڻ
چاهيان. ان کان پوءِ ٻنهي کي پڪڙي ڪري قيد ڪيو
ويو.
مير عبدالله جي خيمي ۾ رتوڇاڻ:
ٻنهي کي واڙڻ کان پوءِ ميان عبدالنبي جا ماڻهو مير عبدالله جي
خيمي ڏانهن تلوارون کڻي ويا ۽ بلوچن ۽ بيمار پيل
مرزا کي ماري وڌائون. بلوچن به مڙس ٿي ڪري مقابلو
ڪيو ۽ ميان جي ٻه سؤ ماڻهن کي ڪيري وڌو.
مير عبدالله ۽ مير فتح خان جي شهادت:
مير عبدالله ۽ مير فتح خان قيد گهر ۾ جيئن ئي قران مجيد جي
تلاوت ڪرڻ ۾ مشغول هئا جلاد اچي مٿان تلوار جو وار
ڪيو، جنهن سان مير عبدالله جي هٿن مان قران پاڪ
ڪري پيو ۽ پاڻ به منهن ڀر وڃي قرآن ڀرسان ڪريو ۽
سندس خون سان ان تي ”يا قدير“ لکجي ويو. اهڙي طرح
مير فتح خان جي منڍي به تلوار سان لاٿي ويئي.
ميان عبدالنبي جي بي وقوفيءَ وري سنڌ کان ٻيو سپوت کسي ورتو ۽
سنڌ هميشه لاءِ مصيبتن ۾ جڪڙجي ويئي.
عظيم ٺٽوي شهادت جي تاريخ هن طرح ڪڍي آهي.
مير عبدالله بن بجار ابن بهرام شير،
چون بہ تيغ خدعہ بر ميراث آبا شد شهيد،
هاتف سال شهادت گفت ناگہ صبح گاه،
واي واويلا شهيد ابن الشهيد ابن الشهيد.
1199هه
هالاڻيءَ جي جنگ
مير عبدالله ۽ مير فتح خان جي شهادت جي خبر جڏهن خدا آباد پهتي
ته ڪهرام مچي ويو ۽ ٽالپر ميان عبدالنبي کان بدلو
وٺڻ لاءِ تلوارون کڻي بيهي رهيا ۽ جوشيلو مير
بهرام خان جو پوٽو مير فتح علي خان سڀ کان اڳ ۾ هو
پر مير سهراب کين روڪيو ته پهريان پنهنجا ٻار ٻچا
دين ڳڙهه ڇڏيون، راجپوتن حملو ڪيو ته پوءِ ڇا
ڪنداسين؟ ٽالپرن ٻارن ٻچن کي دين ڳڙهه ۾ ٿاڃيڪو
ڪري ڇهه هزار بلوچ ٽالپرن جو لشڪر وٺي جنهن ۾ مير
سهراب، غلام علي، باغو خان ۽ ٺارو خان جهڙا بهادر
بلوچ شامل هئا، حملي لاءِ نڪتا. رستي ۾ مير فتح
علي کي ميان عبدالنبي جي مقابلي ۾ پنهنجي لشڪر جي
گهٽتائي محسوس ٿي سو مير سهراب کي ونگي موڪلي ٻين
بلوچن کي وٺڻ لاءِ موڪليائين. انهن جي پهچڻ کان اڳ
ئي مير فتح علي ميان عبدالنبي تي حملو ڪري ڏنو ۽
گهٽ لشڪر جي باوجود به دشمن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.
ميان عبدالنبي جي ڪٽڪ جي سردارن ڌڱاڻي جتوئي. غلام
حسين جهنجڻ ۽ فيروز ڪليريءَ کي جنگ ۾ هڪٻئي جي خبر
نه پئي ۽ هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا.
ميان عبدالنبي جون نيون تياريون:
جڏهن هي هارايل سردار ميان عبدالنبي سان مليا ته هن چين، توهان
مرد نه پر عورتون آهيو گهر ۾ وڃي رليون ٺاهيو، ڏهه
هزار فوج سان به هار کائي موٽي آيئو!؟ هن ڪاوڙ ۾
سندن پٽڪا اڇلائي ٻين کي پارايا.
فرير نامي ۾ آهي ته انهن سردارن جواب ڏنو ته اسان جو ان ۾ ڪهڙو
قصور، اها شڪست توهان کي پنهنجي ڪرتوتن جي سزا طور
ملي آهي.
بهرحال هاڻي ميان عبدالنبي وري ٻيهر لشڪر ڪٺو ڪرڻ شروع ڪيو ۽
کوسن، نهمردين ۽ افغانين جا ڏهه هزار ماڻهو گڏ ڪري
انهن تي محمد حسن کهاوڙ کي سردار ۽ اسحاق شاهه
سردار خان کي سندس نائب مقرر ڪيو.
هالاڻي جي فيصلائتي جنگ:
اهو لشڪر جڏهن هالاڻي پهتو ته مير فتح علي ڇهه ڪوهه پري هو.
غلام علي ۽ الله يار مير فتح علي کي چيو ته دشمن
جي مقابلي ۾ اسان جو لشڪر ٿورو آهي، ان ڪري هڪ ٻه
ڏينهن ترسي ڪري مير سهراب جي اچڻ جو انتظار ڪجي.
مير فتح علي جواب ڏنو اسان جي الله تي توڪل آهي
گهڻائي ته نه، پاڻ ئي اهو مددگار ٿيندو.
ٻئي لشڪر هالاڻي ۾ آمهون سامهون ٿيا، تيرن ۽ تلوارن جو وسڪارو
شروع ٿي ويو، ايتري ۾ مير سهراب به پهچي ويو ۽
اٿندي ئي محمد حسن کهاوڙ جي سامهون وڃي بيٺو ۽
سندس چوڌاري وڙهندڙ سپاهين جي ٽولي کي ڦڙتيءَ سان
تلوار وسيلي ڇانٽي ڪري ڇڏيائين. مير سهراب جي هڪ
سپاهي خيري مري موقعو ڏسنديئي محمد حسن جي مٿان
حملو ڪري کيس ماري ڇڏيائين. هاڻي سپهه سالاري سندس
ڀاءُ محمد باقر کهاوڙ سنڀالي پر هو به جلد مارجي
ويو. مير فتح علي عام حملي جو اعلان ڪيو. اعلان
ٻڌندي ئي مير سهراب بجليءَ وانگر ڪڙڪي پيو ۽
سامٽئي کي پنهنجي تلوار جو کاڄ بڻايائين، جڏهن ته
مير الهداد تاجي کي تلوار سان اڌو اڌ ڪري ڇڏيائين.
مير غلام علي، الهيار، ٺاري ۽ باغي فقير به جنگ ۾
پاڻ ملهايو ۽ ڪيترن جا ڪنڌ ڪپي ڇڏيا. مير عظيم
ٺٽوي مطابق زمين رت سان رنگجي وئي.
ز خون سينہ باطنان سر بسر،
زمين لالہ راز آمد اندر نظر،
چان موج خون بر زمين شدروان،
کہ گردون همي رفت دامن کشان،
نماند از زمين خشڪ يڪ مشت خاڪ،
کہ بر سر کشد آن زغم سينہ چاڪ.
(عظيم)
ميان عبدالنبي جي شڪست ۽ ڀاڄ:
اهڙي حشر کانپوءِ ميان عبدالنبي جي فوج ڀاڄ کاڌو ۽ هو پاڻ به
ڍنڍ کان درياءُ رستي وڃي قلات پهتو. انهيءَ سوڀ جي
تاريخ ”فتح علي“ (1196) سان نڪري ٿي.
انهيءَ جنگ کان پوءِ ڪلهوڙن جي حڪومت جو سج هميشه لاءِ لهي ويو
۽ ٽالپرن جي حڪومت جو بنياد پيو، سڀني ماڻهن مير
فتح علي جي مٿي تي تاج رکيو، جيڪو سڀني کان سلجهيل
هو.
ڪاميابيءَ کانپوءِ:
انهيءَ ڪاميابيءَ کانپوءِ مير فتح علي نوشهري هليو ويو، جڏهن ته
ميان عبدالنبي جي فوج جا ٻه سردار تاجو جتوئي ۽
ڌڱاڻو جتوئي مير صاحب کان معافي وٺي سندس خدمت ۾
رهڻ لڳا ۽ بلاول ليکو هالار ڀڄي ويو.
ميان عبدالنبي اڳ ۾ ئي عمرڪوٽ راجا جوڌپور کي ۽ ڪراچي بندر نصير
خان کي ڏئي چڪو هو. هاڻي ٻار ٻچا حيدرآباد ۾ ڇڏي
پاڻ قلات پهچي نصير خان کان مدد گهريائين. نصير
خان چيس هڪ ڀيرو جوڌپور جي والي ۽ مدد خان به
تنهنجي مدد ڪري چڪا آهن پر تون هن مهل تائين ڪو
ٻوٽو نه ٻاري سگهيو آهين، پوءِ مون کي بار بار
پريشان ڇو ٿو ڪرين. ميان عبدالنبي جي گهڻي اصرار
کانپوءِ نصير خان کي وري به ڪجهه نه ڪجهه مدد ڏيڻي
پئي.
ميان عبدالنبي جي ٽيون ڀيرو شڪست:
قلات جي والي ڳجهه ڳوهه ۾ مير فتح علي ڏانهن نياپو موڪليو ته ڪو
اعتماد وارو ماڻهو اماڻيو جنهن سان ڪجهه اهم
ڳالهيون ڪرڻيون آهن. مير فتح علي قيصر فقير کي
روانو ڪيو. قيصر فقير کي نصير خان چيو ته پنهنجي
سردار مير فتح علي کي پيغام پهچايو ته هي نڀاڳو
عبدالنبي منهنجي جان نٿو ڇڏي ۽ مون کي واسطا وجهي
مدد ٿو گهري، هن جي روئڻ ۽ پٽڻ کان پوءِ صرف ايتري
مدد ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو آهيان جو منهنجي فوج کيس
صرف خدا آباد تائين ڇڏي ايندي ۽ ڪنهن قسم جي جنگ
نه ڪندي، ان ڪري توهان به امن سان رهجو. قيصر فقير
پيغام کڻي اچي مير فتح علي کي ٻڌايو. مير فتح علي
جواب موڪليو ته ٺيڪ آهي، مان لشڪر وٺي ونگي هليو
ويندس، پر توهان جي لشڪر مان هڪ به شخص درياءُ پار
ڪيو ته سر سلامت نه رهندس.
ميان عبدالنبي جي ناڪامي:
ميان عبدالنبي قلات مان بروهين جي فوج وٺي هٽڙي ضلعي سيوستان ۾
پهتو ۽ اوڀر کان جوڌپوري فوج سندس مدد لاءِ آئي.
بروهين کي ميان عبدالنبي اڳتي وڌڻ لاءِ چيو ته
انهن ٻڌايو ته اسان کي نصير خان درياءُ اورانگهڻ
کان روڪيو آهي. هوڏانهن جوڌپوري لشڪر به انتظار
ڪري هليو ويو ۽ هيڏانهن جڏهن بروهين جو خرچ پکو
ختم ٿي ويو ته انهن ميان جو سامان سڙي، گهوڙا، اٺ
۽ اناج لٽي ڪري هليا ويا.
مير عظيم انهيءَ واقعي جي تاريخ هن شعر مان ڪڍي آهي.
پئي سال اين ماجرا در کتاب،
خرد گفت تاريخ دشمن خراب.
1197هه
تاريخ ڪلهوڙا مطابق ميان عبدالنبي ڀڄي قلات ويو، جتي نصير خان
کيس حاجي پور ۾ رهايو.
حيدرآباد کي ماڻڻ:
مير فتح علي خدا آباد پهچي باغي فقير کي نهمردين کي قيد ڪرڻ جو
حڪم ڏنو پر ان کان اڳ ۾ ئي نهمردين حاضر ٿي معافي
ورتي. غلام علي ۽ حاجي احمد، مير فتح علي جي حڪم
تي ڪڪرالا پهچي باغين کي چٿيو، پوءِ مير فتح علي
شاهپور آيو ۽ اتان حاجي احمد کي حيدرآباد تي حملي
ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
تاريخ ڪلهوڙا ۾ آهي ته مير فتح علي 1198هه (1772ع) ۾ حيدرآباد
فتح ڪيو ۽ ميان جي ماڻهن کي عزت سان حاجي پور
موڪليو جتي هو رهيل هو. ميان غلام شاهه جي وڏي گهر
واري مائي بهو بيگم (مائي دولت) جيڪا جانثار خان
گوجر جي ڌيءَ ۽ نواب الله داد خان جي ڀيڻ هئي،
بهاولپور پنهنجي ڀاءُ وٽ هلي وئي. ان سان گڏ ميان
سرفراز جي زال مائي سون ٻائي به هئي.
مير فتح علي سنڌ جو حڪمران ٿي چڪو هو پر افغانستان جي درٻار مان
هن جي نالي جو پروانو اڃا تائين نه آيو هو، افغاني
درٻار ۾ موجود سنڌ جي نمائندي ديوان گدومل کي خبر
پئي ته ميان عبدالنبي ڄاڻ تيمور شاهه جي درٻار ۾
اچڻ وارو آهي ته مير فتح علي ڏانهن نياپو
موڪليائين، ته ڪو سلجهيل ۽ هوشيار ماڻهو جلدي ۾
افغاني درٻار ۾ اماڻ. مير فتح علي ابراهيم شاهه،
قيصر فقير ۽ مرزا غلام علي جي هٿ هڪ خط موڪليو.
جنهن وقت هو درٻار ۾ پهتا ته ان وقت ميان عبدالنبي به افغانستان
۾ پهچي هڪ هڪ سردار کي پنهنجي ڏکڀري ڪهاڻي ٻڌائي
رهيو هو. محفوظ خان ته اڳ ۾ ئي سندس سنگتي هو.
خط:
مير فتح علي خط ۾ لکيو ته: اي شاهه نامدار! سردارن کي توهان جي
غلامي تي ناز آهي، ميان عبدالنبي ضرور توهان سان
منهنجي شڪايت ڪئي هوندي پر هن جا ظلم پڌرا پيا
آهن، مير عبدالله ۽ مير فتح خان به هن جي ئي ظلمن
ڪري شهادت ماڻي، پنهنجي ڀائرن سان جيڪو ڪجهه
ڪيائين اهو به توهان کان لڪل ڪونهي، قرآن تي واعدو
لکي ڦري ويو، اهڙي ماڻهوءَ کي توهان جي بارگاهه
مان سعادت نصيب ٿئي ته زمانو ڇا چوندو!
تيمور شاهه جو فيصلو:
تيمور شاهه بنا سوچڻ سمجهڻ جي حڪم ڏنو ته سنڌ کي ٻن ڀاڱن ۾
ورهائي ڪري هڪڙو ميان عبدالنبي کي ۽ ٻيو مير فتح
علي کي ڏنو وڃي. ميان عبدالنبي عرض ڪيو ته حضور هن
وٽ وڏو لشڪر آهي مون کي هڪڙي حصي تي ڪيئن قبضو
ڏيندو؟ جنهن تي تيمور شاهه ٻه افغاني سردار بوستان
خان ۽ اخلاص خان شاهي فوج سوڌي ميان عبدالنبي سان
گڏ روانا ڪيا.
مير فتح علي جو فيصلو:
مير فتح علي ان فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ وڙهڻ لاءِ
چاليهه هزار بلوچ وٺي روهڙي روانو ٿيو، ميان
عبدالنبي کي ايڏي وڏي لشڪر جي خبر پئي ته سندس
سپاهي گهٻرائڻ لڳا. هوڏانهن شاهي درٻار ۾ ميان جو
ماڻهو محفوظ خان به اوچتو مري ويو ته مير فتح علي
جي نمائندن تيمور شاهه کي قائل ڪري ورتو ۽ هن سنڌ
کي ورهائڻ جو فرمان منسوخ ڪري حڪم ڏنو ته شاهي فوج
واپس اچي ۽ سنڌ جي حڪومت مير فتح علي وٽ ئي رهڻ
ڏني وڃي.
اهڙي طرح شاهي فوج مٺڻ ڪوٽ کان واپس موٽي آئي ۽ سنڌ ٻن حصن ۾
ورهائجڻ کان بچي ويئي. مير عظيم الدين انهيءَ
واقعي جي تاريخ ”زدل خلعت ملکي آمدندا“مان ڪڍي
آهي. 1199هه.
فتح آباد جي پيڙهه:
مير فتح علي انهيءَ فتني کان آزاد ٿي هڪ نئين شهر فتح آباد جي
پيڙهه رکي، جنهن ۾ حوض ۽ محل ٺهرايو. انهيءَ محل
جي خوبصورتي کي مير عظيم الدين فتح نامي ۾ پيش ڪيو
آهي.
ٽالپرن ۾ انتشار:
مير فتح علي چاهيندو هو ته ملڪ ۾ انتشار نه ڦهلجي ۽ ٽالپرن جو
پاڻ ۾ اتحاد قائم رهي، ان لاءِ هن ملڪ جا آمدني
جي لحاظ کان ست حصا ڪيا، جنهن مان چار حصا پاڻ ۽
پنهنجي ڀائرن لاءِ رکيا جڏهن ته ٻه حصا مير سهراب
خان ۽ هڪ حصو ٺاري خان کي ڏنو جنهن تي هو ٻئي
ڏمرجي پيا ۽ اهو مير فتح علي جنهن تي هو جان قربان
ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا، اڄ انهيءَ جي جان جا
دشمن ٿي بيٺا. مير سهراب روهڙيءَ وڃي اقتدار ۽
طاقت حاصل ڪئي، جنهن جي ڪري خيرپور رياست جو بنياد
به پيو ۽ ٺارو خان شاهه بندر وڃي ديرو ڄمايو. اهڙي
طرح سنڌ جا ٽي مرڪز ٺهي ويا ۽ ٽنهي جي ڍل الڳ الڳ
شاهي درٻار ۾ پهچڻ لڳي.
ميان عبدالنبي جون مڪاريون:
ميان عبدالنبي جيڪو ديرن ۾ پنجن ڇهن سالن کان رلندو ڦرندو وتي
پيو، جڏهن ٽالپرن جي انتشار جي خبر پيس ته جهٽ ۾
شاهي درٻار ۾ عرضي موڪليائين ته ٽالپرن جي اختلاف
هڪ دفعو ٻيهر منهنجي لاءِ موقعو پيدا ڪري ڇڏيو
آهي، جيڪڏهن هن وقت آخري ڀيرو منهنجي مدد ڪئي وڃي
ته مان ضرور ڪامياب ٿيندس.
فرير نامي ۾ آهي ته هن اهو به لکيو ته مير سهراب مون کي چورايو
آهي ته مان جيڪڏهن اتي پهچان ته هو مير فتح علي جي
مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪندو.
ميان عبدالنبي لاءِ نئون فرمان:
مير قمرالدين جي ڪوششن سان 1202هه تي تيمور شاهه سنڌ جي حڪومت
جو پروانو وري ميان عبدالنبي جي نالي تي ڪڍيو ۽
سردار احمد نورزئي ۽ بوستان خان کي وڏي لشڪر سان
گڏ مدد لاءِ موڪليائين، گڏ نصير خان والي قلات کي
به مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. اهو لشڪر ملتان ٽپي
بهاولپور پهتو ته اتان جو والي محمد بهاول قلعي ۾
وڃي لڪي ويٺو ۽ لشڪر شهر کي ٻن مهينن تائين لٽيندو
ڦريندو رهيو، سڄي علائقي کي برباد ڪري ڇڏيائون.
لشڪر اڳتي وڌندو جڏهن خيرپور ويجهو پهتو ته ميان عبدالنبي
تاجي ليکي، سلطان ليکي، شيخ قمرالدين ۽ پنهنجي پٽ
تاج محمد خان کي وڪيل ڪري مير سهراب خان ڏانهن
موڪليائين ته جيڪڏه توهان اسان جي مدد ڪندؤ ته
آئينده اوهان تي مهربانيون ڪيون وينديون، پر مير
سهراب سندس لالچن ۾ نه آيو ۽ قرآن پاڪ تي مير فتح
علي سان واعدو ڪري لکي موڪليائين ته مان مخالفن
سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، جڏهن اوهان جو لشڪر جنگ
جوٽڻ لاءِ هيڏانهن ايندو ته مان به رستي مان توهان
سان ملي ويندس ۽ گڏجي دشمن کي سبق سيکارينداسين.
هيڏانهن افغاني لشڪر روهڙيءَ کان ٿيندو هالا ڪنڊي پهتو ته مير
فتح علي کي تيمور شاهه جو فرمان پهتو ته سنڌ جي
حڪومت ڇڏي هليو وڃي. مير فتح علي سردارن سان صلاح
ڪئي ۽ فيصلو ٿيو ته ٻارن ٻچن کي ڪڇ ۽ جيسلمير
موڪلي مقابلي لاءِ نڪرجي.
مير فتح علي رستن واريون پليون اڳ ۾ ئي ڀڃائي ڇڏيون هيون، تنهن
ڪري افغاني لشڪر کي اچڻ ۾ سخت تڪليف کڻڻي پئي.
بهرحال جڏهن لشڪر ٻه ڪوهن جي فاصلي تي پهتو ته مير
سهراب ان ڀئو کان شاهه ڳڙهه قلعي ڀڄي ويو ته متان
مير فتح علي کي شڪست ٿئي ۽ هن کان به رياست نه
کسجي وڃي. مير فتح علي کي سهراب خان جي ڀڄڻ جي خبر
پئي ته فرير نامي مطابق هن چيو حسبي الله و نعم
الوکيل نعم الموليٰ و نعم النصير ”جيڪڏهن ان قلعي
۾ پناهه ورتي آهي ته مان حافظ حقيقي جي حصار ۾
پناهه وٺان ٿو.“
افغانين سان جنگ:
مير فتح علي ڏهه هزار فوج ۽ احمد خان نورزئي چاليهه هزار فوج
سان گڏ هڪٻئي سامهون ٿيا، صرف وچ ۾ هڪ وڏو واهه
هو. احمد خان فوج کي بندوقن جا منهن کولي رکڻ ۽
مير فتح علي جي لشڪر کي واهه کان پري رکڻ جو حڪم
ڏنو جيئن هڪ ٽيپو به پاڻي جو نه ملين. انهيءَ حڪم
کانپوءِ انهن گولين جو مينهن وسائي ڏنو ۽ ٻنهي
لشڪرن ۾ زوردار جنگ شروع ٿي وئي، بقول مير عظيم
الدين.
شد از هر دو سو راست جنگ تفنگ،
هوا تا فلڪ برد غوغائي جنگ،
ز آواز طبل و صدائي تفنگ،
گريزان شد از بيشه شير و پلنگ،
تفنگ آنچنان تيز باران نمود،
کہ دو لحظہ صد خانہ ويران نمود،
چنان کار بندوق بالا گرفت،
کہ آتش بدامان صحرا گرفت.
مير فتح علي بندوقن جو وسڪارو ڏٺو ته پنهنجي سپاهين کي حڪم
ڏنائين ته واهه ۾ گهڙي پئو ۽ ٽپي ڪري دشمن مٿان
تلوارن سان حملو ڪيو. مير فتح علي جو لشڪر بنا
ٻيڙين جي پار ٿي دشمن مٿان اهڙو ڪڙڪيو جو هو ڇڙوڇڙ
ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا، ٽالپر سپاهي به انهن
جي ڪڍ لڳا ويا. آخر افعاني سردارن مير فتح علي
ڏانهن قرآن موڪلي جان بخشڻ جي گذارش ڪئي، جنهن تي
هن پنهنجي سپاهين کي هٿ روڪڻ جو حڪم ڏنو.
فتح نامي ۾ ان شاندر ڪاميابيءَ جون هيٺيون تاريخون ڪڍيون ويون
آهن.
1. بفرمود حق سال نصرت قرين،
ز انا فتحنا لڪ فتحاً مبين.
1202هه
¶
2. زدل سال اين فتح شد منجلي،
بحکم از ازل فتح فتح علي.
1202هه
¶
3. همين سال فتح مبارڪ علي،
بہ فتح علي حکم فتح ازل.
1202هه
تيمور شاهه جو جوش:
تيمور شاهه کي افغاني فوج جي شڪست جي باري ۾ خبر پئي ته مدد خان
سان گڏ لشڪر وٺي ملتان پهتو، جتي قلات جو رئيس
پنهنجي لشڪر سان گڏ اچي مليو. اتان هي افغاني ڪٽڪ
بهاولپور اچي نڪتو ۽ دائود پوٽن کي شاهي لشڪر جي
مدد نه ڪرڻ تي سخت سزائون ڏنيون ويون ۽ شهر کي
برباد ڪيو ويو.
مير فتح علي هن ڀيري جنگ نه ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ چيو هو ته
مان سندس اطاعت ڪندس پوءِ ڀل جنهن کي به هو سنڌ جي
حڪومت عطا ڪري.
تيمور شاهه بهاولپور کان ئي ڪنهن ڪم سانگي موٽي ويو ۽ پاينده
خان کي لشڪر ڏئي حڪم ڪيائين ته اهڙي تدبير اپنائي
وڃي جو مير فتح علي بنا جنگ جي اطاعت قبول ڪري.
پاينده خان، محمد نصير خان سان گڏجي سنڌ ڏانهن
وڌيو. هوڏانهن افغاني درٻار ۾ سنڌ جا سفير پنهنجي
ڪوششن ۾ ڪامياب ويا ۽ پاينده خان ۽ نصير خان
لاڙڪاڻي ۾ مس پهتا ته تيمور شاهه جو فرمان ملين ته
ٽالپرن اطاعت قبول ڪئي آهي ۽ پيسا خزاني ۾ جمع
ڪرائي ڇڏيا اٿئون سو واپس موٽي اچو. حڪم ملندي هو
واپس هليا آيا.
ميان عبدالنبي جڏهن اڪيلو ٿيو ته پريشانيءَ واري حالت ۾ وٺي ڀڳو
۽ وڃي حاجي پور پهتو، رستي ۾ ٻه گهوڙا مري ويس.
ميان عبدالنبي جو حشر:
ميان عبدالنبي جو پٽ محمد عارف جوڌپور مان مايوس ٿي بهاولپور جي
شهر ڏيراور ۾ پهتو. بهاولپور جي والي سندس پيءُ جي
ڪري ڏاڍي خدمت چاڪري ڪئي ۽ ڀڪر ۽ ليا جاگير طور
ڏنائينس.
ميان عبدالنبي جي قسمت هاڻي ڦٽل نظر اچي رهي هئي. 1207هه
(1793ع) ۾ تيمور شاهه گذاري ويو ته سندس پويان
عملدارن ميان عبدالنبي کان هڪ لک ويهه هار ڍل جي
رهيل رقم جي گهر ڪئي. امين الملڪ وچ ۾ پئي پنج سؤ
اٺن جي ڏيڻ تائين ميان جو ڏهن سالن جو پوٽو غلام
علي اتي ضامن رکايو پر پوءِ ان کي آزادي ملي.
ميان عبدالنبي کان اها رقم وصول ڪرڻ ۾ پهريان ته حڪومت جو رويو
نرم هو پر پوءِ زمان شاهه جي چوڻ تي جڏهن هو قنڌار
جي مهم ۾ شريڪ نه ٿيو ته سندس جاگير ضبط ڪري نواب
محمد خان کي ان جو ناظم ڪيو ويو. نواب محمد خان
پنهنجي ماڻهن سان گڏ قبضو وٺڻ لاءِ اتي پهتو ته
ميان جي پٽ ميان محمد عارف هن سان جنگ ڪئي ۽ ڀڄائي
ڪڍيو، پر دشمن جي فائرنگ ۾ محمد عارف ۽ تاجو ليکي
جو پٽ مارجي ويو. پٽ جي مارجڻ سان ميان عبدالنبي
جي چيلهه ڀڄي پئي ۽ سڄو علائقو نواب محمد خان جي
حوالي ڪري ۽ پٽ کي ليا ۾ پوري ڪري ٻارن ٻچن سوڌي
جوڌپور هليو ويو.
1799ع ۾ ميان عبدالنبي جوڌپور مان ڪاوڙجي بهاولپور آيو ته خواجا
لطافت علي ناظر جي ڪوششن سان ديري غازي خان ضلعي
جو راجن پور وارو علائقو ميان عبدالنبي کي ملي
ويو. پر اتي به هڪ نئين مصيبت ۾ اچي ڦاٿو جو گهر
۾ اوچتو باهه ڀڙڪڻ سان سڄو سامان دولت ۽ هيرا موتي
سڙي رک ٿي ويس، صرف هڪ موتي بچيس، جيڪو گروي رکي
کائڻ پيئڻ جا ٿانوَ ورتائين.
ميان عبدالنبي جي وفات:
1220هه (1805ع) تي ميان عبدالنبي راجن پور ۾ گذاري ويو ۽ ڪلهوڙن
جو اسي 80 سالن جو دؤر سنڌ ۾ پنهنجي پڄاڻيءَ تي
پهتو. ميان کي ٽي پٽ هئا. محمد عارف جيڪو ليا ۾
دفن ڪيو ويو. تاج محمد (وفات 1816ع) جيڪو راجنپور
جي جاگير جو وارث بڻيو، فضل علي جيڪو پوءِ حاجي
پور ۾ وڃي رهيو.
سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت ڪيئن رهي:
ڪلهوڙن جو سنڌ ۾ تعميري دؤر رهيو، انهن سنڌ جي زميني وحدت کي
قائم رکڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون، جنهن ۾ ميان
يار محمد ۽ نور محمد جو وڏو هٿ آهي.
سنڌ جي زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۾ انهن جو اهم ڪردار رهيو. ميان نور
محمد ٽي وڏا واهه ويهن ۽ ڏَهن ميلن جا کوٽرايا،
جنهن سان زراعت کي ترقي ملي ۽ گهڻا ماڻهو ڏوهه ڇڏي
ڪري ڪڙمت ۾ لڳي ويا، ملڪ ۾ هر هنڌ خوشحالي پکڙجي
ويئي، ماڻهو امن سان رهڻ لڳا.
علمي ۽ ادبي ترقي:
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌ علم ۽ ادب جي آسمان تي وڃي پهتي، جنهن جو
ثبوت ڪيپٽن هملٽن جيڪو 1699ع ۾ سنڌ آيو، جي هن
بيان مان ملي ٿو، جنهن کي مولانا غلام رسول مهر
پنهنجي تاريخ سنڌ جي ٻي جلد ۾ ڏنو آهي ته:
ٺٺو شهر دينيات، لسانيات ۽ سياسيات جي تدريس ۽ تعليم ۾ ملڪان
ملڪ مشهور آهي. هتي چار سؤ ڪاليج آهن، جن ۾ ٻارن
کي تعليم ڏني وڃي ٿي.
صرف هڪ شهر جي علمي حالت اهڙي اعليٰ هئي باقي سڄو ملڪ ڇا هوندو! |