سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :28

5

 

اديب ۽ شاعر

 

هر ڪنهن ادب تي جيستائين ڪنهن ٻئي ادب جو اولڙ يا عڪس نٿو پوي، تيستائين ان کي پنهنجي ادنيٰ ۽ اعليٰ حيثيت جو پورو احساس نٿو ٿئي؛ ۽ جيستائين اهو احساس پيدا نه ٿيو آهي، تيستائين هو پنهنجي روش، رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار آڻڻ لاءِ تيار نه ٿيندو- اهي ئي پيرون ۽ اهائي پاٽ هوندي.

سنڌي ادب به جيستائين فارسي، عربي ۽ انگريزي وغيره ادبن سان آشنا نه ٿيو، تيستائين منجهس ڪي ارتقائي تحريڪون پيدا نه ٿي سگهيون؛ ۽ جڏهين سنڌ وارن به ٻين ٻولين جي ادب جو گهرو اڀياس ڪيو، ته کين به پنهنجي ادب کي ٻين جو همعصر بنائڻ، بلڪ پنهنجي خصوصيات کي قائم رکندي ٻين ادبن جي چڱاين کي به پاڻ ۾ سمائڻ جو جذبو پيدا ٿيو. ۽ اهو ئي جذبو ۽ تحريڪ آهي، جنهن اسان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪيو، ۽ قائم رکيو آهي.

هر ڪنهن دور ۾ ۽ هر هنڌ اهڙا انسان پئي پيدا ٿيا آهن، جن عام روش ۾ ڦير ڦار پئي آندي آهي، ۽ ادب جي شيش محل ۾ مناسب هنڌن تي پنهنجي فنڪاريءَ جو مظاهرو ڪندي، ڪجهه نه ڪجهه رنگيني پيدا ڪري، ’ماني‘ ۽ ’بهزاد‘ جي گلڪاريءَ، ڪاڪ جي فنڪاريءَ ۽ گرنار جي صداي سرفروشيءَ کي پئي ورجايو، ۽ حياتيءَ جي نون پيچرن جا پانڌيئڙا ٿي، وقت سر اهو ڪجهه پئي ڏنو آهي، جنهن جي سردست گهرج ۽ ضرورت پئي رهي آهي.

سنڌي ادب ۾ پڻ اهڙيون نيڪ شخصيتون پيدا ٿينديون رهيون آهن، پر ننڍي ٽهيءَ وارا انهن لائق ۽ فائق هستين کان نا آشنا آهن، تنهنڪري لازم آهي ته اسين پنهنجن وڏڙن کي به احسان جي نظر سان ڏسون، ۽ انهن جي ڪارنامن مان به ايترو ئي ڪجهه پرايون، جيترو پرائڻ کپي، تاڪ اسان جي فڪر جي پيڙهه سنڌيت تي قائم رهي، ۽ ان جي اوساري ۾ مختلف، مناسب ۽ سهڻين سرن سان عاليشان عمارت جڙندي راس ٿيندي رهي.


 

محمّد سومار شيخ

مرحوم پير ڀاون علي شاهه ”ساقي“

 

سرزمين سنڌ تي ڪيترن اهڙن گوهرن قدم گهمايا آهن، جن کان سنڌ خواهه سنڌين کي فخر حاصل آهي. اهڙن اولين صف جي شخصيتن مان شاهه قادري عليہ رحمة جن به آهن، جن سنڌ ۾ اچي، سنڌ کي دين اسلام جي تبليغ سان منور ڪيو. ڪافي غير مسلمن کي دين اسلام ۾ آندائون. بالاخر پاڻ بدين ۾ سڪونت اختيار ڪيائون، ۽ اُتي ئي رهي وصال ڪيائون. سندن ئي اولاد، شاهه قادري عليہ رحمة بدين جي درگاهه جو سجاده نشين آهي. انهيءَ ئي سلسلي ۾، اسان جي لاڙ جو مشهور درويش پير ڀاون علي شاهه ”ساقي“ جو والد بزرگوار فقير پير محمد شاهه هڪ خدا رسيدو ۽ عالم شخص هو. سدائين سادو سودو گذارڻ، تڏيءَ تي ويهڻ، ۽ سنت رسول الله صلعم جي پيروي ڪرڻ سندن مول متو هو. مريد کين سدائين عبادت الاهيءَ ۾ مشغول ڏسندا هئا. پاڻ ڏها ۽ چاليها ڪڍندا هئا. ڏينهن ۾ هڪ وقت چانورن جي ماني ٻاڪري کير سان کائيندا هئا، ۽ بس. اونهاري ۾ اڇي چادر ۽ سياري ۾ ڪاري کٿي زيب تن ڪندا هئا. وقت جي حاڪمن (انگريزن) جي ڪا به پرواهه نه ڪندا هئا. پاڻ اَسي ورهين جي ڄمار ۾، جمعي جي ڏينهن 1900ع ۾ رحلت فرمايائون. ڳالهه ٿا ڪن ته پاڻ مريدن کي چيائون ته ’اسين جمعي نماز اوهان سان اچي ٿا پڙهون‘؛ پوءِ حويليءَ ۾ هليا ويا، ۽ وصال ڪيائون. پر اڳ تاڪيد ڪيائون ته ’جمعي نماز مهل اسان جو جنازو مسجد ۾ پهچايو وڃي‘. ارشاد موجب، ائين ڪيو ويو. نمازين جنازي نماز پڙهي ۽ شاهه قادري عليہ رحمة جي مقام ۾ کين دفن ڪيو ويو.

جنهن وقت سائين محمد شاهه جن وصال ڪيو، ان وقت ”ساقي“ سائين جن چوڏهن ورهين جا هئا. اهي چوڏهن ورهيه پنهنجي بزرگ والد جي سايي ۾ گذاري، گهڻو ڪي حاصل ڪيو هئائون. گهرو استاد جي زير نظر سنڌي، عربي، فارسي، گجراتي، اردو ۽ انگريزي پڻ سٺي نموني سان پڙهي هئائون. چنانچه، سائين محمد شاهه رحه جي وصال کان پوءِ، پِير ڀاون علي شاهه جن کي جملي مريدن پڳ ٻڌائي، درگاهه شاهه قادريءَ جو سجاده نشين مقرر ڪيو. پاڻ ڏاڍي حسن تدبر سان مريدن ۽ خادمن سان هلندا هئا. دين اسلام جي تبليغ ڪرڻ سندن خاص مشغلو هو. ننڍي هوندي کان علم و ادب طرف جو چاهه رکندا هئا، تنهن لاءِ هاڻي کين اڃا پيار وڌڻ لڳو. علم حاصل ڪرڻ لاءِ سڄيءَ دنيا جو سفر ڪيائون. پنهنجي لئبرريءَ کي پُر ڪرڻ لاءِ پري پري کان ڪتاب گهرايائون. جيڪي قلمي ڪتاب ملي نٿي سگهيا، سي اُتارائي، پنهنجي لئبرريءَ ۾ ضرور آندائون ٿي. انهيءَ علمي چاهه ڪري، سندن لئبرري، جا قيمتي ڪتابن سان اڳي ئي ٽُٻ ٿي پيئي هئي، سا هيڪاري پلٽڻ لڳي، ۽ انهيءَ جي لاءِ خاص بنگلي ۾ علحدو ڪمرو ٺهرائڻو پين.

پير ڀاون علي شاهه جن ويهن ورهين جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. سندن ڪلام نهايت ئي پختو ۽ دلپذير هو، جنهن وقت جي شاعرن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو. آخر وقت ۾ هيٺيان مکيه چار بزرگ سندن ڪچهريءَ جو سينگار هئا؛ (1) مولوي تاج محمد ”مشتاق“؛ (2) فقير حاجي پير بخش ”دلريش“، چشتي، قادري؛ (3) سيد ڪرم علي شاهه لڪياري؛ ۽ (4) مولوي احمد ملاح. جڏهن پاڻ ۾ گڏجي شعر و شاعريءَ تي بحث ڪندا هئا، تڏهن آخرين فيصلو سائين ”ساقي“ جن ڪندا هئا، جو سڀني لاءِ راحت جو باعث هوندو هو. چارئي بزرگ شعر ٺاهي سندن خدمت ۾ آڻيندا هئا، جن کي پاڻ درست ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾ مزيدار مذاق ڪندا هئا، ۽ شعربازيءَ ۾ بي تڪلف چوٽون هلنديون هيون. مولوي تاج محمد ”مشتاق“ (جو لوهارڪو ڌنڌو ڪندو هو) سندن گهاٽو دوست هو. حسب معمول، هو هڪ غزل جوڙي سندن خدمت ۾ کڻي آيو. کين پسند نه آيو، ۽ پاڻ اهو شعر ڪچهريءَ کي پڙهي ٻڌايائون. ڏاڍي کِل ٿي. پوءِ پاڻ في البديهه هڪ غزل چيائون، جنهن ۾ تاج محمد ”مشتاق“ کي مخاطب ڪري مٿس چوٽ ڪئي اٿن. اهو غزل هي آهي:

نصيبن ۾ اٿئي اڱر ڪهڙا ڪهڙا!

وڃايئي هٿن مان گُهر ڪهڙا ڪهڙا!

 

وڃايئي سڄي عمر سانداڻ ڀر ۾،

ڇڪيا تو ڌمڻ جا سنگر ڪهڙا ڪهڙا!

وڏاڻن سڄي عمر، جنهن کي وڃايو،

سخن ساز ٿيندا لوهر ڪهڙا ڪهڙآ!

 

لَٽيو آهي لعلن کي تو ڌوڙ اندر،

ڪيئي ڪاچ جا هٿ ٽڪر ڪهڙا ڪهڙا!

 

ويو نڪري شعريءَ جو مادو به تو مان،

ادا، ميڙيا تو مُئَر ڪهڙا ڪهڙا!

 

سڏائي سخن ساز ماڻهن جي مهندا،

کلايا تو سر تان سَکر ڪهڙا ڪهڙا!

 

هنيو مغز ’مشتاق‘، تو جو اجايو،

شعر جي عوض ٿيا پٿر ڪهڙا ڪهڙا!

 

نه غمگين ’مشتاق‘ ٿيندو، يقيناً،

سڻي تنهنجا ”ساقي“ شعر ڪهڙا ڪهڙا!

 

ماڻهو پئي کِليا، ۽ ”مشتاق“ خوش پئي ٿيو. آخر ته سندس مرشد ئي سندس شعر تي تنقيد ڪري هڪ غزل چئي رهيو هو! کين جڏهن ’لوهار‘ سڏي شعر چيائون ته بالڪل خوش ٿيو؛ ڇو ته پاڻ لوهارڪي ڪم ڪري لوهار به سڏبا هئا.* اهڙيءَ طرح، ”ساقي“ صاحب ٻين سان به کِل ڀوڳ ڪندا هئا، پر ”مشتاق“ سان دل هوندي هين. جيئن شاهه ڀٽائي عليه رحه جي ’وڳند‘ فقير سان دل هوندي هئي، اهڙيءَ طرح ”ساقي“ صاحب ”مشتاق“ کي ’وڳند ثاني‘ ئي سمجهندا هئا.

”ساقيءَ“ جون ڪافي تصنيفون آهن، جن مان ڪيترو حصو سندن موجوده سجاده نشين پير عالي شاهه جيلانيءَ جي ڪمسنيءَ واري وقت ۾ ضايع ٿي ويو. ڪتبخاني مان ڪيترائي قيمتي ڪتاب ۽ ناياب قلمي نسخا کڄي ويا. مناجات پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ پڙهندڙ پنهنجا ڪيل ڪرتوت سامهون ڏسي رهيو آهي، ۽ انهن جي معافيءَ لاءِ رحمة للعالمين اڳيان ٻاڏائي رهيو آهي. اها مناجات شايع ٿيل آهي. سندن ٻي تصنيف ”ساقيءَ جا سخن“ آهي، جنهن ۾ سندن ڪي غزل ۽ ڪافيون، رباعيون ۽ مسدس ڏنل آهن. هي قلمي ڪتاب آهي، ۽ ”ساقي“ صاحب پاڻ پنهنجن هٿن مبارڪن سان لکيو آهي. سندن اها عادت هوندي هئي ته سفر ۾ ڪا به ڪافي يا غزل چوندا هئا، ته مريد ڳائڻ لاءِ وٽانئن کڻي ويندا هئا.

سندن تصنيف ڪيل مناجات پڙهڻ سان وار وار ڪانڊارجيو وڃي. هوشُو شيديءَ کي سندن گهڻو سارو ڪلام ياد هو، مگر افسوس جو ٿورو وقت ٿيندو ته اُهو به گذاري ويو؛ تاهم به سندن ٽڙيل پکڙيل ڪلام – ڪافيون، غزل، نظم، وغيره- جيڪي ڪجهه مريدن کان هٿ اچي سگهيو آهي، سو ”ساقيءَ جا سخن“ جي نالي سان ڇپائڻ لاءِ مون گڏ ڪيو آهي. پاڻ سنڌي نثر ۾ پڻ ڪجهه مضمون لکيا هئائون، پر اهي سڀ تلف ٿي ويا آهن؛ البت اردو ۾ لکيل هڪ مضمون هٿ اچي سگهيو آهي، جنهن ۾ هڪ هنڌ پنهنجي خاندان بابت سرسري ذڪر ڪيو اٿن. سندن اهو اردو مضمون، ۽ ڪجهه فارسي ۽ اردو جا اشعار پڻ ”ساقيءَ جا سخن“ ۾ شامل آهن. پنهنجي بزرگن جي تحرير ڪيل ڪن قلمي نسخن جي مدد سان، هڪ فارسي ڪتاب پڻ تصنيف ڪيو هئائون، پر هن وقت اهو ناپيد آهي.

پاڻ شڪار ڪرڻ جا بيحد شوقين هئا، ۽ نشاني وٺڻ ۾ خاص مهارت هئن. پاڻ نهايت وجيهه ۽ حيرت جي حد تائين حسين هئا. سندن مريدن ۾ هيءَ روايت عام آهي ته ڪڏهن پاڻ اونداهيءَ ۾ ويٺل هوندا هئا، ته به ڀرپاسي ۾ ويٺل ماڻهو سندن نوراني منهن مبارڪ ڏسي سگهندا هئا – جيتوڻيڪ ساڳئي وقت ٻيا ماڻهو هڪ ٻئي جو پاڇو به ڪين پسندا هئا. ڪن ڀرپاسي وارن پيرن جي ساڻن ڪانه پوندي هئي؛ پر تڏهن به پاڻ انهن سان ايترو ضد نه رکندا هئا. پاڻ صابر ۽ شاڪر هوندا هئا.

سائين ”ساقي“ جن، ڦوهه جوانيءَ ۾، تاريخ 19 آڪٽوبر 1918ع تي هن فاني جهان مان رحلت ڪري، جاويد وطن جا رهواسي ٿيا. سندن تربت تي سنگمرمر جو عاليشان ڪٽهڙو چڙهيل آهي، جنهن جي مٿان شاهه قادري رحه ۽ سندن پيشرو سجاده نشينن وانگي ڪچيءَ مٽيءَ جو گنب ٺهيل آهي، ۽ ان تي ڪيترائي ڪتبا اڪريل آهن.

پاڻ جنهن وقت وصال ڪري رهيا هئا، ان وقت سندن فرزند ارجمند پير عاليشاهه صاحب جيلاني اڃا ٽن ورهين جو معصوم هو، ۽ انهيءَ ئي عمر ۾ پنهنجي والد بزرگوار جو مسند نشين بنيو. هن وقت پڻ پير عاليشاهه صاحب جن بدين جي درگاهه شاهه قادريءَ جا سجاده نشين آهن. کين پڻ شعر و ادب سان انس ۽ دلچسپي آهي.

سائين ڀاون علي شاهه ”ساقيءَ“ جي ڪلام مان، نموني طور، ڪي جواهر پيش ڪريان ٿو.

(غزل)

 

هئاسون موت تي راضي، رضا کي ڇا ٿيو حاصل،

اسان کي ماريو محبت، قضا کي ڇا ٿيو حاصل؟

ڪري ها نرم – دل ان کي، ڏنئين جنهن حسن جي دولت،

بنائي سنگدل بت کي، خدا کي ڇا ٿيو حاصل؟

ٿي آهيم نيم – بسمل دل، صنم جي تيغ ابرو سان،

رهي سان ڦٿڪندي دل، دلربا کي ڇا ٿيو حاصل؟

شڪايت آهي مينديءَ سان، مَکيان پيرن کي خونِ دل،

عبث ٿيو موت عاشق جو، حنا کي ڇا ٿيو حاصل؟

 

اسان کي نينهن جي ناوڪ، ازل کان آهه ڪيو پورو،

سندءِ پيڪانِ مزگان جي شنا کي ڇا ٿيو حاصل؟

اسان پيالو فنائيءَ جو، ڪيو حاصل حبيبن کان،

اي ”ساقي، تنهنجي هن جامِ بقا کي ڇا ٿيو حاصل؟

 

ٿيا بيدلن تي ظلم ڪهڙاڪهڙا!

ڪيا تو اسان تي ستم ڪهڙا ڪهڙا!

نگہِ ناز ڄاڻي نشانو اسان کي،

ٿا ڪن تيرِ مزگان زخم ڪهڙا ڪهڙا!

سندءِ يار فرقت ۾ گذريا اسان تان،

الم ياس حسرت ۽ غم ڪهڙا ڪهڙا!

اهو طائرِ دل اُڏامي نه ويندو،

پيا جنهن کي زلفن جا خم ڪهڙا ڪهڙا!

ڦِري دل نه توکان، مثل قطب جي سا،

ڏسون ڀل جهان ۾ صنم ڪهڙا ڪهڙا!

لِکي وصف تنهنجي نه مهرو سگهان ٿو،

لکي داستانا قلم ڪهڙا ڪهڙا؟

رهيو ڪونه فرهاد، وامق نه مجنون،

ويا ٿي زمين ۾ ختم ڪهڙا ڪهڙا!

فريدون، جمشيد، دارا، سڪندر،

ويا خاڪ ۾ ٿي ختم ڪهڙا ڪهڙا!

اچي آتشِ عشقِ جانان جي اندر،

بنايئي اي ”ساقي“ نظم ڪهڙا ڪهڙا!

 

(ڪافيون)

اڄ ته عجيبن جي به اچڻ جا، عهد چوان انجام چوان!

 

قامت زيبا سرُ صنوبر،

لب مرجان، دندان مثل دُر،

وار واسينگن وانگي وشهر،

زلف چوان يا دام چوان!

 

 

چاه ذڪن يا چاه ڪنعاني،

آرزو آهن سوسن ثاني،

ابرو مصطفا عيد نشاني،

چشم چوان يا بام چوان؟

 

 

رخ محبوبي ماه منوّر،

زلف عنبر – بُو، سياهه سراسر،

ڪيئن ٿيا آهن هي ٻه برابر-

صبح چوان يا شام چوان؟

 

 

نظر نهوڙيو آهي عجيبن،

طاقت ناهي ڪا به طبيبن،

هام هِنئين ۾ هنئي حبيبن،

”ساقي“ چوان صمصام چوان؟

*

وهن ناز مان نيڻ نازڪ نماڻا،  جڏهن ٿا پون ياد مون کي اباڻا.

عمر ڪيِم تون مون کي، مِهڻن سان مار،

اٿم ياد سيني ۾ سهڻا سگنهار:

ڏسان شال پنهنجا پکا پڊ پراڻا.

سپر سومرا تو ڪيو هي ڪلور،

مون کي قيد ڪاري، ڏيهاين کان ڏور؛

ڪنديس آءٌ ڪن سان، مارن ريءَ ماڻا.

وسي مينهن ڪيا ٿر مٿي ريج ريلا،

پنهوارن جي پاسي ٻڏا ٻوهه ٻيلا،

ڦلاريا وري ڦوڳ مکڻيون مانڌاڻا.

منهنجا ماروئن کي سڌا ڏيج ”ساقي“،

نياپا نڌر نيڻ واهي فراقي-

ڪندس آءٌ ڪِرڙن ۾ ٿر ٿاڪ ٿاڻا.

مناجات*

الف – اول آس آهيم در ڌڻيءَ جي دائما،

تو بنا ٻيو ڪير سڻندو ڏک ڀريو احوال ما،

ٿو گهران جيڪي اُميدون تو دران، تون ڪر عطا،

سرفرازي ڏي سدا، تون يا نبي بخشين خطا:

يا محمد مصطفيٰ، هي عرض منهنجو دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم!

ف – فڪر دنيا ڪنان ڪر قلب منهنجو صاف صاف،

قلب تان ڪارا ڪٽر، ڪر دور منهنجي تؤن غلاف،

تن درندن کي دفع ڪر، جي هجن منهنجي خلاف،

سوال سڻ سيد سچا، عالي نسب، عالي شراف:

يا محمد مصطفيٰ، هي عرض منهنجو دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم!

ي- يقين آهم عنايت ۾ اوهان جي يا نبي،

آهي .ساقي“ سگ سندءِ، درگاهه تنهنجي يا نبي،

تنهن مٿي رک مهرباني، مهر پنهنجي يا نبي،

عزت عقبا ۾ دنيا ۾، رک تون يا نبي:

يا محمد مصطفيٰ، هي عرض منهنجو دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم!

يا نبي تنهنجي ثنا خواني ڪندي ڇا هيءَ زبان،

ڇا بشر کي آهي طاقت جو ڪري وصفون بيان،

خود خدا تنهنجيءَ صفت ۾ آهي ڪيو نازل قرآن،

تون نه ٿين آدم منجهان، آدم ٿيو تو مان عيان:

يا محمد مصطفيٰ، هي عرض منهنجو دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم!

 

*مُرغِ دل ڇو ٿو روئين، هت روئڻ آهي منع،

غمزدن جي دانهن دلبر وٽ سڻڻ آهي منع.

بوسہء دلبر ملي، سر سؤ دفعا صدقي ڪريان،

عشق جي مذهب ۾ مستن کي مُڙڻ آهي منع.

هٽ رواج آهي اصل، اي مرغِ دل ارمان نه ڪر،

تيغ ابرو جي شهيدن کي چرڻ آهي منع.

نعش کي ٺوڪر هڻي، ان سنگدل منهنجي چيو،

عشق جي مقتل ۾ دست و پا هڻڻ آهي منع.

نوش ڪر جامِ شهادت تشنگيءَ جي واسطي،

شربتِ لب توکي گر ”ساقي“ ڏيڻ آهي منع!

 

پير محمّد قريشي

آخوند لطف الله ”لطف“

آخوند لطف الله ولد آخوند اسحاق جا وڏا اصل مسقط جا رهاڪو صديقي قريشي هئا، ۽ غازي محمد بن قاسم جي زماني ۾ اچي ديبل بندر جي شهر ۾ سڪونت پذير ٿيا. عربي تعليم ڏيڻ سندن خاص ڌنڌو هو. رفتي رفتي، انهن آخوندن جي اولاد مان ڪي خاندان سنڌ جي جدا جدا شهرن ڏي لڏي ويا، جتان مير غلام علي خان کين گهرائي حيدرآباد ۾ رهايو، ۽ پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سندن حوالي ڪئي. انهيءَ وقت کان وٺي اهي آخوند، مير صاحبن جي ٻارن کي پڙهائيندا رهيا.

انهن سنائي آخوندن جو وڏو غازي بن سعد هو، جنهن جو فرزند آخوند عبدالڪريم، حديده (عربستان) جي وڏيءَ درگاهه جي بزرگن پاران، سنڌ لاءِ خاص خليفو هوندو هو، ۽ مير ڪرم علي خان جي دور حڪومت ۾ ڪارداريءَ جو عهدو به هوس. اهو محلو حيدرآباد شهر جي کيانتي ٽنڊي سان لڳ لڳ هڪ قديم محلو آهي، جنهن کي ’شيراني آخوندن جو محلو‘ يا ’آخوند عبدالڪريم غازيءَ جو محلو‘ به سڏيندا آهن.

آخوند لطف الله جي ولادت سن 1842ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿي. ابتدائي تعليم جا مرحلا طي ڪري، عربي ۽ فارسي تعليم جو به مطالعو ڪيائين. هندي ۽ سنسڪرت ٻولين تي به چڱي دسترس هيس. پهريائين هو آخوند محمد صديق جي

مڪتب ۾ پاڙهيندو هو، جتان پوءِ لوڪلبورڊ جي طرفان ابتدائي ماستر مقرر ٿيو. چنيجن، نصرپور، تاجپور ۽ ٻين ڪيترن هنڌن پنهنجي نوڪري بلڪل سٺي نموني ادا ڪيائين. پڇاڙيءَ ۾ ٽنڊي ولي محمد اسڪول ۾ (جو هاڻي قاضي عبدالقيوم اسڪول سڏجي ٿو) هيڊ ماستر مقرر ٿيو. نوڪريءَ واري وقت ۾  طبابت جي ڪم سان به دلچسپي هوندي هيس.

آخوند صاحب چڱو نثرنويس، نظم گو، ۽ ذوق سليم جو مالڪ هو. سندس قابليت، سندس ڪتاب ”جانعالم ۽ انجمن آرا“ عرف .گل خندان“ مان ظاهر آهي. اهو ڪتاب اصل ”فسانہء عجائب“ هنديءَ تان ترجمو ٿيل آهي، پر ترجمو اهڙو ته عمدو ٿيل آهي، جو منجهانئس نقل جي بوءِ اصل ڪانه ٿي اچي: اگرچ تصنع کان خالي نه آهي ۽ ڪٿي ڪٿي سندس عبارت سنڌي وضع کان ڦِري ويئي آهي، ته به منجهس سجع ۽ تُڪبندي بلڪل وڻندڙ آهي. ڪتاب جي اهميت جو سبب هي آهي، جو اهو سنڌي نثر جي اوائلي ڪتابن مان آهي. سنڌ سرڪار هو ڪتاب ڏسي پسند ڪيو، ۽ کين ٽي سو رپيا (جي هن وقت جي لحاظ کان ٽن هزارن جي برابر آهن) انعام ڏنو: آئيندي لاءِ ڪتاب جو حق تصنيف به سندس نالي ڪيو ويو، ۽ ان کي سرڪاري طور اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ڪورسن لاءِ منظور ڪيو ويو، جو هن وقت بي.اي. ۽ ايم.اي جي ڪورس تي رکيل آهي.

آخوند صاحب جي اڪثر ڪري مرحوم هز هائينيس مير عبدالحسين خان ”سانگي“ ۽ مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جن سان رس – رهاڻ هوندي هئي. جڏهن آخوند صاحب ڪتاب ”گل خندان“ تيار ڪري مرحوم هز هائينيس صاحب کي ڏيکاريو، ته مرحوم ڪتاب پڙهي بلڪل پسند ڪيو ۽ پنهنجي پسنديءَ جو داد هيٺين شعرن چوڻ سان ادا ڪيائين:

لطف الله جو ترانو آهي،

’جانعالم‘ جو هي فسانو آهه؛

مترنَّم ٿيا شائقين هن تي،

”گل خندان“ جو ٿيو زمانو آهه؛

رهي ’افسانهء عجائب‘ ويو،

هن طرح هر ڪوئي روانو آهه؛

لال رخسار نازنينن تي،

خال دانه فريب دانو آهه؛

’ماه طلعت‘ ڪٿي به غمزده و ناز،

ڪيڏي طوطِي ويو شهانو آهه؛

ڪٿي اڄ آهه ’انجمن آرا‘،

”سانگي“ دنيا سڄي بهانو آهه!

 

آخوند صاحب سن 1898ع ۾ نوڪريءَ کان فارغ ٿيو، ۽ باقي حياتيءَ جو وقت باقاعدي طبابت جي ڌنڌي ۾ گذاريائين. پاڻ طبابت جي ڪم ۾ هوشيار هئا، ۽ سوين ماڻهن کي ڪيترن موذي مرضن مان الله تبارڪ تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان ڇڏايائين. بعضي ڪو غريب مريض وٽن لنگهي ايندو هو، ته توڙ تائين ان جي دوا بنا پيسي وٺڻ جي ڪندو هو. ان سان گڏ، پنهنجي شعر و شاعري کي به نه ڇڏيائين. ڊسمبر 1902ع ۾ داعيء اجل لبيڪ چئي الله تعاليٰ جي حضور وڃي حاضر ٿيو-انا لله و انا اليہ راجعون. کيس ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي هئي. وڏو پٽ محمد اسحاق، - جنهن تي سندس ڏاڏي جو نالو رکيل هو – ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جي آفيس ۾ سيڪنڊ منشي هو، ۽ سن 1918ع ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ گذاري ويو. ٻيو پٽ ميان محمد حيات قريشي (ولادت: 5 مارچ 1903ع) حيدرآباد ميونسپل اسڪول ۾ ماستر هو، ۽ هن وقت پينشن تي آهي.

مرحوم آخوند صاحب جو ادبي ذخيرو، جنهن ۾ سندس شعر، نعتون، مناجاتون ۽ مضمون موجود هئا، سو سندس وڏي فرزند وٽ هو. ان جي وفات بعد جيئن ته آخوند صاحب جو ٻيو فرزند اڃا ٻار هو، تنهنڪري سڀ ڪتاب رلي ويا. فقط هڪ نسخه جات جو قلمي ڪتاب هڪ ٻه رباعيون ۽ مناجاتون موجود آهن. افسوس جو اهڙو املهه ادبي ذخيرو ائين رلي ويو! سندن مناجات ۽ شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

مناجات بدر گاه قاضي الحاجات

 

لطف ر يا رب مون تي، مصطفيٰ جي واسطي،

صاف رک سينو سندم، صدق و صفا جي واسطي؛

تنهنجي بخشش ۽ عطا جو بحر بي پايان آهه،

ڪر عفو مون کي گنهه، پنهنجي عطا جي واسطي؛

مون ڪيا عصيان بيحد، چوڻ چارو ناهه ڪو،

محو سي ڪر پنهنجي ذاتِ ڪبريا جي واسطي؛

نفس جي خاطر لڳي مون عهد سڀ تنهنجا ڀڳا،

آسريوند آهيان تنهنجي وفا جي واسطي؛

رک صداقت ساڻ منهنجو قلب ۽ سينو صفا،

تنهن سچي صديق اڪبر با صفا جي واسطي؛

نفس شيطان تي مون کي غالب سدا رک ۽ قوي،

حضرتِ فاروق عادل بيريا جي واسطي؛

ڏي حيا ۽ حلم پڻ ايمان سلامت منهنجو رک،

’جامع القرآن‘ تنهن صاحب حيا جي واسطي؛

زهد ۽ طاعت عبادت تي مون کي رقم مستقيم،

حاميء دينِ نبي، صاحب لويٰ جي واسطي؛

ڪر سندم سيني کي تون مخزن... اسرا جو،

’بابِ شهرِ علم‘ تنهن مشڪل ڪشا جي واسطي؛

صبر ۽ ايمان ۽ تقويٰ منجهان ڀاڱو ڏيار،

صابر و معصوم حسن المجتبيٰ جي واسطي؛

چشمہء ڪوثر مان مون کي جام جنت ڪر نصيب،

تشنهء لب حضرت شهيدِ ڪربلا جي واسطي؛

دين ۽ دنيا ۾ منهنجو يا الاهي ستر رک،

تنهنجي جگر گوشِ نبي خير النسا جي واسطي؛

منهنجي تون اولاد کي نعمت سعادت ڪر نصيب،

اهلبيتِ طاهر و آلِ عبا جي واسطي؛

دين و دنيا جا سندم آسان مشڪل ڪر سڀئي،

شاه محيّ الدين قطب الاوليا جي واسطي؛

”لطف“ تنهنجي در مٿي آهي سدا اميدوار،

آه سو سائل سندءِ لطف و سخا جي واسطي!

 

هر هر پڇان ٿي پنڌڙا منٺار يار ڪاڻ،

مشڪل ٿيم گذارڻ دلدار ڌار هاڻ.

ڇڏ ڪِيم تون ڇپر ٿر ۾ نه هيءَ ٿڪي،

گولي نيو قطاري ڪيچي قطار ساڻ.

خوش هوس، هوس جڏهين کان عشق بيخبر،

آڻي قدم ڏکن جي ڏولي ڏوار ساڻ.

هوءَ جا تري نه ڄاڻي، گمراهه منجهه گسن،

ڏيکاريو ڀليءَ کي ڀيلو ڀتار ڀاڻ.

جيڪر اچين، ڀلائي، منهنجي اڱڻ عجيب،

ڪريان نثار توتان قربان يار پاڻ.

هن بحر ۾ سخن کي ذوقافيتين جوڙ،

دُرِ سخن سياڻا هيئن آبدار آڻ.

جا ”لطف“ رمز سهڻي هن شعر ۾ سئي،

ڪُل کان ڪسر تنهين کي تون هوشيار ڄاڻ.

(”سنڌ سڌار“: ڊسمبر 1876ع)

 

جيئن گهورن سان دل کي گهائين ٿو،

تيئن سڄڻ سهڻا ساهه کي سهائين ٿو.

ڇا هي سورج ۽ چنڊ چوڏهينءَ جو،

هڪ جلوي سان ٻئي جهپائين ٿو.

سؤ سؤ سرڪش تون سڄڻ هر ساعت،

ناز نيڻن جي سان نمائين ٿو.

راءِ رانجهن وٺيو رقيبن جي،

ڪيئن نماڻن کان اڄ نٽائين ٿو!

ڏيئي دلاسا دليون کسي، دلبر،

ميٺ محبت وري مٽائين ٿو.

رس – رهاڻيون رکيو رقيبن سان،

عاشق کي سڄن سڪائين ٿو.

پيّ پهرين وصل جا ڏيو وعدا،

پوءِ گوشو ڪري گسائين ٿو.

عاشقن کي عتاب جي منجهه آڳ،

جيءَ جڙيا جي جگر جلائين ٿو.

قرب جي عاشقن جي قلبن ۾،

راز ڪنهن رمز سان رلائين ٿو.

حلقه درگوش جڳ ٿئي، جاني،

هر طرح حڪم اڄ هلائين ٿو.

عيد ٿي اڄ عجيب منهنجي اڱڻ،

پرت جا پير پر جو پائين ٿو.

سچ سخن ۾ ادا سخن – پرور،

’قاسما‘ ڪيميا ڪمائين ٿو.

ٿي مشفق ۽ مهربان مٺا،

لؤن جڏهين ”لطف“ ساڻ لائين ٿو.

(”سنڌ سڌار“: سيپٽمبر 1880ع)

 

ڪيو دورِ فلڪ جي يار کان مون کي جدا امشب،

لکيو تقدير ۾ حرف جدائي جو قضا امشب.

سواد زلف دلبر جي لکيو خط سياهيءَ جو،

ته صبح وصل جو آخر ڪندو ظاهر ضيا امشب.

 

دل مجنون سان يارو اچي منهنجي پئي ياري،

ته وحشت کان بهر لحاظ ڪري التجا امشب.

پسيو تبسيح ۾ ڪو عقد شڪل بي جميعت،

ته عارف ورد دوشينو ڪيو ويٺو قضا امشب.

نه هو مشڪل مگر تسبيح جو هو عقد لا ينحل،

طبع کي عارفن جي هئي نه تلقين رضا امشب.

مگر منصور جو ناحق ڏنائون سر مٿي سوري،

نه پرجهيم هن حقيقت ڪاڻ تعبير قضا امشب.

به بندي هجر اين ’مهجورا‘ تا ڪئي پسندي تو،

بعزما بهر درمان مخزون دوا امشب.

نه هو ڪو ”لطف“ کي هرگز خيال وصل دلبر جو،

مگر دفع بلا ڪارڻ گهري ٿي دل دعا امشب.


*  مولوي تاج محمد ”مشتاق“ هڪ وڏو علم دوست ۽ عالم هو. ”الشفاع“ رسالو ڪڍندو هو. ان مقصد لاءِ پنهنجي پريس پڻ قائم ڪئي هئائين، جنهن جو مستري ۽ ڪمپازيٽر به پاڻ هو. پاڻ پهرين بدين ۾، ۽ پوءِ ”ساقي“ صاحب جي وفات تي راڄي خاناڻي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو. وڏو پرهيزگار شخص هو. پاڻ ته ڇڏيو، پر پنهنجي پٽ کي به سواءِ ماني ۽ پاڻيءَ جي ٻي چيز کائڻ نه ڏيندو هو. چوندو هو ته ”انسان لاءِ سواءِ پاڻي ۽ ماني کائڻ جي ٻيو حرام آهي!، (سندس سوانح عمري، صفحي 44 تي ملاحظه ڪريو)

*  هيءَ مناجات ٽيهه حرفيءَ کان پڻ مٿي آهي؛ هتي نموني طور، وچان وچان، ڪي بند پيش ڪيا ويا آهن.

*  هي غزل ”ساقي“ صاحب جن، بهادر شاهه ”ظفر“ جي هڪ اردو غزل ”مرغ دل مت روؤ“ جو ترجمو ڪري جوڙيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com