?سٿا ۾ سيد ۽ ڪي بزرگ قسم جا ٻيا ماڻهو پنهنجين سُنهارين کي رنگي ڳاڙهسرو ڪندا هئا. سيد هونئن به سائي ويس پائڻ ڪري سڀني کان الڳ ۽ نرالا پيا نظر ايندا هئا. سندن چوڻ هوندو هو ته اهو رنگ سندن نبي سڳورو ﷺ گهڻو پسند ڪندو هو.

ٽالپر امير جيڪو لباس پائيندا هئا، سو عام رعيت کان انهي ڪري نرالو هوندو هو، جو اهو ملندو مهانگو هو. عام موقعن تي ميرن کي به اهو ساڳيو لباس پاتل هوندو هو، جيڪو سندس اڙد اٽالي کي پاتل ڏسبو هو ۽ اُهي گڊي ۽ ٽوپي ايرانين وارا، گهگها ۽ شلوارون ترڪن جيان پائيندا هئا. اُهي قيمتي لونگيون، ڪشميري شال يا ٻي اهڙي قيمتي شيءِ چيلهه سان سندرو ڪري ٻڌندا هئا، ٻي خاص شيءِ ميرن جي ٽوپي هئي، جيڪا گجرات جي ڪيمخواب ڪپڙي جي ٺهيل هوندي هئي. ۽ منجهس سون ۽ يا چاندي جي تند ڪتب آندل هوندي هئي. ٽين اهم شيءِ تلوار ۽ تلوار وارو پٽو هوندو هو. مٿن سون جو نازڪ ڪم ٿيل هوندو هو. سندس ڍالون به ڏاڍيون سهڻيون هونديون هيون، جن تي به سون جو سنجٽ ۽ سينگار ٿيل هوندو هو. حڪمران چيچ ۾ مُنڊي جهڙو ڳُهه نه پر مُهرون پائيندا هئا ۽ مسلمانن ۾ چيچن منجهه مُهرن پائڻ جو عام رواج هو. سياري جي مُند ۾ زرهه جهڙو ڪوٽ پائيندا هئا، جيڪو تکن رنگن ۾ هوندو هو يا ڊگهي گدي پائيندا هئا، جنهن تي ڀرت جو نهايت سُهڻو ڪم ٿيل هوندو هو. شڪار ڪرڻ مهل اڇا ڊگها ڪپڙا ۽ ڇرڪائيندڙ رنگن واريون ٽوپيون ڪونه پائيندا هئا. انهن بدران گهاٽي سائي رنگ جا ڪپڙا اوڍيندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري وڻن جي سائي رنگ سان هڪجهڙائي رکندڙ هوندا هئا. سفر ڪرڻ مهل ڦاڙهي جي کل مان ايراني نموني تي ٺهيل ڊگها بُوٽ استعمال ڪندا هئا.

حڪمران يا امير ٽوپين کان وڌيڪ پٽڪو پائيندا هئا. ماڻهو ايئن ڏسڻ ۾ ايندا هئا  ڄڻ ڪو انگريز ٽوپلو اندر ئي جُهڪيل هجي. شڪل صورت ۾ ايرانين جي مٿي جي اوڇڻ جيان لڳندو هو. اهڙي قسم جي اڇي رنگ جي پٽ جا يا زربفت جا هوندا هئا. ٻروچ رنگ جا سانورا ۽ مُنهن مهانڊي جا سهڻا ۽ ٺاهوڪا نظر ايندا هئا. اکيون ميگهه ملهار. حڪمران يا امير ٿولهه کي سونهن جي نشاني سمجهندا هئا. سنڌ جو اڳيون حڪمران مير نصير خان سڄي ملڪ ۾ سونهن جو صاحب سمجهيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته هو ايترو ٿلهو هوندو هو جو چُرڻ پُرڻ ۾ لاچار هوندو هو.

هتي پٽ جا قيمتي ڪپڙا اوڍيا ويندا هئا، سي سڀ ملتان ۽ بهاولپور جا جوڙيل هوندا هئا. هتان جي ڪنهن به ماڻهوءَ جو تيستائين لباس ئي پورو نه سمجهبو هو جيستائين چيلهه سان پٽ جو پٽو ٻڌو نه ويندوهو، جيڪو مختلف رنگن جو ۽ ويڪرو هوندو هو.... يورپ جي تيار ڪيل ڌاڳي مان ٺهيل ڪپڙو شاهوڪار پائيندا هئا ۽ جوڙي وارو ڪپڙو غريب غربو اوڍيندو هو ۽ اهي ويچارا انهي ڪپڙي جا هميشه هيراڪ هوندا هئا. هتان جو هر ماڻهو نير جا ٻُڏل ڪپڙا پسند ڪندو هو. ڏاس مان کُرڙ جوڙيا ويندا هئا، جيڪي سين ۾ ڪم ايندا هئا.

عورتن جو عام ويس هڪ انگي هوندي هئي، جيڪا چيلهه تائين مس پهچندي هئي. هيٺ سٿڻ، هڪ ڪپڙو ڳچيءَ سان ٻڌل هوندو هو، جيڪو ٻانهن کان هيٺان اچي ڇاتي ڍڪيندو هو ۽ پُٺي کليل هوندي هئي. مٿي تي هڪ ڊگهي پوتي اوڍي ويندي هئي. جنهن سان سارو تن ڍڪجي ويندو هو. ٻروچ گهڻو ڪري ڪپڙا ڪونه بدلائيندا هئا. ميراڻ ۽ گدلاڻ کي لڪائڻ لاءِ نير مان ٻوڙائيندا هئا.

ٻروچ قبيلن ۾ هڪڙي رسم هئي، جيڪا هوبهو يهودين ۾ آهي: جڏهن ڪنهن عورت جو مڙس مري ويندو هو ته ان عورت سان پنهنجو ڏير پرڻجڻ لاءِ ٻڌل هوندو هو ۽ فوت ٿيل جا وارث ان جا ٻار هوندا هئا. جيڪڏهن پرڻيل عورت ڪنهن سان ڀڄي ويندي هئي. انهيءَ مقصد سان ته جيئن ”شر“ جي پاڙ پٽي سگهجي ۽ پاپ جي پراسچت ايئن ئي ڪري سگهجي ٿي.

قد ڪاٺ ۾ ٻروچ ڊگهو جانٺو ٿيندو هو. ڪڻڪ رنگو، سانورو، نڪ آمي جي ڦار جهڙو، اکيون وڏيون، منهن مهانڊن ۾ سهڻو سگهارو، سدائين ڪُڌي ڪرت جو پيو سوچيندو. وار ڊگها ۽ گهنڊيدار جيڪي ڪُلهن تائين پيا ڏسبا. ڪڏهن وري وارن کي ويڙهي سيڙهي چوٽا ٺاهي ٽڪڻ مٿان اُڻبي ڇڏين. مٿي سان وڏو پٽڪو ٻڌن. سندن  عام لباس اڇو ۽ جوڙي جو هوندو هو. اهو گهڻي پائڻ ڪري پورو ڏسبو هو. چيلهه وٽ سوڙهو، ساريءَ جان تي ڦهڪي بيهندو ۽ مٿان واري پيٽي ڪوٽ، رواج موجب سياري جو کرڙ مان ٺهيل چوغا ڍڪيندا هئا. لباس مٿان پٽي جو سندرو ٻڌندا هئا، جنهن سان هر قسم جا هٿيار پنهوار جهڙوڪ، بندوق، تلوار، ڍال، بارود جون ڳوٿريون وغيره ٻُڌل نظر ايندا هئا. اهي پٽا، بارود واريون ڳوٿريون ۽ ٻيون اهڙيون شيون رنگين ۽ ڏاڍيون سهڻيون لڳنديون هيون. ڇاڪاڻ ته اهي ڌار ڌار رنگن جون هونديون هيون، جن تي مختلف رنگن جي پٽ جو ڀرت ڀريل ڏسبو هو. وٽين سان جهالر پئي جهرڪندي ته ٽئونر به پيا ٽلندا ۽ لمندا هئا.

شهرن ۾ هندو گهڻا نظر ايندا هئا، جيڪي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل هوندا هئا. منجهان ڪي ٻاهران لڏي به آيل هئا. وڻج واپار کين ڇڪي هتي اچي آباد ٿيڻ تي مجبور ڪيو هو........ جڏهن ڏرت ۽ ڏڪار پوندو هو ته پوءِ عام ماڻهو اميرن ۽ جاگيردارن جو ٻني ٻارو ڪندا هئا ۽ کين اجورو جنس جي صورت ۾ ڏنو ويندو هو........... هندو مهانڊن ۾ موڪلڙا ٿين. سرنديءَ وارا وڏن شهرن ۾ شاندار ۽ آرامده جاين ۾ رهندا هئا. باقي هٽ واڻين جا حال اٻالا هئا. بس آڻيون ۽ چاڙهيون وارو حال. يهودين جيان پيا هيري ڦيري ڪندا هئا. سڀئي هندو پراڻا ڦاٽل ڪپڙا پائي پنهنجي ڌن کي لڪائڻ جا جتن ڪندا هئا. هندو عورتون به ڏاڍيون سهڻيون ٿينديون هيون. پر گهڻيون ميريون  ۽ گدليون هونديون هيون. هتان جي مسلمان عورتن کان به وڌيڪ ڇيڳريون. گهر به گند جا ڍير مسلمانن جي گهرن کان به ويل.

مهاڻو الله تي رکي هُتي هتي مهراڻ ۾ ڪاهي پوندو هو ۽ پنهنجو پيٽ دلي تي  اهي سُرت ۽ سچيتائي سان  رکندو هو  جو درياهه جو پاڻي دلي پئجي نه سگهي. پوءِ ڄنگهن ۽ ٻانهن سان پاڻي ۾ ترندو اڳتي وڌندو  ويندو هو. سندس هٿن ۾ ٻه سانگيو پنڌرهن فوٽ ڊگهو لڪڙو هوندو هو،  جنهن ۾ ڄار ٻڌل هوندو هو سندن چيلهه سان ٻڌل سدري ۾ سوئو به هوندو. ڄار سان اٽڪايل ڏوري  به سندس هٿ ۾ جهليل هوندي هئي،  جنهن وسيلي کيس ڦاٿل پلي جو پتو پئجي ويندو هو ۽ پوءِ ان کي سوئو هڻي  دلي ۾ سوگهو ڪيو  ويندو هو، پلي کي گنگا واري پاسي  هلسه چيو ويندو هو، هن سئبل مڇي جي قسم سان تلق رکي ٿو. مهاڻا انگ ۾ گهڻا  هئا، پر نڌر ، ڪنگال ۽ اٻالي طبقي سان لاڳاپيل هئا. مهاڻا ڳائڻ وڄائڻ جي ڌنڌي سان لاڳاپيل  عورتون به هنن جا ڪڙم سان واڳيل هيون، جيڪي  راهه ويندي مسافرن جي ڌياڻ ڇڪائڻ لاءِ پيون لاڏ ڪوڏ ۽ نٽ ناٽ ڪنديون هيون .هي نهايت سانوري ٿئي. مهاڻا کارين، تڏن، ت‍ؤنرين  جا به  واهه جا ڪاريگر هئا، جيڪي درياهه جي وٽن پاسن تي ڦٽل ٻوڙن ڏير، پن ۽ ٻي ڪنهن پڪي گاهه  مان ٺاهيندا هئا. سنڌوءَ  وسيلي واپاري مال لڏڻ ۽ پهچائڻ مهاڻن وسيلي ٿيندو هو.

جيڏانهن درياهه جو وهڪرو مٽبو هو ته مهاڻا پاڻ به لڏي پلاڻي وڃي سندس پاسو وٺندا هئا ۽ اوڏو ئي پنهنجا اباڻا اڏي وانڍين ۾  ٿي ويهندا هئا. جنهن سان سندن  پيٽ گذارو به ڏاڍي سولائي سان ٿي ويندو هو. ڪڏهن  ڪڏهن ته کين ڏاڍو هاڃو به رسندو هو، ڇاڪاڻ ته درياهه اٿل ڪري سندن وسنديون ۽ وانڍيون لوڙهي کڻي ويندو هو. ٻوڏن ۽ اٿل دوران رستا ۽ خشڪي وارا تجارتي گهر به اٿل جي مند ۾ بلڪ بند ٿي ويندا هئا ۽ غريب غربا جيڪڏهن مٿان کان هيٺ سفر ڪندا هئا ته گهڙو کڻي  دريا هه ۾ گهڙي پوندا هئا. چاڙهه جو ڪيڏو به زور هوندو هو پر سنڌي دلي جي آڌار تي تري ويندا هئا. هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين هلندا رهندا هئا. ٻوڏ واري رت ۾ ماڻهو جهوپڙيون، دڙي تي جوڙيندا هئا، جيڪي ويهارو کن فوٽ ڌرتي کان مٿي هوندا هئا. ڪانن مان ٺهيل ان جون پليون به اتي رکندا هئا. جنهن سان ٻيا اناج به بچائي سگهبا هئا....... سنڌوءَ جي ڪنڌيءِ سان آباد ڳوٺاڻن جي ڄمار سنڌوءِ ۾ گذرندي هئي. صبح کان سانجهي تائين سڄو ڏينهن مڇي ڪاڻ آباد ڳوٺاڻن جي ڄمار سنڌوءِ جو جر جهاڳيندا هئا. گهرڌياڻيون وري ڌوتي پوتي ۽ سانجڻ ڪڍ هونديون هيون. باقي ڪتا ۽ ٻار سڄو ڏينهن راند بلي هوندا هئا. لٿيءِ اڀري کان بي خبر هوندا هئا.

هتي ماڻهن کي ڏاڍو نيچ سمجهيو ويندو هو، هي ڏاڍا چست ۽ ڦڙت هوندا هئا، پاڻي ۾ ترڻ ۽ تڙڳڻ جا ڪوڏيا، ڀوڳائي چرچائي به اهڙا جو چئي کڻي چپ ڪر. هنن جهڙي کلمک ته ٻي ذات ٿي ئي ڪانه سگهندي. عورت پنهنجي مرد سان ٻِٽ ڄڻ جمع سان گڏ خميس. ڪڏهن سُکاڻي ٿي پئي ٻيڙي هلائيندي، ڪڏهن اولي سان پئي اوليندي. سندس مرد پيو ڄار اُڇلائيندو ۽ مڇي ڦاسائيندو. وري ننڍڙو ٻار وري ٻيڙيءَ جي شيڪلي يا کوهي ۽ سڙهه وارن رسن ۾ ٻڌل ڄار جي هندوري ۾ پيو لڏندو لمندو.

سنڌوءَ جو پاڻي

مقامي ماڻهو سنڌو جي پاڻي کي صحت بخش سمجهندا هئا. ان کي پيئڻ کان اڳ آٺرائڻ ضروري هوندو هو. ڪي ماڻهو انکي ڦٽڪي سان ته ڪي بادامن سان آٺرائيندا هئا. انهن شين کان سواءِ به جيڪڏهن پاڻي کي ڪجهه وقت ڇڏي ڏبو هو ته پاڻ ئي آٺرجي ويندو هو ۽ مٽي تر ۾ ويهي ويندي هئي ۽ پاڻي اڇو ٻُنگ ٿي پوندو هو. سنڌي پاڻي کي آٺرائي پيئندا ئي ڪونه هئا. سمجهندا هئا ته سنڌو جو پاڻي جيتو ميرو اوترو ڀلو ۽ ساءُ وارو..... سنڌوءَ جو پاڻي عام طور تي ميرو ۽ ٿورو اڇو ٿيندو هو. پاڻي جي ڪيمائي جزن بابت ڊاڪٽر لارڊ گهڻو ڪجهه لکيو هو. سندس چوڻ هو ته: ”پاڻي ۾ چُن ۽ مٽيءَ جو وڏو حصو موجود هجي ٿو. نيل جي پاڻي ۾ لوهه جا جزا ٿين ٿا، پر سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ اها ڳالهه ڪانهي ۽ لوهه نه هجڻ ڪري نيرو نظر اچيvti_encoding:SR|utf8-nl vti_timelastmodified:TR|31 May 2008 04:09:12 -0000 vti_extenderversion:SR|5.0.2.2623 vti_author:SR|HOME-A724474E43\\SALEEM vti_modifiedby:SR|HOME-A724474E43\\SALEEM vti_timecreated:TR|31 May 2008 04:09:12 -0000 vti_cacheddtm:TX|31 May 2008 04:09:12 -0000 vti_filesize:IR|51791 vti_cachedtitle:SR|Sindhi Adabi Board Online Library (History) vti_cachedbodystyle:SR| vti_cachedlinkinfo:VX|H|../../../Index.html H|../../../catalog.htm H|../../../about_library.htm H|../../../sale.htm H|../../../help.html H|../../../contact.html S|../../../header.jpg K|Book_page44.html S|book_menu.html S|aboutbook.htm H|Book_page2.html H|Book_page1.html H|Book_page1.html H|Book_page2.html H|Book_page3.html H|Book_page4.html H|Book_page5.html H|Book_page6.html H|Book_page7.html H|Book_page8.html H|Book_page9.html H|Book_page10.html H|Book_page11.html H|Book_page12.html H|Book_page13.html H|Book_page14.html H|Book_page15.html H|Book_page16.html H|Book_page17.html H|Book_page18.html H|Book_page19.html H|Book_page20.html H|Book_page21.html H|Book_page22.html H|Book_page23.html H|Book_page24.html H|Book_page25.html H|Book_page26.html H|Book_page27.html H|Book_page28.html H|Book_page29.html H|Book_page30.html H|Book_page31.html H|Book_page32.html H|Book_page33.html H|Book_page34.html H|Book_page35.html H|Book_page36.html H|Book_page37.html H|Book_page38.html H|Book_page39.html H|Book_page40.html H|Book_page41.html H|Book_page42.html H|Book_page43.html H|Book_page44.html H|Book_page45.html H|Book_page46.html H|Book_page47.html H|Book_page48.html H|Book_page49.html H|Book_page49.html H|../../../index.html H|../../Main_Catalog.HTML H|../../../Index.html H|../../../catalog.htm H|../../../about_library.htm H|../../../sale.htm H|../../../help.html H|../../../contact.html S|../../../footer.jpg K|Book_page44.html H|mailto:bookinfo@sindhiadabiboard.org vti_cachedsvcrellinks:VX|FHUS|Index.html FHUS|catalog.htm FHUS|about_library.htm FHUS|sale.htm FHUS|help.html FHUS|contact.html FSUS|header.jpg FKUS|Catalogue/History/Book16/Book_page44.html FSUS|Catalogue/History/Book16/book_menu.html FSUS|Catalogue/History/Book16/aboutbook.htm FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page2.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page1.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page1.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page2.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page3.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page4.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page5.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page6.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page7.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page8.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page9.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page10.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page11.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page12.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page13.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page14.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page15.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page16.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page17.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page18.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page19.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page20.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page21.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page22.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page23.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page24.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page25.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page26.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page27.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page28.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page29.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page30.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page31.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page32.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page33.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page34.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page35.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page36.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page37.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page38.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page39.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page40.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page41.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page42.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page43.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page44.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page45.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page46.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page47.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page48.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page49.html FHUS|Catalogue/History/Book16/Book_page49.html FHUS|index.html NHUS|Catalogue/Main_Catalog.HTML FHUS|Index.html FHUS|catalog.htm FHUS|about_library.htm FHUS|sale.htm FHUS|help.html FHUS|contact.html FSUS|footer.jpg FKUS|Catalogue/History/Book16/Book_page44.html NHUS|mailto:bookinfo@sindhiadabiboard.org vti_cachedneedsrewrite:BR|false vti_cachedhasbots:BR|false vti_cachedhastheme:BR|false vti_cachedhasborder:BR|false vti_metatags:VR|HTTP-EQUIV=Content-Type text/html;\\ charset=utf-8 vti_charset:SR|utf-8 vti_title:SR|Sindhi Adabi Board Online Library (History) vti_lineageid:SR|{6C01D63B-9D3E-42C9-AAF3-7E553ADF705D} vti_backlinkinfo:VX|Catalogue/History/Book6/Book_page12.html Catalogue/History/Book6/Book_page48.html Catalogue/History/Book16/Copy\\ (9)\\ of\\ Book_page41.html Catalogue/History/Book6/Book_page44.html Catalogue/History/Book16/Book_page9.html Catalogue/History/Book6/Book_page29.html Catalogue/History/Book6/Book_page8.html Catalogue/History/Book16/Book_page41.html Catalogue/History/Book16/Book_page26.html Catalogue/History/Book16/Book_page5.html Catalogue/History/Book6/Book_page25.html Catalogue/History/Book6/Book_page40.html Catalogue/History/Book16/Book_page1.html Catalogue/History/Book16/Book_page22.html Catalogue/History/Book6/Book_page23.html Catalogue/History/Book6/Book_page6.html Catalogue/History/Book16/Book_page20.html Catalogue/History/Book6/Book_page2.html Catalogue/History/Book6/Book_page21.html Catalogue/History/Book6/Book_page4.html Catalogue/History/Book16/Book_page39.html Catalogue/History/Book6/Book_page38.html Catalogue/History/Book1/Book_page39.html Catalogue/History/Book16/Book_page37.html Catalogue/History/Book16/Book_page35.html Catalogue/History/Book6/Book_page19.html Catalogue/History/Book6/Book_page34.html Catalogue/History/Book6/Book_page36.html Catalogue/History/Book16/Book_page18.html Catalogue/History/Book16/Book_page31.html Catalogue/History/Book16/Book_page33.html Catalogue/History/Book6/Book_page17.html Catalogue/History/Book6/Book_page30.html Catalogue/History/Book6/Book_page32.html Catalogue/History/Book16/Book_page16.html Catalogue/History/Book16/Book_page14.html Catalogue/History/Book6/Book_page49.html Catalogue/History/Book6/Book_page13.html Catalogue/History/Book6/Book_page15.html Catalogue/History/Book16/Book_page12.html Catalogue/History/Book16/Book_page10.html Catalogue/History/Book6/Book_page11.html Catalogue/History/Book6/Book_page45.html Catalogue/History/Book6/Book_page47.html Catalogue/History/Book16/Book_page6.html Catalogue/History/Book16/Book_page8.html Catalogue/History/Book16/Book_page29.html Catalogue/History/Book16/Book_page27.html Catalogue/History/Book16/Book_page42.html Catalogue/History/Book16/Book_page44.html Catalogue/History/Book6/Book_page43.html Catalogue/History/Book6/Book_page26.html Catalogue/History/Book6/Book_page28.html Catalogue/History/Book6/Book_page41.html Catalogue/History/Book6/Book_page9.html Catalogue/History/Book16/Book_page4.html Catalogue/History/Book16/Book_page25.html Catalogue/History/Book16/Book_page40.html Catalogue/History/Book6/Book_page24.html Catalogue/History/Book6/Book_page5.html Catalogue/History/Book6/Book_page7.html Catalogue/History/Book16/Book_page2.html Catalogue/History/Book16/Book_page23.html Catalogue/History/Book16/Book_page21.html Catalogue/History/Book6/Book_page1.html Catalogue/History/Book6/Book_page20.html Catalogue/History/Book6/Book_page22.html Catalogue/History/Book6/Book_page3.html Catalogue/History/Book16/Book_page38.html Catalogue/History/Book6/Book_page37.html Catalogue/History/Book6/Book_page39.html Catalogue/History/Book16/Book_page34.html Catalogue/History/Book16/Book_page36.html Catalogue/History/Book6/Book_page33.html Catalogue/History/Book6/Book_page35.html Catalogue/History/Book16/Book_page17.html Catalogue/History/Book16/Book_page19.html Catalogue/History/Book16/Book_page32.html Catalogue/History/Book6/Book_page16.html Catalogue/History/Book6/Book_page18.html Catalogue/History/Book6/Book_page31.html Catalogue/History/Book16/Book_page13.html Catalogue/History/Book16/Book_page15.html Catalogue/History/Book16/Book_page30.html Catalogue/History/Book6/Book_page14.html Catalogue/History/Book16/Book_page11.html Catalogue/History/Book6/Book_page10.html Catalogue/History/Book6/Book_page46.html Catalogue/History/Book16/Book_page28.html Catalogue/History/Book16/Book_page7.html Catalogue/History/Book16/Book_page43.html Catalogue/History/Book6/Book_page27.html Catalogue/History/Book6/Book_page42.html Catalogue/History/Book16/Book_page24.html Catalogue/History/Book16/Book_page3.html هونديون هيون. اهڙي قسم جون عورتون جتي ڪٿي ڏسڻ ۾ اينديون هيون.

درٻار ۾ ناچ دوران هڪڙي ڏينهن سڄي درٻار سپاهين، اميرن، نوابن سان ڀريل هئي جو تر ڇٽڻ جي جاءِ به نه هئي. مٿان وري آڪڙيل پٺاڻن جو ميڙاڪو به هو. ان سان گڏ هٿياربند درٻاري عملي جي ڪُلهي گيهه جيڪي ٺونٺيون هڻي هڪٻئي کي ڌڪا پئي ڏنائون. حڪمران جي موجودگيءَ جو کين ڪو احساس ئي ڪونه پئي ٿيو. پتو پيو ته ناچ هلي رهيو هو. درٻار ۾ ڪنهن فارسي راڳ جا ٻول ٻُري رهيا هئا ۽ ناچو عورتون ديوان عام ۾ پري ڪٿي ڳائي رهيون هيون.

تور ماپ جو نظام

تور ماپ جو پنهنجو نمونو هوندو هو، جنهن کي خرار سڏبو هو. مڻ جي حساب سان مذڪوره خرار کي وري ڪاسن ۽ ٽوين ۾ ونڊبو هو. جنهن جو جنس موجب اگهه به ڦرندڙ گهرندڙ هو. پٽڙيون شيون وري تور جي حساب سان ڏبيون هيون، جنهن ڪري خرار به گهٽجي وڃي 600 پائونڊ بيهندو هو. زمين جي ماپ پُرهن، گهُنٽن، ۽ جريبن ۾ ٿيندي هئي: پنج پُرهه = هڪ گهُنٽو: 20 گهُنٽا = هڪ جريب؛ ۽ ٻه جريب = هڪ ايڪڙ.

هڪڙو جريب 150 فوٽ هم چورس ماپ جو هو، جنهن جي ڪُل ماپ 22500 فوٽ ٿيندي. هتي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو رائج ڪيل سڪو چالو هو ۽ ان جي جاري ڪيل رپئي کي ڪلدار ڪوٺبو هو. لاڙ ۾ ڪورا ۽ ڪاشاني رپيا به هلندا هئا، جڏهن ته اُتر سنڌ ۾ سهراب شجاولي رپئي جو رواج هو. (15)

سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :43

  

خيرپوري مير

مير سهراب خان ٽالپر

1199هه (1784ع) کان 1246هه (1830ع)

مير سهراب خان پٽ چاڪر خان خيرپور (رياست) جو پهريون حڪمران هو. 1745ع ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم گهر ۾ ئي ورتائين. ٽالپوري ميرن سان گڏ جنگين ۾ شريڪ ٿي پنهنجي بهادري ۽ همت کي مڃرايائين، ۽ پوءِ جڏهن 1784ع ۾ سنڌ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو ته خيرپور جي حڪومت مير سهراب جي حصي ۾ آئي.

احمد آباد (ڪوٽ ڏيجي) جي تعمير:

مير سهراب ڏاڍو ڏاهو ۽ سياسي ۽ فوجي سوچ رکندڙ انسان هو، ان ڪري دشمن کان بچاءَ لاءِ خيرپور کان پندرهن ميل پري احمد آباد ڳوٺ جنهن کي اڄ ڪلهه ڪوٽ ڏيجي سڏجي ٿو، ۾ هڪ ٽڪري تي قلعو ٺهرائي ان تي مورچا ٻڌايائين. اهو قلعو اڄ به موجود آهي.

معيشت جي ترقي لاءِ ڪوشش وٺڻ:

ان زماني ۾ جيئن ته گهڻا ماڻهو زراعت سان واڳيل هئا ۽ ڪڙمت ڪري پيٽ پاليندا هئا،  تنهن ڪري مير سهراب انهيءَ جي واڌاري لاءِ ڪوششون وٺڻ لڳو. اڄ تائين هلندڙ مير واهه به سهراب خان جو ئي کوٽايل آهي.

سوڀون:

مير سهراب ملڪ جو دفاع مضبوط ڪرڻ سان گڏ درياءُ پار افغانين جي علائقي موغلي ۽ بلوچن جي پڙديڪا سان گڏ سکر، نوشهرو، روپاه، شاهه ٻيلي کي به هٿ ڪيو. شڪارپور ۽ اتريان علائقا به سندس قبضي ۾ هئا. اچ جي سيدن جي شڪايت تي سنڌ جي ميرن پنهنجون فوجون بهاولپور جي والي نواب محمد صادق  جي مقابلي لاءِ موڪليون ته هو ڊڄي ڪري ٺاهه ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو ۽ اچ جي سيدن کي رعايتون ڏيڻ سان گڏ ڪوٽ سبزل به ميرن کي ڏنائين، جيڪو مير سهراب جي حصي ۾ آيو.

دنيا کان دور:

مير سهراب پنهنجي وفات کان ڪجهه سال اڳ حڪومت پٽن جي حوالي ڪري پاڻ ڪوٽ ڏيجي  ۾ وڃي ويهي رهيو ۽ اتي 89 سالن جي عمر ۾ 1829ع تي هڪ وصيت نامو لکيائين،  جنهن جا اهم نڪتا هي آهن:

مان ملڪ کي پنهنجي پٽن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ۽ هي وصيت نامو ان ڪري  لکان پيو جيئن منهنجي وڃڻ کان پوءِ هو پاڻ ۾ امن ۽ محبت سان رهن ۽ جهيڙي جهٽي کان پاسو ڪن. ٽالپر حڪمرانن ۽ بلوچ سردارن کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته منهنجي وصيت مطابق هي ملڪ  منهنجي اولاد جي قبضي ۾ رهندو ۽ منهنجي وفات بعد گادي تي وڏو پٽ مير رستم، پوءِ مير مبارڪ ۽ ان کان پوءِ مير علي مراد ويهندو. (هي وصيت نامو 1244هه (1829ع) تي لکيو ويو)

وفات:

لب تاريخ سنڌ ۾ آهي ته مير سهراب تقريباً 47 سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ ملڪ کي ٽن پٽن ۾ ورهايائين، جنهن ۾ ٻه حصا مير رستم، هڪ حصو مير مبارڪ ۽ هڪ حصو مير علي مراد کي آيو.

پاڻ 90 سالن جي عمر ۾ 27 صفر 1246هه (1839ع) تي لاڏاڻو ڪري ويو. هنن مصرعن مان سندس وفات جي تاريخ نڪري ٿي:

(1) طشت ازبام افتاد (2) سخي ولي مير سهراب بود ــ .تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ ۾ سندس اخلاقي خوبين ۽ صفتن جي باري ۾ لکيل آهي ته:

عجب مير مصدوح کامل صفات و داناي زمانہ بود، بلکہ اسم اعظم در جبين نور آگين خود داشت، در ملڪ داري و غريب پروري و قدر شناسي واشراف نوازي و مسافر پروري ضرب المثال عالم توان گفت. (ص 297 ــ 98)

اولاد:

مير سهراب ٻه شاديون ڪيون هيون، پهرين گهر واريءَ مان هيٺيان چار فرزند هيس:

مير رستم خان: ان جي اولاد روهڙيءَ جي ڏاکڻي پاسي اڄ به آباد آهي.

مير غلام حيدر خان: ڪوٽ مير محمد روهڙي تعلقي ۾ ان جا پويان رهن ٿا.

مير مبارڪ خان: ٺٽي ۽ ڪنڌار ۾ مير مبارڪ جو خاندان آباد آهي.

مير چاڪر خان: پير ڳوٺ ڀرسان راهوجي ۾ مير چاڪر جا ڏوهٽا پوٽا موجود آهن.

مير سهراب کي ٻي گهر واري مان صرف هڪ پٽ مير علي مراد خان ڄائو.

 

مير رستم خان

1246هه (1839ع) کان 1262هه (1846ع)

مير رستم خان مير سهراب کانپوءِ خيرپور رياست جو حڪمران ٿيو.

مير سهراب پٽن ۾ رياست جي ورهاست ته اڳ ۾ ئي ڪري ويو پر پوءِ به وفات بعد انهن ۾ اختلاف ٿيندا رهيا. مير مبارڪ جيڪو ڏاڍو چالاڪ ۽ چرب زبان هو مير علي مراد جو جڏهن وزير ٿيو ته مير رستم خلاف هن کي ڏاڍو ڀڙڪايائين. پاڻ ۽ سندس پٽ مير محمد علي، مير فضل ۽ مير علي محمد سڄو ڏينهن مير علي مراد ۽ پنهنجي  لاءِ بلوچ سپاهي ڀرتي ڪندا وتندا هئا ۽ انهن تي مير علي مراد جو پيسو پاڻيءَ وانگر پيا وهائيندا هئا. مير مبارڪ اهڙي طريقي سان آهستي آهستي سون، چاندي، هٿيار، تلوارون ۽ پيسا گڏ ڪندو رهيو پر ڪجهه وقت کانپوءِ اهو ڦاٽ ڦاٽي پيو ۽ مير علي مراد پنهنجن نوڪرن چاڪرن ۽ سامان سڙي سان گڏ وڃي (ڪوٽ ڏيجي) احمد آباد رهيو، پر پوءِ به دشمني جي باهه ڀڙڪندي رهي.

سرداريءَ جي پڳ جيئن ته مير رستم جي مٿي تي هئي ۽ ان پنهنجي سر اختلافن کي ختم ڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر پوءِ حالتون سازگار نه ٿي سگهون.

مير رستم جو انگريزن سان عهد نامو:

مير رستم ملڪ جي پرواهه ڪرڻ بنا انگريزن سان اکيون ٻوٽي عهد ناما ڪندو رهيو.

10 جنوري 1839ع جو عهد نامو:

ان عهد نامي جا هيٺيان شرط هئا:

ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت ۽ مير رستم ٽالپر ۽ سندس پونئرن وچ ۾ هميشه خوشگوار لاڳاپا قائم رهندا، هڪٻئي جا دوست، دشمن ساڳيا رهندا.

انگريز حڪومت خيرپور حڪومت ۽ ان جي حدن جي حفاظت ڪندي رهندي.

مير رستم ۽ ان جي اولاد هميشه انگريزن جي صلاح سان ڪم ڪندا، مير ٻي ڪنهن سردار ۽ حڪومت سان واسطا نه وڌائيندا، جيستائين انگريز حڪومت اجازت نه ڏيندي.

انگرريز حڪومت مير صاحب کي ضرورت وقت فوجي ۽ ٻي مدد عطا ڪندي جيئن سنڌ  جو ماحول سازگار رهي ۽ ڪڏهن به درياءُ کان اورين ڀر مير موصوف جي علائقن، ۽ قلعن تي قبضو نه ڪندي.

امير ۽ ان جا وارث ڪنهن تي ظلم ۽ زيادتي نه ڪندا ۽ جيڪڏهن اهڙو معاملو ٿيو ته ان جو فيصلو انگريز حڪومت ڪندي.

امير ۽ ان جا وارث ڪنهن تي ظلم ۽ زيادتي نه ڪندا ۽ جيڪڏهن اهڙو معاملو ٿيو ته ان جو  فيصلو انگريز حڪومت ڪندي.

مير رستم خان سنڌ ۾ واپارين لاءِ وڌيڪ سهوليتون پيدا ڪندو.

خيرپور جي ميرن ۽ انگريز حڪومت  وچ ۾ دوستي جا لاڳاپا وڌائڻ واسطي ٻنهي جا وڪيل هڪٻئي  پاسي رهندا ۽ انگريز وڪيل کي پنهنجي مرضيءَ سان هر هنڌ رهڻ ۽ مناسب تعداد ۾ محافظ رکڻ جي اجازت هوندي.

هي معاهدو ڪرنل برنس 24 ڊسمبر 1838ع تي لکيو ۽ هندستاني گورنمينٽ جي سيڪريٽري ايڇ ٽارنس 10 جنوري 1839ع ۾ ان تي صحيح ڪئي.

اهو معاهدو پڙهڻ سان چڱي طرح پروڙ پئي ٿي ته انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي ڪهڙي طريقي سان ڪوشش ڪئي پر وڏي حيرت ان مان ٿئي ٿي ته مير رستم ان معاهدي کي ڪيئن قبول ڪيو! انگريزن جي ارهه زورائي جو مثال وري هيٺيون ضميمو آهي، جيڪو انگريزن پوءِ ان عهدنامي ۾ شامل ڪيو.

ضميمو:

جيئن ته انگريز حڪومت عهدنامو ڪري چڪي آهي ته هو خيرپور رياست جي حفاظت ڪندي ۽ درياءُ جي ٻنهي پاسن وارن قلعن تي قبضو نه ڪندي، پر مير رستم ۽ سندس وارث واعدو ڪن ٿا ته جنگ وقت گورنر جنرل هند بکر قلعي جي اسلحي ۽ خزاني خاطر ان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو ته خيرپور حڪومت کي ڪو اعتراض نه هوندو.

(صحيح برنس ايلچي گورنر جنرل ۽ مير رستم خان 24 ڊسمبر 1838.)

سنڌ جي ميرن جا پاڻ ۾ ويڇا وڌڻ:

گذريل ورقن ۾ اسان لکي چڪا آهيون ته حيدرآباد ۾ مير ڪرم علي، مير مراد علي ۽ خيرپور ۾ مير سهراب جيستائين جيئرا رهيا ميرن جو پاڻ  ۾ اتحاد قائم رهيو ۽ انگريزن کي سنڌ ۾ پير کوڙڻ جو موقعو نه ملي سگهيو پر حيدرآباد ۾ مير نور محمد، مير محمد نصير ۽ خيرپور ۾ مير رستم، مير مبارڪ ۽ مير علي مراد حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته انهن جا پاڻ ۾ ئي اختلاف وڌندا ويا ۽ انهن ويڇن ۽ اختلافن جو انگريزن خوب فائدو ورتو جنهن جو تفصيل به اچي چڪو آهي.

انگريزن خراسان کان ناڪام موٽڻ بعد سنڌجي ميرن کان ڪراچي بندر، بکر قلعو ۽ ڪيتو جو مطالبو ڪيو پر سنڌ جا مير لنوائيندا رهيا ۽ ان وچ ۾ خلفشار وڌندو ويو. 22 نومبر 1842ع تي بمبئي جي گورنر خيرپور جي ميرن سان معاهدو ڪرڻ لاءِ  هيٺيون مسودو موڪليو. حيدرآباد جي ميرن سان ٿيل معاهدو گذريل صفحن ۾ اچي چڪو آهي، تنهن ڪري هن ٺاهه جا شرط به پيش ڪرڻ ضروري آهن.

خيرپور جي ميرن سان معاهدو:

4 نومبر 1842ع

ڀونگ ڀيرو پرڳڻو، سبزل ڪوٽ جو ٽيون حصو، ٽڪرو گهوٽڪي جو، ملادر، چونگا، دادولو، عزيز پور ۽ روهڙي ۽ بهاولپور جي وچ  واري ايراضي هميشه نواب بهاولپور کي ڏني وڃي.

سکر شهر، بکر ۽ ان سان گڏيل ٻيا ٻيٽ ۽ روهڙِ انهن شرطن تي جيڪي چارلس نيپئر رکندو، هميشه انگريز حڪومت جي قبضي ۾ هوندا.

انهن عهد نامن  تي عمل ڪرائيندڙ چارلس جو ڪمشنر وڌيڪ ماليات کي انهن عهد نامن مطابق گهٽ ڪرائيندو يا ان  جي عيوض ماليات مطابق ٻي ايراضي ڏياريندو، ۽ مير رستم خان ۽ مير نصير خان سان هن ٺاهه مطابق ايراضيءَ جي ورهاست ۾ سندن نفعي جو خيال رکندو ۽ نقصان جي صورت ۾ بدلو عطا ڪندو.

گذريل عهد نامي مطابق خيرپور جا مير سنڌو درياءُ تي واپارين کي سهوليتون ڏيڻ ۽ حيدرآبادي ميرن جي معاهدي 1839ع تحت اهو تجارتي مال جيڪو ٻيڙين ذريعي انگريز ڇانوڻين ۾ ايندو ان جو محصول نه وٺڻ جا هو به پابند هوندا.

خيرپور ۾ صرف ايسٽ انڊيا ڪمپني جا سڪا ۽ روپيا رائج ڪيا ويندا.

انهن سڪن تي هڪ پاسي کان شاهه انگلينڊ ۽ ٻئي پاسي کان خيرپور جي ميرن جي مرضيءَ جو مواد هوندو.

شرط (4، 5، 6، حيدرآباد جي ميرن سان ٿيل معاهدي وانگر هوندو.

انگريز حڪومت جو انهن پيسن سان ڪو واسطو نه هوندو، جيڪي شاهه شجاع جا مير مبارڪ، سندس پٽن مير نصير، مير مبارڪ ۽ پونئرن ڏانهن رهيل آهن. (4 نومبر 1842 ــ شملا)

منشي عطا محمد شڪارپوري مطابق انگريزن سنڌ جي ميرن سان کوڙ سارا معاهدا ڪيا ۽ انهن جي شرطن سان ميرن کي جڪڙيندا ويا. 1838ع ۾ ٿيل ٺاهه مطابق جيڪڏهن انگريز دوستن رنجيت سنگهه، شجاع الملڪ يا ان جي ٻئي ڪنهن سان ميرن جو معاملو ٿيو ته انگريز حڪومت ان جو فيصلو ڪندي. ان عهد نامي مطابق خيرپور ۽ حيدرآباد سنڌ لاءِ انگريز ريزيڊنٽ رکيو ويو ۽ سکر، شڪارپور جا علائقا انگريزن جي قبضي ۾ ڏنا ويا.

1839ع ۾ مير مبارڪ جي وفات ٿي ته سندس پٽن مير نصير، مير محمد علي، مير فضل، مير علي محمد ۽ مير ولي محمد مان مير نصير خان کي پڳ ٻڌرائي وئي. مير مبارڪ جي وقت ۾ سندس ڀاءُ علي مراد جي صغير هجڻ ڪري ان جي ملڪيت پاڻ سنڀاليندو هو. مير ڪرم جي وڃڻ کان پوءِ مير علي مراد اها ملڪي مير نصير پڳدار کان گهري، مير رستم ان ۾ مير نصير جو ساٿ ڏنو. ڇاڪاڻ ته هڪ ڀيري مير علي مراد، مير رستم جي وزير فتح محمد غوري جي وڃي بي عزتي ڪئي ۽ معاملو وڌيو ته ان جي تحقيقات لاءِ خيرپور جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيلي کي رکيو ويو، جنهن مير علي مراد جي حق ۾ فيصلو ڪيو. پر فيصلي تي اڃا عمل ئي نه ٿيو هو جو راس بيلي جي بلوچستان بدلي ٿي ويئي ۽ ان جي جڳهه تي ميجر اٽرام آيو ۽ ان به ساڳي ئي فيصلي کي قائم رکيو. فيصلو گورنر جنرل کان صحيح ٿي اڃا ٻنهي فريقن وٽ نه پهتو هو ته مير نصير ۽ مير علي مراد سيپٽمبر 1842ع تي جنگي جٿا وٺي نونهار ۾ وڃي جنگ جوٽيائون، جنهن ۾ مير نصير کي هار نصيب ٿي. نيٺ ڳالهين  کانپوءِ مير علي مراد کي (9) نو ڳوٺ ڏنا ويا، جنهن مان ست مير رستم جا ٻه مير نصير ۽ مير محمد خان جا هئا.

مير رستم کي ست ڳوٺ ان ڪري ڏيڻا پيا جو مير نصير طرفان هن جو پٽ مير غلام محمد وڙهندي قيد ٿيو ۽ ان جي آزادي عيوض مير رستم کي اهي ڳوٺ ڏيڻا پيا.

صلح ٿيڻ کان پوءِ به هو ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي تلوارون ڪڍي وڙهڻ لاءِ آتا هوندا هئا.

آخر ۾ مير علي مراد پنهنجي وڪيل علي حسين کي انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ ڪپتان براؤن وٽ موڪليو ته هو وچ ۾ پئي ملڪيتن جي ورهاست ڪري پر هن کٿو جواب ڏيندي چيو ته اهو ڪم توهان ۽ مير رستم جو آهي. پاڻ ۾ ڄاڻو.

انهن ئي ڏينهن ۾ ڪيترائي ٻيا ننڍا جهڳڙا به وڌي وڻ ٿيا. انهن ۾ هڪ هي به هو ته مير رستم کي ٽن زالن مان اٺ پٽ هئا، پهرين مان مير محمد حسين، مير علي اڪبر ۽ مير مريد خان. ٻين مان مير علي مردان، مير شير محمد، مير علي بخش ۽ مير غلام محمد، ٽين زال مان مير دوست محمد خان هو. مير رستم  خان پنهنجي وڏي پٽ مير محمد حسين کي پنهنجو جانشين ڪرڻ چاهيو ۽ بلوچ سردارن به منظور ڪري ورتو پر مير رستم جي ٻين پٽن ان تي ڏاڍي ناراضگي ڏيکاري. مير علي مراد به  پنهنجي ڀائٽين جي حمايت ڪئي، جنهن جي ڪري مير رستم ۽ مير علي مراد جي وچ ۾ اڃا ويڇا وڌي ويا.

نونهار جي جنگ ۽ عهد نامو:

آخر خيرپوري ميرن ۾ جهڳڙا وڌي ڪري وڏي جهيڙي جي صورت ۾ نونهار جي جنگ جو ممڻ مچيو، جنهن ۾ مير علي مراد جا ٻارهن ۽ مير رستم ۽ مير نصير جا سٺ سپاهي مارجي ويا ۽ سپه سالار مير علي محمد، مير علي مراد جي سپاهين هٿان گرفتار ٿيو.

مير رستم کي جڏهن معلوم ٿيو ته پنهنجي پٽ مير مراد علي کي پنهنجي مهر ڏئي مير علي مراد خان ڏانهن اهو چورائي موڪليائين ته ”توهان جيڪو فيصلو ڪيو اهو مون کي منظور آهي، منهنجي مهر حاضر آهي، فيصلو لکي ان تي هڻي ڇڏيو.“ مير علي مراد خان جواب ڏنو ته اصل جهيڙو انهن ڳوٺن تي قبضو آهي، جيڪي والد صاحب منهنجي نالي تي ڪري ويو هو، جيڪڏهن اهي مون کي واپس ڪياوڃن ته پوءِ فساد ڇا جو!

مير رستم وٽ اهو جواب پهتو ته پاڻ قرآن پاڪ کڻي اچي مير علي مراد خان جي لشڪر گاهه ۾ پهتو ۽ قرآن پاڪ تي هٿ رکي اهي ڳوٺ واپس ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. پر اڃا ان عهد کي ٿورو ئي وقت گذريو ته مير رستم واعدي تان ڦري ويو ۽ ڀائٽيي مير نصير سان گڏجي جنگ جون تياريون ڪرڻ لڳو. پر مير رستم جو وڏو پٽ مير محمد حسين، مير علي مراد سان جنگ ڪرڻ کان ڪيٻائڻ لڳو، جنهن تي مير رستم ڌمڪي ڏنس ته جيڪڏهن تون جنگ ۾ شريڪ نه ٿئين ته پوءِ مان مير نصير کي پنهنجو جانشين ۽ ٽالپرن جو سردار بڻائيندس. ان  سان گڏ مير رستم مير علي مراد خان جو ساٿ ڏيندڙ سڀني سردارن جون ملڪيتون به ضبط ڪري ورتيون.

مير علي مراد خان پنهنجي ڀاءُ ڀائٽي جي جنگي تيارين جو ٻڌي سڌو انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ ڪپتان برائون وٽ ويو ۽ اهو عهد نامو ڏيکاري چيائينس ته مير رستم قرآن تي هٿ رکي هي عهد نامو لکيو هو پر اڃا تائين اهي علائقا واپس نه ڪيا اٿئين ۽ وري الٽو جنگ جون تياريون پيو ڪري. مان والده ۽ ڦڦي کي به هن وٽ موڪليو آهي، پر تڏهن به سڌ ۾ نٿو اچي.

ڪپتان براؤن جواب ڏنو ته اهو توهان جو ذاتي معاملو آهي، مان ڪجهه نٿو ڪري سگهان.

مير رستم ۽ مير علي مراد جي ان عهدنامي کي ”نونهار معاهدو“ چيو وڇي ٿو ۽ اهو فارسيءَ ۾ قرآن پاڪ جي چئن خالي ورقن تي لکيو ويو هو. مرزا قليچ بيگ تاريخ خيرپور ۾ اهو هن طرح نقل ڪيو آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org