سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :5

نيڪ محمد بلوچستاني

مرحوم مولانا حڪيم تاج محمد افغان ”مشتاق“

مرحوم حڪيم مولوي تاج محمد صاحب جن ذات جا افغان هئا. سندن والد بزرگوار جو نالو حاجي خميسو هو. ڊسمبر 1899ع ۾ بدين شهر ۾ تولد ٿيا. پير ڀاون شاهه جيلاني جن جا مريد ۽ همعصر هئا. عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ ڪلي مهارت هئڻ سان گڏ کين انگريزيءَ تي ڪامل به دسترس هئي. سندن گهرو لئبرريءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب هر وقت مطالعي لاءِ رهندا هئا

مولوي صاحب جن طبابت جو ڪم به ڪندا هئا، جنهن ۾ به لاجواب ماهر هئا. طب جو ڪم ڪنهن استاد کان خاص طرح ڪونه پرايو هئائون، ليڪن ننڍي هوندي کان ئي خدائي ذهن عطا ٿيل هون. پنهنجي مطالعي ۽ ذهن ذريعي، هن فن ۾ استاد ڪامل ٿي گذريا آهن. غريبن کي دوائون مفت ڏيندا هئا. ڪيترين دوائن لاءِ پاڻ اخبارن ۾ اشتهار وجهائيندا هئا ته غريب ٽپال خرچ موڪلي دوا مفت گهرائين يا روبرو وٺي وڃن.

سندن درياهه دلي ۽ مريضن سان همدرديءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هر وقت پنهنجن مريضن جي حالت جو اونو رهندو هون. سندن مريض جيسين صحتياب نه ٿيندو هو، تيسين ننڊ حرام هوندي هين. وڏي فخر جي ڳالهه هيءَ، جو جيڪڏهن ڪو ٻهراڙيءَ جو ماڻهو کين ڪنهن پرانهين پنڌ تي وٺي ويندو هو ته ڪمال خوشيءَ سان ويندا هئا، ۽ سواريءَ جو ڪرايو وغيره به پنهنجي هڙان ڀريندا هئا: جيڪو کين وٺڻ ايندو هو، ان کان ڪجهه به نه وٺندا هئا.

پير ڀاون شاهه جي وفات کان پوءِ، شهر راڄي خاناڻي ۾ اچي مقيم ٿيا، جتي هڪ شاندار اسپتال پنهنجي وڏي پٽ محمد قائم نالي ”قائمي يوناني دواخانو راڄو خاناڻي“ کوليائون، جنهن ۾ يوناني دوائن سان گڏ انگريزي دوائن جو به اسٽاڪ موجود هوندو هون. پاڻ دواخاني جا مئنيجر، ۽ ماهوار طبي رسالي ”پيام شفا“ جا ايڊيٽر به هئا. رسالو دواخاني جي پنهنجيءَ پريس مان نهايت آب تاب سان ڇپجي نڪرندو هو، جنهن ۾ علم حڪمت تي ڪافي کان وڌيڪ روشني وجهڻ لاءِ حڪيم صاحب جن نهايت چيدا چيدا مجربات، وڏن حاذق حڪيمن جا آزمايل نسخه جات ۽ پنهنجي مطب جا معلومات درج ڪندا هئا. رسالي جي لکائي توڙي ڇپائي بالڪل ديده زيب هوندي هئي. ٽائيٽل پيج شاندار نموني جو هوندو هو. سندن وفات بعد اهو سلسلو منقطع ٿي ويو، ڇو جو پوين کان اهو بار گران چڱيءَ طرح سنڀاليو نه ٿيو.

سندن دواخاني ۾ جيڪي به شيون پاڻ هٿ سان ٺاهي رکندا هئا، انهن جي ليبلن تي دوا جو پورو نسخو، ترڪيب استعمال، ٺاهڻ جي تاريخ وغيره سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ لکي ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن رسالي يا ڪتاب تان نسخو ڏسي ٺاهيندا هئا، ته ان جو نالو، مصنف جو نالو، ڇپجڻ جو هنڌ، صفحو وغيره باقاعدي ڄاڻائيندا هئا. وڏي حيرت جي ڳالهه جو هر هڪ دوا سان ان جو نسخو شامل هوندو هو – جيئن ٿورو پڙهيل ماڻهو به آسانيءَ سان ٺاهي سگهي. علم حڪمت جو ڪم پاڻ ماڻهن کي بلا بخل منٿون ڪري سيکاريندا هئا- مگر افسوس جو سندن سخا جي درياهه مان ڪو به فرد نه سيراب ٿيو ۽ نه مستفيض ئي ٿيو!

پاڻ طبي ڪاليج ٽنڊو محمد خان جي طبي بورڊ جا ميمبر به هئا. رسالي ”پيام شفا“ کان سواءِ، علم طب ۾ سندن مندرجه ذيل تصنيفون آهن، جي اڄ مفقود آهن: (1) ڪتاب الحميات (2) شرح قانونچه، (3) قرابادين مشتاقي المعروف به طب ساغر ساقي. پويون ڪتاب سندن هٿ سان لکيل قلمي بياض آهي، جيڪو راقم وٽ موجود آهي. مرحوم اهو ڪتاب پارسيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، مگر ڪن مجبورين ڪري اڌ ۾ رهيل ٿو ڀانئجي. ازان سواءِ ٻيا به ڪيترائي قلمي ڪتاب مذهبي وغيره آهن. مذهبي، پوين جي بيپرواهي ۽ علم ناشناسيءَ ڪري گم ٿي ويل آهن.

حڪيم هئڻ سان گڏ، مرحوم جن جيد عالم پڻ هئا. جامع مسجد راڄي خاناڻي جا پيش امام به پاڻ هوندا هئا. چون ٿا ته پاڻ وڏا بزرگ ۽ ولي الله ٿي گذريا آهن. صوم و صلواة جا سختيءَ سان پابند هوندا هئا. هر جمعي جي ڏينهن صبح جو سويل اٿي، فجر نماز پڙهائي، اوسي پاسي اوليائن ۽ بزرگن – جهڙوڪ سيد سليمان شاهه بخاري، شيخ عمر ۽ ڪموداڻي وغيره – جي زيارت ڪري، ۽ بزرگن جي روحن کي ختما بخشي، موٽي اچي جامع مسجد ۾ جمعي نماز پڙهائيندا هئا.

پاڻ شاعر پڻ هئا. شعر ۾ سندن تخلص ”مشتاق“ هوندو هو. سندن جوانيءَ جا شعر نهايت عمدا چيل آهن، مگر ارمان جو ڪي ٿورا موصول ٿي سگهيا آهن. مرحوم مير احسان علي خان ٽالپر ساڪن راڄو خاناڻي به سندن شاگرد هو، جو کين تمام گهڻي عزت ڏيندو هو. مرحوم سيد احمد شاهه ’خاڪي‘ سان به مرحوم مولوي صاحب جن جو خاص صحبت جو رستو هوندو هو.

کين ٽي پٽ هئا، جن مان وڏو پٽ محمد قائم ڪن سببن ڪري گهر ڇڏي جلاوطن ٿي ويو آهي؛ وچيون پٽ غلام علي عرف محمد سومار پسارڪي دڪان جو مالڪ ۽ دوا فروش آهي؛ باقي سندن ننڍو پٽ ڪمال الدين اڳي سنڌي پڙهندو هو، پر هاڻ درزڪو ڪم سکي رهيو آهي.

مرحوم مولوي صاحب جن 55 ورهين جي ڄمار ۾ دل ٽٽي پوڻ ڪري رحلت فرمائي- انا لله وانا اليہ راجعون. هيءُ حڪمت جو ستارو ۽ راڄي خاناڻي جو لقمان هميشہ هميشہ جي لاءِ غروب ٿي ويو، ۽ پوين کي داغ مفارقت ڏيئي ويو.

حيف در چشم زدن صحبت يار آخر شد،

روي گل سير نديديم که بهار آخر شد!

مولانا مرحوم جي فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪلام جو نمونو پيش ڪريان ٿو:

 

فارسي

به بستان مي رود دلبر، دلي با ناز قهه قهه قهه،

لبش قهه قهه، رخش مهه مهه، قدش چون سرو لهه لهه لهه.

خرامان وار کب کب کب، ولي در نيم شب شب شب،

دويدم در طلب لب لب، شکر لب گفته وه وه وه.

شجع: (1)     چو تاج محمد بر افراخته،

بعالم شده سايه در ساخته.

(2)    چون تاج محمد شده زيب ور،

بسايه درش آمدم بي خطر.

اردو

اي دوستو دنيا مين اسي عشق ني همکو مردانه بنايا،

اک بوسه کي ليني سي خفا هوگئي مجهه پر – جرمانه بنايا،

کيا پيش نقدِ دل کو تيري آگي جو همني، نذرانه بنايا،

قدرت ني بنائي تيري دندان جو هر ايک در-دانه بنايا.

اس نالهء شبگير کي سنني هي تو همکو مستانه بنايا،

روز، ازل مين ميري اسي کاسهء سر کا پيمانه بنايا.

فرقت ني تيري درد کو برسون سي همارا همخانه بنايا،

دنيا ني تيري نالون کو سن سن کي اي ”مشتاق“ افسانه بنايا.

سنڌي

الوداع اي دوستو همراز همدم همڪلام،

ڪيو اسان جي سير بستان جي زماني اختتام.

لطف لب شيرين گل کي تنهنجي صحبت جو سرور،

ساقيا مون کي سندءِ محفل ۾ رهندو هو مدام.

باغبان! اڄ ڪانه ڪا آهي بهاري باغ جي،

چهچٽو بگڙيو چنبيلي جو ۽ نسرين جو نظام.

اڄ گران خاطر ٿيا ”مشتاق“ مرغانِ چمن،

ڪيو تڏهن اڄ بلبلِ مسڪين ٻيو منزل مقام.

*              *              *

يا رب اچي نه باغِ سخن ۾ خزان ڪڏهين،

بيد رهجي نه ناظم اندر جهان ڪڏهين!

رليل رقيب روسيه شل دور هجي سدا،

نادان تنهن کي نانگ کائي ناگهان ڪڏهين!

از هر دو جهان شب وصل شل دراز هوءِ،

خورشيد تا قيام ڏسي نه آسمان ڪڏهين!

هڪوار ڏسي جلوهء جانان عندليب،

بلبل ڪري نه باغ ۾ شورو فغان ڪڏهين!

*              *              *

آهيان خوب خوشگوءِ مرغ چمن جو،

نغمهء سنج مان نرگسِ نسترن جو.

نسيم صبح جي بهاري ۾ بستان،

نظارو ٿيو نرگس سنبل سمن جو.

عجب بوند شبنم جي برگِ حنائي،

مثل هڪڙو قطرو هو درّ عدن جو.

ڏسي لعل ڳلڙا تنهنجا گلرخا! مان،

چوان گل گلابي يا سوسن سمن جو!

 

ڏنا سيب مون کي مسيحا علل ۾،

سودائي آهيان مان سيبِ ذقن جو.

تنهنجي ياد ۾ اي گل اندام آيس،

گلستان ۾ خواهان گلابي گلن جو.

نه آهين چمن ۾ تون اي گل رياحين،

سڄو ڀايان ناچيز بستان زمن جو!

اچي جي چمن ۾، چئج ان کي مالهي:

سلام آهه توکي غريب الوطن جو.

ڇڏي ياد تنهنجي ويو دور هستي،

ٿيو هڪ ڪرشمو هي ابرو شڪن جو.

ڪجان گل جي نزديڪ مدفون مون کي،

۽ جوڙج ڪفن منهنجو برگ گلن جو.

نه ٿيو دور گردش جي ”مشتاق“ موافق،

نه هيئن هوند هرگز هي دور زمن جو.

*              *              *

منهن مبارڪ ڇو مون کان محبوب اڄ موڙين بيٺو؟

ٽاهه کائي ڇو وري جهوني سنگت ٽوڙين بيٺو؟

حب جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اڄ وري ڦرها ڪڍي،

غمزده غمگين کي درياهه ۾ لوڙهين بيٺو!

هٿ نه ورتئه ڪيئن ڪريل جو، ڇو ڇڏيئه ڇولين اندر،

اڄ صفا ٻاجهؤن ڇڏي نئين واهه ۾ لوڙهين بيٺو!

حب جو هٿڙو گهمائين ها اٿم افسوس هي،

قلب ۾ ڪمزور جي خوني خنجر کوڙين بيٺو!

حب اهڙن سان ڪئي مون، جي ويا رڻ ۾ ڇڏي،

پنهنجا اڄ ”مشتاق“ ڏس ڪيتا سڀئي لوڙهين بيٺو.

اسداللہ شاهه ”اسد“ ٽکڙائي

 

حافظ محمد يوسف مرحوم ٽکڙائي

حافظ محمد يوسف، ولد حافظ محمد هارون، 1258 هه ۾ اڳين ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس والد حافظ محمد هارون پنهنجي وقت جو هڪ جيد عالم هو. سندس مڪتب مان ٽکڙ ۽ ٻين ڳوٺن جا شاگرد دولت علم مان مالا مال ٿي ويندا هئا.

حافظ محمد يوسف پنهنجي والد کان عربي، فارسي ۽ سنڌي تعليم حاصل ڪئي. قرآن مجيد جي حفظ ڪرڻ جو به شرف حاصل ٿيس. اڳين ٽکڙ ۾ تعليم کان فارغ ٿي، پنهنجي والد سان گڏ طلبا کي تعليم به ڏيندو رهيو، ۽ گهر جي ڪم ڪار ۾ به پيءُ جي همراهي ڪندو رهيو. وڌيڪ علم جي پروڙ لاءِ، پنهنجي والد جي ڪتبخاني ۾ (جو حافظ عاليءَ جي زماني کان وٺي وٽن پشت بپشت هلندو آيو) مطالعو ڪندو آيو. والد جي رحلت کان پوءِ پاڻ ئي مدرسي جو مهتمم ٿيو.

جڏهين ٽکڙ درياهه جي اٿل ڪري زير آب آئي، تڏهين حافظ صاحب به ٻين ماڻهن وانگي موجوده ٽکڙ ۾ سڪون پذير ٿيو، ۽ هتي به پنهنجو مدرسو جاري ڪيائين.

موجوده ٽکڙ ۾ سندس مدرسو اوج ۽ ڪمال تي پهتو. ڪٿي ڪٿي جا شاگرد حافظ صاحب جي فيوض ۽ برڪاتِ علم مان مستفيد ٿيڻ لاءِ ٽکڙ ۾ اچڻ لڳا. سندس ئي محنت ڪري، ٽکڙ مان ”مخلص“، ”فدا“، ”حافظ“، ”دلگير“، ۽ ”بسمل“ جهڙا شاعر پيدا ٿيا. حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جي ٽکڙ ۾ سڪونت اختيار ڪري، ٻين ماڻهن وانگر، حافظ صاحب به سندن مريد ٿيو. ٽکڙ جي ساداتن ۽ عام ماڻهن جي استاد هئڻ ڪري، ڳوٺ ۾ سندس حد کان وڌيڪ عزت ڪئي ويندي هئي. خود سادات به سندس تعظيم ۽ تڪريم بجا آڻڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪندا هئا. پاڻ جڏهين به ڪاوڙبو هو، ته کيس ڪير به جواب ڪونه ڏيندو هو. ڪيترا دفعا وڏن سيدن – جهڙوڪ عبدالحڪيم شاهه ۽ غلام شاهه وغيره- تي به غصو ڪندو هو، مگر سيدن مان ڪير به ساڻس تکو ڪونه ڳالهائيندو هو.

حافظ صاحب تمام اعليٰ پايي جو خوشخط هو. سندس اکرن کي ڏسي، ڇاپي جو دوکو ٿئي ٿو. ٽکڙ جي سيدن جي شادين جا دعوتناما ۽ خط پَٽ حافظ صاحب ئي لکندو هو. انهن خطن جي طرز تحرير کي ڏسي معلوم ٿو ٿئي ته حافظ صاحب هڪ سٺو پارسي دان هو.

شاعري کيس حافظ عاليءَ جي ورثي مان ملي. پاڻ گهڻن ٽکڙائي شاعرن جو شاعريءَ ۾ استاد هو.  سندس ڪلام زماني جي خرد برد ڪري ناپيد ٿي ويو آهي. سندس ڪلام اڪثر پارسيءَ ۾ هو، جو هينئر گهڻو ڪري اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو آهي. ڪجهه سنڌي ڪلام هٿ آيو آهي، جو پيش ڪبو. مون کي افسوس آهي جو آءٌ ههڙي بزرگ انسان جو احوال معلوم ڪري نه سگهيو آهيان، ۽ نه ئي هينئر سندس لائق فرزند مرحوم حافظ ”بسمل“ زنده آهي، جنهن کان ڪجهه وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهجي ها.

سندس ٽي فرزند هئا، جن مان وڏو ”دلگير“ جي تخلص سان، ۽ ننڍي ۾ ننڍو ”بسمل“ جي تخلص سان، ادبي دنيا ۾ مقبول ۽ شهرت يافته شاعر ٿيا.

حافظ صاحب 1322 هه ۾ وفات ڪئي.

انتخاب

ڪڏهين نه پاڻ کان مون کي سڄڻ جدا ڪريو،

جي ڏين جان نه اُن تي وري جفا ڪريو.

سڄي ڄمار ۾ هئي التجا اِها منهنجي،

ته هن مريض محبت جي ڪا دوا ڪريو.

پکيڙي دام، ڪيئي قيد دل کي ڪاڪل ۾،

ڪري قياس ڪو دل ۾، وري رها ڪريو.

*              *              *

داد دلبر سوا نه ڏيندو ڪير،

تنهنجي محفل ۾ مہ لقا مون کي،

اک ڦري ٿي ۽ پڻ لنيو ڪانگل،

جن کي مستي رهي محبت جي،

 

هاڻ همراز منهنجو ٿيندو ڪير؟

ساڻ ساٿي ڪري سڏيندو ڪير؟

اڄ اڱڻ عاشقن جي ايندو ڪير!

تن کي پلپل چئي پليندو ڪير؟

--------------

منظور احمد حليمي

 

مولانا غلام صديق مرحوم شهداد ڪوٽي

 

الحاج علامه غلام صديق صاحب جن مولانا نور محمد صاحب جا ننڍا فرزند هئا. سندس جاءِ ولادت ڪنڊو، تحصيل ڀاڳ، رياست قلات، ڊويزن بلوچستان آهي. سندن ولادت جي تاريخ 4 ربيع الاول 1260 هجري آهي. ابتدائي زماني ۾ ڪنڊي بلوچستان ۾ رهيا، ۽ پوءِ پنهنجي والد بزرگوار ۽ وڏي ڀاءُ مولانا ميان گل محمد صاحب جن سان گڏ، سرائي پير بخش مرحوم جي طلب موجب، شهداد ڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي سنڌ ۾ اچي رهيا. تعليم پنهنجي والد بزرگوار ۽ وڏي ڀاءُ مولانا ميان گل محمد صاحب کان حاصل ڪيائون، ۽ مدرسہ نور محمديه شهدادڪوٽ مان، 13 سالن جي عمر ۾، علمي فراغت جي سند حاصل ڪيائون. سندن طريقت جو سلسلو قادريه هو، ۽ حضرت قدوة العارفين مولانا ميان غلام حيدر صاحب قادريءَ جا مريد هئا. 14 سالن جي عمر ۾ کين خلافت ملي، ۽ سندن مشهور خليفا مولانا غلام محمد ڪمال ديرائي رياست خيرپور ميرس، ميان علي شير چانڊيو ديرو غيبي خان، ۽ ميان عمرالدين صاحب، وغيره هئا.

علامه صاحب جا مکيه همعصر مولانا عبدالغفور همايوني، مولانا محمد هاشم ڳڙهي ياسيني ۽ مولانا عبدالرحمان صاحب سکرائي هئا.

سندن فارغ التحصيل شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جن مان علامه حسن اللہ صاحب مرحوم پاٽائي، مولانا عطاءاللہ فيروزشاهي ۽ مولانا غلام محمد صاحب مهيسر (ڳوٺ ڪمال ديرو، تعلقو گنبٽ) مشهور بزرگ آهن.

علامه صاحب نهايت سخي ۽ فياض هئا. مسڪينن سان گهڻو قرب هون. سندن وضع قطع نهايت سادي هئي. سادات ڪرام ۽ عالمن سڳورن ۽ ديارِ حبيب جي سڀني عرب باشندن جو بيحد احترام ڪندا هئا، ۽ هميشہ زبان حال سان مترنم هئا:

”امُرُّ علي الديار ديار ليليٰ

وَما حُبُّ الديار شغفن قلبي

 

اُقبَّل ذاالجدارَ و ذاالجدارَ

ولا کِن حُبَّ مَن سَکَنَ الديارَ“

(محبوب جي ملڪ مان لنگهڻ وقت سندس ڀتين جو چمڻ ان ڪري نه آهي ته ڪو مون کي ڀتين سان گهڻي محبت آهي- بلڪ انهن ۾ رهندڙ محبوب جي محبت ائين ڪرائي ٿي.)

پاڻ ڪرامت جا صاحب به هئا. سندن ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن، جن مان هي ٻه قابل ذڪر آهن:

(1) سندن خليفو ميان علي شير چانڊيو، جو نهايت ڪند ذهن هو ۽ عمر جو گهڻو وڏو هو، ان تي مدرسي جا سڀ شاگرد ٺٺوليون ڪندا هئا. هو ويچارو نهايت صبر سان برداشت ڪندو رهندو هو، ۽ کين چوندو هو ته ”مسخريون ڀل ڪريو، پر سبق ياد ڪرايو“. هڪ دفعي مولانا مرحوم اوڏيءَ مهل سڀ ڪتاب آڻائي، هر هڪ ڪتاب مان شروع ۽ پڇاڙيءَ جي هڪ هڪ سٽ کيس پڙهائي، فرمايو ته ”هاڻي تون سڀني شاگردن جو استاد آهين ۽ سڀني کي پڙهائيندو رهه“. خدا جي مرضيءَ سان ٿيو به ائين- خليفو علي شير سڀني شاگردن جو استاد ٿيو!

(2) اهڙيءَ طرح، هڪ دفعي پاڻ ڪراچي بندر مان پنهنجي مريد حاجي سائينداد مرحوم کي شهر ڏي ڪنهن ڪم سان موڪليائون. حاجي صاحب گهڻي دير ڪئي، ۽ پاڻ گهڻو انتظار ڪندي جهاز ۾ سنگتين سان گڏ حج جي سفر لاءِ چڙهي ويٺا. جهاز حاجين کي کڻي روانو ٿيو، ته ڏٺائون ته حاجي سائينداد ڪناري تي بيٺو آهي ۽ سڏ پيو ڪري. ان وقت مرحوم مولانا پنهنجي پڳ لاهي، هيٺ رکي، چيو ته ”ايستائين مٿي تي نه رکندس، جيستائين هو اچي!“ پوءِ، هٿن جي اشارن سان حاجي سائينداد کي چيائون ته ”هليو اچ“. جهاز فوراً بيهي ويو، ۽ حاجي سائينداد مرحوم سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي زور سان چيو ته ”منهنجا سچا مرشد، آءٌ اچي رهيو آهيان!“ جهاز اگرچ ڪناري کان پري هو، مگر حاجي سائينداد چيو ته کيس گوڏي جيترو پاڻي مس نظر ٿي آيو! جهاز وارن ٻيڙي لاهي کيس کڻي ورتو، تڏهن حضرت مولانا پنهنجي پڳ مٿي تي رکي، ۽ جهاز روانو ٿيو.

”گر قبولِ حق بود آن مردِ راست،

دستِ او در کارها دستِ خدا ست.“

مولانا غلام صديق مرحوم فارسي ۾ ”عمليات صديقي“ وغيره غير مطبوع ڪتاب ڇڏيا آهن. سندن وفات 23 ربيع الاول 1323 هجريءَ ۾ ٿي، ۽ درگاهه صديقيه شهداد ڪوٽ ۾ مدفون آهن.

مرحوم مولانا غلام محمد صاحب ڪمال ديرائي ذڪر ڪندو هو ته سندن شرعي فتوائن جو مجموعو هڪ نهايت ضخيم جلد جي صورت ۾ موجود هو، جنهن کي ”جُنگ“ نالي سان سڏيندا هئا. سندن وفات کان پوءِ اهو جُنگ پير تراب علي شاهه راشديءَ جي قبضي ۾ هو، جنهن سان مولانا صاحب جن جي نياڻيءَ جي شادي ٿيل هئي. هاڻي خبر ناهي ته اهو جنگ ڪٿي آهي. مولانا غلا محمد صاحب فرمائيندو هو ته ”ابا! انهيءَ جُنگ ۾ نظر ڪرڻ سان ائين ڏسڻ ۾ ايندو، گويا هڪ علم جو دريا آهي، جو ڇوليون هڻي رهيو آهي. مختلف فيہ مسئلن بابت عجيب و غريب تحقيق ٿيل آهن“. ڪاش، اهو ڪتاب ڪٿان ملي وڃي!

 

علامه محمد هاشم مرحوم ڳڙهي ياسيني*

 

مولانا محمد هاشم جي ولادت سن 1259 هه ۾ شهر شهداد ڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿي. استاد العلماء مولانا نور محمد صاحب جي مدرسي ۾، اول کان آخر تائين سمورو علم پڙهي، فارغ التحصيل ٿيا. ان بعد، شهدادڪوٽ جي ويجهو ڀري جي ڳوٺ ۾ ديني مدرسو کولي پڙهائڻ لڳا، جنهن ۾ ستر کن طالب العلم مختلف سبقن ۾ پڙهندا هئا. سندن مدرسي مان ڪيترا عالم فيضياب ٿي نڪتا. پوءِ، ڪجهه وقت بعد، مولانا کي حضرت مولانا ميان تاج محمد ياحب، پنهنجي فرزند ميان گل حسن جي پڙهائڻ لاءِ، پنهنجي ڳوٺ ڪٽبار (قلات بلوچستان) ۾ وٺي ويا. اتي به سندس مدرسي ۾ ڪيترا شاگرد بلوچستاني ۽ سنڌي پڙهندا هئا. صاحبزادي ميان گل حسن صاحب جڏهن سمورو علم مولانا کان پڙهي دستاربند ڪئي، تڏهن، ميان صاحبن جي مخلص مريد نواب اسدالله رئيساڻي جي استدعا تي، ڪيترا سال رئيساڻين جي جاگير محرم جي شهر ۾ مولانا صاحب جن قاضي ٿي رهيا. آخر ناڙي جي ملڪ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ بي انداز گرميءَ جي برداشت نه ڪرڻ ڪري اتان ڇڏي آيا، ۽ خانصاحب الله بخش خان دراني بارڪزئي جي طلب سان ڳڙهي ياسين ۾ اچي مدرسو کوليائون، جنهن ۾ پري پري جا طالب العلم لاڙ، ميل، بلوچستان ۽ افغانستان کان اچي پڙهڻ لڳا ۽ فيضياب ٿيا.

مولانا جا فيضياب شاگرد، مولانا گل حسن سجاده نشين ڪٽبار ۽ صدر قضاة بلوچستان، مولانا مولوي عبدالله صاحب رتائي (جنهن وٽان مولانا خادم حسين صاحب ۽ ٻيا ڪيترا پڙهي عالم فاضل ٿيا)، مولانا مولوي ڪريمداد صاحب ٺيڙهي وارو، مولانا غلام عمر صاحب ڊگهه وارو، مولانا جو فرزند مولانا محمد قاسم صاحب، مولانا تاج محمد صاحب بلوچستاني، مولانا جمال الدين صاحب صحبت پوري، مولانا حافظ نور محمد صاحب ياسيني قاري، مولوي فقير محمد صاحب، مولوي ڪمال الدين صاحب سيوائي، مخدوم غلام مصطفى صاحب سجاده نشين محمد پور شريف، مولوي عنايت الله صاحب آگرو، مولوي گل محمد صاحب ۽ مولوي پير محمد صاحب وارهه وارا ۽ ٻيا ڪيترا آهن.

مولانا محمد هاشم جن، حضرت مولانا ميان تاج محمد صاحب بزرگ ڪٽبار شريف واري کان بيعت هئا. نماز روزي جا سخت پابند، سحر خيز، اشراق ۽ صلواة تي مواظبت رکندڙ هئا. شريعت جي هتڪ حرمت تي سخت غيرت کائيندڙ، بدعقيدي ۽ بدمذهب ماڻهن کان نفرت ڪندڙ هئا. صوفياء ڪرام جي عزت رکندڙ، صالحن جي صحبت ۾ خوشنود ٿيندا هئا- خاص ڪري حضرت سلطان الاولياء خواجه عبدالرحمان صاحب سرهندي ۽ سندن فرزند خواجه محمد حسن جان صاحب ۽ خواجه عبدالقدوس آغا شيرين جان صاحب جا سخت معتقد رهيا.

سندن تصنيف گهڻي ضايع ٿي ويئي آهي. هن وقت هڪ دفتر تحريرن جو (رساله نذر بابت، حاشيه ۽ ترڪيب مائة عامل جي، حاشيه هداية النحوجو، حاشيه بديع الميزان ۽ ايساغوجي جو، صرف بهائي تي) لکيل آهي. شعر چوڻ ۾ به کين چڱي دسترس هئي. ڪيتريون تاريخون سندن نظم ۾ چيل آهن. مثال طور، سندن چيل تاريخ جا ٻه بيت، جي حضرت سلطان العارفين خواجه عبدالرحمان صاحب سرهنديءَ جي رحلت بابت چيا اٿن، هيٺ ڏجن ٿا:

شد فلک ز اندوه در خونِ شفق،

شد ملک ز افسوس پنهان در شفق.

بود خاصِ حضرت رب الفلک،

”غفرله“ تاريخ او گفته ملک. (1315)

مولانا جن تاريخ 19 شوال سال 1322 هجري ۾ هن جهان فاني مان رحلت ڪئي. پويان ٽي فرزند – مولانا حاجي محمد صالح صاحب، مولانا محمد قاسم صاحب، ۽ مولانا محمد ابراهيم صاحب، ڇڏي ويو. سندن مزار مبارڪ ڳڙهي ياسين جي اولاهين قبرستان ۾ زيارتگاهه آهي. سندن تاريخ وفات لاءِ عارف بالله عامل ڪامل سيد احمد شامي صاحب عربيءَ ۾ هي بيت چيا آهن:

اسفا لفقد العالم الرباني

الکامل المفضال زبدة عصرهٖ

اعني محمد هاشم من قد بدا

بشراه قد فازالسعادة بالرضا

 

صدرالعلوم و مفخر الاعيان

شيخ الکرام و ربة العرفان

ضيفا من الاضياف للرحمٰن

تاريخہ ”في معدل الرضوان“ – 1322

ايضاً تاريخ از ميانجي عبدالله سرهندي شهدادڪوٽي:

جست هندي چو سال رحلت او

گفت هاتف ”شد اندرون بهشت“-1322

 

مولانا دين محمد ”اديب“

 

مولوي محمد علي ”طالب“ مرحوم

هي بزرگ، بکر جي آسپاس ڪنهن ڳوٺ جو رهاڪو هو. سندس والد جو نالو محمد پناهه هو. سندس تخلص ”طالب“ آهي، جئن ته پنهنجي ڪتاب ”ظهور نامه“ ۾ چوي ٿو:

نامِ پدرِ ما ست محمد پناه

حاجيء حرمين شريفين هست

برسرم اين سايہء پاينده باد

نيز مرا نام محمد علي ست

 

ساخته در ظلّ محمد پناه

زائرِ فرخنده مقامين هست

از سببش بختم فرخنده باد

”طالب“ هم باز تخلص جلي ست

هيءُ بزرگ پاڻ نقشبندي سلسلي جو آهي. سندس مرشد حضرت نظام الدين صاحب سرهندي آهي. اُن جي منقبت ۾ 26 بيت چيا اٿس، جن مان ڪي هي آهن:

حضرت مرشد که شہِ با صفا ست

لامع خورشيد ز سرهند تافت

شيخ امين رهبر راهِ خدا

مرغ دل اوز حفيضِ صفات

دهن از او يافته رونق تمام

 

عاشقِ درگاه شہ مصطفا ست

روشني از پرتوِ او سند يافت

قطب احد غوث امامِ هدى

ساخته پرواز سوي اوج ذات

نامش زان آمده ”با دين نظام“

سرور ڪائنات صلي الله عليہ وسلم جن جو مُوي مبارڪ، جو روهڙي شريف ۾ قديم زماني کان محفوظ آهي ۽ سنڌ جا علماء ڪرام ۽ صوفيا عظام دل جي شوق سان ان جي زيارت ڪندا آهن، اُن جو تاريخي پس منظر پنهنجي ”ظهور نامه“ ۾ طالب مرحوم تمام چابڪدستيءَ سان چِٽيو آهي. مضمون ته تمام ٿورو آهي، مگر هن بزرگ اُن بابت جو ڪتاب لکيو آهي، اُن جا سڀ بيت 446 آهن، ۽ اُهو ڪتاب 1274هه ۾ تاليف ڪري ختم ڪيو اٿس – جيئن ته اُن ۾ لکيو اٿس ته

سال وي از هاتف کردم سوال

بهر چنين نامہء فرخنده فال

از مدد او قلم اينجا نوشت

وه چہ بود قصہء نيکو سرشت

بود ز هجرت بحساب و شمار

سال بهفتاد و دو صد باهزار

باز دو سال از بران بر فزود

خاتمہء نسخہء در اين سن ببود 1274

از رمضان جملہء آخر بدان

روز از او بيست و پنجم عيان

ڪتاب جو سبب تاليف هن طرح ڄاڻائي ٿو ته روهڙيءَ ۾ مُويءَ مبارڪ جي مجاور ميان رحمت الله مون کي موي مبارڪ جو لکيل احوال ڏنو ۽ ان کي فارسيءَ ۾ نظم ڪرڻ لاءِ ارشاد فرمايو، جو مون قبول ڪيو. اُن جو خلاصو هن طرح آهيِ:

شيخ عبدالباقي صديقي رحه بکر جي قلعي جو رهاڪو هو. اُهو حج تي ويو. اُتان وري اِستنبول اُسهيو. اُتي هڪ بزرگ شيخ نجم الدين هو – هيءُ اُن جي صحبت ۾ وڃي رهيو. اُن بزرگ وٽ مويءَ مبارڪ بي بي ام سلمہ وٽان واسطن سان پهتل هو. عبدالباقي اُن بزرگ وٽ ڇهه سال رهيو. عبدالباقيءَ جي فضيلت نجم الدين کي پسند آئي، ان ڪري پنهنجي نياڻيءَ جي شادي ان سان ڪرايائين. عبدالباقيءَ وطن ورڻ جو خيال ڪيو ته ان کي چيائين ته ”منهنجي حياتيءَ تائين اوهان کي مون وٽ رهڻو پوندو“، ان ڪري عبدالباقي وٽس رهجي پيو. اُن جي وفات کان پوءِ، پنهنجي زال سان، مويءَ مبارڪ کڻي، بکر موٽي آيو – مگر مويءَ مبارڪ کي ظاهر نه ڪيائين.

بکر ۾ حضرت حيدر شاهه حقاني رهندو هو، اُن کي حضور صلعم جن کان ارشاد ٿيو ۽ پڻ غيبي خدائي آواز ٿيو ته مويءَ مبارڪ عبدالباقيءَ وٽ آهي، اُن جي زيارت ڪر ۽ اُن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اُن کي ارشاد ڪر. هيءُ بزرگ، عبدالباقيءَ وٽ ويو ۽ اُن سان سارو احوال ڪيائين. عبدالباقيءَ چيو ته شريعت ۾ ٻه شاهد ضروري آهن، هڪ ٻيو به شاهد هجي ته پوءِ موي مبارڪ ظاهر ڪندس.

بود در آن قلہء بکهر بلند

شاه کہ او حيدر حقاني ست

مابہء صد فيض وَلّي خدا

بود شريعت هم گفتار او

شيخ اجل عارف بالله خوان

سيّد عالي شده رضوي لقب

قلعہء بکهر اگرش مسکن ست

قبہء عاليش زيارت گہ ست

نعمت عظمى چوبه بکهر رسيد

آمدش از درگہ يزدان خطاب

بندهء باقي که بود بکهري

زود خطابي برسان از منش

 

قطب يقين مرد بسي ارجمند

شيخ احد مصدر نوراني ست

صاحب دين رهبر راهِ خدا

گشتہ طريقت هم کردار او

قطب احد عاشق لِلہِ خوان

بود ز آلِ شہِ فخرِ عرب

در شهر لُو هَريش مدفن ست

در نظير ديده بصارت ده ست

در دلش از غيب ندا در رسيد

هم شہِ احمد زين سان خطاب

يا بي نزدش چو براو بگذري

واقف از سرّ حقيقت کنش

القصه، حضرت حيدر حقانيءَ کي ڏاڍو انتظار هو ته غيب مان ڪو ٻيو شاهد پيدا ٿئي ته مويءَ مبارڪ جي امين جو عُذر ختم ٿئي ۽ مويءَ مبارڪ ظاهر ڪري. تقدير کي منظور هو ته هي فيض اُمت کي ملي. ان لاءِ هيءَ صورت پيدا ٿي جو مخدوم محمد عثمان درٻيلي جي اولاد مان مخدوم عبدالملڪ حج تي ويو. اُتي حضرت صلعم جن ارشاد فرمايس ته حيدر حقانيءَ سان گڏجِي، عبدالباقيءَ کي چئو ته وار مبارڪ ظاهر ڪري. عبدالملڪ، حيدر حقاني سان گڏجي عبدالباقي کي اُن لاءِ چيو، جنهن قبول ڪيو ۽ اهو مويءَ مبارڪ 952هه ۾ پڌرو ڪيو ويو، ۽ اُمت لاءِ زيارتگاهه بنايو ويو. طالب مرحوم چوي ٿو ته:

ميد همت آگهي از پاک نور

نهصد و پنجاه ز هجرت ببود

بعد ازان هرسہ کس آن هوشيار

هست دراو جامع مسجد بلند

کره معيّن ز جنوبش مکان

نيز همانجا علم افراختند

 

کامده درسّنِ کدامي ظهور

هم دو عدد سال برآنها فزود

آمده در لوهري از بهرکار

از طرفي برلب درياي سند

ليک بود چند مکان در ميان

درگهه آثار بجان ساختند

 

نوٽ: ”ظهور نامه“ جي جنهن نسخي تان هي نقل ڪيو ويو آهي، اُن جو ڪاتب پنهنجو نالو ۽ ڪتابت جي تاريخ هن طرح تحرير ڪري ٿو:

”محرره نياز مند درگاه الله الصمد، آخوند فيض محمد ولد مرحوم فتح محمد عفي الله عنهما، سکنه شهر لوهري، في التاريخ 18 ماهه شوال المکرم سن 1306 هجري المقدسة“

 

مولانا دين محمد ”اديب“

 

مولانا محمد آڳرو مرحوم

 

هي بزرگ، صورت ۽ سيرت جو محبوب، ڳوٺ فيض محمد آڳري تعلقي ميهڙ جو ويٺل هو. مولانا عطاءُ الله فيروز شاهيءَ وٽ فارغ التحصيل ٿيو. مولانا محمد ننڍپڻ کان ئي نياز ۽ نئڙت جو مجموعو هو، ۽ هميشہ باادب رهندو هو – ايتريقدر جو سندس استاد چوندو هو ته ”جي ادب کي صورت هجي ها ته ميان محمد جي صورت اختيار ڪري ها“. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد، مولانا صاحب پنهنجي ڳوٺ ۾ تَوڪل عَلي الله گوڏو ڀڃي ويهي رهيو ۽ درس تدريس جو سلسلو شروع ڪري ڏنو، ۽ نهايت ئي ڪاميابيءَ سان طالبن کي فيض رسايو. سندس شاگردن مان مشهور هيٺيان آهن: (1) مولوي قادر بخش، ضلعو نوابشاهه؛ (2) مولانا گلاب الدين چنو، فيروز شاهي؛ (3) مولوي محمد علي، ضلعو نوابشاهه؛ (4) مولوي فيض الڪريم ساند، ٺارو شاهي، اهلحديث؛ (5) مولوي نبي بخش، ضلعو نوابشاهه؛ (6) مولوي محمد صاحب آڳرو، ضلعو نوابشاهه؛ (7) مولوي محمد دائود آڳرو، ضلعو نوابشاهه؛ (8) مولوي محمد اسماعيل، ضلعو نوابشاهه؛ (9) مولانا محمد پريل آڳرو؛ (10) مولوي غلام نبي، سندس ڀائٽيو؛ (11) مولوي ڪريمداد، ٺوڙهي تعلقي قنبر وارو؛ (12) مولوي محمد مختار جاگيراڻي؛ (13) حڪيم مولوي فضل محمد، نوشهري فيروز وارو؛ ۽(14) حڪيم مولوي عنايت الله، سندس ڀائٽيو.

مولانا محمد صاحب، پنجاهه ورهين جي ڄمار ۾، 15 رجب سن 1324 هجريءَ ۾ وفات ڪئي.


*  هيءَ سوانح عمري مولوي نجم الدين ۽ محمد قاسم صاحب ياسينيءَ جي موڪليل مواد تان ورتل آهي.- مرتب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com