ٺٽو
571هه: سلطان شهاب الدين محمد بن سام غوريءَ، بقول
مبارک شاهي (تاليف 838هه) ٺٽي ۽ اچ تي چڙهائي ڪئي:
”. . . . . درسنہ احديٰ وسبعين و خمسمايہ سمت آچہ
تهتہ و ملتان لشکر کشيد، طايفئہ تهتہ در حصار آچہ
محصر شده، باسلطان محاربہ کردند . . . “ (ص 6)
طبقات ناصريءَ ٺٽي جي بجاءِ ديبل لکيو آهي. آثار
الوزراءِ (عقيلي) ۾ وزير نظام الملک جنديءَ جي تحت
آهي:
”چون سلطان شهاب الدين غوري فتح ممالڪ هند نمود آن
ملڪ را بغلا مان خود سپرد . . .. وتتہ واچہ را
بسلطان ناصر الدين قباچہ داد . . . . (329)
طبقات اکبريءَ (37/1) ۾ آهي ته: ــ
ـ ـ ـ ـ ـ سال ديگر (578هه) بطرف ديول ک عبارت از
تهتہ است، لشکر برده تمام بلاد بحر رادر ضبط در
آورده ـ ـ ـ
تاريخ مبارڪشاهيءَ ۾ ڄاڻايل ٺٽي جي لفظ لاءِ ڊاڪٽر
دائود پوٽي مرحوم و مغفور جو خيال بلڪل صحيح آهي
ته دراصل اهو ٺٽو نه بلڪ ”بهاتيه“ آهي.
حقيقت ۾ پوئين دور جا مؤرخ، ٺٽي جي مرڪزي حيثيت ۽
شهرت کي ٻڌي، ديول ۽ ٺٽي جي مابين ڪو به تفاوت ڪري
نه سگهيا آهن.
667، 671هه. ديوان تحفه الصغر:
امير خسرو (تولد 651هه وفات 725هه). هي ديوان 16
کان 19 ورهين جي عمر تائين چيل غزلن کي مرتب ڪري،
امير خسرو تيار ڪيو، ان ۾ هڪ غزل آهي، جنهن مطلع ۾
”تته“ جو قافيو آندو اٿائين:
سرو چو تو، در آچہ در تتہ نباشد،
گل مثل رخ خوب تو، البتہ نباشد.
(از تحفة الصغر (671هه) کليات عناصر دواوين خسرو
نو لکشور کانپور 1916ع)
امير خسرو، خان شهيد وٽ ملتان ۾ (678 ــ 683هه) پڻ
هيو. صدر الدين بن بهاءُ الدين زڪريا ملتاني
انهيءَ دور جو آهي. قلندر لعل شهباز ڪجهه وقت لاءِ
ساڳي خان شهيد وٽ رهي، پوءِ هتي سيوهڻ ۾ آيو.
مٿي ڏنل شعر مان صاف ظاهر آهي ته: ٺٽو 667 ۽ 671هه
۾ نه فقط آباد، مشهور ۽ معروف هيو، بلڪه ايترو
بارونق ۽ متمدن شهر هيو، جو شاعر، اتان جي خوبصورت
گلن ۽ سر وقد سهڻن جي تشبيهه، پنهنجي محبوب جي
تعريف ۾ ڪتب آندي آهي.
669هه: سلطان غياث الدين بلبن (86ــ664هه) جو پٽ
محمد قاآن جنهنجو ذڪر مٿي ٿي چُڪو، 668هه ۾ ملتان
۽ سنڌ مٿان حاڪم ٿي آيو. 683هه ۾ مغلن جي لشڪر سان
مقابلو ڪندي شهيد ٿيو ۽ تاريخ ۾ ”خان شهيد“ جي عرف
سان مشهور ٿيو. ان جي حدن جو ذڪر ڪندي، صاحب
تاريخ مبارڪشاهي (تاليف 858هه) لکي ٿو ته: ”. . .
. . از مالم تا حد جناتي اقطاع او داخل ملتان بود.
. .. . جناتي شصت کروه از تهته برسر درياست . . .
. ..“ (43)
705هه : مکاتبات رشيدي:
از خواجه رشيد الدين فضل الله طبيب. مشهور وزير
(ابا قاخان ۽ غازان خان) ۽ معروف مورخ (مؤلف تاريخ
رشيدي) جنهن کي سلطان خدا بندي 718هه ۾ قتل ڪرايو.
خواجه مذڪور پنهنجي پٽ عزيز ابراهيم حاڪم شيراز
ڏانهن لکيل هڪ خط ۾، لاهور ۽ سنڌ تي مغلن جي حملي
جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي ڪمان سندس ٻيو پٽ جلال
الدين خواجه (حاڪم اصفهان ڪري رهيو هو. انهيءَ خط
۾ ٺٽي جو نالو ورتو ويو آهي.
عزيز الدين کي پڻ 18 جمادي الاول 718هه (گزيده 3ــ
601) جو خدا بندي قتل ڪرايو. سندس گهر ۾ علاءُ
الدين بادشاهه هند (695 ــــ 715هه) جي نياڻي هئي.
مولانا محمد شفيع مرحوم (مرتب مکاتبات رشيدي) جو
خيال آهي ته مذڪوره خط ۾، مغلن جي جنهن حملي جو
ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو 705هه جي لڳ ڀڳ ٿيو هوندو.
خط جي ضرورت عبارت هن ريت آهي ــــــــ ”. . . . .
فرزند جلال (جلال الدين خواجه، حاڪم بلده اصفحان)
. . . . . قلعہ لهاور را . . . .. باند ک حملد کہ
کرده، مسخر ساخت. واز انجا باجماعت امرائي مغول
بطرف ولايت سنده بتوجہ شد. طايفئہ محاذيل کہ در
سلڪ (کزا) انتظام يافتہ بودند. و درثغور ولايت
مذکور جمع آمده و در راه لشکر ايران، دام خديعت
انداختہ و چون شيران آدمي خوار کمين ساختہ، چون
دانستند کہ قهر مانان لشکر ايران، دام، خديعت
انداختہ و چون شيران آدمي خوار کمين ساختہ، چون
دانستند کہ قهر مانان لشکر ايران و قلب شکنان جند
ايلخان، همهمهہ ۽ افراس را نوائي قانون و غنائي
ارغنون مي شمرند، و جمجمہ راس راکاس صهبا و جام
حميامي پندارند، و صف هيجا و قلب وغا چون دريا در
جوش، و چون رعد در خروش مي آيند، چون باد، روئي
بهزيمت نهادند و در جزاير و آجام مختفي شدند ـــــ
وامرائي مغول بتالان منال و مواشي و تاراج جوانب
و حواشي مشغول گشتند امام فرزند جلال، چون رجوم
نجوم کہ در پي عفاريت رانند و روند، در پي ايشان
بشتافت، و آن جماعت رابحدود جزاير بکر و اچہ و
دحال لاهري تتہ بتافت . . . .. الخ (ص 325)
725هه : سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه (716 ـــ
725هه) بن سلطان علاءُ الدين خلجي (695 ــ 715)
کي، خسرو ملک 720هه ۾ قتل ڪري تخت تي ويٺو. جنهن
کي وري ساڳي سال سنڌ جي گورنر غازي ملک تهه تيغ
ڪيو ۽ هو پاڻ، سلطان غياث الدين تغلق (متوفي
725هه) جي لقب سان تخت نشين ٿيو. تحفة الڪرام جو
قول آهي ته. انهيءَ دور ۾ ٺٽي تي سومرن قبضو ڪيو.
752هه: سلطان محمد تغلق ٺتي کان چوڏهن ڪوه پري هيو
جو پلو کائي بيمار ٿيو ۽ 21 __ محرم 752هه جو فوت
ٿيو. سلطان فيروز انهيءَ جاءِ تي (23 مارچ 1351ع)
تخت نشين ٿيو ۽ سندس لاش کڻائي سيوهڻ کان ٿيندو
دهلي هليو ويو. تاريخ مبارڪشاهي جو مصنف لکي ٿو: ”
. . . . معهذا قصد تهته کرده تاطغي را که آنجا
گرفته به آن طايفه بدست آورده بکشند . . . . . چون
سلطان نزديک تهته رسيد، باز همان زهمت عود کرد بست
ويکم ماه محرم سنه اثنين و خمسين و سبعمائه بر لب
آب سند، برحمت حق پيوست. . .. “ (117)
64ــــ763هه: تاريخ فيروز شاهي:
عفيف برني (تاليف 801هه) سلطان محمد جي فوت ٿيڻ
بعد فيروز تغلق دهليءَ مان ڪاهه ڪري ٺٽي تي آيو.
تاريخ فيروز شاهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته: ٺٽو عظيم
شهر هيو، قلعو ايترو مضبوط هيو جو ان جو فتح ڪرڻ
مشڪل ٿي پيو، پهريون دفعو فيروز مايوس ٿي واپس
ويو، ٻئي دفعي ٺهي جڙي آيو. عفيف جو قول آهي ته:
ٺٽي جي ڄام مجبور ٿي سيد جلال الدين جهانيان جهان
گشت کي اچ مان گهرائي، وچ ۾ وجهي، سلطان فيروز سان
صلاح ڪري پيش پيو. ليڪن عبارت جي انداز مان ظاهر
پيو ٿئي ته، جهانيان جهان گشت کي گهرائڻ ۾ سلطان
فيروز جو به هٿ هيو، بهرحال هتي ته اهو موضوع خارج
از بحث آهي. هيٺ اسان اهي سڀئي عبارتون نقل ڪيون
ٿا جن مان ظاهر ٿيندو ته: ٺٽو تمام وڏو ۽ مضبوط
شهر هيو. ٺٽي جو قلعو ناقابل تسخير هيو ـــــ قلعو
ايترو وسيع هيو جو منجهس لکين لشڪر رهي سگهيو ٿي
ـــــــ سنڌي لڙائيءَ جا جوڌا ۽ ڪوڏيا هوا ــــ
حب الوطني ۽ وطن جي دفاع جي احساس جي شدت، انهيءَ
حد تائين منجهن هئي جو سنڌ جو عامي ماڻهن به
پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان ڪين ٿي ڪيٻايو، چنانچه
ڪڇ جي ”ڪونجي“ رڻ ۾ رهبر ٿي رلڻ جو واقعو ان جو
شاهد آهي.
”آباداني تهتہ در دو محل بود، يڪ محل کرانہءِ لب
آب سندهه جانب دهلي_ دوم محل گذارلب آب سندهه جانب
تهتيان بسييار و بيشار مرد انبوه، هريکي باشکوه
بلکہ هر يڪ تن چو انجمن بود يا گراني کوه، جملہ
مرد جنگي_ چانچہ از احوال قوت و جلادت ايشان، ميان
جهان و جهانيان معلوم و روشن _ دران ايام جام
رعنائي در ميدان خود نمائي مينمودند . . . .
.جمعيت بسيار جمع کردند، ولايت ايشان بسيار و
بيشمار است “ (عفيف ص 199)
جڏهن جنگ شروع ٿي ان وقت جي ڪيفيت بيان ڪندي مؤلف
لکي ٿو:
”جام و بانبهنہ خود کام، باجمعيت تمام مستعد شده،
باسوار بسيار و پياده بيشمار از ميان حصار بيرون
آمدند . . . . (201)
”. . . . . و جمعيت تهتيان موازنہء بيست هزار سوار
جرار ــــ هر
یڪے
در زور دلاوري کند آور روزگار ـــ و موازنہء چهار
لک پياده نامدار _ با اين جمعيت فراوان و قوت بي
پايان طائفہ تهتيان در آويز کردن نمي توانستند . .
. . ” (202)
. . تهتيان با آن قوت بي پايان درون حصار
ميخزيدند . . . “ (203) انهيءَ دفعي جنگ مان
فيروز، ناڪام مايوس ۽ نامراد ٿي دهليءَ هليو ويو.
۽ وري ٻيهر موٽي آيو. انهيءَ سلسلي ۾، تاريخ مبارک
شاهي جو قول آهي:
”آن (فيروز) نگر کوت رافتح کرده از آنجا عزم تهتہ
نموده. چون در تهتہ رفت، جام بابنهيہ کہ ضابط تهتہ
بود، بقوت آبگير محصر شده، مدتي محاربہ کردند . .
. . بضرورت ناچار، بعد کوشش بسيار جانب گجرات روان
شد . . . . “ (131)
765هه: تاريخ فيروز شاهي: عفيف (تاليف 801هه)
پهرينءَ ڪاهه وقت سلطان فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار
سوار، چار سو اسي هاٿي ۽ پنج ٻيڙيون ۽ بي انداز
پيادا هئا. ۽ ڄام وٽ ويهه هزار سوار ۽ چار لک
پيادا هئا.
(1)
ڄام وٽ اهو سڄو لشڪر ٺٽي ۾ قلع بند هيو. ان مان
قلعي ۽ شهر جي وسعت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ٻئي
حملي لاءِ عفيف لکي ٿو:
” . . . . و طائفہ سندهيان باقوت فراوان و جلادت
بي پايان، گذاري لب آب سنده تا هفتاد کروه بحر،
سوار و مرد جرار حائل بودند، در قسم هوشياري و
بيداري کوشش مينمودند، گذارشدن ممکن نبود . . . .
.”ص 234 عفيف)
”. . . . .ملڪ عماد الملڪ و ظفر خان بالشکر فراوان
و افواج بي پايان، صد و بيست کروه بازگشة فرود بکر
گذارشده در زمين تهتيان در آمده. تهتيان نيز با
جمعيت انبوه سوار و پيادهء باشکوه، از درون حصار
بيرون آمدند، ميان هر دو طرف جنگ سخت شده کہ، در
تحرير نہ گنجد. و سلطان فيروز درين بر بربودــ
اگرچہ حصار تهتہ مينمود . . . . “ (ص 235).
ٺٽي جي لشڪر کي فيروز جو اهو ڪٽڪ زير ڪري ڪو نه
سگهيو، آخر نئون لشڪر دهليءَ کان گهرائڻو پيس (ص
236) ۽ تقريباً سڄي مملڪت مان آدم ذات اچي گڏ ٿي
(37_238) عفيف جو چوڻ آهي ته: ٺتي وارن وٽ جيڪو
آنُ هيو سو هنن فيروز کي پهرئين دفعي ڀڄائي ڪڍڻ
کان پوءِ. بي اُلڪو ٿي پنهنجن زمينن ۾ ٻج ڪري وجهي
ڇڏيو هيو. هيءُ جو مٿن اوچتو، خلاف اميد ٻي چڙهائي
ٿي، ان لاءِ نه هو تيار هئا ۽ نه وٽن کاڌ خوراڪ جو
پورو بندوبست هيو. مقابلا ۽ مجادلا ڪندي آخر ڏڪار
۾ مبتلا ٿيا. تنهن ڪري ”ڄام ۽ بانهبنه“ سيد جلال
الدين جهانيان جهان گشت کي اچ مان خاص ماڻهون
موڪلي گهرايو. (ص 240). عبارت جي انداز مان ائين
پيو بکي ته سلطان پاڻ سيد ڏانهن ماڻهون موڪليو
هيو. (ڏسو صفحو 241 _ 242). آخر سيد صاحب جي وچ ۾
پوڻ ڪري صلح ٿيو ۽ بقول عفيف جي : ڄام ۽ بانهبنه،
فيروز جي اچي پيش پيا. ”انهيءَ طريقي“ جي فتح تي،
عفيف بيت لکيو آهي جنهن م ٺٽي جو نالو اچي ٿو:
هم تهتہ بدست آمد و هم کار فراهم شد،
المنة لله که، اين هم شد و آن هم شد. (ص 247)
ڄام ۽ بابنهيه کي ففيروز پاڻ سان دهلي ورتيون ويو
۽ ٺٽو ڄام جي پٽ ۽ تماچيءَ برادر بانهبنه (پسر جام
و تماچي برادر بانهبنہ) جي سپرد ڪيائين (ص 247) جن
چار لک تنڪا ساليانو خراج ڏيڻو ڪيو.
عفيف جو چوڻ آهي ته: اها ٺٽي ۽ گجرات جي) سر زمين
فيروز شاهه جي دور ۾ فتح ٿي، جنهن کي سلطان معز
الدين (شهاب الدين محمد سام جي زماني کان وٺي هن
وقت تائين ڪو به فتح ڪري ڪو نه سگهيو هيو؟. سلطان
علاءُ الدين خلجي (695_715هه) پنهنجو ڪٽڪ سلطان
روم خواه سلطان حسين جي امدادي لشڪر سميت ڪاهي آيو
تاهم فتح ڪري نه سگهيو.
انهيءَ فتح تي عفيف ٻيو شعر پڻ چيو آهي، جنهن ۾
ٺٽي جو نالو آهي:
در تهتہ چو شاه رخ نهاده،
شا هما نش دويده پافتاده،
آورده همہ برابر خويش،
گجينہ بدا ديش ز حد بيش. (ص 253)
دهليءَ اندر جن جاين ۾ ڄامن ۽ سندن ماڻهن کي رهايو
ويو ان جو نال ”سرائي ڻهڻه“ مشهور ٿي ويو هيو. (ص
253)
انهيءَ پوئين فتح جي سلسلي ۾ تاريخ مبارڪشاهيءَ جي
تحرير هن ريت آهي:
”. . . . . .چون سلطان، بار دوم در تهتہ رفت، جام
بانبهنيہ امان خواست بحضرت پيوست و بمراهم مخصوصي
شد. سلطان اورا باتمام مقدمان آن طرف، برابر خويش
در دار الملڪ دهلي آورد. چون مدتي خدمت کرد، سلطان
باز جام را اقطاء تهتہ داد. و باترتيب تمام روان
گردانيد. . .. “ (ص 131)
765هه قصائد مطهر ڪڙهه: (متوفي در حدود 790هه)
مطهر شاعر ڪڙي جو ويٺل ۽ فيروز شاهه تغلق جو مدح
خوان هيو. ملک الشرق عين الملک ماهر و ــــ جيڪو
انهيءَ دور ۾ ملتان جو صوبه دار هيو. ان جي مدح ۾
پڻ سندس قصيدا آهن. مطهر ٻه قصيدا فيروز تغلق جي
مدح ۾ چيا آهن. جن ۾ ٺٽي جو ذڪر موجود آهي. انهن
قصيدن مان ٺٽي جي اهميت ۽ مدنيت واضح ٿئي ٿي. هڪ
قصيدي ۾ فيروز شاهه جي فتوحات، اخلاق، حسن انتظام
وغيره جي تعريف ڪندي ٺٽي جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو.
وز جملہء فتوح، گل فتحِ تهتہ بود،
کز استماع آن همہ خلق انتشار بود.
فتحي کہ در هواد ئي همت، قلاده بست،
فتحي کہ در سواعد دولت، سوار کرد.
فتحي کہ ني تهمتن ايراني، آنچنان،
در عمر، ني سکندر رومي نجار ڪرد.
در موضعي چنان کي ز سختي، او سپهر،
انگشت حيرت از سردندان فگار گرد.
دريا و پنج آب، زهر چار سوۓ او،
گشتہ يکي دو چشم تو چندانکہ کار کرد.
کشتيء بي نهايت و مردان بي قياس،
هر يڪ يلي کہ نيزه چو رستم مارکرد.
جيشي چومار و مور، کہ هر يڪ بتائي تير.
شاه جهان کہ خاطر او هر مهم کہ خواست،
کردن کفايت از کرم کردگار کرد.
همت چو بر کشادن اين جايگاه بست،
و آثار خسروي بجهادش جهاد کرد.
چندان سپاه برد کہ، از سم مرکبان،
صحرا ستوده آمد و دريا غبار کرد.
هر روز نهب و غارت و هر دم نبردو جنگ،
ميکرد تا ديار عدو پر دمار کرد،
تا عاقبت چو کار، بسکان آن مقام،
در اضطراب آمدو حال اضطرار کرد.
دادند سر بطاعت و جستند امان شاه،
شہ داد امان و بر کرم اميدوار کرد.
صفدار سنده بانبهنيا را، و راي جام،
اندر رکاب با همہ خلق و تبار کرد.
تنها نہ اين فتوح، کہ در هر ولايتي،
صد اين چنبن فتوح، دگر بر مرار کرد.
حصر صفات شاه چو در وسع عقل نيست،
ميخوا هم از ثنا، بدعا اختصار کرد.
تا باد صبحگاهه در ايام نوبهار،
دامان خاڪ پر گوهر آبدار کرد،
بادت بهار عيش منور، کہ در جهان،
بخت تو خاڪ تيره چوشڪ تتار ڪرد.
خاص ٽي جي فتح تي مطهر هيٺيون ترڪيب بند چيو آهي:
بزمي است بهر سويء و نشاطي بهر سري،
باغي بهر رهي و بهشتي بهر دري.
هر جا، نهاده نخلي و هرجائي مجمري،
هر جانبي صراحي و هر سوئي ساغري.
هر يڪ چنان کہ درشپ تاريڪ اختري،
مہ روئي و مشڪ موئي و شکر خنده شع تاب.
هر لعبتي لطيف، چو نورسة نارون،
گل روئي سروقد و سمن ساق و سيمتن،
شکر لبي، کہ شهد شود در لبش، لبن،
و آرد نبات را، ز هوس، آب در دهن،
چشمان و ابروان و بر و بازوان و تن،
چون نرگس و بنفشہ و نسرين و نسترن.
رفتار شان قيامت و گفتار شان فتن،
ديدار شان بهشت و جدائي شان عذاب.
تا نهضت رکاب همايون، شنيده اند،
خاصان و خاصگان، کہ درين جاء ي بوده اند،
صد گو نہ عيش و عشرت و شادي فزوده اند،
صدگون(1) عوس بہ بستن ازي (2) نموده اند،
سرهائي، قبہ، برسر افلاڪ سوده اند،
و اعلام او بعالم علوي شنوده اند.
گوئي کہ: گوئي حسن، ز جنت ربوده اند،
اين قبها بزينت و اين کلها بتاب
هر قبہء چو گنبد گردون چنبري،
نقش و نگار او همہ مريخ و مشتري،
پوشيده اند رنگ همہ شقر و شستري،
از سبز و سرخ و زرد و بنفش و مصعفري،
يا برمثال قصر سليمان، ز برتري،
سقف و ستون او، همہ از زر جعفري.
ني ني کہ شهر نيست، بهشتي است دلپذير،
آراستہ بسندس و استبرق و حرير،
حوران درو کواعب اتراب بي نظير،
سلسال و سلسبيل درو چشمہ و غدير،
و ز شربت و شراب خميرش در آبگير،
جاري هزار جوئي مي وانگبين و شير.
آبش همہ گلاب و گلابش همہ عبير،
خشتش ززر سرخ و زمينش ز سيم ناب.
اکنون کہ از شکوه شهنشاه، روز جنگ،
باز ظفر رکاب عدو کرد چون کلنگ،
مائيم و صحن گلشن و صهبائي لالہ رنگ،
و آواز نائي نغمہء رود و نوائي چنگ،
با ساقيان دلبر و با شاهدان شنگ،
در سايهائي تيره و در جايهائي تنگ.
ايمن ز درد وانده، و فارغ زنام و ننگ،
گہ در نشاط و نوص وگهي در خمار و خواب.
¶¶¶
فيروز شہ کہ افسر شاهان عالم است،
مهدي تاج بخش و سليمان خاتمست،
دست و دلش کہ محيي ابناؤ آدمست،
ترياڪ نوشدارو و اکسير اعظمست.
فيض سحاب لجہء دريائي قلزم است،
دستش بگاه جود و سنانش گر حراب.
شاهي کہ چرخ مسند و خورشيد افسر است،
سلطان شش جهات و شہ هفت کشور است،
در فرويال، همچو فريدون و نوذر است،
در رزم و برزم همبر سام و سکندر است،
کشور کشا و خصم کش و ملک پرور است،
دانش پزوه و دين طلب و داد گستر است،
کين توز و تاج بخش چو محمود و سنجر است،
صفدار و سرفراز چو سام و فرا سياب.
¶¶¶
ديدي کہ شہ چہ معجزه در جهاد،
کانصاف رزم بستد نبرد داد،
در يڪ لگام ريز کہ شہ در و غا نهاد،
اقليم سنده و مملکت و مولتان کشاد،
فتحي نمود روکہ، نہ دارد کسي بياد،
زامروز تا زمان کيو مرث و کيقباد،
بشنو کنون، حکايت اين فتح باعتقاد،
تا گو يمت تمام بايجاز و انتخاب.
تهتہ کہ آن جزيره، بلائيست پر کهف،
درياش يڪ طرف شد و پنج آب يڪ طرف،
صحراش بي نبات و بيابانش بي علف،
زرها درو تبہ شد و اقليمها تلف،
کشتيء کوه کاف بگردش کشيده صف،
جنگ آوران بد و همہ شمشير ها بکف،
در موج او نهـ مدخل ماهي و ني کشف،
بر اوج او، نہ مهبط شاهين و ني عقاب.
¶¶¶
صفدار سنده بانبهان کہ در مقام سندهه،
با سرفراز راي تماچي و راي جام،
بر گرد شان، زخيل و تبارو خواص و عام،
جيشي کثير همچو هجوم نجوم شام،
غير از يلان جلد و جوانان تيزگام،
هر يڪ بسان رستم و اسفنديار و سام،
القصہ، اين سران ولايت همہ تمام،
يکجان ويکزبان شده، درهم چنين حراب.
برحکم آن غرور کہ داريم جايء تخت،
اسپان باد پايء و فراوان سلاح و رخت،
بالشکر گران کہ کند کوه لخت لخت،
بر کاکبوس مانده درين بندگيءِ سخت،
بر تافتند رويء بتلقين تيره بخت،
هر تيغ و نيزه شان چويکي شاخ از درخت.
شاه جهان زخنجر خونريزه کينہ آخت،
و انديشہ کرد کردن آن جايگہ خراب.
چندان سپاه بردکہ، دريا و دشت و کوه،
از سم اسپ و آهن و پولاد، شد ستوه،
صفها کشيده خيل اميران گران شکوه،
هر يڪ صفي چو سد سکندر بصد کروه،
با هول و هيبتي کہ کند شوکت و شکوه،
در لرزه بد زمين و دل مرد، دين پژوه.
ميخوا ستند صبحد مان بردم خروس،
کز بيخ بر کنند بيکبار آن خراب
¶¶¶
کان قوم هم بسهم سيہ رويء تافتند،
ناکرده رزم سينہ زهيبت شگافتند،
چندانکہ چاه غور، کز انہ يشر کافتند،
جز عجز و مسکنت، ره ديگر، نيافتند.
لا بدرسن ز موئي سر و ريش بافتند،
بردند رويء عجز، بدرگاه آنجناب
شاهه جهان بموجب آن جملہ را نواخت،
وز جاه و منزلت سر شان برفلڪ فراخت،
اسپان تنگ پشت بزرعن ستام و ساخت،
واجناس جامهاکہ درو لعل و در نشاخت،
چندان بداد شان، کہ نہ کس حد آن شناخت،
ني حد آن بديد، اگر جان و تن گداخت،
ابري ز جود، برسر آن بستگان بتاخت،
کز فيض گشت غرقہء احسان بجملہ باب.
آري چنين کنند، سلاطين شکار ها،
وز بخت شان، بر آيد ازين گونہ کار ها،
اين ست آن فتوح، کہ در روزگار ها،
ماند بخسروان جهان، يادگار ها،
زين گونہ کارهاست کہ رفتہ ست بار ها،
صيت شهان و نام مهان در ديار ها.
تنهانہ آن حصار، کہ چندين حصار ها،
کرده است شاهه فتح، بيڪ جنبش رکاب.
¶¶¶
اين خسروي کہ بر سر تاج کيان توئي،
تخت آسمان و اختر آن آسمان توئي،
جسمي است نہ فلڪ، کہ درو نورجان توئي،
دارا توئي قباد توئي اردوان توئي.
عيسيٰ عهد و مهدي آخر زمان توئي،
کز تيغ تست فتنئہ دجال را جواب.
گر من قلم ز جملہء شاخ گيا کنم،
دريا دوات سازم و دفتر سما کنم،
بس خواهم اين کہ حق مديحت قضا کنم،
هر لحظہ دفتري دوسہ اندر ثنا کنم،
با اينکہ اين، بمدت نا منتها کنم،
حرفي ز دفتري، نتوانم ادا کنم.
چون عاجزم ز مدح سزد، گر دعا کنم،
زيرا دعائي عاجز مسکين ست مستجاب.
شاها حيات و دولت و ملکت دوام باد،
چرخ بزينت از بن دندان غلام باد،
ماهت نگين خاتم و خورشيد جام باد،
ساقيست خضر و چشمہء حيوان مدام باد،
رايات تو زنصرت تو، بر دوام باد،
ز اکنوش تا قيام قيامت قيام باد.
تخت تو تازه رويء و دلت، شادکام باد،
(1)فر
تو کامگار و شکوه تو کامياب.
786هه: ٺٽي جي شيرازي انجوي ساداتن جا وڏا، سيد
محمد ۽ سندس پٽ سيد احمد 786هه ۾ شيراز ڇڏي قنڌار
سيوهڻ ۽ ساموئي کان ٿيندا قاضي نعمت الله عباسي
سان رشته داري سبب ٺٽي ۾ قاضين جي محلي ۽ جاين ۾
اچي آباد ٿيا. حافظ شيرازي رحمة الله عليہ سيد
محمد سان گڏجي شيراز مان سنڌ اچڻ لاءِ هليو، ليڪن
سيد محمد کيس قنڌار مان موٽائي شيراز موڪليو، جتي
791هه ۾ سندس انتقال ٿيو، اهو ساڳيو سال آهي (91
ـــ790هه) جنهن ۾ مطهر ڪڙو به فوت ٿيو جنهن جا ٻه
قصيدا مٿي ڏئي آيا اهيون. سيد محمد ۽ سيد احمد جي
اچڻ جي تاريخ بسم الله الرحمان الرحيم مان (786هه)
نڪري ٿي،
صاحب رساله معارف الانوار ”ديبل ٺٽو“ گڏي (عازم
بلاد تهته يعني ديبل شد ند ـــ ص 110) لکيو آهي
ليڪن ان مان مطلب ٺٽو آهي. جيئن ٻئي هنڌ لکي ٿو:
بجانب بلده طيبه تهته، تشريف آوردند ـــ (ص 117).
سيد محمد جي وفات 10 محرم 800هه) بعد سييد احمد
سيد پور مان لڏي، مستقل طرح اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو.
793هه: ڄام تماچيءَ جي بغاوت: فيروز تغلق،ٺٽو ڄام
بانبهنه جي ڀاءُ کي ڏئي ويو هيو. چند سالن بعد،
ڄام تماچي بغاوت تي آماده ٿيو ٿو ڏسجي. خبر پوڻ
تي، سلطان فيروز، دهليءَ مان ”ڄام“ کي سندس سر
ڪوبيءَ لاءِ روانو ڪيو. جنهن کيس گرفتار ڪري
دهليءَ موڪليو. عفيف لکي ٿو:
”معهذا چون ازين سختي چند سال گذشت، و تماچي برادر
بانبهنہ درتتہ برگشت، حضرت شهنشاه (فيروز) جام
رابر اي دفعہ شر او، در تتہ فرستاد ـ جام در تتہ
رسيد، و تماچي راسمت شهر روان گردانيد. . . . “
ڄام بابيني جي سلسلي ۾ عفيف لکي ٿو:
”. . .. و بانبهنہ هم در دهلي ماند . . . . . چون
سلطان تخلق شاه بپاد شاهي نشست (790هه)
بانبهنہ راچتر سپيد داد و در تتہ روان کرد.
بانبهنہ در اثنائي راه جان بحق سپرد . . . . “
(254)
گويا 790هه ۾ بابينو موٽي وطن آيو ٿي جو رستي ۾
فوت ٿي ويو.
823هه: تاريخ مبارڪشاهي: (تاليف 838هه) مؤلف سلطان
معز الدين ابو الفتح مبارڪ شاه (824 ـــ 837هه) جي
تحت لکي ٿو ته: 823هه ۾ جسرٿ شيخا کهوکهر (؟)
بغاوت ڪئي، جنهن ڪري جمادي الاول 823هه ۾ ڪشمير جو
بادشاهه سلطان علي، لشڪر ڪاهي ٺٽي تي چڙهي آيو.
(در ولايت تهته آمده) . . . . (194). بنگال
ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي مطبوعه نسخه ۾ انهيءَ جاءِ
تي ٺٽي جو نالو، ڪتابت جي غلطيءَ سبب آيل ڏسجي ٿو.
ورنه ڪشمير جي بادشاهه علي ۽ جسرٿ جو نالو، سنڌ جي
تاريخ ۾ ڪنهن به عنوانن سان اچڻ نه گهرجي.
مٿين سڄي مذڪور مان ظاهر ٿيو ته ٺٽو ڄام نظام
الدين کان ٻه سو ورهه اڳ موجود بلڪه سنڌ جو پايه
تخت هيو، ديبل جو نالو تاريخ جي صفحن تان 658هه
کان پوءِ گم ٿيو ۽ 671هه کان اڳ ٺٽو ان جو قائم
مقام بڻيو. وچ ۾ وٿي فقط 9 يا 13 سالن جي پئي.
امير خسرو مٿي ڏنل شعر 16 ۽ 19 سالن جي عمر ۾،
يعني 667هه ۽ 671هه جي درميان چيو آهي. ۽ شعر مان
صاف معلوم پيو ٿئي ته ـــ جنهن وقت اهو شعر تصنيف
ٿيو انوقت، هندوستان جي پايه تخت دهليءَ ۾ ٺٽي جي
شهر ۽ اتان جي ماڻهن جي خوبصورتيءَ جي عام واکاڻ
هئي ـــ انهيءَ ڪري ڪو به سبب ڪونه آهي جو، اسان
مٿين تاريخي شهادتن جي آڌار تي اهو تسليم ڪيون ته:
ٺٽو ۽ ديبل ٻئي هڪ وقت موجود هئا.
ٺٽو 655هه (خسرو جي ڄمڻ) کان گهڻو اڳ آباد ٿيو
هيو.
ورنه ناممڪن هيو جو آباد ٿيو بعد 9 ــ يا 13 سالن
جي مختصر عرصي ۾ ايڏي واکاڻ پيدا ڪري جو 16 يا 19
سالن جو نوجوان متاثر ٿي ان جي تشبيهه ڪم آڻي.
ٺٽو موجود هيو، ليڪن ان کي اهميت، ديبل جي زوال کان پوءِ تمام ستت ملي.
اهو ئي سبب ٿيو جو ماڻهن جي ذهن تان ديبل جو نالو
اڄان لٿو ئي ڪونه هيو جو ٺٽي جي شهرت شروع ٿي،
جنهن ڪري ماڻهن جي زبان تي ”ديبل ٺٽو“ گڏجي اچار
هيٺ آيا.
انهيءَ گڏيل اُچار سبب مورخن ۽ مصنفن ۾ اشتباه
پيدا ٿيو، جنهن ڪري هنن جڏهن به ديبل جو ذڪر ڪيو
ته (ٺٽو) لکي ويا. يا جڏهن ٺٽي جو نالو ورتائون ته
(ديبل) سندن قلم مان نڪري ويو يا ٻنهي کي گڏي ــ
ديبل ٺٽوــ ڪري ڇڏيائون. جهڙيءَ ريت شهاب الدين
غوريءَ جي فتوحات جو ذڪر ڪندي ـــ ٺٽو ـــ بيان
ڪيو ويو آهي. يا جيئن، معصوميءَ خواه تحفة الڪرام
ــ ديبل ۽ ٺٽي ۾ ڪيترن جاين تي فرق ڪري ڪونه سگهيو
آهي.
جهڙيءَ ريت، تاريخ معصوميءَ جو مصنف عربي فتوحات
جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ” . . . بند ديول که دربن
ايام به بندر تهته و لاهري مشهور است . . . . “ (ص
6) يا ديبل جي فتح جو بيان ڏيندي لکيو اٿائين: ”.
. .. و لشکر اسلام به فيروزي، عنان عزيمت به تسخير
تهته معطوف داشته، باندک زمانه تهته را مسخر
ساختند . . . . “
(1)
ساڳي غلطي ڪندي سلطان محمود غزنويءَ جي فتوحات ۾
به ٺٽي جو نالو کنيو ويو آهي: ”. . . . .وچون در
نصف ماه رمضان سنه ست و عشر و اربعمائه، سلطان
محمود غازي از دارالملک غزني غزيمت هندوستان
نموده بخطئه ملتان رسيد . . .. عبدالرزاق وزير .
. در سنئه سبع عشر و اربعمايته متوجهه سيوستان و
تهتہ شد . . . “
(2) اهڙيءَ ريت جلال الدين جي سلسلي ۾ به ــ ديبل جي بجاءِ ٺٽي جو ذڪر ڪيو ويو
آهي.
(3)
ٺٽي جو ذڪر ختم ڪندي آخر ۾ دکني زبان جو هڪ شعر
ڏجي ٿو، جيڪو آهي ته جهانگيري دور جو، ليڪن ان ۾
ٺٽي جي جيڪا تعريف ٿيل آهي، تنهن مان اندازو ڪري
سگهبو ته انهيءَ زماني ۾ دکن ولايت اندر ٺٽي ننگر
جي ڪهڙي واکاڻ هئي. اهو شعر عثمان شاعر پنهنجي
مثنوي چتراوليءَ ۾ نظم ڪيو آهي:
يعني ٺٽو ننگر هيري جهڙو خوبصورت آهي، منجهس سارين
جون سايون پوکون، هرڻ ۽ ڪشادا ۽ سهڻا جهنگل موجود
آهن. اهڙيءَ طرح مڪلي نامي جو احوال ختم ڪجي ٿو.
نيرون ڏانهن روانگي:
ديبل جي سوڀ ماڻي محمد بن قاسم نيرون طرف روانو
ٿيو. منجنيقون ۽ ٻيو فوجي سامان ٻيڙن ۾ وڃي ساڪري
ناري وٽان نيرون ڏانهن نيائين ۽ پاڻ لشڪر سان گڏ
خشڪي رستي سيسم طرف وڌيو، جڏهن سيسم وٽ پهتو ته
کيس حجاج جو خط مليو جنهن ۾ لکيل هيو.
”حجاج بن يوسف طرفان محمد بن قاسم ڏانهن: اهو ڄاڻڻ
گهرجي ته اسان جي دلي ارادن ۽ همت جو نتيجو اها
ڪاميابي آهي ۽ انشاءَ الله آئنده به اها تنهنجا
قدم چمندي ۽ الله جي فضل ۽ ڪرم سان دشمن دنيا جي
سزا ۽ عاقبت جي عذاب جو حقدار ٿيندو. تو کي هرگز
ڀلي ڪري به دل ۾ اهو خيال نه ويهارڻ گهرجي ته
دولت، گهوڙا، هاٿي ۽ دشمنن جو هٿ آيل مال تنهنجي
ملڪيت ٿي ويندا. پر تون پنهنجن رفيقن سان سهڻو
سلوڪ رک ۽ کين يقين ڏيار ته هي ملڪ توهانجو هوندو.
جڏهن ڪو قلعو فتح ٿئي ته اتان حاصل ٿيندڙ ڌن دولت
کي لشڪر ۽ فوجي تياري تي خرچ ڪر ۽ شين جو مناسب
اگهه مقرر ڪري ڇڏ جيئن شهري سڪون سان زندگي گذارن.
هاري ۽ واپاري آسودا ٿين ۽ ملڪ خوشحال بڻجي. ديبل
مان هٿ آيل مال ذخيري ڪرڻ بدران فوجي تياري تي خرچ
ڪر.“
نماز استسقاءَ:
سيسم کان محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ ڏانهن وڌيو،
جيڪو 75 ميل پري هو ۽ ستين ڏينهن نيرون ڪوٽ
ٻاهران بروري جي پٽ ڀرسان بلهار چراگاهه وٽ خيما
کوڙيائين. گرمي جي موسم هئي ۽ پاڻيءَ جو پتو نه
هو، سڄو لشڪر اڃ مرڻ لڳو. محمد بن قاسم سڄي لشڪر
کي نماز استسقاءَ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پاڻ نماز
کان پوءِ خدا ٻاجهاري اڳيان دعا گهريائين ته ”اي
پريشانين جا رهبر، اي فرياد ڪرڻ وارن جي فرياد ٻڌڻ
وارا بسم الله الرحمــٰـن الرحيم جي وسيلي منهنجي
پڪار ٻڌ.“
الله پاڪ مجاهدن جي دعا قبول فرمائي ۽ تيز مينهن
جو وسڪارو ٿيو، سڀ ڍنڍون ڍورا ڀرجي ويا ۽ مسلمان
پاڻي پي ڪري نيرون اچي پهتا. نيرون وارا جيئن ته
پنهنجي راجا جيڪو سماني (ٻڌ) مذهب جو مڃيندڙ هو،
جي چوڻ تي اڳ ۾ ئي آڻ مڃي چُڪا هئا، محمد بن قاسم
جو مانائتي نموني استقبال ڪيائون ۽ مهمان نوازي ۾
ڪا ڪسر نه ڇڏيائون. ائين نيرون ڪوٽ بنا ڪنهن جنگ
جي فتح ٿي ويو.
نيرون ۾ مسجد جي اڏاوت:
نيرون ڪوٽ ۾ محمد بن قاسم هڪ مسجد ٺهرائي مؤذن
مقرر ڪيو ۽ کيس حڪم ڏنائين ته پنج وقت پابندي سان
نماز ادا ڪئي وڃي. محمد بن قاسم نيرون جا انتظام
درست ڪري ۽ نيرون کي ذهلي بصري حوالي ڪري، اتان جي
راجا ڀنڊرڪو کي رهبري لاءِ ساڻ وٺي سيوستان ڏانهن
وڌيو.
سيوستان جي سوڀ:
محمد بن قاسم نيرون کان 70 ميل اڳتي وڌي اچي موجو
پهتو. موج سيوستان جي راجا بجهيراءِ جي حڪم هيٺ هو
۽ هتي ٻڌن جي حڪومت هئي. موج جي والي ماڻهن کي
گهرائي صلاح ڪئي ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي. سڀني گڏجي
فيصلو ڪيو ته اسان کي سيوستان جي راجا بجهيراءُ کي
لکڻ گهرجي ته اسان ٻوڌي عبادت ڪرڻ وارا ۽ امن پسند
ماڻهو آهيون، اسانجي مذهب ۾ خون خرابو حرام آهي،
توهان پري محفوظ ويٺا آهيو ۽ مسلمان اسان جي اچي
ويجهو پهتا آهن ۽ جيڪڏهن اسان جنگ ڪئي ته برباد ٿي
وينداسين. اسان مسلمانن جي باري ۾ ٻڌو آهي ته هو
صلح ۽ اطاعت ڪرڻ وارن سان امن سان پيش اچن ٿا ۽
انهن جي شهرن جي حفاظت ڪن ٿا. هو واعدي جا وڏا
پابند آهن. جيڪڏهن اسان جو چيو وٺو ته پوءِ اسان
پاڻ سان گڏ توهان جي امان به گهرون.
موج جي والي سيوستان جي راجا چچ جي ڀائٽي بجهيراءَ
ڏانهن پيغام اماڻيو پر ان طرفان ڪوئي جواب نه آيو
۽ جنگ جون تياريون ڪرڻ لڳو.
محمد بن قاسم موج کان نڪري سيوستان (اڄوڪو سيوهڻ)
اچي نڪتو. شهر وارا قلعي جا دروازا بند ڪري ويهي
رهيا. محمد بن قاسم خبر چار وٺڻ لاءِ پنهنجو جاسوس
موڪليو. جنهن واپس اچي اطلاع ڏنو ته شهر جي اڪثريت
ٻڌ مذهب جا پيروڪار آهن جيڪي جنگ ڪرڻ نٿا چاهن،
باقي فوجي وڙهڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. محمد بن قاسم
قلعي جو گهيراءُ ڪري منجنيقن ذريعي پٿر وسائڻ شروع
ڪيا ته ماڻهو رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ راجا کي چوڻ لڳا ته
اسان جي حالت تي رحم کائي وڙهڻ کان پاسو ڪر، پر
راجا شهرين جي هڪ نه ٻڌي. آخر شهرين محمد بن قاسم
ڏانهن چورائي موڪليو ته اسان هاري، ناري، واپاري ۽
ڪم ڪار وارا ماڻهو آهيون ۽ اسان جو وڙهڻ سان ڪهڙو
واسطو، بجهيراءُ کان اسان پاڻ بيزار آهيون، هن وٽ
اوهان سان مقابلي لاءِ ڪائي فوج ڪونهي. مسلمانن
جڏهن اهو ٻڌو ته حملو تيز ڪري ڇڏيائون ۽ هڪ هفتي
تائين لڳاتار پٿر وسائيندا رهيا. بجهيراءَ جڏهن
ڏٺو ته هاڻي فوج ۾ وڙهڻ جو وتُ ناهي، رات جي
انڌيري ۾ قلعي جي اترندي دروازي کان فرار ٿي وڃي
ٻڌيا ۾ ڪاڪا وٽ پهتو. مسلمانن اڳتي وڌي سيوستان جي
قلعي تي قبضو ڪري ورتو ۽ شهرين سک جو ساهه کنيو.
محمد بن قاسم سيوستان جون حالتون سڌاري، فتح جي
خبر حجاج بن يوسف ڏانهن موڪلي.
نماز جو اثر:
جنهن وقت محمد بن قاسم سيوستان ۾ ترسيل هو ته چنا
قوم جيڪا سيوستان جي اوسي پاسي ۾ آباد هئي، پنهنجو
هڪ جاسوس خبر چار لهڻ لاءِ مسلمانن جي لشڪر ۾
موڪليو. مسلمان ان وقت نماز لاءِ سڀ گڏ ٿي رهيا
هئا. محمد بن قاسم امامت تي بيٺو، سموري لشڪر
وضوءَ ڪري پويان نماز ادا ڪئي. جاسوس اهو سڄو
لقاءُ وڃي پنهنجي ماڻهن کي ٻڌايو ته مان جيڪو
اتحاد، اتفاق، نظم و ضبط ۽ پنهنجي سردار جي پيروي
انهن ۾ ڏٺي آهي شايد ئي انهن کي ڪوئي جهڪائي
سگهي!“ چنن جڏهن اهو ٻڌو ته ابن قاسم اڳيان جنهن
وقت هو ماني لاءِ ويهي رهيو هو، اچي سوکڙين سوڌي
حاضر ٿيا ۽ اسلام قبول ڪري ورتائون. پاڻ انهن کي
ڏسي ڪري مرزوق يعني الله سندن رزق ۾ برڪت فرمائي،
چيائين جنهن جي ڪري پوءِ انهن کي ”مرزوق“ به چيو
ويو.
سيسم جي فتح:
محمد بن قاسم سيوستان مان بجهيراءَ جي پويان لڳو،
جيڪو سيسم ڏانهن ڀڄي ويو هو ته رستي ۾ ايندڙ شهرن
کي زير ڪندو اچي لشڪر سان گڏ ڪاڪا جي علائقي
بندهان ۾ پهتو. آسپاس جا رهاڪو ڪافر هئا، سڀني ملي
ڪري مسلمانن تي رات جي وڳڙي ۾ راتاهو هڻڻ جي رٿ
رٿي وڃي ڪاڪا وٽ پهتا، جنهن سندن فيصلي کي
ساراهيو، ۽ هڪ هزار چنن جو فوجي دستو ساڻ ڏئي ڪري
چيائين: توهان سٺو سوچيو آهي پر راهبن ۽ نجومين جي
چوڻ مطابق هي پرڳڻو مسلمان ماڻيندا. ان کان پوءِ
هڪ مکي ڀيمن کي سندن مٿان سردار مقرر ڪري تلوارون،
نيزا، ڍالون ۽ بڙڇيون ڏئي روانو ڪيائين.
هو مسلمانن جي ويجهو پهچي رات جي وڳڙي ۾ رستو
وڃائي ويٺا ۽ سڄي رات رلندا رهيا، صبح ٿي ته ساڳيو
ئي سيسم ۾ هئا. ڪاڪي وٽ پهتا ۽ قصو ڪوتاهه
ڪيو.ڪاڪي سمجهي ورتو ته اهو سڄو قسمت جو چڪر آهي.
سڀني سردارن ۽ صلاحڪارن کي ساڻ ڪري ابن قاسم ڏانهن
اچڻ لڳو ته رستي ۾ محمد بن قاسم جو ماڻهو نبانه بن
حنظله ملين. جنهن کي سڄي وارتا ٻڌايائون ۽ عرض
ڪيائون ته اسان کي محمد بن قاسم وٽ اطاعت لاءِ وٺي
هل. نبانه کين ساڻ ڪري محمد بن قاسم وٽ آيو ۽ اتي
ڪاڪا کيس پنهنجي وفاداريءَ جو يقين ڏياريو. محمد
بن قاسم ڪاڪا تي تمام گهڻو اعتماد ڪندو هو، سندس
صلاحن ڪري مسلمانن ڪافي ڪاميابيون ماڻيون.
ڪاڪا جي سرفرازي:
محمد بن قاسم ڪاڪا کان پڇيو توهان ڪنهن جي عزت
افزائي ڪرڻ واسطي ڇا ڪندا آهيو؟ ڪاڪا چيو ان کي
ڪرسي، ريشمي لباس ۽ پڳ پارائيندا آهيون، جيڪا اسان
جي سرداري رسم به آهي. محمد بن قاسم ڪاڪا کي دستور
مطابق ڪرسي ۽ ريشمي لباس سان نوازيو، جنهن تي هتان
جا ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ وفاداريءَ جي جذبي جو دل
سان اظهار ڪيائون. ان کان پوءِ محمد بن قاسم،
عبدالملڪ بن قيس کي ڪاڪا سان مقرر ڪيو. انهن هتان
جي ارڏن سردارن کي سبق سيکاري پنهنجو مطيع بڻايو.
جنهن سان بجهيراءُ سون، چاندي، ڪپڙا ۽ اناج جو
جهجهو مقدار مسلمانن جي لشڪر ۾ گڏ ٿي ويو، محمد بن
قاسم اتان اڳتي وڌي سيسم جي قلعي وٽ پهتو. ٻن
ڏينهن تائين موت مار جنگ جاري رهي، جنهن ۾ سيوستان
جو ڀڳل راجا بجهيراءُ (پٽ چندر) ۽ سندس ساٿي مارجي
ويا ۽ ٻيا سالوج ۽ قندابيل جي وچ واري قلعي بهطلور
ڀڄي ويا، جن اتان محمد بن قاسم ڏانهن معافي جي
درخواست موڪلي، ڇو ته اهو راجا ڏاهر ڏانهن نه وڃڻ
چاهن پيا، راجا سندن ماڻهو مارايا هئا. محمد بن
قاسم سندن درخواست قبول ڪئي ۽ هڪ هار درهم مٿن
سالياني ڍل مقرر ڪئي.
سيسم جي فتح کان پوءِ اتان جي ماڻهن جي حفاظت ۽
ٻين معاملن جو بندوبست ڪري انهن تي ڍل مقرر ڪئي
ويئي ۽ اتان جو والي آل جارود جي ٻن اعتماد جوڳن
ماڻهن حميد بن وداع نجدي ۽ عبدالملڪ بن قيس کي
بڻايو ويو.
سيس جي فتح کان پوءِ اولهندي سنڌ جا سڀ علائقا
مسلمانن جي قبضي هيٺ اچي ويا ۽ سڀئي سردار نوجوان
سپهه سالار محمد بن قاسم جي سهڻي سلوڪ ۽ ڪردار ڪري
هميشه ان جا وفادار بڻجي ويا. هو مسلمانن جي حڪومت
کي پنهنجي لاءِ رحمت سمجهڻ لڳا.
محمد بن قاسم جو نيرون واپس اچڻ:
مسلمانن جو سردار جڏهن سيسم ۾ هو ته کيس حجاج بن
يوسف جو خط مليو ته هو نيرون ڪوٽ موٽ ڪري ۽ درياءُ
پار ڪري ڏاهر سان مهاڏو اٽڪائي، ڇو ته اهو ئي اصل
دشمن آهي، جنهن کي ماري مڃائڻ کان پوءِ ڪوئي اڳيان
اچڻ جي همت نه ڪندو. الله توکي ڪاميابي عطا ڪري.
محمد بن قاسم خط ملندي ئي نيرون موٽي آيو ۽ هڪ
ٽڪريءَ تي ترسي جيڪا ساوڪ سان سٿيل ۽ پاڻيءَ سان
پر هئي، حجاج ڏانهن هي جواب لکيائين.
|