سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :9

مولانا عبدالڪريم چشتي

 

مولوي غلام رسول عرف محمد هاشم

”هاشم“ مرحوم شڪارپوري

 

سنڌ جي سرزمين هميشہ کان علم و ادب جو سرچشمو رهندي پئي آئي آهي، جنهن انهن اعليٰ بزرگ هستين کي وجود ۾ پئي آندو آهي، جن پنهنجي علم ۽ حڪمت جي وسيلي اُهي اُهي ڪارناما ڪيا، جيڪي رهنديءَ دنيا تائين قائم رهندا: مولوي غلام رسول صاحب به انهن مان هڪ بزرگ هستي هئي. سندن سڄو نالو مولوي غلام رسول ولد خليفو پير محمد هو. مولوي صاحب جن حضرت رئيس العارفين خواجه امين شاهه چشتي عليہ رحمة جي وڏي خليفي مولانا حافظ صاحبڏني صاحب چشتيءَ جا پڙپوٽا هئا.

مولوي صاحب جي ولادت تاريخ 3 مارچ 1863ع تي شڪارپور ۾ ٿي، ۽ پنهنجي سموري حياتي اتي ئي گذاريائون. سندن ٻاراڻي وهيءَ بابت ڪو خاص احوال نٿو ملي؛ البت جڏهن سمجهه ڀريا ٿيا، تڏهن قرآن پاڪ پڙهڻ شروع ڪيائون، ۽ پوءِ قاضي سيد بهادر علي شاهه لودين، جيڪو حضرت خواجه سيد محمد گيسو دراز چشتي قدس سره جي اولاد مان هو، انهيءَ صاحب جي شاگرديءَ ۾ آيا، جنهن صاحب کين فارسيءَ جي تعليم ڏني. مولوي صاحب چشتي ۽ صابري طريقت جي سلسلي ۾ منسلڪ هئا، ۽ پنهنجي استاد قاضي سيد بهادر علي شاهه ۽ حضرت مولانا خليفي پير محمد چشتيءَ جي مريدي اختيار ڪيائون.

مولوي صاحب جي طبيعت جو لاڙو دنياوي ڳالهين ڏانهن بلڪل ڪونه هو، جنهنڪري تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ شڪارپور ۾ نواب سخي مدد خان مرحوم جي مشهور جامع مسجد جا امام ۽ خطيب ٿي رهيا. سندن زبان ۾ ڏاڍي شيريني هوندي هئي، جنهنڪري سندن وعظ ڏاڍو اثرائتو ۽ زوردار هوندو هو. تنهن کان سواءِ پاڻ حڪمت جو ڪم به ڪندا هئا جنهن جي ڪري پڻ پري پري تائين مشهور هئا. مولوي صاحب هڪ وڏو عابد ۽ عالم شخص هو. پنهنجي سموري حياتي ذڪر الاهي، تلاوت قران پاڪ ۽ درس و تدريس ۾ گذاريائين. پاڻ ٽي شاديون ڪيائين، جن مان پنج فرزند پيدا ٿيا. سندن وڏي فرزند جو نالو ميان شهاب الدين چشتي آهي، جيڪو شڪارپور جي هفتيوار سنڌي اخبار ”شهباز“ جو مالڪ ۽ ايڊيٽر آهي. مولوي صاحب 63 ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 27 جون 1926ع تي وفات ڪئي.

مولوي صاحب کي علم و ادب سان پڻ چڱي دلچسپي هئي. پند و نصيحت تي سنڌيءَ ۾ ٽي ڪتاب ”تنبيہ المسلمين“، ”معراج نامه“ ۽ ”ميلاد نامه“ تصنيف ڪيا اٿن. انهيءَ کان سواءِ هڪ ڪلام جو ڪتاب نالي ”مجموعه ڪلام ’هاشم‘“ پڻ يادگار ڇڏيو اٿن، جنهن ۾ سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي ڪلام موجود آهي. سندن تخلص ”هاشم“ هو، ”مجموعه ڪلام هاشم“ مان مثال طور ٻه فارسي غزل ڏجن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته مولوي صاحب علم عروض ۾ ماهر هو ۽ فارسي زبان تي چڱي دسترس حاصل هيس.

دلم کز شوقِ عشقِ يار شد مست،

تنم از مهر آن دلدار شد مست.

ازين ميخانہء پاڪان چشيدند،

حبيب و مالڪِ دينار شد مست.

ازين ميخان چشيده جرعه مقصود،

انا الحق گفته و بر دار شد مست.

بگر ديدم همه گلزارِ عالم،

به نظرِ من همه گلزار شد مست.

اگر پرِسي تو از ”هاشم“ حقيقت،

ازين مَي خفته و بيدار شد مست.

 

روز و شب طالبِ خدا مي باش،

بغم و درد مبتلا مي باش.

پنجگانه گذار مخلص وار،

هم گهي دلفگار مي باش.

”هاشما“ گر تو رستگار شوي،

قاصدِ بيتِ رب خود مي باش.

چون شوي فارغ از مناسڪ او،

ذاهبِ روضهء نبي مي باش.

روضهء ديده بگو تو اي احمد،

سرورا دستگير من مي باش.

حاميم جز تو نيست [هيچ] مرا،

شافعا شافعِ حشر مي باش.

”هاشما“ نيست هيچ غم دل را،

چو تو مردم بيار خود مي باش.

 


 

مولانا دين محمد ”اديب“

 

مرحوم مولانا الهه بخش مهيسر

مولانا مولوي الهه بخش مرحوم، ولد وڏيرو عمر، مهيسر، زميندار، ڳوٺ پپري تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ جا بزرگ هئا. سندن ولادت جي تاريخ جي ڪا خبر نه آهي؛ البت سندن وفات غالباً 1346 هجريءَ ۾ اٽڪل چاليهن سالن جي عمر ۾ ٿي، ۽ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 1306 ۾ تولد ٿيا هوندا.

مولوي الهه بخش مرحوم پنهنجي ڳوٺ پپريءَ ۾ مولانا عبدالرحمان فيروزشاهيءَ کان علم حاصل ڪيو. کين ڪماليت کي رسڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. مسائل جي تحقيق ۽ ڪتابن جي مشڪل مقامات جي حل ڪرڻ جي ولولي سان مولوي صاحب کي مطالعي جو به بيحد شوق هو. موصوف، مولوي ٿيڻ کان پوءِ، مولانا همايوني ۽ مولانا مير محمد نورنگيءَ کان به ڪجهه علم حاصل ڪيو.

مولوي صاحب مرحوم نهايت متقي ۽ نيڪ بزرگ هئا. هڪ دفعي هڪ آنرري مئجسٽريٽ ڪوشش ڪئي ته مولوي صاحب کان هڪ ناجائز فتوا حاصل ڪري. ان سلسلي ۾ مولوي صاحب جي والد بزرگوار به کين چيو ته اسان جا ڪئين ڪم ڪاريون مئجسٽريٽ سان پيا پون، ان ڪري چڱو ائين آهي ته تون ان جو رايو رک؛ مگر مولوي صاحب صاف انڪار ڪيو. مولوي صاحب جون صفتون ولين جهڙيون هيون. مڙس نهايت سهڻو ۽ قداور هو. طبيعت جو تمام نرم هو. وصيت ڪيائين ته ”آءٌ مران، ته مون کي ڪاٺ جي صندوق ۾ وجهي دفن ڪجو“- ۽ ائين ئي ڪيو ويو.

مولانا مرحوم جي همعصرن مان مولوي حاجي الاهي بخش صاحب جو نالو قابل ذڪر آهي، ۽ مولوي محمد لاڙائي سندن لائق شاگرد هو.

 

مولانا دين محمد صاحب ”اديب“

 

مرحوم مولانا عبدالرحمان فيروزشاهي

 

مولانا عبدالرحمان، ولد خليفو خدا بخش مرحوم، فيروزشاهه تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ جا ويٺل هئا- ابتدائي تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا خليفي گلاب الدين ۽ مولانا عطاالله صاحب کان ورتائون؛ مگر سندن طبيعت جي پياس پوري نه ٿي، ان ڪري دوباره شهدادڪوٽ، همايون ۽ پوءِ گهوٽڪيءَ ۾ مولانا قمرالدين انڍڙ وٽ وڌيڪ علم حاصل ڪيائون. مولانا عبدالرحمان صاحب ڳوٺ پپري تعلقي ميهڙ ۾ به تعليم حاصل ڪئي، ۽ مولانا عطاءُالله صاحب جي وفات کان پوءِ وري اچي فيروزشاهه ۾ رهيا.

مولانا صاحب مرحوم نهايت مسافر نواز ۽ غريب پرور هئا. سيرت ۽ صورت جا سهڻا هئا. فيروزشاهه جي عالمن مان هي آخري چراغ هو، جنهن جي گل ٿيڻ کان پوءِ شهر اجڙي ويو. مولانا مرحوم 1347 ۾ وفات ڪئي، ۽ فيروزشاهه جي قبرستان ۾ مولانا حاجي عطاءُالله صاحب مرحوم جي ڀرسان مدفون آهن.

مولانا مرحوم جي شاگردن ۾ مولوي الهه بخش مهيسر (ڳوٺ پپري، تعلقو ميهڙ)، مولوي محمد قاسم ولد مولوي محمد حمزه ڏيپر (ڳوٺ پپري، تعلقو ميهڙ)، مولوي محمد صادق صاحب مورائي ۽ مولوي محمد صاحب چيجاپوري (تعلقو ڪڪڙ)، وغيره ڪافي مشهور آهن. راقم الحروف پڻ فارسيءَ جا ڪتاب کانئن پڙهيا آهن. خدا مرحوم تي رحمت ڪري!

قطعه تاريخ

عبدرحمان برفت از گيهان،

 

آنکه بوده بفضل حق منصور؛

عالم و فاضل و فقيہِ زمان،

 

در سخا و کرم بسي مشهور؛

کرد نشرِ علوم حق شب روز،

 

سعيء او بهر دين شده مشڪور؛

در رجب رفت او به بست و ششم،

 

سوي خلدِ برين ز دار غرور!

يا الٰهي! طفيلِ خير رسل،

 

بندهء خويش را بکن مغفور!

بهرِ تاريخ کرد فکر ”اديب“،

گشت ارشاد: ”عالمي منظور“- (1347)


 

مولانا عنايت الله ڌامراهو

 

مولانا عبدالرحمان ڌامراهو مرحوم

مرحوم مولانا عبدالرحمان جن جي والد بزرگوار جو اسم عنايت الله، ذات پنوهر ۽ پاڙو ڌامراها آهي، مگر پاڙي سبب عام طرح سندن ذات ”ڌامراهو“ ڪوٺڻ ۾ ايندي آهي. سندن خاندان صدين کان وٺي ڳوٺ ڌامراها تعلقي لاڙڪاڻي ۾ مقيم آهي. مولانا صاحب جا وڏا ميرن جي صاحبيءَ ۾ حڪومت جي ڪن مکيه عهدن تي فائز هئا. مرحوم خير محمد ڌامراهو ميرن جي حڪومت ۾ مختيارڪار هو. سندن والد وچولي طبقي جو زميندار ۽ آبادگار هو. مولانا عبدالرحمان مرحوم ڳوٺ ڌامراهي ۾ هجري 1268 ماهه رجب تاريخ 27 جي متبرڪ روز تي هن دنيا ۾ جلوه افروز ٿيو هو.

جيئن ته مولانا صاحب جي والد شريف کي هارپ جي ڌنڌي سان شوق هو، تنهنڪري مولانا مرحوم جي ننڍپڻ واري عرصي ۾ تعليم ڏانهن ڪو خاص طرح توجهه ڪونه ڏنو ويو ۽ کين کيتيءَ جي ڪم سان لاتو ويو. مولانا صاحب جو چوڻ هو ته ”اسان ٻارهن ورهين کن جي عمر تائين فقط کيتيءَ جو ڪم پئي ڪيو؛ مگر پوءِ والد بزرگوار ڪن دوستن جي چوڻ سبب مون کي ڳوٺ بنگل ديري تعلقي رتيديري ۾ ان وقت جي مشهور مدرس مولانا عبدالله مرحوم وٽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو“- مولانا صاحب جن اتي فارسيءَ جي مڪمل تعليم حاصل ڪئي. ان بعد عربي تعليم جو فيض گهوٽڪيءَ ۾ مولانا قمرالدين صاحب انڍڙ وٽ حاصل ڪيائون. آخرين طور ديني سند همايون شريف ۾ مولانا جناب عبدالغفور صاحب وٽ حاصل ڪيائون. تنهن کان بعد تدريس جو ڪم پنهنجي ڳوٺ ڌامراهن ۾ شروع ڪيائون، جتي سوين شاگرد ديني فيض حاصل ڪري ڪماليت جي درجي کي پهتا، جن ۾ مکيه هي آهن: مولانا محمد حسن جوهيءَ وارو، مولوي محمد صالح دادوءَ وارو، مولوي حاجي حافظ احمد يار ماڪن درگاهه ملان ڪاتيار، مولانا خوش محمد ميروخاني، مولانا خليفو صاحب فتح محمد ڌامراهن وارو (ستي جتي بزرگ) وغيره. ان بعد مرحوم مولانا عبدالرحمان کي بلوچستان جي مکيه جرگي جي سردارن ڪوئيٽا ۾ گهرايو ۽ کين ديني فتوائن لاءِ جرگي ۾ مقرر ڪيو ويو؛  مگر هن درويش ۽ آزاد خيال بزرگ کي اُتي اطمينان حاصل ڪونه ٿيو، ۽ ستت ئي جناب حضرت پير سائين پاڳاري سيد شاهه مراد جي خدمت ۾ پيرپاڳاري جي ڳوٺ وڃي حاضر ٿيا. اتي مولانا صاحب جي حوالي ديني فيصلن ۽ فتوائن جو ڪم سپرد هو- يعني کين درگاهه پاران مفتي مقرر ڪيو ويو. مٿن جناب حضرت پير پاڳاري سائين جن جو وڏو راز هو. درگاهه پاڪ مان روحاني فيض مولانا صاحب کي حاصل ٿيو. مولانا ڪافي عرصو اُتي گذاريو ۽ قبله پير صاحب جن جي وفات بعد وري پنهنجي وطن ڌامراهن ڏانهن واپس ٿيو، ۽ نهايت تيزيءَ سان تدريس جو ڪم شروع ڪري ڏنائون. انهيءَ عرصي ۾ ڳوٺ جي جامع مسجد نئين سر تعمير ڪرايائون ۽ ان سان اتر ۾ لڳو لڳ هڪ حجرو به ٺهرايائون، جنهن ۾ تدريس جو ڪم ڪندا هئا. مسجد سان لڳ ڏکڻ ۾ هڪ ميدان ڇڏيل آهي، جنهن ۾ هينئر پاڻ مدفون آهن. انهيءَ عرصي ۾ ديني تصنيفات جو ڪم به شروع ڪري ڏنائون، جنهن ۾ ”فتاويٰ رحماني“ نالي هڪ وڏو ڪتاب تصنيف ڪيائون، جو فارسي زبان ۾ آهي ۽ سندن قابليت ۽ علميت جو جوهر ۽ هر اهل علم لاءِ رهبر آهي. مذڪوره ڪتاب سندن برادرزادي ميان عنايت الله ڌامراهي وٽ موجود آهي.

مرحوم مولانا صاحب عبدالرحمان جو طريقو نقشبندي هو، جو سندن تصنيفات ۾ قول ۽ فعل مان ظاهر آهي ۽ پڻ هن طريقي بنسبت سندن تصنيفات ۾ گهڻو تاڪيد ڪيو ويو آهي. شعر و شاعريءَ سان دلچسپي ڪانه رکندڙ هئا. ساز سرود ۽ راڳ روپ کان بلڪل پرهيز ڪندڙ هئا. سندن قول آهي ته ”جنهن قوم جو چاهه ساز و سرود سان آهي، اُها قوم روحاني طور تباهه ٿي ويندي“.

مولانا صاحب عربيءَ زبان ۾ ڪافي مهارت رکندڙ هئا. مولانا صاحب جن سن 1307هه ۾ فريضه حج ادا ڪرڻ واسطي حرمين شريفين ڏانهن ويا هئا، ۽ اتان ڪيترا عربي ديني ڪتاب چڱي تعداد ۾ خريد ڪري پنهنجي ذاتي ڪتبخاني ۾ آڻي رکيا هئا. سندن خانگي ڪتبخاني ۾ هزارن روپين جا ناياب ڪتاب موجود هئا، جي سندن وفات بعد اولاد جي چڱيءَ طرح نظر نه رکڻ سبب درهم برهم ٿي ويا ۽ ڪيترا ڪتاب سندن شاگرد کڻي ويا.

حضرت مولانا جن اٽڪل 25 سال کن حضرت پيرپاڳاري سائين جن جي بارگاهه ۾ رهي ديني خدمت سرانجام ڏني؛ ان بعد موٽي ڳوٺ ڌامراهن ۾ آيا ۽ فارسي ڪتاب ’فتاويٰ رحماني‘ آخرين منزل تي رسايائون، ۽ باقي حياتيءَ جا ڏينهن ياد خدا ۾ ۽ ديني علم پاڙهڻ ۾ بسر ڪيائون. جيتوڻيڪ حضرت مولانا صاحب جن پيرسن ٿي ويا هئا، مگر تنهن هوندي به سندن جسماني قوت ۽ روحاني قوت بيحد مڪمل هئي ۽ حواسن جي پختگي حاصل هين. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي هلندي، سنڌ جي ڪن حصن ۽ ان سان گڏ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪالرا جي بيماري پيئي. مولانا مرحوم لاءِ به اجل جو بهانو بنيو: هيءُ متقي عالم زاهد ٻانهو ۽ فيض جو درياهه هن منحوس بيماريءَ جو شڪار بنيو، ۽ پنهنجن شاگردن، عزيزن ۽ دوستن کي داغ جدائيءَ جو ڏيئي هن فاني دنيا مان موڪلائي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو- اِناللهِ وانا اليہ راجعون. مولانا مرحوم جي مزار مبارڪ جامع مسجد ڌامراها جي ڀرسان خاص قبرستان ۾ آهي.

مولانا عبدالرحمان مرحوم بردبار ۽ ڌيرج وارو انسان هو ۽ هميشہ اورچ رهندو هو. تدريس جي مشغوليءَ هوندي به، واندڪائيءَ جي وقت ۾ پنهنجي کيتيءَ جي ڪم جي به نظرداري ڪندو هو، ۽ هميشہ خوش خلق رهندو هو. هر انسان سان نرمي ۽ همدرديءَ سان پيش ايندو هو. ڪاوڙ يا غصو وٽس قطعاً حرام هو.

مولانا مرحوم بدن جو ڀريل، قد ۾ وچٿرو ۽ بالڪل ڀوري رنگ جو هو. پيشاني ڪشادي نور سان ٽمٽار، شڪل جو سهڻو، ڏاڙهي گهاٽي ۽ چاپئين، وار شرعي نموني جا ۽ پوشاڪ هميشہ سفيد ۽ صاف پائيندو هو. با رعب آدمي هو. صوم و صلوات جو تهجد سميت سخت پابند رهندو آيو. نيڪوڪار ماڻهن کي سخت ڀائيندو هو. هميشہ گفتگو قرآن ۽ حديث موجب ڪندو هو. صحبتين جو چوڻ آهي ته اسان مولانا مغفور کي سخت اڻوڻندڙ تقرير ڪندي نه ڏٺو.

مرحوم کي هن وقت پويان هڪ پوٽو ۽ ٻه پڙپوٽا ۽ ڀائٽيا آهن. سندس ڀائٽين مان هڪ نالي مولوي عنايت الله ڪافي مشهور آهي.

جيتوڻيڪ مولانا مرحوم هيشہ سادو رهندو هو، سادي طبيعت جو انسان هو ۽ ڪڏهن به پاڻ کي خودپسند نه بنايائين، تاهم چند علمي فيض جون ڪرامتون ڏيکاريائين-

(1) ڳوٺ ڌامراهن ۾ هڪ غريب جي گهر کي هڪ ڏينهن اوچتو اچي باهه لڳي. سخت گرميءَ جي موسم هئي ۽ جهولو تيز لڳي رهيو هو. ماڻهن باهه وسائڻ لاءِ وس ڪيا، مگر باهه نه اجهامين. مولانا مرحوم جن خبر پوڻ شرط اُتي آيا. ٽن ڪچن پٿرن تي ڪجهه پڙهي هڪ هڪ ڪري باهه ڏانهن اڇلايائون؛ پهرين پٿر جي اڇلائڻ سان باهه  جو رخ مٽجي گهرن کان ٻئي خالي طرف ڏانهن ٿيو؛ ٻئي پٿر جي اڇلائڻ سان باهه جو دور گهٽيو؛ آخر ٽئين پٿر اڇلائڻ سان باهه هڪدم ٿڌي ٿي ويئي، ۽ شهر سڄو باهه جي خطري کان بچي ويو.

(2) هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته مولانا صاحب جن تدريس جي ڪم ۾ مشغول هئا، ته ايتري ۾ هڪ گهوٽ جي سرگس دهلن ۽ دمامن سان مسجد شريف وٽان اچي لانگهائو ٿي. سرگس ۾ کلئي منهن زالون نچي رهيون هيون. مولانا صاحب کي اهو ڏسي سخت افسوس ٿيو. پنهنجو هڪ شاگرد موڪلي سرگس وارن کي هدايت ڪيائين ته اهو ڪم غير شرعي آهي، توهان اسلام وارا ٿي ڪري ائين نه ڪريو؛ مگر هنن طنزيه نموني جواب ڏنو، جنهن تي مولوي صاحب جن ٿڌو ساهه کنيو: رات ٿي، گهوٽ کي لائون ڏنائون- کاري تي ويهڻ مهل گهوٽ بيهوش ٿي ڪري پيو! ماڻهو اچي مڙيا، ۽ گوڙ ۾ ڪيترين عورتن کي ڌڪ لڳا. گهوٽيتن هن کي بدسوڻ سمجهيو ۽ مولوي صاحب کي راضي ڪرڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا. حضرت مولانا جن مرڪي چين ته ”بابا، هيءُ مون ڏانهن نه ڀانيو، سڀ مالڪ سائين ٿو ڪري“. انهيءَ وقت کان اڄ سوڌو سندن خاندان جا پويان فرد ۽ اڌ شهر، شادين خواهه غمين ۾، غير شرعي فعل اصل ڪونه ڪن.

مولانا مرحوم عبدالرحمان جي وفات تي سندن هڪ شاگرد خليفي مرحوم فتح محمد جو، قطعه تاريخ هن ريت آهي:

عُلاله عالمان و بلغاي دوران

 

سلاله سالکان فضلاي گيهان

محقق بافکر صائب خداداد

 

بفتويٰ شرع راسخ همچو نعمان

بزهد و ورع ابدالدهر گشته

 

ستوده همچو بوذر و شان سلمان

باسم عبدالرحمان گشت موسوم

 

لقب او مولوي وردِ جهان دان

بماه صفر حادي عشر تاريخ

 

ايام عمر او گرديد پايان

بروز جمعه پس از پاس واحد

 

توجہ کرد سو گلگشت رضوان

بسي اندوه واقع شد بعالم

 

ز رحلت مورد الطاف يزدان

قطع کن سخن ”احقر“ از غم دل

 

برايش خون از غفار غفران

خدا بخشد ورا دردار عقبيٰ

 

مقام صالحان فردوس يابان

ز رحمات خدا با خود شغل ديد

1348

 

ازو تاريخ سالش نيز برخوان

 

-----------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com