39. سلطان محمود خان (1134هه کان 1135هه):
ان کانپوءِ مهابت خان جي پٽ سلطان محمود کي ٺٽي
جو ناظم ڪيو ويو پر انتظام نه هلائي سگهيو ۽ سڄو
مالياتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، تنهن ڪري ماڻس
1036هه تي رضي محمد خان کي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ
موڪليو پر ٻئي سال ئي سلطان محمود کي ان عهدي تان
لاٿو ويو ۽ نواب سيف الله کي ٺٽي جي صوبيداري ڏني
ويئي. نواب سيف الله پنهنجي پاران سانور قوم جي
عبدالسميع کي نائب ڪري ٺٽي موڪليو ۽ هو 1137هه
تائين حڪومت هلائيندو رهيو.
40. نواب سيف الله خان (1137هه کان 1142هه):
نواب سيف الله اڳ ۾ نواب ابراهيم خان پٽ علي مردان
خان جو باڊي گارڊ هو.
هو جڏهن 1137هه ۾ سنڌ جو صوبيدار ٿي آيو ته تحفة
الڪرام مطابق سنڌ کي وڏي ترقي وٺرايائين ۽ هر طرف
رونق ٿي ويئي. پاڻ شيعي مذهب سان تعلق رکندڙ ۽
شريعت جو پابند هو، تنهن ڪري اچڻ سان ئي هر نشي تي
پابندي هڻي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن ڪو ڀنگ جو موالي
سندس خدمت ۾ حاضر ٿي چوڻ لڳو ته توهان اسان جي
محبوبا (ڀنگ) کي اسان کان کسي ورتو آهي ته نواب
سيف الله جواب ڏنس ”توهان جي محبوبا فقيرياڻي
ڇڙواڳ ٿي ويئي هئي، ان ڪري کيس پردي ۾ رکيو ويو
آهي.“
نواب سيف الله سهڻن اخلاقن ۽ عادتن سان سينگاريل
هو. 1143هه ۾ ڇن
(Scrotum) جي
بيماريءَ ۾ گذاري ويو ۽ مڪلي ۾ دفن ڪيو يو. وفات
کان پوءِ سندس پٽ صادق علي خان ڪجهه عرصو شهر ۾
رهيو.
41. نواب دلير خان (1143هه کان 1145هه):
نواب معين الدين الدوله دلير دل خان بهادر نصير
جنگ ٻن سالن تائين وڏي مان ۽ مرتبي سان حڪومت ڪندو
رهيو.
ٺٽو ٺيڪي تي:
تحفة الڪرام مطابق ان کانپوءِ ٺٽي جو صوبو انعام
طور محمد اسحاق، عمدة الملڪ امير خان المتخلص
انجام کي ٺيڪي ۾ مليو ۽ ان طرفان همت دلير خان پٽ
دلير دل خان کي ٺٽي موڪليو ويو.
42. نواب همت دلير خان (1145هه کان 1149هه):
نواب همت خان سوچيو ته ڪو ٻيو ٺٽي جو ٺيڪو کڻي وڃي
منهنجي پيءُ کان حساب ڪتاب وٺي، پاڻ ئي امير خان
سان رقم ٻولائي ٺٽي جو ٺيڪو وٺي اتي پهتو ۽ چئن
سالن تائين انتظام هلائيندو رهيو.
43. نواب صادق علي خان (1149هه کان 1151هه):
ان کانپوءِ نواب صادق ٺٽي جو ٺيڪو کڻي اتي پهتو پر
ٻي سال نقصان ۾ وڃڻ ڪري خدا يار خان عرف ميان نور
محمد ڪلهوڙي جي وڪيل شيخ غلام محمد ولد شيخ عزيز
الله جي ٺٽو حوالي ڪري ڇڏيائين، جيڪو اڳ ۾ ئي ٺٽي
حاصل ڪرڻ جا سڀ انتظام ڪري آيو هو.
اهڙيءَ طرح ٺٽي مان مغلن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ڪلهوڙا
خاندان جو دؤر شروع ٿيو. راشدي صاحب تاريخ مظفري
جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته جنهن وقت مغلن جو
اقتدار سنڌ مان ختم ٿيو، ان وقت ٺٽو صوبو چئن
سرڪارن ۾ ورهايل هو ۽ ان جا 57 ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ
هئا، جن جي ڍل ست ڪروڙ، اوڻونجاهه لک، ڇاهتر هزار
نوَ سؤ رپيا حاصل ٿيندي هئي.
ٺٽي جو مغل دؤر ڪيئن رهيو؟:
ٺٽي ۾ مغلن جي 1000هه (92 ــ 1591ع) کان وٺي
1151هه (39ــ 1738ع) تائين ڪل 147 سال حڪومت رهي ۽
46 گورنر انهن سنڌ موڪليا، جن ٺٽي صوبي جي عوام ۽
ملڪ لاءِ ڪهڙا ڪارناما انجام ڏنا؟ ملڪي معاملا
ڪيئن هلايا؟ عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڇا ڪيو؟
افسوس ان جي ڪائي به تفصيل مغل دؤر جي تاريخن ۾
نٿي ملي! صرف ڪن صوبيدارن جي چڱن ۽ برن ڪمن جو
معمولي احوال ملي ٿو، جيئن مرزا رستم کي ٺٽي جي
صوبيدار ڪرڻ وقت جهانگير کيس عوام سان نرمي سان
پيش اچڻ ۽ انهن تي ڪرم نوازيون ڪرڻ لاءِ چيو پر هن
ٺٽي پهچي ماڻهن کي ڏاڍو ايذايو ۽ تڪليفون رسايون،
جنهن جي ڪري جهانگير واپس گهرائي راجا اني سنگهه
جي حوالي ڪيو.
اهڙيءَ طرح موڪليل گورنرن ۾ نواب امير خان،
عبدالرزاق معموري، نواب ابوالنصر، ظفر خان احسن،
نواب حفظ الله خان، مير امين الدين، مير لطف علي،
نواب مهابت خان ۽ نواب سيف الله کي تاريخدانن سندن
ذاتي خوبين جي ڪري ساراهيو آهي، پر انهن جي فلاحي
ڪمن ۽ ڪارنامن جو ڪو ذڪر نٿو ملي، جنهن ڪري انهن
جي دؤر تي چڱي طرح ۽ تفصيل سان بحث ڪرڻ کان قاصر
آهيون. صرف ٺٽي جي مشهور تاريخي مسجد شاهجهاني
سنڌي صوبيدار ابوالبقا خان ۽ مسجد جامع فرخ، امير
مصطفيٰ خان بايزيد ٺهرائي جيڪا اڄ تائين موجود
آهي.
ٺٽي ايندڙ انهن صوبيدارن مان ڪي پاڻ عالم، شاعر،
اديب ۽ علم ادب سان دلچسپي رکندڙ ۽ عالمن، شاعرن
جي سرپرستي ڪندڙ هئا. جن ۾ ظفر خان احسن، نواب حفظ
الله خان، نواب احمد يار خان نواب مهابت خان، نواب
سيف الله ، مير ابوالبقا امير خان، مير عبدالرزاق
معموري ۽ مرزا عيسيٰ ثاني شامل آهن.
سنڌ جي مؤرخ سيد حسام الدين راشدي امير خاني تذڪري
جي صفحي 24 ــ 423 تي مغل گورنرن جي آمد سان سنڌ
جي شعر ۽ ادب تي پوندڙ اثرات جو ذڪر ڪندي مير حيدر
الدين ڪامل جي سلسلي ۾ لکيو آهي ته:
مغل گورنرن جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري ڪيترائي هندستاني
اردو شاعر سنڌ پهتا ۽ هتان جي اديبن ۽ شاعرن سان
ميل ميلاپ رکيائون جنهن جي ڪري سنڌ جي فارسي شاعرن
ريخته جهڙي نئين زبان ۾ شاعري ڪئي. محمد سعيد
راهبر گوالياري (1143 ــ 1137هه) نواب سيف الله
سان سنڌ آيو. مير جعفر علي خان بينوا نواب مهابت
خان جي دؤر ۾ ٺٽي پهتو، سيد فضائل علي خان بيقيد،
محسن الدين شيرازي 1173هه کان ٿورو اڳ ٺٽي آيو ۽
مير علي شير قانع سان مليو. ٺٽي ايندڙ عماد الملڪ
غازي الدين فيروز جنگ جي يادگار دهلي ۾ عربڪ ڪالج
جي تاريخي جڳهه آهي. ان کانسواءِ ناليوارو شاعر،
اديب ۽ عالم سيد عبدالجليل بلگرامي ۽ مير غلام علي
آزاد بلگرامي ڪي تاريخي حقيقتون ڄاڻن لاءِ 1116هه
کان 1140هه تائين سنڌ ۾ رهيا ۽ هتي رهڻ وقت فارسي
۽ اردو ۾ شعر چيائون. هي اهو زمانو هو جڏهن
هندستان ۾ ريخته ۾ شعر چوڻ جو نئون نئون چاهه پيدا
ٿي رهيو هو ۽ آبرو، مضمون، ناجي، مظهر جان جانان ۽
ولي گجراتي جهڙا شاعر پنهنجي پنهنجي اسلوب ۾ طبع
آزمائي ڪري رهيا هئا.
سنڌ ۾ ريخته جو اهو پهريون دؤر هو. مقالات
الشعراءِ ۾ ڪن اهڙن سنڌي فارسي گو شاعرن جي ڄاڻ
ملي ٿي، جن ۾ نواب سيف الله جي دؤر ۾ شيخ ورو،
عبدالسبحان فائز ٺٽوي، مخدوم محمد معين بيراگي ۽
مير حيدر الدين ابو تراب ڪامل شامل آهن. جيئن دهلي
۾ ولي دڪني جي ديوان پهچڻ سان اردو جي تحريڪ شروع
ٿي ائين ٺٽي ۾ به انهن هندستاني شاعرن جي ڪري سنڌي
شاعرن ۾ اردو جو شوق پيدا ٿيو.
مطلب ته انهن صوبيدارن جن ۾ اتر هند ۽ سنڌي نسل جا
صوبيدار شامل هئا، جي علم ۽ ادب دوستي ڪري سنڌ ۾
شعر ۽ ادب کي عروج عطا ٿيو جيڪو انهيءَ دؤر جو وڏو
ڪارنامو آهي.
عباسي ڪلهوڙا راڄ
1111هه (1700 ــ 1699ع) کان 1199هه هه (1784ع)
خاندان، نسب:
سنڌ ۾ مغل گورنرن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪلهوڙا
خاندان جو دؤر شروع ٿيو. ڪلهوڙن ۽ سندن هڪ شاخ
داؤد پوٽن جو چوڻ آهي ته انهن جي پيڙهي پاڻ ڪريم
صلي الله عليہ وسلم جن جي چاچي حضرت عباس رضه سان
وڃي ملي ٿي، تنهن ڪري اهي عباسي آهن.
سندن عباسي هجڻ بابت هيٺيون تاريخي حقيقتون معلوم
ٿي سگهيون آهن.
ماثر الامرا ۾ خدا يار خان جي ذڪر ۾ آهي ته:
سنڌ جو جاگيردار ليٽي جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو
نسب ۾ عباسي ۽ سندس قبيلي جو نالو سنڌين جي زبان ۾
ڪلهوڙو آهي.
تحفة الڪرام ۾ آهي ته: واقفڪار ماڻهن کي معلوم هجڻ
گهرجي ته نسبدانن جي فيصلي مطابق اهو بزرگ ٽولو
رسول الله صلي الله عليہ وَسلم جي چاچي حضرت عباس
رضه سان ملي ٿو.
خان بهادر خداداد خان به تحفة الڪرام واري روايت
جي ڀر کنئي آهي.
ملڪ باغ علي خائف ميان نور محمد عباسي جي دؤر ۾
شاهنامي ۽ سڪندر نامي جهڙو ڪتاب ”نغزنامو“ لکيو
هو، جنهن جو هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لائبريري ۾
موجود آهي، پر اهو به هن خاندان کي عباسي ئي ٻڌائي
ٿو ته:
کلهوڑي ز عباس پيدا شدند،
ازين جهت در نسب عباسي اند.
مولانا غلام رسول مهر پنهنجي مشهور ڪتاب ”تاريخ
سنڌ“ ڪلهوڙا دؤر جي پهرين ڀاڱي ۾ انهن جي عباسي
هجڻ جي ثبوت طور انند رام مخلص جو هڪ خط پيش ڪيو
آهي، جيڪو هن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي لکيو هو.
لکي ٿو ”به خدا يار خان ثابت جنگ عباسي“
هي آهن اهي دليل جيڪي ان خاندان جي عباسي هجڻ لاءِ
پيش ڪيا وڃن ٿا، پر انگريز مؤرخن ۾ برٽن انهن کي
عباسي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته:
ڪلهوڙا اصل ۾ چنا آهن، جيڪي هندن مان مسلمان ٿيا
آهن، جڏهن معاشري ۾ ڪجهه سڃاڻپ ملڻ شروع ٿين ته هو
عباسي سڏائڻ لڳا پر عالمن جي تحقيق ۾ سندن پيڙهي
عباسيت سان نه ملي سگهي، جنهن جي ڪري انهن پنهنجا
ماڻهو ”سهرا خطيبا“ موڪليا جيئن اتان جي جهونن
بزرگن ۽ درويشن کان اصلي ثابتيون وٺي اچن. انهن
بزرگن جڏهن ثابتيون ڏيڻ کان لنوايو ته ڪلهوڙا انهن
تي ڪڙڪي پيا، سندن ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪيا ۽ جن ٽامي جي
تختين تي حقيقي شجرو هو، اهي پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
پوءِ پاڻ کي بي فڪري سان عباسي سڏائڻ لڳا.
شجرو:
ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جو شجرو جيڪو هن وقت تائين
ملي سگهيو آهي، اهو هي آهي:
محمد چنا خان بن بهلا خان (بهاءُ الله خان) بن ٿل
خان (فتح الله خان) بن سنگراسي خان (سڪندر خان) بن
ڪاهر خان (عبدالقاهر) بن ابن خان (ابو النصر خان)
بن سلطان احمد ثاني، بن سلطان شاهه مزمل، بن سلطان
عقيل بن سلطان سهيل بن سلطان ياسين، بن خليفو احمد
اول مستنصر الله، بن خليفو شاهه محمد بن خليفو
سلطان ابو الفضل، بن سلطان ابو جعفر عبدالله، بن
خليفو محمد امين، بن خليفو سلطان هارون الرشيد، بن
خليفو محمد مهدي، بن خليفو ابو جعفر منصور، بن
محمد بن علي بن عبدالله بن حضرت عباس رضه.
تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع سندن نسب جي باري
۾ لکي ٿو ته:
هن گهراڻي جو هڪ وڏو ميان اوڍاڻو نالي ڪيچ مڪران ۾
پير طريقت هو ۽ گهڻائي ماڻهو سندن معتقد هئا. پير
اوڍاڻي ڪيتري ئي اولاد ڇڏي جيڪي سڀ ”اوڍاڻي“ لقب
سان سڏجن ٿا.
انهيءَ ميان اوڍاڻي جي پنجين پيڙهي ۾ ٿل نالي سان
هڪ بزرگ کاهر ٻيلي ۾ اچي رهيو ۽ اهو ملڪ گوجر قوم
کان کسي ورتائين. ان کانپوءِ سندس پٽ بهيل گادي تي
ويٺو، برلس جو قلعو ۽ فوتين جا قبا اڃا تائين سندس
نالي جا يادگار آهن. چنيه نالي ان جو پٽ ڀائرن جي
فساد کانپوءِ پنهنجي پوئلڳن سميت اچي کنڀات جي
پرڳڻن ۾ اوڍيجا قوم وٽ اچي رهيو. چنيه ديبال
ڪانگڙي تعلقي جي سمي زميندار ڏهره پلال جي نياڻي
سان شادي ڪئي، جنهن مان محمد نالي پٽ پيدا ٿيس،
جيڪو وقت جي حاڪمن جو جدامجد آهي.
ڪلهوڙا دؤر جي مؤرخ ملڪ باغ علي خائف به انهيءَ
شجري کي مڃيندي لکي ٿو ته:
یګے از بزرگان اڈهانہ
نام،
کہ در کيچ و مکران نشستہ مدام،
عبادت گزار و خدا ترس بود،
عوامي بدانند مرشد وجود؟
ٽيون شجرو مولانا مهر نهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ ۾
حڪيم محمد صادق عباسي رهاڪو راڻي پور خيرپور
رياست) کان ورتل ڏنو آهي. حڪيم صاحب ميان نور محمد
ڪلهوڙي جي سؤٽ ميان محمد اسلام جي اولاد مان آهي.
شجرو هن طرح آهي ته:
”جنيه (عرف چنيه) بن قائم بن ظهار بن احمد بن
جاهزه بن قائم، بن عبدالرحمان بن عباس بن مامون بن
هارون، بن مهدي بن منصور بن محمد بن علي بن حضرت
عبدالله بن عباس رضه.
ان کانسواءِ به ڪلهوڙا خاندان جا ڪيترائي شجرا
موجود آهن، پر ڪنهن تي به مولانا غلام رسول مهر
مطابق ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، انجي باوجود به مهر
صاحب سڀني ۾ هڪڙي مناسبت ۽ ڪن ڇيڙن جي ڳانڍاپي
ڏانهن اشارو ڪندي انهن کي عباسي مڃي ٿو. پر اسان
جي راءِ مطابق حقيقت لاءِ اهي دليل ڪافي ناهن ۽
انهن جي بنياد تي کين عباسي ڪوٺي نٿو سگهي پر پوءِ
به فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا.
ڪلهوڙا ڪيئن سنڌ ۾ آيا:
مير علي شير قانع لکي ٿو ته ان خاندان جو پهريون
ماڻهو اوڍاڻو ڪيچ مڪران ۾ اچي پنهنجي درويشي جي
ڪري مشهور ٿيڻ لڳو، پوءِ ان جي پجين پيڙهي مان ٿل
کاهر ٻيلي ۾ آيو، پر انهن ٻنهي جي اچڻ جو وقت نه
ٻڌايو ويو آهي، ها باقي چنيه جي پٽ محمد جي باري ۾
مير علي شير لکي ٿو ته هو انهن ستن سردارن جي مدد
سان جن جو ذڪر غزنوي ۽ غوري بادشاهن جي دؤر ۾
ٿيندو آهي، ملتان ۾ اچي وقت جي حاڪم وٽ اهميت حاصل
ڪري انهن سڀني جو سردار ٿيو.
مراة عباسيه ۾ آهي ته عباسي خاندان ۾ امير سلطان
احمد ثاني هڪ رات حضرت امام زين العابدين رضه جي
خواب ۾ زيارت ڪئي ۽ کيس درخواست ڪئي ته ملڪ حاصل
ڪرڻ ۾ مدد ڪن. امام صاحب طرفان کيس اشارو ٿيو ته
سنڌ وڃ.
جواهي عباسيه ۾ آهي ته:
خليفہ ششم سلطان احمد بہ امام غيبي از ملڪ عرب وطن
مالوف خود . . . . . مهاجر گرديد، واز راه کيچ و
مکران در حوالي ملڪ سندهه . . . . . رسيد.
بهاولپور گزيٽير ۾ آهي: شاهه مزمل جو فرزند سلطان
احمد ثاني مصر جي ڇهين عباسي خليفي ابوالفتح
المعتضد بالله، ابوبکر جي عهد ۾ 1326ع ۽ 1370ع جي
وچ ۾ مصر ڇڏي ڪيچ مڪران رستي سنڌ ان اميد سان آيو
ته دهلي جي درٻار ۾ پنهنجا حامي ملي ويندا.
حڪيم محمد صادق راڻيپوري جي بيان مطابق عباسين مان
ٻه ڀائر قائم ۽ احمد 259هه (873ع) ۾ ڪيچ مڪران
رستي سنڌ آيا.
انهن سڀني بيانن مان ثبوت مليو ته انهيءَ خاندان
جو جيڪو پهريون شخص سنڌ آيو ان جي باري ۾ ڪا آخري
راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي، باقي جيڪو به آيو اهو
عباسي خليفن جي آخري دؤر ۾ آيو.
چنيه خان:
تاريخ ۾ ان خاندان جو سڀ کان پهريون شخص جيڪو
مشهور ٿيو اهو امير محمد چنيه خان آهي. راشدي صاحب
منشور الوصيت جي انگريزي ترجمي ۾ ڪلهوڙن جي ڏنل
شجري ۾ چنيه خان جو زمانو 617هه ٻڌايو آهي.
تحفة الڪرام مطابق محمد چني خان ديبال ڪانگڙي واري
علائقي جي هڪ سمي زميندار ڏهره پلال جي ڌيءَ سان
شادي ڪئي جنهن مان محمد نالي هڪ پٽ ڄايس، جيڪو
ڪلهوڙن جو ڏاڏو آهي، پوءِ چني خان سنڌ جي ستن راڻن
جي مدد سان ملتان ۾ اچي حاڪم وٽ پنهنجو اثر
وڌايائين ۽ انهن ستن راڻن جي هڪ هڪ ڌيءَ سان شادي
ڪري ڄام جي لقب سان سڏرائڻ لڳو ۽ اعليٰ منصب تائين
پهتو. کيس انهن ٻارهن زالن مان ارڙهن پٽ ڄاوا، جن
مان هر ڪنهن کي ڪثرت سان اولاد ٿي. انهن مان دائود
نالي هڪ پٽ راڻي چني ولد دهتي (ڏيٿي) جي ڏوهٽيءَ
مسمات چوليه مان پيدا ٿيو، پوءِ اهو چنو روهڙي
پرڳڻي جي ڀرالو (پريالوءِ) تعلقي جي هڪ ڳوٺ چنيه
ٻيلي ۾ رهڻ لڳو، آخر ۾ هو سانڪره (ساڪره) جي ڪناري
تي کنڀات ۾ گذاري ويو ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو.
جواهر عباسيه ۾ آهي ته امير محمد چنيه خان ملتان
جي حاڪم اڳيان حاضر ٿي سندس خدمت ۾ ڪيتريون ئي
قيمتي سوکڙيون پيش ڪيون، حاڪم خوش ٿي چنيه کي
جاگير ۽ ڄار جو خطاب عطا ڪيو.
مراة عباسيه مطابق ملتان جي والي اهو حڪم به جاري
ڪيو ته اوٻاوڙي کان وٺي لاهري بندر تائين پوري سنڌ
جي ڍل چنيه خان جي وسيلي حاصل ڪري شاهي خزاني ۾
جمع ڪئي وڃي.
نئون شهر اڏڻ:
ملتان کان موٽي محمد چنيه خان سيوستان کان ڇهه
ڪوهه پري اولهندي پاسي هڪ نئين شهر جهانگارا
باجارا جو بنياد رکيو، پوءِ محمد چنيه آهستي آهستي
پنهنجي طاقت وڌائي ۽ کمباٿ پرڳڻي کي پنهنجي قبضي ۾
ڪري ڪوريچن، سهتن ۽ چنن جي ستن راڻن کي پنهنجو
پوئلڳ بڻايو.
مطلب ته ان جو اقتدار اولهه ۾ گنجابا تائين، اتر ۾
دائود جال تائين، ڏکڻ ۾ مارواڙ تائين، اوڀر ۾
روهڙيءَ ۾ ابوهر تائين قائم ٿي ويو. شاهو سمو ان
جو وزير ۽ جاڙو مهر سندس صلاحڪار هو.
محمد چنيه جا لڇڻ:
مورخن مطابق هو تمام شريف، بهادر، رحمدل ۽ انصاف
پسند هو.
تجارت جي مال ۽ جنس مان شريعت مطابق زڪوات ۽ عشر
وٺندو هو، جنهن جي ڪري عوام خوش ۽ ملڪ خوشحال هو.
اولاد:
اسان تحفة الڪرام مان نقل ڪري آيا آهيون ته محمد
چنيه خان کي ٻارهن زالون ۽ ارڙهن پٽ هئا پر مراة
عباسيه ۽ جواهر عباسيه ۾ صرف ان جي ٻن پٽن محمد
مهدي ۽ محمد دائود جي ڄاڻ ملي ٿي، محمد مهدي ڏهرا
جي ڌيءَ مان هيس.
چنيه خان وصيت ڪئي هئي ته منهنجي پڳ محمد مهدي کي
۽ قرآن پاڪ، تسبيح ۽ مصلو دائود کي ڏنو وڃي، يعني
سرداري مهدي کي ۽ روحاني پيشوائيت دائود خان کي
ملي.
ڪلهوڙو خان:
پنهنجي پيءُ جي وڇوڙي کانپوءِ محمد مهدي به جلد
مري ويو ۽ اصول مطابق پڳ محمد دائود کي ملڻ گهرجي
ها پر محمد مهدي جي پٽ محمد ابراهيم جيڪو ڪلهوڙو
خان جي نالي سان مشهور هو، زوريءَ حڪومت تي قبضو
ڪري ويهي رهيو. مؤرخن سندس نالي جي نسبت ڪري لکيو
آهي ته هو حيدرآباد جي اتر ۾ ڪلورا جبل وٽ رهندو
هو، جنهن جي ڪري ان نالي سان مشهور ٿيو ۽ پوءِ
ڪلورا بدلجي ڪلهوڙا ٿي ويو.
ان جهيڙي کانپوءِ دائود خان اتان ٻارن ٻچن سوڌي
لڏي اچي پنهنجي خاندان جي مريد وڏيري جهانگي خان
وٽ ونجي شهر ۾ اچي ويٺو. وڏيري تمام گهڻي خدمت
چاڪري ڪيس ۽ بتيا ڀرسان زمينون کيڙڻ لاءِ ڏنس.
اسان جو اصل موضوع جيئن ته ڪلهوڙو خاندان آهي،
تنهن ڪري ان طرف اچون ٿا.
مراة عباسيه ۾ آهي ته دائود خان جي الڳ ٿيڻ بعد
ڪلهوڙي خان جي اولاد مان رياست جو ڪوئي نشان باقي
نه بچيو ۽ ستن پيڙهين تائين سندن ڪوئي نالو وٺڻ
وارو نه رهيو.
ميان آدم شاهه:
اهو آدم شاهه ڪلهوڙو آهي، جنهن ان خاندان کي
گمناميءَ جي کڏ مان ڪڍي شهرت ۽ بلندي تائين
پهچايو، هو محمد مهدي جي نوين پيڙهي ۾ ميان گجن
شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
تحفته الڪرام ۾ آهي ته گهڻي وقت تائين زماني جي
انقلاب ڪري سندس اولاد مان ڪو به ناليوارو ماڻهو
پيدا ڪونه ٿيو، آخر نائين پيڙهي کان پوءِ آدم شاهه
ولد ميان گجن بن صاحب بن ميان خان بن طاهر بن ميان
راڻو بن ميان شاهه محمد عرف شاهم بن ميان ابراهيم
بن ميان محمد بن ڄام چينو، شيخ الياس لنگراج ۽ شيخ
ابوبڪر جتوئي جي واسطي سان، حقيقت جي ڪامل مظهر،
دائمي معرفت جي بنياد رکندڙ، مير سيد محمد عرف
ميران محمد عهدي جونپوري کان فيض مان ارشاد جي
گادي روشن ڪري، سري جي سير ڪرڻ کان پوءِ تعلقي
چانڊوڪي جي هٽڙي ڳوٺ جيڪو هاڻي هٽڙي غلام شاهه جي
نالي سان مشهور آهي، ۾ اچي رهڻ لڳو.
مولانا مهر تاريخ سنڌ ۾ آدم شاهه جو زمانو 1520ع
کان 1600ع ٻڌائي ٿو.
”لب تاريخ سنڌ“ جي صفحي 117 تي آهي ته:
ميان آدم شاهه خيلي بزرگ و خدا پرست بود واکثر
مردمان بباعث مريدي بہ اوشان رجوع داشتند، سکونت
آن بزرگ در حدود چاندوکہ کہ الان در حدود تعلقہ لاڑکانہ و نصيراباد و قنبر داخل مي باشد مي بود . . . .. و عمري خيلي در از
داشت.
مولانا مهر تاريخ سنڌ ۾ ميان آدم شاهه جي باري ۾
هيگ جو حوالو ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ صفحو 111 مان
ڏنو آهي ته:
آدم شاهه ڪلهوڙي پنهنجي اعليٰ ڪردار ۽ غير آئيني
ڪمن ڪري مڃتا ماڻن شروع ڪئي، هو ڪلهوڙن جو هڪ ٽولو
وٺي اتر ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ آيو ۽ اتان پنهنجي مريدن ۽
قوم جي ماڻهن کي ساڻ ڪري ٻروچن کان اچي زمينون
کسيائين ۽ اتي پنهنجي پوئلڳن لاءِ پرڳڻو قائم
ڪيائين.
تحفة الڪرام ۾ آهي ته انهن ئي ڏينهن ۾ نواب خان
خانان، ميان آدم شاهه وٽ دعا گهرڻ آيو ۽ نذراني
پيش ڪرڻ جو عرض ڪيائين، جنهن تي کبڙ ابڙي درخواست
ڪري چانڊين جي لڏي وڃڻ کانپوءِ چانڊوڪي جي زمين تي
کيس زمينداري وٺي ڏني. ڏينهن گذرڻ سان گڏ هن جا
مريد به وڌندا ويا ۽ سندس جاگير ۾ واڌارو ٿيندو
رهيو. (اردو ترجمو ــ ص 319)
وفات:
تحفة الڪرام مطابق آخرڪار زميندارن جي چرچ تي هو
ملتان جي والي هٿان شهيد ٿي ويو. لب تاريخ سنڌ ۾
آهي، ڪن زميندارن جي چوڻ تي جيڪي سندس زمينن جي
ڪري ساڙ رکندا هئا، بکر جي عملدارن هٿان قيد ٿي
ملتان پهتو ۽ اتي ئي جيل ۾ شهادت ماڻيائين، پوءِ
سندس ميت کي بکر آڻي هڪ ٽڪريءَ تي پوريو ويو.
نغز، نامي ۾ ملڪ باغ علي خائف ان جي شهادت جي باري
۾ لکي ٿو:
تبر سيد والي ز پير و مريد،
بايماي حاکم هلاکت رسيده.
ميان آدم شاهه جو مقبرو:
ميان آدم شاهه جو مقبرو سکر ٻاهران اولهندي طرف هڪ
ٽڪري تي آهي.
نامه نغز مطابق ميان آدم شاهه اتي پورڻ لاءِ وصيت
ڪري ويو هو. تحفته الڪرام ۾ آهي ته ملتان ۾ قيد
وقت اتان جو ڪوتوال شاهه محمد شاهه سندس مريد ٿي
ويو ۽ ان سندس وصيت مطابق لاش کي سکر اچي ان ٽڪري
تي دفن ڪيو ۽ پوءِ ميان آدم جي ٻارن ٻچن ۽ مريدن
کي گڏ ڪري گادي تي ويٺو. هو بلوچ هو ۽ سيوي ڀرسان
چترهار جو رهاڪو هو.
ميان آدم شاهه جي اولاد: (داؤد جو مسند تي ويهڻ)
تحفة الڪرام مطابق ميان آدم شاهه جي ٻن ننڍن
نينگرن ابراهيم ۽ دائود جي ڄاڻ ملي ٿي. لب تاريخ
سنڌ ۾ آهي ته پٽ ميان دائود گادي وسائي پر اصل
زمينون هٿ مان نڪري ويون. ان هوندي به ڪيترائي
نوان مريد ٿيا ۽ ٻيون زمينون گادي جو حصو بڻيون.
ميان الياس محمد:
ميان دائود پويان ٻه پٽ الياس ۽ ميان شاهه علي عرف
شاهل محمد ڇڏيا.
تحفة الڪرام ۾ آهي ته والد جي وفات کان پوءِ سندس
وڏو پٽ ميان الياس محمد گادي تي ويٺو ۽ ڪي ئي نوان
مريد ڪيائين. سندس قبر لاڙڪاڻي ۽ هٽڙيءَ جي وچ ڳوٺ
رهڙي ۾ آهي. خان بهادر خداداد خان مطبق ميان الياس
جو مقبرو گهڻو ڊهي چڪو اهي، باقي ٿورا نشان بچيا
آهن ۽ پويان سندس اولاد مان ڪوئي ناهي جيڪو مقبري
جي مرمت ڪرائي. اهو مقبرو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گهاڙ
واهه ڀرسان آهي.
ميان شاهه علي (عرف شاهل محمد):
تحفة الڪرام ۾ آهي ته ميان الياس کانپوءِ سندس
ڀاءُ شاهل محمد پيري مريدي جي مسند تي ويٺو ۽ ڪي
ئي نوان مريد پنهنجي فيض ۾ داخل ڪيائين، ان سان گڏ
زراعت کي به وڏي ترقي ڏنائين. ميان صاحب لاڙڪاڻي
جو گهاڙ واهه کوٽرايو ۽ واهه جي ٻنهي ڪپن واريون
زمينون جيڪي ابڙن ۽ سانگين جون هيون، انهن کان وٺي
پنهنجي مائٽن ۾ ورهايائين. پاڻ ڳوٺ جيتاڻي ۾ رهڻ
لڳو.
لب تاريخ سنڌ مطابق ميان شاهل وڏو متقي انسان هو.
مشهور آهي ته لاڙڪاڻي وارو گهاڙ واهه ان ئي
کوٽرايو ۽ ڪنارن واريون زمينون ابڙن کان کسي
پنهنجي مائٽن کي ڏنائين، جنهن جي ڪري ابڙن سان ان
جي جنگ ٿي.
نغز نامي ۾ آهي ته:
بہ بعد وفاتش کہ الياس بود،
نبيره او جانشين شد بزود،
درين شهر دهيري همہ سن و سال،
سراسر گزشت وبآخر وصال،
اراضي بہ سانگين و ابره بجبر،
گرفتہ و داده عزيزان گبر،
چو رفت از جهان نام نيکي ببرد،
همان تاج با ديگري بر سپرد.
وفات:
تحفة الڪرام ۾ آهي ته ابڙن جي وڏيري ڄام صديق ۽
جلال خان مريدي وارا سڀ ليڪا لتاڙي ٻين زميندارن
سان گڏجي بکر جي حاڪم هٿان ميان صاحب کي ڪيترن
جهيڙن کانپوءِ مارائي ڇڏيو. سندن مزار گهاڙ واهه
ڀرسان چانڊوڪي جي مرندا ڳوٺ ۾ آهي.
”لب تاريخ سنڌ“ ۾ هن طرح لکيل آهي ته:
در آن جنگ لاء ولد در سال 1068هه برابر سال 1657ع
کشتہ شد روضہ اش در جوار برادرش آن روي نالہ گهار
بقرب لاڑکانہ
جلوه نمابود.
ميان شاهل واري وڇوڙي جي زماني ۾ شاهه جهان جي پٽن
وچ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جي جنگ زورن تي هئي.
راشدي صاحب به ميان شاهل جي وفات جو سال 1068هه
(1657ع) ڄاڻايو آهي.
مقبرو:
مولانا مهر پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ ۾ ميان شاهل
محمد جي شخصيت جي باري ۾ لکي ٿو ته هو تمام وڏي
مرتبي وارو بزرگ هو، سندس شخصيت ۾ عمراني ۽
انتظامي صلاحيتون به اعليٰ درجي جون هيون. گهاڙ
واهه انهن جو ئي کوٽايل آهي.
ميان صاحب جو مقبرو 1188هه ۾ميان غلام شاهه جوڙايو
هو، جنهن تي ڪنهن دؤر ۾ گلڪاري جو اعليٰ قسم جو ڪم
ٿيل هو پر هاڻي اجڙي چڪو آهي.
ميان نصير محمد ڪلهوڙو:
ميان شاهل کانپوءِ سندن ڀائٽيو ميان الياس جو پٽ
ميان نصير محمد 1068هه (1656ع) تي پنهنجي مريدن کي
وڏن جي گادي تي ويهي فيض ڏيڻ لڳو. مراة عباسيه جو
مصنف سندس پرهيزگاري، ۽ بزرگيءَ جي واکاڻ ڪندي لکي
ٿو:
ميان نصير محمد بن الياس محمد مرحوم مرقوم در عالم
عبادت مجتهد وقت گرديد، عامہ مردم بر او گرد
آمدند، و او عاقبت بيني کرده از فرط لحاظ برطرف
ملتان و لاهور هجرت گزيده و بعد مدتي از آنجا
رجعت ورزيده در اقطاع متعلقہ مردم چينه رسيد.
مير علي شير قانع لکي ٿو ته ميان شاهل کانپوءِ ان
جي ڀائٽي ميان نصير محمد 1068هه تي وڏڙن جي گادي
سنڀالي ۽ پوين کان اڳ کٽي ويو، جنهن جي ڪري سندس
هم عصر دشمن ٿي بيٺا ۽ بکر جي مغلن کي ميان نصير
سان وڙهڻ لاءِ وٺي آيا، جنهن جي ڪري هو ٿر هليو
ويو. پر اتان خرچ پکي جي تڪليف ڪري دادو ۾ پنهورن
جي ڳوٺ موٽي آيو. فقيرن جي ڀئو کان پنهورن بکر جي
نواب کان مدد گهري، جنهن سيوي جي حاڪم مير خان کي
لشڪر ڏئي موڪليو. مير خان ۽ ميان نصير جي وچ ۾
ڪجهه جهڙپون ٿيون پر پوءِ مير خان کيس صلح لاءِ
پاڻ وٽ گهرايو ۽ پنهنجي چاچي محبت خان سان گڏ
عالمگير جي درٻار موڪليو، جتي هو ڪيتري وقت تائين
قيد ۾ رهيو. هيڏانهن سندس فقير وڙهندا رهيا ۽ آخر
هو پنهنجو پاڻ قيد مان ڇٽي آيو ۽ ٽڙيل پکڙيل مريد
به وٽس اچي گڏ ٿيا. ميان صاحب پنهورن جي ڳوٺ ڀرسان
هڪ نئون ڳوٺ گهارو اڏيو، جنهن جي هڪ طرف کان جبل ۽
ٻئي پاسي کان پاڻي هو ۽ پنهنجو اصولوڪو ڳوٺ هٽڙي
فوجي فقير ۽ ڪاڇو عنايت شاهه فقير کي ڏنو. هن نئين
ڳوٺ ۾ ميان نصير شاديون ڪري ٻارن ٻچن وارو ٿي ويو
۽ پيري مريدي کي ترقي ڏئي ڳوٺ کي وڌيڪ خوشحال
بڻايائين. بکر جي نواب سان ميان نصير جا ڪيترائي
جهيڙا ٿيا پر هر ڀيري فقيرن کي سوڀ ملي. ميان نصير
جي فقيرن اهڙو زور ورتو جو فريد ڀاڳٽ جي مدد سان
منگن مورو تي قبضو ڪيو ۽ سيوستان جي مغلن کان
لاکهاوٽ پرڳڻو ٺيڪي تي کنيو. اهڙي طرح سهتي پرڳڻي
تي قبضو ڄمايائون، جنهن ۾ هڪ فقير فيروز ويراڙ
پنهنجي نالي تي شهر اڏايو، جنهن کي نوشهرو فيروز
چيو وڃي ٿو. ائين ميان نصير جي فقيرن سنڌ جي مختلف
حصن تي پنهنجي حڪومت کڙي ڪري ورتي.
وفات:
ميان نصير پنٽيهن سالن تائين پنهنجي وڏڙن جي گادي
تي ويٺو رهيو ۽ آخر 1103هه (1692ع) ۾ وفات ڪري
ويو، سندس قبر گهاري ۾ ڳاڙهي دڙي تي آهي.
ميان نصير جي شخصيت جي سڀ کان وڏي خوبي هن جي
بهادري آهي. ڪلهوڙن ۾ هو پهريون ماڻهو هو جنهن
مغلن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ فقيراڻي زندگي گذاريندي
به سنڌ جي مختلف حصن تي حڪومت ڪئي.
ميان دين محمد ڪلهوڙو:
تحفة الڪرام ۾ آهي ته ميان نصير کانپوءِ سندس پٽ
ميان دين محمد 1103هه (1692ع) ۾ اباڻي گادي تي
ويٺو.هاڻي ڪلهوڙا فقير ”سرائي“ جي لقب سان سڏجڻ
لڳا ۽ زور وٺي ڪري مير پنهور جي ڳوٺ فتح پور تي
قبضو ڪري ورتائون. پنهور دهلي ڏانهن دانهن کڻي
ويو، ۽ اتان بادشاهه کان مرزا خان پني لاءِ مدد
ڪرڻ جو حڪم وٺي آيا، پر خان پني ڪجهه نه ڪري
سگهيو ۽ ان ڪم لاءِ بادشاهه طرفان امير شيخ مقرر
ٿيو. امير شيخ پنهورن سان گڏجي سرائي فقيرن مٿان
حملو ڪيو، سرائين طرفان فيروز ڏيرو مقابلي لاءِ
آيو ۽ ڳيرلي ڳوٺ وٽ ٻنهي ۾ سخت جنگ لڳي، هيڏانهن
گهاري مان موڪليل دين محمد جي فقيرن جو لشڪر به
اچي پهتو ۽ ٻنهي فوجن امير شيخ جي لشڪر کي رتورت
ڪري ڇڏيو. نيٺ ان جنگ ۾ امير شيخ مارجي ويو ۽ بکر
جو نواب الله يار خان اتان ڀڄي ويو.
ٻيو ڀيرو قنبر خان بروهي سرائين سان وڙهڻ آيو،
شروع ۾ ته سوڀارو ٿيو پر پوءِ انهن اهڙا جوابي
حملا ڪيس جو کيس سرائي سردار ميرن شاهه سان صلح
ڪرڻي پئجي ويئي.
ڪجهه وقت کانپوءِ پنهورن وري ٻيهر ڇيڙ خاني شروع
ڪئي ته سرائين گهرام مان نڪري مرکاپور ۾ اچي
پنهورن تي حملو ڪيو ۽ سندن زمينون کسي اطاعت ڪرڻ
تي مجبور ڪيو.
هاڻي صرف سيوي ۽ شڪارپور جي حڪمران پٺاڻن سان
جهيڙو باقي رهيل هو.
شهزادو مير معزالدين:
جڏهن امير خان جي قتل جي خبر عالمگير جي پوٽي
شهزادي معزالدين کي پئي جيڪو لاهور ۽ ملتان جو
صوبيدار هو ۽ سنڌ به سندس نگرانيءَ ۾ هئي، ته
لاهور کان بکر پهتو. ميان دين محمد کي شهزادي جي
اچڻ جو اطلاع مليو ته پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد
کي ٻن وڪيلن کمل ۽ قاسم کي شهزادي ڏانهن
موڪليائين. مير محمد شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿي سڄي
حقيقت بيان ڪري دين محمد طرفان اطاعت قبول ڪيائين
۽ شهزادو مطمئن ٿي لاهور موٽي ويو.
قسمت جو ڪرشمو:
انهيءَ وچ ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو. شهزادو معز
الدين جڏهن امن سان موٽي ويو ته ڪلهوڙا خاندان جي
ناليواري سپه سالار شاهه بهاري جي ڀاءُ مقصود فقير
کي دل ۾ خيال آيو ته شهزادو ته اسان جي طاقت ڏسڻ
بنا موٽي ويو! ڇو نه ان کي پنهنجي قوت جو اندازو
ڪرائجي. ان ڪري ميان دين محمد جي اجازت کانسواءِ
ئي لشڪر وٺي وڃي ماٿيلي ۽ اچ تي ڪاهه ڪيائين.
شهزادي معز الدين کي جڏهن معلوم ٿيو ته ڏمرجي پيو
۽ انهيءَ مهل شاهي فوجون وٺي اچي سيوهڻ پهتو ۽
اتان ميان دين محمد جي علائقي گهاري کي لٽي ڦري
برباد ڪري ڇڏيائين.
ميان دين محمد سيوهڻ ۾ شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿي
صلح ڪرڻ جي درخواست ڪئي، شهزادي سڀني فقيرن کي
پنهنجي حوالي ڪرڻ لاءِ چيو. ميان دين محمد ته اها
ڳالهه مڃي ورتي پر سندس وچين ڀاءُ يار محمد انڪار
ڪري ڇڏيو ۽ سڀني فقيرن کي جنگ جي ميدان ۾ وٺي آيو.
جنهن ۾ تاجي، جادي ۽ بختيار فقير جا ويڙهاڪ لشڪر
شامل هئا. هوڏانهن راجا گج سنگهه ڀٽي ۽ سورج مل
اوديپوري جا سپاهي شاهي لشڪر ۾ تيار بيٺا هئا.
جيئن جنگ جو بغل وڳو ٻنهي لشڪرن ۾ خونريز جنگ شروع
ٿي ويئي، سڄو ميدان رت سان رنگجي ويو. هر طرف لاشن
جا ڍڳ گڏ ٿي ويا ۽ آخر فيصلو يار محمد جي حق ۾
ٿيو. اها جنگ 1111هه ۾ (1700 ــ 1699ع) ۾ ڍنڍ
ڪناري لڳي.
شهزادي هار جي پرواه نه ڪئي ۽ ميان دين محمد کي
پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ملتان ۾ قتل ڪيائين. هيڏانهن
شاهي فوج کي يار محمد جو پيڇو ڪرڻ لاءِ چيائين پر
يار محمد قلات هليو ويو.
لب تاريخ سنڌ جي صفحي 119 تي آهي ته، ميان دين
محمد پنهنجي مريدن جي قوت سان پنهورن ۽ دائود پوٽن
کان حڪومت ۽ قلعا جنگ ڪري کسي ورتا، جن پراڻي
تاريخ مطابق قلات جي حاڪم کان زبردستي ورتا هئا.
ميان دين محمد 1111هه (1700 ــ 1699ع) ۾ لاڏاڻو
ڪري ويو.
ميان يار محمد:
لب تاريخ سنڌ ۾ آهي ته ميان دين محمد کانپوءِ ان
جو وچون ڀاءُ ميان يار محمد 1111هه ۾ گادي تي
ويٺو.
ماثر الامراءَ جي مصنف جو چوڻ آهي ته دين محمد جو
ننڍو ڀاءُ يار محمد شهزادي سان جنگ ڪرڻ لاءِ ٽڪرين
تي چڙهي ويو ۽ شهزادي کي وڏو نقصان پهچايائين.
ميان يار محمد قلات ۾:
تحفة الڪرامجي صفحي 325 تي آهي ته: ميان يار محمد
قلات پهتو ته اتان جي بروهين ساڻس جنگ ڪئي، جنهن ۾
قلات جو حاڪم مارجي ويو، پر پوءِ ميان يار محمد
ٺاهه ڪيو ۽ پنهنجا ٻئي پٽ ميان نور محمد ۽ ميان
محمد خان ضامن رکڻ تي کيس قلات ۾ رهڻ ڏنو ويو.
ميان يار محمد اتي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن گذاريا ۽ ڪي
ئي سرائي سردار کانئس الڳ ٿي ويا، انهن ٻن سالن
اندر سندس ملڪ جي گهڻن حصن تي مرزا خان جي پٽ
بختاور خان جا پٺاڻ قبضو ڪري ويٺا.
قلات جا ڪلور ميان يار محمد جي قلم سان:
مولانا مهر پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ جي پهرين ڀاڱي ۾
”گلدسته نورس بهار“ مان ميان يار محمد جو بيان ڪيل
حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته:
سائين جن جي بي ڌيانيءَ واري وقت ۾ جن حالتن سان
منهن ڏيڻو پيو، ڪوهستان ۾ جيڪي ڏينهن ڏسڻا پيا ۽
بروهي حاڪم هٿان جيڪي زهر جا پيالا پيئڻا پيا،
انهن کي سڄي حياتي نه وساري سگهندس. بروهين ٿوري
دير به اسان مصيبت ماريلن کي ويهڻ نه ڏنو.
اهو سندس ماڻهپ جو ڪرشمو ناهي پر هن کي پنهنجي
دولت تي فخر آهي ۽ انهيءَ دولت جي کسجي وڃڻ جو خوف
اٿس. هو به ڄاڻي پيو ته حضور جي فيصلي کانسواءِ
اسان جي ڇوٽڪاري جو ڪو امڪان نه هو. جڏهن هن ڏٺو
ته اسان وطن کان پري ويٺلن لاءِ هتي رهڻ مشڪل آهي
ته اسان جي سردارن کي لالچون ڏيئي پاڻ سان ملائي
ڇڏيائين ۽ ڪن کي موٽائي ڇڏيائين، باقي سندس هٿان
ڦرجندا رهيا. ايتري ۾ اسان جو ڀاڳ به کليو ۽
پنهنجن ڏوهن جي معافي ملي ۽ منصب ۽ خطاب سان
نوازيو ويو. |