سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :29

 

شاهجهان جو دؤر

 

6. مرزا عيسيٰ ترخان ثاني:

شاهجهان مرزا عيسيٰ ترخان ثاني پٽ جان بابا کي ٺٽي جو صوبيدار ڪيو، مرزا عيسيٰ جي ماءُ سنڌ جي بهادر ۽ نالي واري قبيلي سميجا مان هئي. مرزا عيسيٰ جي مرڻ جي تاريخ طئي ٿيڻ بعد ڪل عمر زخيرة الخوانين ۾ هڪ سؤ ويهه، ترخان نامي ۾ پنجانوي، ماثر الامراءُ ۾ سؤ سال ۽ مراة محمدي ۾ به هڪ سؤ سال ٻڌائي وئي آهي، ان حساب سان ڄمڻ جو سال ترتيب سان هيٺيون بيهندو.

ذخيرة الخوانين 948هه، ترخان نامو 966هه، ماثر الامراءُ ۽ مراة محمدي 960هه .

پر سيد راشدي صاحب انهن کي صحيح نٿو سمجهي ۽ چوي ٿو ته: مرزا عيسيٰ ترخان اول 973هه ۾ فوت ٿيو، مرزا عيسيٰ ثاني جو والد جان بابا 978هه ۾ قتل ڪيو ويو، ان حساب سان مرزا جي ولادت 974هه مڃيون ته ان جي عمر مرڻ وقت پنجاسي يا ڇاهسي ٿيڻ گهرجي ۽ اهو ئي وڌيڪ بهتر آهي.

مرزا باقي جڏهن 977هه ۾ قتل عام شروع ڪيو ته ست اٺ سال هو سميجن وٽ لڪيل رهيو، 983هه ۾ جڏهن مرزا باقي آپگهات ڪيو ۽ حڪومت جون واڳون مرزا پاينده ۽ جاني بيگ سنڀاليون ته مرزا  جاني کيس وڏي اعزاز سان ٺٽي ۾ آندو ۽ جاگير عطا ڪري پنهنجي ڦڦي جو سڱ ڏنائينس.

ائين لڳي ٿو ته مرزا عيسيٰ ثاني مرزا جاني بيگ جي حڪومت تائين آرام سان رهيو پر جيئن ئي مرزا غازي بيگ ڪرسي تي ويٺو ۽ پراڻن اميرن مثال طور خسرو خان چرڪس سان هن جا اختلاف ٿيڻ لڳا ته مرزا عيسيٰ به خسرو خان سان دوستي ڪري هن جي ڀر وٺڻ لڳو. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري مرزا غازي، خسرو کي ختم ڪرڻ لاءِ اڪيلائي ۾ گهرايو پر مرزا عيسيٰ ثاني خسرو کي اڳ ۾ ئي ان جو اطلاع ڏئي کيس بچائي ورتو.

مرزا عيسيٰ جي اهڙي حرڪت جي خبر جڏهن غازي بيگ کي پئي ته هو ڏمرجي پيو ۽ چيائين خسرو کان اڳ مرزا عيسيٰ جو خاتمو آڻجي جيئن وري ٻيهر ڪنهن کي راز فاش ڪرڻ جي همت نه ٿئي.

ترخان نامي مطابق پوءِ هو ڊپ کان ٺٽو ڇڏي هندستان هليو ويو.

تاريخ طاهري مطابق هو ڊپ کان ٺٽو ڇڏي سميجن وٽ هليو ويو پر نصرپور جي والي سلطان ابوالقاسم جي قيد ٿيڻ بعد سندس سڀ اميدون مٽيءَ ۾ ملجي ويون ۽ هو اڪبر ۾ اميدون رکي هندستان هليو ويو. (ص ــ 239)

ماثر الامراءَ ۾ آهي ته: مرزا جاني جي مرڻ کانپوءِ مرزا عيسيٰ ثاني حڪومت جي لالچ ۾ هيڏانهن هوڏانهن هٿ پير هڻڻ لڳو پر خسرو چرڪس وڪيل، مرزا جي پٽ غازي بيگ کي تخت تي ويهاريو ۽ ان مرزا عيسيٰ کي گرفتار ڪرڻ چاهيو پر هو ڀاڳ سان اتان ڀڄي وڃي جهانگير وٽ پهتو، جنهن کيس دڪن جي حڪومت تي رکيو. ساڳيو ئي بيان شيخ فريد بکري جو به آهي ۽ ماثر الامراءَ ۾ به اتان ئي ورتو ويو آهي. پر راشدي صاحب هيٺين دليلن جي بنياد تي ان روايت کي ناقابل قبول سمجهيو آهي.

سنڌ جا جاگيردار، بادشاهه رکندو هو، خسرو کي ان جا اختيار نه هئا.

اڪبر نامي ۾ آهي ته مرزا جاني جي مرڻ بعد بادشاهه سندس پٽ جي جانشيني جو فرمان ۽ سهڻي سروپاءَ موڪلي.

مرزا جاني بيگ جي وففات 1009هه وقت جهانگير نه پر اڪبر جي حڪومت هئي.

مرزا عيسيٰ ثاني يقين سان اڪبر جي دؤر ۾ ويو هوندو ڇاڪاڻ ته ان جو راوي طاهر نسياني آهي، جيڪو پاڻ مرزا غازي جو همعصر هو ۽ اڪثر واقعن جو اکين ڏٺو شاهد هو.

راشدي صاحب اڪبر نامي مان مرزا عيسيٰ جو اڪبري درٻار ۾ پهچڻ جو سال 1013هه (5 ــ 1604ع) ٻڌايو آهي.

اڪبر جي درٻار ۾ پهچڻ بعد مرزا عيسيٰ ثاني جي باري ۾ صرف ايتري سڌ پئي ٿي ته اڪبر مٿس ڏاڍيون مهربانيون ڪيون ۽ پنهنجي اميرن ۾ شامل ڪيو.

جهانگير پنهنجي دؤر جي ٽيويهن سالن ۾ مرزا عيسيٰ ثاني کي مختلف زمينواريون ڏنيون جيڪي هن ڏاڍي سهڻي نموني سان نڀايون ۽ بادشاهه جي ڪرم نوازين جو حقدار بڻيو.

ترخان نامي ۾ سندس دليري ۽ ڪارڪردگي جو ذڪر هن طرح ڪيو ويو آهي ته:

مرزا عيسيٰ ترخان از کمال جمعيت و  همت وغيرت بغير از بادشاهه بکسي سرفروز نمي آورد، و بہ ارکان دولت توسل نمي جست، لاجرم ارکان دولت در مقام نزاع او بود، او راجا جاهاي سخت و زور طلب تنخواه مي کنند.

مرزا مذکور جمعيت خوب همراهه داشت، ازروي تهور قبول نموده بسر صوبہ کہ ميفت ترددات نمايان نموده بانعام واکرام واضافئہ منصب بي منت عمرو و زيد سر بلندي نموده مي يافت

مڪلي نامه جي حاشين ۾ آهي ته مرزا عيسيٰ جهانگير جي زماني ۾ پنهنجو گهڻو وقت دڪن ۽ گجرات ۾ گذاريو.

1014هه (6 ــ 1605ع) جهانگير جي تخت تي ويهڻ بعد مرزا عيسيٰ کي پهريون پهريون دڪن ۾ رکيو ويو ۽ اتي هن ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما انجام ڏنا تاريخ ڪجهه نٿي ٻڌائي. اٺن سالن جو مرزا جو  عرصو مٽيءَ جي دز هيٺان پيل آهي ۽ 1021هه ۾ جڏهن مرزا غازي گذاري ويو ته خسرو چرڪس صغير مرزا عبدالعلي کي ان جو جانشين بڻايو. جهانگير کي اچي ڊپ ورتو ته سنڌ سرحدي علائقو آهي ۽ خسرو ايرانين جي مدد سان ان کي آزاد نه ڪرائي وٺي سو جلدي ۾ مرزا عيسيٰ کي دڪن مان گهرائي ورتائين.

ذخيرة الخوانين جي صفحي نمبر 286 تي آهي ته :  مرزا عيسيٰ جي حاسدن جهانگير کي چيو ته ان سان ته مرزا جي پراڻي آرزو پوري ٿي ويندي ۽ شاهه عباس صفوي سان ته اڳ ۾ ئي ٺهيل آهي. وري ڪيچ، مڪران ۽ هرمز جي حاڪم سان ڳٽ جوڙ ٿي ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪري ويهندو، جنهن کانپوءِ هن سان نبرڻ  ڏکيو ٿي ويندو.

ماثرا لامراءَ جي روايتبه ساڳي طرح آهي ته:

ان ڊپ کان جهانگير مرزا عيسيٰ بدران ٺٽي جو صوبيدر مرزا رستم صفوي کي ڪري موڪليو ۽ مرزا عيسيٰ کي راڌنپور ۾ جاگير ڏئي موڪليو، پوءِ وري کيس سنڀل جي سرداري ڏني ويئي. توزڪ ۾ آهي هو جڏهن 1024هه تي سنڀل ۾ هو ته اجمير ۾ جهانگير جي خدمت ۾ حاضر ٿي سؤ اشرفيون انعام وصول ڪيائين. (ج 3 ــ ص 480)

ٺٽي جي صوبيداري:

18 ربيع الثاني 1037هه (28 ــ 1627ع) تي جڏهن شاهجهان گادي نشيني لاءِ اچي رهيو هو ته احمد آباد وٽان مرزا عيسيٰ کي ٺٽي جو صوبيدار ڪري موڪليائين ۽ حڪم ڏنائين ته شرير الملڪ (شريف الملڪ) کي قيد ڪري درٻار موڪلي ۽ وڙهي ته قتل ڪري ڇڏي.

مرزا عيسيٰ پنهنجي پٽ مرزا عنايت کي وٺي ۽ اوسي پاسي کان لشڪر گڏ ڪري ٺٽي پهتو. شريف الملڪ به تمام بهادر ۽ پهرين صف وارو سپاهي هو مرزا عيسيٰ سان جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻنهي ۾ جنگ لڳي پر مرزا عيسيٰ مارجي ويو ۽ شريف الملڪ کي پڪڙي روانو ڪيائين. مرزا عيسيٰ کي انهيءَ ڪارنامي تي شاهجهان هڪ لک روڪڙا، نوبت ۽ سندس منصب ۾ هڪ هزاري جو واڌارو آندائين.

ماثر الامراءَ مطابق ڪجهه ئي مهينن بعد شاهجهان 1037هه ۾ مرزا عيسيٰ جي جاءِ تي خواجا باقي خان کي رکيو.

راشدي صاحب مطابق انهيءَ فرمان کانپوءِ شير خواجا ٺٽي پهچڻ ۾ دير ڪئي. 1038هه ۾ مرزا عيسيٰ کيس چارج ڏني ۽ پاڻ وڃي مٿرا جو گورنر ٿيو، جيڪو جاگير ۾ مليو هوس.

10 جمادي الاول 1040هه ۾ مرزا عيسيٰ دڪن ۾ دريا خان جي بغاوت ڪچلڻ لاءِ روانو ٿيو.

1041هه کان 1045هه تائين ايلج پور جو گورنر رهيو. محمد طاهر آشنا مطابق 27 صفر 1045هه ۾ وري سورٿ جاگير ۾ مليس ۽ اتان جو صوبيدار مقرر ٿيو.

12 محرم 1052هه اتان بدلي ڪري گجرات جي صوبيداري ڏني وئي ۽ سندس جاءِ تي پٽ عنايت الله کي رکيو ويو.

وفات:

1060هه 1061هه تي سڄيون زمينداريون پنهنجي پٽ محمد صالح جي حوالي ڪري پاڻ آرام ڪرڻ لڳو، شيخ فريد بکري 1060هه ۾ لکيو ته مرزا توڙي اصل عمر کان وڏو لڳي ٿو پر پوءِ به سندس، ٻڌڻ ڏسڻ، کائڻ پيئڻ ۽ مردانگي جي سگهه ڪنهن ڳڀرو جوان واري آهي.

شاهجهان پنهنجي حڪومت جي پنجويهين سال مرزا عيسيٰ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ 12 محرم 1062هه (1651ع) تي جڏهن هو سانڀر ڳوٺ ۾ پهتو ته دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين، سندس لاش ٺٽي آڻي ڪري مڪلي ۾ پوريو ويو. مرزا جي قبر تي هي ڪتبو لکيل آهي.

چو رحلت کرد از دارفنا آن سرور ترخان،

بہ بستان جنان آسوده شد در منزل اعليٰ،

بپر سيدم چو سال رحلت او از خرد گفتہ،

نموده مرزا عيسيٰ بگلزار ارم ماوا.

1062هه.

مرزا عيسيٰ جا مٿيان حالات اسان راشدي صاحب جي مڪلي نامه جي حاشين، صفحي 237 کان 324 مان ورتا آهن، جيڪي مشڪل سان ٻي هنڌان ملن ها، انهن وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان مرزا عيسيٰ جي زندگي تي مواد گڏ ڪري سنڌ جي تاريخ کي اڃا وڌيڪ شاهوڪار ڪري ڇڏيو آهي.

مرزا عيسيٰ جو زمانو ڪيئن رهيو:

مرزاعيسيٰ صرف نوَ مهينا سنڌ جو صوبيدار رهيو ته پوءِ هو ان مختصر عرصي ۾ ڇا پئي ڪري سگهيو!؟ باقي هو وڏو بهادر، خوددار، عقلمند ۽ اصولن وارو انسان هو. جتي به رهيو پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايائين ۽ سڀني مؤرخن ان جو اعتراف به ڪيو آهي. ترخان نامي جي صفحي 96 تي سندس خوبين جو ذڪر هن طرح ڪيو ويو آهي ته:

مردي خليق و اديب و حليم بربادر، صاحب همت وغيرت، قبيلہ پرور، سپاه دوست، آبادان کار، در جواني کسب کمالات نموده در علوم دستگاهي بهم رسانيده بجميع مکارم اخلاق آراستہ و پيراستہ، شيوه دستگاهي بهم رسانيده بجميع مکارم اخلاق آراستہ و پيراستہ، شيوه عدالت و سخاوت شعار خود داشتہ در شجاعت و دلاوري نظير نداشت.

شيخ فريد بکري زخيرة الخوانين جي صفحي 287 تي سندس سيرت جي باري ۾ لکي ٿو ته:

مردي اسد حريص جملہ کيفها و در سرود و نغمئہ سندهي و هندي قابل است، خود هم در علم نظر و نثر و موسيقي و نواختن سازها دستگاهي دارد، واوقات بہ عياشي و بي غمي مي گزارد.

ماثرالامرا جو مؤلف هن جي باري ۾ چوي ٿو ته:

با آنکہ عمر ميرزا از صد متجاوز بود اما قويٰ از درجہ طبيعي سقوط نيافتہ، باه هم جوانان داشت، و بيسار عيش دوست و شيفتہ مسکرات و دل داده راگ و رنگ بود، در نعمہ خواني و ساز نوازي خالي از کمال نبودي (جلد 3 ــ ص 488)

راشدي صاحب مڪلي نامه جي حاشين ۾ ذخيرة الخوانين ۽ ماثر الامراه جي راءِ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته: ترخان گهراڻي جا سڀ فرمانروا جنهن ۾ مرزا عيسيٰ اول ۽ثاني، مرزا باقي، مرزا پاينده ۽ مرزا غازي علم دوست، شاعر ۽ موسيقي  سان دلچسپي رکندڙ هئا.

مرزا جي ڇاهسي سالن جي زندگيءَ کي ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته جيڪڏهن هو سنڌ ۾ ڪجهه عرصو وڌيڪ رهي  ها ته ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪارناما سرانجام ڏئي ها.

مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ۾ مرزا عيسيٰ کانپوءِ شير خواجه ۽ مرتضيٰ انجو کي ڇڏي ڪري نواب امير خان جو نالو ڄاڻايو آهي پر اسان ترتيب کي قائم رکڻ لاءِ انهن ٻنهي جا حالات پيش ڪيون ٿا.

 

شير خواجا (1037هه):

شير خواجا ۽ باقي خان خطاب رکندڙ سيد بادشاهه خواجا، اتائي سيدن مان هو ۽ اهي خطاب کيس بهادريءَ جي ڪارنامن ڪري مليا هئا ۽ جهانگير جي ويجهو اچڻ بعد مهابت خان سان جنگ ڪرڻ مهل هن سان گڏ هو. جهانگير پنهنجي حڪومت جي پهرين سال ئي هن کي چار هزاري منصب ۽ باقي خان جي خطاب سان نوازي ٺٽي جي صوبيداري عطا ڪئي پر هو 1037هه ۾ ٺٽي روانو ٿيو ته واٽ تي ئي پنهنجي حقيقي منزل ڏانهن هليو ويو.

مرزا حسام الدين مرتضيٰ خان انجو (1037هه کان 1039هه):

        شير خواجا بعد 22 رمضان 1037هه تي مرتضيٰ انجو ٺٽي جو گورنر ٿيو ۽ 1039هه ۾ ٺٽي ۾ ئي وفات ڪري ويو. مظفر شاهجهاني مطابق ٺٽي پرڳڻي جي ويراني مرتضيٰ انجو جي زماني ۾ ٿي.

8. نواب امير خان ابوالبقا (1039هه کان 1041هه):

12 ربيع الاول 1039هه تي ملتان جي حاڪم يمين الدوله جي نائب امير خان کي اتان بدلي ڪري سنڌ موڪليو ويو ۽ هي ٺٽي جو ٽيون سنڌي نسل گورنر هو.

ماثر الامراءَ مطابق هو نواب ابوالقاسم نمڪين جو وڏو پٽ هو ۽ پنهنجي علم، فهم ۽ ڏاهپ ۾ ٻين کان نرالو هو، پيءُ جي وفات کانپوءِ ترقي ڪري جهانگير کان ٻه هزاري، پنج سؤ هزاري ۽ پنج سؤ سوار منصب ۽ يمين الدوله خطاب حاصل ڪري ملتان جي حڪومت تي مقرر ٿيو.

ٺٽي جي گورنري:

مرتضيٰ انجو جي موت بعد 1039هه تي امير خان کي ٺٽي جو گورنر ڪيو ويو. بادشاهه نامي ۾ لکيل آهي ته: شاهجهان کي مرتضيٰ انجو جي موت جو اطلاع مليو ته امير خان جيڪو ان وقت ملتان جي حڪومت تي رکيل هو، جي منصب ۾ اضافو ڪري کيس ٺٽي جي گورنري ڏني.

تحفة الڪرام مطابق شاهجهان امير خان کي ٺٽي موڪلڻ وقت اها تنبيهه ڪئي ته شريف الملڪ جي دؤر وارن اهلڪارن کي سخت سزائون ڏئي پنهنجن عهدن تان لاٿو وڃي. تنهن ڪري امير خان ٺٽي پهچندي ئي انهن همراهن کي پنهنجين نوڪرين تان هٽائي سزائون ڏنيون ۽ ڪڪرالي جي ڄام کي به جنهن شاجهان کي ٺٽي ۾ تڪليف پهچائي هئي، قيد ڪيو. ان سان گڏ شاهجهان سان ٺٽي ۾ ڀلايون ڪندڙ حمل جت ۽ راڻي ڌاريجي کي وڏي عزت سان درٻار موڪليو.

امير خان جو ڀاءُ ميرڪ يوسف  پنهنجي ڪتاب تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ لکي ٿو ته:

هن شهر (ٺٽي) ۾ تمام گهڻا عالم، فاضل، شاعر ڪاتب، خدا پرست ۽ شريعت جا پابند ماڻهو رهن ٿا. سڀئي ڌنڌي ڌاڙي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪرت سان لاڳاپيل آهن، نڪامره ۽ ڪهر قوم کان ڊڄندا آهن، جن جي سردارن کي ترخانن پنهنجي هٿ ۾ رکيو آهي. مغلن به قبضي وقت ڄام هالا، راڻو ۽ عمر کي عارضي عهدا ڏئي ٺٽي جي صوبيدار جي هٿ ۾ رکيو.

امير خان ٺٽي جي ڏنگي قوم ڪهر کي ماري مڃايو ۽ سندس سردار ڄام هالا جي سرڪشي کي ختم ڪيو. ٺٽي جي صوبي چاچڪان ۾ مندره قوم جي ماڻهن به رڻ ٻاري ڏنو هو. گڏوگڏ پاڻ ۾ وڙهندڙ قبيلن سميجا ڪهر، سميجا ساند، سميجا جوڻيجا، سميجا ڪيريا ۽ سميجا دل ۽ سوڍن جي ڪري ماڻهن جو سڪون آرام ختم ٿي چڪو هو، انهن سڀني  کي امير خان سڌو ڪيو ۽ علائقي ۾ امن امان قائم ڪيو.

چاڪر هالا جي سرڪار به سڌارا آندائين پر 1041هه ۾ هتان بدلي ڪيو ويو.

جونا ڳڙهه بدلي:

1041هه (1631ع) تي شاهجهان ٺٽي کان بدلي ڪري امير خان کي جونا ڳڙهه ۾ رکيو. ماثر الامرا ۾ آهي ته 46 ــ 1045هه ۾ جڏهن شاهجهان دولت آباد کان گادي واري هنڌ موٽي رهيو هو ته دڪن جي علائقي بيڙ جي حڪومت تي امير خان کي رکيائين.

سيوهڻ جي صوبيداري تي:

شاهجهان جي چوڏهين سال 1051هه تي (42ــ 1641ع) ۾ امير خان کي سيوهڻ جي صوبيداري ڏني وئي. بادشاهه نامي ۾ آهي ته:

امير خان ولد قاسم خان نمکين بخلعت واسپ و خدمت ضبط سيوستان از تغير قزاق خان سر برافراخت.

ٺٽي تي ٻيهر حڪومت ڪرڻ:

هڪ سال سيوهڻ ۾ گذارڻ کانپوءِ امير خان کي ٻيهر ٺٽي بدلي ڪيو ويو. شاهجهان نامي ۾ اها تاريخ 4 ربيع الاول 1052هه ٻڌائي وئي آهي.

ٺٽي جي شاهجهاني جامع مسجد جيڪا اڄ به سياحن جي نظرن جو مرڪز ۽ هر اک لاءِ ڏسڻ وٽان آهي، اها امير خان پنهنجي هن ٻين دؤر ۾ اڏائي. 1054هه ۾ مسجد ٺهڻ شروع ٿي 1057هه تائين جڙي راس ٿي ۽ نوَ لک خرچ آيو. امير خان جي دور جو ڪتبو اڄ به مسجد ۾ لڳل آهي:

نديده چشم فلڪ مسجدي بدين خوبي،

کہ آمدند ملايڪ براي ديدن فيض،

بجستم از خرد و عقل سال تعميرش،

بديده کرد اشارت کہ ”هست معدن فيض“

1054هه

امير خان ٻيون به ڪيتريون ئي ٺٽي ۾ مسجدون ٺاهرايون.

امير آباد:

امير خان پنهنجي صوبيداري جي پهرئين دؤر ۾ ٺٽي ۾ امير آباد جي نالي سان هڪ شهر به ٺهرايو، اڄ به جامع مسجد ڀرسان امير خاني پاڙو اتي موجود آهي.

وفات:

امير خان ابوالبقا سؤ سال کان مٿي زندگي گذاري 1052هه (43 ــ 1642ع) تي ٺٽي ۾ وفات ڪري ويو.

ماثر الامراءَ مطابق امير خان روهڙيءَ ۾ پنهنجي خانداني قبرستان صفئه صفا ۾ پنهنجي پيءُ جي ڀرسان پوريل آهي، پر تحفته الڪرام سندس قبر مڪلي ۾ ڄاڻائي آهي. انهيءَ ئي بنياد تي مسٽر هنري ڪزنس پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: نواب خليل خان جي مقبري ڀرسان هڪ محراب ٽٽل پراڻو مقبرو موجود آهي، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهو امير خان جو آهي، جيڪو 38 ــ 1037هه ۾ ٺهيو.

تحفة الڪرام جي حاشين ۾ نئين تحقيق جي روشني ۾ امير خان کانپوءِ ٺٽي جا هيٺيان گورنر ڄاڻايا آهن:

9. يوسف محمد خان تاشقند:

امير خان بعد 1041هه ۾ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ 1045هه تائين رهيو. پوءِ بکر فوجدار ٿي بدلي ٿي ويو.

ان بعد دولت خان، خواص خان مئي 1045هه کان 1050هه پنهنجي وفات تائين، غيرت خان خواجا ڪامگار 1050هه ۾ ٻه ٽي مهينا صوبيدار رهي ڪري گذاري ويو، مغل خان 1050هه کان 1052هه تائين نواب امير خان وري ٻيهر 1052هه کان 1057هه پنهنجي وفات تائين، مغل خان بن زين خان ڪوڪا 1057هه کان 1060هه تائين، عالمگير 1059هه کان 1062هه تائين رهيو پر ٺٽي نه آيو ۽ مغل خان ئي ڪم ڪندو رهيو. سعيد خان 1061هه، جعفر خان عمدة الملڪ 1061هه، مغل خان بن اعظم خان 1061هه، سردار خان شاهجهاني 63 ــ 1062هه تي هڪٻئي پويان ٺٽي جا صوبيدار ٿيندا آيا پر تحفة الڪرام انهن جي ذڪر کان خالي آهي ۽ نواب امير خان کانپوءِ نواب مظفر خان جهانگير (مير عبدالرزاق (معموري) جو احوال ڏنو اٿائين.)

10. مير عبدالرزاق معموري:

ماثر الامراءَ مطابق هو معمور آباد جي سيدن مان هو. سندس وڏا هندستان آيا ۽ مير پنهنجي صلاحيتن جي ڪري اڪبري عهد ۾ بنگالي لشڪر جو فوجي خزانچي مقرر ٿيو. جهانگير کي جڏهن بادشاهي ملي ته مير عبدالرزاق کي مظفر خان خطاب ڏئي مالوي جو صوبيدار ڪيو پر شاهجهان کيس ان عهدي تان لاهي ڇڏيو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو.

تحفة الڪرام جي اردو ترجمي جي صفحي 298 تي آهي ته مير عبدالرزاق معموري جيڪو  لوڌي خان کانپوءِ ترخان خاندانجي حاصل ڪيل پرڳڻن جو امين ۽ خسرو خان بعد انهن امانتن کانسواءِ کيس ٺٽي جي زمينداري به ملي. ٺٽي جي گودري بازار ۽ خضري جامع مسجد ان جي يادگار آهي، جنهن کي پنهنجي امين هجڻ واري دؤر 1017هه ۾ ٺهرايائين.

”لب تاريخ سنڌ“ مان سندس گورنريءَ جو دؤر 1049هه کان 1055هه معلوم ٿئي ٿو.

10. سيد ابراهيم بن بايزيد بخاري:

تحفة الڪرام ۽ لب تاريخ سنڌ ۾ آهي ته مير عبدالرزاق کانپوءِ 1055هه سيد ابراهيم بخاري ٺٽي جو گورنر ٿي آيو.

لب تاريخ سنڌ ۾ سيد ابراهيم کانپوءِ لعل خان جو ذڪر اچي ٿو، جيڪو 1057هه م ٺٽي جو گورنر  ٿيو، پر حقيقت ۾ اهو مغل خان آهي، جيڪو ڪتابت جي غلطي سان لعل خان ٿي ويو آهي.

11. نواب مغل خان:

مغل خان 1057هه ۾ ٺٽي جو گورنر ٿي آيو ۽ ڇهن سالن تائين رهيو. ماثر الامرءَ مطابق جهانگير کيس هڪ هزاري ۽ پنج سؤ سوار منصب سان نوازيو. شاهجهان کيس ڪابل جو قلمدار ڪيو.

تحفتہ الڪرام ۾ آهي ته 1059هه ۾ ٺٽو شهزادي اورنگزيب کي مليو. بکر ۽ سيوستان به ڪن شرطن آڌار کيس ڏنا ويا، ان کان اڳ ملتان به اورنگزيب کي پگهار طور مليو هو. تنهن ڪري اصولن آڌار انهن صوبن جا گورنر به سندس ئي حڪم هيٺ هئا. عالمگير جي سنڌ ۾ صوبيداري جا حالات ”تذڪره امير خاني“ مان ڏيون ٿا.

12. عالمگير جي سنڌ ۾ صوبيداري:

امير خاني تذڪري جي صفحي 346 ۾ راشدي صاحب مقدمات رقعات عالمگير جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: جڏهن عالمگير بلخ ۽ بدخشان جي مهم کان موٽ وقت اٽڪ ۾ هو ته کيس شاهجهان طرفان 29 صفر 1058هه تي ملتان جي گورنريءَ جو فرمان مليو، ٻئي سال 1 ذوالحج 1059هه تي وري سنڌ جو صوبو عطا ڪري بکر ۽ سيوهڻ جي جاگير به ڏني وئي. 12 رمضان 1066هه تائين يعني اٺ مهينا ٻارهن ڏينهن هو. ٺٽي جو صوبيدار ۽ بکر ۽ سيوهڻ جو جاگيردار رهيو.

عالمگير جا نائب:

عالمگير جي صوبيداري وقت مغل خان ڪوڪو پٽ زين خان ڪوڪو نائب جي حيثيت ۾ هتان جا انتظام سنڀاليندو رهيو، جيڪو امير خان کانپوءِ ٺٽي جو صوبيدار ٿي  آيو هو ۽ ان پنهنجي طرفان بکر تي عبداللطيف فوجدار ۽ مير باقر ديوان کي رکيو. عالمگير سنڌ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي پاڻ ملتان ۾ رهندو هو.

سنڌ ۾ بي چيني:

شاهجهان جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ سندس پٽن ۾ اقتدار جي جنگ ڇڙي وئي، جنهن سان مرڪز ته ڪمزور ٿيو ئي پر صوبن ۾ به آزادي لاءِ جدوجهد هلڻ لڳي. سنڌ ۾ ارغونن جي دؤر ۾ اهڙو جذبو اڀريو هو، جنهن کي اڪبر ۽ جهانگير دٻائي رکيو هو پر هاڻي وري اهو نئين سر جاڳڻ لڳو.

شاهجهان اهڙي صورتحال ڏسي عالمگير کي سنڌ جي صوبيداري ڏني ۽ ان پنهنجي صوبيداري واري زماني ۾ جيڪي ڪوششون ورتيون انهن جي خبر سندس شاهجهان کي لکيل خطن مان پوي ٿي. هڪ خط ۾ هو لکي ٿو ته:

قبل ازين اين مريد بوسيلہ، عرضداشت بعرض اقدس رسانيده بود کہ چون متمردان نهمردي و جوکيہ کہ در کوهستان ولايت تهتہ مي باشند، صوبيدارن سابق را اطاعت واقعي ننموده، پيوستہ براه زني و فساد روزگارمي گزرانند ملڪ حسين باجمعيتي کہ همراه داشت بہ تنبيہ و تاديب آنها رفتہ است، درين ولا از عرضدارشت او  و واقعہ نويس آنجا ظاهر گشت کہ مومي اليہ با همراهان از سرحد تتہ بده منزل بہ کاهره و بيلہ کہ گرعز گاه قبائل نهمردي و جوکيہ است، رفتہ، خطبہء دولت و اقبال بنام نامي واسم سامئي آنحضرت بلند آوازه ساخت، و درآن، مکان هارون و کهترتل برادر کانبهودي سرداران نهمردي، و مريد سرگروه جوکيہ بقدم انقياد و اطاعت آمده پيش کش قبول کردند. جعفر نهمردي خويش مان سنگهه زميندار پنجور کيچ و مکران از قبل، او وپسران علي دکارني کہ عمده آن مرزبوم است، و حاجي رونجها و جام جمعہ اعيان آن سر زمين کہ از عهد مکام ترخانيہ تا حال رجوعي نداشتند، سر انقياد بخط فرمان نهاده بده نام نهمردي متعلقہ کوهستان ولايت قندهار کہ سر حلقہء مفسدان آن ضلع است، و از سرحد خود گزشتہ بقصد دست اندازي بجانب کاهره و بيلہ آمده بود، از وصول لشکر نصرت اثر بکوه نگار فرار نمود، بنا برآن ملڪ  حسين و جمعيتي از سپاه را براهبري زميندار آن حدود بتاديب او فرستاده آنها شب درميان هفتاد کرده ايلغار کرده برسر بنگاه او رفت، سردار بجنگ پيش آمده با توابع خويش طعمہء تيغ خون آشام گرديد، و چهل  و چند کس بادختر او اسير کردند، و سپاه نصرت قرين اسيران و مواشي را گرفتہ مظفر و منصور بلشکر گاه مراجعت نمودند، درين اثنا مان سنگهه مذکور و کلاء فرستاده نوشت کہ در پنجور کيچ و مکران نيز خطبہء جهانباني بنام اعلي حضرت خاقاني سامعہ افروز گشت، و چون باقبال بي زوال پير و مرشد جهانيان چنين فتحي دست داد، لشکر منصور از آن نواحي بصواب نمودم.

هڪ ٻي خط ۾ عالمگير، شاهجهان کي سنڌ جي باري ۾ لکيو ته:

قبلہء دين و دنيا سلامت!

ستاهالہ ولد زميندار ککرانہ کہ بربنموني توفيق  ملڪ حسين را ديده بود، درين وقت کہ بجهت اصلاح حال حال خود روانہء  ملتان شد، گاهيہ مقهور برادر اوکہ در سرحد کيچ بسرمي برد، از روئي حسد و اغوائي زميندار آنجا جمعيت فراهم کرده پر گنہء مذکور در آمده مي خواست دست اندازي نمايد، بندهاي درگاه والا خصوصاً پسران امير خان، ضياء الدين يوسف و ابوالمکارم و جمعي از سپاه کہ ملڪ حسين براي احتياط شهر گزاشتہ بود، با غراٻها و توپ خانہ بقصد دفع آن مخذول شتافتند، و اوتاب نياورده راه ادبار پيش گرفت، بمومي اليہ تاکيد نموده شد کہ درقلع ماده فساد آن مقهور اهتمام تمام بکار برد.

راشدي صاحب جي خيال مطابق عالمگير جي انهن خطن مان ڪيئي تاريخي سچايون سامهون اچن ٿيون:

1. سنڌ ۾ آزادي جي جدوجهد ارغونن جي شروعاتي دؤر کان وٺي هلي، اڪبر ۽ جهانگير جي دؤر ۾ ڪجهه دٻيل رهي پر شاهجهان جي آخري دؤر ۾ سڀ جا سڀ قبيلا متحد ٿي وڙهڻ لڳا.

2. انهن خطن جي معاملي مان اها حقيقت به واضح ٿئي ٿي ته سنڌي مغل دؤر ۽ ان کان اڳ ۾ به ڌاري حڪومت کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا هئا، جنهن جي باري ۾ عالمگير ترخاني دؤر جو مثال ڏنو آهي.

3. خط مان اها خبر به پوي ٿي ته سندس دؤر کان اڳ جيڪي به صوبيدار آيا اهي ناڪام ٿيا.

4. شاهجهان، عالمگير کي ملتان سان گڏ سنڌ جي حڪومت ان ڪري ڏني ته جيئن مغلن خلاف اتي هلندڙ تحريڪن ۽ بغاوتن کي ڪچلي سگهجي، جنهن ۾ اڳلا صوبيدار ناڪام ويا.

عالمگير جي هڪ خط مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته شاهجهان کي سنڌ ۾ ٿيندڙ لٽ مار ۽ خونريزي جي خبر پئجي ويئي  هئي، جنهن جي ڪري عالمگير کان پڇاڻو ڪيائين ۽ علامگير جواب ۾ لکيو ته:

قبلہ عالميان سلامت ــــ

آنچہ از تعدي ملڪ حسين بعرض اقدس رسيده، محض افترا است درين يڪ سال کہ صوبہ مسطور تعلق باين مريد داشت مومي اليہ از متمردان ودزدان معترض حال احدي از رعايا نگشتہ و درين مدت برگز چيزي ازين مقولہ بر اين مريد ظاهر نہ شده، والا آنچہ از پير و مرشد حقيقي ارشاد يافتہ او را تاديب نموده نمي گزاشت کہ مرتکب جورو تعدي گردد غالباً اهل غرض حقيقت رابتفاوت معروف داشتہ اند.

سنڌ جي ساوڪ ۽ خوشحالي:

ائين لڳي ٿو ته عالمير جي سنڌ ۾ صوبيداري وقت هتي هر هنڌ ميون، ڀاڄين ۽ ٻين شين جي ڪثرت هئي، جتي ڪٿي وڻ،ٽڻ ۽ باغ باغيچا هئا، ان ڪري عالمگير هتان ڪي ميوا شاهجهان ڏانهن سوکڙيون ڪري موڪليا، جنهن ۾ سيوهڻ۽ بکر جا هنداڻا به شامل هئا، جيڪي قابل جي هنداڻن جيترا لذيذ هئا.هڪ خط ۾ هو شاهجهان کي لکي ٿو ته:

بحکم جهان مطاع بصد دره پيوستہ کہ: انار بيدانہ تتہ کہ کمترين مريدان بدرگاه سلاطين پناه، ارسال مي دارد بہ از انار جلال آباد است، ازين نويد مسرت افزا خوش وقت و مبتهج گشت.

خربوزه بهکر اگرچہ امسال در زبوني بخربوزهء کابل نزديڪ است، اما آنچہ بفدوي مير سد ازروي عقيدت بحضور سراسر سر درمي فرستد.

پَڳ جي ڪَپڙي جو تحفو:

هڪ خط ۾ عالمگير ٺٽي ۾ ٺهندڙ پڳ جو ڪپڙو شاهجهان ڏانهن موڪليو ان جي باري ۾ لکي ٿو ته:

حکم اقدس پيرايئہ و رود يافتہ کہ چيرهاي، چهيت تتہ کة اين مريد فرستاده بود مستحسن افتاد، از همان جنس ديگر نيز موصول دارد . . .. چند تهان چيره درين ولا از تتہ رسيده است، اماچون کار بستہ مانده بود سعادت خود دانستہ متعاقب ارسال خواهد داشت.

اورنگا بندر:

امير خاني تذڪري ۾ آهي ته عالمگير جڏهن سنڌ جو صوبيدار هو ته 16 ــ 1060هه  جي وچ ۾ اورنگابندر جي نالي سان هڪ بندرگاهه ٺهرايو، جيڪو غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت تائين آباد رهيو.

12. ظفر خان:

تحفة الڪرام ۾ آهي نواب مغل خان کانپوءِ 1062هه ۾ خواجه ابوالحسن تربتي جو پٽ خواجا احسن الله ظفر خان ٺٽي جو نائب گورنر ٿي آيو.

جهانگير جي تخت نشيني جي اوڻيهين سال خواجه ابوالحسن کي جڏهن ڪابل جي صوبيداري ملي ته هي ان جو نائب ٿيو، شاهجهان جي ٻي سال پنهنجي پيءُ سان گڏ جهجهار سنگهه کي پڪڙڻ ويو، شاهجهان جي تخت نشيني جي ٽين سال پنهنجي پيءُ سان گڏ ناسڪ، تربنڪ ۽ سنگمير ۾ مقرر ڪيو ويو، شاهجهان جي پنجين سال ڪشمير جو نائب ڪري موڪليو ويو ۽ پيءُ جي وفات بعد اتان جو مستقل صوبيدار ٿيو.

شاهجهان جي ڏهين سال شاهي حڪم تي ظفر خان تبت (خورد) فتح ڪيو.

شاهجهان جي يارهين سال تبت جي مرزبان سان گڏ شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو.

شاهجهان جي ٻارهين سال ڪشمير جي حڪومت کان لهي خان دوران نصرت جنگ سان گڏ هزاجات جي ڪڍ ويو.

شاهجهان جي پندرهين سال تربيت خان جي بدلي ٿيڻ بعد ٻيهر ڪشمير جو صوبيدار ٿيو.

شاهجهان جي ڇويهين سال سردار خان جي وفات کانپوءِ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو. تحفة الڪرام ۾ آهي ته: شاهجهان جي 29 سال جڏهن 1065هه تي ٺٽي جي حڪومت دارا شڪوه جي پٽ سپهر شڪوه کي ڏني وئي پر اورنگزيب حڪومت تي ويٺو ته سندس چاليهه هزار ساليانو وظيفو مقرر ڪري ڇڏيو ۽ هو گهر ۾ ويٺو رهيو.

اورنگزيب حڪومت جي ڇهين سال 1073هه ۾ ظفر خان لاهور ۾ گذاري ويو. ظفر خان شڪل ۽ صورت جو موچارو هوندي به عقل ۽ ڏاهپ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، قد بندرو هيس ۽ شاعرن جو ڏاڍو قدردان هو. جنهن جي ڪري صائب تبريزي ڪيتري عرصي تائين هندستان ۾ رهيو پيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org