ترخاني دؤر
مرزا عيسى ترخان پهريون
962هه (55ـ1554ع) کان 973هه (66 ــ 1565ع)
گذريل ورقن ۾ اسان لکي آيا آهيون ته مرزا شاهه حسن جي مرڻ کان
اڳ ئي مرزا عيسى ترخان ۽ سلطان محمود ڪوڪلتاش سنڌ
کي پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيو هو. مٿئين سنڌ جنهن جو مرڪز
بکر هو سلطان محمود ۽ هيٺئين سنڌ ٺٽي سان گڏ مرزا
عيسى جي حصي ۾ آئي هئي.
گادي تي ويهڻ:
ارغونن جو سج لهڻ کان پوءِ ترخان گهراڻي جي سنڌ ۾ حڪومت قائم ٿي
۽ انهن جو پهريون بادشاهه مرزا عيسى ترخان 962هه
تي گادي تي ويٺو، جنهن جو نسبي سلسلو ڪجهه هن طرح
هو ته، مرزا عيسى ترخان بن مرزا عبدالعلي ترخان بن
مرزا عبدالخالق بن مير حسن ترخان بن مرزا عبدالعلي
ترخان بن مرزا انور الله ترخان بن فضل الله ترخان
بن امير التمش.
”ترخان نامه“ ۾ لفظ ترخان جي باري ۾ آهي ته هڪ ڀيري امير تيمور
پنهنجي اميرن وزيرن سان شڪار تي وڃي رهيو هو ته
رستي ۾ تيز مينهن ۽ طوفان جي ڪري رستو ڀلجي وڃي سڀ
جهنگ ۾ پهتا. اتان جي هڪ قبيلي پهريان ته کين
ڌاڙيل سمجهيو پر پوءِ حقيقت معلوم ٿيڻ بعد امير
تيمور جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪيائين. امير تيمور خوش
ٿي انهن کي ”ترخان“ جي خطاب سان نوازيو، جنهن جي
معنى آهي، بهادر ۽ ڇڙواڳ. ان کانپوءِ اهو قبيلو
ترخان جي لقب سان مشهور ٿيو، امير تيمور جيجڏهن
تقتمش جان سان جنگ ٿي ته ان قبيلي جو هڪ سردار
ايڪوتمر امير تيمور طرفان وڙهندي وڙهندي جان ڏئي
ويٺو، ان کان پوءِ امير تيمور جي نظرن ۾ انهيءَ
قبيلي جو قدر اڃا وڌي ويو. سنڌ جا ترخان حاڪم
انهيءَ ايڪوتمر جي اولاد مان آهن.
ترخان نامي مطابق مرزا عيسى ترخان تمام نيڪ ۽ بردبار انسان هو.
سيد ۽ درويشن سان تمام گهڻي عقيدت هوندي هيس ۽
پنهنجو گهڻو وقت الله وارن جي صحبت ۾ گذاريندو هو،
پنهنجي رعيت ۽ فوج سان به سهڻو سلوڪ رکندو هو.
ارغون سردارن جي مخالفت:
تاريخ طاهري ۾ آهي ته مرزا ترخان جي تخت تي ويهڻ کان پوءِ شاهه
حسن بيگ جا ارغون سردار سندس دشمن ٿي بيٺا، شراب
جي نشي ۾ مست ٿي گهوڙن تي چڙهي اچي مرزا ترخان جي
حويلي ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ دروازي کي تيرن ۽ نيزن سان چٿي
چوندا هئا ته اسان کي مرزا شاهه حسن جو خزانو
ورهائي ڏي. مرزا عيسى انهن کي وڏي نرمي ۽
بردباريءَ سان چوندو هو ته مان انهيءَ خزاني جو
امين آهيان ۽ اهو خزانو هن ملڪ جي عوام جي امانت
آهي، جيڪو ڏکي وقت ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ رکيو ويو آهي.
جيڪڏهن توهان ۾ ورهائيندس ته شراب ۽ شباب ۾ وڃائي
ڇڏيندؤ پوءِ سڀاڻي ملڪ دشمن کان ڪيئن بچائينداسين.
اهڙيءَ طرح هو انهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
ايترو احتياط ڪندو هو جو جڏهن شهر ۾ ڪنهن ڍنڍوري
ڏيڻ جي ضرورت پوندي هئي ته حڪومت سان گڏ انهن جو
نالو به ورتو ويندو هو. جيئن سندن مخالفت کان بچي
سگهجي.
مرزا عيسى جي اولاد:
مرزا عيسى جا پٽ مرزا محمد باقي، مرزا صالح، مرزا جان بابا ۽
مرزا غالب اچي جوان ٿيا، انهن جي تربيت ملا بهبود،
شيرنگ خان صالح ۽ فتح خان ڪئي هئي. جڏهن هو درٻار
۾ پيءُ کي سلام ڪرڻ ايندا هئا ته ارغون انهن تي
سڙندا هئا ۽ چوندا هئا ته مرزا عيسى کي پنهنجو
اڳواڻ ڪري وڏي غلطي ڪئي سين. انهن ارغونن حڪومت کي
ڪيرڻ جي جيتري ڪوشش ڪئي اها اوتري مضبوط ٿيندي
ويئي.
قلعي ۾ گڏجڻ:
انهيءَ زماني ۾ مرزا عيسى پنهنجي حويلي ڀرسان هڪ قلعو ٺهرايو
جنهن ۾ سڀ پٽ اچي گڏ رهيس، جيڪي ان شهر ۾ الڳ الڳ
رهندا هئا.
مرزا باقي ۽ مرزا صالح ۾ ڇڪتاڻ:
مرزا عيسى جي ٻن پٽن مرزا محمد باقي ۽ محمد صالح جو پاڻ ۾ ٺاهه
نه هوندو هو ۽ ٻئي پاڻ کي دلير، بادشاهي صفتن سان
سينگاريل ۽ حڪومت جو حقدار ۽ لائق سمجهندا هئا.
محمد صالح ته جوانيءَ جي نشي ۾ چوندو هو ته اڪبر
بادشاهه جڏهن هت ايندو ته مان سندس اميرن وزيرن جي
ماني ڪندس. ٻنهي کي پيءُ نصيحت ۽ هڪٻئي سان ٺهي
هلڻ لاءِ چوندو هو. مرزا محمد باقي ته پنهنجي پيءُ
جو چيو مڃيندڙ هو پر مرزا محمد صالح ڏنگو ۽ تيز
طبيعت هجڻ ڪري هميشه جهيڙو ڪندو رهندو هو. جڏهن
مرزا محمد عيسى ڪراڙپ تي پهتو ته هن کيس حڪومت ڇڏي
ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ محمد باقي کي ”ڪڇ“
راجا کنگهار ڏانهن جلاوطن ڪري ڇڏيو. سڀني کان ننڍو
ڀاءُ جيڪو تمام مسڪين هو ان کي پاڻ وٽ رکيائين،
جڏهن ته جان بابا جنهن کي مرزا عيسى هڪ منٽ به پاڻ
کان الڳ نه ڪندو هو ۽ جان کان وڌيڪ پيارو هيس،
تنهن کي سميجن جي ٻيلن ۾ رلڻ تي مجبور ڪيائين ۽
پاڻ حڪومت جون واڳون سنڀاليائين.
مرزا محمد باقي مصيبتن ۾:
مرزا محمد باقي قاضي خميسي، ڇتو جولي، خليل خدمتگار، مل هندو ۽
ٻين خادمن سان ڪڇ وڃي وڏي آزار ۾ اڙيو. هڪ ڏينهن
هو ان مسافريءَ ۾ ڪپڙو منهن تي وڌيون بک ۾ سمهيو
پيو هو ته سندس خادمن ڪٿان ٻاجهر آڻي کائڻ شروع
ڪئي ته هو اوچتو اٿي ڪري پڇڻ لڳو ته توهان ڇا ٿا
کائو؟ انهن چيو سائين! اسان جيڪو ڪجهه کائون ٿا
اهو توهان جي شان وٽان ناهي. جنهن تي هو چوڻ لڳو
مان ڀلا ملائڪ ته ناهيان جو بک تي جيئرو رهان،
منهنجي لاءِ به کڻي اچو. پوءِ ڪجهه ٻاجهر کڻي آيا
۽ محمد باقي پنهنجي پيٽ جي ڪجهه بک ماري.
مرزا باقي جي پٽ مظفر خان جو بيان آهي ته ان سفر ۾ هڪ ڀيري مرزا
صاحب کي ڏاڍي بک لڳي ته ملا خميسو ڪٿان ڪتي جي
الٽي وارا چانور کڻي آيو ۽ اهي پچائي ڪري
کاڌائين. هڪ دفعي ڇتو جولي ڪٿان ٻڪري چورائي آيو ۽
ان جا ڪباب ٺاهي کاڌا ويا. ٻڪري جو مالڪ اچي ظاهر
ٿيو ۽ مرزا صاحب کي پڪڙي ڪڇ جي سمي سردار راءِ
کنگهار اڳيان پيش ڪيائين. ان کي جڏهن حقيقت جي خبر
پئي ته هي مرزا عيسى ترخان جو پٽ آهي ۽ ريگستان ۾
ههڙو حشر ٿيو اٿس ته ڏاڍو ڏکيارو ٿيو ۽ مرزا صاحب
تي وڏا وڙ ڪري پاڻ وٽ رهايائين ۽ پنهنجي نياڻي
”جاريجي“ سان شادي ڪرائي قيمتي ڏاج سان
نوازيائينس.
مرزا باقي جو پٽ مرزا مظفر انهيءَ عورت مان ٿيو.
مرزا محمد باقي ۽ مرزا محمد صالح جي جنگ:
جڏهن مرزا محمد باقي ڏٺو ته حالتون هاڻي هن جي حق ۾ آهن ته
راجپوتن جو هڪ لشڪر گڏ ڪري ۽ راءِ کنگهار کان مدد
وٺي وڃي بدين تي چڙهائي ڪيائين. مرزا محمد صالح به
ٺٽي کان مغلن جو لشڪر ۽ راءِ کنگهار کان مدد وٺي
وڃي بدين تي چڙهائي ڪيائين. مرزا محمد صالح به ٺٽي
کان مغلن جو لشڪر وٺي مرزا باقي جي اڳيان صفون
سڌيون ڪيائين. ٻنهي ۾ قهر جي جنگ لڳي پر مرزا باقي
جي قسمت ۾ اڃا ڌڪا ٿاٻا هئا جو محمد صالح کان شڪست
کائي واپس موٽيو ۽ محمد صالح به ٺٽي هليو آيو.
سلطان محمود کان مدد گهرڻ:
مرزا محمد باقي ڪڇ پهچي راءِ کنگهار جي مدد جا ٿورا مڃيا ۽
چيائينس ته توهان پنهنجي ڌيءَ کي سنڀاليو مان
پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ بکر وڃان ٿو سلطان محمود
کان مدد گهرڻ، ضرور الله سائين ڪو بلو ڪندو.
مرزا محمد باقي بکر آيو ۽ بکر جي حاڪم سلطان محمود کي پنهنجي
ڀاءُ مرزا محمد صالح جي سڀني ڪرتوتن جو قصو ٻڌائي
کانئس فوجي مدد گهري. سلطان محمود تمام تجربيڪار
سپه سالار هو چيائين ته توهان جي مان مدد ضرور
ڪيان ها پر توهان جي پيءُ مرزا محمد عيسى سان اهو
معاهدو ٿيل آهي ته اسان ڪڏهن به هڪٻئي جي علائقن
تي چڙهائي نه ڪنداسين، ان ڪري تون ڪجهه ڏينهن هتي
مون وٽ ترس پوءِ مان تو کي اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾
موڪليندس، جتي توکي وڏو مان ۽ مرتبو ملندو.
معصومي ۾ آهي ته مرزا محمد باقي پاڻ هندستان وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر
سلطان محمود ان ڪري اجازت نه ڏنس ته متان هو
هندستان مان لشڪر وٺي اچي ۽ هتان گذرڻ ڪري ملڪي
انتظام نه مجروح ٿي!
تحفة الڪرام ۾ آهي ته اها سلطان محمود جي هڪ چال هئي، جيئن مرزا
محمد صالح سان ڳٽ جوڙ ٿي ڪري مرزا محمد باقي کي
قيد ڪري هندستان موڪليو وڃي.
تاريخ طاهري مطابق مرزا محمد باقي سلطان محمود جو اهو جواب ٻڌي
ڏاڍو غمگين ٿيو ۽ چڱي وقت جي انتظار ۾ ويهي رهيو.
مرزا محمد صالح اول جو خون:
مرزا محمد باقي انهن فڪرات ۾ هو ته اوچتو سندس قسمت پلٽو کاڌو ۽
مرزا محمد صالح کي هڪ جت ماري وڌو.
تاريخ طاهري ۾ اهو واقعو تفصيل سان لکيل آهي ته بلوچن جي هڪڙي
جت مريد نالي جا مٽ مائٽ مرزا محمد صالح قيد ڪري ۽
سندس پيءُ کي مارائي ڇڏيائين، جنهن تي هو مرزا
صالح سان سخت ساڙ رکندو هو ۽ پنهنجي قبيلي ۾ چوندو
وتندو هو ته مان پنهنجي مٿي تي ايستائين پڳ نه
پائيندس، جيستائين مرزا صالح کان پنهنجي پيءُ جو
بدلو نه وٺندس. انهيءَ بدلي جي باهه ۾ هو ڳوٺ کان
شهر آيو ۽ هڪ چاقون تکو ڪري گهٽين ۾ گهمندو وتندو
هو ۽ چوندو هو ته اي چاقو! مان تنهنجي آسري تي اها
ويڙهه وڙهان ٿو، انهيءَ موقعي تي ڀاڙي نه ٿجانءِ ۽
پنهنجو ڪم ڏيکارجانءِ.
جت جي اهڙين ڳالهين ڪري سڀ سپاهي ۽ ماڻهو ان کي چريو ۽ چوت
سمجهندا هئا، پر اهو چريو هڪڙي ڏينهن پنهنجي منهن
تي ڪاغذ ويڙهي دربار ۾ فرياد فرياد ڪندو ڀڄندو
آيو. وزيرن سپاهين روڪيس پر مرزا صالح جو موت ان
جي هٿان لکجي چڪو هو سو چيائين ته هن کي نه روڪيو،
هيڏانهن اچڻ ڏيو. جت جيئن ئي مرزا صالح جي ويجهو
آيو. انهيءَ ڪاغذ مان هڪ تيز ڇري ڪڍي تاريخ 23
شعبان 970هه تي مرزا جي پيٽ ۾ وهائي ڪڍيائين، جنهن
سان سندس آنڊا ٻاهر نڪري آيا ۽ هو پٽ تي ڪري مري
ويو. سپاهين انهيءَ مهل ان جت کي به وٺي ٻه اڌ ڪري
ڇڏيو.(تاريخ طاهري ــ ص 1089)
مرزا محمد باقي کي سندس ڀيڻ ڏاڍو ڀائيندي هئي، هوءَ ڀاءُ ۽ پيءُ
کان لڪي ڪري تيل وارن دٻن ۾ هن ڏانهن پيسا
موڪليندي هئي، مرزا صالح جڏهن قتل ٿيو ته انهيءَ
دٻي ۾ ئي سندس خون وارا ڪپڙا مرزا باقي ڏانهن
موڪليائين.
مرزا محمد صالح اول جي اولاد:
ترخان نامي جي ان شجري مان جيڪو حسام الدين راشدي مرزا عيسى
ترخان جي اولاد جو مرتب ڪيو آهي، معلوم ٿئي ٿو ته
مرزا صاحب جو هڪ پٽ محمد غالب هو، جيڪو مرزا باقي
جي حڪم سان 978 هه ۾ خون ڪيو ويو ۽ مرزا عيسى اول
ڀرسان پوريو ويو. ان کانسواءِ سندس هڪ ڌيءَ به
هئي، جيڪا سنڌ جي مشهور بزرگ سيد جلال بن سيد علي
ثاني شيرازيءَ سان پرڻائي وئي. سيد مير محمد مؤلف
ترخان نامه محمد غالب جو ڏهٽو ۽ سيد جلال جو پٽ
آهي.
مرزا محمد باقي جي گهر:
مرزا محمد صالح جي وڇوڙي کان پوءِ مرزا عيسى، سلطان محمود بکري
کي مرزا باقي جي باري ۾ لکيو ته منهنجون اکيون
يوسف کي ڏسڻ لاءِ يعقوب وانگر ترسي رهيون آهن، هن
کي جلدي هيڏانهن موڪليو، ائين نه ٿئي جو هو ٻئي
طرف هليو وڃي ۽ هن پوڙهي کي موت جو بگهڙ سٽ ڏنيون
کنيون هليو وڃي. انهيءَ خط ۾ مرزا باقي کي به
لکيائين ته مان هاڻي ڪراڙو ٿي چڪو آهيان ۽ حڪومت
هلائڻ منهنجي وس ۾ ناهي ۽ بادشاهيءَ جي ڪرسي تي
ويهڻ لاءِ سڀني مان تون ئي لائق آهين.
تاريخ معصومي ۾ آهي ته مرزا صالح جي مارجڻ کان پوءِ سلطان محمود
پاڻ مرزا عيسى ڏانهن مرزا باقي جون اوڻايون معاف
ڪرڻ لاءِ لکيو هو ۽ مرزا عيسى راضي ٿي ڪري کيس وٺڻ
لاءِ شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ پنهنجي ڀاڻيجي يار
محمد خان ترخان کي موڪليو هو. جن اچي سلطان محمود
جي مهربانيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ مرزا باقي کي وڏي
اعزاز سان پاڻ سان گڏ وٺي ويا.مرزا محمد باقي ٺٽي
پهچي پنهنجي پيءُ جون اکيون ٿڌيون ڪيون ۽ ان کيس
سيوستان جي جاگير ڏئي اوڏانهن روانو ڪيو. (ص ــ
209)
ارغونن جي بي وفائي:
مرزا باقي جي سيوستان وڃڻ بعد ارغون مرزا عيسى سان وڙهڻ جون
تياريون ڪري رهيا هئا. هڪ موقعي تي جڏهن هو درياءُ
ٽپي رهيا هئا ته مرزا عيسى جي سپاهين مٿن باهه جي
گولن سان حملو ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي ارغون مارجي ويا
۽ باقي بکر سلطان محمود ڏانهن ڀڄي ويا. سلطان
محمود پهريان ته انهن کي قيد ڪيو پر پوءِ پنهنجي
ماءُ جي چوڻ تي انعام اڪرام ڏيئي پنهنجي لشڪر سان
گڏ سيوستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ موڪليو، جن سيوستان
پهچي قلعي کي گهيرو ڪري مٿان حملو ڪيو پر ڪو کڙ
تيل نه نڪتو.
مرزا عيسى ۽ سلطان محمود جي جنگ:
مرزا عيسى ترخان وڏو ڪٽڪ وٺي اچي اتي پهتو ۽ کين ڇڙوڇڙ ڪري
ڇڏيائين. وري رفيان ڳوٺ ۾ سلطان محمود جي لشڪر
مهاڏو اٽڪايو پر مرزا عيسى اهڙو حملو ڪيو جو سلطان
محمود جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. مرزا عيسيٰ
درٻيلي سامهون خيما کوڙيا، سلطان محمود مقابلي
لاءِ جوڌا جوان ۽ سردار موڪليا، ٻنهي ۾ ڏاڍي
خطرناڪ رتوڇاڻ شروع ٿي ويئي پر شيخ عبدالوهاب ۽
ماه بيگم جي ڏاهپ ڪري ٻنهي ۾ امن ٿيو ۽ مرزا عيسى
ٺٽي موٽي آيو ۽ سلطان محمود جا ماڻهو بکر هليا
ويا.
تاريخ طاهري ۾ آهي ته مرزا باقي پيءُ جي خدمت ۾ پهچي قدم
بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيائين ۽ پوءِ آهستي آهستي سڄو
حڪومتي ڪاروهنوار سنڀالڻ لڳو ۽ عوام کي راضي ڪري
ورتائين. پر ارغون اڃا تائين شاهه حسن جي خزاني کي
تاڙيون ۽ ترخانن جي پٺي ۾ ڇري ٽنبڻ جي وجهه ۾ ويٺا
هئا. (ص ــ 111)
پرنگيزين جون ٺٽي ۾ ڪارروايون:
مرزا باقي جڏهن پنهنجي پيءُ جو اعتماد حاصل ڪري ورتو ته سندس دل
۾ خيال آيو ته ڇو نه پيءُ جي زندگيءَ ۾ ئي سلطان
محمود کي پنهنجي پرڳڻيءَ جي سرحدن جي ٻيهر پڪ
ڪرائي وٺان ائين نه ٿئي جو پوءِ ارغون، سلطان
محمود کي ڀڙڪائي ڪو مسئلو پيدا ڪن، تنهن ڪري 973هه
۾ پنهنجي پيءَ مرزا عيسى ۽ فوج کي وٺي بکر ڏانهن
نڪتو. جڏهن ڳوٺ درٻيلي ۾ پهتا ته سلطان محمود قلعو
مضبوط ڪري پنهنجو لشڪر مقابلي لاءِ موڪليو، جيئن
ته ان وقت مرزا عيسى جو درٻيلي کي بکر کان ڇڏائي
سيوهڻ ۾ شامل ڪرڻ جو ارادو هو پر اڃان جنگ شروع ئي
نه ٿي هئي ته ٺٽي کان خبر پهتي ته پرتگيزي لاهري
بندر ٽپي ٺٽي پهتا آهن، شهر جا دروازا بند آهن،
جلدي پهچي ملڪ بچايو.
ان خبر جي ملندي ئي مرزا عيسى ملڪ جون سرحدون محمود خان جي
حوالي ڪري سڌو اچي ٺٽو پهتو پر ان کان اڳ پرتگيزي
شهر ۾ خوب رتوڇاڻ ۽ لٽ مار ڪري چُڪا هئا، ۽ سڄي
شهر کي باهه ڏيئي ڇڏي هئائون، جنهن جي ڪري ماڻهن
وڃي جامع مسجد مير فرخ ارغون ۾ پناهه ورتي پر
جڏهن مرزا عيسى جي اچڻ جو ٻڌائون ته ٻاهر نڪري
آيا.
تاريخ طاهريءَ جو ليکڪ انهيءَ واقعي کي بيان ڪندي لکي ٿو ته ٺٽي
۽ لاهري بندر جي وچ وارو خشڪي ۽ آبي وارو رستو ٻن
ڏينهن جو آهي ۽ اتان شور درياءُ هڪ منزل آهي، جتان
هڪ نار بندر تائين پهچي ٿو. وچ ۾ ”سون مياڻي“
کانسواءِ ڪائي آبادي ناهي. اتي هڪ چوڪي هئي، جتي
مير بندر هڪ توپ سان گڏ چوڪس بيٺو هوندو هو ته
جيئن ڪوئي جهاز ڪلان درياءَ کان ان نالي ۾ پهچي ته
پنهنجن ماڻهن کي توپ ذريعي هوشيار ڪري ته ٻيڙي
سمنڊ مان ان بندر ۾ لٿي آهي. اهي ماڻهو به جواب
طور توپ هلائيندا هئا، جيئن بندرگاهه جي عملدارن
کي خبر پوي ته بندرگاهه ۾ نئين ٻيڙي اچي ٿي ۽ پوءِ
هو ان جي سامان جي فهرست ٺاهي ٺٽي جي واپارين
ڏانهن موڪلن ۽ پاڻ ننڍي ٻيڙيءَ ۾ چوڪي تي اچي
پهچن، جيئن چوڪيدا رنار جي منڍ ۾ پهچي ٻيڙي ۽ ان
جي واپارين ۽ ڪهڙي بندرگاهه کان آئي آهي. معلوم
ڪري. هو اها سڄي معلومات وٺي نار جي منڍ ۾ اچي،
جيڪڏهن اها ٻيڙي انهيءَ بندرگاهه جي هوندي ته ان
کي لاهري بندر تي بيهاريندو ۽ جيڪو سامان گهرج ۾
هوندو اهو ان مان لاهي آڻيو ويندو.
پرتگيزي تاجرن جي روپ ۾ هتي پهتا ۽ مير بندر اصول تحت انهن کي
اتي ئي بيهڻ لاءِ چيو پر هنن ساڳين ٻيڙين تي ٺٽي
وڃي سامان وٺڻ ۽ وڪڻڻ جي ضد ڪئي. پرتگيزي تمام
گهڻا هئا، ان ڪري مير بندر مجبور ٿي پيو ۽ هو
بندرگاهه ٽپي پنهنجون ٻيڙيون سنڌو درياءَ ۾ آنديون
۽ ٺٽي طرف وڌيا. رستي ۾ جيڪي ڳوٺ ملين انهن کي
ڦريندا ويا ۽ ملڪ جو والي ٻاهر هجڻ ڪري ڪنهن ۾
انهن سان وڙهڻ جي همت نه ٿي. ٺٽي پهتا ته درياءَ
جي ڪپ تي ڪجهه سپاهي وڙهڻ آيا پر هو انهن کي
ماريندا اچي ٺٽي شهر ۾ پهتا ۽ خوب ڦرمار ڪيائون.
جڏهن مرزا عيسيٰ جي اچڻ جي خبر پين ته جلدي ۾
سامان ٻيڙين ۾ وجهي ڀڄي ويا. (ص ــ 112)
تحفة الڪرام ۾ آهي پرتگيزين جڏهن مرزا عيسيٰ جي اچڻ جو ٻڌو ته
ٺٽي جي گهٽين ۾ بارود هاري ان کي باهه ڏيئي هليا
ويا. مرزا عيسى واپس اچڻ کانپوءِ حويلي ۽ قلعي کي
مضبوط ڪرايو ۽ شهر کي چوديواري ڀت ڏياري.
بيگلار نامي مان معلوم ٿئي ٿو ته پرتگيزي پاڻ ٺٽي نه آيا هئا پر
مرزا عيسى انهن کي مدد لاءِ گهرايو هو پر جڏهن هو
ٺٽي پهتا ۽ شهر کي بادشاهه کان خالي ڏٺائون ته
پوءِ لٽ مار ڪرڻ لڳا. بيگلارنامي جي پڪ ٻين ماخذن
سان به ٿئي ٿي. (ص 49)
Danrers Frederick Charles
جي ڪتاب
“The Portuguese and
India”
جي صفحي نمبر 508 تي آهي ته 1556ع (964هه) تي سنڌ
جي حاڪم پنهنجو ايلچي پرتگيزين جي عامل ڏانهن شهر
بيسين پنهنجي دشمن خلاف مدد گهرڻ لاءِ موڪليو.
پرتگيزي چاهيندا هئا ته سنڌ جي حاڪم سان دوستاڻا
لاڳاپا قائم ٿين، تن ستت ئي سؤ فرنگي سپاهي
اٺاويهن ٻيڙين ۾ سوار ڪري پيڊرو بريتور وليم جي
اڳواڻيءَ ۾ موڪليا بريتو سنڌ پهچي حاڪم سنڌ جي پٽ
سان مليو ۽ ان بريتو ۽ لشڪر کي اتي رهائي پيءُ
ڏانهن اطلاع موڪليو، ته ايتري ۾ خبر پهتي ته سنڌ
جي حاڪم جو پنهنجي دشمن سان ٺاهه ٿي ويو آهي.
بريتو پٽس کان اچڻ جو خرچ پکو گهريو، جيڪو حاڪم
سنڌ جي سفيرن واعدو ڪيو هو پر شهزادي اهو ڏيڻ کان
انڪار ڪيو. انهيءَ انڪار تي بريتو لشڪر سوڌي شهر ۾
گهڙي اٺ هزار ماڻهن کي ماريو ۽ اندازاً ٻه ملين
چاندي جي قيمت جو قيمتي سامان ساڙي ڇڏيو ۽ گهڻو
پاڻ سان گڏ ٻيڙين ۾ ڀري کڻي ويو. ان حملي ۾ هن جو
هڪ به ماڻهو ضايع نه ٿيو. اهڙو غنيمت جو مال
شايد ئي ڪنهن کي هٿ آيو هجي. (ص ــ 27 ــ 326)
جانشيني:
تاريخ معصومي مطابق مرزا محمد عيسى ترخان پڇاڙيءَ ۾ پنهنجو
جانشين ننڍي پٽ جان بابا کي بڻائڻ چاهيو پر سندس
گهر واري ماه بيگم وڏي پٽ مرزا باقي جي صلاح ڏني،
جنهن تي مرزا عيسى چيو ته هو وڏو ظالم انسان آهي،
ناحق خلق خدا کي آزاريندو ۽ تون به انجي هٿان هلاڪ
ٿيندين. اڳتي هلي مرزا عيسى جي اها اڳڪٿي صحيح
ثابت ٿي، جنهن جو پورو قصو اڳي ٻڌائينداسين.
وفات:
مرزا عيسى 973هه (66 ــ 1565ع) ۾ طبعي موت مري ويو پر مرزا
محمد باقي جي سيوهڻ کان ٺٽي پهچڻ تائين اها ڳالهه
لڪائي ويئي، پوءِ سندس ميت کي مڪلي ۾ اڳ ۾ ٺهيل
مقبري ۾ پوريو ويو.
تعويز قبر:
مير معصوم مرزا عيسى جي وڇوڙي جي تاريخ 974هه، تاريخ طاهري ۾
984هه ۽ تحفة الڪرام ۾ 990هه ٻڌائي ويئي آهي، پر
انهن مان ڪا صحيح ناهي، ڇاڪاڻ ته هن جي تعويذ قبر
جي ڪتبي ۾ صاف 973هه لکيل آهي. اها ڪتبي واري لکت
ڪجهه هن طرح آهي ته:
”وفات يافت حضرت مرزا بندهء آل محمد عيسى بن عبدالعلي ترخان
973هه“
مرزا عيسيٰ جون خاصيتون:
تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي مرزا عيسى ترخان جي ذاتي
خوبين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته هو بردباري ۽ مضبوط
فڪر جي ڪري پنهنجي خاندان ۾ ممتاز هو، گهٽ مرتبي
جي باوجود به دليري ۽ داٻي ۾ وڏن وڏن ارغون اميرن
کي پوئتي ڇڏي ويو.
سنڌ ۾ مرزا عيسيٰ جو دؤر:
مرزا عيسى سنڌ ۾ تقريباً ٻارهن سال حڪومت ڪئي پر انهن ٻارهن
سالن ۾ هو صرف پنهنجي اقتدار کي ارغونن کان
بچائيندو ۽ پنهنجي پٽن جي جهيڙن ۾ ڦاٿل رهيو ۽
سنڌي ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪو ذڪر جوڳو ڪم نه
ڪيائين، پر ان جي زماني ۾ ارغونن جي دؤر جهڙا ظلم
نظر نٿا اچن.
سندس وڏو ڪارنامو پرتگيزين جي وڃڻ کان پوءِ شهر جي چوڌاري اها
حفاظتي ڀت اڏائڻ ۽ ”نارقي واهه“ ۾ وڏا ڀٿر وڇائي
ٻاهرين ڪاهه کي ان طرف کان روڪڻ هو.
ٻار ٻچا:
مرزا عيسى ترخان کي اٺ پٽ ۽ پنج نياڻيون هيون، جن جا نالا ۽
تفصيل هيٺ ڏجي ٿي.
مرزا محمد صالح اول: 23 شعبان 970هه (63 ــ 1562ع) تي قتل ڪيو
ويو ۽ مڪلي ۾ دفن آهي
سلطان ابراهيم اول: وفات 16 ربيع الاول 966هه (59 ــ 1558ع) مڪي
قبرستان ۾ پوريل.
مرزا ناصر.
مرزا جوهر: هي مرزا باقي جي حڪم سان قتل ڪيو ويو.
مرزا سليمان اول: وفات 964هه (57 ــ 1556ع)
مرزا زاهد اول: وفات 8 رجب جمعي ڏينهن 966هه (1559ع) پوريل
گورستان محمد صالح اول.
مرزا محمد باقي ترخان: وفات 8 شوال 993هه (1585ع) پوريل مرزا
عيسى ترخان اول جي ڀرسان.
مرزا جان بابا اول: مرزا محمد باقي جي حڪم سان خون ڪيو ويو ۽
سندس ئي نالي سان قبرستان ۾ پوريل آهي.
مرزا عيسى جون ڌيئرون:
ترسون بيگم: وفات جمادي الاول 964هه (1557ع).
بيگم . . . .. ؟ : وفات شعبان 964هه (1557ع) جان بابا جي
قبرستان ۾ پوريل آهي.
انچه بيگ: وفات محرم 965هه (1557ع)
بيگ بيگي آغا: يادگار مسڪين ترخان جي زال هئي ۽ مرزا باقي جي
حڪم سان ماري ويئي.
دختر: فقير محمد ترخان جي گهرواري هئي، رجب 976هه (1568ع) ۾ قتل
ڪئي ويئي ۽ مرزا محمد صالح اول جي قبرستان ۾ پوريل
آهي.
اها تفصيل اسان سنڌ جي مؤرخ حسام الدين راشدي جي ان ترتيب ڏنل
شجري مان ورتي آهي، جيڪو ترخان نامي ۾ مرزا عيسى
ترخان جي اولاد جو آهي.
تاريخ طاهريءَ ۾ مرزا عيسيٰ جي هڪ ٻي پٽ مرزا غالب جو به ذڪر
آهي، پر راشدي صاحب ان شجري ۾ محمد غالب کي مرزا
محمد صالح اول جو پٽ ڄاڻايو آهي ۽ اهو ئي صحيح
آهي. ڇاڪاڻ ته مرزا عيسى جي وفات کان پوءِ ان جا
ٻه پٽ مرزا محمد باقي ۽ مرزا جان بابا موجود هئا.
|