سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :35

لطف الله بدوي

 

مرحوم مولا بخش ”مسڪين“ ڀٽو

فقير غلام علي ”مسرور“ جي وفات کي ٿورو عرصو گذريو هو جو شڪارپور جو زنده- دل شاعر مولا بخش ”مسڪين“ ڀٽو، گهڻي وقت جي بيمار رهڻ بعد، 24 سپٽمبر 1953ع جي صبح جو داعيء اجل کي لبيڪ چئي موڪلائي ويو. مرحوم 1907ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو عبدالمجيد هو. پرائمري اسڪول ۾ تعليم وٺڻ بعد، 1919ع ۾، سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪري ورتائين. جئن ته سندس طبيعت آزاد- رو هئي، هن سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيڻ بجاءِ، سول ڪورٽ ۾ عريضي نويس ٿي گذاريو. سندس حياتيءَ جو گهڻو عرصو جيڪب آباد جي شهر ۾ گذريو. مذهبي تعليم جي طرف به مشغول رهيو. نماز جو بيحد پابند هو-ايتريقدر جو جماعت کان سواءِ شاذ و نادر نماز ادا ڪيائين. حياتيءَ جي پوئين عرصي ۾، سڀڪجهه ڇڏي، ياد خدا ۽ تصنيفات جي شغل ۾ گذاريندو رهيو.

سندس تصنيفات تي نظر ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته هن جو قلم هڪ گهڙيءَ لاءِ به خاموش نٿي رهيو. سندس حياتيءَ ۾ سندس هڪ ننڍي تصنيف ”حقوق الوالدين“ ڇپجي چڪي هئي. سندس ٻيون تصنيفات، جي سڀ سندس مذهبي معلومات جو ذخيرو آهن، دستخط جي صورت ۾ باقي آهن. انهن مان ”سورة يوسف ۽ ياسين“ جو تفسير وڏيءَ محنت سان لکيو ويو آهي. جنهن شوق جي ماتحت هن درويش اهي جواهر پارا مرتب ڪيا آهن، سي سنڌ وارن لاءِ بي التفاتيءَ سبب شايد ئي طباعت جو منهن ڏسي سگهن.

مرحوم مولا بخش ”مسڪين“ نه فقط چڱو نثر نويس هو، پر سندس بيتن جو هڪ مجموعو ”ابيات مسڪين“ نالي سنڌي ادبي بورڊ جي نظر هيٺ گهڻو اڳ ڇپجي چڪو آهي. هو هميشہ شهرت کان دور، گمناميءَ ۾ پنهنجي روحاني ذوق کي پورو ڪندو رهيو. سندس بيتن جو غير معمولي مجموعو موجود آهي. عبادت الاهيءَ جي طرف غفلت ۾ پيل بندي کي هئن ٿو چئي سجاڳ ڪري:

هاري هلاءِ هر کي، جهڙ ڏسي نا جهڄ،

موڙها محبت مينهن ۾، ڀيرا ڏيئي ڀڄ،

ته آخر اها وڄ، توتي چمڪي چانڊاڻا ڪري!

موت جي متعلق لکي ٿو:

هرگز بندا موت کان، ڇٽندين ڪين ڀڄي،

”ڪل من ذائقةالموت“، سڻ تون ڳالهه سڄي،

”ڪل من عليها فان“، ويندا سڀ کڄي،

متان ٿئين لڄي، محشر ۾ ”مسڪين“ چئي.

”مسڪين“ جي ڪلام ۾ پختگي ۽ رواني گهڻيءَ حد تائين موجود آهي. زماني جي بي التفاتيءَ ۽ دوستن جي بيوفائيءَ جو نقش نهايت سادگيءَ سان هئن ٿو پيش ڪري:

”مسڪين“ هن مام جو، ڪونهي سڌ سماءُ،

جو دوست ڦري دشمن ٿيا، تُرتؤن ڏيئي تاءُ،

مائٽن منهن موڙي ڇڏيا، جن سڳن ڏنو ٿي ساءُ،

ڪو جو وريو واءُ، جو پنهنجا ئي پراوا ٿيا!

پنهنجا ئي پراوا ٿيا، مٽي منهن ويا،

سڳا ساءُ ڇڏي، دشمن سڀ ٿيا،

ويڻون وهه ڪيا، ماکيءَ مٺا سپرين.

صبر جي تلقين هئن ٿو ڪري:

جيڪي نروار نراڙ ۾، وهايو قادر آهه قلم،

سونه مٽجي ”مسڪين“ چوي، توڙي ڪجي غم الم،

صبر سندو مرهم، آهي حيلو اُن جو.

مجاز جي شطرنج تي هئن ٿو کيڏي:

آءٌ پرين اڄ پاڻهي، ڪنهن ڀورل بهاني،

اصل راحت روح کي، تو ڪامل ريءَ ڪانهي،

ٻاجهه ڪري ٻانهي، اچي مل ته ماندائي لهي.

اڄ ساريندي سڄڻ کي، ڳوڙها پيا ته ڳڙي،

ناهي آرام عجيبن ريءَ، گهايل کي ته گهڙي،

لالن اچ لڙي، ته وڃن سور سنڌو ڪيون!

پنهنجي وطن عزيز شڪارپور جي متعلق به گهڻو ڪجهه قلمبند ڪيو اٿس، جنهن مان سندس حسن بيانيءَ جي شهادت ملي ٿي:

شاهي شهر شڪارپور جو، آهه ملڪن ۾ مشهور،

موچارا منجهس ماڻهو، رهن موجن ۾ مسرور،

دانهن وڏي دستور، ٿا رکن راضي روح کي.

پسي لقاءُ ’لکي در‘ جو لهن غم غبار،

ماڻهو مڙن ڪيترا، هوٽلن تي هزار،

هر ڪنهن گلن هار، سونهن ٿا سينگار سان.

شڪارپور ۾ اڄ کان ويهه سال اڳ مرحوم محمد حسين جو باغ شهر واسين لاءِ عجيب نزهتگاهه هو. مگر رفتي رفتي، مسرور زماني ان جي سموريءَ سونهن کي برباد ڪري ڇڏيو. عام طرح وڪيل جي باغ سان مشهور هو. مرحوم محمد حسين شڪارپور جي مشهور وڪيلن مان ٿي گذريو آهي. شاعر ان جو هئن ٿو ذڪر ڪري:

گهمج باغ وڪيل جو، جنهن ۾ بهاري،

گل ڦل ٻوٽا ڪيترا، چمن چوڌاري،

بنگلو آهه باري، ٺهيل ڏاڍي ٺاهه سان.

وڪيل جي باغ کان پوءِ:

ڏسي باغ برهه مؤن، هل لاڳاپا لاهي،

’صديق ماڙي‘ کان سري، ’ڪرن در‘ ڪاهي،

نوشهرو نوائي، ڏس شوقؤن شاهي باغ کي.

شاهي باغ-

ويهي وڻن وچ ۾، طوطا تنوارين،

ڪري مٺيون لاتڙيون، دلڙي ڌتارين،

قمريون ڪوڪارين، محبت مان ”مسڪين“ چوي.

مرحوم شاعر پنهنجي حياتيءَ جي مختصر احوال ۾ لکيو آهي ته سندس موزون طبيعت تي مرحوم ”واصف“ ۽ مرحوم ”مسرور“ جو گهڻو اثر پيو. سندس ڪلام تي ”واصف“ جو اثر ڪنهن به مقام تي نظر نٿو اچي، البت ”مسرور“ جو اثر مٿس موجود آهي. هڪ هنڌ ”مسرور“ جي رنگ ۾ چوي ٿو:

اسين خاڪي خاڪ سڏايون ٿا- ڀول نه ٻيو ڪو ڀايون ٿا.

”فاذڪروني اذڪرڪم“، وحدت وک وڌايون ٿا.

الفت واري اوڍي الفي، ناتو نينهن نڀايون ٿا.

مخفي من جي مام پروڙي، رمزين روح ريجهايون ٿا.

”مسڪين“ پنهنجون پسي خطائون، نيڻين نير وهايون ٿا.

مرحوم مولا بخش علم عروض کان گهٽ استفادو ڪيو هو، مگر حيرت لڳي ٿي ته هن خشڪ زاهد ڪهڙيءَ ريت موسيقيءَ سان پنهنجي مناسبت قائم ٿي رکي! سندس ڪلام ۾ موسيقيت گهڻي انداز ۾ موجود آهي. بهرحال، مرحوم جو ذڪر شڪارپور جي ادبي حلقن ۾ هميشہ لاءِ باقي رهندو، جنهن پنهنجي شعر کي حيات جاويد ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. الله پاڪ کيس غريق رحمت فرمائي!

 

محمّد هاشم چانڊيو بدينائي

مرحوم حاجي مراد خان چانڊيو

 

حاجي مراد خان چانڊيو ولد جاني خان چانڊيو، بچاڻي خاندان جو چشم و چراغ هو. سندس جنم 1908ع ڌاري ڳوٺ احمد خان چانڊيي لڳ نندي شهر ۾ ٿيو. مرحوم جاني خان کي جملي ٽي فرزند تولد ٿيا- هر هڪ مٺو، سانوڻ ۽ مراد. انهن ۾ ٽيون نمبر سڀني ۾ ننڍو ”مراد“ هو، جنهن جو اسين هتي بيان ڪريون ٿا. پاڻ اڃا ننڍو ئي هو، ته سندس والد کيس هميشہ لاءِ جدائيءَ جو داغ ڏيئي رمندو رهيو، ان وقت سندن وقت بلڪل تنگ گذرندو هو. هنن يتيمن جو الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه سنڀاليندڙ نه هو. روزي رزاق ڏيندڙ آهي، سو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هنن کي به پئي ڏنائين.

ننڍڙي مراد جا اخلاق ۽ ذهن ڏسي، سندس والده ماجده ڀائرن کي چوندي هئي ته ”ابا، مراد کي پڙهڻ تي ڇڏيو، جو هن ۾ مون کي هڪ بهتر انسان ٿيڻ جا آثار ٿا معلوم ٿين“. خير، هن کي جلد ئي نِندي شهر جي پرائمري اسڪول ۾ ماستر عبدالله خان ميمڻ (موجوده هيڊ ماستر بدين) وٽ ڇڏيو ويو. سگهو ئي هن پنهنجي هوشياريءَ ۽ ذهانت ڪري اسڪول جي سڀني شاگردن تي فوقيت حاصل ڪئي. اسڪول ۾ چئن درجن تائين تعليم ورتائين. سندس استاد جو چوڻ آهي ته ”مراد اسڪول کان ڪڏهن به نه نٽايو، هميشہ ڪلاس ۾ اول نمبر رهيو“. مراد هر امتحان ۾ پڻ اول نمبر ۾ پاس ٿيندو هو؛ ۽ پنهنجي هم ڪلاسين سان هميشہ پيار ۽ چڱي نموني ۾ هلندو هو؛ ڪڏهين به ڪنهن سان نه وڙهيو، ۽ نه ئي ڪنهن شي تي گَهُپِي ڪيائين.

قدرت کيس ننڍي هوندي ئي سهڻين عادتن ۽ اخلاقن سان نوازي ڇڏيو هو. ماڻهن جي دلين تي سندس حُسن اخلاقي جو اهڙو ته سِڪو ڄميل هو جو کيس سڏيندا ئي ”نيڪ“ ڪري هئا. سندس دلي رجحان هر وقت ديني مجلسن ۽ ديني علم ڏي رهندو هو، تنهنڪري استاد ۽ عزيزن جي صلاح سان کيس ’ابل جي وسيءَ، ۾ مولوي عبدالرحمان وٽ ديني تعليم وٺڻ لاءِ ڇڏيو ويو، جتي هن عربي ۽ فارسيءَ‘ جي تحصيل ڪئي: هتان ئي کيس حقيقي عشق جي چَپيٽ لڳي، جنهن نيئي کيس حقيقي معبود سان ملايو.

علم جي تحصيل کان پوءِ ڪجهه وقت اباڻڪو ڌنڌو يعني کيتي ڪرڻ لڳو؛ پر اتان به جلد کٽو ٿي پيو ۽ حقيقي عشق جو سلو، جو دل جي واديءَ ۾ ڄمي چڪو هو، سو روز بروز پنهنجون پاڙون پختيون ڪندو پئي ويو. آخر اهو به وقت آيو جو سک سمهڻ وهه ٿي آيس. اُٿئي ويٺي مديني منورّ جي تات لڳي رهيس، ۽ انهيءَ ڳڻتيءَ ۽ فراق ۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويو. انهيءَ سڪ اندر، هن اڪثر پيادل حج ڪيا جنهنڪري کيس دور دراز ملڪن جا سفر اختيار ڪرڻا پيا، ۽ ڌارين ملڪن جي ٻولين (1) ۾ پنهنجي حبيب ڏي جي سنيها چيا اٿن انهن کي پڙهندي اکين ۾ پاڻي تري ٿو اچي.

پوين ڏينهن ۾، انهيءَ گوندر کين اهڙو گهائي وڌو، جو اڪثر بيمار گذاريندا هئا. هڪ دفعي آءٌ پاڻ طبيعت پرسي لاءِ ويس؛ مرحوم بلڪل ضعيف ٿي ويو هو ۽ جڏهين مون کانئن پڇيو ته ”حاجي صاحب ڪهڙو حال آهي؟“ تڏهين ڏٺم ته سندن اکين مان لُڙڪ جاري ٿِي ويا ۽ بلڪل جهيڻي آواز ۾ چيائون ته ”هينئر حال جو نه پڇ... خدا اهو وقت جلد آڻي جو آئون مديني ۾ مران، هتي منهنجو ڇا آهي!“ چاڪ ٿيڻ تي وري انهيءَ طرف ڪاهيندي رهيا، ۽ ڪڏهين به گهر ۾ آرام ڪري نه ويٺا. هر سال حرمين شريف ويندا هئا. سندن زبان تي هميشہ هي بيت هوندو هو ”مديني مُنهن ڪري هليا، مڙيئي مستان محمد جا؛ يا جيئري يا مئي ڏسندا وڃي ميخان محمد جا“.

پاڻ جملي اٺ حج ڪيائون. سندن پويون حج 1954ع وارو هو. حج بعد پاڻ واپس اچي رهيا هئا، پر وري مدني محبوب کان پري ٿيڻ کين ڏکيو لڳو. تنهنڪري ڳوٺ اچڻ جو ارادو ترڪ ڪري وري ٻئي سال جي حج ادا ڪرڻ جي ارادي سان مديني منورّ جو رخ رکيائون. اڃا ٿورا مهينا گذريا ئي مَس ته سندن طبيعت عليل ٿيڻ لڳي. تڏهين به سندن جيءَ ۾ ساڳيءَ لنؤ جي لار لڏندي رهي، ۽ انهيءَ شوق ۾ هلندي هلندي اوچتو مُقّلاّ بندر جي شهر ۾ سنڌ جي هن مايه ناز محبوب شاعر، پنهنجي عزيزن ۽ رفيقن کان رفاقت جا ڌاڳا ڇِني، ماه شعبان 1373 هجري ۾ پنهنجي آخرين آرامگاهه ۾ ابدي آرامي ٿيا. قالو انالله و انا اليہ راجعون. سندن مزار مقلا شهر جي هڪ مسجد جي صحن ۾ واقع آهي. سندن قبر تي هيٺيون ڪتبو اُڪريل آهي ”هٰذا قبر حاجي مراد هندي“. اڄ به جيڪي سنڌي حاجي، حرمين شريف ويندا آهن، جن جو گذر انهيءَ بندر کان ٿيندو آهي، سي انهيءَ عاشق رسول الله جي مزار تي به فاتح خواني ڪندا آهن.

مرحوم حاجي مراد، ميان گلڻ خان جي گهران شادي ڪئي جنهن مان کين ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي تولد ٿيا، جي اڃا صغير آهن. سندن فرزندن جو دِلي رجحان به ساڳيءَ راهه ڏي آهي. هن وقت سندن پرورش، سندن ٻڍڙو، نانو گلڻ خان ڪري رهيو آهي.

حاجي مراد جو دِلي لاڙو رسول ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي محبت سان مليل هو. هاڻي چڻنگ سندن چولي پيئي. تڏهين کان ئي سندن دل ۾ انهيءَ اٿاهه محبت جي پالوٽ شعر جي صورت اختيار ڪئي، ۽ انهيءَ محبت ۾ اهڙو ته رڱجي ويا، جو بنا ڪنهن روڪ ۽ سوچ جي ڪيترا غزل، ڪافيون، ڏوهيڙا، مداحون، بيت، قواليون، گيت ۽ قطعيٰ رسول پاڪ (صلعم) جي محبت ۾ چيو اٿن، ۽ جدا جدا سُرن ۾ پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجو شعر دستخط ڪيو اٿن، جو قلمي رسالو ذري گهٽ شاهه جي رسالي جيترو ٿيندو، ۽ اهو اسان وٽ موجود آهي. شعر ۾ الف، بي، جي ٻاونجاهه اکرن تي باب قائم ڪيا اٿن. گهڻو ڪري سندن شعر مجازي عشق کان پاڪ آهي، حقيقي عشق سان ٽمٽار آهي. سندن شعر ۾ اهڙي ته جدت ۽ جوش سمايل آهي، جو پڙهندڙن جي دلين تي هڪ دفعو پڙهڻ سان رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي محبت جو بي ڪران بحر ڇوليون هڻڻ لڳي ٿو. ڪي ڪي ته عاشق رسول الله جا، انهيءَ سِڪ ۽ سوز ڀريل ڪلام کي سڻندي ئي وجد ۾ اچي وڃن ٿا ۽ پوءِ رسول اڪرم صلي الله عليہ و آلہ وسلم جن جي زيارت ڪرڻ کان اڳ کين آرام نٿو اچي.

سنڌ جي مردم خيز خطي لاڙ جي هر هڪ مرد ۽ عورت خواه ٻچن جي واتان سندن ڪافيون، مداحون، غزل، خطبا، گيت ٻڌيا آهن، جي اڄ به سندن ياد تازي ڪري رهيا آهن. وطني حب، ۽ قومي اتحاد تي جيڪا طبع آزمائي ڪئي اٿن، ان جو هر هڪ لفظ داد ۽ تحسين جي لائق آهي. 1946ع ۽ 1947ع جي هلچل جا واقعا به دل ڏاريندڙ چيا اٿن، ۽ سال 1948ع واري حج جي موقعي تي پري کان روضي اطهر جون نيلون ۽ منارا ڏسندي جي درد وچان دانهون ڪيون اٿن، سي پڙهندي هڪ دفعي هر مسلمان جي دل ۾ قومي، خواهه وطني جذبي ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي محبت جا اُڌما ڀڙڪو ڏيئي نڪرن ٿا، ۽ هڪ لازوال ڪيفيت طاري ٿيو وڃي. پڙهندڙ حضرات جي دلچسپيءَ لاءِ سندن چيل سلام بدرگاهه سرور ڪائنات صلي الله عليہ وسلم پيش رکان ٿو.

(سلام اِلٰي خير الانام صلعم)

خط کڻي وڃ هاشمي حضرت ڏي، حاجي هوشور!

ات ڪجئين اظهار جت ختم الرُّسل خيرالبشر.

تون وڏيءَ تعظيم سان روضي مبارڪ ۾ وڃي،

سامهون ڏسندين قطب ڪامل قريشيءَ جي قبر؛

باوضو قران پڙهندي تون ادب ۽ نياز سان،

هيءُ ”حاجي مراد“ طرفان پيش ڪج عاشق اکر:

الصلواة اي بادشاهِ بحر و بر!

والسلام اي يا مُزمّل مُدّثر!

الصلواة اي ربّ سڏيو تو رحيم،

الصلوة اي نور نرمل اي حڪيم.

الصلواة اي صاحبِ خُلق عظيم،

الصلواة اي مخزنِ لطفِ عميم،

الصلواة اي صاحبِ شقّ القمر،

الصلواة اي بادشاهِ بحر و بر!

والسلام اي يا مُزمّل مُدّثر!

الصلواة اي صاحبِ ام الکتاب،

الصلوة اي هو وحيّ تنهنجو جواب،

الصلواة اي شافع يوم الحساب،

الصلواة اي سرورِ عاليجناب،

السلام اي ”انا اعطينا ڪ الڪوثر“!

الصلواة اي منبعِ جود و سخا،

الصلوة اي مخزنِ فضل و عطا،

الصلواة اي پيشواي انبيا،

الصلواة اي مقتداي اوليا،

السلام اي  ”فصلّ لِرَبڪ وَانحر“!

الصلواة اي نورِ حق ضلِ خدا،

الصلوة اي چشمہء آبِ بقا،

الصلواة اي گمرهن جا رهنما،

الصلواة اي زيبِ بستانِ هديٰ،

السلام اي ”اِنّ شانئڪ هو الابتر“

الصلواة اي رهبرِ روشن ضمير،

الصلوة اي يا بشير يا نذير،

الصلواة اي تنهنجو رخ بدرِ منير،

الصلواة اي هو پگهر تنهنجو عنبير،

السلام اي  عبدالله تنهنجو پدر!

الصلواة اي معلمِ هر دو جهان،

الصلوة اي تاجورَ ڪون و مڪان،

الصلواة اي در تنهنجو دارالامان،

الصلواة اي خاتمِ پيغمبران،

السلام اي  آمنہ جا پٽ پسر!

الصلواة اي شل ڏسان توکي وري،

الصلوة اي حج پڙهايئي اڪبري،

الصلواة اي دلبر هر دلبري،

الصلواة اي تو ڀڳا بت آذري،

السلام اي تو اچي ميٽيو ڪفر!

الصلواة اي واه توحيدي لذت،

الصلوة اي ذڪرِ تو هر سؤ سمت،

الصلواة اي فيض و احسان برد رت،

الصلواة اي تاجِ عزت بر سرت!

السلام اي  اي صاحبِ حلم و صبر!

الصلواة اي مظهر ”اِسرا“ ۽ ”ڪُن“،

الصلوة اي ذڪرِ تو مُحياي من،

الصلواة اي بحرِ علم من لُّدن،

الصلواة اي ذڪرِ تو ايمانِ من،

السلام اي فاقه ڪش صاحب شُڪر!

الصلواة اي عرب جا عربي امين،

الصلوة اي رحمة للعالمين،

الصلواة اي پاڪ ساري ٿي زمين،

الصلواة اي پيشوا مرسلين،

السلام اي فاطمہ کي هو فخر!

الصلواة اي معجززا تنهنجا عجب،

الصلوة اي خسروي اُمّي لقب،

الصلواة اي تنهنجي دشمن تي غضب،

الصلواة اي ماهِ تابانِ عرب،

السلام اي حسنِ تو نورِ نظر!

الصلواة اي رهنما راهِ نجات،

الصلوة اي آبِ حيات،

الصلواة اي تو ڀڳا’لات‘ ۽ ’منات‘،

الصلواة اي نورِ روشن شش جهات،

السلام اي صف اول جا سپر!

الصلواة اي تو ڪيو مشهور حق،

الصلوة اي ڪيون دليون معمور حق،

الصلواة اي دين جو دستور حق،

الصلواة اي اعليٰ نور حق،

السلام اي ٿو سِڪان شام و سحر!

الصلواة اي جي مران هِت محبتي،

الصلوة اي تنهنجي ويجهو تربتي،

الصلواة اي چيٽ توڻي يا ڪتي،

الصلواة اي پرت جي مليم پتي،

السلام اي چارهء دردِ جگر!

الصلواة اي ٿو سِڪان ديدار کي،

الصلوة اي ٿو سِڪان درٻار کي،

الصلواة اي شل ڏسان گلزار کي،

الصلواة اي پُڇ اچي بيمار کي،

السلام اي ماريس رنج و فڪر!

الصلواة اي هاشمي حضرت حبيب،

الصلوة اي تون آهين منهنجو طبيب،

الصلواة اي آءٌ آهيان بدنصيب،

الصلواة اي آءٌ ڄايس ٿي غريب،

السلام اي پنڌ پري ٻيو بي ثمر!

الصلواة اي ڪجهه نٿو دل کي وڻي،

الصلوة اي پيو گهڙيون عاشق ڳڻي،

الصلواة اي حب هِنئين ۾ ڌڪ هڻي،

الصلواة اي سنڌ مان کاڌو کڻي،

السلام اي حب مچايو آ حشر!

الصلواة اي حب سان ”حاجي مراد“،

الصلوة اي سڻ فراقيءَ جا فرياد،

الصلواة اي موت ماريندو مباد،

الصلواة اي تنهنجي بهتر آهه ياد،

السلام اي شل ٿئي تو وٽ قبر!

شفيع مطاع نبي ڪريم،

سلامُٗ عليڪم محمد حڪيم!

بشيرُٗ نذيرُٗ تنهنجو شان عالي،

حقيقت جي دريا ۾ قربت ڪمالي،

ختم شاهه توتي ٿئي خوش جمالي،

ڪڏهن ڪونه وريو سوالي ڪو خالي،

جليلُٗ جمالُٗ جميلُٗ فهيم:

سلام عليڪم محمد حڪيم!

تون آئين اسان وٽ رسولِ امين ٿي،

تون آئين نبي رحمت للعالمين ٿي،

تون آئين اُمي خاتم المرسلين ٿي،

تون رهبر ٿي آئين شفي مذنبين ٿي،

تون آئين اسان وٽ ٿي لطفِ عميم:

سلام عليڪم محمد حڪيم!

خدا سان بندن کي ملائڻ لئه آئين،

سڌي راهه رستي هلائڻ لئه آئين،

اوٺارن کي حاڪم بنائڻ لئه آئين،

جهالت جو جادو وڃائڻ لئه آئين،

شريفُٗ عزيزُٗ حَريصُٗ رحيم:

سلامُٗ عليڪم محمد حڪيم!

حبيبِ خدا سيّد الانبيا،

يا بدر الدجيٰ يا شفي الوريٰ

ڇا امتحان هجرت يا غازِ حرا،

اول پاس ٿئين مصطفيٰ مجتبيٰ

تنهنجو خُلق خلقت ۾ خُلقِ عظيم:

سلامُٗ عليڪم محمد حڪيم!

سکيا ”قل هو الله“ جو قاعدو،

مليو توکي ”والسوف“ جو واعدو،

ڇٽي ڦٽ ويا ۽ ٿيو فاعدو،

اڃا مومنن لئه نفعو زائدو،

انعام آهي جاگير جنت نعيم:

سلامُٗ عليڪم محمد حڪيم!

تنهنجي دشمنن لاءِ دوزخ تيار،

بيوس چپ لاڙي هوندا بيقرار،

نه ملندي ڪا مهلت نه سڄندين پڪار،

فرشتا مترڪن سان ڏيندن پيا مار،

ڏيندن پياس ۾ آڻي آبِ حميم:

سلامُٗ عليڪم محمد حڪيم!

آئين حق کان ۽ کولي حقيقت،

وسيلو وصل جو آهي دائرو شريعت،

پُڳا عرش عارف توهان جي طريقت،

مڃين ”حاجي مراد“ مؤمن نصيحت،

ڇُهي ڪيئن ڀلا تن کي نارِ جحيم؟

سلامُٗ عليڪم محمد حڪيم!

مرحوم حاجي مراد خان پنهنجي مادر وطن کي به نه وساريو آهي. اجهو ان کي هنن لفظن سان ياد ٿو ڪري:

 

قربان تنهنجي نام تان، منهنجي عجيب سنڌ!

پلجن ٿا تنهنجي گود ۾ بيوه غريب، سنڌ!

 

اسلام تو ۾ عربن قائم اچي ڪيو،

اهڙو ته تنهنجو اعليٰ تڪتو نصيب، سنڌ!

 

اڳ تو اسان جي عزت ڪيڏي نه ٿي ڪئي،

آڻي ڪٿان ويهاريا اڄ تو رقيب، سنڌ!

 

توکي سڏين سڀ ٿا نو لک جي گودڙي،

ڪڇ جي ڏڪارين لئه تون ئي طبيب، سنڌ!

 

سنڌونديءَ جي ساوڪ رشڪِ ولائتن،

زرخيز هنڌ آهي حيلو حليب، سنڌ!

 

سرتاج گم ٿيل کي آڻڻ وارا ته آهيون،

ڪشتي ڪنڌيءَ پڄڻ تي آهي قريب، سنڌ!

 

مغلن جي بادشاهي ڏسندي ٿو ياد پئي اڄ،

ننگر ٺٽي جي جامع وارو خطيب، سنڌ.

 

ميرن جا ڪوٽ ڏسندي آنڌيون اچيو وڃن،

هت جي رهياسي تنهنجا ڪي ڪي حبيب، سنڌ!

 

شهباز ۽ ڀٽائي حافظ شهيد ڪيئي،

راڻا تو ۾ رهن ٿا نيڪ ۽ نجيب سنڌ.

 

دودن ڇڏيو جو طغرا آزاد غير کان،

سو ڪو چور ويو چورائي دفتر حسيب سنڌ.

 

گهنگهر حياتي آهي گهارڻ غلامي اندر،

ناگهه نغارو هڻ ڪو نماڻي نهيب سنڌ!

 

ٻاجهر جوار چانور مڱ ۽ مڪائيون،

ليما لذيذ تنهنجا زردڪ ذبيب، سنڌ!

 

”حاجي مراد“، تنهنجي تواريخ کي لکڻ لئه،

سوچين علم وارا ۽ ڪي اديب سنڌ.

مرحوم حاجي مراد جي وقت ۾ ڪيترا ناميارا شاعر هئا، جن مان ڪيترا سندس همعصر شاعر اڃا زنده آهن، ۽ ساڻس ڪيترن جون علمي ادبي رهاڻيون وقت بوقت ٿينديون هيون. انهن مان قاضي عرس لنواريءَ وارو، الهه بچايو رپ وارو، علي محمد رنگريز نِندي شهر وارو، ۽ مولوي احمد ملاح بدين وارو، قابل ذڪر آهن. حاجي مراد ڪيترن ئي شعرن ۾ پڻ پنهنجي ساٿين (هم خيال شاعرن) کي پچاريو آهي.

مرحوم حاجي مراد هڪ دلگهُرئي دوست علي محمد رنگريز کي جڏهين خبر پيئي ته سندس دوست حاجي مراد خان وفات ڪري ويو، تڏهن پنهنجي دوست جي فراق م دل گداز شعر چيائين، تن مان هڪ شعر جا ڪي بند پيش ڪجن ٿا:

جن سان هيم جيءَ جڙيون، سي ڌار ٿي دلدار ويا،

موٽي وري ملندا ڪڏهن، جي من وڍي منٺار ويا!

 

اڳ نه هئي مون کي خبر، هِت يا هُتي هوندا مگر،

پڪ پڌر پوءِ ٿي خبر، جڏ ڏور پنڌ لاچار ويا!

 

”رنگريز“ دلبر ساريو، هن هي عجب ڏيکاريو،

واڳون وڃان ٿو واريو، لک دوست جنهن درٻار ويا!

----------------


(1)  عربن سان عربيءَ ۾ گفتگو ڪندو هو تڏهين اهي کيس چوندا هئا ته ”تون سنڌي نه آهين“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com