ٻٻرلوءِ جي چار باغ ۾ ترسڻ:
ٻٻرلو جو چار باغ تمام وڻندڙ ۽ دلڪش نظارن وارو مقام هو. همايون
روهڙي پهچي چار باغ ۾ اچي ترسيو ته بکر جي گورنر
سلطان محمود خان لڪ ڇپ ۾ تياري ڪرڻ شروع ڪئي ۽
ٻيڙيون گهرائي قلعي هيٺان بيهاري ڇڏيون.
همايون روهڙيءَ ۾ پهچندي ئي سلطان محمود ڏانهن ماڻهو موڪليو ته
هو جلدي اچي اسان جي قدم بوسي جو شرف حاصل ڪري ۽
قلعو شاهي عملدارن جي حوالي ڪري ڇڏي. سلطان محمود
خان جواب ڏنو ته مان مرزا شاهه حسن جو ملازم
آهيان، تنهن ڪري ان جي چوڻ کان سواءِ حاضر ٿيڻ
منهنجي لاءِ نمڪ حرامي جي برابر آهي ۽ قلعو به ان
جي حڪم کانسواءِ حوالي ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي.
مرزا شاهه حسن جي تدبير ڪامياب وئي ۽ همايون کي ٿوري عرصي اندر
ئي اناج جي گهٽتائي سان منهن ڏيڻو پيو. هن ٻيهر
مير بازار، مهتر اشرف کي سلطان محمود ڏانهن بکر
اناج لاءِ موڪليو. سلطان پنج سؤ خچر اناج جا ۽
کاڌي پيتي جو سامان ڏياري موڪليو. همايون ان کي به
قدر جي نگاهه سان ڏٺو اهڙيءَ طرح سلطان محمود
هيڏانهن همايون اڳيان به پاڻ کي سرخرو ڪري ورتو.
شاهه حسن نالي نياپو:
هاڻي همايون پنهنجن ٻن اهلڪارن امير طاهر ۽ سمندر بيگ کي هڪ خط
ڏئي شاهه حسن ڏانهن ٺٽي موڪليو، جنهن ۾ بابر سان
پراڻو تعلق ياد ڏياري کيس مدد لاءِ چيو ويو. شاهه
حسن احسان فراموش نه هو، همايون جي اهلڪارن جي
ڏاڍي خدمت چاڪري ڪيائين ۽ واعدو ڪيائين ته جڏهن
بادشاهه ٺٽي ۾ ايندو تڏهن هالن کان وٺي ميرپور
بٺوري تائين درياءَ جي هن پار وارو علائقو بادشاهه
سلامت کي ڏئي حاضري ڀريندس.
مرزا شاهه حسن جو خط:
مرزا شاهه حسن پوءِ شيخ ميرڪ پوراني ۽ مرزا قاسم طغائي کي
سوکڙيون پاکڙيون ڏئي ڪري همايون بادشاهه جي خدمت ۾
موڪليو. ميرڪ پوراني ۽ مرزا قاسم همايون جي خدمت
۾ حاضر ٿي ڪري مرزا شاهه حسن جي محبت ۽ اخلاص جو
پڪو يقين ڏياريو ۽ اهو خط پهچايو، جنهن ۾ لکيل هو
ته ”بکر جي اپت تمام گهٽ آهي ۽ چاچڪان پرڳڻو گهڻي
پيداور وارو آهي، تنهن ڪري اوهان جو اتي رهڻ مناسب
هوندو ۽ آرام به وڌيڪ نصيب ٿيندو، مان به حضور جي
خدمت لاءِ ويجهو هوندس. اوهان جي مهرباني جو
منهنجي ملڪ ۾ قدم رکيو.“
همايون انهيءَ خط کانپوءِ پر سڪون ٿي ويٺو پر اميرن وزيرن اهو
چئي وري بي چين ڪري ڇڏيس ته شاهه حسن اسان سان سچو
ناهي، جيڪڏهن سچو هجي ها ته اسان کي صرف ڳوٺ نه
ڏئي ها، پنهنجو ڪو قلعو عنايت ڪري ها، جيئن اسان
پنهنجي ٻچن ٻارن سان آرام سان ويهي گجرات جي
تياريون ڪيون ها.
پنهنجي اميرن جي اهڙي مشوري کان پوءِ همايون بکر جي گهيري جو
سوچڻ لڳو. شاهه حسن کي خبر پئي ته چوڻ لڳو. بکر
کان آءُ بي فڪر آهيان، ڇاڪاڻ ته هو ٻبرلو چار باغ
جو آرام ڇڏي هيڏانهن نه ايندو، باقي سندس سردار
ڪجهه نه ڪري سگهندا. ان کان پوءِ سلطان محمود جي
بکر حوالي ڪري مير جمله ارغون، جاني ترخان، دولت
خان، پاينده محمد قريش ۽ ٻين اعتماد وارن اڳواڻن
کي اتي ڇڏي پاڻ سيوستان پهتو ۽ قلعي کي ڊاهي پٽ
ڪري ڇڏيائين.
همايون جو لشڪر:
41 ــ 540ع ۾ همايون پنهنجي ٻن لک فوجن سان گڏ ٻٻرلو ۾ آرام سان
رهيو پيو هو. سندس حرم، باغ جي وچ ۾ دولت خاني ۾
جڏهن ته امير رئيس اوسي پاسي ۽ مرزا بيادگار نصري
روهڙيءَ جي مدرسي ۾ ترسيل هو. روهڙي ۽ ٻبرلو جو
اهو ڇهه ميل وارو علائقو همايون جي فوج سان ڀريل
هو.
شاهه حسن جي ڪيل ڪاررواين جي ڪري ان علائقي ۾ اهڙو ڏڪار پيو جو
ماڻهو بک جي ڪري مرڻ لڳا. شاهي لشڪر کي سون ۽ ناڻي
جي بدلي ۾ ماني ڳڀو نه پئي ملي سگهيو.
حميده بيگم بانو سان شادي:
همايون بادشاهه اتان تنگ ٿي پاٽ پهتو. انهن ئي ڏينهن ۾ بادشاهه
مرزا هندال جي ويجهي مائٽ شيخ علي اڪبر جي نياڻي
بلقيس مڪاني حميده بانو بيگم سان شادي ڪيائين.
پاٽ ۾ به لشڪر جڏهن بک مرڻ لڳو ته همايون وري بکر موٽي آيو.
سيوستان تي حملو:
پهرين جمادي الاول 948 هه (1541ع) ۾ همايون بکر جي مهم يادگار
ناصر مرزا جي حوالي ڪري پاڻ سيوستان تي اچي ڪاهه
ڪيائين، قلعي جي جاين جڳهن کي ته اڳ ۾ ئي شاهه حسن
برباد ڪري ڇڏيو هو سو همايون قلعي جو گهيرو ڪري
ويٺو رهيو. اها خبر جڏهن شاهه حسن کي پئي ته سن
آيو ۽ کاهي کوٽي ٻيڙيون گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. مير
عليڪا، شاهه حسن جي حڪم سان سيوستان پهتو ۽ ڪنهن
طريقي سان قلعي اندر داخل ٿي ويو. جڏهن همايون کي
ان جي خبر پئي ته قلعي ۾ کاٽ هڻڻ جو حڪم ڏنائين.
سپاهين انهيءَ مهل هڪڙي ڀت ڪيرائي وڌي پر قلعي
وارن مڙسي ڪري وري جلدي ٺاهي ورتي. جنهن سان
همايون جا حوصلا پست ٿيڻ لڳا. سيوستان جي گهيري کي
ست مهينا گذري چُڪا هئا ته اوچتو مينهوڳي منهن
ڪڍيو. هيڏانهن کاڌو پيتو به کٽي چڪو هو جنهن جي
ڪري همايون جو لشڪر اچي مشڪل ۾ ڦاٿو ۽ گهيرو ڇڏي
ڀڄڻ لڳو. همايون جا نالي وارا سپهه سالار مير
طاهر صدر، خواجا غياث الدين جاني ۽ مولانا
عبدالباقي کيس ڇڏي ڪري وڃي مرزا شاهه حسن سان
مليا. انهيءَ وچ ۾ همايون کي خبر ملي ته ماڻهو
مرزا يادگار ناصر جا ڪن ڀري هن کي قنڌار وٺي وڃڻ
ٿا. اهڙين حالتن همايون کي ڏاڍي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو.
يادگار ناصر مرزا جي غداري:
همايون يادگار ناصر مرزا کي بکر مٿان ڇڏيو هو، ان تي بکر وارن
قلعي مان نڪري ڪري ٻه ڀيرا حملو ڪيو.، ٽين ڀيري
جڏهن هو ٻاهر آيا ته ناصر مرزا گهوڙي تي سوار ٿي
مقابلي لاءِ پاڻ آيو ۽ بکر وارن تي اهڙو وار
ڪيائين جو ڪن درياءَ ۾ کڻي ٽپو ڏنو ۽ ڪي ٻيڙين تي
چڙهي فرار ٿي ويا. مرزا شاهه اهڙو رنگ ڏسي چالاڪي
سان امير قلي مهردار کي ناصر مرزا ڏانهن موڪلي اها
گذارش رکي ته مان هاڻي جهونو ٿي چڪو آهيان، ۽ مون
کي ڪوئي ڪونهي، هڪڙي نياڻي آهي، جيڪا مان تنهنجي
نالي ڪري هي ملڪ ۽ خزانو توکي ڏيڻ چاهيان ٿو ۽
اسان ٻئي گڏجي ڪري گجرات فتح ڪنداسين.
ناصر مرزا، شاهه حسن جي انهيءَ آڇ تي هرڪي پيو ۽ ڌوڪي ۾ اچي
همايون جي مخالفت تي تيار ٿي ويو.
هيڏانهن همايون کي ان جي خبر پئي ته سيوستان کان اچي بکر پهتو
پر ڏڪار جي ڪري سندس لشڪر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٽڙي
پکڙي ويو ۽ ڪي مري کپي ويا. بکر وارن سان همايون
جي ٻه ٽي ڀيرا ويڙهه ٿي، جنهن ۾ همايون کين مات به
ڏني پر هن وٽ قلعي ٽوڙڻ وارا اوزار نه هجڻ ڪري بکر
فتح نه ڪري سگهيو.
همايون جو عربستان ڏانهن ارادو:
اهڙيون ڏکيون حالتون ڏسي آخر همايون زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا
ڪعبته الله ۾ وڃي گذارڻ جو ارادو ڪيو ۽ انهيءَ
صلاح کي سندس وزيرن ساراهيو ته سهي پر عرض ڪيائونس
ته ههڙي بک ۽ ڏڪار ۾ اوڏانهن وڃڻ موت کي ڪوٺ ڏيڻ
برابر آهي، هي ايڏو سارو لشڪر ڪيڏانهن ويندو؟ اهو
ته رستي ۾ مري کپي ويندو! تنهن ڪري ڪجهه ڏينهن
هتي ترسڻ گهرجي.
راجا مالديو جو خط:
انهيءَ زماني ۾ جڏهن همايون سخت مصيبت ۾ ڦاٿل هو ته جوڌپور جي
راجا مالديو جو خط مليس، جنهن ۾ هن پرپٺ اطاعت
قبول ڪري پاڻ ۽ پنهنجي راجپوتن جي فوج کي سندس
خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي.
راجا مالديو جو اهو خط ملڻ کان پوءِ همايون 21 محرم تي نڪتو ۽ 8
ربيع الاول تي اُچ پهتو. 20 ربيع الاول 949هه
(1542ع) تي بيڪانير ۾ اچي خيما کوڙيائين ته اتان
جي ڪجهه ماڻهن همايون جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو
ته اسان کي بيڪانير وارن مان ڪا چڱائي جي اميد نظر
نٿي اچي. همايون صحيح صورتحال معلوم ڪرڻ واسطي
سمندر بيگ کي مالديو جي راجا ڏانهن موڪليو. جنهن
اچي ٻڌايو ته مالديو جي راجا جي نيت صحيح نظر نٿي
اچي. همايون جڏهن جوڌپور جي ٽيهه ميل ويجهو ڪو
دريا ڪول جي ڀرسان ڳوٺ پهلودي پهتو ته پنهنجا
جاسوس مالديو جي درٻار ۾ موڪليا، جن اچي ٻڌايو ته
راجا شير شاهه سوري کان ڊنل آهي ۽ ان سان ڳٺ جوڙ
ٿي ڪري توهان کي ڦاسائڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي.
همايون پنهنجي وزيرن مشيرن سان صلاح ڪري اتان
ساتلمير موٽيو ته پاسي کان مالديو وارن جو لشڪر
نظر آيس، جن تي همايون مٿان حملو ڪيو ۽ لشڪر جو ڪو
ماڻهو زندهه نه ڇڏيائين، ان کان پوءِ تڙ تڪڙ ۾
جيسلمير ڏانهن وڌيو.
جيسلمير ۾ هڪ نئون ڏچو:
پهرين جمادي الاول 949هه (1542ع) تي جيسلمير پهتو پر قسمت اتي
به سندس ساٿ نه ڏنو ۽ جيسلميري سردار سون ڪرن ڪول
درياءَ جو پاڻي بند ڪري گهاٽ تي پهرو رکي ڇڏيو.
همايون جي اميرن ۽ سپاهين پهري تي مقرر سون ڪرن جي
ماڻهن تي حملو ڪري کين اتان هٽايو ۽ لشڪر پاڻي پي
ڍئو ڪيو.
عمرڪوٽ ۾ اچڻ:
10 جمادي الول تي همايون عمرڪوٽ پهتو ته اتان جي راجا بيرسال
پنهنجي ماڻهن سان گڏجي اچي قلعي کان ٻاهر سندس
ڀليڪار چيو ۽ ان جي رهڻ لاءِ قلعي اندر انتظام
ڪيو.
اڪبر جي ولادت:
انهيءَ قلعي ۾ 5 رجب 949 هه (1542ع) آچر رات بيگم بلقيس حميده
بانو کي جلال الدين محمد اڪبر ڄائو ۽ همايون ڏاڍو
خوش ٿيو.
يادگار ناصر مرزا جو انجام:
گذريل صفحن ۾ اسان ٻڌائي آياسين ته ناصر مرزا شاهه حسن جي دم
دلاسن ۾ اچي همايون کي ڇڏي ڪري ڪجهه توپون ۽ قلعي
ٽوڙڻ جا اوزار بکر قلعي ۾ موڪلي همايون جي ٻين
سپهه سالارن هالا ۽ عمر شاهه کي به پاڻ سان ملائي
سکر هليو آيو پر شاهه حسن ڪو واعدو نه پاڙيس.
مرزا شاهه حسن جون ڏاڍايون:
مرزا شاهه حسن کي جيئن ئي اطلاع مليو ته همايون اچ ڏانهن ويو
آهي ته انهيءَ مهل 949هه ۾ بکر آيو ۽ بکر جي گورنر
سلطان محمود کان همايون کي ڪن وقتن تي اناج ڏيڻ جي
باري ۾ باز پرس ڪئي. اناج جي انچارج ملا درويش
محمد کي گهرائي سلطان محمود جي محل سامهون ڦاسيءَ
تي چاڙهي ڇڏيو ۽ سندس ٻن سپهه سالارن هالا ۽ عمر
شاهه جي وچين دروازي تي کل لاهرائي ڇڏيائين. اتان
شاهه حسن سيوستان آيو ۽قلعي جي مرمت ڪرائي ڪجهه
ڏينهن سن ۾ رهيو ۽ ٺٽي واپس پهتو.
همايون جو جوڻ ۾ اچڻ:
همايون بادشاهه ڪجهه ڏينهن عمر ڪوٽ ۾ رهڻ کان پوءِ سمجهي ويو ته
ننڍڙو قلعو عمرڪوٽ اسان جي لشڪر جو بار نه کڻي
سگهندو، تنهن ڪري سنڌ هليو آيو ۽ جوڻ ۾ رهڻ لڳو.
جوڻ ڳوٺ جي باغن ۾ فوج ڇانوڻي هڻي ويهي رهي.
هيڏانهن مرزا شاهه حسن کي خبر پئي ته فوج وٺي اچي
درياءُ جي پرين ڪپ تي خيما کوڙيائين.
همايون بادشاهه کي اتي ڪنهن اچي ٻڌايو ته بٺوري جي قلعي ۾ اناج
جو وڏو ڍير گڏ ٿيل پيو آهي، جيڪو معمولي ڪوشش سان
حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن شيخ علي بيگ جلائر ۽ اسن
تيمور سلطان کي اناج کسي اچڻ جي ذمينواري سونپي.
هيڏانهن شاهه حسن شاهي فوج سان مقابلي لاءِ مرزا
عيسى ترخان کي چونڊيو پر ان پاڻ تي همايون جو خير
خواهه هجڻ جي الزام ڪري انڪار ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري
شاهه حسن بکر جي گورنر سلطان محمود کي مقرر ڪيو.
سلطان محمود سان همايون جي فوج جون ڪيتريون ئي
چڪريون ٿينديون رهيون ۽ انهن چڪرين ۾ شيخ علي بيگ
سان گڏ همايون جا ڪيترائي ناليوارا سپه سالار
مارجي ويا. همايون هاڻي سنڌ مان صفا مايوس ٿي چڪو
هو ۽ سنڌ ڇڏي قنڌار وڃڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو
هئائين.
انهيءَ زماني ۾ 7 محرم 950هه (1543ع) تي گجرات کان سندس وفادار
بيرم خان اچي همايون کي قنڌار کان ٿيندو عراق هلڻ
لاءِ چيو. شاهه حسن ته اڳ ۾ ئي اهڙي موقعي جي تاڙ
۾ ويٺو هو سو جهٽ ۾ هڪ لک مثقال روڪ، ٽي سؤ گهوڙا،
ٽي سؤ اٺ سفر جو سامان معذرت سان گڏ ڏياري
موڪليائين ۽ جوڻ سامهون هڪ پل جود ۾ ٺهرايائين،
جيئن همايون جو لشڪر آسانيءَ سان گذري سگهي.
انهيءَ پل ۽ صلح جي تاريخ ماده ”صراط مستقيم“
950هه سان نڪري ٿي.
مرزا شاهه حسن جيڪي اٺ همايون کي ڏنا ان باري ”همايون نامه“ ۾
لکيل آهي ته اهي اٺ اهڙا هئا جن پاڻ ته ڇا پر انهن
جي ستر پيڙهين به انسان، وزن ۽ شهر نه ڏٺو هو.
همايون جي لشڪر ۾ گهوڙا نه هجڻ ڪري جڏهن انهن تي
ماڻهو سوار ٿيا ۽ وزن رکيو ويو ته چرين وانگر
هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. گهوڙن جي ٽاپن جو آواز
ٻڌي ته اهڙو ڇرڪيا جو مٿان ويٺل ماڻهو کي هيٺ
ڪيرائي جهنگ ڏانهن منهن ڪيائون. قنڌار تائين
پهچندي پهچندي ٻه سؤ اٺ رستي مان ئي ڇڏائي ڀڃي
ويا.
همايون جو سنڌ کي ڇڏڻ:
7 ربيع الاول 950هه (1543ع) ۾ همايون اها پل اورانگهي سنڌ کان
قنڌار ڏانهن روانو ٿيو. اهڙي طرح مرزا شاهه حسن ۽
همايون هڪٻئي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.
مرزا ڪامران جو سنڌ ۾ اچڻ:
همايون جي ڀاءُ ڪابل جي حاڪم مرزا ڪامران، شاهه حسن ڏانهن ايلچي
موڪلي سندس ڌيءَ جو سڱ گهريو، جيڪو شاهه حسن قبول
ڪري ورتو ۽ ايلچي سوکڙين سان گڏ موٽي آيا. همايون
جڏهن ڪابل تي ڪاهه ڪئي ته مرزا ڪامران اتان ڀڄي
ڪري هزاره رستي اچي سنڌ پهتو. شاهه حسن هن جي رهڻ
جو بندوبست پاٽ ۾ ڪيو ۽ اتي ئي مرزا ڪامران جي
شادي سندس ڌيڻس چوچڪ بيگم سان ٿي.ٽي مهينا اتي
گذارڻ کان پوءِ مرزا ڪامران ڪابل هليو ويو، جنهن
وقت همايون بدخشان ۾ هو. بدخشان مان همايون نڪري
اچي ڪابل جو گهيراءُ ڪيو، مرزا ڪامران وري ٻيهر
اتان ڀڄي ڪري اچي گهگهر قوم وٽ پناهه ورتي ۽
همايون خلاف سازشون ڪرڻ لڳو. همايون انهن سازشن
کان تنگ ٿي ڪري ڪنهن بهاني سان مرزا ڪامران کي
گهرائي گرم سرائي سان اکيون ڪڍرائي ڇڏيون. نابين
ٿيڻ کان پوءِ مرزا ڪامران همايون کان حج جي موڪل
گهري مڪي پاڪ هليو ويو.
وفاداريءَ جو هڪ اعليٰ مثال:
همايون کان موڪلائن کان پوءِ 51 ــ 1550ع ۾ مرزا ڪامران ٻيون
ڀيرو بکر آيو ته شاهه حسن کيس فتح باغ ۾ رهايو،
مرزا ڪامران جيئن ته حج تي وڃڻ جو ارادو ڪري چڪو
هو تنهن ڪري ٻٽن ڏينهن بعد موڪلائڻ لڳو ته سندس
جوڻس چوچڪ بيگم به ساڻ ٿي. شاهه حسن ڌيءَ کي گهڻو
سمجهايو پر هو نه مڙي. مرزا ڪامران جڏهن ٻيڙيءَ ۾
اچي ويٺو ته چوچڪ بيگم به پيءُ کان موڪلائڻ بنا
ٻيڙيءَ ۾ اچي سوار ٿي. شاهه حسن پاڻ ٻيڙيءَ ۾ آيو
۽ وري هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي ڌيءَ کي وڃڻ کان
روڪيائين. چوچڪ بيگم چيس، اها ڪيڏي شرم جي ڳالهه
آهي، دنيا ڇا چوندي ته جڏهن هو بادشاهه هو ۽
اکيون سلامت هيس ته اوهان مون کي ان جي حوالي ڪري
ڇڏيو ۽ اڄ جڏهن هو نابين ۽ مصيبت ۾ ورتل آهي ته
مان ان جو ساٿ ڇڏي ڏيان!، اهڙو ڪڌو ڪم مون کان نه
ٿيندو. مرزا شاهه حسن تي اهڙن جملن اثر ڪيو ۽ وڏو
مال ۽ دولت ڏيئي ڪري ٻنهي کي روانو ڪيائين.
مرزا ڪامران ٻه ٽي سال مڪي پاڪ ۾ رهيو. 57 ــ 1556ع ۾ جڏهن هو
حج ادا ڪري رهيو هو ته عرفات جي ميدان ۾ دم ڌڻي
حوالي ڪيائين. ان جي ستن مهينن بعد چوچڪ بيگم به
مڪي پاڪ ۾ گذاري وئي ۽ تاريخ ۾ هي سنڌي عورت
وفاداريءَ جو اهڙو مثال قائم ڪري وئي، جنهن کي اڄ
به مؤرخ ياد ڪن ٿا.
شاهه حسن سان ارغُنن جي بغاوت ۽ ان جا ڪارڻ:
مرزا شاهه حسن پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ عيش عشرت ۽ مئي نوشيءَ جو
عادي ٿي ويو هو. هر وقت کيس لوفر قسم جا ماڻهو
واريون ويٺا هوندا هئا، جنهن جي ڪري سندس وفادار ۽
ويجها ساٿي ارغون ۽ ترخان پري ٿيڻ لڳا. گهڻو شراب
واپرائڻ ڪري اڌ رنگ جو حملو ٿيس ۽ انهن اوباش
ماڻهن کي حڪم هلائڻ جو وڌيڪ موقعو ملي ويو. جنهن
جي ڪري ملڪي معاملا بگڙڻ لڳا.
960هه (53 ــ 1552ع) ۾ هن ٺٽي جو گورنر تمام ڪميڻي انسان عربي
گاهيءَ کي بڻايو ۽ رعيت جي سار سنڀال لاءِ اسماعيل
بٺاري کي مقرر ڪيائين. هي ٻئي شاهه حسن جا لاڏلا
هئا ۽ انهن جي مقابلي ۾ هو ڪنهن جي به ڳالهه نه
ٻڌندو هو، عربي گاهيءَ جي هڪ پٽ کي به وزارت هئي
پر وڏو شرابي ۽ ماڻهن کي آزاريندڙ هو. انهن ماڻهن
هر طرف ظلم جو رڻ ٻاري ڏنو هو ۽ ماڻهو هاڻي مرزا
شاهه حسن جي حڪومت کان بيزار ٿي ڪري ان کان
ڇوٽڪاري جا گس ڳولهڻ لڳا.
شاهه حسن جي انهن ساٿارين مان ڪنهن هڪ وڃي پيٽ ڀري ارغون عورت
کي مارڪٽ ڪئي، ارغونن ان جي شڪايت شاهه حسن سان
ڪئي پر هن ڪو به ڌيان نه ڏنو، تنهن تي سڀ ارغون
ڦري ويا ۽ پوءِ شاهه حسن، شيخ ميرڪ پوراني کي اهو
فيصلو ڪرڻ لاءِ چيو.
شاهه حسن نصرت آباد جو قلعو پنهنجي زر خريد غلامن شنبهه ۽ رقيق
کي ڏئي ڪري 7 محرم 961 هه تي بکر هليو آيو.
اهڙن واقعن کان پوءِ سڀئي ماڻهو شاهه حسن جي خلاف ٿي ويا.
ٺٽي ۾ مرزا عيسى ترخان جي اطاعت:
محرم 962هه (1554ع) ۾ ارغون سردارن گڏ ٿي ڪري شاهه حسن سان
بغاوت ڪري مرزا عيسى ترخان جي اطاعت ڪرڻ جو عهد
ڪيو. عيسى ترخان جيتوڻيڪ شاهه حسن جي اميرن ۾ سڀ
کان آخر ۾ ويهندو هو ۽ حيثيت ۾ به گهٽ هو پر ڀاڳ
کي ڪير روڪي. سڀني ارغونن گڏجي ڪري مرزا شاهه حسن
جي پيارن عربي گاهيءَ، شنبهه ۽ رفيق جو خون ڪري ۽
شاهه حسن جي زال کي قيد ڪري خزاني تي قبضو ڪري
ورتو.
هيڏانهن باهه ڀڙڪي رهي هئي ان ۾ گاسليٽ جو ڪم وري شاهه حسن جي
ان غلطي ڪيو جو جنهن وقت هو شراب جي نشي ۾ هو ته
ڪجهه خاصخيلين اچي چيس ته ارغونن توهان جي ڪن
اعتماد وارن خاصخيلين کي ماري وڌو آهي، تنهن ڪري
قصاص طور انهن کي به قتل ڪرڻ جو حڪم ڏيو ۽ انهيءَ
فتني جو اصل ڪارڻ احمد ولي آهي. شاهه حسن شراب جي
مستيءَ ۾ هو. انهيءَ مهل احمد ولي کي گرفتار ڪرائي
سيوستان روانو ڪيائين ۽ سندس مائٽ علي حسين ارغون
کي قتل ڪرائي ان جي منڍي نيزي ۾ لٽڪائي سڄي لشڪر ۾
ڦيرايائين، جنهن سان ارغون تپي باهه ٿي ويا.
سلطان محمود جي نالي بکر جي حڪومت:
اهڙين حالتن جي پيش نظر مرزا شاهه حسن بکر جي حڪومت سلطان محمود
کي ڏني ۽ حڪم ڏنائينس ته بکر جي ارغونن ۽ ترخانن
کي تلوار سان ختم ڪيو وڃي. سلطان محمود پنهنجي
ماءُ سان صلاح ڪئي، جنهن چيس ته، تو کي ائين نه
ڪرڻ گهرجي، بلڪه انهن کي صرف گرفتار ڪري شاهه حسن
ڏانهن موڪلي ڏيڻ گهرجي، تنهن ڪري سلطان محمود مير
جاني ترخان، احمد خان ترخان، حمزه بيگ، مراد حسين
بيگلار ۽ ٻين مک ماڻهن کي گرفتار ڪري مرزا شاهه
حسن وٽ وٺي ويو. 22 محرم 962هه تي سلطان محمود
لشڪر سان گڏ مرزا شاهه حسن وٽ اچي پهتو ۽ شاهه حسن
ٺٽي تي حملي جو ارادو ڪيو.
سانپاهه ڳوٺ ۾ جنگ:
ڳوٺ سانپاهه ۾ مرزا عيسى ترخان ۽ سلطان محمود جي لشڪر وچ ۾ ٻه
ٽي ڀيرا ملاکڙو ٿيو ۽ ٻنهي پاسن جا ماڻهو مئا.
مرزا عيسى جو ڳجهو نياپو:
ٻنهي وچ ۾ جنگ جاري هئي ته مرزا عيسى ترخان سلطان محمود ڏانهن
ڳجهو نياپو موڪليو ته پنهنجي ويڙهه ۾ ناحق بيگناهه
ماڻهو مري رهيا آهن، تنهن ڪري اچو ته گڏجي ڪري ڪو
رستو ڳولهيون. آخر رات جي پيٽ ۾ ڳجهي ملاقات ڪري
اهو طئي ڪيو ويو ته شاهه حسن هاڻي باقي ڪجهه ڏينهن
جو مهمان آهي ۽ پوءِ اسان ٻنهي کانسواءِ ڪوئي
ڪونهي. جڏهن اهو ڏينهن آيو ته گڏجي ڪري ڪنهن نتيجي
تي پهچنداسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو اها خبر مشهور ٿيڻ کان اڳ ئي ٻنهي فوجن جي وچ
۾ پيرآر وٽ سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ مرزا عيسى
ترخان جا ڪُيترائي ماڻهو مارجي ويا. انهن ماڻهن
مان جڏهن ڪن مغلن جون منڍيون نيزن تي ٽنگيل شاهه
حسن اڳيان آنديون ويون ته هو اشڪبار ٿي ويو. سلطان
محمود عرض ڪيو ته حضور اسان ڇا ڪيون، هيڏانهن ڪوئي
مري ٿو ته به اسان کي ڏک ٿئي ٿو ۽ هوڏانهن ڪوئي
قتل ٿئي ٿو تڏهن به اوهان ڪاوڙجو ٿا. انهيءَ موقعي
جو فائدو وٺندي شيخ عبدالوهاب ۽ مرزا قاسم بيگ،
مرزا عيسى ترخان طرفان معافي جي درخواست ڪئي.
سلطان محمود، مير شاهه محمود ۽ مير شاهه حسين
تڪدري به انهن جي پٺڀرائي ڪئي. شاهه حسن انهن جي
درخواست قبول ڪئي ۽ قيد ترخانن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن مرزا عيسى ترخان ماه بيگم کي شاهه حسن جي
خاصخيلين حوالي ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي ورهاست:
2 ربيع الاول 962هه (1555ع) تي سلطان محمود ۽ مرزا عيسيٰ ترخان
جي ملاقات ٿي جنهن ۾ قرآن پاڪ تي هٿ رکي اهو طئي
ڪيو ويو ته جيستائين شاهه حسن جيئرو آهي ان جا
فرمانبردار رهنداسين، ان جي وفات کانپوءِ سنڌ کي
ٻن حصن ۾ ورهائي لڪي جبلن کان مٿانهون حصو سلطان
محمود ۽ هيٺانهون مرزا عيسيٰ ترخان کڻندو ۽ ٻنهي
پاسن جا ماڻهو هڪٻئي ڏانهن ايندا ويندا جيئن واپار
وڌي ۽ ملڪ ترقي ڪري، ان کان پوءِ دستاويز تي ٻنهي
جون مهرون لڳيون ۽ پاڻ ۾ ڀاڪر پاتائون.
ٻئي ڏينهن مرزا قاسم بيگلار ٺٽي وڃي مرزا عيسى جي پٽ محمد صالح
کي هڪ جماعت سان گڏ شاهه حسن وٽ وٺي آيو ۽ هيڏانهن
وري شيخ عبدالوهاب، سلطان محمود جي ڀاءُ امير
سلطان کي ٺٽي آڻي مرزا عيسى ترخان سان ملايو. شاهه
حسن ملاياري جي معرفت ٻه ٺاهوڪا نقارا ۽ قيمتي
لباس مرزا عيسى ڏانهن موڪليو، ٻئي ڏينهن وري مير
ذوالنون جو جهنڊو جيڪو سلطان حسين مرزا بايقرا کيس
ڏنو هو، نقارن سان گڏ سلطان محمود ڏانهن
اماڻيائين.
شاهه حسن جو وڇوڙو:
مرزا شاهه حسن جي جيئن ئي طبيعت خراب ٿي ته سندس طبيب شيخ
عبدالوهاب شاهه حسن کي گوڙ کان پري سيوستان کڻائي
هلڻ لاءِ چيو. مرزا شاهه حسن جي اجازت سان ان مهل
ئي قافلو ڪڍيو ويو پر شاهه حسن جي رستي ۾ ئي حالت
بگڙي ويئي ۽ 12 ربيع الاول 962هه (1555ع) تي صبح
جو ڳوٺ علي پورته ۾ وفات ڪيائين، ان وقت شيخ
عبدالوهاب ۽ مرزا قاسم سندس سيرانديءَ کان بيٺا
هئا.
سلطان محمود کي خبر پئي ته ان وقت ئي پهتو ۽ شاهه حسن جو منهن
ڏسي روئندو ۽ پيرن کي چمندو رهيو. پوءِ پيراندي
وٺي چوڻ لڳو ته شيخ عبدالوهاب ۽ مرزا قاسم توهان
شاهد رهجو ته مان مرزا سان آخري وقت تائين وفادار
رهيس ۽ هاڻي به ان جي قدمن کي ورتيون ويٺو آهيان،
جيڪا سعادت ڪنهن ٻئي کي نصيب ناهي ٿي.
شيخ عبدالوهاب مرزا کي غسل ڏياري جنازي نماز پڙهائي.
جڏهن تابوت تيار ٿي ويو ته سلطان محمود، شاهه حسن جي گهر واري
ماه بيگم کي چيو ته بهتر اهو آهي ته توهان مون سان
گڏ تابوت سان بکر هلو. ائين نه ٿئي جو ارغون ۽
ترخان توهان جي تعظيم ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪري وجهن.
ماه بيگم چيو ڇاڪاڻ ته مرزا جو لاش مڪي پاڪ ۾
پنهنجي پيءُ جي ڀرسان پوريو ويندو ۽ بکر اتان پري
۽ ٺٽي کان ويجهو آهي. پوءِ ان ڏينهن ئي صبح جو ماه
بيگم، شيخ عبدالوهاب، مرزا قاسم ۽ خواجه محمد
حسين، شاهه حسن جي ميت کڻي ٺٽي روانا ٿيا ۽ سلطان
محمود بکر آيو. شاهه حسن جي مٿئين تاريخ وفات اسان
معصومي مان ورتي آهي، پر ان دؤر ۾ ترڪي ٻيڙي سان
گڏ آيل امير البحر سيد علي رئيس پنهنجي اهم سفر
نامي ”مراة الممالڪ“ ۾، جنهن جي سنڌ متعلق ڀاڱي
جو ترجمو حسام الدين راشدي صاحب ڪري مهراڻ رسالي ۾
ڇاپيو هو، لکيو آهي ته ”مان 26 ربيع الاول 962 هه
جوڻ (فتح باغ) پهتس ته مرزا عيسى ترخان جي بغاوت
جي خبر پئي ۽ اهو به معلوم ٿيو ته شاهه حسن ارغون،
سلطان محمود کي چار سؤ ٻيڙين سان گڏ ان جي مقابلي
لاءِ موڪليو آهي.“
شايد پهرين يا ٻي ربيع الثاني 962هه سيد علي رئيس، شاهه حسن جي
لشڪر ۾ پهتو ۽ خدمت سان نوازيو ويو. اهو مهينو
سلطان محمود ۽ مرزا عيسى جي جنگ ۾ گذريو. هو لکي
ٿو ته 29 ربيع الثاني 962 هه تي ماه بيگم ٺٽي کان
لشڪر ۾ پهتي، جڏهن ته معصومي ان جي لشڪر ۾ پهچڻ
جي تاريخ پهرين جمادي الاول 962 هه لکي آهي، جيڪا
بلڪل مشڪوڪ آهي.
سيد علي رئيس اڳتي لکي ٿو ته سومر پهرين اپريل 1555ع (9 جمادي
الاول 962هه) تي شاهه حسن گذاري ويو. هو ان وقت
اتي موجود هو. وري هو چوي ٿو ته جنهن وقت شاهه حسن
وفات ڪئي ان وقت اها ڳالهه ڦهلي ته ماه بيگم کيس
زهر ڏيئي ماريو آهي.
تاريخ طاهري جي صفحي 94 ۽ تحفة الڪرام جي 129 صفحي تي ان جي زهر
ڏيڻ بابت اشارو ملي ٿو. پر زهر ڏيڻ واري جي نالي
جي وضاحت ناهي. پاڻ سيد علي رئيس جيڪو اتي موجود
هو. جيڪا مرزا شاهه حسن جي تاريخ وفات ٻڌائي آهي
ته:
شاهه حسن سند کہ شہ ايزد ولي،
جکيتي اجل جاميتي تاپتي فنا،
هاتف غيب ايستي تاريخي،
جنت فردوس مکاني اولا.
مرزا عيسى ترخان ۽ سلطان محمود ۾ ڇڪتاڻ:
جيئن ئي شاهه حسن جي وڇوڙي جي خبر ٺٽي پهتي ته مرزا عيسيٰ ترخان
پاڻ سان گڏ وڏو ڪٽڪ وٺي نڪتو، ٻنهي پاسن کان جنگ
جو نقارو وڄڻ لڳو. سلطان محمود، مرزا ترخان ڏانهن
ماڻهو موڪليو ته تنهنجو لشڪر وٺي اچڻ جو مقصد ڇا
آهي، جيڪڏهن جنگ جي نيت اٿئي ته پوءِ ٻڌاءِ؟ مرزا
ترخان جواب موڪليو ته مان ارغونن کان ٻڌو آهي ته
تون ۽ ماه بيگم شاهه حسن جي ميت بکر کڻي ٿا وڃو،
آخر ٺٽو به ته ان جي ملڪيت آهي، پر هاڻي هتي اچي
خبر پئي آهي ته ماه بيگم شاهه حسن جو جنازو ٺٽي
کڻي ويئي آهي، تنهن ڪري هاڻي اوهان آرام سان بکر
وڃي سگهو ٿا.
مرزا عيسى جو سيوهڻ تي قبضو:
اتان پوءِ سلطان محمود سيوهڻ پهتو پر سيوهڻ وارن اهو سمجهي ته
ٺٽو مرزا عيسيٰ ۽ بکر سلطان محمود کنيو آهي، تنهن
ڪري سيوهڻ اسان کي کڻڻ گهرجي، سلطان محمود کي قلعي
اندر اچڻ نه ڏنائون ۽ مرزا شاهه مسعود، شاهه حسين
تڪدري، مير ابوالخير، مير حميد ساربان، خواجا
باقي ۽ ٻيا سردار سيوهڻ وارن جي اڳواڻي ڪرڻ لڳا.
مرزا عيسيى ترخان کي اها خبر سن ۾ پئي ته پنهنجي پٽ محمد صالح
کي لشڪر ساڻ ڏئي سيوهڻ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ موڪليو.
محمد صالح لشڪر وٺي اچي سيوهڻ کي گهيرو ڪيو ۽ مرزا
عيسى پاڻ به سيوهڻ اچي پهتو. گهڻن ڏينهن جي گهيري
کان پوءِ قلعي وارا پريشان ٿيڻ لڳا. تاريخ معصومي
مطابق دادا مير ڪلان وچ ۾ پئي ٺاهه ڪرايو ۽ سيوهڻ
مرز عيسى جي قبضي ۾ اچي ويو.
شاهه حسن جو لاش ٺٽي ۾:
مرزا شاهه حسن جو لاش جڏهن ٺٽي پهتو ته ان کي امانت طور مير
احمد ولي جي حويلي ۾ امانت طور قبر ۾ رکيو ويو، ٽن
مهينن کان پوءِ مرزا عيسى ترخان مڪلي ۾ هڪ عمارت
تعمير ڪرائي ۽ پوءِ سڀني ارغونن ۽ ترخانن ماتمي
لباس پائي شاهه حسن کي اتي اچي دفن ڪيو. ٻن سالن
بعد اهو اتان ڪڍرائي مڪي پاڪ ۾ سندس والد شاهه بيگ
ڀرسان مٽي حوالي ڪري مٿان عاليشان مقبرو ٺهرايو
ويو.
مرزا شاهه حسن جي سيرت:
مرزا شاهه حسن جي سيرت جي باري ۾ مؤرخ چون ٿا ته هو تمام بهادر
۽ دلير انسان هو، جتي به قدم رکيائين، ان کي فتح
ڪري پوءِ ڇڏيائين. علم ۽ عالمن سان تمام گهڻي رغبت
هوندي هيس، جيڪا به اهم شيءِ مطالعي هيٺ ايندي
هيس، ان کي فارسي ۾ ڍالڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
مير معصوم جو چوڻ آهي ته قاضي ڏتي سيوستاني جي لائبريري ۾ مان
هن جا ڏهه ڪتابي ڀاڱا ڏٺا جيڪي هن قاضي صاحب جي
درس دوران لکيا هئا.
شاهه حسن کي شاعريءَ سان به دلچسپي هئي ۽ پاڻ به ”سپاهي“ جي
تخلص سان شاعري ڪندو هو. مير علي شير قانع ”مقالات
الشعراءِ“ ۾ سندس شعر ڏنا آهن، جن مان ڪجهه هتي
ڏيون ٿا.
عشقت کہ بود مايہء، ارباب سلامت،
ازوي نبود حاصل ماجز بندامت،
ان کس کہ بتيغ ستم عش تو ميرد،
نبود هوس زندگيش روز قيامت،
عمر يست کہ اي سروخرامنده گزشتي،
اي شاهه تو دربار گہ ناز مقيمي،
مارا بسر کوي نياز است اقامت،
پابوس سگت گربہ ”سپاهي“ ندهت دست،
تازنده بود ميگزد انگشت ندامت.
(مقالات الشعراءِ ــ ص 287)
شاهه حسن سياست ۽ دنيا جا گڻ بابر جهڙي اعلى دماغ بادشاهه کان
سکيا ۽ هن سندس لاءِ اهي عظيم جملا به چيا ته شاهه
حسن اسان وٽ نوڪري لاءِ نه آيو آهي پر هو ان لاءِ
آيو آهي ته جيئن اسان کان بادشاهت ۽ دنياداريءَ جا
اصول سکي.
عالمن، ڏآهن ۽ بزرگن جو احترام ڪندي شاهه حسن انهن لاءِ وڏا وڏا
وظيفا رکيا.
سنڌ مرزا شاهه حسن جي دؤر ۾:
مرزا شاهه حسن سڌو پنهنجي پيءُ جي پيرن تي هليو. هن جو چوٽيهن
(34) سالن وارو دؤر سنڌ لاءِ ڪنهن ڪاري رات کان
گهٽ نه هو. پنهنجي اقتدار کي سگهارو ڪرڻ لاءِ هن
سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ جي ڪا ڪسر نه ڇڏي،
ٺٽي ۾ جيڪو خون وهايائين، اهو تاريخ ۾ اڄ تائين
انوکو بڻيل آهي. همايون جي سنڌ ۾ اچڻ وقت جيڪو
شاهه حسن هٿراڌو ڏڪار پيدا ڪيو ۽ فصل ڀيلائي ڇڏيا
ان سان هتان جا ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ به سڪڻ لڳا ۽
ڪي ئي مرد، عورتون ۽ ٻار تڙپي تڙپي مري ويا. سندس
آخري دؤر ۾ چوگرد گڏ ٿيل لوفر قسم جي ماڻهن تر
تپائي ڇڏيو ۽ ڪوئي به عزت وارو ۽ غريب انسان انهن
جي ظلم ۽ زيادتيءَ کان محفوظ نه رهيو. طاهر نسياني
لکي ٿو ته:
(ترجمو) ”ارغون ۽ ترخانن جا سردار، بلڪه هر ماڻهو شاهه حسن کان
بيزار هو. سندس قوم وارا به هن کي رستم زماني ۽
اسفند يار دوران سمجهندا هئا ۽ سڀ ان جي تختي
اونڌي ٿيڻ ۽ مرڻ جي انتظار ۾ هئا.“ (تاريخ طاهري
ــ ص 91)
شاهه بيگ پنهنجي زندگي ۾ ئي ڏٺو ته اهي ارغون ۽ ترخان جيڪي سندس
اڳيان ڪڇي نه سگهندا هئا، وڃي مرزا عيسى ترخان سان
مليا.
اسان کي ان دؤر ۾ مرزا شاهه حسن جي ايڏين قهري ڪاررواين جي
باوجود به سنڌين ۾ آزاديءَ جي اُڃ ۽ هلچل نظر نٿي
اچي. اڃا شاهه بيگ جي دؤر ۾ ڪجهه چرپر موجود هئي.
شايد انجو سبب شاهه حسن جو اهو اذيتناڪ عذاب آهي،
جنهن سنڌين جي آزادي واري جذبي کي اڀرڻ نه ڏنو ۽
هو ڪنهن غيبي مدد جي انتظار ۾ ويٺا رهيا.
زالون ۽ ٻار ٻچا:
مرزا شاهه حسن پهرين شادي 930 هه (24 ــ 1523ع) ۾ گل برگ بيگم
سان ڪئي پر ڪجهه وقت کانپوءِ ان کي طلاق ڏيئي
ڇڏيائين ۽ همايون ان سان شادي ڪئي. جڏهن همايون
سنڌ آيو ته هوءَ به ساڻس گڏ هئي. ان مان مرزا کي
هڪ پٽ ابو المنصور ٿيو پر ٻن ورهين جي عمر ۾ وفات
ڪري ويو. مرزا ٻي شادي حاجي ماه بيگم سان ڪيائين،
جنهن مان هڪ نياڻي چوچڪ بيگم ڄميس، جنهن جي شادي
مرزا ڪامران سان ڪرايائين.
ارغون دؤر ۾ سنڌ جا مکيه عالم، درويش ۽ شاعر:
ارغون دؤر ۾ اسان کي حڪومت طرفان سنڌ ۾ ڪٿي به جهالت ختم ڪرڻ ۽
علم جا ڏيئا ٻارڻ جي ڪوشش نظر نٿي اچي. اها ٻي
ڳالهه آهي ته هن دؤر ۾ ارغون حڪمرانن عالمن ۽
شاعرن جي سرپرستي ضرور ڪئي جنهن جي ڪري تمام گهڻا
اهل قلم، صوفي، شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن پنهنجي
قلم ذريعي هت علم جي جوت جلائي رکي، انهن جي مختصر
سوانح هت ڏجي ٿي.
(1) مير محمودمعروف شيخ ميرڪ بن مير ابو سعيد پوراني:
شيخ ميرڪ عرب شاهي سادات خاندان مان هو ۽ منڍ کان وٺي اهو
خاندان سخاوت، پرهيزگاري ۽ علم ۽ مڃتا رکندو هو.
هو سنڌ ۾ ڪيترن سالن تائين شيخ الاسلام جي عهدي تي
رهيا. اهو انهن جو ئي ڪرشمو هو جو سندن شاگرد
کانئن علم پرائي پنهنجي هم عصرن کان ممتاز ٿي ويا.
پاڻ اعليٰ درجي جا خوشنويس هئا ۽ خطن ۾، خاص طور
تي نستعليق خط ۾ ته وڏو ملڪو حاصل هين. محرم 962هه
۾ الله کي پيارا ٿي ويا ”رفت ميري آه آه“ مان سندن
وفات جي تاريخ ڪڍي ويئي.
(2) شيخ مير محمد ۽ شيخ عدالوهاب:
هي ٻئي مير بايزيد ۽ مير ابو سعيد پوراني جا پٽ ۽ شيخ ميرڪ جا
ڀائٽيا هئا. شيخ عبدالوهاب اعلى خوبين، خاصيتن جو
مالڪ هو ۽ واعظ ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، جنهن جي
ڪري بادشآهن کي هميشه سندن غلطين کان آگاهه ڪندا
هئا. ”جامع فتاوى پوراني“ انهن جو مشهور فقهي ڪتاب
آهي.
انهن ٻنهي بزرگن 990هه ۾ وفات ڪئي.
(3) شاهه قطب الدين بن شاهه محمد طيب:
شاهه صاحب خراسان جي وڏي سادات گهراڻي مان هئا. ترڪمانين جي
فساد کانپوءِ سنڌ اچي بکر ۾ رهيا ۽ هر جمعي تي
مسجد ۾ وعظ ڪري ماڻهن کي هدايت ۽ نصيحت ڏيندا هئا،
سندن وفات 977 هه ۾ ٿي ۽ اها تاريخ ماده ”واعظ“
مان ڪڍي ويئي.
(4) سيد مير ڪلان:
سيد صاحب ڪربلا جا رهاڪو هئا. اتان لڏي اچي قنڌار ۾ رهيا، مرزا
شاهه بيگ جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ هليا آيا ۽
سيوستان جي ڀرسان اچي رهڻ لڳا. سندن گهڻو وقت حضرت
قلندر شهباز جي مزار تي گذرندو هو ۽ عبادت ۽
پرهيزگاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، غريبن مسڪينن جي
مٿي تي هميشه هٿ رهندو هين. پاڻ کي ڪافي اولاد
ٿين، سنڌ جو مشهور مؤرخ مير معصوم به انهن جي
پيڙهي مان ئي هو.
(5) مخدوم محمد فخر پوٽو:
طاهر ۽ باطن جي علم ۾ پاڻ مڃائيندڙ بزرگ مخدوم محمد فخر سنڌ کي
ڪيترائي ڪامل شاگرد ڏنا ۽ وڏي مرتبي ۽ مقام تائين
پهتا.
(6) مخدوم بلاول:
مخدوم بلاول ٽلٽي جا ويٺل هئا. سندن گهڻو وقت خلق خدا کي
اخلاقي، شرعي ۽ روحاني فيض ڏيڻ ۾ گذرندو هو. علم
حديث ۽ علم تفسير ۾ تمام ڀڙ هئا. بزرگن مان هي
پهريون ماڻهو هو جهن کلي عام سنڌ تي ٻاهرين جي
ڪاهه جي مخالفت ڪري شاهه بيگ سان ٽڪر کاڌو. فارسي
۾ تمام سٺي شاعري ڪئي اٿئون، هڪڙي رباعي هتي ڏجي
ٿي.
در را خدا زسر قدم بايد باخت،
سرمايہ اختيار خود مي بايد باخت،
کفر ست بخود نمائي بردن بهـ جهان،
از خويش برون شده شويس مي بايد تاخت.
ذڪر ۽ رياضت کانپوءِ مخدوم بلاول کي جيڪو وقت ملندو هو اهو عوام
جي اخلاقي ۽ معاشي حالت سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ گذاريندا
هئا.
مخدوم بلاول 929 هه ۾ هن دنيا کي الوداع ڪيو. سندن مزار مڪلي ۾
شيخ حماد جمالي جي درگاهه جي پويان آهي.
(7) مولانا عبدالعزيز مروي اڀري:
تاريخ معصومي ۾ آهي ته مولانا عبدالعزيز صاحب دين جي حفاظت خاطر
پنهنجي ٻن پٽن سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪاهان ڳوٺ ۾
پنهنجو مڪتب کوليائين، جتان هزارين شاگردن فيض
پرائي عقلي علمن ۾ پاڻ مڃايو.
(8) قاضي ڏتو سيوستاني بن مخدوم راهو:
قاضي ڏتي جي پنجين پيڙهي جو سلسلو قاضي صدرالدين شاهه سان وڃي
ملي ٿو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد صاحب کان وٺي
پوءِ مخدوم بلاول وٽ حديث ۽ تفسير جي تعليم
ورتائون، مخدوم فخر پوٽي ۽ مخدوم عبدالعزيز هروي
جا شاگرد به رهيا. مرزا شاهه حسن، قاضي صاحب کان
ڪجهه ڏينهن سبق ورتا هئا، تنهن ڪري هو تمام گهڻو
ادب ۽ احترام ڪندو هين ۽ کين امام جار الله زمخشري
چوندو هين. مير معصوم بکري به سندن شاگرد هو. اڄ
باغبان ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ ابدي ننڊ سمهيا پيا آهن.
(9) مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو:
مخدوم متو صاحب مخدوم بلاول جي اعليٰ پائي وارن خليفن مان هو ۽
حضرت ابوبڪر صديق رضه جي اولاد مان هو. علم حديث ۾
پنهنجي دؤر کي وڏو متاثر ڪيائون. سندن ڪتابن ۾ شرح
اربعين، شرح ڪيداني ۽ ڪي ٻيا رسالا مشهور آهن. پاڻ
همايون واري مصيبت جي دؤر ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪيائون.
سندن تاريخ جي وفات ”وارث الانبياءِ“ مان نڪري ٿي.
(10) قاضي قاضن:
ارغون دؤر جي مشهور عالمن ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو، سندن سلسلو هن طرح
آهي ته قاضي قاضن بن ابو سعيد بن قاضي زين الدين
عسڪري بن قاضي قاضن، کين پهرين پيڙهي ۾ لقب قاضي
قاضن ملڻ کان پوءِ هميشه انهيءَ لقب سان سڏجڻ
لڳا. قاضي قاضن جي خاندان مان قاضي ابوالخير سڀ
کان پهريان سنڌ ۾ آيو. قاضي قاضن قرآن جو حافظ هجڻ
سان گڏ، قرات ۽ تجويد، حديث، فقه، تفسير، تصوف ۽
ٻين علمن ۾ وڏو ملڪو حاصل هيو. ڪعبته الله جي ڀلي
پار کان به ٿي آيا هئا. سيد ميران مهدي جونپوري جو
مريد هجڻ ڪري ان دؤر جا اڪثر عالم کيس نه ڀائيندا
هئا، شاهه حسن کيس بکر جو قاضي بڻايو ته وڏي
احتياط ۽ شريعت جي پابندي سان فيصلا ڪيائين. 958هه
۾ سندس وفات ٿي.
(11) قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم:
قاضي عبدالله مخدوم عبدالعزيز هروي جو تربيت يافته هو. درٻيلي
جو رهاڪو هو پر شاهه بيگ جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ
باغبان ۾ اچي مڪتب کوليائين. طبيعت تيز هوندي به
علم ۾ ڪمال درجي تائين پهتل هو. پڇاڙيءَ ۾ گجرات
لڏي ويو ۽ اتان وڃي مديني پاڪ رهيو، جتي دم ڌڻي
حوالي ڪيائين. سندن مشهور خليفن مان شيخ صالح، شيخ
رحمت الله ۽ شيخ حميد هئا.
(12) مولانا مصلح الدين:
علم جو سمنڊ سڏائيندڙ مولانا مصلح الدين ڪجهه عرصو شاهه حسن کي
به پڙهايو. 951هه ۾ اجازت وٺي مڪي پاڪ هليا ويا.
سندن ڪتابن ۾ شرح شمائل نبوي، حواشي تفسير بيضاوي،
شرح منطق فارسي ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور آهن.
(13) شاهه جهانگير هاشمي:
شاهه جهانگير ارغون دؤر جو مشهور شاعر هو، پيءُ طرفان سلسلو
شاهه قاسم انوار ماءُ طرفان شاهه نعمت الله ولي
سان ملندو هو. خراسان مان لڏي شاهه جهانگير سان
جڏهن سنڌ آيو ته شاهه حسن کيس وڏي عزت ڏنس، شاعري
جي فن ۾ وڏي مهارت رکندو هو ان ڪري مثنوي ”تحفته
الاحرار“ جي جواب ۾ ”مظهر الانوار“ لکيائين. سندس
مڪمل ديوان ”ديوان هاشمي“ جي نالي سان موجود آهي.
هي درويش بزرگ ۽ شاعر حج جي ارادي سان ڪيچ مڪران
واري رستي کان وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ڌاڙيلن شهيد
ڪري ڇڏيس.
(14) حيدر ڪلوچ:
حيدر ڪلوچ پنهنجي دؤر جو مشهور ۽ صاحب ديوان شاعر هو. شاهه حسن
جي دؤر ۾ سنڌ آيو ۽ پاٽ ۾ وفات ڪيائين. حيدر ڪوچ
ڏهه هزار کن شعر چيا، جنهن ۾ غزل ۽ قصيدا شامل
آهن. شاهه حسن لاءِ به ڪجهه قصيدا چيائين، مقالات
الشعراءَ ۾ هيٺيان ٻه شعر ڏنا ويا آهن.
چنان طوطي صفت حيران آن آئينہ، رويم،
کہ ميگويم سخن اما نميد آنم چہ ميگويم.
پس ازيب بخاڪ کويت من و عجز بينوائي،
کہ کنم دعاي جانت بهانئہ گدائي.
(15) شاهه حسن تڪدري:
شاهه تڪدري شاهه حسن ارغون جي اميرن مان هو ۽ شعر ۽ تاريخ چوڻ ۾
سند سمجهيو ويندو هو. مير معصوم غلطي سان روضته
السلاطين انهن جي نالي ڏئي ويو آهي، جڏهن ته اهو
فخري هروي جو لکيل آهي.
(16) مولانا فخر هروي:
مولانا فخري تمام کلڻو انسان هو ۽ علم عروض ۽ ضايع بدايع تي
سندس ڪتاب لکيل آهن.
اسان هتي ارغون دؤر جي ڪجهه مکيه عالمن، درويشن ۽ شاعرن جو ذڪر
ڪيو آهي، پر ٻيا به ڪيترائي عالم ۽ ڏاها ان دؤر ۾
سيوهڻ، نصرپور. ٺٽي ۽ بکر ۾ موجود هئا، جن پنهنجي
علم جي روشني سان سنڌ جي انڌيرن کي ضرور ختم ڪيو
هوندو. |