سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :44

 

 

بسم الله الرحمان الرحيم

الحمد لله رب العالمين ـــــــ انجام کرد و عهد بست مير رستم تالپر با مير علي مراد خان تالپر آنکہ چون في مابين مير علي مراد خان و مير نصير خان بہ مقدمہء رنگ سندر بيلي (نام علاقہ) خرخشہ وقوع آمد، و زيادتي خرچ سپاه کرده مستعد جنگ با مير نصير خان شده ــــ  آمدهه ــ درين حال اين جانب بنا بر دفعيہ فساد طرفين و بعد نظر بر اخراجات و مبالغ نقد و جاگيرات مين مذکور کہ در تصرف سپاه خود داده ديهات خانتاهن وابياني (هتي علائقن جي تفصيل آهي) بمرضي خود و مير نصير خان در دست مير علي مراد خان دادم کہ آن را از ابتداء فصل خريف 1253هه بہ تصرف خود آرد ـــ و برآن انجام وکيل خود دارم، و دستخط صاحبان انگريز هم خواهم شد داد، و گاهي مزاحم ديهات مذکوره نہ خواهم شد و پسران من خواه مير نصير خان چہ برادرانش دعويٰ ملڪ نخواهند کرد، اگر کردند کاذب خواهند گشت، و آنچہ ديهات ببرلوئي و ابري شاه بيلہ و محمد اباغ و هلاني حق و ملڪ مير علي مراد خان در تصرف مير مبارڪ خان بود، مير علي مراد خان بمعرفت صاحبان انگريز گرفتہ متصرف شده،  مير نصير خان و اولاد او گاهي دعويٰ دار ديهات صدر بسر خود يا معرفت صاحبان انگريز هرگز نخواهد شد، اگر شد کاذب است.

اين جانب بمعہ پسران خود طرفدار مير علي مراد خان خواهم بود کہ حق بطرف اوست، ورنگ سندر بيلي بموجب امانت امينان بدست مير علي مراد خان خواهم داد ـــدرين انجام تفاوت نيست و نخواهم شد ــ وکفيٰ باالله شهيدا ــ (تحرير تاريخ نهم ماه شعبان 1258هه)

ان عهدنامي جو تت هن طرح آهي.

مير رستم سان دوستيءَ جو ٺاهه ڪيون ٿا، مير علي مراد ۽ مير نصير جي وچ ۾ درنگ سندر ٻيلي جي جاگير لاءِ ٿيل تڪرار ۽ ڏاڍائي مير نصير جي ثابت ٿئي ٿي ۽ مير علي مراد کي جهيڙي ۽ جنگ لاءِ جهجو پيسو خرچ ڪرڻو پيو،. تنهنڪري کيس ڳوٺ خان ناٿن ۽ ابياڻي (تفصيل ڳوٺ) پنهنجي ۽ مير نصير جي مرضيءَ سان ڏنا وڃن ٿا، جن کي هو خريف 1253هه کان پنهجي قبضي ۾ ڪندو. ان عهد نامي تي مان پنهنجو وڪيل مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انگريز بهادر جي صحيح به ڪرائي ويندي. مان يا منهنجي اولاد مير نصير يا ان جا ڀائر ڪڏهن به انهن علائقن جي دعويٰ نه ڪندا ۽ ڪندا ته ڪوڙا  هوندا. ان کانسواءِ ٻبرلوءِ، ابري، شاهه ٻيلو، محمدو باغ ۽ هالاڻي تي به مير علي مراد جو حق ثابت آهي، اهي به سندس ملڪيت هوندا. انهن ڳوٺن تي مير علي مراد انگريزن جي معرفت قبضو ڪيو آهي ۽ انهن علائقن تي مير نصير دعويٰ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان مير علي مراد جي ڀر کڻندس. سندر ٻيلي جي آمدني امينن وسيلي علي مراد خان کي پهچائي ويندي. خدا هن اقرار تي شاهد آهي.

مطلب ته انگريزن ميرن جي انهن تڪرارن جو فائدو وٺي جهيڙن کي وڌيڪ هوا ڏني ۽ پنهنجي ڄار کي ڦهلائيندا ويا.

24 نومبر 1842ع ۾ بمبئي جي گورنر سنڌ جي مختيارڪل  چارلس نيپئر کي جديد عهد نامي تي ميرن کان صحيح وٺي جلد موڪلڻ جو حڪم ڪيو ۽ چارلس نيپئر صحيح ڪرائڻ لاءِ جيڪ وس ڪيا اهي ”حيدرآباد جي ميرن سان معاهدي“ واري عنوان ۾ اچي چُڪا  ۽ ميجر اٽرام  حيدرآبادي ميرن کي وِڙهائڻ مير صوبدار کي لالچ ڏئي پنهنجو ڪرڻ، اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪري آيا آهيون، جنهن ڪري هتي ورجائڻ جي ضرورت ناهي.

خيرپوري ميرن تي ڄار وجهڻ:

حيدرآباد کان فارغ ٿي ميجر اٽرام سکر پهتو. کيس خيرپوري ميرن جي اختلافن جي ته اڳ ۾ ئي خبر هئي سو ساڳيو ڄار مير علي مراد مٿان اڇلايائين، جنهن ۾ حيدراباد جي مير صوبدار کي به ڦاسايو هئائين.

خيرپور جي ميرن کي به رياست جي پڳ پائڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ انهيءَ شوق کين زوال ڏياريو. هيڏانهن مير علي مراد هو ته هوڏانهن ان جو اميدوار مير رستم جو پوٽو مير محمد حسن خان.

مير علي مراد جون انگريزن جي بڇ تي ڪار گذاريون:

مير علي مراد پڳ جي لالچ تي انگريزن لاءِ رستا صاف ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن ڪوٽ ڏيجي کان خانپور پهتو ۽ مير رستم کي گهرائي اڪيلائي ۾ چوڻ لڳو ته انگريز سگهو ئي اسان سڀني کي گرفتار ڪرڻ وارا آهن. مير علي مراد جو تير صحيح نشاني تي لڳو ۽ مير رستم ڊپ ۽ خوف ۾ وڪوڙجي پنهنجي ڀائرن ۽ پٽن کي خط لکيائين ته: انگريز اسان کي جلد گرفتار ڪرڻ وارا آهن، تنهن ڪري توهان بنا دير جي خيرپور کان ريگستاني قلعن ڏانهن نڪري وڃو ۽ مان علي مراد سان گڏ ڪوٽ ڏيجي وڃان ٿو سڄي صورتحال معلوم ڪرڻ.

خيرپوري ميرن جو ريگستاني قلعن ڏانهن روانو ٿيڻ:

مير رستم جو اهو خط سندس پٽن ۽ ڀائرن کي مليو ته سڀ بڦلجي ويا ۽ ڀڄڻ جون تياريون ڪرڻ لڳا. 25 ذوالقعد 1258هه (1842ع) تي اڌ رات جو سڀ نڪتا، جنهن ۾ مير محمد حسن ۽ مير نصير خان ڀورٽي ڏانهن ۽ باقي هر ڪو پنهنجي مرضيءَ مطابق جيڏانهن آيو ويا.

خيرپور مان ميرن جي نڪرڻ وقت عجيب منظر هو. هر ماڻهو حيران ۽ پريشان هو. ميرن کي ڀڄندي ڏسي ٻيا ماڻهو به سامان سڙي ٻڌي تڙ تڪڙ ۾ خيرپور کان نڪرڻ لڳا پر شهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت تاڙ ۾ ويٺل ماڻهن کين لٽي ورتو.

جنهن رات مير نڪتا ان رات مينهن به  زورن جو هو. انهيءَ تيز مينهن ۾ ويچارين شاهي عورتن رستي ۾ ڏاڍيون تڪليفون ڏٺيون ۽ اهو قافلو وڃي منزل تي پهتو.

مير رستم جو تخت ۽ تاج کي ڇڏڻ:

تاريخ خيرپور ۾ نسيم امروهوي مير رستم جو تخت ۽ تاج کان دست بردار ٿيڻ جي باري ۾ لکي ٿو ته:

جڏهن چارلس نيپئر انهن شهرن تي قبضو ڪرڻ جو ارادو ڪيو جن جي وضاحت نئين ٺاهه ۾ ڪئي وئي ته ان وقت سکر ۾ ڇهه هزار ۽ ڪراچيءَ ۾ ٻه هزار انگريز سپاهي هئا. چارلس نيپئر کي ميرن جي لشڪر جو اندازو هو ته اهي ويهن ٽيهن هزارن کان وڌيڪ آهن، تنهن ڪري پنهنجي ڪجهه  سپاهين کي سکر ۾ ڇڏي جيئن لاڙڪاڻي کان حملي جي صورت ۾ هوشيار رهن، باقين کي درياءَ ٽپي روهڙيءَ ۾ خيما کوڙڻ جو حڪم ڏنائين، جڏهن ته بنگالي بٽالين کي سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ باد تي حملي جو چيائين. مير رستم کي جڏهن انگريزن جي انهن ڪاررواين جي خبر پئي ته هو ڏاڍو پريشان ٿيو، هڪ طرف پڳ تي سندس پٽ وڙهي رهيا هئا ۽ ٻئي طرف مير علي مراد هن جي خلاف سازشون ڪري انگريزن سان ملي سندس سر کڻڻ جي ڪوشش ۾ هو. انهن حالتن مير رستم کي صفا اڌ مئو ڪري وڌو، تنهن ڪري تخت ۽ تاج کي ڇڏي ڪري انگريزن جي پناهه ۾ وڃڻ جو سوچڻ  لڳو ۽ سر چارلس نيپئر کي تحفظ ڏيڻ لاءِ لکيائين. چارلس نيپئر جواب ڏنو ته صفا مجبوريءَ جي حالت ۾ مان توهان کي پناهه ڏئي سگهان ٿو. في الحال مير علي مراد سان صلح ڪري ان وٽ وڃي پناهه وٺو. انهيءَ صلاح تي عمل ڪندي هو ٻارن ٻچن سوڌي مير علي مراد وٽ ڪوٽ ڏيجي وڃي رهيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کيس چوڻ لڳو ته انگريز اسان جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هن کي انهن جي حمايت ڇڏي ميرن سان ملي ڪري انگريزن سان جنگ جوٽڻ گهرجي. اڃا  ڳالهيون هلي رهيون هيون، هيڏانهن سيد علي گوهر شاهه جي چوڻ تي مير نصير ۽ مير محمد حسين به اچي ڪوٽ ڏيجي پهتا ۽ پوءِ صلاح مشوري کانپوءِ سڀ متحد ٿي ويا. ان منصوبي جو اصل باني مير رستم جو ديوان فتح محمد غوري هو.

مير رستم خان ۽ مير علي مراد وچ ۾ ڳالهين کانپوءِ  آخر رستم خان قرآن پاڪ جي ورقن تي مير علي مراد جي حق ۾ تخت ۽ تاج کان دست برداري جو هڪ عهد نامو لکيو.

عهد نامو:

مير  رستم خان جي دست برداريءَ جي عهد نامي جو متن هيٺ ڏجي ٿو:

الحمدلله و الصلوٰة والسلام علي رسول الله وآلہ وسلم انجام کرد  و عهد بست مير رستم خان تالپر با مير علي  مراد خان تالپر اين معني کہ درين ولا دستار سرداري و برادري بہ انضام عنان تمامي ملڪ خود بمعہ سر شماري و مير بحري و جزيہ و اجاره و گزرا و شکار ماهي کولاب  ها موافق تفصيل ذيل حسب قاعده و روش سرداران حيدرآباد عهد سلطنت سرکار ذي اقتدار، گردون وقار انگريز بهادر بدست مير علي مراد خان کہ لائق سرداري است، ابتداء خريف 1253هه برضا و رغبت بخشيدم، چنانچہ در زندگاني من بر مسند سرداري متمکن شده ملڪ مفصلہء ذيل رابہ قبضہء تدخيل خود در آورد، و همين دستار و همين ملڪ کہ من به خواهش و مرضي خود مي بخشم دعويٰ دخل احدي از پسران و برادر زادگان من نيست و نخواهد بود، واگر کسي دعويدار شد کاذب است، و تصفيہء معمولات و معاملات برادري و نگاه داشتن و گفتار و رفتار بصاحبان انگريز هم منحصر برا رائي مير صاحب علي مراد خان ممدوح، درين جا قسم کلام الله دريمان است، تفاوت تار موئي نخواهد شد. کفيٰ بالله شهيدا. تحرير في التاريخ بفدهم ماه ذي قعده 1258هه.

ملڪيت جي تفصيل:

پرڳڻو ڪونهيرو، ڇور، ايريجا ۽ ڪيڪرو، پرڳڻو نوشهروفيروز، ڪنڊيارو، لڌ ڪاڪن خيرپور ۽ روهڙيءَ سان گڏ، ميرپور ماٿيلو ۽ گهوٽڪي، ملڪ ريگستان، رهني، نارو ۽ قلعو شاهه ڳڙهه ۽ سردار ڪهر قلعا وغيره، اوٻاوڙو، خيرپور ڏهرڪي، امام واهه، ڀونڪ ۽ باسان ٽيون حصو سنبل، مزارڪو، شڪارپور موغلي، دوپارو، بلدڪو، چڪ مزارچو، ڪشمور، مهر (رستم فقير ٽالپر)

عهد نامي جو ترجمو:

حد، نعت ۽ دورد شريف کانپوءِ مير رستم خان مير عليمراد سان عهد ڪيو ته مان خاندان جي قيادت ۽ ملڪ جي حڪومت جنهن ۾ مير شماري، مير بحري، ڍل، محصول ۽ مڇي جي شڪار جي وصولي کي هيٺين تفصيل سان گڏ انگريزن جي حڪومت جي زماني ۾ پنهنجي مرضيءَ سان مير علي مراد جي خريف 1253هه کان حوالي ڪيان ٿو، جيڪو انهيءَ سرداريءَ جو صحيح اهل آهي. ۽ انهيءَ سرداري ۾ منهنجي اولاد يا ڀائٽين کي ٽنگ اڙائڻ جو ڪو حق حاصل نه هوندو. سڀني خانداني معاملن ۽ انگريزن سان ڳالهه ٻولهه جو حق مير علي مراد کي هوندو ۽ انهيءَ جي راءِ کي اهميت حاصل هوندي. مان قرآن پاڪ تي هٿ رکي قسم کڻان ٿو ته ان تي قائم رهندس ۽ ان معاملي ۾ الله تعاليٰ جي شاهدي ڪافي آهي. (17 ذوالقعد 1258هه)

مير علي مراد ڳجهي نموني اهي سڀ  احوال نيپئر کي ڏيندو رهيو ۽ نيپئر مير رستم سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري پر مير رستم ان ڀؤ کان ديري ٿر ڀڄي ويو ته ڪٿي نيپئر ملاقات جي بهاني گرفتار نه ڪرائي وٺي.

اهڙي صورتحال کانپوءِ سڄي شهر ۾ افراتفريح پکڙجي وئي ۽ ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄڻ لڳا. مير علي مراد انهيءَ موقعي جو فائدو وٺندي پنهنجي وزير شيخ علي حسين کي ڪوٽ ڏيجي کان خيرپور موڪليو. شيخ علي حسين شهر تي اچي قبضو ڪيو ۽ جيڪي ڪجهه خزانو وغيره هٿ لڳو قبضو ڪيائين.

تاريخ تازه نواءِ معارڪ جي مصنف جو بيان:

ان دؤر جو اکين ڏٺو شاهد منشي عطا محمد لکي ٿو ته: مير رستم احمد آباد (ڪوٽ ڏيجي) ۾ پهچي ملڪ جي سرداري ۽ حڪومت جو عهد نامو مير علي مراد جي حق ۾ لکيو ۽ پوءِ ريگستان واري قلعن ڏانهن هليو ويو، جڏهن ته سندس وزير فتح محمد خان غوري کي گرفتار ڪيو ويو.

منشي عطا محمد شڪارپوري انهن مصيبتن جو زميندار مير رستم جي وزير فتح محمد غوريءَ کي سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته اڇي ڏاڙهي هوندي سڄي رات فسق ۽ فجور ۾ گذاريندو هو.

مير رستم جو پيڇو:

1842ع ۾ مير رستم جي فرار ٿيڻ جي خبر نيپئر کي پئي ته  سکر کان پلٽن ۽ توپخاني سان گڏ ڪوٽ ڏيجي آيو ۽ ميجر اٽرام ۽ مير علي مراد کي مير رستم جو پيڇو ڪرڻ لاءِ چيائين. هو ٻئي ريگستان آيا ۽ ميجر اٽرام، مير رستم کي يقين ڏياريو ته هو امام ڳڙهه واپس اچي ته کيس وري خيرپور جي حڪومت عطا ڪئي ويندي. مير رستم ان واعدي تي امام ڳڙهه ۾ پهتو ته اتي رهندڙ مير خان کوکر اڳ ۾ ئي جيسلمير هليو ويو. هيڏانهن ميجر اٽرام جي شاهه ڳڙهه ۾ پهچڻ تي مير رستم شهدادپور وڃي نڪتو ۽ مير اٽرام شاهه ڳڙهه قلعي جو سڄو  سامان پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو.

مير رستم شهدادپور:

جڏهن مير رستم شهدادپور پهتو ته اتي بلوچ بهادرن جو لشڪر گڏ هو. مير رستم پنهنجي پٽ  مير محمد حسن کي سردار ڪري پاڻ مير نصير سان گڏ حيدرآباد جي ميرن سان ملڻ نڪتو.

انهن ئي ڏينهن ۾ حيدرآباد جي ميرن الڳ الڳ جيئن مير حسين سيد محمد تقي کي، مير صوبدار آخوند بچل کي ۽ مير محمد خان به هڪ ويل کي سر چارلس نيپئر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ موڪليو پر سڀ نامراد موٽي آيا.

مير علي مراد تي انگريزن جون مهربانيون:

سر چارلس نيپئر مير علي مراد تي وفاداري جي بدلي وڏيون مهربانيون ۽ ڪرم نوازيون ڪيون ۽ ان کي انگريزن سان بغاوت ڪندڙن کي ڪچلڻ تي مقرر ڪري پاڻ لشڪر سان گڏ حيدرآباد اسهيو.

بلوچ بهادر هجڻ جي باوجود به ان وقت انگريزن کان ڏڪندا هئا ۽ نالو ٻڌي دل دهلجي ويندو هيس، جيتوڻيڪ ان وقت انگريز سپاهي سنڌ ۾ تمام ٿورا هئا ۽ همت ڪري انهن کي جهڪائي سگهن پيا پر ميرعلي مراد جي انگريزن سان ڳٽ جوڙ ٿيڻ ڪري سڀ بلوچ حيران ۽ پريشان ان تماشي کي ڏسندا رهيا.

شڪارپور مان ميرن جي ماڻهن جو ڀڄڻ:

مير رستم ۽ مير نصير جي خيرپور مان وڃڻ بعد انهن جا شڪارپور جي ٽن حصن تي مقرر ٿيل ماڻهو ڀڄڻ لڳا ته مير علي  مراد طرفان شيخ غلام حيدر اچي شڪارپور جي حڪومت سنڀالي ۽ انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ رهڻ لڳو.

هيڏانهن شڪارپور ۽ اهي علائقا جيڪي مير نصير متعلق هئا، تي خدا يار خان دراني يامزئي کي حاڪم ڪري مير نصير موڪليو. خدا يار وڏو ظالم ۽ جابر انسان هو. پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي ڪوڙن سان ماري انهن کان پيسا وصول ڪندو هو، جنهن جي ڪري ماڻهو گهر ڇڏي ڀڄڻ لڳا. خدا يار، شيخ غلام حيدر تي به چڙهائي ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. حيدرآباد جي ميرن طرفان شهر تي وري سيد  ابراهيم شاهه ۽ ديوان جيٺمل جو قبضو هو.

ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ مير علي مراد طرفان حافظ حڪومت خان ٽي چار سؤ سوارن سان گڏ شڪارپور ڀرسان کوسن جي ڳوٺ ۾ پهتو ته خدا يار خان قلعي جو گهيرو ڇڏي ان سان هڪ واهه جي آڙ ۾وٺي وڃي جنگ جوٽي پر حافظ حڪومت کيس شڪست ڏئي اچي شڪارپور پهتو، ۽ ڪجهه ڏينهن هتي رهي ڪري بلدڪي ڏانهن هليو ويو. اهڙيءَ طرح شيخ غلام حيدر کي خيرپوري ميرن  جي حصي ۾ ٽنگ اڙائڻ جو موقعو ملي ويو.

تن ڏينهن ۾ وري خبر آئي ته قلات جي والي محمد نصير بروهي پنهنجي لشڪر کي  روجهاڻ جي قلعي تي قبضو ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي ته ديوان ڄيٺمل ڪجهه بلوچن، افغانين ۽ هندن کي پنهنجي پٽ نوتن داس جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ توپ سان گڏ قلعي جي حفاظت لاءِ موڪليو.

حيدرآباد جي حاڪم مير نصير جون انگريزن سان وڙهڻ جون تياريون:

نوتن داس اڃا شڪارپور ڀرسان جوڻيجا ڳوٺ ۾ پهتو ته مير نصير جو هڪ خط ديوان ڄيٺمل کي اچي مليو، جنهن ۾ لکيل هو ته: جيتوڻيڪ اسان ۽ انگريزن وچ ۾ دوستي جا لاڳاپا قائم آهن ۽ اسان انهن خلاف ڪوئي ارادو نٿا رکون پر مير رستم ذاتي جهڳڙن ۽ انگريزن جي ڊپ کان خيرپور مان ڀڄي اسان وٽ آيو آهي ۽ اسان انگريزن سان ڳالهين لاءِ پنهنجو وڪيل اوڏانهن اماڻيو آهي پر اسان کي انگريزن جا ڪجهه ٻيا ئي ارادا نظر اچن ٿا، تنهن ڪري احتياط طور پنهنجو لشڪر اسان ڏانهن موڪليو ۽ پاڻ به اسان جي حڪم جا منتظر رهو.

انگريزن کي جڏهن خبر پئي ته ديوان ڄيٺمل لشڪر گڏ ڪري رهيو آهي ته سکر جي ڇانوڻيءَ ۾ ٻائيتال مچي ويو ۽ سکر ۽ شڪارپور جي رستي ۾ ڪيتريون ئي چوڪيون قائم ڪري ڇڏيائون.

هيڏانهن ديوان ڄيٺمل چڱو خاصو لشڪر گڏ ڪري ڪڏڻ لڳو ته مان ان لشڪر سان انگريزن جي سکر واري ڇانوڻيءَ کي برباد ڪري سگهان ٿو پر ويچاري کي ڪهڙي خبر ته:

مادر چہ خياليم و فلڪ در چہ خيال.

ديوان اڃا اهڙن خيالن ۾ هو ته حيدرآباد جي ميرن جي انگريزن هٿان گرفتار ٿيڻ جي ڏکائيندڙ خبر آئي ته سندس پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. ڪجهه ڏينهن شڪارپور ۾ ترسڻ کان پوءِ ديوان ڄيٺمل ڳڙهي ياسين اتان وري سلطان ڪوٽ ۽ پوءِ مبارڪ پور ۾ شير سنڌ مير شير محمد خان جي آسري ۾ ويٺو رهيو پر جڏهن ان جي به انگريزن کان شڪست جي خبر مليس ته دل هاري ٻن سؤ سوارن سان گڏ اچي احمد خان مگسيءَ وٽ ڪڇي ۾ رهيو. ڪڇي کانپوءِ جهل ۾ ولي محمد خان چانڊيي وٽ آيو ۽ اتي خرچ پکو ختم ٿيڻ بعد ٻار ٻچا ولي محمد جي حفاظت ۾ ڇڏي قنڌار هليو ويو. قنڌار ۾ هڪ لک جي ٺيڪي جو ڪم کنيائين، پر ٿورن ڏينهن ۾ ئي بيزار ٿي ملتان آيو ۽ ملتان جي ناظم سان لاڳاپجي ويو پر مايوس ٿي لاهور آيو ۽ مير شير محمد کان خرچ وٺي لڌياني مان آقا ياقوت جي مدد سان ڪلڪتي اچي نظربند ميرن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪيائين. ديوان ڄيٺمل ڪلڪتي ۾ نوڪري نه ملڻ ڪري حيرآباد مير علي مراد وٽ موٽي آيو، جنهن سندس پنج روپيا ماهوار مقرر ڪيا، پر سندس صحت ساٿ نه ڏنو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ  بيماريءَ جي حالت ۾ گذاري ويو. ان وچ ۾ مير علي  مراد جا ملازم خوفزده رهيا. ديوان ڄيٺمل هندو هوندي به حيدرآباد جي ميرن سان وفادار رهيو ۽ انهن لاءِ بهادريءَ سان وڙهندو رهيو، هتي سندس مختصر حالات بيان ڪيا ويا آهن، وڌيڪ تفصيل لاءِ ڪتاب تاريخ تازه نواءِ معارڪ ڏسي سگهجي ٿو.

مير رستم جي وفات:

مير رستم جي زندگيءَ جو قصو ختم ٿي چڪو آهي. مياڻيءَ جي جنگ ۾ شڪست کان پوءِ خيرپور جي ميرن مان مير رستم، مير نصير ۽ مير ولي محمد خان انگريزن جا قيدي ٿي پونا پهتا، جتي مير رستم 1262هه (1846ع) ۾ وفات ڪري ويو.

مير رستم جي شخصيت:

مير رستم جي شخصيت جي سڀ کان وڏي خوبي هن جو انگريزن کان نفرت ڪرڻ آهي، جنهن جي ڪري هو ريگستان جا ڌڪا کائيندو اچي  حيدرآباد پهتو ۽ هن جي ڪوشش سان ئي جنگ مياڻي وڙهي وئي. مير رستم سڄي زندگي پريشانين ۾ گذاري ۽ آخر ۾ سندس پٽن جي اختلاف اڌ مئو ڪري وڌو. هڪ انگريز مسٽر پوسٽن سندس شخصيت ۽ ڪردار جي باري ۾ لکي ٿو ته:

مير رستم جا اٺ پٽ هئا، جيڪي هن پوڙهي پيءُ کي مال ۽ ملڪيت لاءِ ستائيندا رهيا، اسان کي هن بدنصيب ۽ ڏکويل انسان سان انصاف ڪرڻ گهرجي، جيڪو سنڌ جي حڪمرانن ۾ سڀ کان نيڪ ۽ ڪنهن کي ايذائيندڙ ناهي. مير رستم انگريزن سان سٺا لاڳاپا رکڻ جو آرزومند هو پر حالتون سازگار نه رهيون ۽ هي پوڙهو مڙس هاڻي سياسي جهڳڙن، خانداني مسئلن ۽ خراب صحت ڪري جهري پيو آهي. هو پنهنجي عوام جو پسنديده ۽ خاندان جو اهم انسان هو پر ههڙين حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ تمام چالاڪ انسان جي ضرورت هئي. مير رستم پنهنجي پوڙهائپ ۽ نشي جي گهڻي استعمال ڪري ذهني ۽ جسماني طور تي ڪمزور ٿي ويو جنهن جي ڪري نااهل وزير ۽ مشير وس کان ٻاهر ٿي ويس ۽ ٽالپور زوال جو شڪار ٿيا.

اڳتي هلي هو لکي ٿو ته:

مير سهراب وڏو هوشيار ۽ همت وارو حڪمران هو پر سندس جانشين مير رستم ۾ اها ڦڙتي ۽ همت نه هئي ۽ نه ئي جاگير وڌائڻ جو شوق، ها ان جي ڀاءُ علي مراد ۾ پيءُ واريون وصفون هيون.ان انگريزن سان واسطا وڌائي اقتدار تي قبضو ڪيو. (تاريخ خيرپور مؤلف نسيم امروهوي جي صفحي 56 ــ 55 کان ورتل)

مير علي مراد اول

مير علي مراد اول موجوده رياست خيرپور جو باني انگريزن سان وفاداري ۽ پڳ مٽ ياري ڪري مير رستم سان قرآن تي ڪيل ان معاهدي کان پوءِ خيرپور جو حڪمران ۽ مير سهراب جو جانشين بڻيو.

انگريز مير علي مراد جي ڪارگذارين کان ڏاڍا خوش ۽ راضي هئا. بلوچ سردارن ۽ رئيسن مير علي مراد کي گهڻو ئي سمجهايو ۽ خراب نتيجن کان آگاهه ڪيو پر هو نه مڙيو ۽ انگريزن سان پنهنجي وفاداري نڀائيندو آيو. سندس وفاداريءَ جا ٻه مثال هتي پيش ڪجن ٿا، جنهن جي ڪري سنڌ کي عظيم نقصان رسيو.

جڏهن ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان جنهن جو ذڪر ميرپور جي ميرن ۾ ايندو. انگريزن سان جنگ ڪرڻ لاءِ بلوچن جو وڏو لشڪر وٺي ”دٻي“ جي ميدان ۾ پهتو ته ان جي تيارين کي ڏسي ڪنهن به ائين نه ڄاتو ته کيس شڪست ايندي پر مير علي مراد جنگ هلندي مير شير محمد جي ڏاڏي مير احمد ۽ ٻين  لشڪر جي اهم سپه سالارن ۽ سردارن کي وڏن عهدن ۽ انعامن جي لالچ ڏئي وڏي چالاڪي ۽ هوشياري سان مير شير محمد کان جدا ڪيو ۽ مير کي انگريزن کان شڪست ڏياري. ان جنگ کي تاريخ ۾ دٻي واري جنگ سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

وري ولي محمد خان چانڊيو ٻارهن هزار بلوچن سان انگريزن جي ڪڍ هو ۽ انگريز سندس بغاوت کان وڏا ڊنل هئا پر مير علي مراد چانڊڪا پهچي کيس انگريزن سان وڙهڻ کان روڪيو ۽ سمجهايو پر هو پنهنجي ضد تي اڙيو رهيو، نيٺ مير علي مراد کيس دليريءَ سان اتان گرفتار ڪري سر چارلس نيپئر ڏانهن حيدرآباد موڪليو ۽ چارلس ولي محمد کان  فرمانبرداريءَ جو واعدو وٺي سهڻي پوشاڪ نوازي پنهنجي علائقي ڏانهن موڪليو.

مطلب ته مير علي مراد انگريزن جي خلاف هر بغاوت کي ڪچليندو رهيو، جيڪڏهن هو بلوچن مٿان نه هجي ها ته منشي عطا محمد  مطابق بلوچ سدسڪندري (مضبوط ڀت) کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين ها پر مير علي مراد انگريزن خلاف ڪڇڻ واري لاءِ ڦاسي ۽ سخت سزا رکي ڇڏي هئي، جنهن جي ڪري ڪوئي ڪڇي نه پئي سگهيو.

انگريزن لاءِ مٿي جو سور بڻيل ڪوهستاني بلوچ جنهن ۾ بجار خان ڊومڪي ۽ جکراڻي قبيلو ته انهن جي دل ۾ ڪنڊي وانگر هو. مير علي مراد لکين روپيا خرچ ڪري لشڪر ۽ توپخاني سان گڏ سر چارلس نيپئر جي صلاح سان انهن کي وڃي ڪچليائين ۽ بجار خان کي گرفتار ڪري ٻار ٻچن سوڌي پنهنجي قيد ۾ رکيائين ۽ انهيءَ قيد ۾ ئي هو گذاري ويو.

منشي عطا محمد مطابق جيڪڏهن مير علي مراد جي انگريزن سان وفاداري وارن واقعن کي گڏ ڪجي ته اهو هڪ وڏو ڪتاب ٺهي سگھي ٿومطلب ته مير علي مراد انگريزن کي راضي رکڻ لاءِ وسان ڪين گھٽايو، جيڪڏهن انگريزن جو ڪو معمولي ملازم به ايندو هو ته هي ان جي خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندو هو ۽ انهن کان ٻيڻ تي سوکڙيون کين پيش ڪندو هو. هندستان جو گورنر جنرل جڏهن سکر ڇانوڻي ۾ آيو ته مير علي مراد ساڻس ملي ڪري قيمتي سوکڙيون، رومي بندوقون ۽ موتين سان مڙهيل تلوارون، هوش وڃائيندڙ زيور، ولايتي ۽ عربي گھوڙا ۽ پنجاهه سٺ هزار وارا تيز اٺ پيش ڪيا شايد ان ڪري ئي کيس خيرپور رياست جي حڪمراني ڏني وئي.

نسيم امروهوي ـ تاريخ خيرپورـ جي صفحي58 ــ 59 ۾ لکي ٿو ته مير علي مراد مياڻي جي جنگ ۽ سرحدي جھيڙن ۾ انگريزن جي مدد ڪري سرڪار وٽ وڏو مان ۽ مرتبو ماڻيائين. انگريزن جي پاڻ اها پاليسي هئي ته اتر اولهه هندستان ۾ پنهنجا گھڻ گھريا پيدا ڪيا وڃن، جنهن جي ڪري خيرپور، بهاولپور ۽ جيسلمير جي حاڪمن جي پٺي ٺپي وئي. مير علي مراد کي به ان ڪري روهڙي جو اتريون علائقو (جيڪو مير رستم جي جاگير هو) انعام طور ڏنو ويو.

اڳتي لکي ٿو ته مير علي مراد صرف ان تي بس نه ڪئي، عهد نامي ۾ لکيل ٻين علائقن جي حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪوشش ڪندو رهيو، ان لاءِ پنهنجو وڪيل گورنرجنرل ڏانهن موڪليائين. گورنر جنرل گھڻن علائقن جي زمينداري کي بار سمجھندي عارضي طور تي ان جي حوالي ڪري ڇڏيا، ان کان علاوه سيوهڻ جي برطانوي علائقن جي ڍل به وٺڻ لڳو. نيٺ جنگ کانپوءِ 1845ع ۾ جنرل جي سفارش تي ڪمپني حڪومت ۽ مير علي مراد وچ ۾ حد بندي جو هڪ مسودو تيار ڪيو ويو جنهن ۾ مير صاحب کي خيرپور جو رئيس تسليم ڪرڻ سان گڏ جنگ مياڻي کان اڳ وارا رياستي علائقا ۽ جيڪي مير رستم جي ملڪيت هئا انهن تي به سندس حق کي مڃيو ويو جنهن ۾:

1. ڪولهيرو ڇورو، ٿريجو 2. نوشهرو 3. ڪنڊيارو 4. لڌگاگن 5. خيرپور شهر 6. روهڙي 7. ٿر 8. نارو 9. شاهه ڳڙهه سردار ڳڙهه ۽ ٻيا قلعا 10. اوٻاوڙو 11. ڏهرڪي 12. امام واهه 13. شڪارپور جو ڪجھ حصو 14. موڪلي 15. چچ ۽ مزدورڪار 16. روپاهه 17. بڙوڪا ۽ مير نصير خان جو ملڪ 18. ميرپور 19. ماٿيلو 20. مهرڪي وغيره هئا انهن علائقن ۾ صرف 6، 10 ، 11، 12، 18، 19 ۽ نمبر 20 مير علي مراد کي واپس ڪيا ويا. (تاريخ خيرپور ص 59 ــ 58 )

چارلس نيپئر اهو نئون معاهدو پنهنجي سفارش سان گڏ گورنر جنرل کي موڪلي ڇڏيو. دير ٿيڻ ڪري مير صاحب کي شڪ ٿيو ته شايد جنرل نيپيئر ان تي ڪي اعتراض ڪيا آهن پر هن مير سان ملي کيس دلجاءِ ڏني. 1850ع ۾ گورنر جنرل لارڊ ڊلهوزي سنڌ جي دوري تي آيو ۽ ان مير علي مراد سان تفصيلي ملاقات ڪئي. انهن ڏينهن ۾ بمبئي جو گورنر جارج ڪلارڪ ۽ سنڌ جو ڪمشنر مسٽر پرنگل هو.

مير علي مراد تي نونهار معاهدي ۾ تبديلي ڪرڻ جو الزام:

انهن ڏينهن ۾ هڪ واقعو پيش آيو جنهن مير علي مراد کي وڏي مصيبت ۾ وجھي ڇڏيو. اهي انگريز جيڪي تمام عزت ۽ احترام سان پيش ايندا هئا ۽ جڏهن پير صاحب ملاقات لاءِ ويندو هو ته توپن جي سلامي پيش ڪندا هئا ۽ لڳندو هو ته دوستي جو اهو مضبوط رشتو ٽٽڻ وارو ناهي پر جڏهن مٿس نونهار معاهدي ۾ ردوبدل جو الزام لڳايو ويو ته انهن ئي انگريزن کانئس طوطي وانگر اکيون ڦيري ورتيون.

ٿيو ائين جو هندستان جو رهاڪو شيخ علي حسن، سڪندر خان خاڪواني جي وسيلي مير علي مراد جو ملازم اچي ٿيو ۽ ترقي ڪندو وڃي مدارالمهام جي عهدي تي پهتو. رياست جا سڀ ڪم ڪار شيخ علي حسن جي حوالي هوندا هئا ۽ مير علي مراد مٿس اعتماد ڪري پگھار کانسواءِ کيس لکين روپيا انعام ڏنا پر تڏهن به هو بي وفا نڪتو ۽ مير علي مراد نوڪري مان ڪڍي ڇڏيس. پهريان سکر جي صدر بازار ۾ وڃي رهيو پر پوءِ اتان تنگ ٿي ملتان ۽ ملتان کان لاهور ۽ پوءِ مير رستم جي پٽ مير محمد حسين وٽ آيو ۽ ساڻس صلاح ڪري مير علي مراد خان خلاف هڪ سازش تيار ڪيائين. ڇا ڪيائين جو ان قرآن مجيد مان نونهار معاهدي جو هڪ ورق ڪڍي ٻيو لڳائي جنهن ۾ انگريزن جا علائقا پنهنجي ملڪ م ڏيکاريا ويا هئا، وجي انگريزن وٽ پيش ڪري مير علي مراد مٿان دوکي جو ڪيس داخل ڪيائين ۽ ان جي ثبوت ۾ هڪ پنو مير علي مراد جي مهر سان پيش ڪيائين. اهاگم ٿيل مير علي مراد جي مهر شيخ علي حسن هٿ ڪري ڪوڙا ڪاغذ ڍاهيا هئا، انهي ڪيس کاءِ هڪ ڪميشن جوڙي وئي جنهن ۾ ڪمشنر مسٽر پرنگل، ميجر جيڪب (سرحد) ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ ڪاڍياواڙ ميجر لٽنگ کي رکيو ويو. جوڙيل ڪميشن هڪ سال کانپوءِ 1851ع ۾ فيصلو ڏنو ته نونهار معاهدي ۾ ردو بدل ڪري ڪيترائي ٻيا علائقا شامل ڪيا ويا آهن ۽ اهو ورق ڦاڙي ٻيو لڳايو ويو آهي، جنهن ڪري انگريز سردار ضروري سمجھي ٿي ته خيرپور جي رئيس جو درجو گھٽائي صرف سندس پيءُ مير سهراب وارا علائقا ڏنا وڃن باقي علائقا ضبط ڪري انگريز حڪومت ۾ شامل ڪيا وڃن. ان حڪم تحت جيڪي علائقا برطانيا جي قبضي ۾ ايندا ته اتان جي ماڻهن کي يقين ڏياريو ٿو وڃي ته سندن حقن جي حفاظت ڪئي ويندي. (تاريخ خيرپور ص 62)

مير علي مراد وارن علائقن جي ضبطگي جو حڪم مسٽر فريئر جي نالي:

ان فيصلي مطابق ربيع الاول 1268هه ۾ڪمشنر سنڌ مسٽر فريئر جي نالي گورنر جنرل هند جو حڪم پهتو ته مير علي مراد کان پنهنجي پيءُ مير سهراب کان وراثت ۾ مليل علائقا ڇڏي باقي سڀ کسي ڪري انگريز سرڪار جي علائقن ۾ شامل ڪيا وڃن ۽ کانئس رياست جو عهدو به واپس ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن معاهدي ۾ تبديل ڪري وڏو گناهه ڪيو آهي. اهڙي قسم جو حڪم مسٽر اسٽورٽ شڪارپور جي ڪليڪٽر ۽ بين پلٽنن جي ڪمانڊرن وٽ به پهتو ته گڙ ٻڙ جي صورت ۾ تيار رهن. خان ڳڙهه(جيڪب آباد)  ڇانوڻيءَ کان مسٽر جيڪب به سوارن ۽ توپخاني سان گڏ شڪارپور ۽ پوءِ روهڙي آيو. مير علي مراد ان وقت شڪار تي ڀورتي پاسي ويل هو. موٽڻ تي انگريز لشڪر اچڻ جو معلوم ٿيس ته وڏو حيران ٿيو، انهيءَ مهل شڪارپور جي ڪمشنر ۽ ڪليڪٽر کي لکيائين ته آخر مون کان ڪهڙي غلطي سر زد ٿي آهي جو هي لشڪر چاڙهي موڪليو اٿئو. مان ته هميشه انگريز حڪومت جو فرمانبردار رهيو آهيان ۽ هر حڪم تي آمنا صدقنا ڪئي آهي، مون کي شڪارپور يا جيڏانهن به حڪم ٿئي ها هليو وڃان هن لشڪر اماڻن جي ڪهڙي ضرورت هئي!؟ صرف اشاري ڪرڻ جي ضرورت هئي. پر ڪنهن به ان جو جواب نه ڏنو.

هيڏانهن ڪمشنر ۽ ڪجهه سپاهي ڪراچي کان جهاز ۾ اچي روهڙيءَ ۾ لٿا، مسٽر جيڪب اڳ ۾ اتي لٿل هو. ٻئي ڏينهن صبح جو ڪليڪٽر ۽ ٻيا انگريز عملدار نائچي وڃي مير علي مراد سان مليا ۽ اچڻ جو مقصد بيان ڪيائون. مير علي مراد پوءِ پٽني اچي ڪمشنر سان ملاقات ڪئي.

مير علي مراد کي لاهڻ جو اشتهار:

انگريز حڪومت عوام جي اطلاع لاءِ مير علي مراد جي معزولي جو هڪ اشتهار جاري ڪيو جنهن جو مواد هن طرح هو:

هڪ عرصي کان انگريز سرڪار اڳيان عيان ٿي چڪو آهي ته مير علي مراد دوکي ۽ دغابازي سان انگريز حڪومت جا علائقا ڦٻايون ويٺو آهي، جنهن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ هڪ ڪميشن جوڙي وئي ۽ مير صاحب کي اتي صفائيءَ جو موقعو به ڏنو ويو پر هو الزام جو ازالو نه ڪري سگهيو ۽ شاهدن سان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته مير علي مراد قرآن پاڪ جو اهو ورق ڪڍي جنهن تي نونهار ٺاهه لکيل هو، ٻيو ورق وڌائين، جنهن ۾ ڪجهه وڏا پرڳڻا انهن ڳوٺن جي بدلي جيڪي ساڳين ئي نالن سان ها، پنهنجي قبضي ۾ ڪيا ۽ ان طرح سرڪار کي نقصان ڏئي پنهنجي عزت ۽ ايمان برباد ڪيو.

جيئن ته ڏوهه مير علي مراد تي ثابت ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري انگريز سرڪار کيس رياست خيرپور جي حڪمرانيءَ تان لاهڻ جو اعلان ڪري ٿي ۽ سندس پيءُ مير سهراب کان ورثي ۾ مليل علائقن کانسواءِ سڄو ملڪ انگريز پنهنجي قبضي ۾ ڪري ٿي ۽ اتي رهندڙ عوام آئنده لاءِ سرڪار جي حڪم جو پابند هوندو.

19 جنوري 1852ع ـــ 9 ربيع الاول 1268هه.

مير علي مراد کي ردعمل:

مير علي مراد ان حڪم اڳيان ڪنڌ جهڪايو ۽ ڪنهن به قسم جي سرڪشي نه ڏيکاري. ان فيصلي خلاف لنڊن ۾ ميرن علي مراد پنهنجي وڪيلن ذريعي اپيل وڌي ۽ پاڻ به ان سلسلي ۾ 1856ع تي لنڊن  ويو ۽ اتي ڏيڍ سال تائين ان اپيل جي پيروي ڪندو رهيو. ان وچ ۾ جنگ آزادي شروع ٿي ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان مير علي مراد کي چيو ويو ته هو پنهنجي خيرپور ۾ بڻايل جانشين مير شاهنواز خان کي لکي ته امن قائم ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪري. مير علي مراد جي لکڻ تي سندس پٽ شاهنواز انگريزن سان تعاون ڪيو، جنهن جي ڪري انهن تي سٺو اثر پيو. 1865ع ۾ جڏهن مسٽر مينسفليڊ سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو ته هن مير علي مراد جي سلامي لاءِ ساڳيون پندرهن توپون بحال ڪيون، جنهن سان عملي طرح مير علي مراد کي رياست جو والي مڃيو ويو. 1891ع ۾ برطانيا حڪومت کيس نائٽ گرانڊ ڪراس آف دي انڊين امپائر يعني جي، سي، آءِ جو خطاب ڏنو.

مير علي مراد جي وفات:

چار مهينا بيمار رهڻ بعد مير علي مراد خان 25 رمضان 1311هه (اپريل 1894ع) تي الله کي پيارو ٿي ويو ۽ سندس لاش ڪربلا اماڻي هڪ خاص حجري ۾ دفن ڪيو ويو.

مير علي مراد جي شخصيت:

مير علي مراد خان سياڻو، سيبتو ۽ مضبوط ارادن وارو والي هو. سياسي سوچ ۽ سمجهه ۾ سڀني ميرن کان اڳتي هو ۽ علم ادب سان به تام گهڻي رغبت هوندي هيس، اسلامي تاريخ ۽ سنڌي زبان ۽ ادب تي عبور رکندڙ مير علي مراد موسيقيءَ جو به وڏو ڄاڻو هو. سندس علم ادب سان دلچسپي جي ڪري ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر هن جي درٻار سان واڳيل رهيا.

سنڌ جو مشهور فارسي گو شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جيڪو پهريان انگريزن وٽ معمولي منشي هو پر پوءِ مير علي مراد جي ملازمت ۾ هن کي ٻه سؤ رپيا ماهوار ملڻ لڳا ۽ مير حسن (حيدرآباد) سندس پنج سؤ رپيا پگهار مقرر ڪئي.

مرزا محمد باقي تاج (آصف) به جيڪو تمام سٺو شاعر هو، مير علي مراد جو وزير ٿي رهيو.

مير علي مراد خان پاڻ فارسي ۾ ڏاڍي ڀلي شاعري ڪندو هو، هتي سندس ڪجهه شعر مثال طور پيش ڪجن ٿا:

آه از فراق تو سر دامان من گرفت،

پروانہ پيش  شمع ره انجمن گرفت،

رفتم بہ کوئي دوست، دهم شرح اشتياق،

شوقم بگشت آتش دامان من گرفت،

جز هجر او نصيب نہ گشتم علي مراد،

آن هم زمان عمر بہ يغما ز من گرفت.

پاڻ بزرگن ۽ صوفين سان ڏاڍي عقيدت رکندو هو، خاص طور تي حضرت سچل سرمست سان جنهن جو فارسي ديوان به ڇپرايائين.

مير علي مراد پنهنجون سڀ صلاحيتون ۽ ڪوششون انگريزن جي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ ۾ ڳاريون ۽ آزاديءَ جي جذبي کي ڪچلي انگريزن جي اقتدار کي مضبوط ڪرايائين، جنهن جي ڪري تاريخ ۾ کيس ڪڏهن به سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪيو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org